سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:23 

اوچتو ڪُلهي تي هٿ جو هلڪو دٻاءُ محسوس ڪيم، مون کي انهن ٻن قبرن تي بيٺي ڪو وقت لڳو هو. هيءُ منهنجي ڀاءُ شمسَ جو هٿ هُيو، هو ڪافي دير درگاهه جي وڏي دَر تي انتظار ڪندو رَهيو هو. اتي منهنجو ڀائيٽيو بابر وڌي آيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڏسي چيائين، ”بابا! ڇا ٿيو.“ ”بابا تکو واءُ وريو. ريتي ۽ مٽي مٿان وَري ويئي هئي.“ هن واءُ ۽ مٽيءَ ۾ اکيون به ڀرجي ويو اٿم. اهي ڳوڙها ان ڪري آهن.

”بابا پر ڪاٿي آ مٽي، ڪاٿي آ ريتي؟“ مون کيس سڄي قبرستان ڏي اشارو ڪندي چيو“، انهيءَ ريتي ۽ مٽي ۾ جيڪي ستل آهن هيءُ اُنهن جي مٽي آهي.“ هُن سمجهيو الائجي يا نه. ڀاءُ مون کي ٻانهن کان وٺي هلڻ لڳو ته شاهه سائين جي هيءُ سٽ هيئين تي تري آئي:

لڳي لڳي واءُ ويا انگڙا لٽجي.

ٻي سٽ ياد هُئي پر مون ۾ پڙهڻ جي سگهه هئي نه حُجت ۽ نه وري حقداري .

 

ريڊيائي ناٽڪ

 

طوفان ۽ رات

 

ڪردار

1. زرينه   -(هيروئين)

2. اصغر -زرينه جو سؤٽ

3. حامد  -زرينه جو پيءُ

4. امينه  -زرينه جي ماءُ

5. سلطان -ڊاڪٽر (هيرو).

(1)

(ابتدائي موسيقي ۽ رات جو تاثر)

(طوفان ۽ مينهن جو وسڪارو)

زرينه: (کنگهڻ جو آواز) توبهه! هيءُ طوفان ۽ مينهن شايد ختم نه ٿيندو. ايڏو مينهن ۽ ههڙو طوفان! خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو؟ بتي وسائي سمهان، من آرام اچي ۽ هيءَ پاسي واري دري به بند ڪريان. (بٽڻ بند ڪرڻ جو آواز) (دري بند ڪرڻ جو آواز) زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي! دل جي دنيا ٻي، حقيقت جي دنيا ٻي. بتي وسايم ته اوندهه ٿي ويئي ۽ دري بند ڪيم ته مينهن ۽ طوفان کان بچاءُ ٿي پيو. پر دل جون دريون ڪيترو به بند ڪريان ته به ماضيءَ جي ياد الائجي ڪٿان ٿي هليو اچي. شايد اهو سڀڪجهه هن طوفان ۽ انڌاري رات جو سبب آهي.

(در جي کڙڪڻ جو آواز) هون! در ڪنهن کڙڪايو. هن وقت ڪير هوندو؟ شايد منهنجو وهم آهي. (در آهستي پوءِ زور سان ٿو کڙڪي) شايد طوفان جي زور ڪري پيو دروازو کڙڪي. خير! ڀلا مون وٽ رهيو ڇاهي، جو ڪير اچي منهنجو در کڙڪائيندو. سڄي زندگي انهيءَ کڙڪي جي سهاري ته گذري ويئي ۽ اڃا به خبر نه آهي ته انتظار جو ڪيترو عذاب سهڻو پوندو.

(در کڙڪڻ سان ڪنهن جو آواز اچي ٿو.)

مسافر: دروازو کوليو، دروازو کوليو.

زرينه: واقعي ٻاهر ڪو آهي. پر مان در ڪيئن کوليان؟ کڻي اسلم کي ٿي جاڳايان، پر نه، اجايو هن جي ننڊ ڇو ڦٽايان، مان ئي ٿي پڇان. (دروازو کوليندي)

زرينه: ڪير آهي؟

مسافر: مان آهيان، هڪ مسافر!

