سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون

(ڀاڱو ٻيو)

باب: --

صفحو :9

12

شري ج . جوشي

 

راڪاس

شام جو، ڪم تان موٽڻ بعد، ڪپڙا لاهي، ڪليءَ تي ٽنگيندي چيم، ”اَڄ هڪ بريِ خبر آهي!“

چانهه ٺاهڻ لاءِ، هوءَ ’اسٽوو‘ کي ’پن‘ هڻي رهي هئي. اسٽوو کي اُتي ئي ڇڏي، گهٻرايل آواز ۾ چيائين، ”ڪهڙيءَ خبر؟“

سانتيڪي ڳؤري آواز ۾ چيومانس، ”رام جي نؤڪري ويئي. اَڄ ئي کيس مهيني جو ’نوٽيس‘ مليو آهي.

منهنجو جملو دهرائيندي چيائين،”ڏيرم جي نؤڪري ويئي؟ هاءِ هاءِ! هاڻ ڇا ٿيندو؟“

ايتري وقت ۾ هن اسٽوو ٻاريو هئو ۽ چانهه جو ٽوب اُن مٿان رکيو هئو.

ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هئو، اِنڪري اَسان اسٽوو جي نيري جوالا ڏانهن ۽ اُن اَندر جلي لال ٿيندڙ ’برنر‘ ڏانهن اُهين ئي ڏسندا رهياسين.

چانهه جو ڍڪ پيئڻ بعد مون چيو، ”خبر بري آهي، پر هڪ ڪري بري ناهي به.“

عجب وچان هن پڇيو، ”اهو وري ڪيئن؟“

”ڪمپنيءَ ۾ ’رٽرينچمينٽ‘ ٿيندي اَهڙو اَفواهه گذريل ٻن چئن مهينن کان هئو؛ ڪنهن تي ته اِهو وارو اَچڻوئي هئو؛ سو رام ئي آيو، هاڻ مان بچي ويس، اِئين چوڻ ۾ ڪائي حرڪت ڪانهي.“

ڪپ ـــ بسيون موري جي ٻنڌ تي رکندي چيائين، ”اهڙو سوارٿ ڀريو ويچار توهان جي من ۾ آيو ڪيئن؟“

”ويچار سوارٿ ـــ ڀريو اَوس آهي، پر حقيقي آهي. رام عيوض منهنجي نؤڪري هلي وڃي ها ته ڇا ٿئي ها؟ رڳو خيال ايندي ئي مان ٿرٿر ڪنبڻ ٿو لڳان.“

اُن بعد ڪلاڪ ٻه اَشٿر، اَشانت وايو منڊل ۾ گذري ويا. هوءَ ماني ٺاهڻ لڳي ۽ مان ٻاهرئين ڪمري ۾ پيل کٽ تي اَچي ويٺس، جڏهين من ڪٿي نه لڳندو آهي، تڏهين مان اِن کٽ تي اَچي ويهندو آهيان. اُتان سامهون واريءَ ’چال‘ جي ٻن ٽن ڪمرن ۾ ٺونسيل ڪٽنب ڏسي سگهندو آهيان. اُنهن ڪٽنبن جي عورتن ۽ مردن کي خوامخواه ڏسندو رهڻ، منهنجو هڪ شغل بڻجي پيو آهي. اَڄ به اِئين ئي اَچي ويٺس ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳس.

هن ماني تيار ڪري، روٽي کارائڻ ـــ کائڻ جو ڪم ٽپائي ڇڏيو. بيبيءَ کي ڀرسان واري ڪٽنب جي ڀاتين وٽ سمهاري مون کي چيائين، ”هلو نه ڏيرم جي گهران ٿي اَچون.“

”هينئر؟ هيڏي رات جو؟ خبر اَٿيئي ساڍي اَٺ لڳي ويا آهن؟“

مون اُٿي ڪوٽ پاتو ۽ چيومانس، ”هلڻو هجيئي ته ڀلي هل، پر اُتي هلڻ مان فائدو؟“

چال جي ڏاڪڻ لهي، رستي تي آياسين ۽ هلڻ لڳاسين، مان سانت هوس، هن به ڳالهايونه پئي، ڪافي دير هلڻ کانپوءِ هن چيو، ”سچ، ويچارن تي وڏي مصيبت ٻري آئي آهي. نه؟“

مون ڪجهه به ڪونه چيو، ڳنڀير، دکه ـــ ڀريل حالتن ۾ اَڙجي وڃڻ تي ڪي ماڻهو زور زور سان ڳالهائڻ لڳندا آهن ۽ ڪي بنهه چپ ٿي ويندا آهن. چپ رهندڙ ماڻهو ٻاهران ٿڌا لڳندا آهن، پر سندن من ۾ آسيم پيڙا هوندي آهي. اَهڙين حالتن هيٺ نه ڳالهائيندڙ ماڻهن مان هڪ مان به ٿورو گهڻو آهيان.

