سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :3

4

د. با. موڪاشي

 

مون تي ڪهاڻي لک!

سورهن سالن جي عمر ۾ مان هڪ مشهور ليکڪ هوس، اَسان جي گهٽيءَ ۾ ڪٿي به، توهان کي منهنجو نالو ٻڌڻ ۾ اَچي ها. اِئين ڏسجي، ته منهنجي هڪ به ڪهاڻي ڇپي ڪانه هئي، پر گهٽيءَ مان ننڍا وڏا واٽهڙو، ايندا ويندا هئا، ته اَسان جي گهر جي دريءَ ڏانهن منهن ڪري، وڏي واڪي پڇندا هئا، ”ڪيئن ليکڪ؟ ليک پيو لکين ڇا؟“

اُنهن بيوقوفن کي ليک ۽ ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ فرق جي به ڄاڻ ڪانه هئي! پوءِ سندن اِهو گفتو ٻڌي، مان پاڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس؛ ۽ اُن وقت بابا جيڪي پئسا موڪليا هوندا هئا، اُنهن جو اَگر حساب چالو هوندو هئو، ته پنجن رپين جو حساب ڪتاب نه ملندو هئو، ته اُهو ’متفرقه‘ کاتي ۾ لکي ڇڏيندو هوس. حسابن جهڙي خسيس ڳالهه ۾ من لڳائڻ، ڪو ليکڪ جو ڪم آهي؟

سورهن سالن جي عمر! هر ڳالهه ڪرڻ تي دل ٿيندي هئي، پر ڪابه ڳالهه پوري ڪانه ٿيندي هئي. جنهن تنهن سان پيار ڪرڻ تي دل ٿيندي هئي، پر من ڪٿي به ٿر ڪونه پائيندو هئو. گهاگرو پائيندڙ ڏهن سالن جي ڇوڪري به سهڻي لڳندي هئي ۽ ساڙهي پائيندڙ پنهنجي عمر جي ڇوڪريءَ سان به دوستي ڪرڻ تي دل ٿيندي هئي.

اِنڪري، جڏهين پاڙي ۾ رهندڙ راگڻيءَ (عمر ڏهه سال!) روئندي روئندي، ڪمري ۾ اَچي جڏهين مون کي چيو، ”’نانا‘! هينئر جو هينئر مون تي ڪهاڻي لک!“ تڏهين مان قلم تيار ڪري اٿيس، راگڻي مون کي وڻندي هئي. اِن ڪري اَگر مان چڙيس ته اِن ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه هئي؟ پڇيومانس، ”ڪهڙي ڪهاڻي لکان؟ هڪ راگڻي نالي پياري....“

مون کي اَڌ ۾ ئي روڪي هوءَ چوڻ لڳي، ”اون هون! منهنجو نالو وجهڻو ڪونهي ـــ اِهو ئي ته منهنجو شرط آهي!“

”شرط قبول آهي اڳتي.؟“

”ڪهاڻي هيئن هجي ـــ هڪ شهر ۾ ’راڌا‘ نالي هڪ ڇوڪري رهندي هئي. عمر مون جيتري، پڙهيل مون جيتري ئي، گهر، منهنجي گهر جهڙو ئي، ۽ ماءُ به منهنجيءَ ماءَ جهڙي، پيءُ جي باري ۾ سٺو لکڻو آهي، پر ماءُ جي باري ۾ تمام خراب لکج. راڌا کي هڪ ڀيري پنج ـــ والي ساڙهي پائڻي هئي، پر سندس ماءُ ڏاڍي خراب هئي نه؟ آس پاس جون سڀ ڇوڪريون ساڙهي پائينديون هيون ـــ اُهي ڇا سڀ خراب ٿي ويون؟ پوءِ به راڌا جي ماءُ...“

