سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :5

مان منجهي پيس. ڪجهه نه اُڪليو ته چيومانس، ” مان به ڀت وٽ سمهڻ چاهيان ٿو.“

” مون وانگر بي گهر آهين؟“

” ها.“

”لت کوڙي سمهي پَئهَ .“ چيائين . ” اڌ رات جو جڏهن چوڪيدار ايندو، تڏهن کيس پائلي ڏيئي ڇڏجانءِ .“

مان سندس ڀرسان ويهي رهيس. کيس کوٽڻ لاءِ چيم، ” ون يونٽ به وڏي لعنت آهي. اسانکي بي گهر ڪيو اٿائين.“ پڇيائين، ” ون يونٽ ڇاهي؟“وراڻيم، ” سالميت جي نالي ۾ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري حرڪت.“

لاپرواهيءَ وچان پڇيائين . ” ۽ اهو پاڪستان وري ڇاهي؟“ مون حيرت مان ڏانهس ڏٺو. چيم، ” نشي ۾ ته نه آهين جو پاڪستان جي به ڪا خبر نه اٿئي .“

پڇيائين ” پاڪستان ڪنهن ملڪ جو نالو آهي ڇا ؟ “

” ها.“ هڪدم وراڻيم ، ” پاڪستان  دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي. جيئن هندستان ملڪ آهي، تيئن پاڪستان به هڪ ملڪ آهي.“ آرام سان پڇيائين ، ” ۽ اهو هندستان وري ڪٿي آهي؟ “

” ايشيا ۾ .“

” ۽ ايشيا ڪٿي آهي؟“

مان مٿي کي هٿ ڏيئي اُتان اُٿي ويس.

اميد جي تند ٽٽڻ لڳي. لورالائي ڏانهن بدلي ٿيڻ جي پڪ ٿيندي ويئي. سوچيم گهر موٽي وڃان. زال ۽ ٻارن کي لورالائي ءَ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جواطلاح ڏيان . اُتي بيهڻ بيڪار ڀانيم. موٽڻ لاءِ مُڙيس. وڃڻ کان اڳ هڪ دفعو ڀت ڏانهن ڏسڻ جو خيال جا ڳي اُٿيو. منهن ورائي ڀت ڏانهن ڏٺو.

منهنجي حيرت جي حد نه رهي. هڪ ڊينڊو شخص ڀت تي ڪجهه لکي رهيو هو. مان پير پير ۾ کڻندو، آهستي آهستي هلندو، سندس پٺيان وڃي بيٺس. هنجي مونڏانهن پٺي هئي . قدبت مان هو ڇوڪراٽ پئي لڳو . هو ڀت تي لکي رهيو هو – ون يونٽ مرده باد . مون وڌي سندس ڪنڌ تي  مُڪ وهائي ڪڍي . هو ڦيري کائي فٽ پاٿ تي ڪري پيو. ٽيوب لائيٽ جي روشني ءَ ۾ ڏانهس ڏٺم .  هو منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن هو.

 

آدم جي ماءُ

جنهن ڏينهن مون آدم جي ماءُکي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو ، تنهن ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته آدم نه بچندو. آدم مري ويندو. آدم خان  اسان جي آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ هو. سڄو سڄو ڏينهن ٽائيپ ڪندوهو ، کنگهندو هو، ۽ رت ٿو ڪاريندو هو. شروعات ۾ هو تمام تيزيءَ سان ٽائيپ ڪري سگهندو هو. تڏهن ، آدم نه کنگهندو هو، ۽ نه ئي رت ٿو ڪاريندو هو . جنهن ڏينهن کان هن سيني تي هٿ رکي کنگهڻ شروع ڪيو، تنهن ڏينهن کان سندس ٽائيپ ڪرڻ جي رفتار ڍري ٿيڻ لڳي. هو هڪ منٽ ۾ سٺ بدران چاليهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو.۽ رت ٿوڪارڻ لڳو . تڏهن آفيس سپريڊنٽ پاران کيس پهرين وارننگ ڏني ويئي.

 آدم سترهن ارڙهن سالن جو هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هو اسان واري آفيس ۾ اچي جونيئر ڪلارڪ ٿيو هو. جنهن ڪمري ۾ بشير  ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان ويهندا هئا سين ان ڪمري جي ٻاهران ، کليل وارنڊي ۾آدم کي ويهاريو ويو هو ، اسين ٽيئي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان آدم ڏانهن ڏسندا هئاسين ۽ ٽائيپ رائيٽر تي سندس اگرين جي رفتار ڏسي حيران ٿيندا هئاسين هڪ  دفعي بشير ڪافر چيو هو ، ” آدم جيڪڏهن ماڻهوءَ بدران کهوڙو هجي ها، ته جيڪو ڊربي ءَ جي ريس کٽي اچي ها.“

پر، آدم ڪابه ريس کٽي نه سگهيو . هن کي ڪو مرض وڪوڙي ويو هو. سندس صحت ڪرڻ لڳي ۽ ٽائيپ جي رفتار گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ جنهن ڏينهن کس آفيس سپريڊنٽ پاران وارننگ ملي، تنهن ڏينهن هو ڪنبي ويو سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.

آدم جي نوڪري نه فقط ڪچي هئي، بلڪ هڪ سال اندر ڪنهن به وقت ختم ڪرڻ جو ڳي هئي . اهي سموريون ڳالهيون کيس اپائنٽمنٽ آرڊر ۾ تحريري طور ٻڌايون ويون هيون آدم کي نوڪري ڪندي فقط اٺ مهينا ٿيا هئا، جو کيس پهرين وارنگ ملي هئي. وارننگ وٺڻ کان پوءِ هو ٽائيپ رائيٽر تي جهڪي ويو. هو ڏاڍي جاکوڙ کان پو هڪ منٽ ۾ ويهين بدران پنجويهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو ان کان مٿي هو ٽائيپ ڪرڻ جي رفتار وڌائي نه سگهيو .

هڪ منٽ ۾ پنجويهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ وارو مدو آدم لاءِ مختصر  ثابت ٿيو هو جلد ئي هڪ  منٽ ۾ اول پنڌرهن ۽ پو ڏهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو نيٺ اُهو ڏينهن به آيو جڏهن آدم هڪ منٽ ۾ ڪوشش جي باوجود پنج لفظ ٽائيپ ڪري نه سگهيو ان ڏينهن هن ورانڊي جي ٺلهه سان لڳي رت جي الٽي ڪئي هئي الٽي ڪرڻ کان پو هو ساڻو ٿي پيو هو ٺلهه سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو هو ان ڏينهن شام جو آدم گهر ويو ته ٻئي ڏينهن آفيس موٽي نه آيو ٽئين ڏينهن آدم جي ماءُ موڪل جي درخواست کڻي آئي موڪل جي درخواست ڏسي آفيس سپريڊنٽ باهه ٿي ويو . هن موڪل جي درخواست تي ڳاڙهي مس سان لکي ڇڏيو ته آدم ڪم چور سست ۽ نالائق آهي- کيس موڪل وٺڻ جي عادت آهي – جيستائين ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪندو سندس موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي ويندي.

