سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :5

 

6

پُ . ڀا. ڀاوي

 

سترهون سال

 

کيس ڇا پئي ٿيو، اِهو ببن کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، کيس نه سمهڻ تي دل پئي ٿي نه پڙهڻ تي، مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ منظور ڪيل  Prisoner of Zenda ناول جي مختصر ڇاپي جو پهريون باب هن وري کوليو ۽  My dear Rose, for a man of spirit opportunities are duties اِن جملي ته جيئن تيئن ڪري اَچي رڪيو. ليلي ماستر ڪلاس ۾ رڙ ڪري چيو هئو ته اِهو جملو اَهم آهي.

ميز تي ڊسٽر سٽي، جهوٽا کائيندڙ، بي پرواهه ۽ آلسي ڇوڪرن کي اِها ڳالهه پنهنجيءَ شڪتيءَ اَنوسار سمجهائڻ جي هن ڪوشش ڪئي هئي. ببن جهوٽا کائيندڙ، آلسيِ يا بي پرواهه ڪونه هئو. هن ڀيري هُو ’فرسٽ ڪلاس‘ ۾ پاس ٿيندو ـــ اِها سڀني کي اُميد هئي. ليلي ماستر ’ڊسٽر‘ سٽي، چاڪ سان ڀريل هٿ جيسين ڦوڪي، اُن کان اَڳ ئي، ببن اُن جملي هيٺان ڳاڙهي ليڪ لڳائي ڇڏي ۽ پاسي واري خالي جڳهه تي اعلان لکيائين، `Imp` اِهي خطري جو اِطلاع ڏيندڙ لفظ هوُ ’گهوٽي‘ رهيو هئو. درد کي دٻائڻ سان سُور جا ڦوهارا چٽندا هجن اَهڙي ڪائي اُڻ تڻ سندس سڄي بدن ۾ اُسري رهي هئي. اِها اُڻ تڻ دک رسائيندڙ نه هئي، پر بي آرام ڪندڙ هئي. مور جو کنڀ، آهستگي سان ڳل تي ڦيرڻ سان ماڻهوءَ کي دک ڪونه ٿيندو آهي؛ اَٽلندو ڪي قدر بدن کي سک پهچندو آهي، بدن ۾ ٿوري لرزش ايندي آهي ۽ ماڻهو ٿورو بي آرام ٿيندو آهي. ببن کي به اِئين ئي ڪجهه محسوس پئي ٿيو. ششماهي اِمتحان مٿي تي اَچي پهتو هئو، پوءِ به اَڄ سندس من پڙهڻ ۾ لڳو ئي نه پئي. راند جي ميدان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيڻ کان پوءِ به کيس هاڻ سمهڻ تي دل نه پئي ٿي، کيس اِئين پئي لڳو ته کيس ڪجهه مڙيئي ملڻو آهي، کيس ڪجهه گهرجي، کيس ڪجهه مڙيئي ملي رهيو آهي، اِئين به کيس محسوس پئي ٿيو. جنهنجو تازو سورهون جنم ڏينهن ٿي ڇڪو هئو، ۽ جيڪو اُن وقت مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ وڃي چڪو هئو، اَهڙي ڇوڪري کي جنهن جنهن چيز جي خواهش ٿي سگهي ٿي، اُهي مڙيئي چيزون نانا، ببن کي ڏنيون هيون.

اَلارم سان گڏ ڪرائيءَ تي ٻڌڻ لاءِ گهڙي، سائيڪل، ’بڪ آف ناليج‘ (تصويرن سان)، اَڀياس ڪرڻ لاءِ، پهرئين ماڙي تي ننڍڙو اَلڳ ڪمرو، ميز، ڪرسي، ڪٻٽ، وار وڌائي سينڌ ڪڍڻ ۽ ڪڏهين ڪڏهين سئنيما تي وڃڻ لاءِ اِجازت ـــ سڀ ڪجهه!

پوءِ به ببن کي ڪا اُڻ تڻ هئي، کيس اَڃا به ڪجهه ٻيو کپيو ٿئي. بيحد اَڻ ڄاتل آنند- گاڏڙ غير ظاهر، بي سبب بيچيني کيس ڳڙڪائي ڇڏيو هو. ۽  My dear Rose, for a man of spirit, opportunities are dutues` اِن، حوالي جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اَچي سگهندڙ رنگين جملي وٽ سندس، رات جو ٿيندڙ پڙهائيءَ جي رفتار ڍري ٿي، رڪجي چڪي هئي، اِئين اَڄ ڪلهه وچ وچ ۾ گهڻائي ڀيرا ٿيندو هوس،هيءُ ويچارن جو ڀٽڪڻ، هيءَ اڻ تڻ، هيءُ جنهن جو نالو ٻڌائي نٿو سگهجي، اَهڙو ڪجهه پائڻ جي تمنا ڪرڻ...

اِئين شايد هجي به! ٿي سگهي ٿو ته سئنيما جي پهرئين ’شو‘ ڏسي اَچڻ کانپوءِ پڙهڻ لاءِ ويهڻ ڪري، اَڀياس ۾ من نه لڳندو هجي. ۽ هوءُ انگريزي ’پڪچر‘ به وري ڪهڙي هئي. اِهي انگريزي ’پڪچرس‘ ڪيتريون نه واهيات آهن! مغربي تهذيب جي هلڪڙائپ بابت، اِسڪول ۾ تقرير ڪندي، هن سوامي برهمچريانند جيڪي ڪجهه چيو اُهو سڀ سچ ئي آهي! ۽ سڀان ’نانا‘ سئنيما جي باري ۾ پڇي ته کيس ڇا چئجي؟  - Prisoner of Zenda پڪچر سمجهي مان ضد ڪري، اَڀياس جي مدد لاءِ سئنيما تي ويس؛ پر ٽڪيٽ وٺڻ کانپوءِ سڌ پيم ته اُها پڪچر ڪالهه ئي بدلجي ويئي هئي، ۽ پوءِ Gold diggers of New york فلم لاچار ڏسي واپس اَچڻو پيو هئم ـــ اِئين ’نانا‘ کي چوان؟ ۽ هوُ فلم جي ڪهاڻي پڇي ته؟ ڇا ٻڌايانس؟ ’تڪارام‘ يا ’رام راجيه‘ جيان ئي اِها فلم به سٺي هئي، اِئين چوانس؟ يا اِئين چوانس ته اُن فلم ۾ رڳو چڍيون ـــ پاتل زالن جا ناچ گانا ۽ سٺا ڪپڙا پاتل وڏ وڏن مردن جي زالن سان ڪيل واهيات هلت هئي! سڀاڻي پنهنجي وڪيل دوست ’ڦڙڪي‘ سان ’نانا‘ خود اِها پڪچر ڏسي ته؟ پوءِ مون کي ڇا چوندو؟ باپ ڙي! ڇا ته انهن ري ـــ ڪپڙن نچندڙ زالن جون سٿرون هيون! ۽ هوُ مٿي تائين پير مٿي کڻي سندن ٽهڪ ڏيڻ! ۽ ’نيڪ ٽاءِ‘ ـــ ’ڪالر‘ جهڙي سڀيه پوشاڪ پائي، مردن کي ڇا سندن ڪمر جي چوڌاري هيئن هٿ وجهڻا پوندا آهن؟ هيڏين وڏين زالن کي چمڻ کپين؟ - هيئن واهيات هلڻ کپين؟ ڇي!

’واهيات پڻو‘ جهڙو عام رواجي ۽ مريادا وارو لفظ ڇڏي ’چمڻ‘ جهڙو لفظ من ئي من ۾ اُچارڻ سبب ببن ڇرڪ ڀريو ۽ ڪتاب جي ڪوري پرت تي بي خبريءَ وچان جيڪو چتر ڪڍيو هئائين اُهو ڏسي وڌيڪ ڇرڪيو. جملي هيٺان ليڪ لڳائڻ جهڙو غير اعتراض جوڳو ڪم ڇڏي، وچ ۾ ئي ڪڏهين جو،هوُ ڪتاب جي ڪوري پرت تي اَچي پهتو هئو ۽ اُتي هڪ مڊم جي مٿئين ڌڙ جي تصوير ڪڍي، اُن تصوير هيٺان هن ٿلهن اَکرن ۾ لکيو هئو: My dear Rose, for man of spirit, opportunities are duties. درسي ڪتاب تي هن خيالي ’روز‘ جي تصوير ڪڍي هئي؛ نه رڳو ايترو، پر اُن تصوير ۾، عورت جي بدن ۾ جيڪي ’فاحش’ حصا ليکيا ويندا آهن، انهن مان ڪي اَثرائتي نموني چٽيل هئا.

