سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آيل ڙي اولاڻا

باب:

صفحو :8

مون دل ۾ چيو، واھ واھ!! مرڻ ويل بھ دنيا لاءِ سبق ڇڏي ويو.

لکيل آھي تھ: قطب الدين ايبڪ غلام گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. وڏو عادل، انصاف وارو، جنگجو ۽ بھادر بادشاھ ھو. کيس لک داتا (لک بخش) ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن وڻ پوکايا، کوھ کوٽايا، ڍلون معاف ڪيون ۽ وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا. قطب مينار ۽ قطب مسجد اڃا تائين سندس يادگار آھن.

مون سوچيو: بادشاھ تھ اھڙا.

لکيل آھي: ناصر الدين التمش جو ننڍو پٽ ھو. ڏاڍو نيڪ دل، خدا ترس، نيڪ، پرھيزگار، بھادر ۽ جنگجو بادشاھ ھو. کيس درويش بادشاھ ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو شاھي خزاني جو ھڪ ڏوڪڙ بھ پاڻ تي خرچ ڪرڻ حرام سمجھندو ھو. اکر ڏاڍا سھڻا ھئس. قران شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ تؤنريون ٺاھي انھن تي پيٽ گذر ڪندو ھو.

مون چيو جزاڪ الله! ايڏا خزانا ھوندي بھ ھٿ جو پورھيو ڪندو ھو.

لکيل آھي: جلال الدين بادشاھ کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ھو. پنھنجي ڀائٽي علاؤ الدين کي پٽ ڪري ڪوٺيائين ۽ اھو خيال پيدا ٿيس تھ سڪندر وانگي ساري دنيا کي فتح ڪيان. ھن گجرات، ڪاٺياواڙ، تيمور، چتور، اجين، مالوا ۽ سنڌ جا ڪجھھ علائقا فتح ڪيا ھئا. ھو ڏاڍو عادل، بھادر ۽ انصاف وارو ۽ غريبن جو خيرخواھ ھو، تنھن ڪري کيس ڪافور ملڪ زھر ڏنو ھو.

لکيل آھي: تيمور لنگ، چنگيز خان جي پوين مان ھو. نھايت بھادر، انصاف وارو ۽ جنگجو ھو. تاتارين، ترڪن ۽ ايرانين جو وڏو لشڪر وٺي، اچي ھندستان ۾ ڪاھي پيو ھو ۽ ساري ھندستان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيائين. ھو وڏو قدردان ۽ انسان دوست بادشاھ ھو.

لکيل آھي: بابر تيمورلنگ جو پڙپوٽو ھو. ھن تيمور لنگ وانگي رڳو ھندستان ۾ ڦرلٽ ڪانھ ڪئي، پر پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ ابراھيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دھليءَ جي تخت تي ويٺو. ھن بنگال، جوڌپور، سنڌ، راجپوتانا، گجرات، ڪشمير بلڪھ ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ سارو ھندستان فتح ڪيو. ھن کي انساني کوپرين جا مينار وڻندا ھئا. ھو وڏو بھادر، عادل، رحمدل، خدا ترس ھو، ھو يڪي سر ٻھ مڙس ڪڇ ۾ ھڻي جمنا نديءَ کي پار ڪندو ھو. سندس وقت ۾ رعيت تمام سکي ھئي ۽ مٿائن ڍل معاف ڪئي ھئائين.

لکيل آھي: ھمايون ڏاڍو رحمدل، خداترس، دور انديش ۽ درويش بادشاھ ھو. ھن کوھ کوٽايا، مسافر خانا ٺھرايا. آفيم سان مڙئي ٿوري دل ھيس.

لکيل آھي: شير شاھ، سوري گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. ھن ھمايون سان ٺڳي ڪري ڪجھھ سال حڪومت ڪئي ھئي. ھو ايڏو تھ بھادر ھو جو تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ سان شينھن کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ھئائين. تنھن ڪري کيس شير شاھ چوندا ھئا. ھن کوھ کوٽايا، وڻ پوکايا، رستا ٺھرايا ۽ پنج ئي وقت نماز قائم ڪئي. سندس وقت ۾ شينھن ۽ ٻڪريون ھڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا ھئا.