مهيني کان پو آدم جي ماءُ خيراتي اسپتال جو سرٽيفڪيٽ کڻي آئي ، جنهن ۾ ڄاڻايوويو هو ته آدم کي سلهه هئي .آدم جي سلهه جي خبر آفيس ۾ باهه وانگر پکڙ جي ويئي مون ٽائيپ رائيٽر ڏانهن ڏسندي چيو ، ” مشين آدم کي کائي ويئي.“

” مشين آدم کي نه کائيندي آهي. “ بشير ڪافر چيو . “ آدم ، آدم کي کائي ڇڏيندو آهي.“ وهاب ٽارزن ۽ مون بشير ڪافر ڏانهن ڏٺو . هو ڏينهن رات طرحين طرحين جا ڪتاب پڙهندو هو ، ۽  توائي ڳالهيون ڪندو هو . بشير ڪافر چيو ، ” پاڪستان ۾ پيغمبرن تي پابندي لڳائي ويئي آهي، ورنه گنجو آفيس سپريڊنٽ پاڻ کي پيغمبر چوائي ها.“

وهاب ٽارزن کيس ڇڙٻ ڪڍندي چيو ” تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. هن وقت مان بيحد اُداس آهيان .“

” اُداس ماڻهو ٿيندا آهن.“ بشير ڪافر چيو ” تون فقط ٽارزن آهين.“

وهاب ٽارزن جهٽ ڏيئي ڪرسي کڻي ورتي. ” ثبوت جي ضرورت ناهي.“ بشير چيو، ” مون قبول ڪيو آهي، ته تون ٽارزن آهين.“

وهاب ٽارزن ڪرسي رکي ويهي رهيو . بشير ڪافر ڏانهن خارن مان نهاريندي چيائين ، ” تون وڏو ڪڃرآهين .“

مون کي ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي. “ بشير ڪافر چيو ” پر خدا جو شڪر آهي جو مان تو وانگر ٽارزن نه آهيان وهاب هڪدم ڪرسي کڻي ورتي بشير تي الر ڪندي چيائين ” تون ڪافر آهين خبرادر جو پنهنجي غليظ ۽ ناپاڪ زبان تي خدا جو نالو آندو اٿئي!“

”ڇو؟“ بشير پڇيو ، ” تون خدا جو باڊي گارڊ آهين ڇا!“ وچ ۾ نه پوان ته جيڪر جهيڙو ٿي پوي . وهاب ٽارزن کي چيو، ” بشير ڪافر، برابر ڪافر آهي، مرڻ شرط انشاالله تعاليٰ دوزخ ۾ ويندو.“

وهاب ٽارزن ڪرسي رکي ڇڏي ، ويهي رهيو ، چيائين ءِ ” تنهنجي چوڻ تي ڇڏي ٿو ڏيان مردود کي ورنه جيڪر ٿڏي تي دوزخ روانو ڪريانس ها.“

” اهو ڪم الله سائين ءَ جو آهي، تون الله سائين ءَ جي ڪم ۾ دخل اندازي نه ڪر.“ پوءِ مون بشير ڪافر کان پڇيو ، ” آفيس سپريڊنٽ ڪونئون انڪشاف ڪيو آهي ڇا ؟“

بشير چيو، ” سپريڊنٽ فيصلو ڏنو آهي ته نوڪري ءَ ۾ اچڻ مهل آدم صحت جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، سوجڙتو هو.“بشير جي ڳالهه ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. کانئس پڇيم، ” نوڪري “ ۾ اچڻ کان اڳ آدم کي سلهه هئي ڇا؟“ بشير چيو ، ” ماڻهو ٿو لڳيئي ياگينڊو!“

وهاب آپي مان نڪري ويو بشير کي مارڻ لاءِ کڙو ٿيو. ” ترس ٽارزن .“ کيس ٻانهن۾ هٿ وجهندي چيم ، ” ڳالهه ٻڌڻ ڏي.“ بشير چيو ، ” هڪڙي ڏينهن آدم اڌ سير جليبين ۽ سيد کير جي شرط تي وهاب ٽارزن سان چنبو وڙهايو هو.“ مون اچرج وچان وهاب ڏانهن ڏٺو. وهاب آفيس اچڻ کان اڳ ٻه ڪلاڪ ، ۽ شام جو روزانو چار ڪلاڪ ڪسرت ڪندو هو. ڀولوءَ جي آکاڙي جو باقاعدي ميمبر هو.بشير جي ڳالهه ٻڌي هو ڦڪو ڦڪو پئي ٿيو. يقين نه آيو . وهاب کان پڇيم ، ” بشير ڪافر سچ پيو چوي؟“ وهاب ميز تان مَر لاهيندي چيو، ” آدم ۾ ببپناهه طاقت هئي.“

وهاب ۽ بشير ڏانهن ڏسندي چيم، ” توهين ٻئي پلستر آهيو .مون کان ايڏي وڏي معار ڪي جي خبر لڪائي آٿَوَ !“

 بشير چيو، ” وهاب جو امبج بچائڻ خاطر اها خبر تو کان لڪائي هئي سين.“

ساڳي ڏينهن وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان آدم جي گهر وياسين.ڀيم پوره جي هڪ غليظ ۽ اوندهي گهٽي ءَ ۾ آدم جو گهر هو جتي هو پنهنجي پوڙهي ماءُ سان رهندو هو. ان گهر ۾ هڪ ئي ڪمرو هو، جيڪو آدم جي ماءُ لاءِ بيڊروم، ڊرائينگ روم ، ڊائننگ روم ، باٿ روم اسٽور روم ۽ ڪچن جو ڪم ڏيندو هو .

 اسان کي ڏسي آدم جي خشڪ ۽ ڪومايل چپن تي اُداس مرڪ تري آئي . هو واڻ جي ڇڳل کٽ تي وڇايل هڪ بيحد گدلي هنڌتي ليٽيل هو. سندس هڏين تان ماس ڳري ويو هو . ۽ سندس رنگت هيڊ جهڙي ٿي ويئي هئي. اکيون اُجهاميل وار وکريل! کٽ جي ويجهوڪٽ کاڌل بالٽي ۾ رت ۽ بلغم پيو هو. وحشت وچان مون بالٽيءَ تان نظرون هٽائي ڇڏيون . نيم تاريڪ ماحول ۾ ڪمري جي ڀتين ڏانهن ڏٺو ڀتين جا چاپڙ لٿل هئا چاپڙن تي ڪوڙهه جوگمان ٿيو. ڇت ڏانهن ڏٺم ڇت اُماوس جو آسمان نظر آئي . ڪنڊن کان ڄارو لڙڪي رهيو هو ڪمري ۾ هڪ ئي روشندان هو جنهن جو شيشو دز ۽ دونهي سان لٽجي ويو هو.

 سمورو منظر ڪنهن المناڪ اسٽيج ڊرامي جو آخري منظر محسوس ٿيڻ لڳو سوچيم اوچتوئي اوچتو پڙدو کڄندو ۽ زمانو آدم جو انجام ڏسي سگهندو پر ائين نه ٿيو جتي مان  بيٺو هوس، سا اسٽيج نه هئي اُتي نه پڙدا هئا ۽ نه پڙدن پٺيان تاڙيون وڄائيندڙ تماشائي هئا. اُتي مان هوس ، ۽ مون سان گڏ هئا وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر.

بشير مون کي ڪن ۾ چيو، ”آدم قدرت جي تجريدي آرٽ جو نادر نمونو ٿي پيو آهي.“

مون سڙٻاٽن ۾ بشير ڪافر کي ڇِڀَ جيڏي گار وهائي ڪڍي.

بشير ڀڻڪن ۾ چيو،   ”ايڏي وڏي گار  ٻڌڻ کان پوءِ  چاليهن ڏينهن تائين مون تي دنيا جي ڪابه گار خاطر خواه اثر ڇڏي نه سگهندي.“

وهاب ٽارزن آدم کان پڇيو، ”ڪيئن آهين، آدم.“

آدم اُٿي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ويهي نه سگهيو. چپن تي ساڳي اُداس ۽ وياڪل مرڪ تري آيس.  جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر چيو  آهي ته مان تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندس- گهٻرائڻ جهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.“

”ڊاڪٽر ٺيڪ چيو آهي، آدم.“ وهاب ٽارزن پنهنجن فولادي هٿن ۾ آدم جو ڪمزور ۽ نٻل هٿ جهليندي چيو، ”تون ضرور ٺيڪ ٿي ويندين- نوبنو، چاڪ چڱو ڀلو. مايوس نه ٿيءُ. الله تي ڀروسو رک.“

آدم جي چپن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هن پنهنجيون آجهايل اکيون وهاب ٽارزن جي اکين ۾ اٽڪائي ڇڏيون وهاب جي عقاب جهڙين اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي  طرف ڪري ڇڏيو.

