سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:15 

کِڙيا کٽڻهار

ڪي وڪيل وڏا ٿين، ته ڪي وري ننڍا، اڃا به ننڍا هجن ته کين ’جونيئر پارٽنر‘ چون. پر جي ڪو اديب ’جونيئر پارٽنر‘ ٿئي ته ڍاڪئون ئي پڪو!

مان به اُن زماني ۾ ’جونيئر پارٽنر‘ هئس.

منهنجو سينئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو. هميشه اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو ته چوندو هو، ”يار اديب!... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجان“... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ...“

اُن زماني ۾ قتل ڪيس پهريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا - جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينئر گهڻو تڻو پنهنجن سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا ته هُو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چِٽو ڪري بيهارين.

هيءَ ڳالهه به اُنهيءَ زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنهن لاءِ مون کي منهنجي سينئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءُ هو ته قتل ڪيس، پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو ته مـسمات سفوران، پنهنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنهنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪهاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سينئر مون کي چيو هو ته ”هيءُ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنهنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦُريندا هئا. مال ملڪيت به لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پئسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ به وٺي ويو، پر هنن نه مڃيو. زميندار کي پنهنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽ شهمير ۽ شانان جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي ته مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو ته شهمير کي هُنن ئي ماريو آهي.“

 ”اگر اِها ٿيوري آهي ته پوءِ سائين! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينئر صاحب کان پڇيو.

هـُـن کلي مون ڏي ڏٺو، ”آهي نه ادبي سوال!“

”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي ته تنهنجي ڌيءُ شانان کي ’ڪاري‘ ۽ شهمير کي ’ڪارو‘ ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي مليس. ڦاسي يا عمرقيد کان بچي ئي بچي.“

”سَر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“

”ثابت اِهو ڪرڻو آهي ته It is not honor Killing (غيرت جو سوال ناهي.) مائي سفوران پنهنجي مڙس ۽ وڏيري جي چـُـرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنهنجي ڌيءُ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءُ ڊرامو رچايو آهي. هوءَ قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“

مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منهنجي سينئر مٿان اِهو به چيو ته ”ميان! هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توکي Prosecution جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنهنجي طبيعت مطابق هيڏانهن هوڏانهن ناسون هڻي ڪا ڪهاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي وهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ ۾ به هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنهنجي راءِ جو اظهار مڙيوئي مهانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رُڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف. آئي. آر. مطابق هلڻو آهي. سمجهيئه. آهين ته هوشيار ۽ سمجهدار.“

”سَر! بالڪل سمجهيم. توهان فڪر نه ڪريو. قانون کان مٿاهون ڪير به ڪونهي. ادب به نه.“

هن ننڍي شهر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شهر جي ڪجهه ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دَور جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائونڊ وال ۽ اندر ننڍڙو باغ به اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي وڻ ڪي سـُـڪل، ته ڪي ساوا قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منهنجي سينئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هـِـت آهن. ڪورٽ ننڍي آهي، انڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسين جونيئر اِنهيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنهن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺان ويهي اصيل سان ٻولا چاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺهيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانهه گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوريءَ پاران سڏ ٿيو ته اندر پهتاسون. ڪيس هليو نه هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون.

اُن ڏينهن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنهن ڏينهن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانوَ تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو مائيءَ تي پهرا پئي ڏنا ۽ خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻهن لؤڻا پئي هنيا ته ڏسون ته اِها مائي ڪهڙي منهن مهانڊي آهي، جنهن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پـُـٺ ڏيو ڀت واري پاسي منهن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سُڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي.

مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيهي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس.

ائين جج صاحب جو نائڪ آيو، ”صاحب سڏيو اَٿو.“

جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منهنجي سُٺي نيازمندي ٿي وئي هئي. جنهن ڏينهن منهنجو ڪو ڪيس هوندو هو ته ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان به چاهه هئس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو به هو ته ڪجهه ڳالهائيندو به هو. پهرين پوسٽنگ انهيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هـئس. صبح جي پهر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاهه نه هو، پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس ته وڏو ٽهڪ ڏنائين:

سائین! دیکھو آج ہماری کورٹ میں بھی میلا لگا ہوا ہے"۔ "بس سائین! یہی ہماری سندھ کی بدنصیبی ہے۔ ابھی ابتدا ہے، دیکھنا انتہا کہاں پر ہوتی ہے۔ عورت بیچاری ہمیشہ مظلو رہی ہے۔"

 یہ مظلوم ہے؟ بھانجے کو مارا ہے ۔

 پتہ نہیں سَر! بھانجا مظلوم تھا یا نہیں، یا  پھر دونوں.“

جج منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪندي چيائين. ”ته پوءِ اصل ڳالهه ڇا آهيس.“

”سَر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي.“

نائڪ چانهه کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو، ”پر مائي قبولدار ٿي آهي. 164 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان ته فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان ته رولو نه بڻايوس.“

”سر! هيءُ ڪيس منهنجي سينئر جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري جو سڄاڻ فرد آهيان. سينئر صاحب اِنهيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنهنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالهه جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پر پروفيشنل بي ايماني به نه ڪبي.“ مون کلندي کيس چيو.

جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن ته ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيهاريو ته مائي ملڪيت جي لالـچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءُ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس به هن ۾ شامل آهي. هيءُ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي، غيرت جو ڪو مسئلو نه آهي.

هڪ ڏينهن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس ته ڏٺم ته مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻهو نه رهيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي ڪنڊ تي اُنهن مان هڪ مائيءَ اچي منهنجو اڳ جهليو، ”اَبا ترس! سفوران توسان ڪجهه ڳالهائيندي. ٿورو هيڏانهن اَچ.“

مان بيهي رهيس. پهرين سوچيم ته کيس جواب ڏيئي ڇڏيان، جو پروفيشنل ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالهائڻ مناسب نه هو. ٻيو اِهو به سوچيم ته منهنجي سينئر کي خبر پوندي ته بنهه جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالهه جو ڳاٽو ته جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانهن هليو ويس، جنهن هيترن مهينن ۾ به نوان گونچ ڪونه ڪڍيا هئا. هاڻ ته سرءُ به ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نه هو. هيءَ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُٿي ته هـُـن رَئي جو ٻُڪل کوليو ته ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اَڇي اُجري منهن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منهن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءَ سُهڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منهن نه ڏٺو هو، جو هوءَ منهن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالهايو ته سندس اڇا ڏند به جـَـرڪي پيا، پر سندس منهن تي مـُـرڪ نه هئي.

