سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:15 

نه مٺي – مان تو کي هر ڪوسي ٿڌيءَ کان بچائيندس.“

مان هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو. منهنجي گنگا – جيڪا مون کي هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي لڳندي هئي. ٻٻر جي وڻ جيان  گل به منجهس بيشمار ۽ ڪنڊا به. ڪوئي ٿڪل ٽٽل مسافر منجهس ٿڪ پٽڻ چاهي ته اُس جي تڙڪن ۾ پورو پگهر به نه  سڪيس، نه مينهن کان  بچاءُ ۽ نه وري لڪن کان – نردئي گنگا به ٻٻر جي وڻ مثل هئي. پيلا پيلا گل سندس عادتن سمان پل ۾ وکري ويندڙ. گهرين اکين سمنڊ جهڙين گهرين اکين ۾ مون کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي قوت. روح ۾ پيهي ويندڙ گنگا مون کي ڌرتيءَ مثل لڳندي هئي. ان جيان زرخيز. بي درد انسانن هر سال هرن سان ان جو سينو اکيڙي ڇڏيندا هئا پوءِ به هوءَ سونهري سنگن جيان اڀري ايندي هئي.

مان هن کي لڳاتار پيار ڪندو رهيس، وقت جو احساس ئي نه رهيو. جڏهن مان هن سان ٽيون ڀيرو ستس، تڏهن مان غش کائي سندس ڀر ۾ ليٽي پيس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن سرت ۾ آيس ته هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي هئي. هوءَ ان وقت ڪيترو حسين پئي لڳي. منهن تي وار وکريل ۽ نيڻن ۾ ڳوڙها. سندس اُداس ۽ وياڪل  چهرو ڏسي مان اٿيس. سندس وارن کي مُک تي وکيريندي کيس ڀر ۾ ليٽايم ۽ ڳل تي هڪڙي چماٽ وهائي ڪڍي مانس! ”تون عورت آهين يا؟

هن جي اکين منجهان ڳوڙها ٽميا ۽ ڳلن تي وهي هليا.

تون ته مون کي ڌرتي سڏيندو هئين نه-؟ ڌرتي ته ماءُ مثل هوندي آهي ۽ سرت تو وڃائي آهي، گاريون مون کي ٿو ڏين.“

گنگا- نردئي گنگا هڪ دفعو وري مون کي لفظن جا چهڪ ڏيندي وئي. ٿي سگهي ٿو هن منهنجي پيار کي دل سان هڪ وار به قبول نه ڪيو هجي ۽ ائين ڌارين جيان پيار ڪرڻ جي ڪري ذلت جو احساس کڻي سانت ۾ رهي هجي، جنهن جو ان وقت مون کي احساس نه رهيو هجي، مان هن جي پيار ۾ سرت وڃائي هن جي احساسن کي زخمي ڪيو هجي.

منهنجي گنگا – منهنجي ڌرتي مثل گنگا جيڪا مون کي هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي لڳندي هئي. مون سندس ڏکن جو ڪارڻ ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي هجئي، وياڪل وياڪل نيڻن ۾ ڪهڙا گهرا گهاو کڻي هلندي هئي ۽ ايڏو سانت ڇو هوندي هئي، مون کي ڪڏهن ان جي سڌ ئي نه رهي ۽ پوءِ به مان هن کي پنهنجي سمجهڻ جي دعويٰ ڪندو هوس. هن کي ڌرتي سڏيندو هوس ۽ ڌرتي ته ماءُ سمان هوندي آهي ۽ پوءِ به مان هن کي گاريون ڏيندو هوس.

نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي ٻٻر جي وڻ مثل گل به منجهس بيشمار ته ڪنڊا به، ننڍڙا ننڍڙا پيلا گل سندس عادتن مثل پل ۾ وکري ويندڙ.

گنگا کي مان پنهنجو ڪري نٿي سگهيس، ڇو ته هوءَ پينو عورت هئي ۽ قبائلي به. گنگا هو مون کي ڏين نه ها ۽ گنگا جو ملهه ڪٿڻ مون نٿي چاهيو.