بشير ڪافر سڙٻاٽن ۾ مون کي چيو، ”معاملو الله سائين جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.“

سڙٻاٽن ۾ بشير ڪافر کي ڦٽ لعنت ڪندي چيم، ”تون وڏو جهنمي آهين. تنهنجو حشر عبر تناڪ ٿيندو.“

”تون منهنجو فڪر نه ڪر.“ بشير مون کي ڪن ۾ چيو، ”في الحال آدم جو حشر عبرتناڪ آهي.“

وهاب ٽارزن اسان جي گفتگو ٻڌي نه سگهيو. هن آدم کان پڇيو، ”آدم، سينيٽوريم ۾ داخل ٿيندين؟“

بشير ۽ مون اول وهاب ڏانهن ۽ پوءِ آدم ڏانهن ڏٺو.

آدم عجيب  لهجي ۾ پڇيو، ”ڇا اِهو ممڪن آهي؟“

”ڇو نه ممڪن آهي!“ وهاب ٽارزن مون ڏانهن ڏسندي چيو،  ”اوجها سينيٽوريم جي هڪ سهڻي نرس سان گدڙ جي سخت ياري آهي. ان ڪم ۾ هوءَ گدڙ جي چوڻ تي ضرور اسان جي مدد ڪندي. ڪيئن گدڙ!“

”ها، ها. ڇو نه مدد ڪندي!“  چيم، ”ڊمپل سوين دفعا مون کي سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ايلاز ڪري چڪي آهي.“

”آدم سان چرچا نه ڪر، شڪر!“ بشير ڪافر مون کي ڪن ۾ چيو، ”ورهيه ٿيا  جو آدم پنهنجي زندگي جو آخري ٽهڪ ڏنو هو. هينئر هو تنهنجي ڪنهن به ٿرڊ ريٽ لطيفي تي کلي نه سگهندو.“

آدم ويران نگاهن سان ڄاري واري ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”مون کي گذريل مهيني جي پگهار به نه ڏني اٿائون.“

”اسان جي ملڪ ۾ دفتري قاعدن جي بالادستي آهي، آدم.“ بشير چيو، ”تون ايڊهاڪ نوڪريءَ ۾ آهين. ايڊهاڪ وارن کي موڪل دوران پگهار نه ملندي آهي.“

بشير جي جملي ماحول کي وڌيڪ اُداس ڪري ڇڏيو. وهاب ٽارزن پنهنجو فولادي هٿ بشير جي ٻانهن ۾ وجهندي چيو، ”تون ماٺ ڪر، قاعدي قانون جا پٽ.“

ڪجهه گهڙين جي ماٺ ماحول ۾ اچي واسو ڪيو.

آدم اُماس جهڙي ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊاڪٽر مون کي کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا کائڻ لاءِ چيو آهي.“

”ته پوءِ کائين ڇو نٿو!“ بشير ڪافر زهريلي لهجي ۾ چيو، ”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا، الله سائينءَ جون نعمتون آهن ۽ اهي نعمتون انسان لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن.“

وهاب ٽارزن جهٽ ڏيئي،  بشير ڪافر کي  ڪنڌ کان وڃي ورتو. کيس ڌونڌاڙيندي چيائين، ”سڄو معاشرو تو جهڙن ڪڃر ڪافرن سان ڀرجي ويو آهي، جن الله جي نعمتن تي قبضو ڪري ورتو آهي.“

”الله جون نعمتون نه ٿيون، ڄڻ واڻين جون ڇڏيل ملڪتيون ٿيون- جنهن چاهيو، ڪليم ڀري قبضو ڪري ورتو.“ بشير پنهنجو ڪنڌ ڇڏائيندي چيو، ”اسان جي معاشري ۾ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن.“

وهاب ويهي رهيو، پر ڏند ڪرٽيندو رهيو ۽ چپن ۾ بشير کي بدشد ڳالهائيندو رهيو.

آدم پڇيو، ”اڄڪلهه بيدو گهڻي ملندو آهي؟“

دل گهاڻي ۾ بيڙجي ويئي.

”الله جي نعمتن جي هونءَ ته ڪا به قيمت نه هوندي آهي آدم.“ بشير ٽيڏي اک سان وهاب ٽارزن ڏانهن ڏسندي چيو، ”پر معاشري ۾ جڏهن الله جا باڊي گارڊ پيدا ٿيندا آهن، تڏهن اُهي الله جي تعمتن تي قبضو ڪري، انهن نعمتن جي قيمت مقرر ڪري ڇڏيندا آهن.“

”مان وڌيڪ هڪ لفظ برداشت ڪري نه سگهندس.“ وهاب ٽارزن هٿ مهٽيندي مون کي چيو، ”گدڙ، تون هن ڪافر جي اولاد کي سمجهاءِ ته پنهنجي بڪواس بند ڪري، ورنه خدا ٿو ڄاڻي چيري ڦاڙي ڇڏيندومانس.“

مون بشير کي چيو، ”اڙي ڪافر، تون ڪجهه دير لاءِ پنهنجي بڪواس بند نه ڪندين! توهين آدم کي ڏسڻ آيا آهيو، يا ڊبيٽ ڪرڻ آيا آهيو!“

بشير ۽ وهاب هونءَ ته ماٺ ڪري ويهي رهيا، پر هڪٻئي ڏانهن شوڪي ڏسندا رهيا. آدم چيو، ”هڪڙي ڏينهن منهنجي ماءُ صوف وٺڻ ويئي، ته ميوي واري کيس ڦٿل ناشپاتي ڏيئي ڇڏي.“

”اسان کي صوف بدران ڦٿل ناشپاتي نصيب ٿيندي آهي، آدم.“ چيم، ”۽ اسين ڦٿل ناشپاتيءَ کي صوف سمجهي کائي ڇڏيندا آهيون.“

ان وقت آدم جي ماءُ ٻاڪڙي واري کان ڪڙڪ چانهه جا چار گلاس کڻائي آئي- ٽي گلاس اسان ٽنهي لاءِ ۽ هڪ گلاس آدم لاءِ. آدم جو گلاس کٽ جي پاٽيءَ تي رکي هن ٻانهن جو سهارو ڏيئي آدم کي مٿڀرو ڪيو. وهاب هڪدم وبهاڻو ٻيڻو ڪري آدم جي پٺن هيٺان ڏيئي ڇڏيو. آدم ايتري تڪليف به برداشت ڪري نه سگهيو. هو سهڪي پيو. سندس نرڙ تي پگهر جي آلاڻ اُڀري آئي. اکيون بند ٿيڻ لڳس. وهاب هن جي پاسي کان ويهي رهيو. کيسي مان رومال ڪڍي آدم جو پگهر اُگهڻ لڳو. آدم اکيون کولي وهاب ٽارزن ڏانهن ڏٺو. وهاب کٽ جي پاٽيءَ تان چانهه جو گلاس کڻي آدم ڏانهن وڌايو. آدم ڪنبندڙ هٿن ۾ چانهه جو گلاس جهلي، سُرڪي ڀري. ڪجهه ڪجهه سامت ۾ آيو. چيائين، ”کير مهانگو ٿي ويو آهي نه، تنهنڪري مان چانهه پيئندو آهيان. ٻاڪڙي واري جي چانهه ۾ سرس کير هوندو آهي.“

”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا توکي سينيٽوريم ۾ جام ملندا. تنهنجو علاج به چڱي طرح ٿي سگهندو.“ وهاب جي آواز مان سندس دل جو درد جهاتيون پائڻ لڳو. هن آدم جي نرڙ تان وار هٽائيندي چيو، ”ڏسجانءِ. سينيٽوريم مان تون نوبنو ٿي نڪرندين ۽ وري منٽن ۾ منهنجو پنجو ميز سان لڳائي سگهندين.“

آدم جي اکين ۾ اُميدن جا غوراب غرق ٿي ويا.