پر هن ڳالهايو ئي پئي، چيائين، ”هاڻ ويچارا ڇا ڪندا؟“

بي ڪا نؤڪري ڳوليندو.“

”ٻي نؤڪري جلد نه ملي ته؟“

”ته جيسين اُها ملي، تيسين ڳولا جاري رکندو.“

”پر اِئين نؤڪريءَ جي ڳولا جاري رکڻ سولي ڳالهه آهي ڇا؟“

”ڇو؟ اِن ۾ ڪهڙي مشڪل ڳالهه آهي؟“

”چئو ڇا پيا؟ هيڏو سارو ڪٽنب آهي، زال آهي، ٻار آهي، اُنهن جو ڇا ڪندا؟ گهر جو خرچ ته چالو ئي رهندو. گهر جو ڀاڙو، کير، ڪرياني جو خرچ، کين نوڪري ناهي، اِنڪري اِهي خرچ ڪو بند ٿوري ئي ٿي ويندا؟“

”ا‎نهن خرچن کي چوڻ کپي ته في الحال رڪجي وڃو.“

”واه ! چئي ته سولائيءَ سان ويا، پر گهر ٻار جو خرچ ڪڏهين ڪنهن جي لاءِ به رڪيو آهي؟“ ايترو چئي هوءَ رڪجي ويئي ۽ اَڳتي وڌڻ لڳي، ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ چوڻ لڳي، ”مون کي هڪ ڪلپنا سجهي ٿي، ٻڌايانوَ؟“

”ڀلي چؤ. چوڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“

”مون کي گهر سنسار هڪ راڪاس جيان لڳندو آهي، ۽ سندس وات چوويهه ئي ڪلاڪ (آ) ڪري کليل رهندو آهي.“

سندس ڪلپنا تي مون کي کل آئي، ۽ چيومانس، ”پراڻن ۾ بڪاسر جي ڳالهه آهي، کيس روز اَناج جو گاڏو گهربو هئو، اَگر ڪنهن ڏينهن کيس اَناج ڪونه ملندو هئو ته سڄو ڳوٺ کائي ويندو هئو.“

هن اَڳتي چيو، ”گهر سنسار جي وات ۾ به هر پل پئسا وجهڻائي ٿا پون. اَگر ڪنهن پل پئسا وجهڻ ممڪن نه هوندو آهي ته اُهو راڪاس ڪنڌ تي ويهيو رهي.“

ايتري ۾ اَسان، رام جي ’چال‘ جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳاسين. مون چيو، ”رام کي ڪو خاص فڪر ڪونهي، ڪفايت ۽ پڪائي ڪري، گهڻو ڪجهه پاڇي ڪري رکيو اَٿائين.“

”ڪيترو بچائي رکيو اَٿائون؟“

”مان ڀانيان ٿو ٻه سئو پنجٽيهه رپيا کن هوندس،“ مون کلندي چيو، ”ٻه سئو پنجٽيهه!“

هن ذرا ڏاڍيان چيو، ”اهو ته اُن بڪاسر جو هڪ مهيني جو گرهه ٿيو. ايندڙ مهيني اُن جي وات ۾ ڇا وجهبو؟“

ايتري دير ۾ اَسان ٽي ڏاڪڻيون چڙهي، هن جي ڪمري تائين پهچي ويا هئائسين. در بند هئو. مون ٺڪ ٺڪ ڪئي ته در رام ئي اَچي کوليو.

اَندر گهڙياسين ته رام کٽ تي ويٺو هئو ۽ نرملا ڀاڀي ڀرسان ئي اُداس اُداس بيٺي هئي، ۽ گذريل چئن پنجن سالن ۾ شؤق وچان ۽ ڪشالا ڪڍي سينگاريل گهر سنسار سامهون طاقت تي، ڀت ۾ کتل ڪٻٽن، پيتين ۽ ڪيلن تي ٽڙيل پکڙيل نظر اَچي رهيو هئو.

اَسان اَندر وياسين ۽ ويهي رهياسين. ڪنهن مرِي ويل ماڻهوءَ جي پرچاڻي ڪرڻ لاءِ جيئن وڃي ويهبو آهي، تيئن وڃي ويٺاسين. آخر اِئين ويهڻ به مشڪل ٿي پيو، ۽ مون رام کي چيو، ”هاڻ اَڳتي جو ويچار ڪرڻ جڳائي.“

کٽ کان هيٺ لٽڪندڙ پير کٽ تي رکندي، اوڪڙو ويهندي هن چيو، ”اڳتي ڇا ڪجي؟ نؤڪري ڳولبي ٻيو ڇا ڪبو؟“

”پر نؤڪري جلدي ملي ويندي، اِئين لڳي نٿو.“ مون نرملا ڀاڀيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.

اِن بعد وري خاموشي ڇانئجي ويئي. رام ۽ نرملا ڀاڀي هڪ ٻئي ڏانهن خالي نظرن سان نهاري رهيا هئا، ۽ مان سامهون واري ڪٻٽ ۾ قطار ۾ سجائي رکيل هڪ ئي ماپ جي چمڪندڙ پتل جي دٻن ڏانهن خواه مخواه ڏسڻ لڳس، نرملا ڀاڀيءَ جي ـــ سٺيون چيزون گڏ ڪرڻ جي ـــ خفت کان واقف هوس ۽ اِنڪري ئي پٺيان ’اسٽين ليس‘ جا چلڪندڙ باسڻ بدزيبا لڳي رهيا هئا.

ڪافي دير گذرڻ بعد مون چيو، ”مون کي هڪ راه سجهي ٿي.“

”ڪهڙي؟“ نرملا ڀاڀيءَ پڇيو.

