سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:22 

ائين هڪ ڏينهن ڊائون ايڪسپريس کي اُڪارڻ لاءِ گيٽ وٽ مايوس بيٺو هو. هن مايوسي دور ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکايو ۽، آهستي آهستي رڙهندو گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيو. ڊائون گاڏي به چيڪاٽ ڪندي اچي بيٺي. هو آهستي آهستي گاڏا لتاڙيندو، هڪ نظر وجهندو اڳتي وڌيو پي، ته سندس نگاهه هڪ سهڻي مُکَ تي وڃي بيٺي. هيءَ اهڙي سهڻي من موهڻي هئي، جيئن چيا هئي. پر هيءَ ته هڪ عورت هئي ڀلي وڳي ۽ شال ۾ ويڙهيل، ڳچيءَ سونا روپا هارَ، ڪنن ۾ وڏا جهومڪ ۽ ٻانهون لاتعداد سونين چوڙين سان جهنجهيل. هو وڌندو ان دريءَ آڏو بيهي رهيو جت هوءَ ويٺل هئي. ظهير کي وڌيڪ تعجب ٿيو، جڏهن هڪ ننڍڙي نينگري اچي هن جي هنج ۾ ويٺي، ۽ پوءِ دري مان ٻانهون ڪڍي هوا ۾ ائين هلائڻ لڳي، جيئن چيا صبح ويل ڪندي هئي ۽ چوندي هئي: ”آ چيا آ چيا“

ظهير جا ڪن ٻرڻ لڳا هيا يا ائين هو به صحيح. هيءَ ننڍڙيءَ نينگري به ائين ئي چئي رهي هئي. ”آ چيا، آ چيا...“

هو اڃا حيران بيٺو هو جو ان عورت هن ٻارڙي کي ڇڪي اندر ڪيو ۽ پڪاري چيو: ”چيا! چيا! نا، نا!“

هو تيئن دري ويجهو وڃي بيٺو ۽، ڏک ڀريل آواز ۾ پڪاريائين: ”چيا! چيا! منهنجي چيا!“ هيءَ هڪ خوبصورت عورت هئي، سندس مک تي هڪ رنگ آيو ۽ اکيون ٿورو پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. ٻيءَ مهل اتي ڪجهه به ڪونه هو. پوءِ هن ننڍڙي نينگريءَ کي دريءَ کان پري ڪري، پاڻ ڳچي ڪڍي ٿورو هيٺ ڀرو ٿي جهڪي، ۽ سُرٻاٽ جهڙو ڀڻڪو ڪڍيائين.

”بابا، سائين، چيائون ويچاريون ڄمنديون ئي اُڏامڻ لاءِ آهن، ته ڪي ويچاريون سرڪڻ ڦاهي جي ور چڙهي اڌميون ٿيون پيون هونديون آهن. امان کي چئجانءِ ته چيا پاڻ ڪانه اُڏامي، سرڪڻ ڦاهيءَ جي وَرِ چڙهي وئي . هاڻ ڪٿي به چيائون نه اڏامنديون آهن، سڀ سرڪڻ ڦاهيءَ جي وَرِ چڙهي وينديون آهن“.

ائين پويان ڪو آواز ٿيو، هڪ ٿلهو ٿنبرو پهلوان جهڙو مڙس اچي مٿانئس بيٺو. هن عورت پٺي ورائي چيس: ”ڪوئي منگتا هي، خير منگدا پيا هي“، پوءِ عورت مٿڀرو ٿي پرس مان ڪي رپيا ڪڍي سندس تريءَ تي رکيا ۽ ڪنڌ موڙي ڇڏيائين، ڄڻ کيس سڃاڻندي نه هئي. گاڏي آهستي آهستي رڙهي ۽ اسپيڊ ورتائين. هاڻ ظهير کي لڳو ته، سندس چيا هڪ دفعو وري اُڏامي وئي آهي

(مهراڻ 3-4/2009ع)

لڳي لڳي واءُ

 

ڪيترن يارن جي، انهن خيالن کان چڱي پر آگاهه آهيان ته منهنجي ڪهاڻين ۾ هاڻ ’موت جو موهه‘ ۽ قبرستان جا قصا مڙيوئي ڪجهه وڌي ويا آهن. هڪ يار ته لکيو ئي ائين ته، منهنجا گهڻا تڻا ڪردار ’موت جي موهه‘ جا ماريل آهن. مان کيس ڇا چوان ۽ ڪيئن ٻڌايان ته ماڻهوءَ جي اصل حياتي موت کان پوءِ شروع ٿي ٿئي ڇو ته ڳالهه آهي ’هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيا‘ واري جنهن کان ڪير به انڪاري نه ٿو ٿي سگهي.هيءُ جيڪي جيءُ جيارا ڏٺل وائٺل. سولا سڌا ماڻهو، ڏاهپ ۽ بزرگي جي رنگ ۾ رڱيل شخص، بهادري ۽ دل وارا جوڌا جوان سهڻيون نسبتون، پکين جيان ٻوليون ڪندڙ مان شان واريون مايون ۽ ڪيترا ٻيا جانب جن مون سان ڪي پل ڪي گهڙيون مس گهاريون. ڪي ڏٺم ڪي چڱي پر به نه ڏٺم ڪي ته مور نه ڏٺم. واريءَ جيان هٿ وٿين مان سڀ وهي ويا. سي حيات نه ڀانيان ۽ اُنهن کي جيءَ ۾ سانڍي نه رکان ته مان ڪيئن جيان، هو موت کان پوءِ ڪيئن جيئن. مون لاءِ سڀ جيئرا آهن ۽ جيئرن سان ڪيئن جدائي ڪبي.