”مون کي سمهاري ڇڏيو.“ آدم چيو، ”مان ٿڪجي پيو آهيان. مون کي سمهاري ڇڏيو.

وهاب آدم کي ڀاڪر ۾ ڀري مٿڀرو ڪيو. بشير آدم جي پٺن هيٺان ويهاڻو ڪڍي ورتو. وهاب آهستي آهستي آدم کي ليٽائي ڇڏيو.

آدم جون اکيون بند ٿي ويون.

اسين آدم جي گهر مان ٻاهر نڪري آياسين. گهر ٻاهران آدم جي ماءُ پَٽَ تي ويٺي هئي ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهي هئي. ۽ اُن کان پوءِ، ٽن مهينن تائين آدم اسان کان وسري ويو. هڪڙي ڏينهن مون آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو. هوءَ فوٽ پاٿ تي ويٺي هئي ۽ پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس.

آفيس پهچڻ شرط مون آدم جي ماءُ جي باري ۾ وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر سان ذڪر ڪيو. بشير کي منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار آيو. پر، وهاب منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. چيائين، ”گدڙ جي ڳالهه تي ائين ئي اعتبار نه ڪندس. سڀ ڪجهه وڃي اکين سان ڏسي ايندس.“

پڪ ڪرڻ لاءِ وهاب ٽارزن ريگل بس اسٽاپ ڏانهن هليو ويو. ڪجهه دير ۾ موٽي آيو. لوهه جهڙو جوان، بيد جي لڪڻ وانگر ڪنبي رهيو هو. چيائين، ”برابر آدم جي ماءُ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي. پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. هوءَ پني رهي هئي.“

اسان ٽنهي بيٺي پير آدم لاءِ آفيس مان چندو وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پڪو پهه ڪيوسين ته چندو آدم کي اڄ ئي گهر پهچائينداسين ۽ ٻئي ڏينهن هر حال ۾ آدم کي سينيٽوريم ۾ داخل ڪرائينداسين.

وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان آدم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم تي نڪري پياسين.

سڀ کان اڳ آفيس جي ايڊمنسٽريٽر کان چندو وصول ڪرڻ وياسين. کيس ٻڌايوسين، ته اسان آدم جي ماءُ کي پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.

ايڊمنسٽريٽر چيو، ”توهين ٽيئي پلستر آهيو ۽ ڪوڙ پيا ڳالهايو.“

وهاب ٽارزن اکين تي هٿ رکندي چيو، ”مون پنهنجين اکين سان آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“

”امپاسيبل- ناممڪن!“ ايڊمنسٽريٽر ميز تي مڪ هڻندي چيو، ”آدم کي نه هئي ڪا ماءُ ۽ نه ئي هو ڪو پيءُ.“

”ڳالهه ڏاڍي آدم جي ناهي.“ بشير چيو، ”اسين جونيئر ڪلارڪ آدم خان جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.“

”اڇا اڇا، اهو آدم!“ ايڊمنسٽريٽر ٻٽونءَ مان پنجاهه پيسن جو سڪو ڪڍي اسانکي ڏيندي چيو، ”مون آدم جي موڪل منظور ڪئي آهي. پر، موڪل دوران پگهار نه ملندس. مجبوري آهي. مان قانون بدلائي نه ٿو سگهان.“

ايڊمنسٽريٽر جي ڪمري مان نڪري اسين سپريڊنٽ جي ڪمري ڏانهن روانا ٿياسين.

نڪتو. اسان ٽنهي کي ورانڊي ۾ ڏسي چيائين، ”توهين ٽپتائي ڇا ڪري رهيا آهيو.“

چيم، ”اسين آدم جي دوا ۽ خوراڪ لاءِ چندو گڏ ڪري رهيا آهيون.“

”توهين غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهيون.“ هن چيو، ”آفيس ۾ چندو گڏ ڪرڻ ڏوهه آهي.“

بشير ڪافر چيو، ”اسان آدم جي ماءُ کي پنندي ڏٺو آهي، مسٽر سپريڊنٽ!“

وهاب ٽارزن سپريڊنٽ جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو ڏوهه آهي جو آدم جي ماءُ پني رهي آهي- خيرات گهري رهي آهي.“

سپريڊنٽ هيسجي ويو. کيسي مان ٻه رپيا ڪڍي اسان کي ڏنائين.

پنجن ڇهن ڪلاڪن جي جاکوڙ ۾ پنجيتاليهه رپيا گڏ ڪري ورتاسين. اهو مناسب نه سمجهيوسين ته چندي جا پيسا آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ وڃي ڏيئي اچئون. سوچيوسين، شام جو آدم جي گهر وينداسين آدم کي ڏسي اينداسين ۽ سندس ماءُ کي پنجيتاليهه رپيا ڏيئي ڇڏينداسين ۽ پوءِ، سچ پچ آدم کي اوجها سينيٽوريم ۾ داخل  ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

شام جو اسين ڀيم پوره وياسين. غليظ ۽ بدبودار گهٽيءَ ۾ جتي آدم جو ڪچو گهر هو، اتي پڪي اڏاوت واري عمارت ڏٺي سين. عجب ۾ پئجي وياسين.

وهاب ٽارزن در کڙڪايو.

ٺاهوڪي لباس ۾ هڪ نوجوان ٻاهر نڪري آيو. مون نوجوان کان پڇيو، ”هتي اڳ هڪ ڪچي جاءِ هوندي هئي، جنهن ۾ هڪ پوڙهي پنهنجي بيمار پٽ سان رهندي هئي.“

نوجوان اسان ٽنهي ڏانهن ڏسندي پچيو، ”توهين ان پوڙهيءَ جا مائٽ آهيو؟“

”مائٽ ته نه .......“ ڪو جواب سجهي نه آيو. چيم، ”اصل ۾ اسين .... ٽيئي...... منهنجو مطلب آهي، بشير ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان..... آدم جا.....“

نوجوان چيو، ”ٻه اڍائي مهينا اڳ ان پوڙهيءَ جو بيمار پٽ مري ويو هو.“

”ڇا!“ اسان ٽنهي جي وات مان رڙ نڪري ويئي، ”آدم مري ويو!“

”ها، آدم مري ويو.“ نوجوان چيو، ”پوڙهي پنهنجي ڪوٺيءَ جي مسواڙ ڏيئي نه سگهندي هئي. هوءَ هتان هلي ويئي. مون کيس ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“

منهنجو ساهه لُڪيءَ ۾ اٽڪي پيو. مون پنهنجو هٿ وهاب ٽارزن جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. وهاب برف وانگر ٿڌو ٿي ويو هو. بشير پٿر وانگر خاموش هو.

اسان کي گُم سم ڏسي، نوجوان چيو، ”لڳيم ٿو توهين ٽيئي اُن پوڙهيءَ جا مائٽ آهيو.“

اسين کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهياسين.

۽ پوءِ، اسين هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي جذبو کڻي ريگل بس اسٽاپ ڏانهن روانا ٿي وياسين.

ريگل بس اسٽاپ تائين اسان ٽنهي مان ڪنهن نه ڳالهايو.

خاموش رهياسين. ڪنڌ جهڪيل، ذهن سوچ ۾ وڪوڙيل! هلندا رهياسين.

ريگل بس اسٽاپ جي ڀرسان آدم جي ماءُ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي. پاسي کان آدم جو ايڪس ري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. سندس ڪنڌ نميل ۽ گوڏي تي رکيل هٿ کليل هو.