پر اوچتو زور سان سڏڪو اچڻ ڪري، راڌا جي ڪهاڻي، راگڻيءَ کي آڌ ۾ ڇڏڻي پيئي. پاڙي پٽ جي ڇوڪرين کي پيل پنج ـــ واليون ساڙهيون، پنهنجو ضد، ماءءُ جي ناڪار ـــ سڀ کيس ياد پيو هوندو. مون کي مٿس قياس اَچي ويو. چيومانس، ”راگڻي! بس ڪر. اَهڙي ڪهاڻي ٿو لکان جو تنهنجي ماءُ توکي هڪ ڇا، ٻه ساڙهيون وٺي ڏيندي! ماءُ جو اهڙو ته خوفناڪ چتر ٿو چٽيان، جو اَصل پڇ ئي نه!... ظالم، کنڌ کنڌ ڪندڙ، ڪاري، مارڪٽ ڪندڙ ـــ اَصل پاڙي پٽ ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل به ڪانه رهندي!“

تاڙيون وڄائيندي هن چيو، ”ها ها اهڙي تي لک!“ اُن بعد مان بلڪل گنڀير ٿي، ڪهاڻي لکڻ لڳس. اِن شؤق ۾، اِهو منهنجي ڌيان ۾ ئي ڪونه آيو ته اِن وچ ۾ راگڻي پنج ـــ والي ساڙهي پائي، نمائش ڪرڻ لاءِ رستي تي پئي گهمي ڦري، راگڻي جي ڪهاڻيءَ جي سٽا سان ملندڙ جلندڙ ڪهاڻيون پڙهي، اُنهن مان ڪيترا ئي ٽڪرا اُتاري رکيم. ’ڪيڪئي‘ جا گهڻائي ’گڻ‘ ڪم ايندا، ان ڪري ’ڪيڪئي‘ جون ڳالهيون پنهنجي چؤنپڙي ۾ درج ڪري ڇڏيم. ”غريب راڌا ـــ کنڌ کنڌ ـــ کاڌي ماءُ“

اَهڙو خؤفناڪ دل ـــ ڀڄائيندڙ سرو ڏنم ڪهاڻيءَ کي. مهيني کن ۾ ڪهاڻي لکي ورتم. پوءِ راگڻيءَ کي سڏايم. رعب وچان ڪهاڻي ڏني مانس، هن ڪهاڻيءَ جو عنوان پڙهي چيو،”اَلا! جيڪا ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو هئومانءِ، اَهائي آهي؟ پڙهان ٿي، هان!“

هوءَ ڪهاڻي پڙهڻ لڳي. مان هن ڏانهن يڪ ٽڪ نهارڻ لڳس... اَکين جا ڇپر ڇنڀيائين... هاڻي ڪجهه کلي پيئي... جيئن ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن جي چهرن تي اُڀرندڙ ننڍا ڀاوَ، ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ جاچيندا رهندا آهن، تيئن ئي مان ڪري رهيو هوس. ڪهاڻي ڪيئن لڳنديس؟ وڻنديس يا نه؟

نيٺ ڪهاڻي پڙهي پوري ڪيائين، ڪهاڻي واپس منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين، ”ڪهاڻي ڪيتري نه خؤفناڪ لکي اَٿيئي! اَسان جي ماءُ ايتري کنڌ کنڌ ڪندڙ، ايتري ڪاري، ايتري ظالم آهي ڇا؟ نه، ’نانا‘ نه! اَمان ڪيتري نه سنيهه ـــ مئي آهي. هوءَ ڳالهاوَ ڏيندي آهي- پر من مٿان، تنهن ڏينهن مان اسڪول مان واپس موٽيس ته ٻه پنج ـــ واليون ساڙهيون منهنجي لاءِ آڻي رکيون هئائين. هيءَ ڏٺي اٿيئي؟ ڪيتري نه سهڻي آهي؟

پر ساڙهيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جيترو هوش مون ۾ هئو ڪٿي؟ چيومانس، ”پر پاڻ فيصلو ڪيو هئوسين، نه...“

”اُن وقت مون کي غصو لڳو هئو، اِنڪري رني هيس ۽ توکي چيم هئم، پر، انڪري ڇا منهنجي ماءُ کي کنڌ کنڌ ـــ کاڌي ۽ ظالم سڏيندين؟“

غصي وچان هوءَ اُتان هلي ويئي.