منهنجي گنگا.“

منهنجي گنگا – هن هڪڙو گهرو اونهو ساهه کنيو، ڄڻ منهنجن لفظن کي اندر ۾ اوتي انهن کي ڪٿڻ چاهيندي هجي ته انهن لفظن ۾ سچائي ڪيتري آهي، هوءَ هڪ پينو عورت هئي ۽ کيس زندگيءَ جي ڪڙاڻ چڱيءَ طرح پيتل هئي.

مان هن کي ڀر ۾ ليٽائي منجهس گهرين مٺين نظرن سان نهارڻ لڳس ته چيائين:

جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.“

ڇا چيئه مٺي؟

ڪجهه به نه.“

ڪجهه ته چيئه جنهن کي مان سمجهي ڪونه سگهيس.“

توکي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي.“

گنگا اڻ پڙهيل هئي پر پوءِ به ڪيتريون وڻندڙ ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ڳالهيون ڪندي هئي.

نيلي ۽ گنگا ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي هئي، ٻئي ڌرتيءَ مثل ۽ مان ٻنهي ۾ ورڇيل ٻئي منهنجي ساهن ۾ رچيل.

گنگا چيو: ”توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان؟

ها مٺي .“

 منهنجي ڏاڏيءَ منهنجي ڏاڏي سان پيار وچان شادي ڪئي هئي. منهنجو ڏاڏو ڏاڍو ڏيا وارو مرد هو ۽ ڏاڏي به  سونهن ۽ ڏيا واري هئي، هو پنهنجي قبيلي جو سردار هو. هو جڏهن پوڙهو ٿيو ته ٽنگن کان ويهجي ويو هو ته پوءِ ٻئي قبيلي جا ماڻهو کيس گهر ويٺي ڌمڪيون ڏئي ويندا هئا.پر هو ڏاڍو همت ڀريو مرد هو پاڻ کي ڪلهي تي کڻائي به وڃي دشمن وٽ رسندو هو ۽ چوندو هون ته:

شيرل متان ڀليو آهين ته ڪو تنهنجي گدڙ وارين کيکراٽين کان ڊنل آهيان، اڄ به تو جهڙا چار ماري پوءِ مرندس.“ منهنجي ڏاڏي منجهان رڳو هڪڙي ڌيءُ ۽ پٽ هئس، بابا بزدل ۽ پٺ ۾ ڇري هڻڻ وارن منجهان هو ۽ پڦي پنهنجي پيءُ ماءُ جيان بهادر. ڏاڏو جڏهن تنبوءَ ۾ موٽي آيو ته ان وقت جو ڄڻ ساهه ٿي نڪتو. ڏاڏي چوڻ لڳس ”تو ته منهنجي رت کي به لڄايوآهي، تو کي ته جيڪر ڄمندي ماري ڇڏيان ها.“ پڦيءَ دلي منجهان پاڻي اوتي بابا کي ڏيندي چيو:

ڇڏينس امان ڪهڙا ٿي ليکا ڪرينس، هڪڙو ته پٽ اٿئي، مان جو ويٺي آهيان. هيڏي اچي ته ڏسان، جي رت ۾ ڳاڙهو ڪري نه اماڻيومانِ ته ڄڻ تنهنجي ڌيءُ ئي نه لڳان.“

بابا هو ڪجهه ڪجهه حضور شرم، سو ڪنڌ جهڪائي تنبوءَ کان ٻاهر نڪري ويو. مان ان وقت تمام ننڍڙي هيس پر پوءِ به ڪافي ڪجهه سمجهي ورتم. اهڙي ويل ۾ مون کي گهر ۾ ويهڻ نه ايندو هو. مان به ٻاهر هلي ويندي هيس ۽ ڳچ وقت ٻنين ۾ ڀٽڪندي رهندي هيس، پوءِ شايد ڪنهن وڻ هيٺان ننڊ اچي ويندي هيم.