بي خياليءَ وچان ڇا ڪري ويٺو آهيان- اِهو ڏسي ’ببن‘ اَچرج ۾ پئجي ويو ۽ اَکيون ڦاڙي پنهنجي چٽيل تصوير ڏانهن ڏسڻ لڳو! ... ڇي! ”برهمچريه ئي جيون آهي ۽ اَبرهمچريه سروناش آهي“ ـــ اِهو ڪتاب پڙهي مون اِهوئي فائدو حاصل ڪيو ڇا؟ هميشه هر دفعي پهريون نمبر ايندڙ ۽ سٺي ورتاءِ سبب اِنعام حاصل ڪندڙ ڇوڪري کي هيءُ ڪم سونهي ٿو ڇا؟

هي ڪم اَهڙو ناهي جيڪو سٺي ڇوڪري جي منهن تي پوي. ڇي ـــ ڇي! ’ڀئيا ٽوڻگي‘ کي اِها ڳالهه سونهي سگهي ٿي. پنهنجي ڏٽي مٽي بدن ۽ ڏاڙهي ـــ مڇن سان سيکڙاٽ ماسترن جون اَکيون چرخ ڪرڻ، هر درجي ۾ ناپاس ٿيڻ، درسي ڪتابن تي ڇوڪرين جون تصويرون ڪڍي ودياديويءَ جو اَپمان ڪرڻ، بنا ڏاڙهي ـــ مڇن وارن ڪچڙن ڇوڪرن کي ’ڇوڪري‘ ’ڇوڪري‘ چئي چيڙائڻ، هيڊ ماستر جي وڏي ڌيءَ بنسبت بيهودگيءَ سان زور زور سان ڳالهائڻ ۽ ديوارن کي رڱڻ ـــ اِهي ڪم ’ڀئيا ٽوڻگي‘ کي ئي سوُنهن! ’نانا‘ يا اَمان ڪتاب تي جيڪو چتر ڪڍيو اَٿم، اُهو ڏسي وٺي ته؟ صرف اِهو خيال ايندي ئي ببن شرمائجي ويو، متيون منجهامي ويس ۽ ڪرسي پاسيري ڪري، تڙتڪڙ ۾ ميز جا خانا ڦولهڻ لڳو! ’ڪمپاس‘، رنگن جي پيتي، ڏور جو ڍيرو، راميشور جو سهڻو شنک! ڇي‘ هيتري ڪوشش جي باوجود کيس رٻڙ ملي ئي نه! چاڪليٽ، سيڪيل باداميون سڀ مليس پر رٻڙ جو نالو نشان به ڪونه هئو. ان تڪڙ ۾ ئي هن هڪ سيڪيل بادامي وات ۾ وڌي، ۽ باقي کيسي ۾ ٺوُنسيائين. بجليءَ جي سفيد بتي وسائي، نيري ٻاريائين ۽ ’نانا‘ ۽ اَمان سچ پچ سمهيا پيا آهن يا اَڃا جاڳن پيا ـــ اِهو ڏسڻ لاءِ چور قدمن سان، هيٺئين ماڙي جو هڪ چڪر هنيائين. ڀڳوان جا لک لک شڪرانا! ’نانا‘ ۽ اَمان ته سمهيل هئا، پر مهمانن جي ڪمري ۾ به اوندهه هئي. اَڄ صبح جو آيل هوُ جوان مهمان ۽ سندس نابالغ زال به سمهي چڪا هئا.

رٻڙ لاءِ ’ببن‘ ٻيهر ميز جا خانا الٽ پلٽ ڪيا، شيواجيءَ جي تصوير، ڦڻي، سورهين جنم ڏينهن تي مامي جي ڏنل فائونٽن پين، پر رٻڙ ندارد‘ نراس ٿي ببن  `prisoner of Zenda` جي ڪوري پرت ڏانهن ڏٺو. ڳاڙهي ـــ نيري پينسل سان جوڙيل اُن مڊم جو ڀوُت کيس چيڙائڻ لڳو، ڇا ڪجي؟ سمجهو کڻي ته پاڻ کي ننڊ اَچي ٿي وڃي ۽ پاڻ ننڊ ۾ هجون ۽ صبح صبح جو ’نانا‘ ”اَڙي ببن‘“ چوندي، ڏڪائيندڙ آواز سان رڙيون ڪندي، ڪمري ۾ گهڙي ٿو، ته پوءِ؟ ”نئين رسٽ واچ، ۾ ’اَلارم‘ ڪونهي. اِنڪري اَڃا ڪونه اُٿيو آهين ڇا؟“ ـــ اِئين ٽهڪ ڏيندي چوندي، هوُ اسانجو هيءُ ڪتاب ۽ اُن ڪڍيل هيءَ تصوير ڏسي وٺي ته؟ ’نانا‘ اَسانجي ڪيتري نه واکاڻ ڪندو آهي. اَسان مٿان ضابطي جا ٻنڌن هن آهستي آهستي ڍلا ڪري ڇڏيا هئا. هوُ اِها مڊم ڏسي وٺي ته؟ ڄڻ بدن تي ڪرڙي ڪري پيئي هجيس، اِئين اِن خيال ايندي ئي، ببن گهٻرائجي ويو، ۽ اُهو ڪورو پرت سڄي جو سڄو ڦاڙي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري اَگاسي ۾ آيو. پنهنجن ڪتابن کي سيکڙاٽ جي چتر ڪلا جو مفت آکاڙو بنائيندڙ ’ٽوڻگي‘ جهڙن مان ببن ڪونه هئو. نَون ڪتابن کي پوش چاڙهڻ جو ڪم هوُ پهرين ڪندو هئو، پر هو لاچار هئو. اُها مڊم ڪنهن کي به ڏسڻ ۾ اَچڻ نه کپي. اُن ڪاغذ جون ذرڙيون، اَگاسيءَ مان باغ ۾ ڦٽيون ڪرڻ کي ڇڏي، ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه رهيو هئو.

ناگپور شهر جو اُهو آسودو حصو ڪڏهين جو سانت ٿي چڪو هئو. هڪٻئي کي گوني ڪنڊ تي لتاڙڻ وارن اُنهن، ’ذنتولي‘ جي چوراهي جهڙن ننڍن ننڍن رستن تي روشني وجهندي، بجليءَ جون بتيون هاڻ اَڪيليون ئي بيٺيون هيون. ”روٽي، کانا، مائي!“ ـــ اِئين روئندي رڙيون ڪندڙ آخرين فقير، پنهنجو چڪر پورو ڪري، پنهنجي واٽ وٺي وڃي رهيو هئو. اُن سانت جي بستيءَ تي ڪڏهانڪر پيل چادر، پري کان ويندڙ ٽانگي واري جي ’هٽ ـــ هٽ‘ سان ۽ ڪن واٽهڙن جي گفتگو سان وچ ۾ ٿوري هٽي ويئي ۽ وري چوڌاري سانت ٿي ويئي، پڪچر جي ٻئين ’شو‘ تي ويل ماڻهن کي گهر موٽئي به ٿوري دير ٿي چڪي هئي. اَڳيئي ڀڄي ڀت ٿيل زمين تي وسڪاري جو هڪ ڇوهو پوڻ سبب رستي تي هڪدم پاڻيءَ جا دٻا جمع ٿي ويا ۽ اُنهن ۾ بتين جا عڪس جهومڻ لڳا. گلن ۽ پنن تي پاڻيءَ جا ڦڙا ڪٺا ٿي ويا. چنبيلي گلن جي منهن تان تازي خوشبو جو جهوٽو آيو، وچ وچ ۾ چهرو ڏيکاريندي، رستي تان تڪڙي تڪڙي ويندڙ، نقاب پهريل حسين عورت جيان، سنهڙي بادل مان بار بار منهن ڪڍي، بانورو چندرما تڙ تڪڙ ۾ آسمان جو رستو لتاڙڻ لڳو، گويا گهگهه اوندهه ٿيڻ کان پهرين ئي کيس پنهنجي گهر پهچڻو هئو.

اِن سموري نظاري ۽ ماحول جو، ’ببن‘ جي عقل تي بالغ اَثر ڪيترو ٿيو، خبر ناهي، پر سندس سريرڪ ۽ مانسڪ ورتاءَ تي اَثر ضرور ٿيو. ننڊ جهڙي ڪا چيز به دنيا ۾ ٿيندي آهي، اِنين کيس نه پئي لڳو. سندس اُڻ تڻ زياده وڌي ويئي ۽ باريڪ هٿن سان ڪيل ڪتڪتائين سان ڏک ۽ سک ڏيندڙ آنند جي اِنتظار سبب هو زياده بيچين ٿي ويو. بدن مان تيز رفتار سان لنگهندڙ چيتنا کي واٽ ڪري ڏيڻ خاطر، هن هٿ ۾ جهليل ڪاغذ کي زور زور سان ڦاڙي، اُن جون ذريون ذريون ڪيون ۽ هوا جي وهڪري ۾ اُهي ڦٽيون ڪري ڇڏيائين. سيمل جي وڻ جي ڦرين ڦٽڻ سان چؤطرف ريشمي ڪپهه جون ذريعون ڦهلجي وڃن يا پوپٽن جا جهنڊ اوچتو پر پکيڙي هوا ۾ جهومڻ لڳن، اِن ريت اُهي ڪاغذ جا ٽڪرا لوڏا کائيندي، هوا ۾ اُڏامڻ لڳا، ڪي ٽڪرا هيٺ باغ ۾ پيا، ڪي چنبيلي گلن جي منهه مٿان پيا، ڪن رستي جي بجليءَ جي بتيءَ جي چوگرد سوين ڀوُن ڀوُن ڪندڙ جيتن کي کن لاءِ ڏڪائي ڇڏيو ۽ ڪن ببن جي بنگلي جو باغ، وچون ننڍڙو رستو ۽ سامهون واري بنگلي جو باغ پار ڪري، سندس ڀاڄائيءَ جي ماڙيءَ جو رخ ورتو. اِن بي آرام حالت ۾ به ببن کي، کيسي ۾ پيل سيڪيل باداميون وسريون ڪانه هيون. ٻه چار باداميون هڪدم وات ۾ وجهي، چوسيندي، هوُ سندس ڀاڄائي جي ماڙِءَ جي اَگاسيءَ تي لڏندڙ، ڪاغذ جي آخرين، قسمت وارن ٽڪرن ڏانهن ’سقراط‘ جي سوالي محويت سان ڏسي رهيو هئو، جو پيرن کان مٿي تائين گرم ٻاڦ جي ڌارا ڄڻ اُڀري ويئي هجي، اَهڙو کيس احساس ٿيو.

