سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :3

جان کي ته کپندي ئي اها ڳالهه هئي. هن هڪدم چيو ته  مان هڪ واپاري آهيان. شاهي محل ۾ پنهنجي سامان جا نمونا ڏيکارڻ آيو آهيان. جڏهن ان ٻانهي سامان هڪ هڪ ڪري ڏٺو ته سندس هٿن مان اها پاڻيءَ جي ڀريل سوني بالٽي ڪري پئي ۽ رڙ ڪري چيائين ته اهڙو خوبصورت سامان اسان ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. اسان جي شهزادي هيءُ سامان ڏسندي ته چري ٿي پوندي ۽ توکان هيءُ سڄو سامان خريد ڪري وٺندي. ائين چئي جان سان گڏ سمورو سامان کڻائي شهزاديءَ جي محل ۾ وئي ۽ شهزاديءَ کي چيائين ”سانئڻ هيءُ سامان ته ڏس، ڪيڏو نه خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ويو آهي. دنيا ۾ ڪيترا نه ڀلا ڪاريگر ويٺا آهن، جن جي هٿن مان اهڙا انمول نمونا جڙي نڪرن ٿا.“

پنهنجي نوڪرياڻيءَ جي زباني وفادار جان جي مال جي تعريف ٻڌي، شهزادي هڪدم اُٿي اچي ”جان“ جي سامان مٿان بيٺي ۽ هر هڪ شيءِ کي غور سان ڏسندي پسند ڪندي رهي. جڏهن سڀ سامان ڏسي واندي ٿي ته ”جان“ طرف منهن ڪندي چيائين، ”تون هي سمورو سامان هڪ گڏيل اگهه  ۾ وڪڻندين يا هر هڪ شيءِ جي جدا جدا قيمت ٻڌائيندين. ڇو ته آءٌ توهان کان هيءُ سمورو مال خريد ڪرڻ گهران ٿي. “.  جنهن تي جان چيو ته، ”هن سموري سودي جو اصل مالڪ وڏو سوداگر سمنڊ جي ڪناري ٻيڙي ۾ ويٺو آهي. مان ته هن جو ننڍڙو ملازم آهيان، هيءُ سڄو سامان جيڪو توهان هينئر ڏٺو آهي، اهو اصل ۾ هر هڪ شيءِ جو نمونو آهي. اهو صرف توهان کي ڏيکارڻ ۽ پسند ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو آهيان.“

جان جي زباني ڳالهه ٻڌي شهزاديءَ کي حيرت وٺي وئي ته هيءُ فقط جنس ڏيکارڻ جون شيون آهن، اصل مال ڪيترو هوندو؟ انهيءَ جي قيمت ڇا هوندي؟

انهن سوالن تي شهزادي جي شوق کي اڃا به وڌائي ڇڏيو ۽ جان کي چوڻ لڳي ”پرواهه نه آهي، مال جيترو به آهي، هتي کڻي اچو. مان سمورو سٺي رقم  ۾ خريد ڪري تنهنجي دل خوش ڪري ڇڏينديس.“

شهزاديءَ جي شوق جو فائدو وٺندي، جان چيو ”شهزادي منهنجو مالڪ تمام وڏو واپاري آهي، هن جي ٻيڙي ۾ ايترو ته سامان ڀريو  پيو آهي. جنهن جي رکڻ جي توهان جي هن محل ۾ جڳهه ڪانهي، تنهن ڪري بهتر ائين ٿيندو ته توهان پاڻ ٻيڙي تائين هلي، سڄو مال ڏسي پسند ڪري، هر شيءِ خريد ڪري سگهو ٿيون.“ شهزادي ٻيڙي تي هلڻ لاءِ تيار ٿي. شهزاديءَ جو اهو فيصلو ٻڌي، جان کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته پهرين ڪاميابي الله نصيب ڪئي آهي، اڳتي به اهو ئي رهبر  آهي. ائين چئي جان شهزادي کي ساڻ ڪري،