زرينه: هن مهل ڪهڙو ڪم اٿئي؟

مسافر: مسافر جو ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟ مون کي اَجهو کپي.

(زرينه خاموش رهي ٿي.)

مسافر: محترمه! اوهان اطمينان ڪريو. هن مينهن ۽ طوفان جي ڪري منهنجي موٽر خراب ٿي پيئي آهي ۽ آءٌ پنهنجي منزل تي نه پهچي سگهيس. آءٌ دراصل پرئين ڳوٺ ۾ هڪ مريض کي ڏسڻ ويو هوس.

زرينه: (تعجب مان) ڇا اوهان ڊاڪٽر آهيو؟

مسافر: هائو، مريض جي حالت تمام خراب هئي ۽ منهنجو اتي وڃڻ ضروري هو. اوهان پاڻ ڏسو پيون ته ڪيترو نه سخت طوفان ۽ مينهن آهي! بس اوهان جي گهر وٽ ئي گاڏي خراب ٿي پيئي مجبوراً اوهان کي تڪليف ڏني اٿم. (تعجب مان) ليڪن، هن هيڏي ساري گهر ۾ ٻيو ڪير به نٿو ڏسجي.

زرينه: اوهو! اوهان اندر ته اچو. (در بند ٿيڻ جو آواز) آءٌ اڪيلي ڪانه آهيان، منهنجو هڪ ساٿي به هت موجود آهي. (ٿڌو ساهه ڀريندي) اوهو! اوهان جا ته سڀئي ڪپڙا ڀِڄي پيا آهن!

مسافر: اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. بارش ۾ ته ائين ٿيندو آهي. منهنجي خيال ۾ مون کي ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي ته بارش جلد بند ٿي وڃي.

زرينه: اهو ته چئي نٿو سگهجي. بهرحال، اوهان هُن ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا مٽائي سگهو ٿا، اُتي ڪي ڪپڙا پيا آهن.

مسافر: مهرباني، اوهان کي سچ پچ تڪليف ڏني اٿم.

زرينه: نه نه، اوهان اطمينان رکو. ڏسو ڪجهه سردي به آهي، جلد ڪپڙا مٽائي اچو، آءٌ اوهان جي لاءِ چانهه تيار ٿي ڪريان.

(2)

زرينه: (ٻئي ڪمري ۾ پنهنجي ليکي) هن اجنبي جو آواز، لهجو، ڄاتل سڃاتل پيو لڳي. الائجي ڇو دل پيئي چوي ته ان سان ڳالهاءِ ۽ ڳالهائيندي رهه، ايستائين جو صبح ٿي وڃي، پر آءٌ هي ڪهڙيون ڳالهيون پيئي سوچيان! هو ته هڪ اجنبي آهي. ان هوندي به هن مان اجنبيت جي بوءِ ڇو نٿي اچي! هن مان ڇو هڪ قسم جي پنهنجائپ ۽ پيار- اوهه نه، اوهه نه- مان وري اڄ پيار ۽ پنهنجائپ جا ويچار ويچارڻ ويهي رهيس. ڪنهن جي ڳالهين تي مست ٿي مون انهن کي زندگيءَ جي منزل بڻايو، وري ڪنهن ٻيو ڪجهه ٻڌايو ته وڌي وڃي انهيءَ خيابان کي وَسايم، اڄ وري مان- مان، ڪجهه نه سوچينديس، مان ڪجهه نه سوچينديس.

مسافر: جِيءُ.

زرينه: معاف ڪجو هن وقت ٻيو ڪجهه به انتظام نه ٿي سگهيو، هي ڪجهه بسڪيٽ ۽ ٿوري مٺائي حاضر آهي.

مسافر: اوهان سچ پچ ڏاڍي تڪليف ڪئي آهي. هنن شين جي ڪا ضرورت به نه هئي. پر هائو، اوهان چيو هو ته اوهان سان گڏ ڪو ٻيو به هت رهي ٿو. شايد اوهان جو خاوند هوندو؟

زرينه: (خاموش).

مسافر: (کِلندي) اوهان مون کي جواب ڏيڻ پسند نٿيون ڪريو. اوه! معاف ڪجو، شايد مون اوهان کي ڏکويو آهي!