سندس ڀاڄائيءَ جي ماڙي ۾ اوچتو بتيون ٻريون ۽ اُن جي درن ۽ درين جا غير شفاف شيشا (Ground glass) اَچانڪ روشن ٿي پيا.

بجليءَ جي تيزيءَ سان، سندس ڀاڄائيءَ جي ڀريل، ڊولائتي سرير جو سندر پاڇو در ۽ درين وٽان گسڪندو ويو. پٺيان پٺيان، سندس ڀاڄائيءَ جي ڪلهي تي هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪندڙ، دادا جو ٿلهو متارو، بي ڊؤولو پاڇو هئو، ڀاڄائيءَ، دادا جو هٿ، جهٽڪي سان پري ڪيو ۽ چوڌاري وري اوندهه ٿي ويئي، روشن شيشن جون اَنيڪ چوڪنڊيون اکيون هڪدم بند ٿي وييون.

’ببن‘ وات ڦاڙي ڏسندو ئي رهيو. هتي هوُ پاڇن جو سئنيما ۽ هِتي هيءُ پاڇن جو سئنيما، ته چئبو ته هيءُ سڀ اِئين ئي ٿيندو آهي! هيترو بدصورت، ٿلهو متارو ۽ پيشانيءَ تي چندن جون آڏيون ليڪون ڪڍندڙ، دادا راناڊي، ڀاڀيءَ سان چپ چاپ هيئن فاحش هلت هلندو آهي؟ ۽ ٻارن کي البت نصيحت ڏيندو آهي ته جلد سمهڻ کپي! ۽ هنن جا اوجاڳا ڪري، هيءُ ڌانڌا پيا هلن! اُهين ئي نه ته هيتري سهڻي ڀاڀي، هميشه دادا کي ڇنڊ جيڪر ڇو ڪڍندي رهي؟ ۽ اُهين ئي ڀاڀي مون سان ههڙيءَ سٺي طرح پيش نه اَچي ها!

ڀاڀيءَ کي ياد ڪندي، ببن کي ’ٽوڻگي‘ جي ياد آئي، ’ٽوڻگي‘ معنى گياني پرش! درسي ڪتابن کي ڇڏي باقي ٻئي هر هڪ وشيه تي سندس پهچ هئي. چترڪاري ۽ لفظن جي گيان تي پنهنجي نموني مشق پچائي هئائين. ’ڌنتولي‘ ۽ اسڪول جي ڀتين تي لکيل، اَڌ کان وڌيڪ ’ساهت‘ جو جنم داتا، ’ٽوڻگي‘ ئي هئو. ’ٽوڻگي‘ جو اَصل نالو ’پينڊسي‘ هئو. ايڪويهين سال ۾ به مئٽرڪ ۾ غوطا کائيندڙ ’پينڊسي‘ کي ڪنهن اڳڪٿي ڪندڙ ۽ گڻ گراهي ماستر ئي ’ٽوڻگي‘[1]  نالو عطا ڪيو هئو. تڏهين کان وٺي، ’ٽوڻگي‘ جو اَصلي نالو ’پينڊسي‘ رڳو ڪاغذ پٽ ۽ حاضريءَ جي رجسٽر تي ئي رهيو. هو سڄي شهر ۾، ’ٽوڻگي‘ جي ’لقب‘ سان ئي مشهور هئو. ٽوڻگي جي سرڳواسي پيءُ جو بنگلو، ويجهوئي، چار گهر ڇڏي هئو. ماءُ کي ذرو به نه ليکيندڙ ٽوڻگي هاڻ هتي جو مالڪ ٿي پيو هئو. ببن کان ڪي درجا مٿي هوندي ئي، ببن کي ڪيترن موضوعن تي عام گيان ڏيڻ لاءِ، ’ٽوڻگي‘ وچ وچ ۾ ببن وٽ ايندو هئو. ’ٽوڻگي‘ ببن کان ڪي تقاضائون به ڪندو هئو. ’ٽوڻگي‘ ببن کي خاص پسند ڪونه هئو. پر، هوُ اسڪول جو لچ شاگرد هئو. اِن کانسواءِ سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ببن کي ڪيئي ڀيرا هڪ قسم جي لڪل اَڻ تڻ ٿيندي هئي. شروع شروع ۾ ’ٽوڻگي‘ جيڪي ڪجهه چوندو هئو اُن تي ببن کي بلڪل اعتبار ڪونه ايندو هئو، پر اَڄڪلهه، سندس ڳالهين ۾ ڪافي سچ ٿي سگهي ٿو، اِئين ببن کي محسوس ٿيڻ لڳو هئو. اِن جو اِهو مطلب ناهي ته ببن کي ڪنهن به ڳالهه جي ڪائي ڄاڻ ڪانه هئي، پر اُهي ڳالهيون کيس اَڻ چٽيون لڳنديون هيون. بلڪل پري پري جون لڳنديون هيون، غير اَعتبار جوڳيون ۽ گنديون لڳنديون هيون، پر اڄڪلهه سندس نظريو ذرا بدلجڻ لڳو هئو. هاڻ هيءَ ڀاڀيءَ جي ئي ڳالهه ڏسو نه! ’ٽوڻگيءَ، اڳي هڪ دفعو، ٻين کي ڪنڊ پاسيرو ڌڪي خانگيءَ ۾ چيو هئو، ”ببن جا ٻچا! هوءَ دادا راناڊي ڪهڙو نه ٿلهو متارو، وڏي پيٽ وارو آهي، اِهو ڏٺهءِ نه؟ هوُءَ تنهنجي ڀاڀي ته اَصل چڪلي پائيندڙ ڪبوتري آهي! پوءِ هوُ کيس ڪيئن وڻندو؟ هوُءَ اُهين ئي ٿوري ئي توکي ويجهو آڻي پينگهه لڏندي آهي؟ تون ڏاڙهي ـــ مڇين بنا ڇوري جو ڇورو ئي رهئين! من اَسانجي به هن سان واقفيت ڪراءِ نه!“

ڀاڀيءَ جي باري ۾ ببن کي ڪي قدر نازڪ، لفظن کان دور جذبات هئي. سندس وڏي ڀيڻ يا سندس پڦيءَ لاءِ جيڪي ڪجهه محسوس ڪندو هئو، ان کان بلڪل نيارو ۽ بهتر، هوُ ڀاڀيءَ لاءِ محسوس ڪندو هئو. ڀاڀيءَ ۽ ببن جي ماءُ جي هڪٻئيءَ ۾ سٺي ساهيڙپ هئي. ببن ماءُ ڪڏهين گهڻن ماڻهن لاءِ ماني ٺاهيندي هئي، يا پاپڙ يا آچار ٺاهڻو هوندو هئس ته ’ساوتري‘ ڀاڀي هميشه اچي کيس هٿ وٺائيندي هئي. دادا زبادي ڇٽي ڪلهي تي رکي، آفيس ويندو مس هئو ته ساوتري ڀاڀي پنهنجائپ وچان روز ببن ماءُ وٽ اچي ويهندي هئي. سندس پڦيءَ جي شادي ٿي وڃڻ بعد، جيئن ئي هوُءَ ساهري گهر ويئي، تيئن ئي سندس پڦيءَ جي هم عمر ساوتري ـــ ڀاڀيءَ کي ببن ماءُ پنهنجي وڌيڪ ويجهو اندو. ببن جڏهين ٻارهين سالين جو هئو، تڏهين کان، ڀاڀي کيس ڏسندي آئي هئي ۽ سندس واکاڻ ڪندي هئي. ”ڪيئن ببن؟“ چئي هوءَ ببن جي ڳل تي چهنڊڙي نه پائي، يا لاڏ وچان سندس ڳل نه پٽي، اَهڙو ڪو ڏينهن خالي ڪونه ويندو هئو. ۽ اُن ڀاڀيءَ جي باري ۾ بدمعاش ’ٽوڻگي‘ اکيون مڃائي چيو پئي، ”ببن پٽ! ڀاڀي وري ڇاجي؟ سڀ هڪ جهڙيون ئي آهن. چڱو خاصو گورو ڇورو ڏٺو ناهي ۽ سندس ڳل پٽيو ناهي، تون رڳو ويهي ڪتاب پڙهه‘ پر، ذرا اَسان جي هن سان واقفيت ته ڪراءِ، نه! اسان جي ماءُ به ته پاپڙ ـــ کٽاڻ ٺاهيندي آهي!“

ببن کي هيءُ گفتا ٻڌي بيحد غصو لڳو. هن جوش وچان ٽوڻگي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو، ٽهه ٽهه کلندي، ’ٽوڻگي‘ اُهو مٿان ئي مٿان برداشت ڪيو ۽ ڪي قدر ڏڪائيندي چيائين، ”تنهنجي ڪمري ۾ آيو آهيان، اِنڪري ٿو داداگيري ڏيکارين ڇا؟ باقي تنهنجيون لتون ڇا ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ جون لتون ڇا! ٻئي هڪجهڙيون! پٽ، هاڻ ته تنهنجو آواز به بدلجڻ لڳو آهي ۽ منهن مان به مردانگي جهلڪي رهي اَٿيئي. روڪ روڪ پنهنجيون لتون! اسڪول ۾ نه ملندين نه؟ ياد رکج. سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس ته ببن کي چيڙائڻو هجي ته ’ڀاڀي‘ چئوس!“

اِن ڌمڪي سان ببن گهٻرائجي ويو. ڀاڀيءَ جو پوتر نالو، سچ پچ هيءُ ”ٽوڻگي“ ڇوڪرن ٻاڪرن جي ملڪيت بڻائي ڇڏيندو ۽ اُن جون ڌڄيون اڏائيندو، اِن ڊپ وچان هوُ ٿر ٿر ڪنبڻ لڳو. ۽ ”ٺيڪ آهي ـــ پر ڀاڀيءَ جي باري ۾ اِئين وري فاحش چوندين ته مان برداشت ڪونه ڪندس“

اِئين ذري گهٽ روئڻهارڪي آواز ۾ چوندي، ببن پنهنجين لتن کي روڪيو. اُن ڏينهن کان وٺي، ڀاڀيءَ سان گڏ، پينگهه تي ويهندي پهرين اِهو ڏسندو هئو ته اوسي پاسي ۾ ڪٿي ”ٽوڻگي“ ته بيٺو ڪونهي! ”ٽوڻگي“ جي ڊپ سبب، ڀاڀيءَ سان گڏ پينگهه ۾ ويهڻ جو مزو ڇڏڻ لاءِ هوُ هرگز تيار ڪونه هئو.