”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪهڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان ته ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنهن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کان پوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو.... بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“ مون سندس نياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ به هـُـن وانگر وڻندڙ ۽ هـُـن جهڙي ئي هئي.

مان گهڙيءَ کن لاءِ ته چُپ رهيس، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم، ”تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنهنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي ته سڀڪجهه ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي ته تنهنجي نياڻي هندورن ۾ لُڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ؟.... مائي سفوران! تيستائين ته تنهنجون هڏيون به نه بچنديون، تون ڪهڙي خيال ۾ آهين. الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا، تنهن جي خبر پوءِ پوندءِ.“

مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو. پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.

”کاءُ قسم هـن نياڻيءَ جو ته جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کاءُ قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنهن جو خون به تنهنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنهنجي سر تي آهن. ياد رک، هيءَ به نه بچندي.“

مائي سفوران پنهنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيهي نه پئي سگهي. ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويهاريو.

”منهنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦـِـي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو.

”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. جيڪي ڪجهه سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ. پوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهندو.“

”ڪورٽ کي ٻڌاءِ ته تو پنهنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنهنجي سهڻي پياري مڱينديءَ، جنهن سان هـُـن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالهه ته ڪر!“

سفوران رويو پئي رني. اوچتو منهنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين، ”سائين، شهمير منهنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟ هو ته مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاهه رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو ته منهنجو ٻچو هو. مان اُن کي ڪيئن مارينديس؟“

”پوءِ ڪنهن ماريو؟“

هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. مڙسس شهر ويو هو، اڃا نه موٽيو هو.

”سائين، اِهو ظلم منهنجي مڙس عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پهريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ ته شهمير سان ’ڪاري‘ ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منهنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُنبيو، ته هيئن قبولدار ٿئين ٿي ته واهه، نه ته تنهنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريون. مون کين اهو به چيو ته مون کي ڀل ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نه ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندن اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻهو ٿو موڪلي ته ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل. مان ته جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله انهي منهنجي مڙس عدلوءَ جو منهن ڪارو ڪندو، جنهن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“

مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀـُـڻڪندي ڳالهايو: ”اٿئي همت ته سڀاڻي پنهنجي بيان تان ڦري وڃ، ۽ ڪورٽ کي هيءَ سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس ته ڇا ٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نه ٿيندي، جو هو تنهنجو يا تنهنجي نياڻيءَ جو وار به ونگو ڪري سگهن. تون همت ڪندينءَ ته سڀڪجهه سڻائو ٿيندو، نه ته تنهنجي لاءِ سِرڪڻ ڦاهي ته ٺهي ئي پيئي آهي.“

مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منهن ڏي ڏٺو. هيءُ هڪ معصوم عورت جو چهرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سـُـڪڻ لڳيون هيون. مان آهستي آهستي چـُـرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نه هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پهتو ۽ مون ڏانهن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هيءُ هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلهو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو. سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانهن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سهڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قداور عورت هئي. جي هن ڪـُـڌي مامري ۾ نه ڦاسي ها ته سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبه لوڏو نه هو. هاءِ ڙي قسمت!

پر مائيءَ ۾ اڃا به ڪي جولان باقي هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ بيٺي ته هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنهنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي. هـُـن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالهائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين: ”مون اِهو ڏوهه صرف ان لاءِ قبوليو هو، ته مان ڀل ’ڪاري‘ ٿيان، پر منهنجي نياڻي ڪاري نه ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کي ڌمڪيون ڏيئي زوريءَ ڏياريو هو.“

جج دير ئي نه ڪئي. حڪم جاري ڪيائين ته ”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال ته سفوران جي مڙس، وڏيري ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳيئي ضمانت تي آهي، تنهنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هـُـن سيشن ڪورٽ کي به ڪئي. پوليس کي هدايت ڪيائين ته مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو ته ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار ڪيو وڃي. مان ٻاهر ئي بيٺو هئس ته نائڪ آيو، ”سائين! صاحب سڏيو آهي.“

مان چئمبر ۾ داخل ٿيس ته جج ٽهڪ ڏيئي چيو، ”يو ناٽي بواءِ!... آخر اديبن واري ڪار ڪيئه. مون کي ڪجهه خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو، ”قانون جي ديويءَ کي پـَـٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻهن جو ڪم ئي آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“

”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ جج صاحب مُرڪندي چيو.

”جيڪي ٿيندو، اُن کي ڏٺو ويندو، توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نه ڇڏيو آهي. هنن بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جو داد فرياد ٿيو آهي، اهو ئي مون لاءِ گنج آهي.“

چئمبر مان ٻاهر نڪتس ته مـَـن تي بار نه هو. مون ورانڊي ۾ بيهي نهاريو. مائي سفوران پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منهن تي سَرهائي هئي.

مون وڻ ڏانهن نهاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اُن ۾ نوان گؤنچ نڪري آيا هئا. هن مـُـند ۾ به وڻ تي بهار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منهنجي مَن ۾ ڪئين کٽڻهار کڙي پيا هئا!