ٻيڙي جي طرف هلي پيو. جڏهن شهزادي ۽ جان ٻيڙي تي پهتا، ته بادشاهه سلامت دل جهلي ٻه چار قدم اڳتي وڌي اچي شهزاديءَ جو استقبال ڪيو. مختصر تعارف کان پوءِ بادشاهه شهزاديءَ کي هٿ کان وٺي هيٺ ٻيڙي تي لاٿو. جيئن ئي شهزادي ٻيڙي جي مختلف ڪيبنن ۾ سامان ڏسڻ لاءِ اندر گهڙي ته وفادار جان پنهنجي ٻيڙائتن کي  حڪم ڪيو ته ٻيڙي جا پگهه ڇوڙيو، سُکانَ سڌا ڪري چالو ڪريو ته جيئن  وڌ کان وڌ تيز رفتاريءَ سان ٻيڙو سمنڊ ۾ ڊوڙي ۽ شهزاديءَ جي پيءُ واري حڪومت جي حدن کان تڪڙو نڪري وڃي. ملازمن حڪم جي تعميل ڪئي، هوڏانهن ٻيڙي رفتار پڪڙي هيڏانهن بادشاهه ۽ جان شهزاديءَ کي شيون ڏيکارڻ ۾ رڌل هئا. سامان ڏسندي ۽ خريد لاءِ پسند ڪندي شهزاديءَ کي شام ٿي وئي. ايتري ۾ شهزاديءَ چيو ته ”هاڻي شام به ٿي وئي آهي، آءٌ به سامان ڏسي ٿڪجي پئي آهيان، رات وڃي گهر آرام ڪريان، پوءِ سڀاڻي توهان کي محل ۾ گهرائي ملهه ڏئي خريد ڪنديس“. اهو چئي جڏهن هن ٻيڙي کان ٻاهر  نظر ڊوڙائي ته ٻيڙو نهايت تيز رفتاريءَ سان شهزاديءَ جي رياست کان نڪري چڪو هو. شهزاديءَ رڙيون ڪيون ۽ چوڻ لڳي ته مون سان دوکو ٿيو آهي،مان ٺڳن جي ٽولي جي ور چڙهي ويس، پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ کان بهتر آهي ته آءٌ  مري وڃان. پوءِ شهزادي ٻيڙي جي ڀتين سان مٿو ٽڪرائڻ لڳي. اهو ڏسي بادشاهه ڏاڍو پرشان ٿيو، ته هن لاءِ مون ايڏا ڪشالا، ڪاٽيا آهن ۽ هيءَ مرڻ جون ڳالهيون پئي ڪري.

اهو سوچي بادشاهه ٻئي هٿ شهزاديءَ جي هٿن ۾ وڌا ۽ ديوار کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، کيس  چوڻ لڳو؛ ”آءٌ مڃان ٿو ته توکي هتي ڌوڪي سان آندو ويو  آهي. پر آءٌ ڪو ٺڳ نه آهيان، نه ئي وري ڌوڪيباز، مان ته تو وانگر پنهنجي بادشاهه پيءُ جو دادلو پٽ آهيان، منهنجي پيءُ جڏهن وفات ڪئي ۽ آءٌ ولي عهد جي حيثيت ۾ پيءُ جي بادشاهي تخت تي ويٺس، ته ان کان پوءِ آءٌ پنهنجي پيءُ جي ميراث ۾ ڇڏيل ملڪيت جو جڏهن معائنو ڪري رهيو هئس ته ان ميراث ۾ تنهنجي تصوير به هئي، مان جڏهن تنهنجي تصوير ڏٺي ته صفا بيهوش ٿي ويس، ۽ پڪو پهه ڪيم ته هيءُ شهزادي مان ضرور ماڻيندس. “ بادشاهه  جي وارتا ٻڌي، شهزاديءَ کي ترس اچي ويو ۽ پاڻ کي مارڻ جو  ارادو ترڪ ڪري بادشاهه سان ريجهي وئي. ٻيڙو سمنڊ ۾ هلندو رهيو. هي ٻئي ڄڻا ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا. ٻيڙو هلندو رهيو ۽ وفادار  جان  ٻيڙي جي مٿين طبقي تي ويهي، راڻي جي حاصلات واري خوشيءَ ۾ بانسري وڄائي رهيو هو، ته اوچتو ٽي آڙيون ٻيڙي جي ڏاڪڻين جي لڪڙ تي ساهه پٽڻ لڳيون ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. جان پکين جي ٻولي سمجهندو هو، ان ڪي بانسري بند ڪري ويهي پکين جون ڳالهيون ٻڌڻ  لڳو.