اِن ڳالهه کي پنج سال ٿي ويا. راگڻيءَ کي ساڙهيءَ لاءِ ضد ڪرڻ لاءِ هاڻ ڪو سبب ئي ڪونه هئو. اسان جو ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، اَڳي جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهٽجي ويو هئو. هاڻ منهنجون هڪ ٻه ڪهاڻيون شايع ٿي چڪيون هيون، اِن ڪري مان ’سيکڙاٽ‘ ليکڪن جي فهرست ۾ داخل ٿي چڪو هوس.

ڪن ڏينهن کان راگڻيءَ جي باري ۾ ڀڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ اَچڻ لڳي هئي، ڪو چوندو هئو، هوءَ اسڪول جو بهانو ڪري ٻاهر وڃي ٿي ۽ هڪ ڇوڪري سان گڏ پيئي گهمي، آهستي آهستي اُن ڇوڪري بنسبت سموري معلومات ملي ويئي. ڪنهن ڇاپخاني ۾، هوُ منشي هئو. کيس شاعريءَ جو شوق هئو. اِنڪري ئي ٻنهي جي واقفيت ٿي هئي.

هڪ ڏينهن شام جو راگڻي منهنجي ڪمري ۾ آئي، روئي روئي منهن ئي سڄي پيو هوس. اَندر اَچي، مون ڏانهن ڏسڻ بنا ئي، ميز ويجهو وڃي، ميز تي مٿو رکي، هوءَ روئڻ لڳي. مون ڪجهه به ڪونه چيو. ٿوري دير کان پوءِ، هن ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”’نانا‘! پيار ڪرڻ گناهه آهي ڇا؟“

مون چيو، ”اِئين ڪير ٿو چوي؟“

”تون ڪهاڻيون لکين ٿو، پريم جي باري ۾ تون وڌيڪ ڄاڻين، ڪنهن بگهڙ جيان مون تي سڀ ٽٽي پوندا آهن، ڇو؟ چون، ڇا ٿا، منهنجو هڪ ڇوڪري سان پيار آهي، پيار کانسواءِ مان جي ڪانه سگهنديس، ڙي!“

مون ڪجهه به ڪونه چيو، هن جوش وچان چيو، ”هو غريب آهي ـــ هوندو! ٻيءَ ذات جو آهي ـــ ته ڇا ٿي پيو؟ ماڻهن جو ڪو ڊؤل ڪ چمٽو؟ اَسان جي ڀت ۾ ڪٻر وجهڻ ڇو ٿا اچن؟ چؤ’نانا‘! توکي چڙ نه ٿي لڳي؟ تون ليکڪ آهين. ههڙن دشٽ ماڻهن تي ڪهاڻي ڇو نٿو لکين؟ اَهڙن ماڻهن کي سماج اَڳيان کڙو ڪري، تون ڇو نٿو چوين ته جوان دلين کي ٺيس رسائيندڙ، هي سماج جا گنهگار آهن؟ مون کي ئي ڏس! بابا مون کي چار ڏينهن بند ڪري رکيو هئو. اَمان مون کي قسمين قسمين جا ڳالهاوَ ڏٺا، گهر کان ٻاهر، ماڻهن پنهنجين مرڪوز نظرن سان، جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو ڄڻ ته مون پيار ڪري ڪو تمام وڏو گناهه ڪيو آهي.!“

ساهي پٽڻ لاءِ هوءَ ٿورو ترسي.

