سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:2 

مُهاڳ

”ڪهاڻي هروڀرو ايڏي علمي دنيا سان
ٺهڪي نه به اچي جو ان جي سونهن ئي
ختم ٿي وڃي.“   
(آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جهيڙيان)

نسيم جي هڪ ڪهاڻي جو اهو ٽڪرو آهي، جيڪو هڪ ڪردار کي چئي ٿو: پر ان جملي مان ڪهاڻيڪار جو ڪهاڻيءَ بابت نظريو/ راءِ به اسان تائين پهچي ٿي. ڪهاڻيءَ کي ڪيترو علمي هئڻ کپي؟ هئڻ به کپي يا نه؟ پر ان جملي ۾ ڪهاڻيءَ جي ”سونهن“ جي به ڳالهه ڪيل آهي. ڪهاڻيءَ جي سونهن جو مفهوم  ڇا آهي؟ ته ان ۾ grip هجي، ان جي پهرين سٽ کان، توهين ان کي پڙهڻ تي مجبور ٿي وڃو، آخري سٽ تائين. نسيم جي ڪهاڻيءَ جو محرڪ ڏک آهي. انڪري نسيم جون ڪهاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سهن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا:

”جيون جي راهن تي هلندي هلندي، مان ٻلوان ٿي پئي آهيان، ڏک منهنجي ساهن ۾ رچجي ويا آهن. ڏک سڀ سيمائون اُڪري دل ۾ پهچي ويا آهن. ڪنڊن سان سڄو رستو ڀريل آهي. پيرن سان گڏوگڏ دل به رتوڇاڻ آهي.“ (وکريل سوچون)

نسيم جي ڪهاڻين جا ڪردار (عورتون) مار، موچڙي جي منهن ۾ آهن. ڪن کي خارجي/ جسماني مار آهي. جيئن ”اجرو من“ ۽ ڪن کي داخلي/روحاني مارَ! خارجي/جسماني مار تي، ته اُهي ڪردار رت ڳاڙيندا رهن ٿا، روئندا رڙندا ٿا رهن:

”او رمون- شل خدا ٻه اڌ ڪرئي. ڪين بچين شال! مون کي مار نه.“ (گهايل ٿي گهاريان)

پر ڪي ڪردار وقت، حالتن ۽ ورتاءَ- جي مارَ اندر ئي  اندر سهن ٿا. ڀوڳين ٿا، جيئن ”اجرو من“ ۽ ”احساس جا چڪ“ جا ڪردار. ”ڪاري رات“ جو ڪردار ”ازان“ به اهڙي ئي دوزخ ۾ آهي. مڙس جا موچڙا وڏيري جا دهمان. ۽ هن جا مائٽ؟ ماٽيلي ماءُ- ماٽيلا ڀائر! نسيم جي ڪهاڻين جا ڪردار- سس، ننهن، پهاڄ، ٻيون عورتون- ۽ مڙسن جا موچڙا. نرڙ مان ٽمندڙ رت!

”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ نسيم جي  اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڳالهه ته رڳو هڪ هفتي جي ڪيل آهي، پر ان ۾ صدين تائين پکيڙ آهي. اهوئي سنڌي سماج! صدين کان اڻبرابري، ڏاڍ، ڏهڪاءُ وارو سماج. نسيم ان کي ”ٺٺول ڀريو ناٽڪ“ ٿي سڏي، جيڪو هلي رهيو آهي ايامن کان ۽ اسين اُن جا تماشبين آهيون ايامن کان! سوئر ۽ ڪتن جو ميل؛ ڪڪڙن جو ميل. رڇ ۽ ڪتي جو ميل..... ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃريءَ جو ناچ! ۽ ڳوٺاڻا:

”ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين اچي ٽٽندا، آهن، جيئن بکايل شينهن ڪنهن جانور تي.“