”توهان هيءَ جڳهه ڇڏي، پيڪي گهر هلي وڃو، اِن ريت گهٽ ۾ گهٽ هيءُ چالو خرچ ته گهٽ ٿيندو.“

”سندس پيڪن ۾ به ڪير آهي؟ پڻهس کي ٿوري پينشن ملندي آهي ۽ سندس ڀائرن کي به معمولي نوڪريون آهن، سندس اُتي وڃڻ کين ڪافي ڀاري لڳندو.“

رام چيو.

مان سمجهي سگهان ٿو، سندس ڀائرن کي کڻي سٺيون نوڪريون هجن ها ته به سندس اُتي وڃڻ هو سهاري نه سگهن ها، هر ڪنهن جو گهر سنسار محدود هوندو آهي، ڪو ٽياڪڙ اُتي ويندو آهي، ته اُن جو پايو ئي لڏي ويندو آهي، اِهو سچ آهي، پر اِن کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، اِئين ڪبو ته رام نؤڪري ڳولڻ لاءِ آزاد رهندو.“

اِن تي منهنجيءَ گهر واريءَ چيو، ”سچ! ڏاڍو سهڻو خيال آهي، نؤڪري هٿ ڪن تيسين ڏيرم اَسان وٽ رهندا.“

اِن تي رام مون ڏانهن ۽ مون رام ڏانهن ڏٺو. اَسان جون نظرون مليون، ڇا به هجي اَسان ٻنهي جون دليون ڀرجي آيون. اُن بعد ڪافي دير تائين خاموشي ڇانيل رهي، پوءِ مون چيو، ”رام جو بندوبست ڪري سگهبو، پهرين گهر جو سامان سڙو ٻڌڻ کپي. اَچو ته ٻڌڻ شروع ڪريون.“

اِئين ڳالهائيندي، ڪمري ۾ ٽڙيل پکڙيل” گهر- سنسار“ طرف مون نظر اُڇلي. راڪاس جيڏي ”گهر سنسار“ کي اَسان ’ٽرنڪ‘ ۾ ٺونسڻ وارا هئاسين. ۽ ٿلهي رسيءَ سان ٻڌي ’هولد آل‘ ۾ سمائڻ وارا هئاسين. هر منٽ آنا ۽ روپيا چٻاڙيندڙ راڪاس کي اسان هاڻي پري موڪلي رهيا هئاسين، اِها ڳالهه مون کي نئين لڳي رهي هئي.

پوءِ اِئين ئي پندرهن ـــ ويهه ڏينهن گذري ويا. زال ۽ ٻارن کي وٺي، رام ساهڙي گهر ويو هئو ۽ هن جي واپس اَچڻ جي زور واٽ نهاريندو هوس. هڪ ڏينهن ڪم تان موٽيس ته کيس ٻاهرئين ڪمري ۾ پيل کٽ تي ويٺل ڏٺم، کٽ هيٺان ئي هن ’ٽرنڪ‘ سرڪائي ڇڏي هئي ۽ ”هولڊ آل“ ڪنڊ ۾ پيو هئو.

چانهه پيئندي پيئندي، هميشه وانگر، دل کولي هن سان گپ شپ هڻڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڇا به هجي، گفتار جي رفتار وڌي ئي نه!

اُها شام اِئين ئي گذڙي ويئي. رات جو ماني کائڻ بعد، منهنجيءَ گهر واريءَ رام جو بسترو ٻاهرئين ڪمري ۾ وڇايو ۽ اَسا ٻنهي جا بسترا اَندر رنڌڻي ۾ ئي وڇايائي. سچ پڇو ته ٻاهرئين ڪمري جي ڀيٽ ۾ اَندريون ڪمرو بلڪل ننڍو آهي ۽ رنڌڻو ۽ ’موري‘ اُتي ئي هئڻ سبب اُتي سمهڻ تي دل هرگز ڪانه ٿئي، پر ڇا ڪجي؟ ڪيئن به هجي، رام آخر مهمان هئو، کيس رنڌڻي ۾ سمهڻ لاءِ چوڻ ممڪن ئي ڪونه هئو.

اُن رات، ليٽئي ليٽئي مون پنهنجي گهر واريءَ کي چيو، ”رام بلڪل بدليل پيو لڳي.“

”شايد کيس گهر جي ياد ايندي هوندي.“

”اون هون! ايتري ۾ گهر جي ياد ڪيئن اينديس؟“

”يا ته کيس هتي مشڪل لڳندو هوندو.“

”مشڪل ڇو لڳندس؟ اَڳي جڏهين سندس زال ويم ڪيو هئو، تڏهين اَسان وٽ ڪونه کائيندو هئو ڇا؟“

”تڏهن جي ڳالهه نرالي هئي.“ هن اُٻاسي ڏني ۽ ڄڻ ننڊ ايندي هجيس اِئين چيائين، ”اَڄ بيڪار آهي، کيس مشڪلات محسوس ٿيڻ سڀاويڪ ئي آهي.“