”هيءَ ئي منهنجو پيءُ آهي؟ جنهن اَڄ تائين منهنجي واکڻ ڪندي، منهنجي چهري تي پيار ڀريا هٿڙا گهمايا، تنهن ئي ڪالهه منهنجي ڳلن تي چماٽ وَڄائي ڪڍي. مان شام جو گهر ۾ گهڙيس مس ته مون کي ڌمڪائيندي بابا چيو، ’راگڻي! ڪٿي ويئي هئين؟‘

”مون ڪجهه به ڪونه چيو، هنن وري رڙ ڪري چيو، ’ٻڌائين ٿي يا نه؟’

”مون ڪنڌ ڌوڻيو. غصي وچان چوڻ لڳا، ’ضرور هن وٽ ئي ويئي هوندينءِ. وري کيس گڏينءِ نه؟ چؤ! گڏينءَ يا نه؟ چؤچؤ.‘

”مان پوءِ به خاموش رهيس، تڏهين هٿ اُلاري منهنجن ڳلن تي چماٽ هڻي ڪڍيائون. مار جي ويدنا کان هوُ مون کي مار ڏين، اِها ئي ويدنا وڌيڪ هئي! مان ساري رات زارون زار روئندي رهيس. پنهنجي ڌيءَ جي سنيهه کان، سماج جو ڊپ ريتين رسمن جي پرواهه، بابا کي وڌيڪ آهي؟ ڪنهن کَل ـــ ناٽڪ وانگر اَسانجي سک جي ستيا ناس ڪرڻ لاءِ ڇو ٿا پاڻ پتوڙين؟ نائڪا جو پيءَ ٿي، سندس سنسار ـــ سک مٿان ٽانڊا رکي، اَهڙي کل ـــ نائڪ واري ڪهاڻي تو ڪڏهن لکي آهي؟ ’نانا‘! سچ، مون لاءِ ايترو ڪر! مون تي هڪ ڪهاڻي لک، ڀل ته مان شڪار ٿي وڃان، پر مون جهڙين ٻين جوان ڇوڪرين کي ماءُ پيءُ وٽان آزادي نه ملندي، ’نانا‘! سچ لک نه!“

۽ سچ پچ مون ڪهاڻي لکي ورتي! راگڻي جي پيءَ کي کل ـــ نائڪ نه بڻائي، سموري سماج کي کل- نائڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هئم. ڪلپنا تيز رفتار سان اُڏامڻ لڳي.

ڪهاڻيءَ کي مالا مال ڪرڻ لاءِ، راگڻي ۽ سندس پريميءَ جي اِردگرد جي ماحول جو اَڀياس ڪيم. سندس پريميءَ جي آفيس، ڏٺم، گهر ڏٺو مانس، جنهن مشاعري ۾ سندن واقفيت ٿي هئي، اُن مشاعري جو سڄو پروگرام ويهي ٻڌم. هو گڏ گهمڻ ڇو ٿا وڃن، اِن جا سبب، سندن خطن جا مضمون، ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ پيار جي گفتگو ـــ اِهو سمورو ’مصالحو‘ راگڻيءَ منهنجي حوالي ڪيو ۽ آخر منهنجي، ناڪام محبت جي بهترين ڪهاڻي تيار ٿي ويئي. سڄي ڳوٺ ۾ اُن ڪهاڻي قهر ڪري ڇڏيو. ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر آيل جوڙو، پريمي جي آفيس، سندس گهر، سندن ماءُ پيءُ، مشاعرو ـــ اِهي ڪير ڪير هئا، اِهو سڃاڻڻ لاءِ ڪنهن کي به پنهنجي دماغ کي گهڻي تڪليف ڏيڻي ڪانه پيئي. جا ڳالهه اَڳي رڳو ڪنن ۾ ڀڻڪي پئي ويئي، اُها هر چؤراهي تي کليو کلايو ٻڌڻ ۾ اَچڻ لڳي. راگڻيءَ کي بند ڪري رکڻ جي ضرورت، سندس پيءَ کي ڪانه پيئي. هوءَ خود ئي پاڻ کي ڏينهن رات گهر ۾ بند ڪري ويٺي.