 

اکڙيون ميگهه ملهار

 

هيءُ هڪڙو وڏو گهر هو، جنهن ۾ ڪيترا ئي ڪٽنب مِٺ محبت سان گڏ رهندا هئا. مان اُت وڏي گهر ۾ نپجي سڀني ڪٽنبن جو پيارو ۽ لاڏلو نينگر ٿي وڏو ٿيس. اِن گهر جا ٻه اهم اُهڃاڻ هئا: هڪ ته داخل ٿيڻ وقت ڏيڍي ٽپڻ لازم هو ۽ هن ڏيڍيءَ ۾ ڪيئي وَر وَڪڙ هئا، جيڪي عام ڏيڍين ۾ ڪونه هوندا آهن. شروع ۾ ئي هڪ ڏيڍي اُها هئي جيڪا ورهائجي ٻن ڏيڍين ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. اڳتي هلي اسان واري ڏيڍي ور وڪڙ کائيندي وڃي وڏي اڱڻ ۾ پهچندي هئي، جتان اُن وڏي حويلي جهڙي گهر جا عجب نظارا پسبا هئا. ڪرت واريون، قرب ونڊڻ وارا، کل خوشيءَ وارا جيڪي نه رڳو اڱڻ جو مَرڪُ هئا پر شاهي ڊگهو ورانڊو، جنهن ۾ گهريتڙيون ۽ وڏڙيون واندڪائيءَ ۾ويٺيون ڪچهري به ڪنديون هيون، ته ڪي چلم مان بُڙڪاٽ ڪڍندي مسئلن جا سڳا سورينديون هيون. وڏڙا ڪم ڪار لاهي ايندا هئا ته روٽي پاڻي سان گڏ سندن ڳالهين ۽ چلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا. هن گهر جو ٻيو وڏو اُهڃاڻ هن گهر جي وڏي منهنجي ڏاڏي سونل هئي. جيڪا سنئين سڌي، بنا ڪنهن وَر وڪڙن جي، ’سنئين راند سونٽي واري‘ ۾ يقين رکندڙ هئي. هن جا فيصلا سڀني ڪٽنبن ۽ هن وڏي خاندان لاءِ هڪ قانون جو درجو رکندا هئا. پاڻ ۾ سڱن پنڌن جا مامرا هجن يا ننڍن جهيڙن جهٽن جا فيصلا هجن يا ڪنهن ٻاهرين ڪٽنب سان پير کڻجي يا نه، سندس حڪم اٽل هوندو هو. چون ائين ٿا ته اسان جو ڏاڏو مرحوم، جيڪو هن خاندان جو وڏو هو، تنهن جو حڪم به ائين نه هلندو هو، جيئن ڏاڏي سونل جو حڪم. سندس ڌاڪو به ڌاڪو هو، جو ڏاڏو سائين به سندس سامهون ماٺ ٿي ويندو هو. اُن وقت ڏاڏي سونل جي مُک تي ڏيا ۽ ارادي جي پختائي واسو ڪري ويندي هئي، خاص طرح جنهن وقت فيصلي جو وقت هوندو هو يا ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ جو وقت هوندو هو. پر سندس حياتي ۾ ڪيترا اهڙا واقعا به پيش آيا، جيڪي ڪي قدر سندس مرضي جا نه هئا ۽ کيس ڪڏهن ڪڏهن ان جو ڏک به ٿيندو هو. ماسي آسيت ڪاسائڻ جو صدمو کيس ڄڻ ته جيئري ماري ويو.

هن گهر جي ڏيڍي کي ئي ور وڪڙ هئا ته قاعدا قانون به پنهنجا هئا. اُنهن کي عمل ۾ آڻڻ، نبيرڻ، ڏاڏي سونل جي اختيار ۾ هو. کيس خاص اختيار هو ته نُهرن کي پنهنجي مائٽن ڏي موڪل ڏئي يا نه. سندس پٽن جي مرضي ڀلي هجي پر ڏاڏي سونل کين گهڻو ڪري نه ڇڏيندي هئي. گهر جي وڏڙن جي اِنهيءَ فيصلي جي پابندي ۽ پوئواري ڪرڻ سندس ذميواري هوندي هئي ته جيڪي نُهرون ڌاريون هيون، اُنهن جي عزيزن قريبن کي ملڻ جي اجازت صرف اُنهن  وَر وَڪڙ ڏيڍين ۾ هئي، جيئن ڌارين ماڻهن جو وڏي گهر جي ٻين رهواسين تي پاڇو به نه پوي. هوءَ پنهنجين نُهرن ۽ نين ڪُنوارن سان سٺو هلندي به ٻاهر اچڻ وڃڻ جي پابندي تي سخت رويو رکندي هئي. سندس چهري تي اُن وقت سختي اچي ويندي هئي. سنهڙن چپن جون ڪنڊون سوڙهيون ۽ مُرڪ کان آجيون ٿي وينديون هيون، جڏهن نهرن جا پيئر يا ڀائر ساڻن ملڻ ايندا هئا. هوءَ ڏيڍيءَ جا ٻاهريان دَر ۽ اوريان در بند ڪرائي وچ واري حصي ۾ کين پنهنجي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي. حڪم وڏڙن جو هوندو هو ۽ اُن حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏاڏي سونل بندوبست ڪندي هئي. اُنهن نُهرن يا نين ڪنوارن جون مائرون ڀينر يا مائٽياڻيون اندر اينديون به هيون ته سندن آڌرڀاءُ ڪو وڻندڙ نه هوندو هو، جو هو ڌاريا هئا ۽ هيءُ نُهرون يا ٻيون ڪناورون ”ڌاريون“ سڏبيون هيون. هتي جنهن جو آڌرڀاءُ ٿيندو هيو، اُها هئي ماسي آسيت ڪاسائڻ، جيڪا هڪ ڇٻيءَ ۾جيرن بُڪين ۽ ٻوٽين جو شيخون پچائي وجهي کڻي ايندي هئي. سندس اچڻ سان سڄي گهر جا ٻار ٻچا ۽ مايون گوشت جون پڪل مرچن مصالحن سان ٻُرڪيل شيخون وٺي سوساٽ ڀري کائينديون هيون، پر وڏي خوشي ڏاڏي سونل کي ٿيندي هئي. وسيع ورانڊي ۾ هو ٻئي ڄڻيون جڏهن کٽ تي چڙهي ويهي پنهنجيون پرايون ڳالهيون ڪنديون هيون، تڏهن وقت ڄڻ ته بيهجي ويندو هو. ماسي آسيت جي ڳالهين ۽ چوٻولن تي ڏاڏي سونل ايڏو ته کلندي، ٽڙندي خوش ٿيندي هئي ۽ سندس ٽهڪڙا گونجندا هئا جو ائين لڳندو ئي نه هو ته هيءَ ڏاڏي سونل آهي. هڪ سخت گير منتظم ۽ هن گهر جي پنهنجن قاعدن قانونن جي پاسبان. ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي هيءَ دوستي ورهين جي ساٿ جو نتيجو هئي. ماسي آسيت جو هن حويلي ۾ اَچڻ وڃڻ شايد منهنجي ڄم کان به اڳ جو هجي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هيس. ڏاڏيءَ جو مون سان گهڻو پيار هوندو هو. ماسي آسيت ايندي هئي ته ڏاڏي ڪڏهن ٽڪو يا آنو خرچ ڪري مون کي به پڪل ننڍي شيخ وٺي ڏيندي هئي. مان سوسٽ ڀريندو پڪل جيرا يا ٻوٽين جا ٽڪر چٻاڙيندو هوس. ماسي آسيت جو پوٽو گلڻ وڏڙو ٿيو ته ساڻس گڏ ايندو هو. ڏاڏي اُن کي به پيسو ٽڪو خرچي ڏيندي هئي ۽ مون سان گڏ کيس به مٺيون ڏيندي هئي. مان ڀرسان ئي ويٺو گلڻ سان کيڏندو هوس ۽ ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي ڪچهري نه کٽندي هئي. ماسي شام جو ڇٻو گهڻو ڪري خالي ڪري ئي نڪرندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا به هتان اچي پڪل شيخون وٺي ويندا هئا. ماسي آسيت ڪڏهن بيمار ٿيندي هئي ۽ نه ايندي هئي ته سڀني کي اون ٿي پوندي هئي ۽ سڀني گهرن جا ڀاتي پيا پڇا ڪندا هئا، پر وڏي ڳڻتي ڏاڏي سونل کي هوندي هئي. ماسي چاڪُ ٿي وَرُ اچڻ لڳندي هئي ته سڀني کان وڌيڪ ڏاڏي سک جو ساهه کڻندي هئي، ماسي آسيت کنگهندي به ڏاڍو هئي پر ٻيڙي پيئڻ نه ڇڏيندي هئي. ڏاڏي کيس منع ڪندي هئي ۽ پنهنجي چلم سندس ويجهو ڪندي چوندي هيس: ”اَدي آسيت! اِها نڀاڳي پن جي ٻيڙي نه پي، ڦوڪ ڀرڻي اٿئي ته چلم جي ڦوڪ ڀر، هيءَ ٿڌي اٿئي.“