ٻئي ڏينهن کان سندس ’پروگرام‘ شروع ٿي ويو، جلد ئي اُٿي، سنان ڪري، چپ چاپ اَسان سان گڏ چانهه پيئڻ؛ اُن بعد اَخبار جا صفحا اُٿلائڻ ۽ ڪپڙا پائي ٻاهر وڃڻ، منجهند جي مانيءَ مهل مان ڪم تي هوندو هوس، پر هوُ ڪنڌ هيٺ ڪري، بنا چُونءَ چان ڪرڻ جي ماني کائي، وري ٻاهر ويندو هئو. شام جو مان ڪم تان موٽندو هوس ته سڄي ڏينهن جي رپورٽ ڏيندو هئو. فلاڻي هنڌ ويو هوس. ڊمڪي جو ’وسيلو‘ لڳائڻ جي ڪوشش ڪيم، ڊينگري ڪمپنيءَ ۾ ’ٽائيپسٽ‘ جي نؤڪريءَ جي باري ۾ ’ٽائيمس‘ ۾ اِشتهار آيو آهي. وغيره خبر چار مون کي ڏيندو هئو. مان سانت ۾ اُهو سڀ ٻڌندو هوس ۽ پوءِ اَندر وڃي ويهندو هوس. شروع شروع ۾ سندس نؤڪريءَ بنسبت مون کي ۽ کيس ـــ ٻنهي کي اُتساهه هوندو هئو، پر هوريان هوريان، نوڪري ملڻ ڪيتري مشڪل آهي، اِها سڌ پوڻ تي، اُتساهه گهٽبو ويو، ۽ ماحول ۾ هڪ قسم جي اُداسائي ڇانئجڻ لڳي، جيئن ڏيئي مان تيل هوريان هوريان ختم ٿيندو ويندو آهي، تيئن سندس کليل ڳالهائڻ به ڌيري ڌيري گهٽبو ويو ۽ هڪ قسم جي غمگيني سندس هلت چلت ۽ ڳالهائڻ ـــ ٻولهائڻ ۾ اَچڻ لڳي.

هاڻ مان ڪم تان موٽندو هوس ته هن طرف ڏسي صرف مشڪندو هوس ۽ اَندر هلي ويندو هوس. ٻاهرين کٽ تي اوڪڙو ويهي، ڪا جهوني پراڻيءَ اَخبار خواه مخواه ويهي پڙهڻ جي، اَڄڪلهه کيس عادت پئجي ويئي آهي، اُن مخصوص ”پوز“ ۾ کيس ڏسي منهنجي دل ڪچي ٿي ويندي هئي ۽ ٻاهرئين ڪمري ۾ ويهڻ مون لاءِ ناممڪن ٿي پوندو هئو. اَسان ٻنهي وچ ۾ هڪ عجيب بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي، اِن جو مون کي احساس هئو، پر ان لاءِ مان لاچار هوس، ٻاهرئين ڪمري ۾ پيل کٽ تي سدائين ڪنهن ڀوت وانگر ويٺل سندس شڪل ڏسي مون تي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي نس نس تي عجيب اَثر ٿيندو هئو، ان لاءِ اَسان ڇا ٿي ڪري سگهياسين. هڪ ڏينهن شام جو، جڏهين هوُ ٻاهر ويٺو هئو، تڏهين اَندر پنهنجي گهر واريءَ کي ڌيمي آواز ۾ چيم، ”اَڃا کيس نؤڪري ڪانه ملي آهي؟“

”ملنديس ڪيئن؟ اَڄڪلهه ٻاهر ئي ڪونه وڃن!“

”چوين ڇا پيئي؟ هوُ سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي ويٺو هوندو آهي؟“

”ٻيو نه ته؟ صبح جو اُٿي ٻاهر ويندا آهن. منجهند جو ماني کائي سگريٽ ڇڪيندا آهن، يا ته سمهي پوندا آهن. سڄو ڏينهن هن کٽ تي راڪاس وانگر ويٺا هوندا آهن.“

ڪجهه عقلمنديءَ کان ڪم وٺندي چيم، ”پر به ٻيو ڇا ڪندو؟ نؤڪريءَ جو پتو ئي نه هوندس ته ٻاهر هُو ڇو ۽ ڪٿي ويندو؟“

”اِنڪري ڇا هٿ ٻڌي ويهي رهندا؟ جڏهن ڏسون تڏهين کٽ تي ساڳئي هنڌ، ساڳيءَ طرح ويٺا ئي آهن. هي ماڻهو آهي، ڪير آهي؟“

مون کلي چيو، ”ماڻهو ئي ته آهي! ٻه ويلا کائي ٿو، ماڻهوءَ وانگر ئي.“

”ماڻهوءَ وانگر وري ڇاجو؟ کائڻ لاءِ ويهندا ته راڪاس وانگر کائيندا، توهان هڪ يا ٻه پوريون کائيندا پر هوُ ته چار پوريون چٽ ڪرڻ کانسواءِ چرن ئي ڪونه.“

”هيءُ ڇا؟ ڪنهن جي ماني جي باري ۾ اِئين ڳالهائڻ نه کپي. بيروزگاريءَ ۾ ماڻهوءَ کي بک وڌيڪ لڳندي آهي، ۽ ان کانسواءِ مان ٻاهر ”ڪئنٽين“ ۾ کائيندو آهيان، هوُ کائيندو ڪونهي.“

اِن تي هوءَ ٻيو ڪجهه چوڻ واري ئي هئي، پر مانيءَ بنسبت بحث مباحثو مون کي خود ڪونه وڻندو آهي، اِنڪري مان ٻاهرئين ڪمري ۾ آيس. اُتي کٽ تي هُو ويٺو ئي هئو! نه ڪجه ڳالهايائين ٿي ڪجهه هليو چليو ٿي، اوڪڙو ويهي ٻن ڏينهن جي پاروٿي اخبار خواه مخواه پڙهي رهيو هئو!