”ببن“ اَڃا ٻارهين سالين جو هئو، جڏهين اَرڙهن ويهن سالن جي ساوتري ـــ ڀاڀي، پنهنجي ذرا وڌيڪ عمر واري گهوٽ سان گڏ، سامهون واري بنگلي ۾ رهڻ لاءِ آئي هئي. اِن وقت ”ببن“ پنهنجا ڳل پٽڻ ڏيڻ ۾ هڪ قسم جي ڪمي محسوس ڪندو هئو. هڪ مرد جا ڳل، ڪا عورت پٽي ـــ اها به ڪا ڳالهه آهي! پر ڀاڀي سندس ڳل پٽيندي هئي ته سندس ڳل جيترو وڌيڪ ڳاڙها ٿيندا هئا، اوترو وڌيڪ هوُءَ سندس ڳل پٽيندي هئي، پر ببن جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن ڀاڀي ننڍي ٿيندي پيئي وڃي، ائين کيس محسوس ٿيڻ لڳو. ڀاڀي ايندي ويندي سندس ڳل پٽيندي هئي ته هاڻ هوُ ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندو هئو. ڀاڀيءَ سان گڏ پينگهه ۾ ويهي، هر روز ڪجهه دير لاءِ زور زور سان لوڏا کائڻ جي ته هاڻ کيس عادت پئجي ويئي هئي. اَڳي ڀاڀيءَ جي سرير جي نزديڪيءَ سبب کيس هڪ قسم جي ڪاوڙ ايندي هئي ۽ تڪليف محسوس ڪندو هئو؛ هاڻ هوُ اَهڙو ڪجهه به محسوس ڪونه ڪندو هئو. گوري گوري نڪ ۾ ڦلي پاتل، ڊؤلائتي هاٺيءَ واري، ۽ ارڪلي[2] ڪپڙا پائيندڙ ڀاڀي، هاڻ کيس خوب وڻندي هئي. ڪي سال اَڳ پڙهيل ڪنهن پريءَ جي آکاڻيءَ واري پريءَ جو چهرو کيس ڀاڀيءَ جي چهري جهڙو پئي لڳو. اَڄ به ڪنهن راجڪماري جي آکاڻي پڙهندي پڙهندي، ڀاڀيءَ جو چهرو ئي سندس اَکين آڏو اَچي بيهندو هئو. چئن ڏينهن لاءِ سندس وڏي ڀيڻ يا سندس پڦي پيڪي رهڻ اينديون هيون ته هاڻ هوُ سندن گهڻو ڪونه ٻڌندو هئو. ننڍي هوندي ڀيڻ لاءِ جيڪو لڳاءُ محسوس ڪندو هئو، اُهو خبر ناهي ڪٿي غائب ٿي ويو هئو، پر اَڄ، جتي هوءَ پنهنجيء ڀيڻ جي هڪ ڳالهه به نه مڃيندو هئو، اُتي ڀاڀيءَ جي بلڪل سهج سڀاويڪ نموني هر ڳالهه مڃيندو هئو. ۽ انڪري سندس ماءُ، ڀاڀيءَ لاءِ وڌيڪ پنهنجائي محسوس ڪندي هئي.

هڪ ڀيري، ببن پنهنجيءَ آگاسيءَ مان، چنبيليءَ جي مَنههَ مٿان ويٺل جهرڪين کي پٿر هڻي رهيو هئو. ببن جا ٻه چار پٿر، جهرڪين کي لڳڻ عيوض، منهه هيٺ گل چونڊيندڙ ڀاڀيءَ کي اُتي وڃي لڳا، جتي لڳڻ نه کپندا هئا. ٻئي پاسي، نل هيٺ باسڻ مليندڙ مائي، ڪاشيءَ ٻائي اِهو لقاءُ ڏسي، وات ۾ پنهنجيءَ ساڙهيءَ جو پل ٺونسي کلي، ڀاڀي ڌوڪيندي، پنهنجي وڄ جهڙي وَر وڪڙ رفتار سان مٿي آئي ۽ ببن جا ٻئي ڳل پٽيندي چيائين، ”ٻٻه ... ن!“

”ڇاهي، ڀاڀي؟“

”تنهنجا پٿر مون کي لڳا، خبر اَٿيئي؟“

”پر مون پٿر توکي ڪونه هنيا هئا.“

”۽ مون کي پٿر هڻڻ تي ڪڏهين دل ٿيئي ته ڪڏهين به ڪاشي ٻائي يا ٻئي ڪنهن جي سامهون نه هڻجانءِ. ماڻهو انهن ڳالهين کي فاحش سمجهندا آهن.“

ببن کي هاڻ اِها هڪ نئين راند ملي ويئي. هيءُ هڪ اَهڙو راز هئو، جيڪو صرف کيس ۽ ڀاڀيءَ کي معلوم هئو. ببن ماءُ کي به اِن جي سڌ ڪانه هئي. ڪو آسپاس نه هوندو هئو ته ببن ڀاڀيءَ کي پٿر هڻندو هئو ۽ ڀاڀي اُهي پٿر واپس ڪرڻ لاءِ مٿي اَچي، خوب سندس ڳل پٽيندي هئي. تازو هڪ ٻه دفعو هن به ڀاڀيءَ جا ڳل پٽيا هئا. اُن وقت ڀاڀي گويا غصي وچان لال ٿي ويئي هئي. ڀاڀيءَ جي ياد ايندي ئي، ببن جو من اُڏرڻ لڳو. سو چيائين، جيڪو هينئر جو هينئر سامهون وارو رستو پار ڪري، ڀاڀيءَ جي ماڙيءَ تي ڊوڙندو وڃي چوانس ”ڀاڀي، ڀاڀي! مان آيو آهيان!“

آگاسيءَ جي ڪٽهڙي مان هيٺ وڃڻ لاءِ هڪ در هئو، اُهو در پٽي هيٺ وڃڻ لاءِ ببن اَڃا وڌيو مس ته ايتري ۾ سامهون واري ماڙيءَ ۾ وري بتيون ٻريون. ڀاڀيءَ جي لچڪندڙ ڇايا وري هڪ دفعو در ۽ درين جي شيشن تي پيئي ۽ سندس ڪمر جي چوڌاري هٿ وجهندڙ دادا جو ٿلهو متارو ۽ بي ڊؤلو پاڇو به ڏسڻ ۾ آيو. دادا، ڀاڀيءَ جي ڪمر جي اردگرد هٿ وڌو. نه رڳو ايترو پر هوُءَ دادا کي دور هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پوءِ به کيس ويجهو آڻي، دادا... ڇي ڇي! عين بين سئنيما جي مڊم جهڙي هلت! ۽ سو به ڪنهن گوريلي جهڙو دادا، سندس سهڻيءَ ڀاڀيءَ سان ڪري! ڪنهن بلڪل تيز ۽ جلندڙ غصي وچان ببن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو. صرف ننڍن ٻارن جي ڳلن جي ’پپي‘ وٺبي آهي، اِهو خيال سندس من ۾ ڪافي ڏينهن کان گهر ڪري ويٺو هئو، پر وڏا مرد، وڏين عورتن جي وات کي... ته چئبو ڀئيا ٽوڻگي جيڪي چوي ٿو اُهو سڀ سچ آهي! ويچاري ڀاڀي!

ڪنهن رڇ جي ڀاڪر ۾ ڪائي سندر راجڪماري نظر ايندي هجي، اِئين بي ڊؤلي دادا جي ڀاڪر ۾ ڀاڀيءَ جو پاڇو ڏسڻ ۾ اچي رهيو هئو. اِهو نظارو ببن کان ڏٺو ڪونه ويو، ۽ پوءِ به اُن نظاري تان سندس نظرون ڪانه هٽيون. اِهو پاڇو ڏسندي، کيس نه رڳو اِئين محسوس ٿيو ته هوُ هڪ فاش نظارو ڏسي رهيو آهي، پر هڪ سهڻ کان ٻاهر اَتياچار ڏسي رهيو آهي، اِئين به کيس محسوس ٿيو، يڪ ٽڪ نظرن سان ببن اوڏانهن ڏٺو ئي پئي ته ايتري ۾ بتيون وري وساميون ۽ ڀاڀيءَ جي ڪمري ۾ ٻيهر اوندهه ٿي ويئي. پاڇا اوندهه سان ملي هڪ ٿي ويا ۽ ڪنهن ضعيف ٿي ويل ماڻهوءَ جيان، ببن جو من به ڪمزور ٿي ويو.