ماسي هڪ ٻه ڦوڪ ڀري وري پن جي ٻيڙي ڪڍندي هئي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کنگهه اُپڙندي هيس ته ماسي ساڻي ٿي ويندي هئي. ڏاڏي کيس پاڻي پياريندي هئي، پُٺيءَ کي مهٽيندي هيس ۽ هوءَ سامت ۾ ايندي هئي ته اُهي ئي گهر گهَرَ جا قصا، ڪنهن جي گلا تهڪي پنهنجا سور. ڏاڏي پنهنجين نُهرن جون شڪايتون ڪندي هئي ته ڀڻڪي سان، باقي پنهنجن پٽن سان ۽ نياڻين سان عشق هوندو هيس. مون کي اهو سڀ ڪجهه ياد آهي ۽ اُهو صبح به ياد آهي جڏهن ڪاسائين جي پاڙي مان اوطاق تي نياپو آيو ته رات ماسي آسيت گذاري وئي. سڄو گهر وسمي ۾ اچي ويو. نيٺ ڏاڏيءَ کي به ٻڌايو ويو. آسيت ۾ ساهه هيس. هوءَ صفا ماٺ ۾ اچي وئي. چون ائين پيا ته صدمي جي ڪري کيس ڳوڙهو به نه آيو. سندس اکيون خشڪ هيون. هوءَ سنڀري ته ڪاسائين جي پاڙي وڃان ۽ وڃي آسيت جو منهن ڏسي اچان. هن اوطاق تي نياپو موڪلي ٽانگو پئي گهرايو ته اوطاق تان گهر جي وڏي، ننڍي ڏاڏي عثمان جو حڪم آيو ته ڪاسائين ۽ حجمن جي پاڙي اسانجيون مايون نه وينديون آهن، تنهنڪري زالاڻو پير نه ڀربو ۽ ڏاڏي سونل يا ڪو ٻيو به نه وڃي. ڏاڏيءَ کي اهائي ماٺ اچي وئي. ماسي آسيت آهستي آهستي هن وڏي گهر جي ڪنهن وسريل باب جيان ميساربي پئي وئي، پر ڏاڏي اُنهيءَ کٽ تي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. هن آهستي آهستي چلم به ڇڪڻ ڇڏي ڏني هئي. هوءَ منجهند جو اُن وقت تي ورانڊي کان پئي ٻاهر نهاريندي هئي ڄڻ کيس اوسيئڙو هجي ته ماسي آسيت ضرور ايندي. آسرو پلجي ويندس ته ململ جو آر تي ڀريل رَئو ڊگهو ڪري پاڻ مٿان وجهي منهن ڍڪي سمهي رهندي هئي. هن گلوءَ جي پڇا ڪئي، پر گلو جو پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ڏينهن رات رئندو هيو، کيس پڻس مائٽن وٽ شهرکان ٻاهر موڪلي ڏنو. اَبو، چاچا ۽ ٻيا عزيز قريب ڏاڏي سونل جو ڏک سمجهندا هئا. وٽس هاڻ اچي گهڻو وهندا هئا. ماسي آسيت لاءِ ڪونه ڪڇندا هئا پر لڳندو ائين هو ته وٽس تعزيت لاءِ ويٺا آهن. ڏاڏي عثمان (اسان جي ڏاڏي جي ننڍي ڀاءُ) گهر کي ماسي آسيت جي ويچار ۾ جو ڏٺو ته سڀني کي دڙڪا ڏنائين ته ”اڙي، انهيءَ ڪاسائڻ جو تڏو وڇايو اَٿوَ ڇا؟ اِها ڪاسائڻ توهان جي ماءُ لڳندي هئي جو گهر ئي اونڌو پيو آهي. گهر کي جي ماٺ هئي ته ڏاڏي سونل به چپ هئي. هوءَ جا ٺَهي جُڙي ڪنن ۾ پنڙا پائي ڦڻي ڦوڪارا ڪري کٽ تي ويهي حڪم هلائيندي هئي، تنهن هاڻ نه رڳو پنهنجو حڪم هلائڻ ڇڏي ڏنو، پر آهستي آهستي حاڪمن جا حڪم مڃرائڻ به تَرڪ ڪندي وئي. نُهرن کي هلڪي سلڪي ڇوٽ ڏئي ڇڏيائين. هاڻ هوءَ ڪنهن کي به نه روڪڻ لڳي. آهستي آهستي هن حويليءَ ۾ اڳکان وڌ ٽهڪڙا گونجڻ لڳا ۽ آزاديءَ جي هوا گُهلڻ لڳي. ننڍي ڏاڏي عثمان کان بچ بچاءُ جي ڪري هيءُ گهر وڻندڙ ماحول ۾ هلڻ لڳو. ڏاڏي سونل ويچاري اڪيلي ٿي پئي هئي ۽ پوئتي به پوندي وئي. ڪو چڱو وقت گذري ويو پر ڏاڏي سونل جا ٽهڪڙا ڊاڙا ٺڪاءُ ڪنهن نه ٻڌا.

