سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:6 

هو سوچيندو هو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته پاڻ بٽئين تي نه وڃي. هارين کي جيڪي وڻي سو هو کڻن، باقي منهنجي ضرورت جيترو اَنُ مون کي ڏئي وڃن. ائين نٿو ٿي سگهي ته هو اوطاق تي ويهي فيصلا نبيري، سڀ ٺهي وڃن، پراڻيون عداوتون ۽ ويڇا سڀ ختم ٿي وڃن_ ذري پرزي جي ڳالهه تان ٿيل جهڙا، خون، اُهي سڀ هو هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏين. ڪو ڪنهن کي نه اهنجائي، بس خاموشي، شانگي ۽ امن.

اختر هميشه ائين گهڻو ڪجهه سوچيندو رهندو هو، زندگي جي هلڻ جا انيڪ ڍنگ، طور ۽ طريقا.

اڄ جڏهن هو گهوڙي تي تيز وڃي رهيو هو، ته سندس خيال به ان کان تيز ڊوڙي رهيا هئا_ هو ماٺ ميٺ ۾ زندگي جي مختلف پهلوئن تي ويچاريندو رهيو. هن پهلوئن کي ايترو ته پروڙيو جو شام ٿي وئي ته به هو ويچارن تي ويچاريندو رهيو. اُنهن ويچارن جي نتيجي ڪمدار کي حيران ڪري ڇڏيو.

هن بٽئيون نهايت ئي انوکي طريقي سان ڪيون. زمينداري لاپو معاف، ڪمدار کي ٽويو زميندار جي حصي مان نڪري، هاري کي اَنَ جو صافي اڌ پلئه پئي، اُن مان ڪابه ڪاٽ نه ٿئي، صدين جو هارين تي قرض سڀ معاف. ڪمدار نٿي چاهيو ته صدين جي روايتن کي هو هڪڙي اُڇل سان ٽوڙي ڇڏي. هن جي ڀڻڪڻ تي اختر صرف ايترو چيو، ”چاچا، ورهيه ٿيا، اسان بٽئيون پنهنجي مرضي تي پي ڪيون آهن، هاڻي ڇڏ ته ڪي ورهيه هاري به پنهنجي مرضي سان بٽيون ڪن، هو به ته نيٺ انسان آهن.... پورهيت انسان_!“

هن آخر ۾ هڪ وڏو ٿڌو ساهه ڀريو. ڪمدار رکي ائين لڳو ته هن جو هاڻ ڪُڇڻ بيڪار آهي، هاڻي روايتون ئي نيون جنم وٺنديون. ڪمدار شام تائين حيرانگي جي حد تائين پهچي ويو. هن اهڙا فيصلا نه ڏٺا نه ٻڌا، جو ٻن ٻولن سان ٻئي ڌريون ٺهي وڃن.

”ابا، ڇاتي جهيڙو آهي_؟“ اختر پڇيو.

”سائين، خيروءَ سعيو ڪري پنهنجو مال منهنجي ٻني ۾ ڇڏيو، مون کيس چيو، جنهن تان مون کي گاريون ڏنائين، مون ورائي گار ڏني مانس، ته مون تي ڪهاڙي کڻي آيو، جي چار چڱا وچ ۾ نه پون ته مون کي جيڪر ماري وجهي_“ هڪ هاري چيو.

Text Box: 135

”خيرو تون چئه بابا_!“

”سائين، نسورو ڪوڙ_!“

”ڏس تون ته ڪوڙ نٿو ڳالهائين_!“

”سائين، نه_ هُن مون کي گهڻيون گاريون ڏنيون_!“

”مان رڳو پڇان ٿو ته تو ڪهاڙي کنئي يا نه_!“

”ها سائين، پر هن سائين مون کي گهڻيون گاريون.....“

”ٻئي چٽ آهيو. گارين تي ٿا ڪهاڙيون کڻون. چڱو ٻيلي خيرو، تون ڏي مون کي گار، ڏس مان ڪهاڙي کڻان ٿو_ ڏي جيڪا وڻئي_ گهڻيون گاريون ئي ڏي_ ڏي نه_!“

خيرو ماٺ ڪري ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وڌي آيو_ ”بابو آهين. خطا ٿي وئي، بخش ڪر_!“