لکيل آھي: جلال الدين اڪبر کي مغل اعظم ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن ساري ھندستان تي ٤٩ سال حڪومت ڪئي. ھو ھندو ۽ مسلمانن کي ھڪ اک سان ڏسندو ھو. ھن ڍلون معاف ڪيون، کوھ کوٽايا، رستا ۽ مسافر خانا ٺھرايا ۽ رعيت کي پنھنجو اولاد ڪري سمجھندو ھو. ھن ھندو ۽ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاھيو، تنھن ڪري مسلمان رعيت منجھائنس مڙئي ناخوش ٿي پئي ھئي.

لکيل آھي: جھانگير جو انصاف ساري دنيا ۾ مشھور آھي. سدائين در تي انصاف جي پڪار لاءِ ٽلا ۽ زنجيرون لڙڪنديون ھيس. ٿورو عاشق مزاج ھو. پنھنجي زال نورجھان سان ڏاڍي دل ھيس. ٿورو آفيم ۽ شراب واپرائيندو ھو.

لکيل آھي: شاھجھان پنھنجي ڀاءَ شھريار ۽ سندس ٻارڙن کي مارائي تخت تي ويٺو ھو. وڏو نيڪ نمازي، انصاف وارو، غريب نواز، رحمدل ۽ بزرگ بادشاھ ھو. راڻي ممتاز محل تي ساھ ڇڏيندو ھو. ھن کوھ کوٽايا، وڻ پوکايا، وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا، تاج محل، جامع مسجد ۽ شاليمار باغ اڃا تائين سندس يادگار آھن.

لکيل آھي: اورنگزيب پنھنجي ڀاءُ داراشڪوه ۽ ٻين ٽن ڀائرن کي مارائي تخت جو اڪيلو وارث ٿي ويٺو، تنھن ڪري کيس عالمگير جو لقب مليو. ھو وڏو نيڪ نمازي، پرھيزگار، ڪامل درويش ۽ ولي الله ھو. ھن تخت تي ويھندي ئي مرھٽن ۽ راجپوتن کي ٽوٽا چٻارائي ڇڏيا. شراب ۽ راڳ کي بند ڪرايائين. سڄي عمر شاھي خزاني مان پاڻ تي ٽڪو بھ خرچ ڪونھ ڪيائين. اکر تمام سھڻا ھئس. قرآن شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ پنھنجي خوشحال رعيت جا جنڊ آھوڙي پيٽ گذر ڪندو ھو.

ساري تاريخ سڪندر اعظم جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين اھڙن عادل، نيڪ نمازي، انصاف پسند، درويش، ولي الله، جنگجو ۽ بھادر بادشاھن جي ساراھ سان ڀري پئي آھي ۽ لکيل آھي:

”خبر اٿو موھن جو دڙو ڪيئن تباھ ٿيو؟“

جواب آھي: ان لاءِ تھ مھاراجا موھن وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني راجا ھو. سندس ملڪ ۾ جيڪا بھ شادي ٿيندي ھئي، انھيءَ ڪنوار کي پھرينءَ رات ھو زوريءَ پاڻ وٽ ٽڪائيندو ھو. ھڪ ڀيرو جڏھن سندس ڀيڻ جي شادي ٿي (جيئن تھ راجا مٿس پھرين ئي بعيمان ھو) سو ڀيڻ کي پھرينءَ رات پاڻ وٽ ٽڪائڻ چاھيائين. الله تعاليٰ جو مٿس ڏمر نازل ٿيو. ڌرتي ڌٻي، اک ڇنڀ ۾ اھو راجا ۽ سندس پرجا ڪروڙين مڻ مٽيءَ ھيٺ دٻجي غرق ٿي ويا.

پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو الله تعاليٰ کين غرق ڪيو، ملعون ڪٿي جو، ڀيڻ سان ٿي شادي ڪيائين!

لکيل آھي: ”خبر اٿو تھ ڪاھوءَ جو دڙو ڪيئن غرق ٿيو؟“

جواب آھي: مھاراجا ڪاھو ميرپور خاص واري پاسي کان حڪومت ڪندو ھو. ھو وڏو ظالم، عياش، جابر، منڪر ۽ زاني راجا ھو. ھزارين ٻانھيون، راڻيون ھئڻ جي باوجود جيڪا بھ سھڻي عورت ڏسندو ھو، تنھن کي کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو ھو. ھڪڙي ڀيري تلاءَ ۾ ڀيڻ کي اگھاڙو وھنجندي ڏٺائين، سو دل بعيمان ٿي پيس. کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائينس. الله تعاليٰ جو مٿس عذاب نازل ٿيو. سج نيزي پاند اچي بيٺو ۽ ڌرتي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي. ظالم راجا ۽ سندس پرجا ڄڻ ٻچي سوڌا اونھي پاتال ۾ ھليا ويا.