ته چئبو تون منهنجي ڪجهه ڪجهه مائٽياڻي به لڳين. اڙي ڪهڙيون ڳالهيون ڪڍي ويٺي آهين؟ مٺي تون پيار ڪري نه  ڄاڻين. هيڙي ويلا ۾ ڪهڙا ليکا ڪڍي ويٺي آهين، سچ پچ تون پيار ڪري نه ڄاڻين.“

هوءَ هلي وئي سڄو سال گذري ويو. مان پوءِ هن کي ڏاڍو ڳولهيو پر پوءِ هوءَ مون کي ڪٿي به ڪا نه ملي. سندس تنبو کنيل هئا. مون هڪ گهرو اونهو ساهه کنيو ته چئبو آديسي اٿي ويا هئا، هينئر اتي رڳو رک پئي اڏاڻي، نردئي گنگا ويندي ويندي پنهنجي پويان سمورا پنڌ ۽ پيچرا لٽيو وئي هئي. ڪٿي ڳولهيان ها مان هن  جپسي عورت کي ۽ ڪيئن وساريان ها هن سان ماڻيل گهڙيون. چنڊ ستارا وڻ ٽڻ. ڪارين اماس راتين ۾ تارن جي جهرمر، سرنهن جا پيلا گل، سڄي ڪائنات ۽ هن ڌرتيءَ جو ذرو ذرو سندس ياد ڏياريندا هئا. جيترو مان کيس ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندوهوس اوترو هوءَ ياد ايندي هئي، مان هن جو غم وسڪيءَ ۽ عورتن ۾ ڀلائڻ چاهيو پر تهائين گنگا جي ياد وڌيڪ سيني ۾ ڪٽار جيان لهندي ٿي ويئي.

هڪ رات چندرما پنهنجي ڪرڻن جي ورشا ٿي ڪئي مان ائين ڀٽڪندو ڀٽڪندو، ٻاهر نڪري آيس. ڏور گهڻو ڏور سهرن جو آواز ٿي آيو، مان ان آواز تي اڳتي وڌندو ويس، جڏهن هن جي تنبن تائين پهتس ته ٿورو پرڀرو بيهي وڻ جي اوٽ ۾ ٽيڪ ڏيئي بيٺس، چندرما جي شيشل ڪرڻن ۾ هوءَ عورتن جي جهرمٽ ۾ بيٺل هئي ۽ قبائلي ناچ ڪري رهي هئي. سندس پيرن ۾ پايل پيل هئي، جنهن جي ڇم ڇم جو مڌم آواز مون تائين رسيو. گنگا جي دٻيل ياد کي ڄڻ ڪنهن کنڊر منجهان ڳولهي ڪڍيو هجي. سهڻا ڀريل ڳل، زيورن ۾ ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙن ۾ هوءَ ڪيتري نه سهڻي پئي لڳي. جڏهن هوءَ نچي نچي ساڻي ٿي پئي، ته ٿڌو ساهه ڇڏي  پٽ تي ويهي رهي.

منهنجي گنگا ڄڻ تارن جي جهرمٽ ۽ چندرما جي گنگا ديوي انهيءَ جي پاڻيءَ جيان سندس ٽٽل جذبا ڪومل ڪومل ڀاون واري نردئي گنگا هڪ ئي وقت پنهنجي ۽  پرائي. ٻٻر جي وڻن جيان. جي ڪو ٿڪل ٽٽل مسافر ان هيٺ ٿڪ ڀڃڻ چاهي ته نه پورو پگهر سڪيس ۽ نه مينهن جو بچاءُ.

ڪئين سال گذري ويا، هوءَ وري نه  موٽي، ڪٿي ڳولهيان ها هن پينو عورت کي. رولڙا هن جا ڳهڻا ۽ ڀٽڪڻ هن جي سونهن، ويندي ويندي پويان نردئي گنگا پنهنجا سمورا پنڌ ۽ پيچرا لٽيو وئي هئي. رهجي ويئي هئي من ۾ ياد.  هيترا سال گذري ويا. ڪروڙين پل لنگهي ويا پر پوءِ به هوءَ منهنجي ساهن ۾ رچيل هئي.