ان ڪهاڻيءَ ۾ انيڪ ڪردار، ڏيک، واقعا آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جو حصو آهن. ايڏي وسيع موضوع کي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ڪٿي به نه ٿڙڻ، غير ضروري لفاظيءَ ۾ نه ڦاسڻ. ان ٺٺول ڀرئي ناٽڪ ۾ هڪ پدما به آهي. ٻارڙي. رڇ کي زخمي ڏسي جتي وڏ وڏيرا، ننڍ ننڍيرا، عام ماڻهو هوڪرا هڻن ٿا، تڏهن پدما جي دل ڪچي ٿي پئي. ڪڃريءَ جو ناچ ڏسي، هوءَ عورت جي تذليل تي بُڇان ٿي کائي ۽ انتقام وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. اتان هٽي گهٽيءَ ۾ اچي ٿي، ته هوءَ هڪ عورت جون رڙيون ٿي ٻڌي. هڪ عورت ساريو آهي. هوءَ اوڏانهن ٿي وڃي. اُها رمونءَ جي زال آهي. جنهن کي هو مار موچڙا ڪري رنڊيءَ جو ناچ ڏسڻ ويو آهي. عورت پدما کي رمونءَ کي وٺي اچڻ لاءِ ٿي چوي. هوءَ رمونءَ کي وڃي ٿي ٻڌائي. رمون نٿو اچي. پر پدما اتي بس نٿي ڪري- هوءَ دائيءَ کي وٺي ٿي اچي. ڪهاڻيڪار جيڪا پيڙا ڀوڳي، اُها پني تي پلٽڻ ۾ به سڦل رهي آهي. اها سڦلتا ڪنهن به مڪمل ڪهاڻيءَ لاءِ لازمي آهي.

”متو آهين مَڇ“ هڪ عام سنڌي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جيڪا پيءُ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ بئنڪ ۾ ٽائپسٽ طور نوڪري ٿي ڪري. اتي هڪ ’باس‘ به آهي جيڪو پڻ سنڌي آهي، ۽ ان ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ ٿو گهري. ڪهاڻي هن ڊائلاگ تي ختم ٿِي وڃي ٿي:

”اها ته ڄاڻ هوندي ته هتي نوڪريون ڪيئن ملنديون  آهن؟ هڪڙي سفارش.... ٻيو رشوت..... ٽيون.“ ٽيون لفظ ڪڍندي صاحب جي چپن تي مڪروهه مرڪ تري آئي. ٽيون ”عورت پاڻ پنهنجي سفارش آهي. ان کي ڪنهن سفارش جي ضرورت ڪانهي. آئي ڳالهه سمجهه ۾...؟“

ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟ انهيءَ resist ڪندڙ ڇوڪريءَ جو ردعمل ڇا هو؟ اهڙي ئي هڪ موقعي تي ڇوڪريءَ پيپر ويٽ صاحب کي هڻڻ جو سوچيو هو. مان ائين نٿو چوان ته ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هن واڌو جملي تي ٿيڻ کپي ها:

”مينا جو هٿ پيپر ويٽ ڏانهن وڌيو.“

پر اهو، هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾، منهنجو وڌايل ڊائلاگ آهي. اهڙا ڪيترا متوقع ڊائلاگ ٿِي سگهن ٿا، جهڙوڪ:

* مينا کي پروموشن ملي ويو.

* صاحب ڪرپشن ۾ ٻڌجي ويو.

* صاحب بدلي ٿي ويو.

* مينا نوڪريءَ کي ٿُڪَ هڻي هلي آئي.

سو ڪهاڻيءَ کي ڪنهن به اهڙي موڙ تي ڇڏڻ سڀاويڪ به آهي ته- اڻ سڀاويڪ به. اهو ڪهاڻيڪار تي  ڇڏيل آهي ته هو ڪهاڻيءَ سان ڪهڙو ٿو ورتاءُ ڪري. ڪردارن کي ڪيئن ٿو  پيش ڪري. وڻيس ته ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ کان کڻي، وڻيس ته شيام جئسنگهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ”21- صدي“ وانگر پنو خالي ڇڏي ڏي. مان سمجهان ٿو ته ڪهاڻيءَ جي عنوان ”متو آهين مڇ“ سان ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي چٽي ٿي  وڃي ٿِي، مان لطيف جو پورو بيت ڏيان ٿو:

متو  آهين  مَڇَ،  ٿلهو  ٿيو  ٿو نا  هڻين،

توجا ڀانئي اَڇَ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

مينا تي صاحب جو پهريون تاثر ته اهوئي آهي ته ”صاحب ڪيترو نه سٻاجهرو ۽ گنڀير سڀاءُ جو آهي.“ پر پوءِ جڏهن هن جو اصل ڪروپ پڌرو ٿو ٿئي، تڏهن مينا جي من ۾ مانڌاڻ مچيو وڃي:

”هون! ڪُتي جو پُٽ سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي.“

”وکريل سوچون،“ ”اُجرو من“ ۽ ”احساس جا چڪ“، ”رسندو ڀرجندو گهاءُ“ ڄڻ هڪڙو ناولٽ هجي يا طويل مختصر ڪهاڻي. ”اُجرو من“ ڪهاڻيءَ جو  ڪردار ڄڻ پنهنجي ئي ڪٿا پاڻ کي ٻڌائي ٿو:

”اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو آهي. اهي  ڪڪر تنهنجي گهر مٿان به ته هوندا ۽ تو انهن کي جَيءُ ڀري ڏٺو هوندو .“

”مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ به ڪونه آئين! موت ۽ حيات جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ به آهيان. تون پوءِ به ٻه پير ڀري مون وٽ نه آئين.“

نسيم جي هنن ڪهاڻين مان ڪجهه مختلف رسالن، جهڙوڪ: ”روح رهاڻ“، ”مهراڻ“، ”نئون نياپو“، ”سنڌ رنگ“، ”مظلوم“، ”ناري پبليڪيشن“، ”عبرت مئگزين“ ۽ ”برسات“ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. نسيم جون ڪهاڻيون ترقي پسند سوچ جون عڪاس به آهن، جيئن: ”ڳوڙهن جي ريکا“، ”ڪنهن کي خاموش ڪندين؟“.... ته انهن ۾ نئين ڪهاڻيءَ جي جهلڪ به ملي ٿي، جيئن: ”وکريل سوچون“، ”اُجرو من“، ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه.....“

اهو مون اڳ ۾ به ڪٿي لکيو آهي ته ڪهاڻي، ڪهاڻيڪار کي ٿي ڇڏي؟ يا ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي! سو نسيم ڪهاڻيءَ کي ڇڏيو آهي يا ڪهاڻيءَ نسيم کي! ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ان سوال جو جواب ضرور لهڻ گهرجي. ڪهاڻيءَ جي صنف، جيڪا سنڌي ادب ۾ نثر جي هڪ مقبول صنف آهي، اُها به زوال پذير ٿِي رهي آهي. جيئن شاعريءَ ۾ ، مختلف شاعرن جي تخليقن جي ڪري هڪ رنگا رنگي هوندي آهي، بلڪل ائين ڪهاڻيءَ ۾ به، مختلف ڪهاڻيڪارن جي تخليق جي ڪري هڪ رنگارنگي هوندي آهي ۽ ان ۾ نسيم جي ڪهاڻيءَ جو  به هڪ رنگ شامل آهي. اهي مختلف رسالن مان هٿ ڪري ڇاپڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب 
مسٽر دين محمد ڪلهوڙي جي جاکوڙ ۽ محنتن جو ثمر آهي.

امداد حسيني

ڄام شورو، سنڌ

16-فيبروري 2008ع

اُڀر چنڊ پس پرين

 