لکيل آھي: خبر اٿو دلوراءِ جي نگري ڪيئن ناس ٿي؟

جواب آھي: دلوراءِ سيوھڻ جي مٿان راج ڪندو ھو. ھو وڏو خونخوار، عياش، وڏي درجي جو مڪار ۽ زاني راجا ھو ۽ ھر رات نئين منڌ ماڻيندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو ڪٿان ٻاھران ٿي آيو. چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ محل جي اڱڻ ۾ ڀيڻ جي ڌيءَ کي سرھيءَ سيج تي ستل ڏسي انڌو ٿي پيو. نياڻيءَ تي وٺي ناھر وارو حملو ڪيائين. الله تعاليٰ جو مٿس قھر نازل ٿيو. ست فرشتا آسمان مان لٿا، جن اچي زمين تي قلعا کوڙيا ۽ زنجيرن سان سندس ننگريءَ جا بنياد پاڙان ڌوڏي ڪڍيائون ۽ ائين اھو ظالم راجا ۽ سندس پرجا نيست ۽ نابود ٿي ويا.

لکيل آھي:  خبر اٿو ديبل بندر ڪيئن تباھ ٿيو؟

جواب آھي: سنڌ جو حڪمران مھاراجا ڏاھر – وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني ھو. ھن وٽ سنگ مرمر جي مجسمن جھڙيون سوين حسين ٻانھيون ھيون. پوءِ بھ ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئائين. ڌاڙيلن جا ٽولا وٺي، سامونڊي رستن کان عرب جي حاجين جا جھاز گذرندا ھئا، انھن کي ڦريندو ھو. الله جو مٿس قھر نازل ٿيو. رحمت المسلمين خليفي حجاج جي من ۾ مٿس ڪاھ ڪرڻ جي وڌائين، جنھن لشڪر سان مجاھد محمد بن قاسم کي ڏياري موڪليو. سڄي سنڌ ۾ گھوڙا گھوڙا ٿي وئي. عرب غازين جي گھوڙن ڪافرن کي ڄڻ ٻچي سوڌو چيڀاٽي ماريو. منڪر ۽ ملعون ڏاھر کي شڪست ملي. سندس سر کي نيزي تي ٽنگيو ويو ۽ محمد بن قاسم جي مجاھدن منجنيقن جي پھڻن سان ديبل جي ديوارن کي دنيا جي تختي تان ميساري ڇڏيو.

پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو، منڪر ۽ ملعون کي سيکت ملي. ڀيڻسان ڀيڻن تان بھ ڪونھ ٽرندا ھئا. ظالم، زاني! جھڙي ڪيائون، تھڙي ڀريائون ۽ آئون پنھنجي اڻ پڙھيل دوستن کي سڪندر مقدوني، مھاراجا اشوڪا، قطب مينار ۽ تاج محل جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھئس ۽ جھانگير جي انصاف جا ڍڪ ڀريندو ھئس.

ھڪڙي ڀيري سنجھي جي سھائي ويل امان مون کي چيو تھ: ”پٽ، اچ تھ توکي دودي سومري جي ڪھاڻي ٻڌايان.“

مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ حيران بھ ٿيس. چيم: ”امان، دودو سومرو ڪير ھو؟“

چيائين تھ: ”پٽ، توکي دودري سومري جي خبر ڪانھي؟ دودو سومرو سنڌ جو سورھيھ سرويچ سپوت ھو. ھن سنڌ جي سدا سھاڳڻ ڌرتيءَ تان پنھنجو سر گھوريو ھو.“

مون حيران ٿيندي چيو: ”پر، امان تاريخ ۾ تھ انھيءَ جو نالو آھي ئي ڪونھ.“

امان چيو: ”ھا پٽ، دودو سومرو سنڌ جو حڪمران ھو، تاريخ ۾ سندس نالو ڪونھي تھ ڇا ٿيو – ساريءَ سنڌ ۾ ھر ماڻھو ھر منڌ جي سيني تي سدائين سندس رت رتول تاريخ جا چٽ چٽيل ھوندا“ ۽ چيائين: ”پٽ، اھا ڪھاڻي مون کي تنھنجي نانيءَ ٻڌائي ھئي. ھاڻ ڪن ڏئي سنڌ جي انھيءَ دولھھ دلير جي ڪھاڻي ٻڌ.“