هميشه جيان ڳوٺ وڃان ته ٻن قبرستانن جو ڀيرو نه ڀڃبو. هڪ ميان آدُر وارو قبرستان جتي نه رڳو منهنجا جيئرا جگر پر سنڌ جي سالن جي تاريخ رکندڙ ڪئين ئي جوڌا جوان، ننڍا وڏا ستل آهن. جن ۾ گهنا تڻا بادشاهن ۽ حاڪمن جي جوٽيل جنگين جو بَکُ ٿيا، ڪيرُ ته کين ياد ڪندو. ٻيو قبرستان آهي شاهه نصير وارو جتي سنڌ جو عظيم شاعر ڪجهه عرصو اڳ بنا ڇت نٽهڻ اُس ۾ ستل رَهيو، مينهن ۽ طوفان ۾ ڀڄندو رَهيو. وَري به پنهنجي زمين مان ٽڪر دُڪانن لاءِ ڏئي، مقبرو ٺهرايائين، اُهو جنهن به جيئن به جوڙايو اُنهيءَ کي شاباس ۽ پونيئر جن اُها ڪمائي ڇڏي مقبري جوڙائڻ ۾ لڳرائي اُنهن کي به جَسُ هجي. مان اُنهي شاعر ۽ اوسي پاسي سُتل ڪيترن سخين، ڏاتارن ۽ بهادرن کي ڪيئن ماري ڇڏيان، جيڪي سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيئري مري ويا پر مون لاءِ هميشه هوندا سي حيات.

هيل عيد تي ڳوٺ ويس ته شاهه نصير جي نئين ٺهيل رنگ ۽ روغن وارو مقبرو ڏٺم پر ٻاهران احاطي ۾ سندن خاندان وارن جون اجڙيل قبرون ڪي ڀُري ويون هيون. ڪن جا ته شايد رُڳو آثار نشانيه رهيا. وقت اچي ته شاهه نصير جا پونيئر ٻيا ٽڪر وڪڻي اُنهن کي ٺهرائي وجهن. ڪي موزيڪ جي چٽسالي واريون، ڪي لوهي جنگلن ۾ قابو قبرون به هُيون پر ڪي پاسيريون قبرون، انهيءَ انتظار ۾ هُيون ته سندن وارث ڪا سار لهن. اُنهيءَ غريبن جي قبرن ۾ هيل وڏي سيمينٽ ۽ لوهي جنگلي ۾ ٻه پختيون قبرون پسيم. ويجهو ويس ته هڪ قبر شهيد رياض جي هئي. ڀرسان سندس پيءُ مرحوم مولا بخش جي هئي. رياض جي قبر اڳ به ڪجهه ڏسڻ جهڙي هئي پر مولا بخش جي قبر ڪا خاص نه هئي. هيل ڏٺم ته بيهي رهيس. ڏاڍا رنگ روغن ڏنل هُيا، ٻه وڏيون سنگ مرمر جون تختيون لڳل هيون. شهيد رياض هڪ پاسي لکيل هو ٻي پاسي شهيد رياض جو والد مولا بخش لکيل هو. هونئن ته کجين جا ٻه چار ساوا کنڀ اُڇلائي هليو ويندو هُيس. اَڄ بيهي رَهيس ته هن گورِ غريب کي ڪنهن نوازيو. شهيد رياض کي ته سندس پيءُ مولا بخش نوازيو هُيو. پر اُهو ڪير هُيو جنهن کيس شاهوڪارن وارين قبرن سان مقابلي ۾ بيهاريو هو. مٿن وڻن جا ڇانورا ۽ پاسي ۾ گل ٻوٽن جي بهار. مالڪ ڪا مهر ڪئي، يا مولا بخش جا پورهيا ۽ نيڪيون ثاب پيون. توڙي جو پڇاڙي جو سندس رُخ ٻيو ٿي ويو هو. شايد شهيد رياض ئي کيس مئي به جياري ويو هو.

مولا بخش کي ته اوهان سڃاڻندا هوندا، اُهوئي ’ٽڪي ۾ ٻاٽي‘، ”ڌوپار“ ۽ ’ڪنچن ڪايا‘ وارو مولو ڪوهرن وارو. شهيد رياض جو پيءُ مولا بخش مشهور بيلف نه ٿا سڃاڻو ته ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا غريب يتيم ڪوهر وڪڻڻ وارا يا سنڌ جي شهيدن جا پيئر يا در در جتيون گسائيندڙ بيلف مري کپي ويا، ڪير ٿو کين ياد ڪري ڪير ٿو کين مانُ ڏي. پر قبرون ٺهرائي مانُ ڏيڻ به ڪو مانُ ٿيو. ڪير ٿو قبرستان ۾ وَڃي قبرون پسي يا ڪتبا پڙهي. پر دوستو! مون وٽ انهن بي نام بندن لاءِ وڏو مانُ آهي. مون انهن يتيمن غريبن سان گڏ گهاريو آهي.