کيسي مان پنجيتاليهه رپيا ڪڍي ورتم. وک کڻڻ چاهيم، پر کڻي نه سگهيم. پير ڌرتيءَ کي چنبڙيءَ پيا. مون ۾ ايتري همٿ نه هئي جو چندي جا پيسا آدم جي ماءُ جي کليل هٿ تي رکي اچان. سندس کليل هٿ جي ريکائن مان مونکي وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. سندس کليل هٿ جي ريکائن ۾ مون

سندس کليل هٿ جي ريکائي ۾ مون کي اُها تحرير نظر آئي جنهن کي صدين کان ڪوبه ڏاهو پڙهي، سمجهي ۽ پروڙي نه سگهيو آهي. مان پر اسرار تحرير تي پنجيتاليهه رپيا رکي نه سگهيس.هڪدم پيسا وهاب ٽارزن کي ڏيندي چيم، ” آدم جي ماءُ کي پيسا ڏيئي اچ.“

” نه ، نه.“ وهاب ڪنبندي چيو، ” مان اهو ڪم ڪري نه سگهندس . نه ، نه مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي نه سگهندس.“ تڏهن، بشير ڪافر بنا ڪجهه چوڻ جي منهنجي هٿ مان پنجيتاليهه رپيا کڻي ورتا. هُن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ آدم جي ماءُ ڏانهن وڌي ويو.

بشير آدم جي ماءُ جي ڀرسان وڃي بيهي رهيو. هو کليل هٿ ڏانهن ڏسندو رهيو .

وهاب ٽارزن ۽ مان بشير ڪافر ۽ آدم جي ماءُ ڏانهن ڏسندا رهياسين .

بشير ، آدم جي ماءُ جي ڀرسان فٽ پاٿ  تي اوڪڙون ويهي رهيو. هن ڪنبندڙ هٿ سان پنجيتاليهه رپيا آدم جي ماءُ جي تريءَ تي رکي ڇڏيا. صدين جي پراسرا تحرير . جنهن کي ڪوبه پڙهي ۽ سمجهي نه سگهيو هو، پنجيتاليهه رپين سان ڍڪجي ويئي . بشير هڪدم اُٿي، ڄڻ واچوڙن ۾ ٿيڙ کئيندو، اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺو. پنهنجي سموري وجود سان ٿڙڪي رهيو هو. اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئس. ۽ پوءِ ڀڳل ۽ ٽٽل ڊٺل ۽ مسمار ٿيل لهجي ۾ چيائين ، ” مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي آيو آهيان.“ ۽ پو ءِ ، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو بشير کي مون سڏڪن سان روئيندي ڏٺو. 

 

ساڻو ساڻو ساهه

هيءُ منظر يونيوررسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ءَ مان ذري گهٽ سمورن ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن ڏٺو.

سامهون ميدان ۾، اٺن ڏهن ڇوڪرن جي هٿن  ۾ خُردم، هاڪيون . بيد جا لڪڻ ۽ کليل چاقو هئا. هو گولائيءَ ۾ بيٺا هئا . سندن وچ ۾ مجيد ڌرتيءَ تي اونڌي منهن ڪريو پيو هو. سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا . ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ جسم جي کل لهي ويئي هئس. سندس سنڌ سنڌ مان  رت وهي رهيو هو. گولائيءَ ۾ بيٺل شاگرد مان هڪ شاگرد جي هٿ ۾ پستول هو. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ڏانهن پستول سڌو ڪندي پنڊپهڻ ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ اُستادن کي رڙ ڪري چيو،”جيڪو  شخص عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مخالفت ڪندو، تنهن جو مجيد جهڙو حال ڪيو ويندو.“

جنهن شاگرد پستول تاڻي سوين شاگرد کي هبسائي ڇڏيو هو، سو قد جو بندرو هو. نڪ نبات جهڙو هوس. چپ ٿُلها، اکيون چنجهيون، ۽ نڪ شرناءِ جهڙو هوس. منهن جي کل گهڻن موئيڙن سبب گهنججي ويئي هئس. هو پريان ڏسڻ ۾ هوبهو ڪريلي جهڙو پئي آيو . هنجو اصلي نالو مان توهانکي نه ٻڌائيندس. هن ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ سندس ذڪر قاسم جي نالي سان ڪنداسين.

قاسم پنهنجي هڪ ساٿيءَ کان خردم وٺي، مُٺ ۾ قابو ڪري هوا ۾ ڦيرائيندي وڏي واڪ چيو، ” سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو اسان خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. آهي ڪٿي ڪو مجيد  جو ساٿي  - سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو ڪو ميمبر؟“

آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ۾ بيٺل  شاگرد جو ساهه سُڪي ويو. جن سڙٻاٽن ۾ ڳالهايو پئي، سي خاموش ٿي  ويا .

قاسم ڪريلو آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت آڏو ٻرانگهه کولي بيهي رهيو . پوءِ هن هٿ مٿي ڪري پستول مان ٽي هوائي فائر ڪيا ورانڊن ۾ بيٺل شاگرد ۽ استادن۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. ترسوي. منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو. اسين عوامي اسٽوڊنٽس فيبرريشن جاشاگرد نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جا مالڪ آهيون . قاسم ڪريلي چيو ” اڄ کانپوءِ ڪوبه شخص، شاگرد يا استاد، يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سنڌ جو نالو نه کڻندو. جيڪو ڄڻو جيئي سنڌ چوندو ، تنهن جي زبان تارون ءِ مان پٽي وٺبي.“

شاگرد ۽ استاد آهستي آهستي ٿي ورانڊن مان کسڪڻ لڳا. هو عمارت مان نڪري سامهون واري بس  اسٽاپ تائين وڃڻ بدران، هيسيل ۽ ڊنل ، عمارت جي پوئين پاسي کان نڪري ، ايڊمنسٽريشن واري بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳا. ٿوري دير ۾ ورانڊن مان اڌواڌ شاگرد ۽ ڪافي تعداد ۾ استاد هليا ويا.

قاسم ڪريلو موٽي وڃي پنهنجن ساٿين وٽ بيٺو، جيڪي قاسم جي مٿان ڳجهن وانگر ڪانڀ ڪڍي بيٺا هئا. قاسم سڌو مجيد جي مٿان وڃي بيٺو. ڪجهه دير تائين ڏانهنس ڏاڍي نفرت ۽ حقارت مان ڏسندو رهيو. پوءِ پستول کاٻي هٿ ۾ جهلي، ساڄي هٿ سان خردم ڦيرائي ، سموري طاقت سان مجيد جي چيريل چچريل پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين .مجيد جي رت هاڻن ڇٿيل چپن مان آه نڪري ويئي هو گهڙي کن لاءِ ڦٿڪي پيو، خردم جو ڌڪ ايڏي شدت سان لڳو هوس، جو ڪرنگهي وٽان سموري قميص ذراذرا ٿي ويس. هن پاسو ورائي پنهنجي مٿان بيٺل اٺن ڏهن ڄڻن ڏانهن ڏٺو جيڪي کيس رتو رت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي رهيا هئا. ڪريلي وڌي اچي پنهنجو پير مجيد جي  سڀني تي رکي ڇڏيو.سندس ساٿين ٽهڪ ڏنو.