۽ پوءِ امان مون کي سنڌ جي ان سورھيھ سرويچ ۽ باغيرت دودي جي ڪھاڻي ٻڌائي. اھا ڪھاڻي ايڏي تھ پردرد ۽ دل ڏاريندر ھئي جو منھنجي اکين م ڳوڙھا اچي ويا. نڙيءَ ۾ ڄڻ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو ھئم. چيم: ”اما پوءِ روپاھ تباھ ٿي وئي؟“

امان چيو: ”ھا پٽ، پوءِ روپاھ ھميشھ ھميشھ لاءِ سنڌ جي سيني تان ميسارجي وئي.“ امان ڄڻ روئي پئي ھئي ۽ آئون ڪنھن ڳوڙھيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو ھئس. ”امان، دودي سومري علاؤ الدين کي پنھنجي ڀيڻ جو سڱ ڇو نھ ٿي ڏنو؟ ڪٿي ھن پاڻ تھ ٻاگھل سان شادي ڪرڻ نھ ٿي چاھي!؟“

سٽ مان ھڪ ٿڦڙ منھنجي ڳل تي لڳو – منھنجو منھن ئي ڦري ويو – وائڙو ٿي ويس. ڪاوڙ کان امان جو جسم ڏڪي رھيو ھو ۽ پوءِ نھايت ئي پيار مان منھنجي وارن تي ھٿ ڦيرائيندي گھائل آواز سان چيائين: ”پٽ، پھرين ٻڌاءِ، تون پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪري سگھين ٿو؟“

منھنجو روح ڏڪي ويو. چيم: ”نھ.“

امان چيو: ”پوءِ تو سنڌ جي سورھيھ سرويچ، غيرتمند پھلوان جي باري ۾ ائين ڇو سوچيو؟“

مون چيو: ”امان ڪتابن ۾ تھ ائين ئي لکيل آھي. سنڌ جا سڀ حڪمران ڀيڻن سان شادي ڪندا ھئا. موھن جي دڙي جي بادشاھ، دلوراءِ، ڪاھوءَ جي دڙي جي بادشاھ ۽ مھاراجا ڏاھر سڀني ڀيڻن سان شادي ڪئي ھئي.“

امان ڪجھھ حيرت مان منھن ۾ نھاريندي رھي ۽ پوءِ نھايت ئي ڏکويل آواز ۾ چيائين: ”الائي پٽ، انھن جي باري ۾ تھ مون کي خبر ڪانھي. پر دودي سومري جي باري ۾ توکي ائين سوچڻ نھ گھرجي. دودو ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان سورھيھ سرويچ ۽ غيرتمند نوجوان ھو ۽ ٻاگھل ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان عظيم عورت. انھن جي باري ۾ ائين سوچڻ بھ گناھ آھي.“

سچي تھ اھا ڪھاڻي منھنجي دل ۾ علاؤ الدين جي دودي تي کنيل ترار وانگي کپ ھڻي وئي ھئي. پر مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اھا منھنجي گناھ جي ننڍڙي سزا ھئي ۽ سوچي رھيو ھوس تھ مون ائين ڇو سوچيو؟ ۽ چيم: ”پر امان، تاريخ ۾ اھڙو بھادر، سورھيھ، غيرتمند حڪمران جو نالو ڇو نھ ڏنو ويو آھي؟“

امان چيو: ”الائي پٽ، شايد تاريخ وارن کي دودي سومري جي خبر ڪانھ ھئي. تون وڏو ٿجانءِ تھ پوءِ دودي سومري جي تاريخ لکجانءِ.“

ھاڻ آئون وڏو ٿي ويو آھيان ۽ دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين جي تاريخ لکي رھيو آھيان.

ھڪڙي ڏھاڙي ھڪڙو چٻ جھڙو پوڙھو تاريخدان منھنجي اونداھي ڪمري ۾ آيو ۽ حقي جھڙي بُڙ بُڙ ڪندڙ آواز سان چيائين:

”مون ٻڌو آھي تون دراوڙن جي تاريخ لکي رھيو آھين؟“

چيم: ”ھا، مان وقت جو نوجوان آھيان – مان دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين تاريخ لکي رھيو آھيان.“

پڃري جا پکي

مارل جي دل چاھيو ٿي تھ ھوءَ ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانھن پري ھلي وڃي، پر وڃي بھ ڪيڏانھن؟ کيس تھ چوڌاري اوندھ ئي اوندھ نظر آئي. سندس دنيا تاريڪ ٿي چڪي ھئي. ھن چاھيو ٿي تھ انھيءَ تاريڪيءَ جي گھرائين ۾ گم ٿي وڃي، ڪنھن اونھي ۽ اونداھي کوھ ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏي، جي دنيا کيس ڳولي بھ تھ سندس ڪو نشان بھ ڪنھن کي نھ ملي سگھي. پر ھوءَ ائين نٿي ڪري سگھي. انھيءَ خيال ايندي ئي ھن جي دل ڏڪيو ٿي وئي.