اُن ٿڪل حالت ۾ ئي، ببن، بستري تي وڃي پيو ۽ ڇت طرف ڏسڻ لڳو. ٻاهر برسات جي رم جهم شروع ٿي ويئي. ڇڄهريءَ تان لڳاتار پاڻي ٽمڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اَچڻ لڳو. ٿڌڙي هوا بار بار بدن کي ڇهي پئي ويئي. ببن جون اَکيون اَڌ بند ٿيڻ لڳيون.  “Gold Diggers of New York” انگريزي پڪچر جو مغربي سنگيت شروع ٿيڻ لڳو. ٽهه ٽهه ڪري کلندڙ، نچندڙ، اَڌ ـــ ڪپڙا پاتل گورين جوانڙين جا پير هيٺ مٿي نظر اَچڻ لڳا. موسيقيءَ جو آواز، ناچ جي ڇم ڇم، برسات جي رم جهم، ڦيريون پائيندڙ نرتڪين جو جهنڊ پاڻ ۾ ملي، هڪ ٿيڻ لڳا. اُگهاڙين سٿرين ۽ ننگين پنين سان نچندڙ عورتن جي گرديءَ ۾ هڪ جو چهرو ۽ بدن جي بناوت بلڪل ڀاڀيءَ جهڙا پئي لڳا. ببن جون اَکيون مڪمل طرح ٻوٽجي وييون ۽ ننڊ ۾ وچ وچ ۾ سندس پيشانيءَ تي گهنج پئي پيا ۽ سندس ڦڙڪندڙ چهري تي نيري بتيءَ جي هلڪي روشني لڳاتار پوندي رهي.

صبح جو ببن چڙندي اٿيو. ننڊ سان به سندس من کي شانتي ڪانه ملي هئي. اڄ صبح صبح جو ئي ’نانا‘ ڪنهن اَهم ڪيس جي سلسلي ۾، ڦڙڪي وڪيل سان صلاح مصلحت ڪرڻ ويو، اِهو چڱو ئي ٿيو. اِن سبب، ڪالهوڪي پڪچر جي آکاڻي ٻڌائڻ جو سوال شايد ڪجهه عرصي لاءِ دور ٿي ويو. ٻاهر وڃڻ کان اَڳه، هوُ شايد هڪ دفعو سندس ڪمري مان ٿي ويو هئو، ڇو ته جنهن `Prisoner of zenda` ڪتاب مان ببن ڪورو پرت ڦاڙي ڇڏيو هئو، اُهو اتي ڪونه هئو، جتي هن رکيو هئو. اَهو سليقي سان ’رئڪ‘ تي ٺاهي رکيو ويو هئو. رات جو ڇوڪري شايد ڪافي اوجاڳو ڪڍيو هئو، اِن لحاظ کان ’نانا‘ ببن کي ڪونه جاڳايو.

بستري تي سج جا پهريان ڪرڻا آيا، تڏهين به ببن کي اُٿڻ نٿي پڳو. عادت مطابق، ’ٽپيا‘ زور زور سان پڇ لوڏيندو سندس ڪمري ۾ آيو ۽ ڄڀ ڪڍي، اَڳيان پير پلنگ تي رکي بيٺو، تڏهين ببن سندس مٿي تي ٿڦڪي هڻڻ بدران کيس ليٽئي ليٽئي ئي لت سان ڌڪي پري ڪيو. ’ٽيپا‘  لاءِ اِهو نئون آزمودو هئو. رسڻ جو آواز ڪندي ’ٽيپا‘ وري ببن جي بدن تي پنهنجا پنهنجا پنجا ٽيڪيا تڏهين هوُ لاچار اُٿيو ۽ منهن ڌوئڻ لاءِ ويو.

ڪمري جي پٺئين درمان ويندي واٽ تي، سندن گهر ۾ آيل نوجوان جوڙو جنهن ڪمري ۾ رات ٽڪيو هئو اُهو آيو. ڪمري جو در کليل ئي هئو ۽ اندر ڪوئي ڪونه هئو. گاديلي، مٿان وجهڻ جي چادر، وهاڻا ـــ ڪجهه به ٺاهي ڪونه رکيو ويو هئو. نرم نرم وهاڻن تي دٻيل هنڌن تي مٿن جا ٺپا ظاهر نظر پئي آيا. پلنگ تي لڳل مڇرداڻي جنهن لڪڻ مان لٽڪي رهي هئي، اُن تي زالون جيڪا ململ جي ڪنچڪي هيٺان پائينديون آهن، اُها لٽڪي پئي. او پلنگ، هو وهاڻا، هُوءَ چادر اوُءَ ڪنچڪي ڏسي، ببن جي من ۾ اَلائجي ڇا ٿيڻ لڳو. ڪلهه رات جيڪي ڪجهه ڏٺو هئائين، اُهو ڪو سپنو هئو، اِئين هيل تائين کيس لڳي رهيو هئو، پر هينئر، اَلبت اُها سموري پيڙا، اُها سموري اڻ تڻ ٻيهر جيئري جاڳندي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾، تيزيءَ سان جاڳي اُٿي.

ببن، وات ۾ برش وجهي، سنان ـــ جاءِ جي ٻاهر بيٺو هئو ته اُهو ڪي ٿيو، جيڪي نه ٿيڻ گهربو هئو. هڪ هٿ ۾ گلن جي ٽوڪري کڻي، ڊوڙندي ڊڪندي ڀاڀي وَٽس آئي ۽ ڏول ۾ پيل گرم پاڻيءَ مان چار ڦڙا، ببن جي بدن تي ڇڻڪيائين. ڀاڀيءَ کي ڏسي، اَڄ ببن کي ڪائي خوشي ڪانه ٿي. اٽلندو، هن جي پيسانيءَ تي گهنج مڙي آيا ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين. ”لڳي ٿو، اَڄ هڪ ماڻهو غصي ٿي ويو آهي،“ اِئين چئي هوُءَ سندس ڀريل ڳلن تي چهنڊڙي پائڻ لاءِ اَڳتي وڌي، ته ببن سندس هٿ هٽائي ڇڏيو. ايتري ۾، وات تي پنهنجيءَ ساڙهيءَ جو پلءُ رکي، ٽهه ٽهه کلندي ڪاشي ٻائي اُتان لنگهي. ڪاشيءَ ٻائيءَ، ٻئي کي بيچين ڪندڙ، ههڙي حقارت ڀريل نموني کلڻ جو فن خبر ناهي ڪٿان حاصل ڪيو هئو. درحقيقت سندس جوانيءَ جي ڪارنامن جو نغارو سڄي شهر ۾ وَڳل هئو. شايد اِنڪري ئي کيس ڀليءَ ڀت معلوم هئو ته ڇو، ڪٿي ۽ ڪيئن کلجي، ڪاشي ٻائيءَ جي نظرن سان نظرون ملندي ئي، ڀاڀيءَ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو ۽ ”شرارتي مئي!“ چئي اُتان نڪري ويئي.

ببن پنهنجي ڪمري ۾ اَچي ڪتاب هٿ ۾ کنيو مس ته ڏاڪڻ تي پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آيس ۽ سندس ڪمري ۾ ’سمن‘ آئي.  ’سمن‘ جي بنگلي جو حاطو، ببن جي بنگلي جي حاطي سان لڳو لڳ هئو، جيئن ببن جو تازو سورهون جنم ڏينهن ٿيو هئو، تيئن سمن جو چوڏهون جنم ڏينهن تازو ٿيو هئو. ٻنهي جو جنم ڏينهن هڪ ئي مهيني ۾ هئو. ننڍي هوندي کا وٺي سمن، ببن سان راند روند ڪندي آئي هئي ۽ سندس گهر ايندي رهندي هئي. سندن وچ ۾ رنگين مڻڪن، مور جي کنڀن، پٿرن ۽ تيلين جي ڏي وٺ اَڃا تازو بند ٿي هئي. پڙو ۽ فراڪ ڇڏي، سمن ساڙهي پائڻ شروع ڪئي، اُن کي ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئا. هوُءَ بلڪل تندرست نينگر هئي. اِنڪري هوُءَ پنهنجي عمر کان ڪجهه وڏي نظر ايندي هئي. اِن هوندي به ببن جيڪي ڀاڀيءَ لاءِ محسوس ڪندو هئو، اُهو سمن لاءِ محسوس ڪونه ڪندو هئو. ڀاڀي مڪمل طرح ٽڙيل گلاب جيان هئي ته سمن ڳتيل ۽ اَڻ ٽڙيل گلاب جي مکڙيءَ جيان هئي. هوُءَ فراڪ ۽ پڙو ڇڏي ساڙهي پائڻ لڳي هئي، پر سندس سڀاءَ مان ڇوڪراڻي اَڃا ويئي ڪانه هئي. ”سمن، ببن جي زال!“ اِها آسپاس مشهور ٿيل چؤپچؤ اَڃا تازوئي بند ٿي هئي، پر اُن رڙو رڙ ۾ ببن کي ڪڏهين به ڪائي معنى نظر ڪانه آئي هئي، اِها رڙو رڙ ٻڌي، اَڳي ٻنهي طرفن جا ماڻهو کلندا هئا، پر اَڄڪلهه ٻنهي طرفن جو رد عمل بدليل هئو. سمن ببن جي ڪمري ۾ قدم مس رکندي هئي ته مينديءَ جي وڻن پوئتان بيٺل سندس ماءُ جو سڏ ٻڌڻ ۾ ايندو هئو، ”سمن! او سمن! اَڄ سنان ڪانه ڪرڻو اَٿيئي ڇا؟“ ۽ ببن ماءُ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني، ٽوال سان هٿ اُگهندي، مٿي ٻه چار چڪر لڳائي ويندي هئي. پنهنجيءَ چوٽي جي پڇڙي سنڀاليندي، سمن ڀرسان پيل ننڍڙي آرام ڪرسيءَ تي اَچي ويٺي ته ببن هن ڏانهن صرف ڏسندو ئي رهيو. فراڪ ۽ پڙو پاتل سمن، اُن ڪرسيءَ تي ويٺل، ببن ڏٺي هئي. پوني ۾ گهاريل اونهارو، سمن کي شايد چڱو ڀاءِ پيو هئو. ڪرسيءَ جي بيٺڪ هاڻ ڪٿي به خالي ڪانه نظر پئي آئي.

