سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:16 

بس وٺ وٺان ٿي وئي، سامان ٻڌجي ويو. ڪجهه ٽانگن تي ويو ڪجهه هٿو هٿ ويو. جڏهن ڏاڏي وَلرَ ۽ نُهرن سان حويليءَ مان هلڻ لڳي ته سج لهي چڪو هو. لالٽين جي روشني تي هن اُنهن اداس چهرن کي ڏٺو، جن کي ڏاڏي عثمان جي حاڪميت ۾ اڃا گذارڻو هو. هوءَ مرڪي پئي.

”دل نه لاهيو، نئين سج نڪرڻ سان توهان به هتئون نيٺ نڪرندو، هر هڪ کي پنهنجو گهر هوندو. عثمان گهڻا ڏينهن جيئرو هوندو.“

پوءِ پٺي ورائي ڏاڏي عثمان کي گهوري ڏٺائين. هو پينگهي ۾ خاموش ويٺو هو. ”عثمان مان وڃان ٿي، ٻين کي تنگ نه ڪجانءِ، اهي پکي به اُڏري ويندءِ. تون هنن جي ڳڻتي نه ڪر، رڳو پنهنجو فڪر ڪر ڪڏهن ٿو تنهنجي پاپن جو گهڙُو چوُر ٿئي. اڙي! معصوم ماريا اٿئي، معصومن ۽ ابهمن جي مار پوندءِ. گنهگار ته مان به آهيان پر ڌڻي منهنجا گناهه بخشيندو. ڪا خير خيرات ڪندس، هنن ابهمن کي آجو ڪري پڙهائيندس. ٻي دنيا ڏيکاريندس ته ڪجهه چڙهي پوندس. هن جمعي تي خيرات آهي. سڄي ڳوٺ کي دعوت آهي، توکي ۽ باقي هن بچيل ڪٽنب کي به دعوت آهي پر اهو خيال ڪجانءِ ته هن دعوت ۾ غريب ڪاسائي ڪاسائڻيون، حجم ۽ حجمياڻيون، دايا ۽ دايون، ڪڙمي ۽ ڪاسبي سڀ هوندا. پلئه سوگها ڪجانءِ ۽ ڏسجانءِ متان تنهنجو پلئه لڳي پوي ۽ مانُ هيٺ ٿئي.“ ڏاڏي ايئن، اهو ئي چادري جو ٻُڪل هڻي ڏيڍيءَ کان ٻاهر نڪري وئي. هيل کيس ڏيڍي سڌي ۽ بنا ور وڪڙڻ جي لڳي. هوءَ سڌو يڪي واري ٽانگي ۾ اچي چڙهي. يڪي مون کي مٿي چاڙهيو. ڏاڏي ڀاڪر ۾ جهليو. ائين ڪنهن آواز ڪيو.

”ڏاڏي امان!“

هيءُ گُلو هو جيڪو گهٽيءَ ۾ يڪو ويٺو رهيو هو ۽ هاڻ ڏاڏيءَ کيس ڇڪي مٿي ڪيو ۽ پنهنجي ٻئي پاسي ويهاريائين ۽ کلي چيائين، ”اڙي تون ته منهنجي سِرَ سان آهين.“

ڏاڏي ڏاڍي ڪَرُو فڙ سان ويٺي ۽ اچي نئين جاءِ ۾ داخل ٿي.

ڳوٺ وارا چون ٿا ته هئڙو خيرُ اسان حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو. ڳوٺ جو ڪو ڪٽنب ڪو قبيلو نه رهيو هو. ڪو غريب غربو، پورهيت ڪونه رهيو هو، رڳو عثمان بچيو هو جيڪو خاموش حويلي ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ واءُ ٿي ويو. کيس ڪير به ياد ڪونه ٿو ڪري، پر اڄ به ڏاڏي سونل سڀ ڪنهن کي ياد آهي. هن جا سڀني سان پير ڀريل ياد آهن ۽ مون کي ڏاڏي سونل نه ٿي وسري. خاص طرح هن جو ڇوٽڪاري ۽ آجپي وارو هڳاءُ وارو سفر جنهن سان چوڌاري ڇوٽڪاري جي هوا گهلي وئي. اڄ هندن ديوانن وارا گهر آباد آهن پر نوان گهر ٺهيا آهن. ور وڪڙ ڏيڍين واريون قديمي حويليون ڊهي چڪيون آهن. ان سان ڏاڏي سونل جهڙا مڻيادار ماڻهو به ڊهي ڀُري پنهنجن قدرن جي پرچار جي وزن سان گڏ زمين اندر دفن ٿي ويا آهن. پر سندن ڏنل پيغام اڄ به ”انسان جي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪاري“ جي صورت ۾ چوڌاري گونجي پيو.