گهڻا سال اڳ هوءَ منهنجي حياتيءَ ۾ آئي. اسان ٻئي هڪٻئي سان فقط هڪ ڀيرو ملياسين، سو به رات جي پهر ۾. مان اسٽيج تي سٺو ڳالهائي سگهندو هوس ۽ هو به سٺو ڳائي سگهندي هئي. وڻندڙ صورت ۽ پروقار، دل جي بيحد سٻاجهي. مان پنهنجي لاءِ ڇا چوان؟ هن کي ڏاڍو وڻندو هوس، ان مان ظاهر آهي ته بيحد پيارو هوس. خوبصورت ته مان پاڻ کي نٿو چوان پر مردن ۾ جيڪا سونهن دلربائي هوندي آهي، اهو سڀڪجهه مون منجهه هو. تڏهن ئي ته هوءَ مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ هزارن ميلن جي فاصلي هجڻ جي باوجود مون تائين سندس ٻه چار خط هفتي کن ۾ پهچي ويندا هئا، مان مهيني ماسي کيس هيترن خطن پڄاڻا خط لکندو هوس پر سو به ڏاڍو احتياط ساڻ. مان مرد هئس، ان ڪري پنهنجي محبت ۾ ٿورو ٿورو سمجهو به هئس. ڪڏهن ڪڏهن ڇهه ڇهه مهينا به گذري ويندا هئا، جو هن وٽان ڪو به خط نه ايندو هو. مان سمجهندو هوس شايد هن مون کي وساري ڇڏيو آهي پر ائين نه هوندو هو. هن جا مٺڙا مٺڙا خط پيار جي مهڪ ساڻ کڻي ايندا هئا. تڏهن دل کي آٿت ايندي هئم، ته نه هن مون کي وساريو ناهي.هوءَ وساري مون کي سگهي به نٿي. گهٽ ۾ گهٽ منهنجو اندازو هن لاءِ اهو هو. مان به پرڻيل هوس ۽ هوءَ به. هن کي ٻه نياڻيون هيون ۽ مون کي ڪوبه ٻار نه. مان ٻروچ هئس. هوءَ بيوهه هئي. ان وقت هن جون نياڻيون ٻئي تمام ننڍڙيون هيون. هڪ سانوري گهرين اکين واري ۽ ٻي رنگ جي چٽي اڇي. هوءَ هنن جي ٻالڪپڻي جون ڳالهيون ڪندي هئي ۽ مان اهي شوق سان ٻڌندو هوس. لڳندو هوم ڄڻ اهي ٻئي منهنجون پنهنجون آهن. سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا اسان پاڻ ۾ ملندا به هئاسين. پهريون ڀيرو جڏهن مان هن وٽ ويس تڏهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، مان جڏهن هن سان ملڻ ويس تڏهن هن مون کي سڃاتو ڪونه، اسان هڪٻئي کي خط ته سالن کان لکندا ايندا هئاسين پر ڏٺو رڳو هڪ ڀيرو هو. ٿِي سگهي ٿو مان کانئس وسري ويو هجان يا ٿي سگهي ٿو، ته هن کي پنهنجين اکين تي اعتبار ئي نه آيو هجي، ته ڪو مان به ساڻس ملڻ اچي سگهان ٿو. هن جو نالو ته ڪجهه ٻيو هو پر مان کيس نيلي سڏيندو هوس. جڏهن مون هن کي ورجائي ورجائي چيو ته:

”نيلي- مان آهيان اقبال ڇا تون مون کي بلڪل نٿي سڃاڻين؟“

”ها- پر اوهان ٻڌايو، ته مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿوَ؟“

”نيلي- مان اسلام آباد کان اقبال آيو آهيان. ڇا تون اڃا به ڪانه ٿي سڃاڻين؟“

”اوهه- اوهان آهيو!؟“ هن جو چهرو سڄو ٻهڪي اٿيو.

اکين ۾ جوت جرڪي پيس، گلابي ڀريل چپن تي مرڪ مڙي آيس. ڀريل ڀريل ڳلن ۾ چگهه پوڻ لڳس. جن کيس وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏيو.

”هاڻي ته سڃاتئي نه؟ تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو.“

”اوهان کي ڀلا ڪيئن نه سڃاڻندس. منهنجي حياتيءَ جا مالڪ“ پويان لفظ هن چيا ڪونه هئا پر بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئا.

”نيلي مان هوٽل ۾ رهيل آهيان، مون سان گڏ هلين ته ڀلي هل، جي نه ته پوءِ اچجانءِ.“

مان وڃي بس اسٽاپ تي بيٺس. مان ڄاڻي واڻي هڪڙي بس ۾ نه چڙهيس، ٻيءَ ۾ به نه چڙهيس ۽ ٽين به هلي وئي، پر هوءَ ڪانه آئي. مان پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان هوٽل تي اچي پهتس. هن چيو ته ائين هو:

”توهان هلو مان اچان ٿي.“ پر آئي ڪافي دير کان پوءِ، هوٽل جون چار پنج ڏاڪڻيون چڙهي جڏهن هن در کي هلڪي انداز ۾ کڙڪايو، مان ان وقت ئي اٿي در کوليو. منجهند جا ٻه وڳا هئا، ڪمري ۾ پلنگ هڪ ڪٻٽ ۽ ٻه ڪرسيون، ٽيبل تي وسڪي پئي هئي، هڪ جڳ ۽ ٻه گلاس باقي ڪمري ۾ هر شيءِ وکريل.