”ڪيتري نه ڦُولجي ويئي آهين، سمن!“ اَکيون ڦاڙيندي ببن چيو.

”۽ تنهنجو آواز ڪيترو نه کهرو ٿي ويو آهي. هيءَ مڇين جي ريهه ڇا، هيءُ چهري تي نڪتل موهيڙا ڇا!... واه!“

”وڏي مرد وانگر هاڻ لڳان ٿو نه؟“ ببن اڻ تڻ وچان پڇيو. مرد وانگر لڳڻ، اِها ببن جي تمام پراڻي خواهش هئي. پنهنجو نازڪ چهرو کيس بلڪل نٿي وڻيو. ۽ اُن نزاڪت جي جادوئي علاج طور روز ’سيفٽي ريزر‘ گهمائڻ جي صلاح به کيس ’ٽوڻگي‘ ڏني هئي.

”گهڻو نه، پر ٿورو ٿورو“ ببن جو سندر، مردانگيءَ طرف موڙ کائيندڙ چهرو ڏسندي، سمن چيو.

”تون به ٿوري ٿوري ڀاڀيءَ جيان پيئي لڳين!“

ببن هٿ ۾ ‘ڊوائيندڙ‘ کڻي، ميز تي گول ٺاهي رهيو هئو. سمن، چپن تي پينسل رکي، ڪجهه دير سوچيندي رهي، پوءِ، ڄڻ ڪنهن فيصلي تي پهتي هجي، اِئين سمن چيو، ”هڪ ڳالهه چوانءِ؟“ سمن جي نوڪدار کاڏي ذرا مٿڀري ٿي. ”سمن، ببن جي زال!“ اِهو جهونو واڪو، ببن جي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو ۽ اُن واڪي ۾ ڪائي اَڻ چٽي معنى کيس نظر اَچڻ لڳي.

Princess Flavia” معنى ڪير؟“ سمن پڇيو. ”اِها ڳالهه چوڻ ته نه ٿي، پڇڻ ٿي، انگريزي پنجين ۾ پڙهين ٿي!“

”ٺيڪ آهي، پر اِهو ته ٻڌاءِ Princess Flavia آهي ڪير؟“

”اَسانجو درسي ڪتاب  Prisoner of Zenda آهي نه؟

هوُءَ اُن جي نائڪا آهي. کيس بلئڪ مائڪل چاهيندو هئو، بلئڪ مائڪل ’ولين‘ آهي. هوُءَ ’رڊولف رئسينڊل‘ کي پيار ڪري ٿي. رڊولف رئسينڊل نائڪ آهي. پر نائڪا جي نائڪ سان شادي نٿي ٿئي. سندس شادي سچي پچي راجا سان ٿئي ٿي. `Honour binds a woman too` - اِئين هوُءَ آخر ۾ چوي ٿي. اِهو اَهم جملو آهي.“ يڪساهي، ببن جيڪي ڪجهه چئي سگهيو، اُهو چيائين. ”اَڇا!“ سمن چيو. اَڃا به سندس چهرو ڪنهن خوض ۾ غرق هئو.

”ڇو؟“ ڊوائيڊر سان جيڪو نئون گول ٺاهيائين پئي، اهو اَڌ ۾ ڇڏي، ببن پڇيو.

”هوُ ٽوڻگي آهي نه؟“

”هوُن.“

”مان ۽ ڪاويري ڪروي اِسڪول ويندا آهيون ته هوُ اَسانکي سڏ ڪندو آهي.“

”ڇا چوندو آهي؟“ غصي وچان وڌيڪ کهري ٿيل آواز سان، ببن پڇيو.

”مون کي چوندو آهي  Princess Flavia ۽ ڪاويريءَ کي سڏيندو آهي.  Antoinette de Mauban! ’اَئنٽائنيٽ ڊي مابان‘ ڪير آهي؟“

”هوءَ هڪ وڌوا اهي، هوُءَ بلئڪ مائڪل کي پيار ڪري ٿي، پر هوُ کيس پيار نٿو ڪري... ترس سمن! اَڄ ئي ٿو سالي جي خبر وٺان...“

”ڇي! ڪيتريون نه گنديون گاريون ٿو ڏين! تون به ٽوڻگي وانگر ئي ڳالهائڻ سکيو آهين.“

ببن جي وات مان ورلو ڪا گار نڪرندي هئي، پر جيئن مڇين جي ريهه ۽ کهرو آواز مردانگيءَ جون نشانيون سمجهندو هئو، تيئن ڪچيون گاريون ڏيئي سگهڻ به مردانگيءَ جي هڪ نشاني سمجهندو هئو، ’ٽوڻگي‘ جي، جن ’خصوصيتن‘ تي ببن رشڪ ڪندو هئو، اُنهن مان گارين جي ’شاستر‘ ۾ سندس مهارت، هڪ هئي، البت اُن پل، جوش کي روڪي نه سگهڻ ڪري سندس وات مان گار نڪري ويئي ۽ گجگوڙ ڪندي چيائين، ”سمجهيم، ڏاڏي! سمجهيم.“

”ڏس ببن! مارا ماري نه ڪجانءِ.“ دراَصل ببن، سندس لاءِ ماراماري ڪري، اِهوئي سمن چاهيو پئي. ببن به ساڳيوئي پهه پچايو هئو. ڀاڀيءَ جي باري ۾ هي گندا لفظ! سمن لاءِ وري هيءُ لقب! بدمعاش، ڪميڻو!

”ماني تيار آهي، ببن!“ ڏاڪڻ تان ببن ماءُ سڏ ڪندي چيو.

”اڄ سنان ڪانه ڪرڻو اَٿيئي ڇا، سمن؟“ مينديءَ جي وڻن پوئتان سمن ماءُ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”سمن، ببن جي زال“ ڪڏهان ڪر وسري ويل چؤبچؤ ببن جي ڪنن ۾ وري ٻرڻ لڳي.

”آيس، آيس!“ چوندي چوندي کن اَڌ ۾ سمن ڏاڪڻ لهي هيٺ ويئي. هن جيڪا آرام ڪرسي خالي ڪئي هئي، اُن جي بيٺڪ ڏانهن ببن، ڪجهه منٽ ڏسندوئي رهيو.

ٽوڻگي لاءِ نفرت جي آگه ۾ دکندو، اَڄ ببن اِسڪول ويو. ٽوڻگي، ڀاڀيءَ بنسبت هيل تائين جيڪي ڪجهه چيو هئو، اُن لاءِ ببن کي غصو هئو، ضرور؛ پر ٽوڻگي جي ڳالهه سچي ٿوري ئي آهي؟ ۽ اُها ڳالهه هن پنهنجن ڪنن سان ٻڌي؟ اِن پاڻ پرايل آزمودي ببن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو. هن جهڙي سهڻي ڇوڪري سان ڀاڀي لاڏ ڪوڏ ڪري، ته اِها ڳالهه ٺيڪ ئي آهي، پر کيس دادا... دادا جي ياد ايندي ئي ببن جو من وڌيڪ دکي ٿيو. دادا تي غصو، ڀاڀيءَ تي ڪاوڙ، سمن تي خار- سڀني جا خار هڪ ’ٽوڻگي‘ مان ڪڍڻ پئي چاهيائين، رڊولف رئيسينڊل، بلئڪ مائڪل کان ڊنو ڪونه هئو. ببن به هاڻ هن ٽوڻگي کان ڪونه ڊڄندو. ڀاڀيءَ جو اَپمان! سمن جي بي عزتي!  Princess  Flavia ٿو چويس! ۽ پٽ ماءُ جو، مون کي ’ڇوڪري‘ ٿو سمجهي؟ ببن کيسي ۾ هٿ وجهي، اُن ۾ رکيل ’ڊوائيڊر‘ هٿوراڙيون هڻي ڏٺو ۽ ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”ٽوڻگي! ٽوڻگي!“

ببن کي جنهن مهاشيه لاءِ ’اُڃ‘ هئي، اُهو ڪو گهڻو پري ڪونه هئو. ببن اِسڪول جي ساري ڇٻر ۽ سمورو حاطو ’ٽوڻگي‘ لاءِ ڳوليو، پر هوُ ڪونه مليس، جو هوُ اُن وقت ڀرسان واري هوٽل ۾ چانهه پينهُون خلاص ڪري، شانتيءَ سان، آخرين سگريٽ ڇڪي رهيو هئو. ’هوم ورڪ‘نه ڪري اَچڻ سبب، انگريزيءَ جي پهرئين ’پيريڊ‘ مان گلٽي هنئي هئائين ۽ اِن وزنائتي سبب ڪري، هن ٻيون ۽ ٽيون ’پيريڊ‘ به ’مس‘ ڪيو. ’رسيس‘ ۾، هوٽل جو ’ڪاريه ڪرم‘ صفائيءَ سان پورو ڪري، هوُ اِسڪول جي ڇٻر تي جيڪو منهن سامهون آيس، ان جو ٿورو مذاق اُڏائڻ وارو هئو ۽ پوءِ گهر ڏانهن رفوچڪر ٿيڻ وارو هئو. سگريٽ جي بانس دفع ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي وات ۾ سؤنف ۽ ايلاچي وجهڻ جي غير ضروري خبرداري ورتي ۽ پوءِ لڏندو لمندو اسڪول جي ڇٻر تي آيو. اُن وقت هوُ ببن کي ئي ياد ڪري رهيو هئو. هُو ببن کي وينتي ڪرڻ وارو هئو ته سندس سمن سان واقفيت ڪرائي. ’ڪرنل سئپٽ‘ ’فريٽرز وان ٽارلين هيم‘ ’مارشل اسٽرئڪينز‘ وغيره نالا، باقي بچيل هم ـــ ڪلاسين ۾ جوڳيءَ ريت ورهائي، درسي ڪتاب جي اَڀياس ذريعي حال ڪيل معمولي گيان، عمل ۾ ڪيئن آڻي، اِن باري ۾ سوچ ويچار ڪري ويٺو هئو. ۽ ها! هن ببن کي سندس ڀاڀيءَ جي باري ۾ اوُءَ ڏکوئيندڙ ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو. هيڏانهن هوڏانهن اِنتظار وچان ڏسندڙ ۽ کيسي ۾ ڪجهه ڦولهيندڙ، ڦوهاري ويجهو بيٺل ببن تي سندس نظر پوندي ئي، وات ۾ گهٽجندڙ باقي بچيل سگريٽ جو دونهون، نڪ جي ناسن ذريعي ٻاهر ڇڏيندي، هن زور سان رڙ ڪئي، ”ببن!“