هڪ رات مون ڏاڍي وسڪي پيتي، گنگا جي ياد تهائين ڪٽيندڙ ۽ تيز ٿيندي ٿي ويئي. گنگا در منجهه ائين بيٺل هئي ڄڻ مون کي ڀاڪر پائيندي هجي، ڄڻ مون کي  چنبڙيل هجي.

اڙي هي مان سپنو ڏسي رهيو هوس يا ساڀيان هئي! پوءِ هوءَ ائين ڇو بيٺل آهي؟ ويڳاڻي ڄڻ پٿر جي مورتي هجي. ڳلن تي ڳوڙهن جون ريکائون. هوءَ لڳاتار مون کي ڏسي رهي هئي.

بابو تو وري ايڏو پيئڻ شروع ڪيو آهي. . . . تون ايڏو نه پيئندو ڪر تو کي منهنجو قسم.“ هوءَ منهنجي پيرن کان اچي ويٺي، ڏور گهڻو ڏور ڄڻ ڪنهن سرٻاٽ ڪيو. هرشيءِ مٿان نشي جا کيپ چڙهيل، ايڏو ڀر ۾ ويٺل ڏسي به مان هن کي ڪوهين پري سمجهي رهيو هيس.

بابو- تون مري ويندين ايڏو نه پيءُ.“

تنهنجو ڇا گنگا مان مران يا بچان- تون ته مون کي ڇڏي هلي وئينءَ ۽ وري  سار نه لڌئي ته مئس يا بچيس!

نه بابو مون تو کي ڪٿي وساريو آهي. مان تو کي ڪٿي ڇڏيو آهي. تو پاڻ ئي مون کي پنهنجو نه ڪيو، تنهنجو منهنجو ڀلا ڪهڙو ميلاپ. تون محلن ۾ رهڻ وارو ۽ مان رڻ پٽ ۽ برپٽن ۾ رولو عورت. مان تو کي ڇا ڏيان ها، منهنجو پنهنجو جهول سڄو  ڪنڊن سان ڀريل، مان تو کي ڪهڙو سُک ڏئي سگهنديس. هي  محل مون کي راس نه ايندا، جي اچي به کڻي وڃن ها ته به تنهنجي منهنجي وچ ۾ شڪ جي ديوار هميشھ ويڇو وڇائيندي رهي ها. تنهنجا ڏنل ويڻ ان وڄ سمان هئا، تيز برساتي طوفان جيان هئا، جيڪي ڪنهن غريب جي جهڳي تي ڪري سڄو گهر لٽي ڇڏيندا آهن، رهجي وينديون آهن پويان ابهم ٻارڙن جون رڙيون، مائن جو  روڄ راڙو ۽ رت جا دٻا. تنهنجا ويڻ ان لُڪ سمان هوندا هئا، جيڪا هر شيءِ کي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي، گنگا کان تون ڪڏهن به ناهين وسريو. گنگا توکان وسري ويئي هجي ته ٻي ڳالهه آهي.

ڏک ته مون وٽ به آهن بابو – پوءِ تون ڇو اهڙو ٿيو آهين - ؟ نه پيئندو ڪر ايڏو – نه ياد ڪندو ڪر ايترو. ڇڏي ته تو ڏنو پوءِ مون کي ميار ڇو ٿو ڏين...؟