(هيءَ ڪهاڻي ”مهراڻ“ جي گذريل پرچي ۾ ڇپيل ڪهاڻي ”اکڙيون ميگهه ملهار“ جي تسلسل ۾ لکي وئي آهي.)

  

آخري درخواست ۽ پهرين تيلي

 

هن منهنجي اُجڙيل جهير جهير ۽ ڀور ڀور ٿيل شهر جي اوج جا ڪيئي نشان ذهن کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهايو بيٺا آهن. ڪهڙي نشان کي اول کڻان؟ عظيم عمارتون ڏسيانوَ يا انهن جي آسپاس ڀٽڪندڙ روح ڏسيانوَ، يا ڪي انسان به ڏسيانوَ جن جو گذر سفر انهن عمارتن ۾ ٿيندڙ وهنوار تي هوندو هو. اُهي ئي ته هيا جن هنن عمارتن کي دوام بخشيو، جو هُو هليا ويا پر عمارتون قائم آهن.

هيءَ عمارت پڪي پختي وڏن ڪمرن ۽ ڪوٺين سان گڏ بلند ۽ بالا ڪنگرن سان اڄ به قائم آهي. هيءَ عمارت هتي جي مختيارڪاري آهي. ڪورٽ به آهي ته کاتي بدل سدل جو هنڌ به ۽ تپيدارن ۽ سرشتيدارن جو ڳڙهه به هيءُ ته جياپي جو هنڌ به هيءُ. پر ڪي پورهيت ۽ غريب مختيارڪاريءَ کان ٻاهر وڻن جي ڇانوَ ۾ ويٺا وڏي دروازي ڏانهن نهاريندا ته ڪڏهن ڪي درخواست گذار کانئن درخواست لکائڻ لاءِ اچن ٿا. هيءُ ٻه چار عريضي نويس سڄو ڏينهن هت گذاري ڇڏيندا هيا. گهر ويندا ته ٻه ٽي رپيا جُڙين ته وڏي ڳالهه آهي. ڀلا جت درخواست لکاڻي ريٽ اُنهيءَ زماني ۾ (پائلي) چار آنا يا (آڌيو) اٺ آنا. وڏي ڦڏي واري درخواست تي ڊينگلو رپيو. باقي ڪو دستاويز اچي ويو ته سٺا پيسا جڙندا هين، نه ته ڪڏهن خير ئي خير. هيءُ ٻه ٽي عريضي نويس، مختيارڪاريءَ جي وڏي لوهي شيخائين گيٽ جي ويجهو ئي ويهندا هُيا. گراهڪن کي پاڻ يا سندن ماڻهو وڃي چنبڙندا هيا. هنن کان پرڀرو هڪ بزرگ اڇي سلوار خميس پهريل، اڇي ڪاري گاڏڙ سنوارت ڪيل چاپئين ڏاڙهي سان، ميز ڪُرسي وجهيو ويٺو هوندو هئو. هُن سان گڏ هڪ ننڍڙو گلن جهڙو ٻارڙو ويٺو هوندو هو يا ويٺو کيڏندو هو. هو بزرگ نه ڪنهن کي سڏ ڪندو هو، نه ڪنهن درخواست گذار سان ريڙهه پيڙهه جيڪو جيڪي ڏئي وڃي اُهو روزي ۽ وٺي ٽيبل جي خاني ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هيءُ هو هنن سڀني ۾ معزز ترين شخص سائين محمد ڇُٽل ۽ ساڻس گڏ هو سندس پيارو پوٽڙو، جيڪو هر هر چوندو هيس ته: ”ڏاڏا! گهر هلون... پيشا گهڻا ٿيا آهن.