ببن ڊوڙندو ’ٽوڻگي‘ وٽ آيو ۽ بيحد شوخيءَ وچان ڏاڙهيندي چوڻ لڳو، ”ڇاهي ڙي سالا! بلئڪ مائڪل!“ اَگر ٽوڻگي، سهي کي پلٽو کائي شڪاري ڪتي تي هلان ڪرڻ جو نظارو ڏٺو هجي ها ته کيس وڌيڪ عجب ڪونه لڳي ها. رڳو عجب وچان ڪجهه پلن لاءِ سندس زبان ئي ويهجي ويئي. ڪاري، پر چمڪندڙ رنگ واري ٽوڻگي جي هيئن بي عزتي ٿيندي ڏسي، ڀرسان بيٺل چار ڇوڪرا کلن نه ها، ته ٽوڻگي اَڃا ڪجهه دير هوش ۾ ڪونه اَچي ها، پر اِن کل کيس سندس ٿيل بي عزتيءَ جو احساس ڪرايو ۽ بلڪل شرارتي نوع ۾، هٿن سان اِشارا ڪندي ببن کي چيو؛ ”ڇو ڀاڀي؟ ڳل پٽيانءِ ڇا!“

ببن جو جوش، خؤف ۽ دورانديشي حد اورانگهي چڪا هئا. هن اِئين محسوس ڪيو ته ڀاڀيءَ طرف ٽوڻگي جا لفظ نه پر سندس غليظ هٿ وڌي رهيا آهن. هڪدم کيسي مان چهنبدار ’ڊوائيڊر‘ ڪڍيائين ۽ ”وٺ سالا! وٺ.“ چوندي ٽوڻگي جي ڪلهن، ٻانهن ۽ هٿن تي حملو ڪرڻ شروع ڪيائين. ببن ڏسڻ ۾ نازڪ ۽ حسين ضرور هئو، پر ڪمزور ڪونه هئو. هونئن عمر ۽ سرير جي لحاظ کان وڏو ٽوڻگي، ببن کي قابو ڪري سگهي ها، پر ببن جو غير رواجي غصو ڏسي، سندس اَکيون چرخ ٿي وييون. کيس ٿلهو ڪوٽ پيل هئو، اِن هوندي به ’ڊوائيڊر’ ڪافي چڀي ٿي، اِهو سندس ڌيان ۾ آيو، کيس ياد آيو ته هو بي هٿيار آهي، اِنڪري هٿ وارا ڪتاب ڍال جيان نچائيندي، ”اَڙي، اَڙي ببن! ڏس ته! ڪوئي کيس چوي ته! نه ته سندس قيمو بڻائيندس!“ اِئين چوندو، هوُ پٺيان پٺيان سرڪڻ لڳو.

ببن جو قيمو يا چٽڻي بڻائڻ جو، ٽوڻگي کي بنهه خيال ڪونه هئو. اَڪثر غندن جيان هوُ به بزدل هئو. ببن جو خوفناڪ جوش ڏسي هوُ دراَصل عجب ۾ پئجي ويو هئو ۽ ڪوئي وقت سر وچ ۾ پئي، سندس عزت بچائي، اِها دل ئي دل ۾، ايشور کي پرارٿنا پئي ڪيائين. ’ٽوڻگي‘ جي پرارٿنا ٻڌڻ جو به اُن وقت پرميشور کي پُور پيو ۽ تڪڙو تڪڙو ٻرانگهون ڀري ايندڙ ’پي.ٽي‘[3] ماستر، ببن ڏانهن عجب وچان هڪ نظر اُڇلي، ببن کي ٽوڻگي کان پري ڪيو، پر اِن نموني وچ ۾ پوڻ ڪري ’ٽوڻگي‘ جي پت البت بچي ڪانه، ڇو ته ويندي ويندي ’پي. ٽي‘ (جسماني قواعد) جي ماستر، ٽوڻگي جي ڳل تي هڪ زوردار چماٽ ڦهڪائي ڏني.

ببن جو منهن بلڪل لال ٿي ويو هئو. جوش ۽ آنند وچان، سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، کيس دل پئي ٿي ته واڪا ڪري چوي، ”ڀاڀي! سمن! ڏٺو، توهان لاءِ مون ڇا ڪيو؟“

ٻئي هٿ ڇڏي، سائيڪل هلائيندو، ببن پنهنجي بنگلي جي دروازي سامهون لٿو ۽ ’ڪئريئر‘ تان ڪتاب ڪڍي، ذرا ڀاڀيءَ جي ماڙيءَ ڏانهن ڏٺائين. ببن جو اسڪول مان موٽڻ جو وقت ٿيندو هئو، ته رواجي طرح ڀاڀي پنهنجي ماڙيءَ جي دروازي تي اَچي بيهندي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ، جڏهين ببن سائيڪل جي گهنٽي وڄائيندو هئو، تڏهين هوءَ دروازي تي ضرور ايندي هئي. سندس ماڙيءَ تي ڪافي سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هئو ۽ اَڌ اُگهاڙي، لٺ بدن تي پيل جڻئي ۾ آڱريون ڦيريندي، ۽ هلچل ڪندي، دادا هڪ ’هولڊ- آل‘ ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اِهو نظارو ڏسي، ببن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ زور زور سان سائيڪل جي گهنٽي وڄائڻ لڳو، پر، ڀاڀي دروازي تي ڪانه آئي.

”ببن، ٻڌءِ؟“ رنڌڻي جي چائنٺ تي ببن اَڃا پير مس رکيو ته ماڻهس چيو، ”تنهنجي ڀاڀي وڃي رهي آهي.“

”ڪٿي؟“ هٿ ۾ کنيل لڏون واپس بسيءَ ۾ رکندي ببن پڇيو.

”دادهن جي تار ذريعي بدلي ٿي آهي، سڀان صبح جو هُو تنهنجي ڀاڀيءَ کي سندس پيڪن ۾ ڇڏي، پنهنجيءَ نئين نؤڪريءَ تي وڃڻو آهي. الائجي وري ڪڏهين ساوتريءَ سان مکا ميلو ٿئي!“

ببن جو گويا ساهه گهٽجڻ لڳو،سامهون پيل بسي هن پاسيري ڌڪي ڇڏي. ڀرسان ئي ڪم ڪندڙ ڪاشيءَ ٻائيءَ کي مخاطب ٿي، ببن ماءُ اَڳتي چوڻ لڳي، ”ڪهڙي نه سون جهڙي ڇوڪري آهي، ويچاريءَ کي هڪ اڌ ٻار هجي ها ته ڪيترو نه سٺو ٿئي ها!“

ڪاشي ٻائي کلي، پنهنجي بي آرام ڪندڙ طرز سان کلي ۽ چيائين، ”ببن راءُ! لڏون نه کاءُ، ڀاڀي وڃي ٿي، اِن لاءِ ايترو ڏک ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو؟“

”ببن، پٽ! اِهو ڇا پيو ڪرين؟ تنهنجي ساوتري ڀاڀي، توسان ملڻ ڄاڻ آئي ڪ آئي، مون کي چئي ويئي آهي.“ ببن ماءُ چيو.

”پوءِ ته اَڄ لوڏائي لوڏا!“ ڪاشي ٻائيءَ جي وري ساڳئي کل شروع ٿي ويئي.

پينگهه جو ”ڪرر ـــ ڪوُ، ڪررڪوُ“ آواز ٿي رهيو هئو. پينگهه هيٺ ـــ مٿي ٿيڻ وقت، بجليءَ جي بتيءَ ۾، ڀاڀيءَ جي نڪ ۾ پيل ڦلي جڳهه مڳ ڪري چمڪي ٿي اُٿي. هوا جي هر هڪ جهوٽي سان، ڀاڀيءَ پنهنجن وارن ۾ جيڪي  ’ڪيوڙي‘ جا گل لڳايا هئا، اُنهن جي خوشبو ڦهلجي ٿي ويئي. ڪڏهين گل کلي، ڪرڻ ٿي لڳا ته پير زمين تي ٽيڪي، اُهي واپس لڳائڻ ٿي لڳي. اُن وقت ڪيلي جي وڻ جي ٿر جهڙيون سندس پنيو ڏسڻ ۾ ٿي آيون. هوا ۾ اُڏامندڙ، سندس ’اِرڪلي‘ ساڙهيءَ جو پلاند، ڪنهن پريءَ جي پر جيان ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو هئو.