مولا بخش عرف مولُو هڪ يتيم ٻار هو ۽ مون کيس پاڻ واري گهٽي ۾ هوڪا ڏيندي ڪُوهر (اوٻاريل چڻا) وڪڻندي ڏٺو. هڪ جست جي ٻاٽيءَ (هنڊي) جي ڍڪ تي اخباري پنا، مرچ مصالحه رکيل، پيو گهٽي گهٽي ڦرندو. سندس ماءُ اسان جي حويلي جي گهرن ۾ پورهيو ڪندي هئي. صبح جو هو اسڪول به ويندو هو. منجهند جو پنهنجي ڪرت ڪندو هو. گذر سفر ڏکيو ٿيس ته پڙهڻ ڇڏي وَڃي ڪن دوڪانن تي ڪم ڪيائين، مزدوري ڪيائين، رَب راضي ٿيس يا ماءُ جي دعا لڳس، هڪ غريب پرور جج کڻي ڪورٽ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ڏنس اُتان ترقي ڪري وَڃي بيلف ٿيو. مولا بخش لاءِ ته اها وڏي ترقي هئي. اسان جي تَر ۾ ڪورٽ جو بيلف وڏي ڳالهه آهي. هوڏانهن هڪ هو وَلي محمد جيڪو ڊرائيور مان بيلف ٿيو هو، اُنهيءَ ته بيلفي مان جايون جوڙايون. سندس اولاد هاڻي لک پتي آهي. جهڙي تهڙي کي هٿ به نه ڏين. اسان جو هيءُ غريب ڪردار اُهو ئي غريب رَهيو. سول ڪورٽ جا سمن يا نوٽيس کڻي وَڃي ته کيس اُهو يتيم پورهيت سمجهي ماڻهو خرچي ته ٺهيو پر دڙڪا ۽ گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيندا هُيا. ڪن جي به چار ڏوڪڙ ڏنس ته هٿ پير چمندن ۽ پيو سندن ستن پيڙهين کي دعائون ڪندو پر اسان جي اها ئي ڪوهرن ۽ چڻن واري دوستي هئي، سو هُنَ مون وٽان ڪڏهن ڀيرو نه ڀڳو. اوطاق تي ايندو هو ته ويٺا پراڻا ڏينهن ياد ڪندا هُياسين. جڏهن مان ننڍي هوندي کيس سڄي ڏينهن جي خرچي ٽڪو ڏئي ڪجهه چڻا کائي، گهٽيءَ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏيو وٽس ويٺو هوندو هُيس. ڪو وڏڙو سيٺ صاحب لنگهيو ته دڙڪو ملندو هُيو، ”اڙي گهورڙيو ٿيندين ڇا هل گهر؟“ گهر ويندو هوس ته ڏاڏي سانئڻ پڇندي هئي ”ابا مٺل! ڪوهر وٺي آئين؟“ مان ماٺ. وري چوندي، ”مولوءُ کي سڄو سارو ٽڪو ڏئي آئين؟“ مان گهڻي آڏي پڇا تي روئڻهارڪو ٿي ويندو هُيس ته يڪدم ڇاتيءَ لائي چوندي هُئي ”نه منهنجا مٺا، تنهنجي لاءِ ٽڪا کوڙ“. اهڙيون وڏڙيون، اهڙيون ڏاڏيون اَڄ ڪٿي؟

مولو مون کان ڪي سال وڏو هو پر هُئو ته ننڍو نينگر، اَچي حويلي جي ڏيڍي ۾ به ويهندو هو حويلي جا ٻارڙا، نينگريون، وڏڙيون ڏيڍيءَ جو ٻاهريون در ٻيڪڙائي اچي کانئس ڪوهر وٺنديون هُين. سندس ڌنڌو وڌيو ته هڪ وڏي ڇٻي ۾ وَکر وجهڻ لڳو، هاڻ گدامڙي جي چٽڻي به ساڻ کڻڻ لڳو. سندس ماءُ جو اندر گهر ۾ ڪم ڪندي هُئي ته مولوءَ کي ڏيڍي تائين اجازت هئي، گهڻو تڻو وڏڙا به کيس نه روڪيندا هُيا. وڏڙو ٿيو ته ڏيڍي جا دروازا به بند ٿيا ۽ هو ڌڪجي وري وَڃي گهٽيءَ ڀيڙو ٿيو. آهستي آهستي ترقي ڪندي جڏهن مولوءَ مان مولا بخش بڻيو ته گهٽي لاءِ به اوپرو ٿي ويو. مولا بخش جي ماٺ ميٺ ۾ شادي ٿي، ٻارڙا به ڄائس ڪو خاص خوشيون ڪونه ڪيائين. اهو سو ڪيائين ته بچت سَچت ڪري ٻارڙا پڙهائي وڌائين. ٻارڙا ننڍڙا ئي هُيا ته عيد تي جڏهن اوطاق تي ملڻ اَچي ته ٻن پٽن کي وٺيو اَچي. مان کين خرچي ڏيان ته خوش ٿئي ۽ چوي ”اها خرچي، سونُ آهي“. مان چوانس ته. ”مولا بخش اها سمنن واري خرچي نه آهي، اها ٻچڙن جي خرچي آهي“. وراڻيائين ”مٺل سائين الله اهڙو ڏينهن نه ڏيکاريندو جو مان اوهان تي سمن يا نوٽيس کڻي اَچان ۽ اهڙي خرچي پلئه پويم. زهر نه کائي ڇڏيان“.

اسان جي ڪن مائٽن کي ڪورٽن ۾ ڪيس ڪرڻ جو شوق هُيو. ابن، ڏاڏن، ڏاڏين، پڙ ڏاڏن، پڙ ڏاڏين، نانن ۽ نانين جي ملڪيتن جون وتيندا هُيا دعوائون ڪندا. پهريائين وڏڙن جي فيصلن وسيلي ڌٻڙ ڌونس يا ايلاز منٿن سان حصا وٺندا هُيا پوءِ ڪرائيندا هُيا ڪيس ۽ سول دعوائون. منهنجي اَبي ڏاڏي تي به نوٽيس ۽ سمن، پر اُهي ويا جهان ڇڏي ته مون تي ۽ سڀني خاندان وارن تي نوٽيس ۽ سمن جاري ڪرايائون. مولا بخش کي حڪم ٿيو ته گهرجي وڏي يعني مون تي تعميل ڪرائي، هُن اشراف جواب ڏنو، حڪم ٿيو ولي محمد عرف وَلوءَ کي. هو اسان وٽ ڊرائيور رَهيو هو. هاڻ جو بيلف ٿيو بجاءِ اوطاق تي اَچي، گهر اَچي، هُل هنگامو ڪيائين ۽ دعوا ڪندڙن جي ڏاڍي نينگر کي وٺي آيو ۽ ٻنهي گڏجي، درَ تي لتون هنيون ۽ بدشد ڳالهايائون. منهنجي نڪرڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ٻئي ڀڄي ويا. وَلي محمد عرف وَلو ڊرائيور پوياڙي جو لڪي نوٽيس اچي در تي چنبڙايو، مون پڙهيو پوءِ رات پيٽ ۾ ڪنهن ڦاڙي لاهي ڇڏيو. مون کي پوءِ خبر پئي ته اهو مولا بخش هُيو. اها سندس شناس ئي هئي. مان ائين سمجهان ٿو: مولا بخش جو وڏڙو پٽڙو رياض مئٽرڪ پڙهي نڪتو ته کيس وٺي آيو. ”هن کي پڙهاءِ مون ۾ طاقت نه آهي، پولي ٽيڪنيڪ ۾ داخلا وٺي ڏينس، بس هيءُ تنهنجو حوالي آهي“.