البت مان هڪ نياري ڳڻتي ۾ هوس، منهنجي ڪهاڻي هن پڙهي يا نه، اِن جي مون کي ڪائي خبر پئجي ڪانه سگهي. مان بنهه بي آرام ٿي پيس. اچانڪ، هڪ ڏينهن، سندس ڀاءُ مون کي چٺي آڻي ڏني. راگڻيءَ لکيو هئو، ”’نانا‘ تنهنجي ڪهاڻي پڙهيم، مون کي خاطري آهي ته تون وڏو ليکڪ ٿيندين، تنهنجين ڪهاڻين تي فلمون به نڪرنديون، ڳوٺ ۾ چؤڌاري اسان جي باري ۾ ئي، ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن. اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي. اِن بدناميءَ کان بچڻ لاءِ، بابا ضرور اسان ٻنهي جي شادي ڪرائيندا. ڇا توکي اِئين نٿو لڳي؟“

”مون کي به اِئين ئي ٿو لڳي.“ اِئين کيس لکيم، منهنجي لکڻيءَ بنسبت جيڪا هن اڳڪٿي ڪئي هئي، اها ئي مون کي وڌيڪ وڻي هئي. مان ڏاڍو خوش هوس، پر ساڳئي رات، راگڻيءَ جو پيءُ منهنجي گهر آيو. ”’نانا!‘ ڪهڙي جنم جو وير وٺي رهيو آهين، اِهو ته ٻڌاءِ، تنهنجي پيءَ سان منهنجي دوستي آهي، اِنڪري ڇڏي ٿو ڏيانءِ. نه ته تنهنجيءَ اُن ڪهاڻيءَ لاءِ توکي .... رهڻ ڏي! تون اڃا ننڍو نيٽو آهين. دماغ ٺڪاڻي تي رکي، سٺي ورتاءَ جو سبق اڃا سکي سگهين ٿو، پر پاڻ ڇا ٿا لکون ۽ ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، اِن تي چار ڏينهن سوچي، پوءِ لکندو ڪر. باقي پنهنجيءَ ڪهاڻيءَ سان، هڪ غريب ڇوڪريءَ جي ستياناس ڪئي اٿيئي، اِهو بلڪل سچ آهي!“

ايترو چئي، راگڻي جو پيءُ، ڪنڌ جهڪائي، ٻاهر هليو ويو.

پوءِ راگڻيءَ کي وٺي سندس پيءَ ’وَرهاڊ‘ ويو آهي، اِها خبر ٻڌم. اُتي راگڻيءَ جي ماسي هئي.

ڌيري ڌيري ڏينهن گذرڻ لڳا. پاڻيءَ مٿان متل هلچل جيئن هوريان هوريان سانت ٿي ويندي آهي، تيئن اِن واقعي سان به ڪار ٿي. ماڻهن جي يادگيريءَ مان جلدي راگڻي، سندس پريمي، منهنجي ڪهاڻي ـــ سڀ غائب ٿي ويا. نيون ڳالهيون اڳيان آيون ۽ ماڻهو اُنهن تي ڳالهائڻ لڳا. جن کي زخم رسيا هئا، انهن سان ڪهڙي ويڌن ٿي، اِهو پتو پئجي ڪونه سگهيو.

اِهو ڄاڻڻ لاءِ سڌو رستو ڪونه هئو، اِنڪري مون اَڻ سڌو رستو ڳولي ڪڍيو. مان تصور ڪرڻ لڳس، پنهنجي پريتم کان، زبردستيءَ هڪ نوجوان نينگريءَ کي سندس پيءَ پري وٺي ٿو وڃي. هوُءَ بدن جي لحاظ کان پري برابر ٿي، پر من جي لحاظ کان پنهنجي پريتم ويجهو ئي رهجي ويئي، سندس اکين مان تيج ختم ٿي ويو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان جوش نڪري ويس. جيئڻ مان مزو نڪري ويس. سندس دل، جڙ مٽيءَ جو گولو رهجي ويئي: اِئين ٿي لڳس ته جتي ويهي، اُتي ويٺي ئي هجي، جتي ليٽي اُتي ليٽي پيئي ئي هجي، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جوحرص باقي ڪونه بچيس، ڳالهائڻ جي خواهش ئي ختم ٿي ويس. زندگيءَ کي ڪا معنى ئي باقي ڪانه رهي!