هڪ ڏينهن مان گهٽيءَ ۾ ٻين ساٿين سان گڏ اِٽي ڏڪر کيڏي رهيو هئس ته ڏٺم ته گلو مٿي تي اُهو ئي ماسيءَ وارو ڇٻو کنيو اچي پيو. ڇٻي تي ڪپڙو هو پر پڪل شيخون نظر اچي رهيون هيون. هو هاڻ وڏڙو به ٿي ويو هو. مون پري کان هٿ لوڏي کيڪر ڪئي مانس، مان راند ۾ مشغول هوس ۽ هو حويليءَ ۾ هليو ويو. اوچتو ڏيڍيءَ مان رڙيون ٻڌم. اسان ڊوڙياسين، ڏاڏو عثمان گلوءَ کي ٿڦڙن سان ڪُٽي رهيو هو. ڇٻو اُڇلائي ڏنو هئائين، پڪل شيخون زمين تي وکريون پيون هيون. گلو رنڀون ڪري روئي پيو ۽ ڏاڏي عثمان جي رڙ پئي پيئي: ”هل هتان ڪاسائي، ڪاسائيءَ جا پٽ. هيڏو سارو ٿي ڪري نياڻين سياڻين ۾ ڏيڍين ۾ اندر ٿو وڃين.... نڪر هتان.“

ڏاڏي عثمان هن کي گهلي هڪ ڏيڍيءَ مان ڪڍي ٻي ڏيڍيءَ، اُتان گهليندو اچي گهٽيءَ ۾ ٻاهر اڇليائينس. هو اڃان ٻيون رڙيون ڪري ها پر ائين پويان رڙيون ٿي ويون:

”اڙي عثمان! نه مار منهنجي ٻچي کي.... اڙي ايڏو ظلم نه ڪر معصومن سان.“ ڏاڏي سونل ڏيڍيءَ جا وَر وڪڙ سڀ لتاڙي گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بنا رَئي پوتيءَ ۽ جتيءَ جي مٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ليٿڙيل گلوءَ کي ڇاتيءَ لائي هيٺ ويٺي هئي. هيءَ هن خاندان جي وڏي هئي، پر هاڻ خاندان جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن جي رکوال اُنهن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هوءَ گلوءَ سان گڏ رڙيون ڪري ۽ پار ڪڍي رهي هئي. ڏاڏو عثمان ڪا گهڙي سُن ٿي ويو هو. پوءِ هو ڏاڏي سونل کي اُٿارڻ لاءِ وڌيو، پر ڏاڏي گهوري ڏٺس ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”خبردار عثمان! مون کي يا هن نينگر کي هٿ لاتو اٿئي؟“

ڏاڏي سونل يڪدم مون ڏانهن رخ ڪيو: ”بابلا وڃ وڃي ٽانگو ڪري آ مان هاڻ هتان ئي ڪاسائين جي پاڙي ويندس، ڏسان ته مون کي ڪير ٿو روڪي؟“ منهنجي سوٽ کي چيائين ”اڙي وَڃ منهنجو وڏي چادري ۽ چمپل کڻي آ.“

هوءَ اُتي ئي مٽي ۾ ويٺي هئي ۽ گلڻ کي پرچائي رهي هئي. ”نه منهنجا ٻچا، بس، بس گهور وڃانءِ مان هلان ٿي نه تنهنجي گهر، تنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ته هلان ٿي نه.“ هوءَ هن دفعي روئندي رهي روئندي رهي، سندس اکيون هاڻ ميگهه ملهار ڪيو بيٺيون هيون، جن آڳ وسڻ کان بس ڪئي هئي تن اڄ وسڻ کان بس نه پئي ڪئي.

 

اکڙيون ميگهه ملهار کان پوءِ

 

(ڇوٽڪاري جو پيغام )

ڏاڏي سونل جڏهن چادري پائي جهُنڊ هڻي هڪ اک سان دنيا جهان کي ڏسندي اچي ٽانگي ۾ چڙهي ته هن جو ڳاٽ فخر کان اوچو هو. هن حويليءَ جي سالن کان هلندڙ روايتن کي جنهن نموني سان شڪست ڏني هئي، اهو سندس ئي مَرڪُ هو. سندس جگر ۽ همت کي شاباس جو اڄ هيءَ ڪاسائين جي پاڙي پنهنجي ساهيڙيءَ جو مرڻي جو پير ڏيڻ پئي وئي .