ڪريلي خردم جو لوهي ڳنڍ وارو پاسو مجيد جي منهن ۾ هڻندي چيو، ” اڄ کان توهانجي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو دور ختم ٿيو، ۽ سنڌ عوامي  اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو دور شروع ٿيو آهي. اسين نئين سنڌ جا مالڪ آهيون.“ مجيد ويڻيءَ سان پنهنجن چپن تان رت اُگهي ، ڪريلي ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اکين جي پنبڻين ۾ رت جا ذرڙا ڄمي ويا هئس هو چٽيءَ طرح ڪريلي کي ڏسي نه سگهيو. هن هٿ جي تري سان اکين تان رت اُگهي ڇڏيو کيس ڪريلو چٽو ڏسڻ ۾ آيو.ڪريلي پنهنجي هڪ ساٿي کان چاقو وٺي هيٺ جهڪي مجيد جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو مجيد جو سڄو منهن ٺونشن ۽ بيد جي لڪڻن لڳڻ سبب ڦاٽي پيو هو،مٿي ۾ هاڪيون ۽ خردمن جا لوهه لڳا هئس مٿي ۽ نرڙ مان وهندڙ رت منهن جي سوچ ۽ نيراڻ سان ملي وڍن ۾ ڀر جي ويو هوس کيس ايترا ڌڪ لڳا هئا جو ڌڪن جو احساس ختم ٿي ويو هوس. هن ڪنڌ پاسيرو ڪري رت جي گرڙي ڪري ڪريلي ڏانهن ڏ‎ٺو ڪريلي چيس، مجيد جيڪڏهن اسين تنهنجا آنڊا ڪڍي ڇڏيون، تڏهن به اسانجو وار ونگو ٿي نه سگهندو.“  ” تون فقط منهنجا آنڊا ڪڍي سگهندين، قاسم.“ مجيد ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو ” پر، تون تاريخ جا آنڊا ڪڍي نه سگهندين. تاريخ تنهنجا انڊا ڪڍي ڇڏيندي.“

قاسم ڪريلي، مجيد جي منهن ۾ ٿڪ هڻي ڪڍي. مجيد ٻئي هٿ پنهنجي سڀني تي کپايل قاسم جي ٽنگ ۾ وجهي ڇڏيا ۽ پوءِ رهيل کهيل سموري سگهه سان قاسم جي ٽنگ کي مروڙي ، قاسم کي پنهنجي پاسي ۾ ڪيرائي ڇڏيو قاسم ڪويلو چوطاق ڪرڻ کانپو وائڙو ٿي ويو مجيد پاسو ورائي مٿان وڃي پيس ان جدوجهد جي اکين اڏو اوندهه اچي ويئي هڪ ٿلهي بيڊولي ۽ ڀوائتي شاگرد جنهنجي منهن تي وڏيون وڏيون مڇون هيون ۽ پاڻ ڪنهن وڏيري جي اولاد لڳي رهيو هو تنهن پوري زور سان مجيد کي پاسراٽين ۾ لٽ وهائي ڪڍي.

مجيد عذاب ۾ ٻيڻو ٿي ويو گوڏا وڃي سڀني سان لڳس . قاسم ڪريلي موقعو وٺي هڪدم منهن تي پستول جي نالي هڻي ڪڍيس لوهي نالي نڪ تي لڳس ۽ نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس مجيد ٻئي هٿ منهن  تي رکي قاسم جي مٿان هٽي ويو ٿلهي ۽ ڀوائتي شاگرد کيس پيٽ ۾ لت هڻي  ڪڍي ۽  هو ڌڪ کائي پٺي ڀر وڃي مٽي ۾ ڪريو 

قاسم ڪريلو ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو هو هڪ گهڙي جي شڪست ۾ پڄرڻ لڳو هواٺن ڏهن سنڌ عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پهلوانن جو اڳواڻ هو کيس پنهنجي ڪرڻ جي احساس ڏنڀ ڏئي  ڇڏيو هو ذري گهٽ  ڇتو ٿي پيو هن هيٺ جهڪي چاقوءَ جو ڦرو مجيد جي لوندڙي ۾ ٽنبي سٽ ڏيئي سندس نرڙ کي ڦاڙيندي چاقوءَ ٻي لوندڙي ۾ وڃي ٽنبيو. تڏهن هڪ آهه يونيورسٽيءَ جي بيرحم ۽ سخت ڏونگرن سان مٿو هڻندي، پڙاڏا ڪندي، ڪارونجهر ۾ لاکي ڦلاڻي ءَ جي آهه سان وڃي ملي.

قاسم ڪريلي، سندس بهادر ساٿين، ۽ ورانڊن ۾ بيٺل بچيل سچيل شاگردن آرٽس فيڪٽيءَ جي ٻاهرين ٺلهه ڏانهن ڏٺو جتان عرش کان اوچي آهه اڀري هئي.

ٻاهرين ٺلهه وٽ هڪ  سانوري ڇوڪري بيٺي هئي. کيس ڇيٽ  جا ڪپڙا پاتل هئا. سندس ٻئي هٿ ٺلهه ۾ قابو ٿي ويا هئا، ۽ هوءَ ٺلهه جي موزيڪ سان لڳي روئي رهي هئي جنهن وقت قاسم ڪريلي مجيد جي لوندڙي ۾ چاقو ٽنبي سٽ سان سندس نرڙ چيري ڇڏيو هو، تڏهن هن چاهيو هو ته هوءَ ڊوڙندي وڃي ۽ مجيد کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي سندس رتوڇاڻ منهن پنهنجي سڀني ۾ لڪائي ڇڏي پر هو ائين ڪري نه سگهي هئي صدين جي روايت کي ٽوڙي نه سگهي هئي ٽوڙي سگهي هئي ته پنهنجي دل ! جڏهن ضبط ڪري نه سگهي،تڏهن هڪ آهه اندر مان اڀرندي هوائن کي چيريندي جبلن ٽڪرن مان وچڙندي آڪاس تائين هلي ويئي هئي هو ڦتڪندڙ دل، ۽ آلين اکين سان ميدان ڏانهن ڏسي رهي هئي جتي مجيد ڌرتيءَ تي پيو هو، ۽ قاسم ڪريلو ۽ سندس سورهيه ساٿي دائري ۾ بيٺا هئا.

” ثريا، ڏسي ڇڏ مجيد ڀڙوي جي حالت. قاسم ڪريلي مجيد ڏانهن اشارو ڪندي  رڙ  ڪري چيو، ” هن ماءُ جي تنهنجين اکين ۾ شاهه لطيف جو سُر سارنگ ڏٺو آهي تون ئي سمجهائينس ته ماڻهوءَ جو پٽ ٿي ۽ اسان جي مخالفت ڇڏي ڏئي ورنه بڇڙو ڪري مارينداسينس.“

ثريا روئيندي رهي. هوءَ مجيد سان گڏ سوشيالا جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي هئي. هوءَ سانوري جنهنجي اکين ۾ مقناطيس جهڙي ڪشش هئي، ۽ جنهن تي يونيورسٽي ءَ جا اڌ کان وڌيڪ شاگرد ۽ استاد عاشق هئا، سا فقط مجيد لاءِ ماندي هئي. کيس فقط مجيد وڻيو هو، جيڪو خالي پيرڊن  ۾ ۽ موڪل کان پوءِ کيس شاهه لطيف جي بيتن جي عجيب ۽ حيران ڪندڙ معني ۽ مفهوم ٻڌائيندو هو. ساڻس چيگيوارا، هوچي منهه، ياسرعرفات، ۽ جپان جي آپگهاتي گوريلن جون ڳالهيون ڪندو هو. ۽ پوءِ جڏهن  سرڪاري ڪامورن وڏن فنڊن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي وجود ۾ آندو، ۽ شاگردن کي واڱڻ، ڀينڊين ۽ پٽاٽن وانگر خريد ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن ثريا سمجهي ويئي هئي، ته مجيدجنهنجو وچن ويڙهيچن سان آهي، سو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ڇڏي ڪنهن به آڇ ، ڪنهن به لالڇ ۽ ڪنهن به واعدي تي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيندو.

مجيد عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيو هو. هن عوامي اسٽوڊيشن فيڊريشن جي آقائن ۽ سرپرستن جي هرڪا آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي. هن پاڪستان جي شاگرد وفد سان گڏ آمريڪا ۽ يورپ گهمڻ جي آڇ تڏي - پنج سورپيا هر مهيني جي کيسي خرچيءَ جي لالڇ ٿڏي ڇڏي. هونڊا موٽرسائيڪل ۽ ويسپا اسڪوٽر جي پيشڪش ٿڏي ڇڏي. هو  سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل هو. هن پاڻکي وڪڻڻ بدران عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ۾ بيهاري ڇڏيو. کيس ان مخالفت جي قيمت جي خبر هئي. هو  قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان اڪيلي سر وڙهي، فرد جي اهميت، ۽ انفراديت متعلق پنهنجي نظر يي کي سچو ثابت ڪري رهيو هو.هو اڪثر چوندو هو  ته ؛ قومون، گروهه، ۽ جماعتون شڪست کائي سگهن ٿيون، پر فرد، هڪ هيڪلو انسان، ڪڏهن به شڪست کائي نه ٿو سگهي. هو رتوڇاڻ ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي نظريي تي قائم هو. قاسم ڪريلي جي حڪم  تي ٻن  ڄڻن مجيد کي ٻانهن کان جهلي. ڇڪي ، اُٿاري بيهاريو.