پوءِ سندس پيءُ کانئس پڇيو ـــ شاديءَ جي باري ۾ پڇيائينس، ڪجهه مڙيئي ڳالهائڻ کپي، اِنڪري هن ’هائو‘ چيو، کيس ڇوڪرو ڏسڻ آيو، جنهن وقت هوُ (ڇوڪرو) آيو، تنهن وقت هوءَ ميڻ جي گڏي ٿي ويٺي رهي. ڪنڌ مٿي کڻي، هن ڇوڪري ڏانهن ڏٺو به ڪونه. آخر سندس شادي ٿي، پر سندس مئل من، جيئرو نه ٿيو. هوريان هوريان هوءَ ڳرڻ لڳ. کاڌي مان سندس موهه نڪري ويو. کيس ڇا ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي پتو نٿو پيو. آخرسال کان پوءِ، ڊاڪٽرن اِهو فيصلو ڏنو ته کيس سلهه ٿي آهي، اُن بعد هوءَ گهڻا ڏينهن جيئري ڪانه رهي. مئل ته اڳيئي هئي، پر زماني جي نظرن ۾ اڄ مئي.

دماغ ۾ آيل مڙيئي ڪلپنائون لکي ورتم، راگڻيءَ جي غم ۽ غصي سان مان هڪ ـــ رس ٿي ويس. لکندي لکندي آنسو اُگهڻ لڳس ۽ آنسو اُگهندي اُگهندي لکڻ لڳس.

ڪهاڻي لکي پوري ڪرڻ تي، مون خود کي چيو، ”راگڻي! تون هتي ناهين، ته به تنهنجي جذبات مان محسوس ڪري ٿو سگهان، مون کي اُنهن سان هڪ ـــ رس ٿيڻ اچي ٿو. راگڻي، تنهنجو غم دنيا اڳيان رکڻ، منهنجو فرض هئو ۽ اُهو مون نباهيو. منهنجا لفظ ڪچا ڦڪا ٿي سگهن ٿا، پر اُهي مٺا ڀانئيندينءَ، اِن جي مون کي خطري آهي!“

ڪهاڻي لکيم ته سهي پر اُها شايع ٿي سال ڏيڍ کانپوءِ، پر ڇپجڻ کانپوءِ مونکي اُها ڏاڍي وڻي. منهنجن يارن ـــ دوستن به منهنجي ساراهه ڪئي، دوستن کي وڻي ويل، اِها منهنجي پهرين ئي ڪهاڻي هئي.

اُن وقت مون کي ڪنهن اچي ٻڌايو ته راگڻي آئي آهي، هن سان ملڻ لاءِ مان ڏاڍو بيچين ٿي ويس. پنهنجي ڇپيل ڪهاڻي کيس ڏيکارڻ لاءِ ميز تي ڪڍي رکيم، پر ٻه ڏينهن راگڻي گهر کان ٻاهر ئي نه نڪتي شايد. ٽئين ڏينهن صبح جو، اڃا مان سمهيو ئي پيو هوس، ته دروازي تي ڪڙي جي ٺڪ ٺڪ ٿي. مون اُٿي در کوليو. ٻاهر راگڻي بيٺي هئي. مان کيس عجب وچان ڏسندو رهيس. سندس ڪڇ ۾ پيارو پيارو ٻار هئو.

مون اکيون مهٽي وري ڏٺو، سج جي روشني راگڻيءَ جي بدن تي پئجي رهي هئي. سندس تندرستي ڪافي ٺهي پيئي هئي. چهري تي رت پئي تريس. اکيون چمڪي رهيون هيس.