سچ پڇو، ته مون کي هن سان گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو هئو ـــ کيس به ڪجهه چوائڻو هئو، پر ڳالهائڻ تي اَصل دل ئي نه ٿي ٿي، کيس نؤڪري نه پئي ملي ـــ ڪٿي نوڪري ملڻ جو اِمڪان ئي ڪونه هئو. اَسان ٻئي هڪ ٻئي کان گويا ڌار ٿي چڪا هئاسين. رنڌڻي جي باريڪ ڪمري ۾ اسان جي ”گهر ـــ سنسار“ جو وهڪرو جاري ئي هئو، پر هوُ اُن وهڪري ۾ بنهه سمائجي نه سگهيو هئو. اَسان کائيندا هئاسين، گهمڻ لاءِ ٻاهر ويندا هئاسين، چرچا گهٻا ڪندا هئاسين، پر هو رڳو ٻاهرين کٽ تي ويٺو رهندو هئو! سڄي منجهند ۽ سموري شام هوُ ڪنهن نشچل ستل ماڻهوءَ جيان ويٺو هوندو هئو، هوُ هوش ۾ ايندو هئو رڳو مانيءَ ۽ چانهه جي وقتن تي! البت اُن وقت هُو پاتل اڳيان ويهي، ڪنڌ جهڪائي هپ هپ ڪري کائيندوهئو. هن جو اَسان سان ڳالهائڻ، گپ شپ هڻڻ لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا هئا. اِنڪري کائڻ وقت ڪنهن ٽياڪڙ جي نظرن سان هن ڏانهن نهاريندو رهندو هوس. کائڻ جهڙي خسيس ڳالهه ۾ به هن تي بڇان ايندي هئي، گرهه چٻاڙڻ وقت ڪچ ڪچ آواز ڪرڻ، دال مان سرڪيون ڀرڻ، ماني پوري ڪرڻ تي، ڇانءِ ۽ چانورن جو بچيل حصو آڱوٺي سان اُگهي اُٿڻ، وغيره سندس ڳالهيون مون کي پسند نه ٿي آيون. اَڳي ڪيترائي ڀيرا اِهي ڳالهيون منهنجي ڌيان ئي ڪونه آيون هيون، پر اَڳي ايندو هئو ته ’گولين‘ جو وسڪارو اِئين ته شروع ٿي ويندو هئو جو ٻين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي اَسان کي فرصت ئي ڪانه هوندي هئي.

منهنجيءَ گهر واريءَ کي، سندس هلت چلت سبب ڪافي تڪليف ٿيندي هئي. هوءَ سارو ڏينهن کٽ تي پيو هوندو هئو. اِنڪري کيس رنڌڻي ۾ سليقي سان اُٿڻو ويهڻو پوندو هئو. سندس هستيءَ جي دٻاءَ هيٺ ويچاريءَ کي سڄو ڏينهن اِنتظام هيٺ هلڻو پوندو هئو. سندس هستيءَ جو ويچاري تي ايترو ته اَثر ٿيو هئو، جو هوءَ هميشه سندس باري ۾ ئي پيئي ڳالهائيندي هئي. هوُ کائڻ ويهندو هئو ته سندس کاڌو ڪيترو آهي، اِنجو باريڪيءَ سان معائنو ڪندي هئي. ڪنهن شام جو ٻيون ڀيرو چانهه ٺاهيندي هئي ته کيس ڏيڻ لاءِ هوءَ هرگز راضي ڪانه هوندي هئي. مان گهڻو زور ڀريندو هوس ته کيس اَندر ڪوٺيندي هئي. پر جڏهين هوُ چانهه پيئندو هئو، تڏهين اِئين منهن چٻو ڦڏو ڪندي هئي، جيئن رام کي اُن جي ڪل نه پوي.

اَسانجي اِها مانسڪ ڪشمڪش گهڻا ڏينهن هلي سگهي، اِهو ممڪن ڪونه هئو. ٻاهرئين ڪمري ۾، ڪنهن ڀوت وانگر هلندڙ چلندڙ سندس هستي اَسانجي گهر ـــ سنسار کي ڄڻ نظر هڻي رهي هئي. اُن کان ڇوٽڪارو ڪيئن پائجي، اِهوئي خيال ڏينهن رات اَسان کي ستائي رهيو هئو.

اُن بعد هڪ آرتوار ڏينهن منهنجا هڪ ـــ ٻه دوست، مون مانيءَ تي گهرايا هئا. خوب طعام ٺهيا هئا، اُهي دوست، رام جا به دوست هئا، پر سندس بي روزگاريءَ سبب منجهن به هڪ اَجنبي پڻو اَچ ويو هئو. مانيءَ کانپوءِ ڪيتري دير تائين اَسان اَندرئين ڪمري ۾ ويهي گپ شپ هنيا ۽ پوءِ شام جو ٻاهر نڪرڻ جو پُور آيو. هوءَ تيار ٿي ويئي. مون به ڪپڙا پائي ورتا. رام ته اچڻو ئي ڪونه هئو، دراَصل هن کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ ئي ته اَسان ٻاهر وڃي رهيا هئاسين.