”گلوءَ جو ڇا ٿيندو؟“ گلو، اٺن سالن جو معصوم، ھن جي جگر جو ٽڪرو، ان جو کانئس پوءِ ڪھڙو حال ٿيندو؟ ائين سوچيندي ئي مارل جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. ڳوڙھن کان سواءِ وٽس ھو ئي ڇا؟ ھوءَ ھڪ بيواھ عورت ھئي – خوبصورت بيواھ، جنھن جو ڪوبھ اوھي واھي ھن دنيا ۾ ڪونھ ھو. بيواھ عورت کڻي ڪيترا بھ ڳرا ۽ ڍلا ڪپڙا پائي، تھ بھ ڄڻ اگھاڙي. عورت جو سچو ڍڪ تھ ان جو مڙس ئي ھوندو آھي. مڙس مئي کان پوءِ ھوءَ سچ پچ اگھاڙي ھئي. ھر ڪنھن جون نظرون ھن جي جوان جسم تي اچي کپي ويون ھيون. ٻيا تھ ٻيا، مڙسس جا دوست بھ کيس تڪڻ لڳا. ڪنھن اشارا ٿي ڪيا، ڪو ٿڌا ساھ ڀري سيٽيون وڄائڻ لڳندو ھو تھ ڪي مرڳو اڪيلائيءَ ۾ سندس دڳ جھلي بيھي رھندا ھئا. پنھنجي انھيءَ بيوسيءَ تي ھوءَ دل ئي دل ۾ پيئي ڪڙھندي ھئي، پر ڪنھن سان منھن ڏيئي ڳالھائڻ پسند نٿي ڪيائين. پر جڏھن بھ وڏيري جو تصور سندس اڳيان ايندو ھو تھ ھوءَ ذري گھٽ دھلجي ويندي ھئي. ھن جون وڏيون وڏيون مڇون ۽ ڳاڙھيون ڀوائتيون اکيون سندس ذھن ۾ ھڪ مستقل خوف ڄمائي چڪيون ھيون. ڪلھھ ئي وڏيري ڏانھس سلامن سان گڏ ڪجھھ سوکڙيون بھ ڏياري موڪليون ھيون ۽ مارل اھي سڀ شيون غيرت ۽ غصي وچان ڌوتيءَ جي منھن تي موٽائي ھنيون ھيون ۽ ھينئر ھوءَ اھو ئي سوچي رھي ھئي تھ ان جي جواب ۾ وڏيرو ضرور ڪو اڍنگو قدم کڻندو. اڄ سڄو ڏينھن ھوءَ پنھنجي پر ۾ روئندي رھي – ايتري قدر جو ڇھھ مھينا اڳ پنھنجي پياري مڙس جي اوچتي اجل تي بھ نھ روئي سگھي ھئي. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ کان ھن کي نفرت ٿي چڪي ھئي. ھن بار بار سوچيو تھ ھتان ڪنھن پاسي منھن ڪري ھلي وڃي، پر پري پري تائين کيس اميد جو ڪو معمولي روشن ڪرڻو بھ نظر نٿي آيو. ھن لاءِ تھ جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو ھو. وري بھ ڪنھن اونداھي کوھ ۾ ٽپ ڏيڻ جو خيال آيس پر بي اختيار سندس اکيون گلوءَ ڏانھن کڄي ويون ۽ سندس لونءَ لونءَ ڪنبڻ لڳي. مامتا ڀريل دل ڇڪي کاڌي، ھن ننڍڙي گلوءَ کي کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايو ۽ سندس اکين مان مجبوريءَ جا موتي لارون ڪري وھڻ لڳا.

سج الھندي جي ھنج ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڏينھن بدلجي رات ٿيڻ لڳو. تارن سان گڏ چنڊ بھ نڪري نروار ٿيو، پر مارل اڃا پنھنجن غمن ۾ غلطان ھئي.