اَڄ، ببن کي بلڪل ويجهو ويهاري، ڀاڀي پينگهه لڏي رهي هئي. پوپٽ، گلاب کي ڀاڪر پاتو هجي، اِئين ببن ڀاڀيءَ سان لڳي ويٺو هئو. ڀاڀيءَ جا ڪپڙا، ڀاڀيءَ جو جوان بدن، ڀاڀيءَ جي وارن ۾ پيل گلن جي خوشبو، ببن جي روم روم ۾ گهڙي رهيا هئا، سندس ڪنگڻن جو آواز کيس ٻڌڻ ۾ آيو پئي. سندس سفيد ڏندن جي لڙي، کيس ڏسڻ ۾ آئي پئي. سندس نڪ ۾ پيل زيور سندس اَکين آڏو ناچ پئي ڪيو. وچ وچ “ ڀاڀي پنهنجي ٻانهن ببن جي چوڌاري وڌي ٿي ته ببن اِئين محسوس پئي ڪيو ڄڻ مخمل جي وهاڻي ۾ بيحد آنند وچان گهٽجي رهيو هئو. پينگهه هيٺ وڃي رهي هئي، مٿي وڃي رهي هئي. هيٺ ۽ مٿي! ايترو سک، ايترو مزو، ببن ڪڏهين به محسوس ڪونه ڪيو هئو. ۽ ايتري دک جو به آزمودو ببن ڪڏهين ڪونه پرايو هئو. ڪنگڻن جي کن کن، هيري جي چمڪ ڌمڪ، ’ڪيوڙي‘ جي گلن جي خوشبو، ريشمي ڪپڙن جي ڦڙڦڙ! رفتا، رفتار، رفتار! هوا جا جهوٽا! پينگهه هيٺ ـــ مٿي ـــ هيٺ مٿي!

ببن ڄڻ ته هوش وڃائي، ڀاڀيءَ جي ڀرسان ويٺو هئو. کيس گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ تي دل پئي ٿي، پر ڪجهه به ڳالهائي نه پئي سگهيو. وچ ۾ ئي ڀاڀيءَ پينگهه جي رفتار گهٽ ڪئي، تڏهين گهٻرائجي، مٿي ڏسندي ببن چيو،

”ڀاڀي!“

”ڇاهي ببن؟“

”توکي مون تي غصو آهي؟“

”نه ڙي!“

”ته پوءِ پينگهه لوڏڻ ڇو بند ڪئي اَٿوَ؟“

”هاڻ گهر نه وڃان ڇا؟“

”اَڃا ٿوري دير!“

”دير پيئي ٿئي، ببن!“

ڀاڀيءَ پنهنجا گلابي پير واپس زمين تي ٽيڪيا. هن ٻيهر پينگهه کي رفتار ۾ آندو. ساکيات سک تي ليٽيو هجي، اِئين ببن ڀاڀيءَ سان بلڪل لڳي ويٺو. ۽ هڪ دفعو وري ڪنگڻ کنڪيا، وري ڪيوڙي جي گلن جي سڳنڌ ڦهلجي ويئي، وري هيري جي ڪڻ چمڪڻ لڳي. وقت تمام آهستي آهستي گذري رهيو آهي، اِئين ببن محسوس ڪرڻ لڳو، وري هڪ دفعو پينگهه لڏڻ بند ٿيڻ لڳي.

”ببن!...“

”نه، ڀاڀي! اَڃا ٿورو!“

”دير پيئي ٿئي، ڙي!“

”باقي هڪ دفعو! قسم سان، هڪ دفعو!“

”چريو ڪٿان جو!“

وري پينگهه مٿي ويئي، وري پريءَ جا پر ڦهليا، بيحد خوشيءِ وچان ببن چيو،

”ڀاڀي!“

”ڇاهي؟“

”خبر اَٿيئي، اَڄ مون ڇا ڪيو؟“

”ڇا ڪيهءِ؟“

”ڀئيا ٽوڻگي کي خوب ڪٽيم.“

”اَڇا!“

”خبر اٿئي ڇو ڪٽيومانس؟“

”ڇو؟“

”هوُ تنهنجي باري ۾ واهيات بڪي رهيو هئو نه، اِنڪري.“

ڀاڀيءَ، ببن جو هٿ دٻايو ۽ سندس ڳل پٽيائين، اُن وقت ببن کي اِئين محسوس ٿيو ته هو، ڀاڀيءَ جي خاطر، اسڪول جي هر شاگرد ’ڊوائيڊر‘ ٽنبي سگهي ٿو، پينگهه جو ليءِ ـــ ڀريل آواز تيزيءَ سان شروع ٿي ويو. ـــ ”ڪرر ڪوُ، ڪرر ڪوُ“ ـــ ببن لوڏا کائي رهيو هئو. سپنا لوڏا کائي رهيا هئا، ڀاڀي لوڏا کائي رهي هئي. جواني جهوُمي رهي هئي!

دل ئي دل ۾ ببن چاهيو پئي ته گهڙيال ڪا ڪانٽا بيهي رهن، پرٿوي سج جي چوڌاري ۽ پنهنجي محور جي چوڌاري جيڪي ڦيرا پائي رهي آهي، اُهي رڪجي وڃن، ۽ صرف سندس پينگهه چالو رهي! ببن جي ماءُ ٻه چار دفعا، ٽوال سان هٿ اھگهندي، اُتان ٿي ويئي، هن به هميشه جيان کيس تنبيهه ڪندي ڪانه چيو ته ببن! ڏينهون ڏينهن تون ننڍڙو ٿيندو پيو وڃين ڇا؟ ڀاڀي، پينگهه جي رفتار ڍري ڪئس مس، ته ببن کيس چنبڙي چيو ٿئي، ”هڪ دفعو، قسم سان هڪ دفعو! سڀان ته تون هلي ويندينءَ! وري ڪڏهين گڏجي پينگهه لڏنداسين؟! ۽ ڪجهه ڪجهه هوش ـــ وڃايل ڀاڀي، پينگهه کي وري رفتار ۾ آڻي رهي هئي. وري ڪنگڻن جي کن کن، وري ڪيوڙي جي گلن جي خوشبو، وري ساڙهيءَ جي پلاند جي ڦڙڦڙ، وري پينگهه جو آواز ـــ ”ڪرر ڪُو، ڪررڪوُ!“

ٻاهران ’نانا‘ جو ڏسائون ڏڪائيندڙ آواز جيسين ٻڌڻ نه آيو، تيسين اِئين هلندو رهيو.

بسي هٽائي، هٿ ڇنڊي، ببن رنڌڻن مان اُٿي، سڌو پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ وهاڻي ۾ پنهنجو چهرو لڪائي، زارون زار روئڻ لڳو.، کيس سڌ ئي نٿي پيئي ته کيس ڇا ٿي رهيو آهي. سندس بدن ۽ من ساندهه لوڏا کائي رهيا هئا ۽ اُڀامي رهيا هئا، ۽ ڄڻ ڇاتي ڦاٽي رهي هجيس، اِئين سڏڪا ڀري روئي رهيو هئو، کيس اِئين لڳي رهيو هئو، ڄڻ سندس زندگي اُجڙي ويئي آهي ۽ اُن ۾ هاڻ ڪجهه به باقي ڪونه بچيو هئو. کيس اِئين محسوس ٿي رهيو هئو، گويا سندس اِهو رودن ڪڏهين به ختم ٿيڻ وارو ڪونهي. ۽ هن چاهيو به پئي ته اِهو رودن ڪڏهين به ختم نه ٿئي. هاڻ جيڪو ٿورو گهڻو سک بچيل هوندو يا ٿورو گهڻو سنتوش باقي هوندو ته اُهو صرف روئڻ مان ئي حاصل ٿي سگهندو، رکي رکي اُٿندڙ غم جي ڇوهي سان گڏ، ببن جو سمورو سرير، اِئين ڪنبي ٿي اُٿيو، جيئن واچوڙي جي وَڪڙ ۾ آيل سلو ڪنبندو آهي. ”ڀاڀي!... ڀاڀي!“ هوُ، وهاڻي ۾ چهرو لڪائي، زور زور سان سڏڪا ڀري چئي رهيو هئو،

”ڀاڀي!... ڀاڀي!“

روئندي روئندي، ببن جي اَک لڳي ويئي، سندس چهري تي اَڃا ٻه آنسن جون سڪل نهرون هيون، پر غم جا نشان، البت، اُتان مڪمل ريت مٽجي چڪا هئا. ننڊ ۾، سندس چهري جي مشڪن ۾ پرچر شروع ٿي ويئي ۽ ڦوهاري جي پاڻي پوڻ سبب ٿرڪندڙ باغ جيان سندس چهرو تازو توانو ڏسجڻ لڳو. ببن کي سپنو اَچي رهيو هئو. سندس خوابن جي دنيا ۾ هاڻ سمن داخل ٿي هئي. ۽ باپ ڙي! سمن جي شڪل هوريان هوريان، ڀاڀيءَ جيان سهڻي ۽ ڊؤلائتي ٿي رهي هئي. پٿر ۾ پيل ڏار مٿان هوا جي زور سان ڪا لهر اُڇلجي پوي، اِئين ببن جي چهري تي مرڪ کيڏڻ لڳي ۽ ڦهلجڻ لڳي. اُن مرڪ مٿان بجليءَ جي نيري هلڪي ۽ سانتيڪي روشني پئجي رهي هئي!


 


[1]  مراٺيءَ ۾ ’ٽوڻگا‘ جي معنى ’سانُ‘ يا ’ڏڏ‘ به آهي. - اَنوادڪ

[2]  اَڳئين زماني ۾ شاهوڪار مراٺي عورتون ’ارڪلي‘ ساڙهيون پائينديون هيون، جن کي وڏي بارڊر هوندي هئي ۽ جن تي زريءَ جو ڪم ڪيل هوندو هئو. - اَنوادڪ

[3]  جسماني قواعد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com