هڪڙي پکي چيو ملڪ ۾ ڏاڍ ته ڏسو، جو هن ٻيڙي وارا سوني ڇت جي بادشاهه جي نياڻيءَ کي زوري پنهنجي ملڪ کنيو ٿا وڃن.

جنهن تي ٻئي چيو زور زبردستي جي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن زوري هجي ها ته شهزادي رڙيون ڪري ها يا ته پاڻ ماري وجهي ها يا سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏي ها، جڏهن ته شهزادي سوداگر جي پاسي ۾ ويٺي آهي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ٻنهي جي وچ ۾ راضپو آهي.

ٽئين پکي چيو توهان جون سڀ ڳالهيون سچيون آهن، پر افسوس اهو ٿئي ٿو ته جو هي ٻئي هڪٻئي کي ماڻي ڪونه سگهندا. جنهن تي پهرين پکيءَ ٽئين پکيءَ کي چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين؟.

ٽئين پکي چيو ته ”آءٌ سچ  پيو چوان، هيءُ جڏهن سمنڊ جهاڳي زمين تي پهچندا ته اتي هڪڙو خوبصورت گهوڙو سنجهيو ٺهيو بيٺو هوندو. بادشاهه جي دل ڪندي ته اهڙي سهڻي گهوڙي تي سواري ڪري ڏسان. هو جيئن ئي لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهندو ته گهوڙو بادشاهه کان بي قابو ٿي هوا ۾ اڏامڻ شروع ڪندو ۽ دور خلائن ۾ اڏامندو ئي ويندو. جيڪو موٽي شهزادي تائين هرگز ڪونه پهچندو. اهڙي طرح هن بادشاهه جا سڀ ڪشالا برباد ٿي ويندا ۽ شهزادي ماڻي ڪونه سگهندو.

جنهن تي ٻئي چيو، يار، اها ڳالهه ڏاڍي خراب آهي. هن دنيا ۾ هر جوڙ جو توڙ به هوندو آهي. ڀلا تو وٽ ان جو ڪو اهڙو حل آهي. جنهن سان بادشاهه جو وري شهزادي سان ميل ٿي سگهي. ٽئين ڏکي چيو ڇو نه، هر جوڙ جو توڙ آهي. گهوڙي تي سواري ڪرڻ وارو جيڪڏهن قابليت سان گهوڙي جي لغام واري ساڄي پاسي جي  ڏوريءَ کي آهستي ساڄي پاسي ئي موڙيندو رهندو، ته گهوڙو اڏامي ساڄي پاسي ڦري وري به اچي شهزديءَ وٽ لهندو ۽ ان طرح سندن ٻيهر ميل ٿي ويندو.

پهرين نمبر پکي همدرديءَ طور پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ته هڪ ڳالهه آهي ڪو اهڙو هجي جيڪو بادشاهه کي گهوڙي جي واڳ جهلڻ جو ڏانءُ ڏسي وجهي، ته هن خوبصورت جوڙيءَ جي شل جوڙ ٽٽڻ کان بچي وڃي.