“ محمد ڇٽل خانداني طرح رئيس، پر حالتن پٽاندر اچي عريضي نويس ٿيو. پاڻ فائنل پاس پر ٽي درجا انگريزي به پڙهيل هو. اُن وقت فائنل ۽ ٽي درجا انگريزي به وڏي ڳالهه هئي. سندس هٿ اکر پڪا، پراڻي ۽ پختي لکت هئي. انگريزي به اهڙي ئي ڏانوَ ۽ ماهرانه انداز سان لکيل هوندي هئي جو ”خانصاحب“ (مختيارڪار صاحب) کيس گهرائي سرڪاري نوٽ به لکرائيندو هيو، جو هُو ڪجهه وقت مختيارڪاريءَ ۾ ڪلارڪ به رهيو هو. هن جي هوشياري ۽ قابليت جا هواڻ پري پري تائين ٻُڌبا هيا. ماڻهو روينيو جي مُنجهيل معاملن ۾ کانئس صلاح وٺڻ ايندا هئا. رئيس محمد ڇٽل مشورو مفت پر درخواست لکاڻي اُهائي پائلي (چار آنا) يا آڌيو (اٺ آنا) يا وري ڊينگلو رُپيو. دستاويز جي رقم ڪجهه سرس. اُن ڏينهن هو ڏاڍو خوش هوندو هو جڏهن کيس هڪ ٻه دستاويز ملي ويندا هئا. هو پائليون، آڌيا، رُپيا، پوتڙي جي ڪنڊ ۾ سُڪ ٻڌي گهر روانو ٿيندو هو. گهر وڃڻ مهل بزار وچان ٿيندو، پرڀداس پنساريءَ کان پائلي جي ٿاڌل جي پُڙي ٺهرائي گهر ويندو هو. هُن جو پنهنجي گهرواريءَ شمل سان ايترو پيار هوندو هو جو اندر ڪوٺيءَ ۾ سڏي پوتڙو هُن جي حوالي ڪندو هو ۽ شمل ڳنڍيون کولڻ کان اڳ ۾ پوٽڙي گل کي سڏ ڪندي هئي: ”گل! ڏاڏا هن مان گهڻيون پائليون کپايون.“ گل ٺينگ ڏيندي چوندو: ”ڏاڏي! هڪ.“ پوءِ هوءَ ڪاٺ جي پيتي جو ڪلف کولي ڪاٺ جون جنڊيءَ لٿل نقشن واريون دٻليون ڪڍي ايندي هئي. هو هڪ دٻلي ۾ پائليون، ٻيءَ ۾ آڌيا ۽ وڏي داٻلي ۾ رپيا وجهڻ کان اڳ شمل کي وهاري چوندو ويندو هو: ”شمل، هيءَ پائلي تنهنجي، هيءَ پائلي منهنجي“. ائين پائلين جي ڳڻپ پوري ٿيندي هئي ته آڌين جو وارو ايندو هو. هو خوش ٿيندو ٽهڪڙا ڏيندو پنهنجي جهونڙي شمل جي ڪڏهن ڳلن تي ته ڪڏهن سندس آڏو رکندو ويندو هو ۽ چوندو ويندو هو: ”هيءُ آڌيو تنهنجو هيءُ آڌيو منهنجو.“ پوءِ ڊينگلين رُپين سان به اها راند ڪندو ويندو. اوچتو سڀئي پائليون سڀئي آڌيا ۽ سڀئي رُپيا شمل مٿان گهوري پوءِ چوندو ويندو: ”آخر گل جا ٿيا نه“، پوءِ دٻلين ۾ بند ڪندو ويندو. ”شمل، هي ڏس چاندي ئي چاندي. هن عمر ۾ به ڪمائي توتان گهوريان ٿو. ڏس، ير، ائين الله توهار نه ڪجانءِ. هن جهونڙي کي ڇڏي نه وڃجانءِ.“ شمل ويچاري کنگهندي کنگهندي مُرڪي ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي: ”ميان، مان پوڙهي توکي هاڻ ڇڏي ڪاڏي وينديس؟ مري وڃان ته ٻي ڳالهه آهي. تون اڃا جوپ لڳو پيو آهين، متان تون...“ ڇٽل ڳراٽڙي پائي چوندو هيس. ”اهڙي وائي ته نه ڪڍ.“