رياض، سهڻو وڻندڙ، ڏاهو نينگر هو. ننڍي هوندي کان مون وٽ جو ايندو هو ته ساڻس نه رڳو ويجهڙائي ٿي بنهه اولاد وانگر پنهنجائپ محسوس ڪرڻ لڳس. رياض حيدرآباد ۾ پولي ٽيڪنيڪ ڪاليج ۾ پڙهيو. سندس رهائش ۽ ٻيو سڀ خرچ مون تي هُيو. شهر جي لائيف هئي سو رياض به رنگ ڪڍيو. هڪ ڏينهن ڳوٺ هجان ته مولا بخش اوطاق تي آيو.

”مٺل سائين، رياض ڏٺو اٿو“.

”ها، ڇا ٿيو اٿس“.

”وارن جا گل ٿو ٺاهي، پينٽڙي ۽ شرٽ کڻي پاتي اٿائين. هاڻ مون کان ۽ ماءُ کان به فيشن لاءِ پئسا ٿو وٺي. هاڻي چئي ٿو ته جينز ۽ چنهبيارو بوٽ وٺي ڏي“.

”ڏس مولا بخش ڇوڪرو وڏو ٿيو آهي. ڪاليج ۾ پڙهي ٿو هڪ جيڏن سان ضرور هڪ جيڏو ٿيندو. ڀلا فيشن ٿو ڪري، ڪا بدمعاشي يا لچائي ته نه ٿو ڪري“.

”سائين ڏسجوس پيا، مون کي رياض اوهان جهڙو کپي. هوشيار، سياڻو، زماني ساز ۽ ترقي ڪري اوهان جهرو آفيسر يا اُستاد ٿئي“.

”مولا بخش، اسان به فيشن ڪيا، رڇ به سوٽڙا بوٽڙا پائي پيا هلون. دعا ڪرينس ته رُڳو کَرجي نه. باقي ڀاڳ ڀلا ٿيس ته انجنيئر ٿيندو مان کيس ڊپلوما کان پوءِ انجنيرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيندس. ڏسجانءِ ته ڇا ٿو بڻجي!!“.

مولا بخش ڪنڌ ڌوڻيندو رَهيو، ويو ته مطمئن هيو. هڪ ڏينهن پبلڪ اسڪول پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هجان ته رياض ڊوڙندو اندر داخل ٿيو، سڄو پگهريل هجي ۽ سهڪي پيو. مون وٺي کيس وهاريو پاڻي پياريومانس، ٿڌو ٿائنيڪو ٿيو ته پڇيومانس ته خير ته آهي؟ ”سائين مرندي مرندي بچيو آهيان. سنڌي شاگردن کي دل تي ڪٽيو اٿن. هيءُ ڏسو“. هُن بشرٽ مٿي ڪري، پٺي ڏيکاري، سڄي پٺي ڏنا ٿي پئي هيس. مون چيومانس: ”مڙس ته ڪيڏو آهين، پاڻ ڪُٽائي هت پهتو آهين. سو به ڌڪَ پٺي وارا. واهه رياض واهه لڄي ڪري ڇڏيئه. شاهه صاحب جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي:

”ڀڳو آءٌ نه چوان ماريو تان وسهان

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُهان،

ته پڻ لڄ مَران جي هئنس پٺ ۾“.

رياض ڪجهه دير خاموش رَهيو. پوءِ اُڀو ٿي بيٺو، سائين، آئيندي ائين نه ٿيندو“. هو هليو ويو ۽ ڪم مان واندو ٿيس ته سندس چيل سٽ تي غور ڪيم ته وسامي ويس. هيءُ جوان رَت شاهه سائين جي بيت تي عمل ڪيائين بنا سوچ ۽ سمجهه جي ته ويل وَهي ويندو. ڪجھ ڏينهن ۾ خبر آئي ته رياض، ڪاليج ۾ شاگرد ليڊر ٿي ويو آهي. ويڙه ۽ جهيڙي ۾ به اڳرو آهي. ڪاليج جو پرنسپل ته بنهه چڙيو ويٺو هيو. شايد ڪاليج مان ڪڍيس ها پر منهنجي چوڻ آکڻ تي ٿڌو ٿيو. مولا بخش جي به چٺي آئي ته رياض ڳوٺ اَچي ٿو ته رڻ ٻاري ڏئي ٿو. انقلابي ڪامريڊ ٿي پيو آهي. نعرا، تقريرون ۽ جهيڙا فساد عام ڳالهه آهي. ايڏانهن پڙهڻ ويو هو، هت ته ڳالهه ٻي ڪري ٿو. مون کيس ڳوليو نيٺ هڻي هنڌ ڪيو ۽ منهنجي گهڻن نياپن بعد آيو. مون ڇوٽ ۾ چيومانس ”رياض، هيءَ تو ڪهڙو ويل ٻاريو آهي. پڙهڻ آيو آهين يا جهيڙا ۽ فساد ڪرڻ. ڪامريڊ ۽ انقلابي ماڻهو ته نه ماريندا آهن. اُهي ته اُنهن کي جياريندا آهن“.