مارل سوچيو تھ ھوءَ صاف انڪار ڪري ڇڏي، وڏي واڪي چئي ڏئي تھ ھوءَ ھاڻي پيٽ خاطر عزت کي خطري ۾ وجھڻ نٿي چاھي. ليڪن پيٽ جون مجبوريون ئي نراليون آھن! ڪڏھن ڪڏھن پيٽ ديوتا جي قدمن ۾ عزت ۽ غيرت جون انتھائي قيمتي قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن. مارل ڪجھھ بھ ٻولي نھ سگھي، ڄڻ سندس گلي کي ڪنھن زور سان گھٽي ڇڏيو ھجي. ھوءَ اڪيلي تھ ڪانھ ھئي، ھڪ کائيندڙ پيئندڙ پٽ بھ سندس پيٽ جي تقاضا ۾ شريڪ ھو! پنھنجن ٻچن لاءِ ھڪ ڪمزور پکي تھ ڄار مان بھ داڻو کڻڻ ويندو آھي. پوءِ ڀل تھ کيس ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڄار ئي ڇو نھ وڇايل ھجي. ھوءَ انھيءَ ڄار جي تار تار کي ٽوڙي ڇڏيندي. مامتا جي پرجوش جذبي ھن جي حوصلن کي جاڳائي ڇڏيو ھو. پنھنجي ٻچي لاءِ ھوءَ ساريءَ دنيا جا خطرا کڻڻ لاءِ تيار ھئي. ھن اڳتي وڌي ڏاٽو کنيو ۽ گندي سنڀالي ٻاھر نڪتي.

چوڌاري چانڊوڪي ڇانيل ھئي. صاف آسمان ۾ چنڊ پنھنجي آب تاب سان چمڪي رھيو ھو. ائين ئي کيس خيال آيو، ضرور ڪنھن ڏينھن سندس قسمت جي چنڊ تان بھ گرھڻ لھندو. ضرور ڪنھن ڏينھن سندس سکن جي آسمان تان ڏکن جا ڪارونڀار ھٽي ويندا. جڏھن گلو جوان ٿيندو! ھن خيال ڪيو تھ ھوءَ ان لاءِ وڌيڪ محنت ڪري، وڌي معاوضو حاصل ڪري. ڏاٽي ھلائڻ ۾ تھ اڳيئي ڀڙ ھئي. مڙد بھ سندس مقابلو نھ ڪري سگھندا ھئا. ھوءَ تيز قدمن سان ٻنيءَ ڏانھن ويندڙ ڪچي رستي تي ھلي رھي ھئي. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي ھئي. ھڪ ھنڌ، گھاٽين ڄارين جي جھنڊ وٽ پھچي، الائي ڇو ھن جا قدم وڌيڪ تيز ٿي ويا. ڪنھن نامعلوم خوف کان ھوءَ ٿڙ ٿڙ ڏڪڻ لڳي. ايتري ئي ۾ پويان ڪنھن جي پيرن جو تمام ويجھو آواز ٿيو ۽ ٻيءَ گھڙيءَ ڪنھن سندس ٻانھن کي مضبوطيءَ سان جھلي ورتو. بي اختيار، مارل کان ھڪ دردناڪ چيخ نڪري وئي – وڏيرو! ھن ٻانھن ڇڏائن جي ڪوشش ڪئي تھ وڏيري کيس ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. ڏاٽو سندس ھٿن مان ڇڏائجي ويو. غيرت، غصي ۽ نفرت وچان مارل ھن جي پٺيءَ تي ٻنھي ھٿن سان مڪون ھڻڻ لڳي، پر وڏيري تي انھن جو ڪوبھ اثر نٿي معلوم ٿيو. ”ڇڏ، مون کي ڇڏي ڏي! ڪجھھ حيا ڪر..... پنھنجون ڄايون نپايون اٿئي.... وڏيرا، آئون مسڪين بيواھ آھيان...... مون کي ڇڏي ڏي!......“

”ڇڏيان ٿو توکي!...... تو ڪلھھ سوکڙيون ڇو ورايون؟.....“

”انھن ترن تيل نھ ٿيندءِ، وڏيرا! مون کي اھڙي نيچ نھ سمجھھ..... اھو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ......! مون کي ڇڏي ڏي!“

”آئون ڪو ٻار تھ ڪونھ آھيان. تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر، ڪنھن کي ڪنو ڪن خبر نھ پوندي....“ وڏيري پنھنجيءَ گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com