هو شمل سان بي انتها پيار ڪندو هو. پوءِ هو اُٿي کيس ماني ڏيندي هئي. هو ماني به شمل جي هٿان کائيندو هو. سندس پوٽو گل به ساڻس گڏ ماني کائيندو هو. مانيءَ کان پوءِ هو جهٽ گهڙي آرام ڪندا هئا. پوءِ هو وڏي صفحي ۾ اچي ٿاڌل گهوٽيندو هو. وڏي صفحي ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا ننڍڙا وڏڙا ستل هوندا هُيا. گهَرڙ گهَرڙ تي جاڳي اچي چنبڙندا هيس. هيءُ پائلي واري ٿاڌل جي پُڙي کوليندو ته سڄو صفحو ڦوٽن ۽ خس خس جي خوشبو سان واسجي ويندو هو. هن جو سڀني کان پيارو پوٽڙو گل جڏهن ٽپو ڏئي اچي پويان ڀاڪر پائيندس ته سندس هٿ بيهجي ويندا هئا. هو هن کي ڦيرائي هنج ۾ آڻيندو هيس ۽ ڪا دير پيو مِٺيون ڏيندس. هن جو پيار ته سڀني پوٽن ۽ پوٽين سان هيو پر گل سان قرب مڙيوئي سوالو هيس. هو گل کي ڏسندو هيو ته ٿاڌل گهوٽڻ وسري ويندي هيس. پوءِ گل ئي چوندو هيس: ”ڏاڏا، جلدي ڪر، اُڃ لڳي آهي، گرمي به ڏاڍي آهي، ٿاڌل گهوٽ“. پوءِ هو تڪڙو هٿ هلائي ٻه ڪونڊا ٿاڌل جا تيار ڪندو. هر هڪ کي هڪ هڪ گلاس ڀري ڏيندو ويندو. ٻار ٻچا، ننڍا وڏا پيئندا وڃن، پر اندر ٺري ميان محمد ڇٽل جو. هو پنهنجي گهر واريءَ شمل ڏانهن نهاري خوش ٿيندو هو: شمل، ڏس پائليءَ ۾ بهاري اِها اٿئي.“ ”پائلي ۽ ٽڪو، ٽڪي جي برف جو گهرائي ڏني مانءِ، ”شمل به کلندي وراڻيندي هيس. جيڏي مهل شمل بنا کنگهڻ جي ورائيندي هُيس ته محمد ڇٽل سک جو ساهه کڻندو هو، نه ته سندس کنگهڻ کيس ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هوءَ کنگهي پر چلم نه ڇڏي. هڪ ڏينهن ميان محمد ڇٽل ۽ گل ڪورٽ کان موٽيا ته شمل ڪوٺيءَ ۾ کنگهي کنگهي بي حال پئي هئي. محمد ڇٽل گهڻو ئي ڊوڙيو ڦٿڪيو. سندس ڀاءُ خود وڏو حڪيم هو، پر اُهو به ڪجهه نه ڪري سگهيو. شام تائين شيءِ وڃي ڌڻين کي پهتي. محمد ڇٽل جون اوڇنگارون ۽ رُئڻ بس نه ٿئي. سندن پوٽو گل به روئي ماندو ٿيو. ڏينهن پڄاڻان ٻار جو رئڻ ته بس ٿيو پر محمد ڇٽل کي به صبر اچي ويو. آهستي آهستي سج ٻه پاڇا ڪيا. محمد ڇٽل جنهن کي غم ماريو هو ڳالهائڻ لڳو هو. گل اسڪول وڃڻ لڳو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ميدان جي ڀرسان ئي ڪي ڪچاوان گهر هيا. اُنهن مالڪن گهرن کي ڪچو پڪو ڪيو ته اڳيان به ٽي دُڪان نڪري آيا. ڏهين رپئي مسواڙ تي رئيس محمد ڇٽل هڪ دُڪان ورتو. هو ٽيبل ڪُرسي کڻي اتي وڃي ويٺو. ٻاهران ”ميان محمد ڇٽل عريضي نويس ۽ اسٽامپ وينڊر“ جو بورڊ هڻائي ڇڏيائين. دڪان ڪري هو مختيارڪاريءَ کان پري وڃي ويٺو، پر مامرن جا ماريل محمد ڇٽل وٽ ئي ايندا هيا. هُن انهيءَ چاندي جهڙين پائلين، آڌين ۽ ڊينگلن مان ٽائيپ رائٽر ورتو، هڪ ڪٻٽ ورتو. پر حساب ۽ مالڪي ڪرڻ واري شمل ته وئي موڪلائي.