چپ چاپ ويٺو ٻڌندو رهيو. مون ڳالهائي بس ڪيو ته هڪدم ڳالهايائين، هن دفعي هيءَ اُهو رياض نه هو. ”ڏاڍ ڏمر ۽ آمريت جي خلاف جنگ جوٽڻ ڪو ڏوهه نه آهي. جبر جو جواب جبر سان جيستائين نه ڏبو، جَبر ختم نه ٿيندو. مون دنيا جي عظيم انقلابين کي به پڙهيو آهي مون مائو. لينن، جي ايم سيد ۽ ٻين کي به پڙهيو آهي. مون شاهه سچل به پڙهيو آهي. مون اوهان جي دور وارو مزاحمتي ادب به پڙهيو آهي. مون اياز، تنوير، نياز، امداد، شمشير، پليجي، رشيد ڀٽي ۽ جمال ابڙي کي پڙهيو آهي. مون اوهان کي به پڙهيو آهي. مون ’روح رهاڻ‘ جا جُلد به پڙهيا آهن. مون اسڪول جي لائبرري ۽ ٻيون لائبرريون به ڀيٽيون آهن. اوهان به وڏا تحريڪي، انقلابي رهيا آهيو ۽ سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪئي اٿوَ.

”پر اسان ڪڏهن به جهيڙي فساد ۽ تشدد جي ڳالهه نه ڪئي هئي. مٿيان جيڪي به مفڪر تو ڳڻايا آهن، اُهي به ته عدم تشدد جا حامي رهيا آهن. اسان ته علم ادب جون ڏياٽيون ٻاري، گهر گهر وَڃي محبت جا گيت ڳاتا آهن. اسان جلسا جلوس ڪڍيا هوندا جشن ڪرايا هوندا. اُنهن ۾ اسان جا وڏڙا، امڙيون، ڀينرون اسان سان گڏ هيون. اسان هڙتالون ڪونه ڪرايون. اسان چندا ڀتا ڪونه ورتا“. رياض اٿي بيهي رهيو. ”سائين اسان ڀتا چند اڪونه وَرتا آهن. اسان به علم ادب پڙهون ٿا. اسان به محبت ۽ انقلاب جا گيت ڳايون ٿا اسان صرف تشدد ۽ زيادتي جو جواب ڏيون ٿا. سروٽي جو جواب سروٽي سان..........

”ها. هاڻي توهان پُراَمن تعليمي ادارن ۾ سروٽا هلائيندؤ. ڇُريون ۽ چاڪون پسٽل هلائي پوءِ محبت جا گيت ڳائيندؤ. هاڻي بس! وڌيڪ بحث نه ڪبو. ٻيا تنهنجا ساٿي ڇا ٿا ڪن منهنجو انهي سان نه وَڃي. تون منهنجي ذميواري آهين. اَڄ کان وَٺي اُرهه زورائي بند. اَڄ کان انقلاب اهو ايندو ته تون پڙهندين رُڳو پڙهندين. پڙهي پورو ڪَر. پنهنجي پيرن تي بيهه پوءِ سڄو ملڪ پيو اٿئي ڀيل ۽ جيترا انقلاب وَڻئي سي سڀ آڻ. سنڌ جي ماڻهن جو انهيءَ انقلاب جي انتظار ۾ مٿو اَڇو ٿي ويو آهي، ڊڀ ڄمي ويا آهن. بس جي وڏو سمجهين ٿو ته وَڃي پڙهائي جو پورهيو ڪَر. آخري امتحان به مٿان اٿئي نه.....!!“

هُن ڪنڌ ڌوڻيو. سندس چپ ڀڪوڙيل هيا. رَت منهن تي به مڙي آيو هوس. هو هليو ويو ۽ پوءِ سندس انقلابي نمونو بند ٿي ويو. امتحان ڏئي پاس ڪري پوءِ مون وٽ آيو. انهيءَ وچ ۾ پئسي پنجڙ لاءِ نياپو نڙو ڪندو هو. هن ڀيري آيو ته پريشان ۽ جهڪو هُيو. مون کيس امتحان جي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته بي ٽيڪ لاءِ فارم ڀري. پهريائين ٻه ٽي ڳيتون ڏنائين پوءِ آهستي آهستي ڳالهائيندو ويو. ”سائين، هاڻي بس، مان وڌيڪ پڙهڻ نه ٿو چاهيان. مون کي ڪا نوڪري وٺي ڏيو ته مهرباني ٿيندي. مان جي ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ويس ته پوءِ مان ٻئي پاسي هليو ويندس.........!!“

”ڪهڙي پاسي؟“

”اُنهي پاسي جنهن جي اوهان کي ڳالهه نه ٿي وڻي“.