جنهن تي وري به ساڳي پکيءَ چيو ته توهان کي خبر آهي ته ان جي ڪيتري ڳري سزا آهي؟ هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته جيڪو به بادشاهه کي گهوڙي تي چڙهڻ کان روڪيندو يا واڳ کي صحيح جهلڻ وارو راض ٻڌائيندو، اهو پيرن کان وٺي گوڏن تائين پنڊ پاهڻ ٿي ويندو.

ٻئي نمبر  پکي چيو، ’واقعي تون سچ ٿو چوين، اها ته مون کي خبر آهي ته، جيڪڏهن ڪو بادشاهه کي گهوڙو گهمائڻ ۽ صحيح واڳ جهلڻ وارو راز ٻڌائي به ڇڏيندو ۽ بادشاهه مرڻ کان به بچي ويندو پر پوءِ به بادشاهه اها شهزادي ماڻي ڪونه سگهندو.

جنهن تي ٻين پکين حيرت وچان چيو، اها ڳالهه وري ڪيئن ٿو ڪري”؟ ڪو رستو ته ٻڌاءِ جنهن سان بادشاهه شهزادي ماڻي سگهي؟

ٻئي نمبر پکي چيو ٿيندو هينئنءَ ته جڏهن بادشاهه پنهنجي محل ۾ پهچندو ۽ شهزاديءَ سان شادي ڪندو ته انهيءَ وقت وهنجي سهنجي گهوٽ ٿيڻ وارو وڳو پائيندو، ته سندس وڳي جي بدران اتي سون چاندي وارو وڳو پيو هوندو، جيڪو اصل گندرف، ڏامر ۽ ٻين زهريلن مادن سان ٺهيل هوندو. بادشاهه جيئن ئي اهو وڳو جسم تي پائيندو، ته هن جي جسم جو سٺو گوشت ڳري ويندو ۽ بادشاهه اتي جو اتي سڙي مري ويندو، هاڻي ڪو اهڙو وفادار ماڻهو هجي، جيڪو اهو وڳو تڙ تڪڙ ۾ کڻي ٻرندڙ باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏي، پر وڏو مسئلو اهو آهي جو جيڪو ماڻهو اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي ٻڌائي وڳو ساڙڻ لاءِ تيار ڪندو ته اهو ڳالهه ڪندڙ ماڻهو پيرن کان وٺي اڌ ڌڙ تائين پنڊ پاهڻ ٿي ويندو.

هاڻي ٽئين نبمر پکيءَ وري ٻيهر ڳالهائيندي چيو ته واقعي بادشاهه ۽ شهزاديءَ جو سنگم ڏاڍين ڏکين حالتن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي، جيتري مون کي معلومات آهي ته جيڪڏهن بادشاهه جو طلسمي وڳو سڙي به ويو ۽ بادشاهه بچي به پوندو، پر شهزادي ان رات مري ويندي، سڀن پکين يڪ زبان ٿي چيو اهو وري ڪيئن  ٿو چوين؟،