ميان محمد ڇٽل دڪان ٺاهيو. ٻه چار نيون ڪرسيون به ورتائين، هڪ نئين ٽيبل به ورتائين. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن مرادي اُتي ڪٻٽ ۾ پراڻين دٻلين ۾ رکڻ لڳو. ڪٻٽ کي مضبوط تالو هو. دڪان کي ٻاهران به وڏو ڪلف. هو وڃڻ مهل ڪلف کي ڇڪي ڏسندو هو. پر يارن هن جي دڪان جي ٽيپ ٽاپ کي نظر ۾ رکيو. هڪ رات پاسي واري ڀت مان کاٽ هڻي، سڀ ڪجهه کڻي ويس. ٽائپ رائٽر، ميز، ڪرسيون، ڪٻٽ، ڏوڪڙ پيسا دٻلين سوڌا، ڪا شيءِ نه ڇڏيائونس. هو سمجهي پيو ته کاٽ انهن ئي گهرن مان لڳو آهي، ٻيو اهو ڪاٺ ڪٻاڙ ميلن تائين ڪير گهليندو؟ مال به اندر هو. هو ۽ گل خالي دڪان کي حسرت سان ڏسندا رهيا. هو وري نم جي وڻ هيٺان اچي ويٺو. اُهائي پراڻي ميز ڪرسي هٿ ڪيائين. ڪم ٿي شروع ڪيايئن پر کيس چوري جو ڏاڍو ارمان هجي. ٿاڻي تي هُن پنڌ ڪيا، مختيارڪاريءَ ۾ ڊُڪيو، پر اُن پراڻي انگريزن جي انصاف جي يادگار عمارت جو هڪ ڪنگرو به نه لُڏيو. هتي ڪجهه نه ٿيو ۽ سندس چوري سامهون دڪانن سان لڳ لوڙهن پويان اندر ڪوٺين ۾ پيئي هئي. هن جاءِ کي چوڌاري لوڙهو هو، پر مالڪ اصلئون نسلئون چور هيا. تڏهن ته ڪير ٻيو عريضي نويس سندن پاڙي به نه پئي ويٺو. هيءُ جگر رئيس ميان محمد ڇٽل جو هو، پر پوءِ به سندس دڪان کي کاٽ لڳو هو. سندس ورهين کان حسرت هئي. هن ميڙي چونڊي اتي لڳائي هئي. هو سڀ هنڌ دانهي بيٺو ۽ ڪيئي درخواستون ڪيائين. هن عريضي نويسي جو هُنر پنهنجن درخواستن ۾ کڻي پيٽيو. پر ڪجهه نه ٿيو. پوليس کي همٿ ئي نه پئي ٿي ته هنن گهرن اندر رُڳو ليئو پائي ڏسن. ٽپڙ ته سڀ هٿيڪا هيا. ننڍڙو گل ڦيرا ڏئي لوڙهي جي ڪنهن ڪنڊ کان اندر کسڪي ڏسي آيو. ڏاڏي کي ٻڌايائين. ڏاڏو سڌو اندر گهڙي ويو. ٻن ٽن عريضي نويسن کي گهلي به ويو. سڀ ٿاڻي تي به ويا. ٿاڻي وارا آيا ته چورن مال گم به ڪري ڇڏيو. ميان محمد ڇٽل جون درخواستون ۽ اثر رسوخ به ڪم نه آيا. عريضي نويس ساٿين گهڻو ئي ساٿ ڏنس، پر الائي ڇو ڪجهه به نه پئي ٿيو. نيٺ هڪ ڏينهن هنن عريضي نويسن پاڻ ۾ به صلاح ڪئي. ننڍڙي گل لوڙهي جي اُن ڪنڊ کان پهرين تيلي ڏني، جتان هو اندر ويندو هو. پوءِ لوڙهي کي سڀئي تيلي ڏيندا ويا. شام جي ٿڌڙي هوا هئي. باهه جڏهن ڀڙڪي تڏهن هي سڀ آهستي آهستي پنهنجن گهرن طرف کسڪي هليا ويا. هيءُ گهر ۽ دڪان سڀ ڪجهه سڙي ويو. ميان محمد ڇٽل کي اُن جي سمڪ نه رهي جو هو گهر هليو ويو هو. پويان هي ئي شاهد هيا. شام جو ميدان ۽ مختيارڪاريءَ ۾ ٻيو ڪير هوندو؟ سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو. مالڪن گهڻو ئي دانهيو پر ڪنهن به شاهدي ئي نه ڏني. ميان محمد ڇٽل اُنهيءَ ئي وڻ جي هيٺان دنيا جهان لاءِ درخواستون لکندو رهيو، پر پنهنجي لاءِ هن وري ڪڏهن به درخواست نه لکي. هن جي پنهنجي لاءِ لکيل سُٺن اکرن ۾ جوڙيل اُها آخري درخواست هئي، جيڪا هن مختيارڪار صاحب کي لکي هئي ۽ اُن قديم عمارت جي ٻاهران ويهي ورهيه گذاريا هئا. هُن ڪيئي درخواستون لکيون هيون پر هو جڏهن نم جي وڻ جي هيٺان اَڪيلو ويٺو هوندو هو، تڏهن هُن جو پوٽڙو گل هُن عمارت جي ڪُنگرن کي ڏسي ۽ سڙيل دُڪانن ۽ جاين کي ڏسندو هيو ته کلي ڏيندو هو ۽ کيسي ۾ پيل ماچيس کي سختيءَ سان جهليندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org