”تون پڙهي بيهه پوءِ جهڙي پاسي وڻئي تنهن پاسي وڃجان. هاڻي تون ڳوٺ وَڃ. مولا بخش ۽ تنهنجي امڙ پريشان آهن. هفتي ڏيڍ ۾ مان اتي ايندس پوءِ فيصلو ڪنداسين“. هو ته هليو ويو. مون کي اُن ويلي خيال نه آيو. اخبار پي پڙهيم ته ايم آر ڊي تحريڪ جون زوردار خبرون پي ڇپيون. ايم آر ڊي جو زور ٻهراڙين ۾ ڏاڍو هو. ننڍو وڏو ماڻهو، سنڌ سان ٿيل ڏاڍ ڏمر ڪري، سَرُس ڪاوڙيل هو. وڏا زميندار ۽ اُنهن جا نينگر به پڙ ۾ لٿل هُيا. اسان وارو تُر ٻريو پيو هو. مون محسوس ڪيو ته رياض کي اوڏانهن موڪلي مون غلطي ڪئي آهي. پر هت ڪهڙي برف پي وَسي. اهو سوچي ڪجھ آٿت آيم. کيس دوستن ۽ ڪامريڊن کان ڇني ڌار ڪرڻ تي مان ڪو خوش ڪونه هيس. مون کي اُلڪو هو ته پرائو ٻار ڪنهن آويءَ ۾ نه اَچي وڃي. پوءِ مولا بخش کي ڪهڙو جواب ڏيان ها. هاڻ مولا بخش پاڻ سنڀاليندس. تنهن هوندي به وسوسي جان نه ڇڏي. اُهو وَسوسو اُن ڏينهن پورو ٿي ويو. جنهن ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم ته نوشهري شهر ۾ وَنگ تي شاگردن ۾ پوليس جي چڪري ٿي جنهن ۾ پوليس خالي هٿين شاگردن تي گوليون هلايون. ڪي ڌڪيا ڪي بچيا پر رياض هڪ ئي گولي جو بَکُ ٿي ويو. مون سوچيو پي ته پوليس وارن جو گولي سان ڪهڙو ڪم. هنن عمر هلايون لٺيون، ڌڪا ۽ گئس. شاگردن جا خاص طرح مٿا چٿڻ ۾ ته ايڪسپرٽ هُيا. چوٿين مارچ واري واقعي جا چٿيل مٿي وارا شاگرد اَڄ تائين سنوان نه ٿيا. هيءُ ته ڌاڙيلن وٽ گوليون بارود ڇڏيو اَچن. هيءُ شاگرد ڪهڙا ڌاڙيل يا رهزن هُيا جو سڌيون گوليون پي هلايائون، ٻين ماڻهن جيان پڪڙي ٿاڻي تي ’سچ پتر‘ هڻن ها ته به ڪا ڳالهه هئي. گوليون هنيائون به رائيفل جون!! ماريون به رياض، جنهن جو مون ۽ مولا بخش پاڻ ئي مٿو چٿي سانچي ۾ وجهي دولا شاهه جي ڪوئي وانگر ڪري ڇڏيو هو. هيءُ ڪهڙو قهر ٿي ويو هو. مولا بخش ۽ سندس گهر واريءَ جو ڪهڙو حال ٿيو هوندو. مان وٺي ڀڳس ۽ پنهنجي ڳوٺ پنهنجي شهر نوشهري وڃي پهتس. جنهن جي گهٽي گهٽي ويران هئي، رستا ۽ چوڪ سنسان هُيا، دوڪان بند، ماڻهو الائي جي ڪاڏي هليا ويا هُيا. پوليس جو هن خاموش شهر کي ڪڙو ڏنل هو. مون کي اُهي ماڻهو نه پي لڳا جو هنن جا منهن ڦريل، مٿي تي لوهي ٽوپ، بندوقون اُڀيون، منجهن سنگينون لڳل، نه دُشمنن، نه ويرين جو نشان، هيءُ ڪهڙو جنگ جو ميدان هُيو، هيءَ ڪهڙي جنگ هئي، جو فضا ۾ اَڃا تائين دونهين ۽ بارود جي بوءِ هئي. مان سڌو مولا بخش جي گهر وڃي پهتس. گهٽي ۾ تڏو وڇايل هو. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ويٺا هُيا. مولا بخش مليو، نه اوڇنگار ڏنائين نه پار ڪڍيائين. ’رب جي رضا‘ جي جواب ۾ ’سائين قبول آ‘ چئي خاموش ويٺو رَهيو. مون اطلاع نه ڪرڻ ۽ جلدي جلدي ۾ رياض کي دفنائڻ جو ڏوراپو ڏنو. هُنَ ڪو جواب نه ڏنو. ڀرسان سندس عزيز ماستر صفر ويٺو هو. تنهن وراڻيو، ”سائين پوليس، فرياد به نه وَرتو، پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو، ڏنڊو کڻي بيٺي ته جلدي دفنايوس بنهه پيرا ڊاهيو، اسان ته رات ئي کيس دفنائي ڇڏيو. ڪلهه منجهند ڌڪيونس. ڪي ڪلاڪ ونگ واري روڊ تي پيو رَهيو. گولي به ران کي چيري ڦاڙي نڪري وئي. هو رَت وَهائي گذاري ويو“. ”پر ٿيو ڇا، اهو ڪيئن ٿيو“. مون کيس ڪٽيو. هو اڃان ڪجهه ٻڌائي ها ته مولا بخش اُٿي بيٺو ۽ مون کي ٻانهه کان ڇڪيائين ۽ اُٿاري پاڻ سان ساڻ کنيائين. گهٽيءَ جي ڇيڙي تي سندس گهر هيو. اوڏانهن وٺي هليو. ”بابا پاسي – بابا پاسي“ ڪندو اڱڻ ٽپي، هڪ ڪمري ۾ هلي وهاريائين پوءِ هو گهڙيءَ کان پوءِ هڪ ڪمزور ۽ نٻل مائيءَ کي سهارو ڏئي اندر وٺي آيو. مون کيس بنهه نه سڃاتو. هڪ جهريل، جهولن ۽ جهڪن ماري ڇڙيل ڇتن سان ڪا عورت هئي. هن جڏهن ويجهو اَچي دانهن ڪئي. ”او ادا، او ادا، منهنجي رياض کي ڪاڏي ڪيئه. پاڻ سان ڪونه وٺي آئين. مون ته رياض توکي ڏنو هو. ڪاڏي ڪيئه رياض. مون کي پنهنجو رياض موٽائي ڏي. منهنجو رياض، منهنجو رياض.............“ چوندي هوءَ مورڇا ٿي ڪري پئي. يڪدم مولا بخش ۽ ٻين ماين کيس کڻي کٽ تي ليٽايو. پاڻي جا ڇنڊا هنيا. هوءَ سامت ۾ آئي. پر سندس دماغ جاءِ تي نه هو. مان گهر مان ٻاهر نڪري آيس. مولا بخش به مون سان گڏ ٻاهر نڪتو. ٻاهر در تي کڻي بيهاريومانس. ”مولا بخش! اهو ٿيو ڪيئن؟“ مولابخش جا ڳوڙها ڄڻ سڪي ويا هُيا. هُن ڳالهه ائين ٻڌائي ڄڻ ڪو راوي، ٻئي ڪنهن جو قصو بيان ڪندو هجي. ”مان ئي سائين، کيس قابو ڪيو هو. دوست ساٿي ايندا هيس. مان کيس وڃڻ ڪونه ڏيندو هُيس. هن ايم آر ڊي جو زور به زور هُيو. پيو ڦٿڪندو هُيو. مان ڪلهه ڪورٽ ويو هيس ماڻس کي جهلي ويو هُيس ته کيس ٻاهر نه ڪڍي جو ڇوڪرن جو روز جلوس نڪرندو هو. ڪلهه به زوردار جلوس نڪرڻو هو. ماڻس پي ٻڌايو ته نعرن جا آواز ٻڌي پيو ته ڇوڪرو لُڇي پيو.