 ٽئين نبمر پکيءَ چيو: ”منهنجي ڄاڻ مطابق شادي واري رات جڏهن شهزادي نچي نچي ٿڪجي پوندي، ته هن تي هڪ قسم جو ڳيرهٽ ڇانئجڻ شروع ٿي ويندو، ان غنودگيءَ ۾ شهزاديءَ جو منهن ڦڪو ٿي ويندو، ساهه منجهي پوندو ۽ هوءَ مرڻينگ حالت ۾ ڪري پوندي، پر جيڪڏهن ڪو خبر وارو ماڻهو تڪڙ ڪري سُئي هڻي، راڻي جي دل جي سڄي پاسي کان رت جا ٽي ڦڙا ڪڍي زمين تي نه هاريندو ته شهزادي ان غنودگيءَ ۾ ئي مري ويندي. پر افسوس صرف اهو آهي ته جيڪو ماڻهو اها ڳالهه ڪري ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ان ڪم لاءِ تيار ڪندو، ته اهو ماڻهو پيرن کان وٺي مٿي جي وارن تائين پنڊ پاهڻ ٿي ويندو. ايترو چوندي اهي ٽيئي پکي ڀڙڪو ڏئي، پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويا. پکين جون ڳالهيون ٻڌي وفادار جان جي جسم مان ست ساهه ڇڏائي ويو. ايتري ۾ ٻيڙو به اچي خشڪيءَ تي رسيو. جيئن ئي جان خشڪي تي نگاهه وڌي ته واقعي ڳاڙهي رنگ جو گهوڙو سونن سنجن سان تيار مالڪ جي سوار ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺو آهي. جان کي پڪ پئجي وئي، ته سمنڊ جي پکين جي ڳالهه سچي آهي، هن سوچيو هاڻي تڙ تڪڙ ۾ جيڪڏهن گهوڙي تي نه چڙهندس ته بادشاهه وڃي اُٻهرائي ڪري چڙهندو، ان ڪري زمين تي پير پائڻ شرط جان وڃي گهوڙي جو لغام ۽ رڪيب پڪڙي مٿس چڙهي ويٺو. سوار کي پٺي تي ڏسي گهوڙو هوا ۾ اڏامڻ لڳو،  جان کي واڳو جهلڻ جو گُر پکين ڏئي ڇڏيو هو، هن انهن انداز سان واڳ کي سنڀالي ورتو.

بادشاهه جي خوشامندڙين گهڻي ئي لفاظي ڪئي، ته سهڻو گهوڙو بادشاهه لاءِ هئو ۽ نه ڪي جان لاءِ پر بادشاهه، جان تي اعتماد ڪندي نوڪرن کي چيو جان منهنجو  وفادار ملازم آهي، هن کي جيڪو صحيح ۽ بهتر لڳو هوندو. اهو ئي ڪيو هوندو. توهان کي ان بابت ڪجهه به چوڻ نه گهرجي، بادشاهه جي ان ڪلام تي سڀئي ملازم خاموش ٿي ويا ۽ پوءِ بادشاهه جو قافلو خشڪيءَ رستي پنهنجي محل جي طرف روانو ٿي ويو.

حرم  سراءِ ۾ پهچڻ بعد بادشاهه شهزادي سان شادي ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون. آخر اهو به وقت آيو ته بادشاهه وهنجي سهنجي شادي جو وڳو پائڻ لاءِ جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ ويو ته اتي ڏسي ته هڪڙو خوبصورت سون ۽ چانديءَ جي ڀرت سان ڀريل وڳو پلنگ تي پيو آهي. بادشاهه سمجهيو اهو وڳو ملازمن منهنجي شاديءَ لاءِ ٺهرائي رکيو آهي. اهو سوچي هو جيئن ئي صوفي طرف وڌيو ته ”وفادار جان“ اڳ ئي انهيءَ انتظار ۾ لڪيو بيٺو هو، ته صرف وڳو ظاهر ٿئي.ان کي بادشاهه جي پائڻ کان اول باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيان. تنهن تڪڙ  ڪري بادشاهه جي وڳي پائڻ کان اڳ اهو باهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ بادشاهه ٻيو وڳو پائي، شاديءَ جي تقريب ۾ شامل ٿيو. جيتوڻيڪ ڪجهه نوڪرن ”وفادار جان “ جي ان عمل تي به اعتراض ڪيو، پر بادشاهه سڀني کي اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته ”وفادار جان“ جيڪو به ڪم ڪندو آهي، اهو منهنجي ڀلائيءَ ۾ هوندو آهي.

نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن بادشاهه شهزادي ۽ ٻيا مخصوص ڄاڃي شاديءَ  جي خوشيءَ ۾ نچڻ ٽپڻ لڳا، ته وفادار جان شهزاديءَ جي پٺيان پاڇي وانگر لڳو رهيو ۽ مهل به آئي، جڏهن  شهزاديءَ جو منهن ڦڪو ٿيڻ لڳو. جنهن تي جان پرکي ورتو ته اجهو ٿي شهزادي بيهوش ٿي زمين تي ڪري، تنهنڪري جان اڳي کان به وڌيڪ خبردار ٿي ويو ۽ خبر تڏهن پئي جو بيهوش ٿيندي ٿيندي شهزادي زمين تي ڪري پئي. هن جلدي شهزادي جي زمين تي ڪرڻ سان وڃي کيس کڻي پنهنجي هنج ۾ سمهاريو ۽ تڪڙ ڪري سُئي هڻي شهزادي جي دل جي ساڄي پاسي کان رت جا ٽي ڦرا ڪڍي. زمين تي هاري ورتا، ته شهزاديءَ جي جسم ۾ چُر پر ٿيڻ شروع ٿي، پر بادشاهه کي وفادار جان جي هن گستاخيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هدم حڪم ڪيائين ته جان کي قيد ڪيو وڃي ۽ پوءِ کيس ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.

وفادار کي قيد ڪيو ويو، جتان پوءِ کيس ٻئي ڏينهن صبح جو ڦاسي گهاٽ تي بيهاريو ويو. بادشاهه کي سامهون ڏسي وفادار جان چيو: ”بادشاهه سلامت ڇا مان ڪجهه  توهان جي سامهون عرض ڪري سگهان ٿو؟.

جڏهن بادشاهه کيس اجازت ڏني ، پوءِ هن سمنڊ جي سفر کان وٺي انهن ٽن آڙين پکين جو سڙهه جي لڪڙن تي اچي ويهڻ ۽ پاڻ ۾ گفتو ڪرڻ واري سموري  وارتا بيان ڪندي چيو. ”مون اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو هڪ سچي غلام کي ڪرڻ کپي ها.“ جڏهن جان قصو ٻڌائي مس بس ڪيو، ته فوراً بادشاهه حڪم ڏنو ته جان کي ڦاهي گهاٽ تان هيٺ لاٿو وڃي، پر ايتري ۾ وفادار جو جسم پٿر جو ٿي ويو ۽ هو هيٺ ڪري پيو.

بادشاهه جي اکين اڳيان وفادار نوڪر جو  هن طرح پٿر ٿيڻ تمام تڪليف ده عمل هو، جنهن سان شهزاديءَ کي به ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻئي بيحد رنا.

بادشاهه سلامت اهڙي وفادار نوڪر کي اعزاز ڏيڻ خاطر سندس پٿر ٿيل جسم کي پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي بستري جي سيراندي ڀرسان يادگار طور رکائي ڇڏيو. بادشاهه شهزادي جڏهن به ڪچهريون ڪندا هئا، ،ته جان جو پٿرايل جسم ۽ ان جون وفاداريون ياد ڪري الله سائين کان دعائون گهرندا هئا، ته ”الله! تون  هن غريب ۽ مسڪين تان اها مصيبت معاف ڪر، جيڪا هن اسان جي ڀلائي ڪندي پنهنجي سر تي برداشت ڪئي آهي.“ بادشاهه ۽ شهزاديءَ کي وفادار جان جي اصل صورت ۾ اچڻ لاءِ دعائون گهرندي ايترو وقت لڳي ويو جو کين ٻه پٽ به ڄمي ويا هئا. هڪ ڏينهن بادشاهه وفادار جان جي مجسمي کي ڏسي ڏک وچان هي لفظ چيا: ”ڪاش! مان توکي ٻيهر زندگي ڏئي سگهان ها!“