”چڱو ٻئي پرچي وڃو_ ڏسان جيئن منهنجا هاري وري نه وڙهن!“

ڪمدار اهڙا ٻٽي فيصلا ٻڌا جن ۾ پرچاءُ، سڪ، محبت ۽ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. نڪي هيون زمينداري گاريون، فريادي کي به ته ڏوهاري کي به. نڪي هئا زمينداري مار موچڙا. هو بنهه ويچار ۾ پئجي ويو. هاري حيران، ڄڻ کين يقين نٿي آيو. ڪمدار ويتر حيران ٿي ويو، جڏهن ڏٺائين ته هڪ ديري تي اختر هارين سان گڏجي ويهي ماني کاڌي، ڏڌ جي هڪ وٽي مان سڀني ٿي ڍڪ ڀريا، هاري ڊڳا پي پر اختر جي قربائتي ڪچهري کين نهال ڪري ڇڏيو. شام تائين هن پنجن ئي ديرن جي بٽئي ڪري ورتي. هارين جا ٻه_ ٽي فيصلا ڪيا، باقي رهيل هئس ترائي واري زمين، سو سج لهڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ هو ته هو اُتان به چڪر هڻي آيو. هاڻي سندس رُخ سڌو ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي ڏانهن هو. زمينن جي ٻنن تان، پيچرن ۽ گسن تان هو گهوڙي کي تيز ڊوڙائي رهيو هو. ڪمدار پٺيان هئس. رکي، رکي ٿي رستي جو اُهڃاڻ ڏنائينس. اڄ سڄي ڏينهن جي مصروفيت اختر کي بجاءِ ٿڪ جي فرحت ڏني هئي. هو خوش، خوش، ڀٽائي جي بيتن کي جهونگاريندي ٿي هليو.

اچانڪ ڪمدار گهوڙو ڊوڙائي آڏو آيس.

”سائين، ايڏانهن نه، هيڏانهن_!“

”ايڏانهن وري ڪاڏي، هو رستو ڏسين نٿو ته سامهون آهي، هيءَ زمين لتاڙي انهن سامهون وارن گهرڙن وٽان لنگهي سڌا رستي تي هلي پونداسين_“

”پر، سائين_ اهي زمينون پرايون آهن_!“

”هينئر وري ڪهڙين پنهنجين زمينن ۾ بيٺا آهيون_ پر هن زمين ۾ ڪو فصل به ته ڪونهي جو زيان ٿيندو، ماٺ ڪري هلي آ_!“

”سائين، گستاخي معاف، ايڏانهن بنهه ناهي هلڻو، انهن سان اسان جي پراڻي دشمني آهي_ اسان سان وڙهندي دير ئي نه ڪندا. هو ڏسو، ٻه ٽي هاري گهرن ڏي ڊُڪ پيا وڃن، شايد ٻين کي اطلاع ڏيڻ. اسين بنهه سندن ٻني تي بيٺا آهيون، اچو، هيڏانهن ڦري......“

”ڪمدار، اسان هلنداسن ته ايڏانهن_“

ائين چئي هن گهوڙي کي اڙي هنئي، گهوڙو ٻنو ٽپي زمين لتاڙڻ لڳو، ڪمدار رڙيون ڪندو رهيو، پر اختر ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو. لاچار ڪمدار به گهوڙو وڌايو ۽ اچي اختر سان مليو. اختر بيپرواهه ٿيو وڌي رهيو هو. پر ڪمدار جو رنگ ويو ٿي ڦرندو، تان جو هو انهن گهرن وٽ پهتا. مَنهنِ ۽ اوڏڪي ڀتين جا ٺهيل گهرڙا، اختر جون الائجي ڇو نگاهون انهن گهرڙن ۾ کتل هيون. هو گهرن وٽان ڦيرو ڏئي لنگهيائي مس ته سامهون ڇهه ست جانٺا جوان دڳ جهلي بيهي رهيا.

Text Box: 137

”اڄ نه ويندين ڪمدار_!“

”تون به نه ويندين رئيس_!“

اختر پهريائين ته وائڙو ٿي ويو پر پوءِ پاڻ سنڀالي هيٺ لهي پيو. ڪمدار جو منهن لٿل هو، هر هر هن خشڪ چپن تي زبان پي ڦيري.