”اَمان مون کي وڃڻ ڏي.

اَمان مون کي وڃڻ ڏي“.

ماڻس به اندران ڪُلف ڏئي ڇڏيو هو. هو به پڃري ۾ ڦاٿو هو سو شينهن وانگر اڱڻ ۾ پيو اَچي وڃي. نيٺ گڙڻ لڳو. رڙيون، واڪا، دَر کي ڪلها پيو هڻيس. ڪُلفُ پيو ڇڪي ۽ پٽي. ٿڪي ۽ ساڻو ٿي ماڻس جي پيرن تي ڪري پيو.

”امان مون کي وَڃڻ ڏي. مان پري کان بيهي ڏسندس. واعدو آ جلوس ۽ جلسي ۾ شريڪ نه ٿيندس. منهنجي اَمان ناهين، مٺي ناهين“. ماءُ آخر ماءُ آهي سائين. ماڻس ڪلف کولي کيس ڇڏيو پر گهٽي تائين، مٿس دعائون پڙهندي شوڪاريندي آئي. ڇو ته ڪيترن ڏينهن کان جو جلوس هُيا، پوليس جو لٺ ڌُڪو، کين گهٽين ۾ ڊوڙائڻ جو سڀ خبرون هيس. ويو ته اجهو ائين لاش ٿي وَريو. چون ٿا ته هيءُ پريان بيٺو هو. ڇوڪرن ۽ نوجوانن جون چڪريون هليون پي اوچتو گولين جي ٽڙ ٽڙ ٿي وئي. هيءُ ته جلوس ۾ ڪونه هو. الائي ڪٿان اها نڀاڳي گولي آئي، سا به رائيفل جي سَٿُر چيري وَيس. هو گولين جي ٺڪائن، ماڻهن جي ڀڄ ڀڄان ۾ اُتي بي دريافتو پيو هو. مان گهر تي پهتل هيس پي گهر واريءَ سان جهيڙيم. ائين گولين جا ڌوڌاٽ جو ٻڌم ته وٺي ڀڳس. ويجهو پهتس ته پوليس وڃڻ نه ڏنو ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڇڏيون، هيءُ روڊ تي هڪ مانڊڻي وٽ ڪنڊائتو پيو هو. رَت ريلا ڪيو پي وَهيو. سائين بس ميدان جنگ هيو. ڪي ڪٿي ڌڪيا پيا هُيا ڪي ڪٿي. هر ڪنهن پنهنجن پيارن کي پي ڳوليو. مون کي به رياض ڏکيو لڌو. مون کيس هن حال ۾ ڏٺو ته وٺي دانهون ڪيون ڪي جوان ڪي نينگر ڊوڙندا آيا. ڪنهن سٿر کي پوتڙي سان ٻڌو. اڃان هوش هيس. اسپتال وَڃون ته وَڃڻ نه ڏين پوليس ڌِڪي گهر اُماڻبو. گهر ۾ ڇا نه ٿيو هوندو، ماتم هو ماتم. مون کي سڏي ويجهو ڪيائين ۽ چيائين ته سائين کي چئجان ته ’ڀڳو آءٌ نه چوان‘ ٻيو شاهه سائين جو سڄو بيت پڙهيائين. الائي جي ڪيئن آهي ڌڪڙا سيڪيندي سهان....... مون کيس هٿ سان روڪيو. مان هاڻ روئڻ لڳو هيس. پوءِ چيم: ”مولا بخش اهو هيئن آهي، جي سمجهين: ”ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو تان وسهان ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان ته پڻ لڄ مران جي هئنس پٺ ۾“. اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته هو ميدان جنگ ۾ هو ۽ ڊوڙي وَڃي شريڪ ٿيو هو. رياض، شهيد ٿيو آهي. هُن کي پٺ ۾ ڌڪ نه هُيا. ڀڄندي ڪونه مئو هو“.

هو خاموش بيٺو رَهيو. مان آهستي چُرندو گهر آيس شهر ۾ چوڌاري اوندهه هئي. منهنجي اندر ۾ به اوندهه انڌڪار هُيو. مان تڏي تي ويندو رهيس نيٺ تڏو کڄيو. مون کائنس موڪلايو پي ته هو منهنجي ويجهو آيو ۽ چيائين، ”مون هڪ فيصلو ڪيو آهي. سائين! شهيد جو خون رائيگان نه ويندو آهي. مان کين نه ڇڏيندس. ڏسو ته مان ڇا ٿو ڪيان. شهيد رياض جتي ايم.آر.ڊي تحريڪ کي ڇڏيو آهي اُتان مان کڻندس. سنڌ جي ماڻهن کي حق وٺي ڏيندس. مان تڪڙي رٽائرمنٽ وٺي تحريڪ هلائيندس“. هن تحريڪ جي شروعات اُنهي ڏينهن ڪري ڇڏي. مان اوطاق وٽ بيٺو ئي هيس ۽ حيدرآباد نڪرڻ جي تياري پي ڪيم ته اوچتو نعرا ٻڌم ڏسان ته بازر واري گهٽي مان هڪ جلوس آيو پي. نوجوان ڇوڪرڙا، ڪي وڏڙا، ڪي ٻارڙا ڌوڪيندا آيا پي. مولا بخش اڳيان هُيو. کيس گلن جا هار پيا هُيا. نعرا پي لڳا ”قاتلو حساب ڏيو— خون جو حساب ڏيو. انقلاب زنده آباد. شهيد رياض زنده آباد – مولا بخش زنده آباد“. جلوس اڳيان ڪي نينگر سُر سان گيت ڳائيندا پي هليا. ”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رُڳو“. پوءِ ڪن وري ڳائڻ شروع ڪيو“. اڄ اٿڻو آهي شينهن جيان، ڪنهن آنڌي آندل مينهن جيان. ۽ ٻوڙان ٻوڙ اسهڻو آ، ها تا بڙ توڙ اسهڻو آ“. هيءُ جلوس سڌو اَچي مون آڏو اوطاق تي بيٺو. ڪنهن نعرو هنيو، ”مٺل سائين زنده آباد!“