توکي تنهنجا دوست چون ها تڏهن تون مون کي پنهنجو ڪرين ها. ان مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته تو وٽ تارازي هئي، هڪ پڙ ۾ هئي، منهنجي سونهن سوڀيا، نيڪي بدي، ۽ ٻئي طرف هو تنهنجي پيار جو وٽ پيل.ان پرک تي پوري نه لهان ۽ مون کي جو ڇڏيو هليو وڃين، تنهن کان اڳ مون پاسو ڪرڻ مناسب  سمجهيو. تو جيئن مون کي پرکڻ چاهيو تيئن مان ان کي هوا ڏئي تو وٽان آيل پرک جو پيالو هڪ ڳيت سان  ئي پي ويس، اهو پيار ناهي بابو – پوءِ چوندو هئين ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. اهي لفظ مون الائي ڪيترا ڀيرا ٻڌا آهن پر ڪنهن به مرد کي انهن لفظن جي ماپي تي پورو ناهي لهندي ڏٺو. اهو سڀ ڪوڙ آهي ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. بنان شرطن جي پيار رڳو عورت ئي ڪندي آهي، مرد وٽ ايڏي وڏي دل ڪٿان آئي . . . . . .؟

هوءَ ڪهڙي پهر ۾ مون کي وري اڪيلو ڇڏي وئي، تنهن جي سڌ ڪانهيم ڀر ۾ ٽيبل هئي ان تي وسڪيءَ جي  بوتل رکيل هئي، تصويرن جو ڪتاب رکيل هو. پرهه ڦٽيءَ جي سندر ويلا، آڪاس ڪنهن وهنتل ڪنواري ڇوڪريءَ جيان لڳي رهيو هو. هر شيءِ مٿان هلڪي هلڪي روشني، اونداهيءَ گڏيل روشني، هر شيءِ ڌنڌلي پئي نظر آئي. دريءَ منجهان ڏٺم موتيو، گلاب ۽ ٻيا قسمين قسمين گل ٽڙيل هئا، ڏور ڏور تائين سرنهن جا پيلا گل ڌرتيءَ کي پنهنجي سونهن جو داد ڏيئي رهيا هئا، نه مون وٽ گنگا هئي ۽ نه نيلي، ٻنهي ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي هئي، ٻنهي جي اکين ۾ گهرا گهرا گهاءَ ٻئي انڌيرن ۾ گم ٿيل ۽ مون جو چندرما تو کي چيو هو ته منهنجي گنگا کي انڌيرن ۾ گم ٿيڻ نه ڏجانءِ پوءِ به  تون نه مڙئين ۽ ڪارين اماس راتين ۾ منهنجي گنگا کي ڳڙڪائي وئين. منهنجي هٿ ۾ اهو ئي تصويرن جو ڪتاب هو، جنهن ۾ جڳ مشهور مصورن جون تصويرون هيون. مختلف عورتن جون تصويرون هڪڙي تصوير ۾ عورت ڪنهن شرابي مصور جي (Imagination) هئي. عورت جا  گوڏا سٿرن ڏانهن ورايل هئا ۽ ڊگها سنهڙا نازڪ وار سٿرن تائين پکڙيل. گلابي ڀريل بدن اکين ۾ مرڪ ٺٺول ڀري مرڪ! ڄڻ ڪنهن جو اوسيئڙو ڪندي ڪندي ٿڪجي ساڻي ٿي پئي هجي!

هيءَ ٻي تصوير هئي. هن تصوير جي نيڻن ۾ ڏوراپا هئا. پنهنجي پرينءَ لاءِ ساگر جهڙين اکڙين ۾ نينهن جا نياپا هئا. هردي ۾ پيهي ويندڙ اکيون لڙڪ لاڙيندڙ اکيون ڄڻ چونديون هجن ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. اهو ڇا رڳو عورتن لاءِ جملو جوڙيو ويو آهي، نه ته جيڪر تون مون  کي هيئن ڇڏي نه وڃين ها، هيترا سال گذريا آهن، هيترا جڳ گذريا آهن پوءِ به تون نٿو اچين. توکي سڄو ڏيهه ڏسي سگهي ٿو پر مان ڇو ڪو نه ٿي ڏسي سگهان، مون تي اهي زنجير ڇو وڌل آهن. انهن کان پاڻ آجو ڪرائي مان تو تائين ڪيئن رسان . . . . تون ڇو مون کي رڻ ۾ رولي وئين!