هوءَ ٽانگي تي پويان ويٺي هئي ۽ هن مون کي چادري جي اندران هڪ ٻانهن سان قابو جهليو هو ۽ ٻئي هٿ سان چادري کي سوگهو جهلي اک ڪڍيو ويٺي هئي. سندس هنج مون لاءِ ڪشادي هئي، پر مائي ڪاسائڻ جو پوٽو منهنجي ڀرسان ويٺو هو ۽ هوءَ ان کي به ڄڻ سنڀاليو ويٺي هئي. يَڪُو ٽانگي وارو هن ڪٽنب جو پراڻو خدمت گذار هو. حويلي وارن يا اوطاق وارن سيٺين کي جنهن مهل وهٽ جي ضرورت پوندي هئي ته يَڪُو دايو ٽانگي سوڌو هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. پر اڄ يڪو به ٽيڪيو ويٺو هو ۽ کيس خبر هئي ته سندس خاص الخاص سواري ڪير آهي. هن وڏي خاندان جي سربراهه، ڏاڏي سونل پنهنجي وَڏوَرَ پوٽي سان گڏ سوار هئي. سيٺين جي حويليءَ کان نڪرندي رستي جي پرئين پاسي سيٺين جا باغ آهن. ڏاڏي سونل جي وڏڙن جا هنيل باغ، ان جي رستي سان هيءُ وڻراهه، گهوڙي جي مستانا چال، ڏاڏي سونل کي آزادي واري فضا ۾ آڻي ڇڏيو هو. هوءَ هيڏانهن هوڏانهن نظر هڻندي اڳتي وڌي رهي هئي. هن کي اڄ اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ٻاهر جي دنيا کي به ڪئين ئي رنگ آهن. ساين کجين جا لهرائيندڙ پاڇا ڪئي گهرا ڪئي ڇڊا، ڪئين ئي سر سبز ساوا پَٽُ. ڪٿي به هن ساوڪ کان سواءِ، پَٽُ نه ڏٺو. هن کي لڳو ته اها ئي ساوڪ، اها ئي پوک اهي ڊگها سڌا هنيل کجين جا وڻ، سندس وڏڙن جي عظمتن ۽ اوچاين جا اهڃاڻ آهن. هنن پونيرن کيس ڪهڙي بند ۾ اچي هنيو آهي. هوءَ شايد اهو ڪجهه سوچيندي ئي هلي. مون کي به ائين لڳو ته هيءُ سڳنڌ واسيل جهان ڏاڏيءَ کي بي چين ۽ وياڪل ڪري رهيو آهي. هوءَ جهاڪن سان گڏ ڦٿڪي رهي هئي. سندس جسم هيڏانهن هوڏانهن ڦٿڪي رهيو هو. هن مون کي ويجهو ۽ قابو جهليو، هاڻ مان هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ به ٻڌي رهيو هوس. ان گرمائش کان منهنجو وجود الڳ نه هو. مان ان ماحول ۽ ڏاڏي جي وجود ۽ احساس کان الڳ نه هوس. ائين مان احساسن جي خوابن مان جاڳي پيس، جڏهن يڪي ٽانگي واري ٻُچڪرن سان گهوڙي کي روڪيو: ”بس! پٽ بس... شاباس پٽ شاباس!“ گهوڙو رينن جي ڇڪڻ ۽ ٻچڪرن تي ڪاسائين جي هڪ ويڙهي جي وڏي در وٽ بيهي رهيو.

ائين گُلو ڏاڏيءَ جو هٿ ڇڏائي سڌو هيٺ ٽپو ڏنو. ڏاڏيءَ گهڻو ”هان هان“ ڪئي پر گلو هوا ٿي ويو ۽ ويڙهي جي اڌ کُليل در مان رڙيون ڪندو اندر داخل ٿيو.

”اڙي امان وڏي آئي آهي... اڙي ڏاڏي سونل آئي آهي.“

ائين ويڙهي جون مايون رڙهي اچي در وٽ بيٺيون. ڏاڏي سونل ٽانگي مان آهستي آهستي لٿي، هلي اچي در وٽ بيٺي. ماسي آسيت جي ڀيڻ وڌي اچي ڏاڏي کي کيڪاريو. جيئن ڏاڏي در اندر داخل ٿي، ته مايون وڪوڙي ويس، ”ڏاڏي ڀلي آئينءَ“، ننڍين کيڪاريس.

”ادي ڀلي آئينءَ“، وڏڙين اچي ڀاڪر وڌس.

”ماسي کيڪاريومانءِ... ڀلي آئين... جيءُ آئين“. ميڙ مان ڪي ه_ڪاٺ جون تڪڙيون ۽ سَٻرُ مايون نڪري آيون.

ڏاڏيءَ جو هڪ هٿ چادري جي ٻُڪل مان نڪري هنن سان ملندو وڃي، ٻئي هٿ سان هُن مون کي قابو جهليو هو.

هن ويڙهي ۾ چڱا گهر هيا. ڏاڏيءَ کي هڪ پڪي گهر جي ورانڊي ۾ کٽ تي رلي وڇائي اچي وهاريائون. ڪي مرد ننڍا يا وڏا يڪدم ٻاهر نڪري ويا. ڏاڏي چادري لاهي بالم ٿي کٽ تي ائين چڙهي ويٺي ڄڻ پنهنجي گهر اندر ويٺي هجي. هيءُ چوڌاري جيڪو راڄ مڙيو هو سو سندس پنهنجو هو. وڏڙين سڀني کي هيءَ سڃاڻي پئي. شادي غمي ۾ هيءَ وَلَرَ سندس خاندان جي واهر ڪندا آيا هيا. اڳي هو وٽس ويندا هيا، اڄ سندن خبر گيري ڪرڻ واري خاص طرح ماسي آسيت جي ساٿياڻي وٽن هلي آئي هئي. ڪي سامهون کٽن تي چڙهي ويٺيون، ڪن کي هن ڇڪي پاڻ واري کٽ تي ويهاريو جو همسري ڪري ساڻس گڏ وهڻ کان هٻڪيون پئي.

سڄي ويڙهي ۾ هر هڪ جا عجب جذبا هيا. ڏک ۽ خوشي جون گڏيل ريکائون سندن چهري تي ڦهليل هيون. مون اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو جو مان سمجهه سان هيس. گُلو کان ته وڏو هيس. ڪن رنو پئي ته ڏاڏيءَ به ڳوڙها پئي ڳاڙيا، ڪن جا ڳوڙها ڏاڏي پئي اگهيا. غم جا پاڇا گهڙي ۾ جهڪا ٿي ويا ته ڏاڏي هڪ هڪ جو نالو کڻي ساڻن خوش خير عافيت ڪئي.