”ڇا ڳالهه آهي_؟“ اختر آهستگيءَ سان پچيو.

”ڳالهه کي پڇي ڇا ڪندين رئيس_ بس ايتري سو ڄاڻ هجئي ته، خونن جا بدلا آهن، پر بيهه پهريائين ڪمدار سان صفائي ڪجي_!“ هڪ نوجوان اڳتي وڌندي چيو.

”ها، ڪمدار، ڏي خبر، ڪيئن واٽ ڀلجي پئين. اسان جا ماڻهو ته ڄاڻ ڏئي ٿي زمين مان لنگهيا، ته بنهه خون ٿي ويا. اڄ جو تون بنا ڄاڻ جي لنگهيو آهين..... هاڻ، تو سان ڇا ڪجي_؟“

”بخـ......ش...ڻ... رئيس.... ضد ڪيو..... نه ته.... توکي خبر آ... جڏهن کان اسان مڙساڻو واعدو ڪيو ته نه توهان اسان جي ٻني مان لنگهندو، نه وري.... اسين.... ته پوءِ تون پاڻ آمين ٿي، ورهيه ٿي ويو آهي... اسين ڪو لنگهيا آهيون... اڄ، رئيس....!“

”اڄ رئيس ضد ڪيو، ادي غلام محمد ۽ ٻين کي اُڦٽ مارائي ڇڏيئه، چئه ته اهو به رئيس جو ضد هو- مون کي  خبر آ ته تو ڇو ادي غلام محمد کي مارايو، صرف انهيءَ ڪري جو هن توهان جو هاري ٿيڻ پسند نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس ڄاڻ هئي ته، ڪمدار ۽ رئيس جي نيت سندس مڱ تي اڳ ئي خراب هئي_!“

”بخشا، ڪهڙا زنانا ڏوراپا ويٺو ڏين، هڻ ڌڪ، لاهه سِري، ته ڪو اندر ٺري....!“ ٻئي ڳڀروءَ بخشڻ کي هڪل ڏيندي چيو.

”اچيئي ٿو، ڪمدار.... سنڀالجانءِ!“

بخشڻ ڪهاڙي اُڀي ڪئي ۽ ڪمدار مٿان اُلر ڪئي، اختر يڪدم وڌي آيو،

”متان، جوان، متان_!“

”رئيس، متان، متان، ٻين کي ڪر، اسين توکي به ڪونه ڇڏينداسين، متان ڪو ٻيو خيال ڀانئين، جي تنهنجي مرضي ڪمدار کان اڳ مرڻ جي آهي ته پوءِ جيءُ بسم الله_!“ ائين چئي بخشڻ، اختر مٿان ڪهاڙي اُڀي ڪئي. ڪمدار اچي پيرن ۾ چنبڙيس.

”اڙي بخشا، هن معصوم تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن اڃان، ونيءَ جو به منهن نه ڏٺو آهي،..... تنهنجو ڏوهه مون ڪيو آهي نه،_ مون کي مار..... مون کي مار، بخشا.... مون کي... رئيس کي ڇڏ ته هو وڃي_!“

ڪمدار جي ليلائڻ، روئڻ ۽ ڳالهين کي ٻڌي، بخشڻ ڪي گهڙيون ته ڍرو ٿي ويو، اچانڪ ڀر واري لوڙهي مان هڪ ننڍي نيٽي نينگر، نهايت ئي تيزي مان نڪري، ڪمدار مٿان اچي بيهي رهي.

Text Box: 139

”ڪمدار، زالن وانگر، روئڻ هينئر ياد آيو اٿئي، انهي مهل ڳوڙها ڪٿي هُيئه، جنهن مهل منهنجو گهوٽ، ڪونڌر، تنهنجي سامهون هو ۽ تنهنجي ڪهاڙي مٿس اُڀي هئي. انهيءَ مهل سندس ونيءَ جو خيال ئي نه آيئه، هن جي معصوميت ئي ڪانه ڏٺئه، هينئر ٿي رئيس ننڍي جي ونيءَ ۽ معصوميت ياد پويئي_ ادا، بخشڻ.... ويچار ڪهڙن ۾ آهين_ اهڙين ڳالهين تي ويچار ڪبا..... حالي ته بدلا ٿين، پوءِ پيا ڳن ڏينداسين_!“

نينگريءَ تيز نگاهن سان بخشڻ ڏانهن نهاريو. اچانڪ اختر وڌي ڏانهنس آيو.