هيءَ ٽين تصوير هئي. هن جي اکڙين ۾ به ڏوراپا هئا، ڀلا مون وٽ ڪهڙي ڪمي هئي، جنهن جي ڪري تون مون کي ڇڏي هليو وئين؟ سونهن هئي، سچائي هئي ۽ تو لاءِ هيترو سارو پيار سڀڪجهه ڏئي به مان تو کي پنهنجو ڪري نه سگهيس. مون وٽ ته تو لاءِ ڪي به ٻنڌڻ نه هئا، قيد نه هئا،  منهنجي دل تنهنجي پيرن هيٺان ڌرتيءَ جيان هر پل وڇايل هئي ۽ آڪاش جي وسعتن ۾ چڪور جيان پرڙا کوئي به مان تو تائين رسي نه سگهيس. چنڊ ڪيڏو نه ڏور آهي، اها چڪور کي به سڌ آهي پر پوءِ به هو پاڻ کي ناس ڪرڻ ۾ ڪيئن نه کويل آهي. پنهنجي انت کان  بي خبر ڪنهن جي تلاش ۾!

هيءَ چوٿين تصوير هئي. تصويرون هيون، جن ڄڻ ڳالهايو پئي، مرڪيو پئي رنو پئي، ڏوراپا پئي ڏنا. مان کڻي تنهنجو انتظار ڪيان به ها پر ڇا ڪريان هنن ڪارين ڪڪوريل اکڙين تنهنجو انتظار نه ڪيو. هنن امرت سان ڀريل ڇاتين تنهنجو انتظار نه ڪيو. ڪوئي بيحد پيارو ماڻهو سگهارو ماڻهو مون کي کنڀي کڻي هليو ويو پر پوءِ به ڪنهن جي پيار ڀريل لمحن ۾ مون تو کي ساريو. تون منهنجي پاڇي سمان هئين هر شيءِ مٿان ڇانيل هلڪي هلڪي ڌنڌلي نهار سان مون هر ويجهي ايندڙ ماڻهوءَ ۾ تو کي ڳولهيو پر تون ڪٿي به نه هئين. . . . تو سان گهاريل گهڙين مون کي ڪنهن جو به ٿيڻ نه ڏنو. هر پل مون کي ياد اچي منهنجي وجود منهنجي  هستيءَ کي لوڏي ويندو هئين. توکي وڃائي مون سٺو نه ڪيو. تو کان پوءِ ڀٽڪڻ منهنجو مقدر بڻجي ويو. ڪٿي تو پاراتو ته ڪونه ڏنو هو!

هيءَ پنجين تصوير هئي. نيڻ هئا يا گهنگهور گهٽائون، جيئن ڪارين گهٽائن منجهان رم جهم ۽ ورکا جي هر پل آشا هوندي آهي، تيئن هنن گهرن نيڻن ۾ به ڄڻ ڪاريون گهٽائون لهي آيون هيون. اجهو ٿيون وسن ۽ جل ٿل ڪن جڳ کي.

هيءَ ڇهين تصوير هئي، مان ڪني هيس نه تڏهن تو کان گهڻو ڏور هلي ويس. مون پاڻ کي تنهنجي قابل نه  ڄاتو. هن دل جا سوين ٽڪر ٿيل آهن، ڪوئي ڪٿي ڪريو ڪوئي ڪٿي پر پوءِ به هر ٽڪر مان تنهنجي رت جي مهڪ ٿي آئي، ڄڻ مان تنهنجي قاتل هجان، ڄڻ تون جيئرو هوندي مئل مثل پنهنجي هستيءَ کي گهلندو رهيو آهين. مون تو کي وڃائي چڱو نه ڪيو. هيڪلايون منهنجو مقدر بڻجي ويون. تون مون کي معاف ڪري مون وٽ اچي سگهندين. چند گهڙين لاءِ ئي سهي، دل ۾ آس اٿم ته توکي هڪ وار ڏسي پوءِ مران. توکي يقين نٿو اچي نه؟ اچڻ به نه کپي انڪري جو منهنجي دل هرکڻي آهي، ڀلا ڪوئي ان جي پرواهه ڪيئن ڪري. . . . .  ۽ ڪري به ڇو؟