ايتري ۾ وفادار جان جي پٿريلي مجسمي مان آواز آيو ”اي بادشاهه سلامت! جيڪڏهن تون پنهنجي ٻنهي پٽن کي قتل ڪري ان جو رت منهنجي جسم کي ملندين ته آءٌ اصل وجود ۾ اچي ويندس. بادشاهه کي جيتوڻيڪ ٻئي پٽ ڏاڍا پيارا  هئا. پر  جان جي وفاداري ۽ سچائي آڏو بادشاهه ٻچن جي قربانيءَ کان نه ڊنو. هن هڪدم تلوار مياڻ مان ڪڍي ٻنهي پٽن کي گڏ ڪري جيئن ئي تلوار پٽن کي هڻڻ لاءِ بلند ڪئي، تيئن ئي ”وفادار جان“ پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويو. ٻارڙا ائين ئي بيٺا رهيا، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو.

جڏهن شهزادي، عبادت ڪري واپس وري ته بادشاهه، وفادار جان ۽ ٻارڙن کي ٻئي ڪمري ۾ لڪائي سندس سچائيءَ جو امتحان ورتو. بادشاهه شهزاديءَ کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي چيو ته تون الله جي گهران پئي اچين. اتي ڪي خاص دعائون گهريئه؟“

شهزاديءَ  بادشاهه کي ٻڌايو ته ، ”اتي مان صرف وفادار جان جي صحتيابيءَ ۽ سندس سچائيءَ متعلق دعائون گهريون آهن.“ بادشاهه شهزادي کي چيو: ”منهنجي مٺڙي اسان وفادار جان کي ٻيهر زندهه ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن ٻنهي ٻچن جي قرباني ڏئي سگهون؟“

راڻي اهو ٻڌي سڄي ڏڪي وئي ۽ ڊپ وچان پِيلي ٿي وئي، پر اهو سوچي ته هن سڄي عمر سندن خدمت ڪئي هئي. چيائين جيڪا رب جي رضا، مون کي تنهنجو فيصلو قبول آهي، تون ڀلي ٻنهي ٻچن جا سر قلم ڪري ڇڏي.“ اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ته راڻيءَ جي سوچ به سندس جهڙي آهي. پوءِ ٻئي ڪمري ۾ اندر وڃي ٻارڙن ۽ وفادار جان کي پاڻ سان  گڏ وٺي آيا. بادشاهه ۽ راڻي رب جا لک شڪرانا بجا آندا، پوءِ بادشاهه سلامت راڻيءَ کي سڄو قصو ڪري ٻڌايو. راڻي ڏاڍي خوش ٿي. الله سائين سندس دعائون اگهايون. پوءِ جان جي صحتيابي ۽ پٽن جي قتل ٿيڻ کان بچي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ بادشاهه ۽ شهزاديءَ وڏو جشن ڪيو ۽ خير خيراتون ڪيون.

چورن مٿان مور

توهان انهن ٽن سپاهين جي آکاڻي ٻڌي آهي! جيڪي هڪ وڏي لڙائيءَ ۾ وڙهندي وڙهندي ايترا ته زخمي ٿي پيا هئا. جو انهن جي ٻيهر جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ جي اميد ئي ختم ٿي چڪي هئي، هونئن به دستور آهي ته سپاهي جيڪڏهن جنگ وڙهڻ جي قابل نه هوندو آهي ته ان جي ڪابه اهميت نه هوندي. هي ٽيئي  ڄڻا به انهن سپاهين منجهان هئا، جن کي ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو. ان ڪري مايوسي ۽ نااميدي هر قدم تي کين ڊيڄاريندي رهي ته جيڪڏهن اهڙي حالت قائم رهي، ڪراڙپ ۾ اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو!