بيهڻ شرط سمورو يونيورسٽي ڪيمپس مجيد جي نگاهن ۾ ڌڏي ويو. هن رت هاڻين اکين سان آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ڏٺو. سموري عمارت کيس ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر آئي. هن ويڻي جي پٺ سان اکين تان رت اُگهي، ٻيهر عمارت ڏانهن نهاريو . کيس عمارت ڪجهه ڪجهه چٽي نظر اچڻ لڳي.

” مجيد سوئر جا پٽ ماءُ جا – غور سان ڏس . سامهون ٺلهه وٽ ثريا رنڊي بيٺي اٿئي، جنهنجي اکين ۾ تو شاهه جو سُر سارنگ ڏٺو آهي.“ ڪريلي خارن مان مجيد کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي، ڏند ڪرٽيندي چيو، ” تون جيڪڏهن اسانجي مخالفت بند نه ڪندين، ته خدا رسول جو قسم آهي، اسين ثريا کي زوريءَ کڻي وينداسين ۽ پوءِ خبراٿئي اسين ساڻس ڪهڙي تعدي ڪنداسين؟“ ” قاسم.“ مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان ۽  ڀڳل ٽٽل لهجي ۾چيو، ” توهين ثريا سان اُها ئي تعدي ڪندا، جيڪا جميله ۽ ليليٰ سان فرانسيسي ۽ يهودي دهشت پسندن ڪئي هئي . ان کان وڌيڪ توهان ثريا سان ڪابه تعدي ڪري نه سگندا.“

قاسم ڪريلي ، ڀر ڪري مجيد کي منهن ۾ چماٽ وهائي ڪڍي. پنهنجي سائين کي حڪم ڏيندي چيائين، ” اڙي وٺي هلو ماءُ جي – کي فيڪلٽي بلڊنگ ڏانهن.“

پوءِ ، اٺ ڏهه عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا پهلوان، ۽ جوڌا جوان هيڪلي مجيد کي لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا، ڌڪاڏيندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ٿڏينداآيا.هو جڏهن عمارت جي ڏاڪڻ ڀرسان ٻاهرين ٺلهه وٽ پهتا، تڏهن ڪريلي جي حڪم تي بيهي رهيا. ڪريلي مجيد جي وارن ۾ مٺ وجهي، سندس منهن مٿي ڪندي چيو، ” ڏس، ٺلهه وٽ ڪيو بيٺي آهي؟“

ايترن ڌڪن کائڻ کانپوءِ به مجيد هوش ۾ هو ، سامت ۾ هو. هن ٺلهه ڏانهن ڏٺو.

ٺلهه جي ميوزيڪ تي منهن رکي ثريا روئي رهي هئي. مجيد ڦاٽل چيريل ۽ ڇٿيل چپن سان مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي انگريزيءَ ۾ ڇيو، Forgive them,o. Lord for they donot know what they are doing“ ان وقت هڪ ڇوڪري، کيس پٺن تي هاڪي وهائي ڪڍي ۽ هويولاٽيون کائيندو سڌو وڃي ثريا جي پيرن وٽ ڪريو ثريا صدين جي قدامت پرست روايتن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا هن مجيد جو رتوڇاڻ منهن پنهنجن ٻانهن ۽ سڀني ۾ لڪائي ڇڏيو گهڙي کن لاءِ آرٽس فيڪلٽي جي ورانڊن ۾ چوٻول ٿيو ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.

” پنهنجي- جي حياتي چاهين ٿي ، ته سمجهانئينس. مُڙي وڃي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ڇڏي ڏي.“ ڪريلي ثريا کي چيو ، ” مجيد جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو تيستائين کيس يونيورسٽي ڪيمپس مان جيئري ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين .‎“

ثريا کين جواب نه ڏنو . هو ءَ روئيندي رهي. ” سمجهائينس ميس ميس نه ڪر.“ قاسم ڪريلي ثريا کي چيو ، ” اجايو مفت ۾ مارجي ويندو.“ ” مجيد ، مجيد.“ ثريا ساهه روڪي، سڏڪن ۾ چيو، ” هيءُ توکي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ ڪجهه لکرائڻ ٿا چاهين.“ مجيد جي ندڙ مان وهندڙ رت ثريا جي قميص جو آڳو آلو ڪري ڇڏيو . ثريا سندس منهن پنهنجي سيني کان ڌار ڪندي چيو ، ”مجيد اکيون کول. مونڏانهن ڏس.“ مجيد رت هاڻيون اکيون کولي ثريا ڏانهن نهاريو. هوءَ مجيد جي اکين ۾ تڪليف جو احساس ڏسي نه سگهي. مجيد مُرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ” اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“ ” ائين نه چئه ائين نه چئه .“ ثريا مجيد جي چيريل چچريل منهن وري پنهنجي سڀني ۾ لڪائي ڇڏيو. پوءِ قاسم ڪريلي ڏانهن ڏسندي چيائين ، ” ڏسو ته توهان مجيد کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي. هينئر کانئس پنهنجي حمايت ۾ بيان ٿا ڪڍايو!“ ” ها . جيستائين دم ۾ دم اٿس ، کيس هر حال ۾ عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڪڍڻو پوندو.“ قاسم پستول سڌو ڪندي چيو ” نه ته مجيد جو موت يقيني آهي.“ مجيد ثريا جي سڀني مان منهن ڪڍي وسامندڙ اکين سان قاسم ڏانهن ڏسندي ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيو ” مونکي موت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ ، قاسم.“ ” موت!“  قاسم حيران ٿي ويو. چيائين، ”موت ،بس موت آهي.“ ” توکي خبر ناهي قاسم . ته ڪجهه انسانن لاءِ موت ابدي زندگي جو سبب ٿي پوندوآهي!“ ” بڪواس پيو ڪرين .“ ” ۽ ڪجهه ڪانيرن لاءِ زندگي چپي چپي تي مرڻ جو سلسلو ٿي پوندي آهي.“ ”مٿي تي هاڪيون لڳيون اٿئي تنهنڪري وڦلين پيو.“ مجيد ساڻو ٿي ، پاڻکي ثريا جي پيرن وٽ ڏاڪي تي ڇڏي نرڙ تي رکيو.