”ٿڪجي پئي آهين؟“

”ها- پر تنهنجي ڏٺئي سڀ ٿڪ لهي ويا.“ اهو پويون جملو هن چيو ڪونه هو، پر مون هن جي اکين منجهان لياڪا پائيندڙ اڪير منجهان سمجهي ورتو.

”ڇا کائيندينءَ؟ ڇا پيئندينءَ؟ سڌو يونيورسٽيءَ کان پئي اچين نه؟ تو ڪجهه کاڌو به ته نه هوندو نه؟ ۽ اس ڪيڏي تيز آهي، اڃ به ته توکي لڳي هوندي نه؟“ مون گهنٽي وڄائڻ لاءِ بٽڻ دٻايو، بيري کي ماني آڻڻ لاءِ چيو. مانيءَ سان گڏ ٿڌو پاڻي هو پاڻ ٽيبل تي رکي ويو. ان وچ ۾ مان اندر وهنجڻ ويس ۽ جڏهن غسلخاني کان ٻاهر آيس ته ڪمري جي هر وکريل شيءِ سليقي سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پئي هئي.

”اڙي هي ڪمري کي ڪنهن سون ورنو ڪري ڇڏيو آهي...؟“

”تنهنجو ذهن ايترو  وکريل آهي اقبال“.

”تو ڪيئن ڄاتو؟“

”تنهنجي ڪمري ۾ هر وکريل شيءِ ان جي گواهي ٿي ڏني.“

”ها- نيلي منهنجي جيون ۾ ڪنهن رنگ ناهن ڀريا.“

”مان جو ويٺي آهيان. تنهنجي جيون جي هر وکريل شيءِ کي ميڙي سيڙي ساهه ۾ سانڍڻ  لاءِ.“ پر اهي لفظ به هن چيا ڪونه ها، بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئائين ۽ ان وقت مون سندس روپ ريکائن منجهان محسوس ڪري ورتو هو.

”نيلي- تون هن ديس جي اصلوڪي سنڌي عورت لڳندي آهين، تنهنجي شڪل دراوڙي آهي نه. موهن جي دڙي جي ڪائي مورتي لڳندي آهين.“

”ايڏا چاڙهه ته نه ڏي.“

هوءَ مون کي ڪيڏو ڀائيندي هئي پر هوءَ منهنجي حياتيءَ ۾ اچي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مان پرڻيل هوس. هوءَ ڪيڏي نه بدنصيب عورت هئي. هن جو پريمي ڪنهن ٻي عورت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هو ۽ ان جي هن کي خبر نه هئي. هوءَ مستيءَ ۾ جهومندي هئي جڏهن مون کي ڏسندي هئي.

”نيلي- توکي خبر آهي مان پرڻيل آهيان؟ نيلي تون ٻڌين ٿي نه- مان پرڻيل آهيانءِ.“

هوءَ ڳچ وقت چپ رهي. هن جي ٻانهن کان پڪڙي ٿورو پلنگ کان هيٺ جُهڪائي ڌونڌاڙيندي چيومانس.

”مٺي تون ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين.“ هن جي اکين منجهان ٻه ڳوڙها ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا. هن وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهايو. ”نيلي اها شادي منهنجي مرضيءَ جي ٿيل ڪانهي، منهنجي سؤٽ آهي ۽ ننڍي لاءِ مڱ به. مائٽن مجبور ڪيو ۽ شادي ڪري ڇڏيم، بس عيد تي ڳوٺ ويندو آهيان ۽ چانهه جو ڪوپ پِي ايندو آهيان. امان ڪاوڙبي آهي ته توکي گهر جو ذرو به خيال ڪونهي؟“

”ڪڏهن شادي ڪيئي....؟“

”سال ڏيڍ کن گذريو آهي.“ هوءَ وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.