نڪرڻ وقت، اَندرئين ڪمري ۾، مون پنهنجيءَ گهر واري کي بلڪل ڌيمي آواز ۾ پڇيو، ”چانهه ڪانه ٺاهيندينءَ ڇا؟“

”پاڻ ٻاهر پيئنداسين، گهر ۾ نه.“

ٻاهرئين ڪمري ۾ پيل کٽ ڏانهن اِشارو ڪندي مون چيو، ”پر هن جو ڇا؟“

هن ناراضگيءَ وچان ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو، ”هڪ ڏينهن چانهه نه پيتائون ته ڇا ٿي پيو؟ هر روز کين چانهه ڏيڻ جي جوابداري ڪانه کنئي اَٿئون.“

مون ڳالهائڻ بند ڪندي چيو، ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي.“ ۽ ڪوٽ پائي ٻاهر نڪتس.

پٺيان پٺيان هوءَ به اَچڻ لڳي. ٻاهرئين ڪمري ۾ رکيل آرسيءَ ۾ ڏسندي، پنهنجي وارن جي چڳ ٺيڪ ڪندي، مون ڏانهن نهاريندي، رام کي ٻڌڻ ۾ اَچي اَهڙي آواز ۾ چيائين، ”اَڄ ماني خوب کاڌي اَٿئو، نه؟ مان ته رات جو ڪجهه به ڪانه کائينديس. توهاجو ڪهڙو رايو آهي؟“

”مون کي ته ماني اَصل ڪانه وڻندي.“

”۽ ڏيرم! توهان؟“ هن رام کان پڇيو.

”مان به ڪونه کائيندس. ”رام چيو. ان تي هوءَ ذرا مرڪي چوڻ لڳي، ”سٺو ٿيو، اَڄ هڪ ويلو ته چلهه کان ڇوٽڪارو مليو!“

اَسان ٻاهر نڪري، ڀرواري گرائونڊ تي چپ چاپ وڃي ويٺاسين، الڳ الڳ وشيه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڪجهه به مزو نه پئي آيو. نيٺ لاچار ٿي من ۾ لڳاتار کٽڪندڙ، ويچاري رام جو وشيه ڪڍيم ۽ اُهو چٻاڙيندو رهيس. اُهو وشيه چٻاڙيندي چٻاڙيندي رات جا ساڍا اٺ وڄي ويا ۽ اَسان گهر موٽڻ لڳاسين.

گهر پهتاسين ته دروازو اَندران بند هئو! مان ٿڪل هوس، اِنڪري زور زور سان رام کي سڏڻ لڳس. پر اَندران جواب ئي نه اَچي، بيبيءَ کي ساندهه ڪڇ ۾ کڻي هوءَ به ٿڪجي پيئي هئي. هن به چڙي سڏ ڪيا، پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو، هاڻ هوءَ چڱي ئي تنگ ٿي چڪي هئي. چوڻ لڳي، ”خبر ناهي ته در بند ڪري ڇا پيا ڪن!“

طنز ـــ ڀريل آواز ۾ چيومانس، ”سمهيو پيو هوندو!“

”واه! شام جو به ٿو سمهجي!“ هن چيو ”ننڊ ڇونه ايندي؟ سمهڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڌنڌو اَٿن؟“ ايتري ۾ رنڌڻي جي ’موريءَ‘ ۾ نل جي پاڻيءَ جو آواز آيو ۽ ترت بند ٿي ويو، ۽ ٿوري دير کانپوءِ در کليو.

مون ڪاوڙجي چيو، ”ڇا پئي ڪيئه؟“

ککو وکو ٿيندي چيائين، ”ڪجهه به نه.“

۽ پوءِ وري کٽ تي پنهنجي هميشه واري ”پوز“ ۾ وڃي ويٺو. مان ڪپڙا مٽائي اُتي ئي ويٺس ۽ هوءَ اَندر ويئي.

ڪجهه مڙيئي ڳالهايان، اِن مراد وچان پڇيومانس، ”شام جو ڪٿي ٻاهر ڪونه وئين؟“

هن جواب ڏو، ”نه ڪونه ويس.“

مون کي مٿس غصو پئي آيو، گفتگو اَڳيان وڌي ئي نه ۽ هن ڏانهن ڏسندو رهڻ به مشڪل هئو. اِنڪري ٿوري دير بعد مان به اَندر ويس.

اَندر هوءَ آلي ڪپڙي سان اسٽوو اُگهي رهي هئي، پڇيومانس، ”اسٽوو کي ڇا ٿيو؟ لڳي ٿو کير اُڀاميو آهي.“

ڪجهه به چوڻ بنا، هوءَ مون کي ’موريءَ‘ ويجهو وٺي ويئي. اُتي چانهه جو پيالو پيل ڏٺم. مون چيو، شايد چانهه ٺاهي پيتي اَٿائين.“

غصو وچان هن چيو، ”ها.“ ۽ ڪٻٽ مان بسڪيٽن جو دٻو منهنجي اَڳيان ڪري رکيو. اُن مان ذري گهٽ اَڌ بسڪيٽ غائب هئا.