”ادي شفاعت! تون خوش آن... ادي مومل! ڪيئن آهين، هاڻ ته ڇوڪرا ڪمائڻ لڳا هوندءِ... ادي شانل! تنهنجون نُهرون ڪيئن آهن؟... ۽ ادي آسيت تنهن جون نُهرون ڪٿي آهن... اڙي ڇوڪريون ويجهو اچو ته ڏسانوَ ته سهي ته ادي شانل ۽ ادي آسيت ڪهڙيون موملون آنديون آهن.“

ڪي نينگريون کجڪو ڪنديون هڪ ٻئي کي اڳ ڪرڻ جي ڪندي اچي ڏاڏيءَ سان جهڪي مليون. ڪن منهن موچارين سان چڱي طرح ملي ته ڪن شڪل جي سادين کي ڏسي ٿورڙو منهن کي موڙو ڏنائين. ڏاڏيءَ جي ڪچهري، ملڻ جلڻ، کلڻ بحال ٿي ويو هو. آهستي آهستي محفل مچندي وئي. ڏاڏيءَ لاءِ سندس پسند جي جوئر جي ماني، بصرن، مرچن مسالن سان ڀريل مکڻ جو مَکُ ڏنل ۽ لسي کڻي آيا. مون کي ڊڳڙي تي مکڻ ۽ مٿان کنڊ ٻُرڪي ڏنائون. ڏڌ مون به پيٽ ڀري پيتو. يڪي ٽانگي واري جي ٻاهر لئه لڳي پئي هئي. ائين يڪي ڀڻڪو ڪڍيو ته ”اندر چئو ته ڏينهن تپي باهه ٿي ويو آهي... جيجيءَ کي چئو ته جيترو جلد نڪري اوترو سٺو.“

اسان اچڻ ۾ منجهند ته ڪري ڇڏي، هاڻ ڪجهه پاڇا به لڙيا هيا پر ٽئين پهر جي گرمي کي پنهنجا رنگ آهن. ڏاڏيءَ جو ٻڌو ته بِرُ ٿي وئي: ”ماريي يڪي جو مٿو به تپي ٽامڻي ٿي ويو آهي. روز روز ته نڪرڻ نه ڏيندا. اڃا حجمن جي پاڙي به هلڻو آهي. ٻڌو اٿم ته ڪمون حجم جي گهر واري... مُلي ڏاڍي بيمار آهي... جيڪر وڃان ۽ کيس پل لاءِ به ڏسي اچان.“

ڏاڏيءَ کي پويان جا سور سُجهيا پي، هوءَ ڀڻڪندي اُٿي ۽ ٻه ٻه ڀاڪر ڀري هر هڪ کان موڪلايائين ويڙهي جي در تائين هيءَ سادڙيون سودڙيون، ننڍيون وڏيون پر قربائتيون مايون نڪري ٻاهر ٿي بيهي رهيون. ڏاڏي ٽپ ڏئي پويان ويٺي ته مان به ڀرسان ئي ويٺس. هن مون کي اهو ئي ڀاڪر ۾ قابو ڪيو. گلو هن دفعي يڪي سان اڳيان ٿي ويٺو. يڪي ٽانگي جي ڦيٿي ۾ لڪڻ وجهي ٺڙ ٺڙ جا آواز ڪڍندو وڏي رستي تي آيو ته ڏاڏي اتان ئي هڪل ڪيس.

”هان هان! يڪا تنهنجو ۽ تنهنجي گهوڙي جو هڪڙو ئي رستو ڏٺل آهي ڇا. ٻيو تڪڙ ڇاجي لاتي اٿئي. ابا! نڪتا آهيون اوير سوير انهيءَ عثمان جي ديري تي پهچي وينداسين،“ ڏاڏيءَ جو عثمان جو نالو وٺندي وات ڪوڙو ٿي ويو. ”في الحال ته حجمن جي پاڙي عبدالڪريم ڪمونءَ جي گهر هل ته سندس گهرواريءَ کان پڇي اچون.“

يڪو ٽانگي وارو هن حويليءَ جو پراڻو ٽانگي وارو هو. حويلي جي ڊيوٽي يا اوطاق وارن ڏاڏن يا چاچن جي ڊيوٽي مٿس هئي. سندس پٽ جو ٽانگو يا داين جا هڪ ٻه ٻيا ٽانگا هن در جا ٻَڌل هئا. يڪي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي، اڳيان هلي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هيءُ گَسُ پنڌ ويجهو هو ۽ ڏاڏيءَ جي منزل جو ٻيو ڏاڪو هو.

ٽانگو هڪ ڪچي پڪي جاءِ وٽ بيٺو. ڏاڏي ٽپ ڏئي لٿي. مون کي هيٺ لاٿائين ۽ هڪ اک چادري مان ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. هن ٽامڻي منجهند جو گهٽي خالي هئي. هوءَ جهڙاپ ڪري هڪ در اندر داخل ٿي، ڄڻ کيس خبر هئي ته ڪمون حجم جو گهر هيءُ آهي. اندر گهڙياسين ته ننڍڙي اڱڻ ۾ ڪير ڪونه هو. هوءَ اسان جي اڳواڻي ڪندي ورانڊو لتاڙي هڪ گهٽي مان ٿيندي جاءِ جي پويان ٺهيل هڪ ڪمري تي هلي بيهي رهي. ”هيءَ جاءِ منهنجي ڏٺل آهي. جڏهن تنهنجو ڏاڏو حيات هو ته هتي شادي غمي تي ايندي هيس. ڪمونءَ جي گهر واري شادي جي موقعي تي پنهنجيون ڀاڄايون وٺي اسان جي گهر ڊڳڙين جا ٿها پچائي ڏئي ويندي هئي.“

هن ساهي کڻي مون ڏي ڏٺو، پوءِ ٻيڪڙيل در تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران مڙداڻو آواز آيو.

”ابا! ڪير آ... هليو آ.“

ڏاڏي ڪا پل بيٺي رهي. ائين جهونڙو ڪمون حجم، جيڪو هر هفتي اَسان ۽ اسان جي سوٽن جا وار لاهيندو هو، ڪڏهن اُبتي پاڪي وهائي  
من الپٽي ڪري ڇڏيندو هو. ”ابا هينئر ٺوڙهو ڪرائيندو ته وڏي هوندي ڏاڍا گهاٽا وار ايندؤ... اچو اچو...“ اسان مان ڪي ڀڄي ويندا هئا، ڪي سندس جهڙپ ۾ ايندا هئا. شادي غمي ۾ اچي رڌ پچاءُ ڪندو هو، رڌ پچاءُ جو وڏو ڪاريگر هو. پلاءُ ۽ پساهه اهڙو پچائيندو هو جو چئي کڻي بس ڪر. ڪمري جو در کليو. ڪمون جيڪو پوڙهو ٿيو هو پر کڙو تڙو سامهون بيٺو هو. هن مون کي جو ڏٺو ته يڪدم سڃاتائين، ڏاڏي جيڪا هڪ اک ظاهر ڪريو بيٺي هئي پر ان جي بيهڪ ۽ کڙي تڙي ڳالهائڻ مان سمجهيائين ته حويلي جي وڏڙي آئي آ.