زرينه: نه، زندگيءَ ۾ ڪير ڪنهن کي ڏکوئي نٿو سگهي، جيسين پاڻ اُٿي، ڏک کي ڪير سڏي پنهنجو نه ڪري. منهنجو خاوند مون کي ڇڏي هليو ويو آهي، ان باري ۾ آءٌ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائي نٿي سگهان.

مسافر: محترمه! مون کي سخت افسوس آهي، پر الائجي ڇو منهنجي دل چاهي ٿي ته آءٌ ان بابت اوهان کان پڇان ته اهو سڀڪجهه ڪيئن ٿيو؟ حق ته ڪونه اٿم، پر ڪڏهن هڪ گهڙيءَ جي ملاقات ورهين جو رشتو قائم ڪري ڇڏيندي آهي، تنهنڪري...

زرينه: اهو ذڪر ڪري اوهان منهجي ماضيءَ تان ڄڻ ته پردو کنيو آهي. مون فيصلو ڪيو هو ته آءٌ پنهنجو ماضي ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس، حال ۾ ڪنهن کي به حالڀائي نه ڪنديس، اوهان جيڪي ڪجهه چئو ٿا، ان ۾ ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ٻڌڻ جي اشتياق کان سواءِ ڪي به ڪينهي. پر اوهان کي معلوم نه آهي ته اُن ڪهاڻيءَ کي ڪَڙين کي مِلائڻ ۾ مون کي خود به ڪنهن بَٺيءَ ۾ جلڻو ٿو پوي. مان ڪهاڻيءَ جي هڪ ڪَڙي نه آهيان، هڪ زنجير آهيان، جنهن کي ڌڪ هڻي ڌار ڪيو ويو آهي.

مسافر: توهان شايد ناراض ٿي ويون!

زرينه: مان ناراض ڪانه ٿي آهيان، پر ڪنهن جي مٿان ڪابه ذميداري وجهندؤ ته هو خوش ڪين ٿيندو. هن جهڪي روشنيءَ مان اوهان کي ڏسي ته نٿي سگهان، ۽ نه توهان جي چهري جو ڪو تاثر مون تي ڪو اثر ڇڏي ٿو. پر ايترو ضرور آهي جو اوهان جي آواز جي گونج الائجي ڇو مون کي ڪيترائي ورهيه پوئتي کڻي ٿي وڃي، جتي اهڙي گونجدڙ آواز مون کي سهارو ڏنو هو.

مسافر: ڪير هو اُهو؟

زرينه: اُهو منهنجو مڙس هو.

مسافر: ها ها، توهان خاموش ٿي ويا.

زرينه: الائجي ڇو منهنجو سڄو ماضي مجسمي جي صورت ۾ مون وٽ موٽي آيو آهي، ماضي، ماضي! (موسيقي ۽ هلڪن مردانه ٽهڪن جا آواز.)

زرينه: منهنجي زندگي خوشين ۽ مسرتن ۾ گذري، پر انهن مسرتن ۽ خوشين جو وڏو عيوضو ادا ڪرڻو پيو. شايد انهن لاءِ منهنجو وجود بيڪار هو. پر اها ته بعد جي ڳالهه آهي. هو ٻڌو پيا نه، هلڪا سُريلا ٽهڪ؟ ڪيڏا نه وڻندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ آهن اُهي. اوهو! اوهان حيران ڇو ٿا ٿيو؟ اهي آواز اوهان کي شايد نٿا ٻڌڻ ۾ اچن. اهي آواز منهنجا ۽ اصغر جا آهن. سال اڳ... اصغر، جنهن کي مان ڪجهه به ڏيئي نه سگهيس!

(ٽهڪن جي گونج تيز ٿي وڃي ٿي)

(ماضيءَ جي ياد تازي ڪندڙ موسيقي)

 

(3)

زرينه: اصغر! اصغر! توکي ٿيو ڇا آهي، جو ايترو کِلين ٿو؟ توبهه! تو ته کِلڻ سان حد ڪري ڇڏي.