کلندي، اندر قدم رکندي چيائين، ”ڇو ’ناناَ‘ اڃا به تو آلس ڪانه ڇڏي آهي؟“

ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ سجهيوئي ڪونه، اِنڪري اجايو کلڻ لڳس. هن ڪمري ۾ ٽڙيل پکڙيل چيزن ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڇي! ڇي! اڃا تنهنجو اناڙي پڻو گهٽيو ڪونهي، ترس! هاڻ ته تنهنجي شادي ئي ڪرائي ڇڏڻ کپي!“

پنهنجيءَ ڳالهه تي کلڻ لڳي. اِنڪري مان به چڱو کليس، منهنجي من ۾، البت ڪي ٻيا ويچار هئا، مٿس لکيل ڪهاڻي جنهن مخزن ۾ ڇپيل هئي، اُها ميز تي هئي. جوڳو موقعو پائي، اُها سندس اڳيان رکڻ لاءِ سوچي رهيو هئس.

راگڻي اندر اچي منهنجي پلنگ طرف ويئي، پنهنجي ٻار کي پلنگ تي رکي، هوءَ ساڻس کيڏڻ لڳي. هن سندس ڳل پٽيو، ۽ سندس پتڪڙا چپ پنهنجن چپن ۾ پڪڙيائين. هن منهن ٻار طرف جهڪايو، ته ٻار پنهنجا پتڪڙا هٿ مٿي ڪيا. هٿ مٿي ٿيندي ئي سندس ڄامڙيون آڱريون، راگڻيءَ جي وارن ۾ اٽڪيون. وار پٽجڻ تي، راگڻي لاڏ وچان، ”اَمان لئي!“ چيو ۽ ڪوڙ پچاڻي غصو ڪري، ٻار جي منهن تي هلڪي چماٽ هڻندي چيائين، ’نانا!‘ اڃا تون ڪهاڻي لکين؟“

چيومانس، ”ها“

ٿورو مٿو هيٺ جهڪائي، وارن ۾ اٽڪيل ٻار جون اڱريون ڇڏائيندي، چيائين،”سٺين  سٺين مخزنن ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون اينديون هونديون، هاڻ!“

مون ’هون‘ ڪيو. ٻار جون آڱريون پنهنجن وارن مان ڇڏائي ورتائين، پوءِ سندس مٺ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي، اُن سان لاڏ ڪوڏ ڪندي چيائين، ”’نانا!‘ توکي ههڙي ڪهاڻي لکڻ ايندي ڇا؟“

پڇيومانس، ”ڪهڙيءَ؟“

هڪدم پنهنجو منهن هيٺ ڪري، ٻار کي پنج ـــ ڏهه چميون ڏيندي چيائين، ”ههڙي... ههڙي... ههڙي....“

مان ڪجهه چوندي چوندي رڪجي ويس. هڪدم منهنجي ڌيان ۾ آيو ته هن مون سان ڪانه پئي ڳالهايو ”اَڃا ڪهاڻي لکين؟ ههڙي ڪهاڻي توکي لکڻ ايندي ڇا؟“

اِهي سوال اَجايا هئا، اُهي مون کي يا ڪنهن کي به مخاطب ٿي چيل ڪونه هئا. مان اُتي نه هجان ها ته ڪمري ۾ آيل جهرڪيءَ کي يا ميز ـــ ڪرسيءَ کي به مخاطب ٿي هوءَ اهڙوئي ڪجهه چوي ها ۽ پنهنجي ٻار کي چميون ڏيندي رهي ها.

مون ڪجهه به ڪونه چيو، البته، کيس ڏيکارڻ لاءِ منهنجي ڪهاڻي جنهن مخزن ۾ هئي، اُها چپ چاپ سندس ڌيان ٻئي پاسي ڏسي، ميز هيٺ لڪائي ڇڏيم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com