”ابا! ادي مَمُل کي پڇڻ آيا آهيون... ڪٿي آ.“

هو اڳيئي هَڪو ٻَڪو ٿيل بيٺو هوا کر نه اڪليس، يڪدم در کولي اشارو ڪيائين. اسان ڏٺو ماسي ممل منهن ويڙهيو پئي هئي. ڏاڏي اندر گهڙي ۽ ڪمون گولي ٿي ويو. ڏاڏيءَ جڏهن منهن تان چادر جو پلئه هٽايو ته ماسي ممل جيڪا بيماري وگهي ساڻي ٿيو پئي هئي ٽپ ڏئي اُٿي ويهي رهي. ڏاڏي ڀرسان ويهي دلجوئي ڪيس ته مائي ڄڻ مُني چاڪ. گهڙيءَ ۾ ماسي ممل جون ڌيئر ٻين ڪمرن مان نڪري نروار ٿيون. ڪي شربت ته ڪي سڱر مرملا ۽ بسڪوٽ کڻي آيون. ڏاڏيءَ سڀ سوري مون آڏو رکيو. ڏاڏي گهڻو وقت نه ويٺي پر پُر بهار ٿي اُٿي. اڱڻ تي آئي ته در ۾ در هو. هوءَ هڪدم ٻئي گهر هلي وئي.ا ئين ڪيئي گهر گهمي آئي. ڪنهن گهر کي پٽڙي جو اولاد ٿيو هو ته ڪنهن گهر اگهائي هئي. ڏاڏي طوفاني دورو ڪندي اچي ٽانگي ۾ ويٺي. مون کي ڇڪي مٿي ڪيائين ۽ ڀاڪر ۾ جهليائين. گلو اهو ئي اڳيان. يڪي دير ئي نه ڪئي. پاڇا لڙي هليا هليا. ڊگهين کجين پويان سج لڪندو پئي ويو. شام وارو هڳاءُ رستي تي جام هيو. ڏاڏي وڏا ساهه پئي کڻي ۽ هڳاءُ کيس ڪنهن ٻئي ديس پئي نيو. مون به ٽي دفعا وڏا ساهه کنيا ۽ وڻن ٻوٽن جي خوشبو مزو ڏئي ڇڏيو. هاڻ منزل پري ڪانه هئي. گهوڙي جي سنبن جو آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو ۽ پوءِ بيهي ويو.

حويلي اچي وئي هئي. گهوڙو حويليءَ جي ٻاهران گهيڙ وٽ بيهي رهيو. ڏاڏيءَ چادري اندران، رئي کي سٽ ڏئي ٿورو ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪنڊ ۾ ٻڌل ڳنڍ مان ٻه ڊينگلا رپيا ڪڍي يڪي کي ڏنا. هو وائڙو ٿي ويو. ڀاڙو کيس اوطاق تان ملندو هو، ٻيو اَنُ اناج الڳ ملندو هو. هن گهڻي نه نه ڪئي پر ڏاڏيءَ دڙڪو ئي هڪ ڏنس.

”اڙي بابا وٺ. مکڻ پئي مٿو ٿو رجئي. مان چوانءِ ٿي ته وٺ... فائدي ۾ رهندين. هاڻ تون هوندين ئي منهنجي ڊيوٽيءَ ۾.“ يڪي وڌيڪ دڙڪن کان بچڻ لاءِ ڊينگلا ورتا. ڏاڏي حويليءَ ۾ داخل ٿي ته ڏاڏي عثمان جو گوڙ لڳو پيو هو. اڄ تاريخي حڪم عدولي ٿي هئي. سڄو گهر هن جي آواز سان گونجيو پئي ۽ مَڪين ويچارا سهميا پيا هئا. ڪُڇڻ جي بات نه هئي. ڏاڏي کي ڏسي سڀني جي پيٽ ۾ ساهه پيو. سندن منهن تي رونقون موٽي آيون. ڏاڏي چادري لاهي کٽ تي سٽي.

”ڇائي... گوڙ لاٿو اٿئي عثمان! اسان کي جيئڻ به ڏيندين يا نه.“ پوءِ هن منهنجي چاچي ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي سڏ ڪرايو.

”اڙي، حاجن ڪاٿي آهي، سڏ ڪيوس.“

چاچو حاجن ڪمري مان اکيون مهٽيندو ڊوڙندو نڪتو.

”جي قبلا! جي قبلا!“

”حاجن! مون جو توکي چيو هو ته ڪا جاءِ هٿ ڪر، اسان کي هن حويليءَ ۾ ناهي رهڻو. هت گهُٽَ ٻوسٽُ آ. ڇوٽڪارو کپي، هن عذاب کان ڇوٽڪارو!“

”قبلا جاءِ وٺي ڇڏي آ... ڀرسان ادي وڏي لاءِ جاءِ به ورتي آهي. هيءُ وانڪيون جايون هيون، ڪليمن ۽ مهاجرن کي مليون هيون. ڪجهه ڪاڳرن ۾ ۽ ڪجهه مرمت ۾ وقت ته لڳي ويندو. توهان سڀاڻي هلو.“

”سڀاڻي ڇو؟ اسين اڄ هلنداسين.“ ڏاڏيءَ جي ڳالهائڻ ۾ فَلڪَ هئي. هن ڏاڏي عثمان کي ٻڌائڻ پئي چاهيو.

”بابلا! وڃ يڪي کي چئو ته گهڙيءَ ۾ موٽي اچي داين جي سڄي آڪهه جا جيڪي ٽانگا اٿس وٺي اچي. اسين اڄ لڏيون ٿا. جيڪي ديوان لڏي ويا ته اسين سندن جاءِ ڀرينداسين. اسان جا وڏڙا به لُهاڻا هيا. اسين کانئن ڪهڙو جادو آهيون. وڃ جلدي ٽانگن جو چئي آ. هن گهر جو ته پاڻي به حرام آ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org