مون غصي وچان چيو، ”ڪمال آهي! بيبيءَ جا بسڪيٽ به کائي ڇڏيائين!“ ۽ ڪجهه دير رڪي اَڳتي چيم“ ”پر هيئن چوري ڇا لاءِ؟ سڌو چوي ها نه.“

”هاڻ ته خاطري ٿيؤ! سندن منجهند جي چانهه رهجي ويئي هئي. اُها هنن ٺاهي پيتي ٻيو وري ڇا؟“

منهنجيءَ گهر واريءَ کي کير گرم ڪرڻ لاءِ اسٽوو ٻارڻو هئو. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيائين، ”هيءُ ڇا؟ ماچيس ڪيڏانهن ويو.؟

مان بر ٿي چڪو هوس، چيومانس، ”هوندءِ اِتي ئي ڪٿي، چڱي طرح ڳولهه.“

”ڪٿي آهي؟“ هميشه اِسپرٽ جي بوتل مٿان ئي ته رکندي آهيان.“ ۽ پوءِ بلڪل ڏاڍيان، ٻاهر ٻڌڻ ۾ اَچي اَهڙيءَ آواز ۾ چوڻ لڳي، ”ڪير ڄاڻي، ڪنهن کنيو آهي!“

”کڻندو وري ڪير؟ .... نه ته بنڊل مان ٻيو کڻي ڪڍ.“ ”اُهو ته ڪڍنديس! پر اَڳيون ماچيس ويو سو ويو ڪيڏانهن؟“ هن چيو پوءِ بنڊل مان ٻيو ماچيس ڪڍي، اسٽوو ٻاريائين ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳي، ”ته چئبو هاڻ گهر مان ماچيسن جون به چوريون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن!“

”ٺهيو، ٺهيو! هاڻ وڌيڪ نه ڳالهاءِ.“ رام ٻڌي نه وٺي، اِن ڊپ وچان چيم.

منهنجي اَک جلدئي لڳي ويئي، پر هوءَ شايد جاڳي پئي، ڇو ته هن ڪافي دير کانپوءِ مون کي ڌونڌاڙي جاڳايو. مون ڪاوڙجي پڇيومانس، ”ڇاهي؟“

هوءَ هوريان هوريان چاڻ لڳي، ”ذرا ٻاهر ڏسو! ڏيرم ڏسو ته ڇا پيا ڪن!“

اُن تڻ وچان مان به هن سان گڏ دروازي جي چير مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. ٻاهرئين ڪمري ۾ بتي ٻري پئي ۽ رام منهنجي ڪوٽ جا کيسا ڦولهي رهيو هئو. اَسان ساهه روڪي ٻاهر ڏٺو ته هن اَندرئين کيسي مان پيسن جو پاڪيٽ، رومال، ۽ سائيڪل جي چاٻي ڪڍي ۽ ڪجهه دير اِئين ئي بيٺو رهيو، پوءِ هن اُهي ٽيئي چيزون واپس کيسي ۾ رکي ڇڏيون، ٻئي کيسي مان سگريٽن جو پاڪيٽن ڪڍيائين ۽ هٿ ۾ کڻي کن پل ڄڻ اُهو سنگهائين. پوءِ ڪجهه سوچي پاڪيٽ مان ٻه سگريٽون ڪڍيائين ۽ هٿ ۾ کڻي کن پل ڄڻ اُهو سنگهيائين، پوءِ ڪجهه سوچي پاڪيٽ مان ٻه سگريٽون ڪڍيائين، ۽ پاڪيٽ واپس کيسي ۾ رکي ڇڏيائين، پوءِ بتي وسائي، کٽ تي هميشه واري ’پوز‘۾ ويهي سگريٽ ڇڪڻ لڳو. رات جي اوندهه ۾ سگريٽ جي چڻنگ جي روشني گهٽجي وڌي رهي هئي، ۽ دونهين جي بدبوءَ ڪمري ۾ پهلجڻ لڳي هئي، اِنڪري اِهو سڀ ڪجهه اَسان کي خوفناڪ لڳي رهيو هئو.

مان چپ چاپ بستري تي ليٽي پيس، ڪجهه دير کانپوءِ هوءَ به آئي ۽ ڏاڍيان چوڻ لڳي، ”هاڻ ته خاطري ٿيو؟ اڳهڻو ماچيس چواريائون، هاڻ سگريٽ ڪڍي ورتائون. مزي سان سگريٽ ويهي ڇڪڻ ۾ لڄ به نٿي اَچين!“

منهنجي عقلمندي هاڻ سجاڳ ٿي چڪي هئي، چيومانس، ”هاڻ بس به ڪندينءَ؟ ننڊ نه ايندي هونديس، اِنڪري سگريٽ ڇڪڻ ويٺو هوندو، تون ته اَصل تيليءَ مان ٿنڀ بڻايو ڇڏين!“

”سڄو سڄو ڏينهن جو ننڊون ڪندا ته پوءِ رات جو ننڊ وري ڌوڙ ايندين!“

”پر به سڄو ڏينهن ڪري ڇا؟ تو ذرا هن جي نڪته ءِ نظر کان سوچ نه!“

ايترو چئي مون ٻاهر ڏٺو، رام بتي ٻاري وري ترت وسائي. دروازي جي ڀرسان متان رام بيهي ٻڌندو هجي، اِن ڊپ وچان مان چوڻ لڳس، ”۽ ذرا آهستي ڳالهاءِ، هن ٻڌي ورتو ته هوُ ڇا سوچيندو؟“