ان ڪري پنهنجو آئيندو ٺاهڻ  لاءِ ڪنهن اڻ ڏٺي منزل طرف روانا ٿي ويا، گهڻي پنڌ ڪرڻ بعد کين رستي ۾ ئي اويل ٿي وئي. سامهون: وڏو ۽ گهاٽو جهنگ  ڏسي، نه چاهيندي به کين رات جي قيام ڪرڻ لازمي ٿي پيو هو. ان ڪري پاڻ ۾ ويهي فيصلو ڪيائون ته اڳتي هلڻ جو رستو اڻانگو آهي ۽ قدم قدم تي جهنگلي جانورن جو به خطرو آهي، ان ڪري رات حفاطت سان گذارڻ لاءِ ٻه ڄڻا سمهي آرام ڪن ۽ هڪڙو باهه ٻاري جاڳي پهرو ڏيندو رهي ۽ مقرر ڪيل ٽائيم پورو ٿيڻ کان پوءِ اهو پاڻ کان ٻئي نمبر واري کي جاڳائي پهري تي ويهاري پاڻ ننڊ ڪري.

اهڙي طرح رات به حفاظت  ۾ گذري ويندي ۽ آرام به مزي جو نصيب ٿيندو. انهيءَ صلاح جي ٽل ٽلي ٻه ڄڻا کٿا تاڻي سمهي پيا، هڪڙو ڄڻو باهه جو مچ ٻاري، روشنيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ خطري تي نظر رکڻ لاءِ چوڪس ٿي ويهي رهيو.

پهرو ڏيندڙ سپاهي سالم هوش ۽ حواس سان جاڳي رهيو هو، ته کيس باهه جي روشنيءَ تي پري کان ڪو وجود چرپر ڪندي نظر آيو. ويجهو اچڻ تي هن سمجهي ورتو ته ڪوئي ڄامڙو ڳاڙهو سئيٽر پايو اچي رهيو آهي. ويجهو اچڻ تي ڄامڙي  سوال ڪيو: ”تون ڪير آهين؟“

پهريدار  زخمي سپاهي وراڻيو: ”آءٌ تنهنجو دوست آهيان.“

ڄامڙي وري سوال ڪيو: ”تون ڪهڙو دوست آهين؟“

سپاهي وراڻيو: ”آءٌ اهو دوست آهيان،  جيڪو پنهنجي دوست جي ڏکئي وقت ڪم ايندو هجان.“

ڄامڙي سوال ڪيو: ”هي سامهون کٿا تاڻيو ڪير ستا پيا آهن؟“

سپاهيءَ وراڻيو: ”هيءُ به منهنجا دوست آهن.“

چامڙي وري سوال ڪيو :”هي تنهنجا دوست ڇو سمهيا پيا آهن ۽ تون اڪيلو ڇا جي ڪري جاڳي رهيو آهين”“

سپاهيءَ جواب ۾ چيو: ”توکي خبر آهي الائي نه!“

جنگ تباهي ۽ بربادي جو ٻيو نالو آهي، اسان جو جنگ ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو اسان جو جسم به زخمي ٿي  ويو آهي. اسان وٽ اها ڪابه شيءِ نه بچي آهي، جو ڪجهه وقت لاءِ  پاڻ کي جياري سگهون يا زخمن جو دارون ڪري سگهون.“

سپاهيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڄامڙي چيو ”اڄ کان مون کي به پنهنجو سٺو دوست سمجهي ڇڏ. مون کان جيڪي ٿيندو اهو توهان جي مدد لاءِ قربان ڪندس.“ ائين چئي هن کيسي مان واچ ڪڍي، سپاهي جي حوالي ڪندي چيو، ”هيءَ منهنجي طرفان پاڻ لاءِ مدد سمجهه.  هن واچ جي اها خوبيءَ آهي ته کيس ڪُلهي تي رکي، دل ۾ جهڙي به خواهش ڪندين ته اها خواهش هيءَ واچ پوري ڪندي.“ پر هڪ ڳالهه ياد رک صبح جو جڏهن تنهنجا ٻيا دوست ننڊ مان سجاڳ ٿين ته انهن سان منهنجي ڳالهه واچ سميت ضرور ڪجانءِ. جيڪڏهن ائين نه ڪندين، ته پوءِ تنهنجي دوستي سچي نه سمجهندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com