هيءَ ستين تصوير هئي، سندس چنڊ جهڙي چهري مان چانڊوڪيءَ جي بدران اُداسائي ۽ ويراني پکڙجي رهي هئي، نردئي گنگا جيئن ويران ۽ اجڙيل اجڙيل ٻٻر جي وڻ مثل، جي ڪوئي ٿڪل ٽٽل مسافر ٿڪ ڀڃڻ چاهي ته اُس جي تڙڪي تي پورو پگهر به نه سڪيس ۽ نه مينهن جو بچاءُ نه اُس جو. پيلا پيلا گل گنگا جي عادتن مثل پل ۾ وکري ويندڙ. گل به منجهس بي شمار ته ڪنڊا به جهجها. هڪ ئي وقت پنهنجي ۽ پرائي، نردئي گنگا جو پنهنجو جهول ئي ڪنڊن سان ڀريل آهي ته پوءِ هوءَ مون کي ڪهڙو سک ڏئي سگهي ها. هن جو به ته ڪو ڏوهه ڪو نه هو، مون پاڻ ئي هن کي ڇڏي ڏنو. هوءَ ايتري ڊنل ڇو هوندي آهي، هميشھ هراسيل نيڻ ڄڻ جڳن کان ڪنهن جي ڳولها ۾ هجن.

تصويرون هيون جن مون سان ڳالهايو پئي. مون کي سڌ نه رهي ته انهن ساڳين تصويرن ۾ ٿورو جهڪي ڪوئي ڏسي رهيو آهي.

سانجهيءَ جي مهل هئي. وسڪي ۽ منهنجو ساٿ ساڳيوئي هو. نردئي گنگا جو ڪٿي ڪو نالو نشان ئي ڪونه هو. مون کي ڳچ وقت کان پوءِ ان جو احساس ٿيو، جڏهن هوءَ وڃي چُڪي هئي. هوءَ آئي ۽ پوءِ هلي ڇو وئي، ڇا هوءَ مون کان ڪاوڙيل هئي، نه مون هميشھ گنگا کي غلط سمجهيو آهي، هوءَ مون کان رسي به سگهي ٿي پر ڪاوڙجي نه.

ٻئي ڏينهن مان ائين ئي ٻاهر نڪري ويس، ڪچڙي منجهند جي مهل هئي،   مان درياءَ جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳس. نيڻ نهار تائين ٻنين ۾ ساوڪ هئي ۽ انهن مٿان سهڻا سهڻا گل ۽ درياءَ جي ڪناري سان ٻٻر جا وڻ پوکيل. پريان ڪنهن عورت ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺي ڪپڙا ڌوتا. ڀر ۾ ڪوئي ننڍڙو ٻار به هوس، مان آهستي آهستي وڌندو ويس. جڏهن ويجهو آيس ته اها ڪا ٻي عورت ڪانه هئي، منهنجي گنگا هئي، مان ٻٻر جي وڻ کي اهڙي نموني ٽيڪ ڏيئي بيٺس جو هوءَ مون کي پٺيري نظر اچي رهي هئي. سندس مٿي تان ڇريل رئو ڍرڪي ڪجهه پٺيءَ تي ۽ ڪجهه ڌرتيءَ تي پئجي رهيو هو. ڀر ۾ سال کن جو ٻالڪ مٽيءَ ۾ کيڏي رهيو هو. مٽي چيڪي ۽ آلي هئي. انڪري سندس ڪومل ڪومل هٿ مٽيءَ مان ڀرجي ويا هئا ۽ لڱن تي به مٽي ٿڦيل هئي، جن کيس وڌيڪ معصوم بڻائي ڇڏيو هو.