اصغر: کِلان نه ته رُئان؟ هيڏڙي مان هيڏو قصو ٿي ويو آهي ۽ تون چوين ٿي ته آءٌ چُپ رهان.

زرينه: آخر ڳالهه ڇا آهي؟ ڪجهه مون کي به ته ٻڌاءِ.

اصغر: زرينه! هو آهي نه اسان وارو ماسات... گل.

زرينه: ها، ها، هُن کي وري ڇا ٿيو؟

اصغر: ڇا وري ڇا ٿيو؟ هن جي زبيده سان شادي ٿيڻ واري آهي.

زرينه: واهه واهه! اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو.

اصغر: سٺو وري ڌوڙ ٿيو. ڪيڏانهن گل، ڪيڏانهن زبيده! گل کي هجي شابس جو اهڙي عجيب صورت واريءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.

زرينه: شاديءَ جو مطلب ڇوڪريءَ جي سونهن کي پوڄڻ آهي ڇا؟

اصغر: پر ٻڌ نه، وري مون سان مليو ته زبيده جون ايڏيون تعريفون پيو ڪري جو چئي کڻي بس ڪر. سچي، کل اچي ويئي. مان ته کلندي کلندي بيحال ٿي ويس.

(وري کلي ٿو)

زرينه: (ڪجهه تيزيءَ مان) اصغر!

اصغر: ڇا ٿيو زرينه!

زرينه: اصغر! تون انهيءَ زماني سازيءَ جي ڄار مان هٽندين به يا نه؟ ائين نه ٿئي جو ڪنهن وقت ڪو ٻيو، زماني جو روپ ڌاري توتي چٿرون ڪري!

اصغر: انهيءَ ۾ ڪابه زماني سازي نه آهي، بلڪ هڪ قسم جو حقيقتن تان پردو کڻڻ آهي.

زرينه: پردو کڻڻ! اهو به ڪهڙيءَ طرح؟ واه واه، توکي شايد اها خبر نه آهي ته زبيده جيتري تعليم پرائي آهي، ان کان وڌيڪ ذهين آهي. گل هن جي ذهني صلاحيتن ۽ خوبين کي چڱيءَ طرح جاچيو آهي، چڱيءَ طرح پرکيو آهي، ۽ تنهن کان پوءِ ئي هن کلم کلا اعلان ڪيو آهي. توکي اها به خبر هوندي ته زبيده سان ڪير به شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، نه پنهنجن مان نه ڌارين منجهان ئي. گل لاءِ ڇوڪريون ڪونه هيون ڇا؟ اصغر! انهن ڳالهين کي مٿاڇرو نه جاچ تون مٿاڇري کي جاچيندي گَهرائيءَ کي وساري ٿو ويهين.

اصغر! هون! اڄ ته ليڪچر جو موڊ آهي!

زرينه: ڇا به هجي، مان رڳو اهو ڄاڻان ٿي ته هن زدگيءَ ۾ منهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪا ٻي شيءِ وڻندڙ آهي ته اها ضرور خوبصورت هوندي. خوبصورتي ۽ سونهن سان منهنجو پيار آهي ۽ سيرت به سونهن جي هڪ علامت آهي. آءٌ چوان ٿي ته زندگيءَ ۾ ذهني هم آهنگي انسانن کي ويجهو ڪري ٿي ۽ پوءِ...

اصغر: ۽ پوءِ پيار شروع ٿو ٿئي، يعني رومانس (ٽهڪ ڏئي ٿو).

زريه: (کلندي) حرڪتي!

اصغر: زرينه! سچي ڳالهه ٿو ڪريان. اسان ٻنهي ۾ ڪيڏو نه ذهني اختلاف آهي. هر ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ۽ بحث، پر، پر، تون ائين نٿي چئي سگهين ته اسان ۾ پيار نه آهي. اسين هڪٻئي سان ايترو ته پيار ڪريون ٿا، ايترو ته...

زرينه: بس اصغر!

اصغر ڇو: زرينه! توکي منهنجي ڳالهه نه وڻي؟

زرينه: نه، بلڪل نه.

اصغر: ته پوءِ توکي منهنجي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونهي؟

زرينه: اعتبار؟ اعتبار ته آهي!