”ڇا پئي سوچين؟“

”ڪجهه نه.“

”پوءِ ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين؟“

”سالن کان خط، پيار سان ٽمٽار خط ته هيءُ شخص مون کي لکندو رهيو آهي ۽ شادي سؤٽ سان ڪري ڇڏيائين واهه ڙي ٻروچ تنهنجو پيار؟“ مون ۾ ڪهڙي گهٽتائي هئي، سونهن جي، يا پيار جي، يا سوچن جي يا مان تنهنجي اها سار سنڀال نه ڪيان ها.“ هن وڌيڪ به نه ڳالهايو. ”مون کي هن منجهان اولاد به ڪونهي.“

”سوبه ٿي ويندو ئي- ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين،“ ڳوڙها هن جي اکين منجهان وري ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا.

”ڏيڍ ٻه سال گذريا آهن، اڃا ته ڪونه ٿو ٿئي ٻار- مون ليڊي ڊاڪٽر کان چيڪ به ڪرايو اٿمانس. انهيءَ جو چوڻ آهي ته هينئر هن ۾ ٻار ڄڻڻ جي ڪابه Capacity ڪانهي ۽ نه ڪا اڳتي ئي ڪا اميد آهي.“

گهڙي پل رکي مون وري ڳالهايو:

”امان چوندي آهي- پٽ ٻي شادي ڪر- نه ته تنهنجو نالو نشان مٽجي ويندو.“ ۽ مان امان کي چوندو آهيان:

”امان ڪهڙو ٿو فرق پوي مان اڳ ڪڏهن آباد آهيان جو  هينئر پنهنجي برباديءَ جو ڏک ٿيندم ۽ ان ۾ ڀلا هن غريب جو ڪهڙو ڏوهه؟“

”چوين ته سچ ٿو“.

”نيلي- هينئر مان ٻه- واٽي تي بيٺل آهيان. هڪ زال آهي، سا به پياري اٿم ۽ تون آهين. منهنجي اندر ۾ جنگ هلي رهي آهي، توکي به ڇڏي نٿو سگهان ۽  پنهنجو به نٿو ڪري سگهان ۽ هڪ ٽين عورت به آهي، اها منهنجي سيڪريٽري آهي. هوءَ منهنجو به ڏاڍو خيال رکندي آهي ۽ جڏهن تنهنجا خط اچڻ بند ٿي ويندا آهن، تڏهن ڏوراپي ڀري ٽوڪ ڪندي آهي، چوندي آهي:

کیوں- کیا بات ہے بڑی مدت سے اب وہ نیلے گلابی رنگ کے لفافے آنا بند ہوگئے ہیں؟ کیوں کسی نے بھلا دیا کیا؟

”پوءِ- تون ڪهڙو جواب ڏيندو آهين؟“

”مان- ڀلا ڪهڙو جواب ڏيانس، کلي ماٺ ٿي ويندو آهيان. مون کي ڪهڙي خبر ته تون اچانڪ خط لکڻ بند ڪري ڇو ڇڏيندي آهين؟“

”ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو اٿم ته ڄڻ مان تنهنجي زبردستي گلي پيو، اهو احساس مون کي روڪيندو آهي خط لکڻ کان. نه ته منهنجي دل چوندي آهي توکي روز هڪ خط لکان. هڪ ته ڇا پر الائي ڪيترا خط ڏينهن ۾ لکانءِ.“

”توکي- اهو احساس ڇو ٿيندو آهي....؟“

”ان ڪري جو تون ٻين عورتن جون ڳالهيون ڏاڍي چاهه منجهان ڪندو آهين.“

”نه- نيلي ائين ڪونهي. مان مرد آهيان ۽ تون مون کان هزارين ميل پري، بس وقت ڪٽيءَ جي ڳالهه آهي. ڪڏهن ڪڏهن چانهه جو ڪوپ پِي ويندو آهيان، زال به ته ڳوٺ ٿي رهي نه.“

”پوءِ ان کي پاڻ سان گڏ ڇو ڪونه ٿو رهائين؟“

”ان کي گڏ رهائڻ تي دل نٿي چئي. ڪهڙيون ڳالهيون ڪندس ان سان؟ رڳو ميلاپ ئي ته سڀ ڪجهه ناهي نه.“