گنگا کي جڏهن احساس ٿيو ته ڪوئي پويان آهي ته هن پٺتي مڙي  نهاريو. مون تي نظر پوندي ئي هن جي چپن تي مرڪ آئي، ۽ ڇرڪ ڀريندي چوڻ لڳي: ”ائين چورن وانگر آئين جو سڌ ئي ڪانه پيم.“

توکي ياد ڪو نه هيس، پوءِ منهنجي اچڻ جي آس ڪيئن  ٿي رکي سگهين.“

تنهنجي آس ته مان پنهنجن ساهن سان گڏ هُن جهان ۾ کڻي وينديس، پر تون جي ڄاڻي سگهين  ؟ 

هن جو نالو ڇا آهي ؟

سنڌيا .“

سنڌيا ڪيترو نه مٺو نانءُ آهيس.“ ان عرصي ۾ مان گنگا جي ڀر ۾ ويهي رهيس. ”گنگا هيءَ هوبهو تو تي وئي آهي.“ مان  سندس مٽيءَ ڀريل هٿڙن ۾ سؤ جو نوٽ ڏنو.

بابو ايڏا پيسا اسين ڪاڏي ڪنداسين؟ هيءَ ته ٻالڪ آهي ٽڪريون ٽڪريون ڪري ڇڏيندي.“

ڪرڻ ڏينس گنگا – مون کي لڳي ٿو ڄڻ هيءَ منهنجي ڌيءُ هجي.“ پوءِ پڇيم ”گنگا پيٽ سان آهين؟

ها“ ها هن اکيون جهڪائيندي چيو. ان عرصي ۾ سنڌيا رڙهندي ماءُ کي وڃي چنبڙي. ماڻس جي ڀريل ڇاتين منجهان ڳٽڪيون ڏئي کير پيئڻ لڳي، گنگا جي ڇاتيءَ منجهان کير ٽمي ڪوٽيءَ کي آلو ڪري ڇڏيو. گنگا جون اکيون جهڪيل جهڪيل هيون ۽ مان منجهس لڳاتار نهاري رهيو هوس.

بابو تون اڃا اڪيلو گهر ۾ رهندو آهين ؟

ها – گنگا ٻيو ڀلا مون سان گڏ ڪير رهندو. . . .؟

شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟

مان پرڻيل آهيان گنگا، پر زال ڳوٺ رهندي آهي، امان وارن سان گڏ.“

پاڻ سان گڏ ڇو ڪونه ٿو رهائين بابو. تنهنجون هيڪلايون به دور ٿي وينديون ۽ ٻار ٿيندا ته دل به وندريل رهندي.“

نه گنگا شاديءَ کي  ته ڪافي عرصو گذري چڪو آهي پر ٻار ڪو نه ٿو ٿئي. امان چوندي آهي ٻي شادي ڪر. پر ٻيءَ شاديءَ جو سوچيندي ئي ڏڪيو وڃان – مان هن کي ايڏو ڏک ڪيئن ڏيان-؟

بابو – اهو ٻڌاءِ شادي تو پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي هئي نه؟

نه گنگا – مائٽن مجبور ڪيو هو.“

گنگا ٽهڪ ڏئي کلي پئي.

نه بابو زور جي شادي ته عورتن جي ٿيندي آهي ۽ تون ته مرد آهين ۽ پڙهيل به – پوءِ تو تي اها زبردستي، ڪيئن هلي سگهي؟

نه – گنگا هن معاشري ۾ هر ماڻهو مجبور آهي. هر هڪ کي زنجير پيل آهن ۽ بيوس آهن، ريتن رسمن اڳيان. بس مرد ۽ عورتن جي قيد ۾ رڳو ايترو فرق آهي ته اسان جي قيد جو دائرو ٿورو وڏو آهي باقي قيدي اسين سڀ آهيون، زنجيرن ۾ جڪڙيل اسين سڀ آهيون.  ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون ٻڌاءِ تون ته خوش آهين پنهنجي گهر ۽ ور سان ؟

ها بس خوش آهيان.“ هن جي اها ها، نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.