مون هٿ سان اشارو  ڪري کين خاموش ڪيو ۽ چيو، ”دوستو چئو، شهيد رياض زنده آباد.“ نعرن جي گونج ۾ مولا بخش کي وڏي ڀاڪر پاتم. هن دفعي هن جي اکين ۾ پاڻي هو، ڳوڙها ڳڙي پيس. مان به هئس ڏکويل بنهه روئي پيس. اوچتو هڪ جوان چيو ته ”سائين چئو! انقلاب زنده آباد“ مون ڪجهه نه ڪڇيو. ڳوڙها اُگهندو اوطاق ۾ اندر هليو آيس. مون چوڻ ٿي چاهيو ته ويچاري سنڌ ۽ سنڌ جا اٻوجهه ماڻهو صدين کان، انقلاب جو انتظار ڪندا رَهيا آهن پر ويچارو انقلاب ٻين هنڌ پهچيو وڃي، پر هتڙي نه ايندو آهي. مون کي مولا بخش جون خبرون ملنديون هُيون، هُن رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي. ايم.آر.ڊي جي اڳواڻن کيس سڏي چڱي مالي امداد ڪئي. شهر جي چڱن مڙسن به سندس مدد ڪئي. آهستي آهستي هُن کي هير پئي ۽ هو گهر گهر، هر هنڌ شهيد رياض نالي ۾ چندا چيڙا ڪرڻ لڳو. پهريائين ته ماڻهن دل کولي ڏنو پوءِ آهستي آهستي ٿڌا ٿيندا ويا. هاڻي مولا بخش کي ڏسندا هُيا ته گهٽي مَٽي ويندا هُئا. جلسا ۽ جلوس پورا ٿي ويا هُئا. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو. مولا بخش آيو. گهڙي ويٺو ۽ پوءِ چيائين: ”مٺل سائين اوهان سان الڳ ڳالهائڻو آهي.“ جيئن ئي ٻئي ڪمري ۾ ويٺاسين ته هو شروع ٿي ويو، ”سائين، شهيد جي زبردست قبر ٺهرائي اٿم. اُن جي نالي ۾ ٻارهي جي موقعي تي هڪ وڏو جلسو ڪرڻو به اٿم. اوهان جي امداد جي ضرورت آهي.“ مون کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي کيس ڏنا. يڪدم چيائين: ”سائين هنن مان ڇا ٿيندو.“ ڏس مولا بخش هيءُ پئسا اُنهن سمنن ۽ نوٽيسن جي حساب ۾ خرچي آهي. جيڪي تو در در وڃي هاڻوڪي چندي چيڙي جي نالي ۾ ڄڻ ته چنبڙايا آهن ۽ اهڙا چنبڙايا آهن، جو ڇڪي ڦاڙي لاهڻ سان به نه ٿا لهن، تنهنجي منهنجي ۽ رياض جي چڱي ناماچاري ٿي آهي جو اڄ به تون شهيد رياض جي شهادت کي ڄڻ ڪيش ڪرائيندو ٿو وتين. رياض ڪڏهن ڪنهن کان چندو يا ڀتو نه ورتو. تون آهين جو وتين ٿو ماڻهن کان سندس قيمت وصول ڪندو. اهو تنهن جي منهن تي پئي ٿو. مولا بخش ماڳ موٽي آ. امدادون گهڻيون پر رُڳو رياض کي بدنام نه ڪر؛ رياض رُڳو تنهنجو نه پر اسان سڀني جو هو. سڄي قوم جو  هيرو هو“ چپ چاپ منهنجي منهن ۾ تڪيندو رهيو. مون اُهي نوٽ ڪجهه ٻين نوٽن سان گڏي سندس کيسي ۾ وڌا. هُو هليو ويو ته ڄڻ گم ٿي ويو.

مولا بخش جو هانُ غوغاءُ گهٽجي ويو. نه ٻارها ٿيا نه تحريڪ هلي. چيائون ته مولا بخش بيمار آهي. مهيني اڌ کان پوءِ مان کيس پڇڻ ويس هو گهر ۾ نه هو، سندس گهر هاڻي اُهو ڪچو گهر نه رهيو هو. اهڙو پڪو هو جو هُن ماڙي به ٺهرائي هئي هاڻ ته گهٽي به پڪي گهٽي ٿي ويئي هئي. سندن پڪي گهٽي کان نڪري پنهنجي پراڻي حويلي واري ڪچي گهٽي ۾ آيس ته ڏسان مولا بخش اُنهيءَ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو منهن مونن ۾ هنيو ويٺو آهي، ڪوهرن (چڻن) جو ڇٻو آڏو اٿس. هو ڪوهر وڪڻي رهيو هو پر اُنهي سنسان گهٽي ۾، اُنهي پراڻي ڀور ڀور ٿيل حويلي جي سامهون جتي هاڻي شايد ڪير به نه رهندو هُيو. مون هيٺ ويهي کائنس ڪوهر گهريا، هُن پئسا ورتا ڪوهر ڏنا پوءِ منهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيو. ”مولا بخش يار هو پاڻ وارو هوڪو ته ڏي. ”مون ڪوهر چٻاڙيندي چيو. هُن آهستي ڪنڌ مٿي کنيو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. پوءِ  گهگهي آواز ۾ هوڪو ڏنائين، ”هَلُ تازه ڪوهر هُل ٽڪي ۾ ٻاٽي“ پوءِ آواز وڌيڪ گهگهو ٿي ويس. هو وري منهن مونن ۾ هڻي ويهي رَهيو. جهونو جهاز، جنهن جا سڙهه وڌيڪ سٽ جهلي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته مولا بخش آهستي آهستي مَري رهيو هو ۽ هڪ ڏينهن مَري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org