”هوءَ توسان پيار به ته ڪندي آهي؟“

”اقبال- ڀائيندي آهيان ڄڻ تنهنجو منهنجو جنم جنم جو ناتو آهي، جيڪو ڪڏهن ٽٽڻو ناهي. تون به ڀلي جڳ رُلي ڏس ۽ مان به. پر وري وري اسان هڪٻئي کي پٺتي مڙي نهارينداسين. مون کي لڳندو آهي، ته تون راڻي جو ٻيو جنم آهين ۽ مان.....“

”تون- نيلي مومل جو ٻيو جنم آهين.“

”پريت ڪجي ته پنهنجن سان، نيلي ڌارين سان ڪهڙو سڱ سياڪو....؟ هونءَ ته هوءَ سٺي آهي پر ڌاري آهي. ڀلا هن سان ڪهڙا ڏک سک ونڊي سگهبا. نه هوءَ لطيف کي سمجهي سگهي، نه پنهنجي قوم جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي ۽ مان شعور رکندڙ، انسانن جي Misriesکي محسوس ڪندڙ ۽ انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي پوري پوري سگهه ۽ چاهنا رکندڙ تو منجهه اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو مون کي گهرجي مٺي، پر توکي به پنهنجو ڪرڻ جو سوچان ٿو ته ڏڪيو وڃان، مان هن کي ايڏو ڏک ڪيئن ڏئي سگهندس؟“

”پوءِ نه ڏينس نه ڏک ڇو ٿو ڏينس؟“

”نه مٺي- مان هن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندس؟“

“هوءَ- تو سان پيار به ته ڪندي آهي نه.“

”ها- ڪندي آهي، پر پوءِ به الائي ڇو اڃايل اڃايل رڻ ۾ پيو ڀٽڪان.“

”نيلي- توکي ڏک ناهي ٿيندو جڏهن ٻين عورتن سان ماڻيل پيار جون تو سان ڳالهيون ڪندو آهيان....؟“

”ٿيندو آهي-“

”پوءِ، تون مو ن کي ڇڏي ڇو ڪونه ٿي ڏين؟“

”نه- سڄڻ پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا ۽ هونءَ به دل هوندي آهي ته تون حياتيءَ جي هر پل ۾ امرت ماڻين پر پوءِ به مون کي سارين. هر عورت ۾ مون کي ڳولهين ۽ سدائين اڃايل رهين. اها اڃ تنهنجي تڏهن مٽبي جڏهن مون سان سنجوڳ ڪرين. پيار ونڊين ۽ مو ن سان نه ٽٽندڙ ڳالهيون ڪندو رهين. تنهنجي اها اڃ تڏهن مٽبي جڏهن مون سان حياتي جا پل گهارين- منهنجو پيار توکي ڌرتيءَ جي ڪشش جيان مون سان هر پل ۽ هر هنڌ جڪڙيندو رهي.“

”مان ڀلا هاڻي هلان ٿي ڳوٺ، وقت گذري ويو آهي. پويان هو مون کي ڏاڍو ياد ڪنديون هونديون.“

”توکي ڇڏڻ تي دل ته نٿي چئي پر تون ڇا ائين ئي هلي ويندين؟“ جڏهن هوءَ اٿي بيٺي ته مان هن جي سامهون بيهندي هن جي چيلهه ۾ هٿ وجهندي هن کي پاڻ ڏي سوريم. ”بس مٺي ائين ئي هلي ويندينءَ؟ بنا ڪجهه ڏيڻ وٺڻ جي. بنا پريت ونڊڻ جي.....؟“

”ڏس اقبال، تنگ ڇو ٿو ڪرين؟“ هن منهنجي ڪلهن تي پنهنجا ٻئي هٿ رکندي چيو.

”نه مٺي- مان توکي ائين نه وڃڻ ڏيندس.“ مون هن کي وڌيڪ پاڻ سان لائيندي چيو.

”ڏس نه- تون هاڻي مون کي تنگ ٿو ڪرين.“ هن ٻانهن جو ڪراس ٺاهيندي پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ويڇو وڇائيندي چيو.

”مان ٿو توکي تنگ ڪريان يا تون مون کي تنگ ڪرين؟“

”مان- مان ڀلا توکي ڪيئن ٿي تنگ ڪريان.....؟“

هن ڪجهه ڪجهه وائڙي ٿيندي چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org