جنهن ٿُلهي، ۽ بيڊولي شاگرد مجيد کي پاسراٽين ۾ لت هنئين هئي، تنهن وڌي اچي ڪريلي جي ڪن ۾ ڪجهه چيو. ڪريلي هڪدم منهن  ورائي پوئتي نهاريو. پريان ، ڪاري رنگ جي هڪ سرڪاري ڪار اچي رهي هئي. ڪار، آرٽس فيڪلٽي جي عمارت کان ڪجهه پرڀرو بيهي رهي ۽ سندس ساٿي ڪار ڏانهن هليا ويا. لڙيا ڪريلو مجيد کي ڪلهي کان وٺي ڌونڌاڙيندي سڏ ڪيو، ” مجيد، مجيد.“ مجيد اکيون کولي ثريا ڏانهن ڏٺو . پوءِ جهيڻي آراز ۾ چيائين، ” مونکي هتان وٺي هل، ثريا.“ ” پر،.......“ ” دير نه ڪر، ثريا مونکي ڪيمپس مان  وٺي هل.“ ” پر مجيد هن قاسم.“ ” مان ڪجهه دير کانپو مري ويندس .“ مجيد چيو، ” مونکي ڇهن سالن جو هڪ ننڍڙو ڀاءُ آهي . مان هنجي سامهون پويان پساهه پورا ڪرڻ چاهيان ٿو.“ ” ائين نه چئه، ائين نه چئه مجيد .“ ثريا روئي پئي . چيائين، ” تون نه مرندين . مان توکي مرڻ نه ڏيندس.“ ” اسان رڻ ۾ لائون لڌيون آهن.“ مجيد آهستي آهستي چيو، مونکي سهاڙو ڏيئي اُٿاري بيهار  ، ثريا.“ ” پر قاسم چيو آهي ته تون جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان نه ڪڍندين ، تيستائين توکي ڪيمپس مان ٻاهر وڃڻ نه ڏيندا.“ ” مونکي ڪوبه روڪي نه سگهندو.“ مجيد چيو. ” مان  پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ويندس مونکي اٿاري بيهار ثريا.“ ثريا مجيد کي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي، اک ٽيٽ ڪري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن ڏٺو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي سرڪاري موٽر ۾ ويٺل هڪ نو جوان ڪاموري سان ڳالهائي رهيا هئا. ثريا ڪوشش ڪري مجيد کي اٿاري ويهاريو پوءِ کيس پنهنجي ٻانهن ڏيندي ٺلهه جو سهارو وٺندي آهستي آهستي اٿاري بيهاريو پيرن تي بيهڻ شرط مجيد کي اکين آڏو اوندهه اچي ويئي مڙهيل چاڪ چڪي پيس ڪرڻ تي هو جو ثريا سهارو ڏيئي ٺلهه جي ميوزيڪ سان بيهاري ڇڏيس مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان پاڻ سنڀالي ورتو پو هڪ هٿ ثريا جي ڪلهي تي رکي ٻئي سان سڀني جي زخمن مان وهندڙ رت کي روڪيندي هو ٺلهه وٽان هٽي ويو ۽ پو ٽي ڏاڪا لهي فيڪلٽي عمارت جي سامهون ميدان ۾ وڃي بيٺو ورانڊي ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو وات ڦاٽي ويو هو اچرج وچان مجيد ۽ ثريا ڏانهن ڏسڻ لڳا. مجيد ٿڙندو ٿاٻڙندو ثريا جو سهارو وٺندو فيڪلٽي عمارت جي سامهون رستي جي وچ ۾ وڃي بيٺو اُتان ڦري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي نوجوان ڪاموري سان ڳالهائي گد گد ٿي رهيا هئا. ڪامورو سندن ڪارڪرد گيءَ تي خوش هو ۽ کين چئي رهيو هو ” توهين نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جو نئون نسل آهيو اوهين انقلابي شاگرد اسانجي سڀ کان وڏي طاقت آهيو قوت آهيو توهان سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کي مڪمل طرح ختم ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ خاص ڪري اڄ ته توهان ڪمال بهادري جو ثبوت ڏنو آهي اهڙا جوڌا جوان ورلي پيدا ٿينداآهن.“ ڪريلي خوش ٿيندي ڇيو، ” سائين اوهانجا ٻانها آهيون .“ ڪاموري هڪدم چيو، ” قاسم تنهنجو هي ٽولو تنهنجي سربراهي ءَ ۾ اسين يورپ جي دوري تي موڪلينداسين.“ ” مهرباني، مهرباني.“

” اسان توهان سڀني لاءِ گزيٽيڊ نوڪرين جو به بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“ ” لک ٿورا، سائين .“ ” توهانکي پلاٽ ۽ پرمٽون به ڏنيون وينديون.“ ” سائين.“ هڪ جانٺي جانٺي شاگرد چيو ”مونکي ڪجهه نه گهرجي مون کي فقط ڪنهن ٿاڻي جو صوبيدار ڪرائجو.“ ” سڀاڻي آرڊر منهنجي آفس مان کڻي وڃجانءِ. “ ” ۽ سائين مونکي ايڪسائيز ۽ ٽيڪنيشن آفيس ۾ لڳرائجو.“ ” تون به آرڊر سڀاڻي منهنجي آفيس مان وٺي وڃجان.“ پوءِ قاسم کان پڇيائين . ” قاسم توکي ڪا خاص نوڪري وغيره گهرجي ڇا؟“ ”مونکي چانور ۽ بنا گيهه پستي سمگل ڪرڻ جي پرمٽ وٺي ڏيو .“ قاسم ڪريلي چيو. نوجوان ڪاموري ٽهڪ ڏنو. چيائين . ” تنهنجي لاءِ اهو ڪم ڪيو باقي مجيد جو ڇا ٿيو؟“ ” سوئر کي اُها ڌمال ڪڍي اٿئون جو سڄي ڄمار ياد رکندو“ ” عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڏنو اٿائين؟“ نوجوان ڪاموري چيو، جيڪڏهن بيان نه ڏنو اٿائين، ته پوءِ حرامزادي کي Tortureڪري به بيان وٺو اهو تمام ضروري آهي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيز يشن کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ لاءِضروري آهي ته مجيد کان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾بيان ڪڍائجي.“ ” بيان ڪيئن نه ڏيندو. سائين.“ قاسم ڪريلي چيو اسان چيو اٿس ته جيڪڏهن عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو ته کيس جيئري يونيورسٽي ڪيمپس مان باهر وڃڻ نه ڏينداسين.“ ” مان يونيورسٽي ڪيمپس مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان قاسم.“ مجيد رهيل سهيل سگهه سان وڏي واڪ چيو، ” مان وڃي رهيو آهيان .“ قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين کان ڇرڪ نڪري ويو هنن هڪدم منهن ورائي مجيد ڏانهن ڏنو . مجيد بس اسٽاپ ڏانهن وڌي رهيو هو. سامهون بس اچي رهي هئي . قاسم ڪريلي پستول سڌو ڪيو. رڙ ڪندي ڇيائين، ” بس ڏانهن وک وڌائيندين ، ته اڦٽ ماريندوسان.“ بس، بس اسٽاپ وٽ اچي بيٺي مجيد ثريا جو سهارو وٺندو آهستي آهستي بس ڏانهن وڌڻ لڳو . ” بيهي رهه مجيد.“ قاسم چيو ، ” نه ته مان گولي ٿو  هلايان .“ مجيد بس وٽان منهن ورائي پوئتي نهاريندي چيو ، ” سيئي حوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا.“ ” ته پو ڪرڻ لا  تيار ٿي “ قاسم پستول جي گهوڙي تي آڱر رکي ” ترس “ ڪاموري کيس گولي هلائڻ کان روڪي ڇڏيو ڇيائين ” مجيد کي وڃڻ ڏيو“ مجيد بس جي فٽ بورڊ وٽ ڪري پيو ثريا ۽ هڪ ٻن سهارو ڏيئي اٿاري بس ۾ آندو. نوجوان ڪاموري ڪريلي کي چيو” مون کي هڪدم فون ڪرڻي آهي ”اچو سائين“ ڪريلي چيو آرٽس فيڪلٽي جي ڪنهن به ڊپارٽينٽ امان اوهين فون ڪري سگهوٿا “ نوجوان ڪامورو قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان گڏ فون ڪرڻ لاآرٽس فيڪلٽي جي بلڊنگ ڏانهن هليو ويو جنهن وقت هو ٻاهرئين ٺلهه وڏان ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي ورانڊي ۾ داخل ٿي رهيا هئا ان وقت بس زوڪاٽ ڪندي شهر ڏانهن رواني ٿي ويئي بس جا سمورامسافر جيڪي سائنس فيڪلٽي جا شاگرد ۽ ڪيمپس جا ملازم هئا “ حيرت وچان مجيد ڏانهن ڏسڻ لڳا هو پاڻ ۾ ڀڻڪا ڪري ڳالهائڻ لڳا مجيد هنن لاءِ نئون نه هو ثريا به هنن لاءِ نئين نه هئي پر ٻنهي کي رت هاڻو ڏسي سڀئي تپرس ۾ پئجي ويا هئا .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com