اصغر: ته پوءِ هن انڪار جو ڇا مطلب؟

زرينه: (جذباتي ٿي) اصغر! اصغر! مون کي پاڻ تي اعتبار ڪونهي، اصغر!

اصغر: زرينه! هيءُ تون ڇا پيئي چوين؟ ٻڌ ته سهي، اڙي وئي هلي، عجيب ڇوڪري آهي!

 

(4)

امينه: زرينه! زرينه! اڃا تو نيرن به نه ڪئي آهي، ڪاليج جو ٽائيم اچي ٿيو آهي.

زرينه! امان! ڇا ڪريان، اک لڳي ويئي.

امينه: ايترو بيخيالي نه ٿيءُ. تنهنجون اکيون ٿيون ٻڌايئن ته رات جو گهڻيءَ دير تائين پڙهيو اٿئي.

زرينه: نه امان! بس، اونهين ننڊ نه آئي.

امينه: هون! ڇو ڀاڻين گُل سان ڪو جهيڙو ٿيو آهي ڇا؟

 زرينه: نه امان! اهڙي ڳالهه ڪانهي. بس ائين ئي ننڊ نه آئي.

امينه: نه نه، آءٌ سڀ سمجهان ٿي. اوهان جو جهيڙو ته ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. اِجهو هو ايندو ته سندس منهن به سُڄيو پيو هوندو.

زرينه: نه امان! سچ ٿي چوان ته اهڙي ڳالهه ڪانه هئي.

امينه: تڏهن ڪهڙي ڳالهه هئي؟ مون کي ٻُڌائين ڇو نٿي؟

زرينه: ڪجهه نه آهي امي! مون کي دير ٿي ٿئي، مان وڃان ٿي.

امينه: چانهه ته پيءُ. زرينه! زرينه! ٻُڌ ته سَهي. (زرينه جي وڃڻ جو آواز).

حامد: ڇو، ڇا ٿيو؟

امينه: ڇا وري ڇا ٿيو؟ مون کي ته هن ڇوڪريءَ جي خبر ئي نٿي پوي. الائي ڪنهن تي ويئي آهي، گهڙيءَ ۾ تولو، گهڙيءَ ۾ ماسو! اُتي جو اُتي پئي پنهنجي سؤٽ اصغر سان کِلندي ڳالهائيندي، اُتي جوا ُتي مِٽ مِٽَ تي چڙهي ويندس! رات ڪو وري وڙهيا آهن. بس نيرن به نه ڪيائين، وري پڇجيس ٿو ته ڪوبه جواب ڪونه ڏيندي!

حامد: ٻار آهن، پيا وڙهندا ۽ پرچندا تون ته اجايو پئي پاڻ پتوڙين.

امينه: توهان به ڪمال ٿا ڪريو. هيڏي عمر اچي ٿي اٿن ۽ اوهان اڃا تائين کين ٻار ٿا سمجهو. منهنجو ته خيال آهي ته جيئن توهان کي ادي اڳ ۾ چيو آهي تيئن توهين وڌيڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪري، امتحان پوري ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي جي شادي ڪري ڇڏيو.

حامد: پر زرينه جي ماءُ! مون کي هڪ ڳالهه کٽڪي ٿي: ڪيڏو به ٻنهي ۾ پيار آهي پر ساڳئي وقت ٻنهي جي خيالن ۽ عادتن ۾ به وڏو اختلاف آهي. ذهني طور ٻيئي هڪٻئي کان پري آهن. ظاهري طرح ته کلندا ڳالهائيندا ٿا رهن، پر جيڏيءَ مهل ڪابه اهڙي ڳالهه ٿئي ٿي ته هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيو بيهن. انهن سڀني ڳالهين کي به ڌيان ۾ رکڻو آهي. 

امينه: اوهان کي ته سدائين انهن ڳالهين جي اڻتڻ هوندي آهي: هوڏانهن چئو ٻار آهن، هوڏانهن سندن طبيعتن جو پيا ذڪر ڪندا. توهان جي ڌيءُ به توهان تي ويئي آهي. ڏوهه رڳو توهان جي ڌيءَ جي هٺيلي طبعيت جو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org