پر هوءَ ڳالهائڻ بند ئي نه ڪري، شايد سندس اِها مراد هئي ته سندس ڳالهيون ٻاهر ٻڌڻ ۾ اَچن. اِنڪري چوڻ لڳي، ”سوچيندا وري ڇا؟ توهان جي ڳالهه به ٺيڪ آهي، توهان ته ضرور چوندا ته سياڻپ کان ڪم وٺ، پر سڄو ڏينهن توهان رڳو ٻاهر ۽ هيءُ ڀوت منهنجي ڪنڌ تي سوار هوندو آهي،صبح جو، منجهند جو، ٻاهر کٽ تي ويهي، ڪنڌ جهڪائي ماني کائڻ جو اِنتظار ڪندڙ! هاڻ مان اِهو سڀ وڌيڪ سهي نٿي سگهان.“

”اِهو چوين ڇا پيئي؟ کيس اَسان ئي ته هتي سڏي وٺي آياسين. سندس سمورو سامان سڙو ٻڌي اَسان ئي ته ساهڙيءَ گهر موڪلي ڏنو...“

”اِهوئي ته چوان پيئي، سندن ٽرنڪون ڀريون سين، بسترا ٻڌاسين، تڏهين توهان چيو هئو ته ”گهر ـــ سنسار“ جو راڪاس رسيءَ سان ٻڌي موڪلي رهيا آهيون، پر...“

”پر ڇا؟“

”پر اُن راڪاس کي جڪڙي ڪونه سگهياسين، سندن ”گهر ـــ سنسار“ ته هوڏانهن ويو، پر رسيءَ سان ٻڌل راڪاس اَسان وٽ اَچي ٻاهرئين کٽ تي ويٺو.“

مون بيزار ٿي چيو، ”هيءَ چوين ڇا پيئي؟ سڀاڻي کيس نوڪري ملندي، ته ملندي، ته اِهو ساڳيو راڪاس ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي پوندو، وري هن کي سڀ چاهڻ لڳندا.“

”اُهو سڀان ڪڏهين اَچڻو ئي ناهي ۽ هوءَ ٻاهرئين کٽ هوُ ڪڏهين ڇڏڻ وارا ئي ناهن!“ هن نراس ٿي چيو. اَڃا به وڌيڪ ڳالهائي ها، پر مون کيس چپ ڪرائي ڇڏيو، اُن بعد مون کي ڪافي دير تائين ننڊ ڪانه آئي. دروازي جي چير مان ٻاهرئين ڪمري ۾ رام جي چرپر ڏانهن ڏسندو رهيس، هوُ لڳاتار سگريٽ ڇڪي رهيو هئو. سندس من بيچين پئي لڳو. هاڻ هوُ کٽ تي ويٺو ڪونه هئو، ڪمري ۾ ڦير پئي پاتائين. وڌيل ڏاڙهي ۽ ميرن ڪپڙن سبب هوُ ڪافي اُداس پئي لڳو.

کيس ان حالت ۾ ڇڏي مان بستري تي ليٽي پيس، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ منهنجي اَک لڳي ويئي، پر ننڊ ۾ به مون کي راڪاس جي روُپ ۾ رام نظر پئي آيو. هن پنهنجو وات کولي رکيو هئو، ۽ اَسان ٻئي اُن وات ۾ لڳاتار چانهه جا پيالا، پوُرين جا ڍڳ، ۽ چانورن جا پربت خالي ڪري رهيا هئاسين.

سپنو ڪڏهين پورو ٿيو ۽ صبح ڪڏهين ٿيو اِن جي مون کي سمڪ ئي ڪانه پيئي، دريءَ مان اُس اچڻ تي مان به اُٿيس ۽ کيس به اُٿاريو.

مان بيچينيءَ وچان ٻاهرئين ڪمري ۾ آيس. اُتي ڪوئي ڪونه هئو. رام ته ڪونه هئو، پر سندس ٽرنڪ به ڪانه هئي ته رسيءَ سان ٻڌل بسترو به ڪونه هئو.

ڇا ٿيو هوندو، اِهو سوچي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون هڪدم پنهنجيءَ گهر واريءَ کي ڏاڍيان سڏ ڪيو. پل ءُ سان هٿ اُگهندي هوءَ ٻاهر آئي ۽ چيائين، ”ڇا ٿيو؟“

ماٺيڻي آواز ۾ چيومانس، ”خاص ڪجهه ڪونهي، راڪاس هلي ويو.... ماڻهو بڻجڻ لاءِ نڪري ويو.“

اِن تي هن اَچرج وچان چيو، ”سچ؟“

هوءَ اَڃا به ڪجهه چوي ها، پرمنهنجو من اَهڙيءَ حالت ۾ ڪونه هئو جوڪجهه ٻڌي سگهي. مان ترت اُٿيس ۽ کٽ تي رام جي جڳهه تي ويهي، سامهون واري چال طرف ڏسڻ لڳس، من بيچين هوندو آهي ته سامهون واريءَ چال جي ٻن ٻن ڪمرن ۾ ٺونسيل ”گهر ـــ سنسار“ ڏانهن ڏسندو رهڻ منهنجو خاص شوق آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com