”مان..... مان.... سمجهي نه سگهيو آهيان... آخر ڳالهه ڇا آهي... ماريو ته ٿا پر ٻڌايو ته سهي قصور ڪهڙو، ڪو ڏوهه، ڪو گناهه..... آخر ڳالهه جو ڪو منڍ ڪا پڇاڙي.... ڪجهه مان به ته سمجهان......“

”رئيس، تنهنجي بابي، رئيس وڏي ئي ڪڏهن ڪنهن کي، ڪنهن جو ڏوهه يا گناهه، ڪنهن ڳالهه جو منڍ يا پڇاڙي نه ڏٺي، سو تون پڇي ڇا ڪندين.... پر بيهه، ڀلي تون راضي ٿي.... ڪمدار، رئيس کي ٻڌاءِ، ته قصو ڇا هو.... سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائينس.... ٻڌاءِ.....!“

نينگري ڏاڍي تيز پي ڏٺي. سندس منهن ڳاڙهو هو، وار منهن ۾ پي پيس، جن کي هرهر هٿ سان مٿي ڪري پي ڳالهايائين. ڪمدار ماٺ ڪيو بيٺو رهيو.

”رئيس، ڏوهي ڪيئن ٻڌائيندو ته مون هيءُ ڏوهه ڪيو آهي_ مان ٿي هن جو ڏوهه ٻڌايانءِ____“

”زينا، تون ڇڏ ڊيگهه کي، هل گهر، پاڻهي ملائڪ کين ڏوهه ثواب ٻڌائيندا.“ هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ کي پڪاريندي چيو.

”نه، بابا، مان گهر نه ويندس،..... ظلم مون سان ٿيو آهي.... گهوٽ منهنجو ڪٺو آهي.... مان کين مرندو به نه ڏسان..... اندر جو سور به نه سليان.....“ڇوڪريءَ جي شوخي ۽ تيزي گهٽجڻ لڳي، پر وري هوءَ ڪجهه هوش ۾ اچي ساڳئي وقار ۽ رُعب سان ڳالهائڻ لڳي.

”رئيس، اهو منهنجو بابو اٿيئي، هيءُ چار سندس ڀائر آهن، هيءُ زمين جو ٽڪر مڙني ڀائرن جي موروثي ملڪيت آهي. اسان نه رئيس کي ڏنو، نه ورتو، پر ڪمدار جي ڪا نظر مون تي پئجي وئي. آيو بابي وٽ. رئيس، سوچ ته سهين ڪاڏي ڪمدار، ڪاڏي مان. بابي انڪار ڪيس، تنهن تي ويو رئيس وڏي ڏي، ان کي آڻي مون مٿان بيهاريائين. مان ٻنيءَ ۾ گاهه پئي لڻيو. مون تي نظر وجهي تنهنجو بابو رئيس وڏو، آيو منهنجي بابي وٽ، چيائينس ته ڪمدار کي سَڱ ڏي. بابي پهريائين انڪار ڪيس، پر پوءِ اهڙو ته زور وڌائينس، ڪي ڌمڪيون، ڪا لالچ، نيٺ بابي مڃيو.... اڃا شاديءَ ۾ ڪي ڏينهن هئا ته منهنجو گهوٽ: جو رئيس جو هاري هو....!“

اختر، جو ڌيان سان ڳالهه ٻڌي رهيو هو، منجهي پيو.

”تنهنجو گهوٽ.....؟“

ڇوڪري ڪجهه شڪجي وئي، ان سان گڏ ڪي ڏک جون ريکائون سندس وڻندڙ چهري تي ڦهلجي ويون.... بخشڻ جو ڪهاڙي جي ٽيڪ تي بيٺو هو تنهن وراڻيس.

”ادي غلام محمد جي هيءَ گهرواري آهي.“

”هون.....“ اختر آهستگيءَ سان وراڻيس.

ٿوري دير سانت کان پوءِ ڇوڪريءَ آهستي چوڻ شروع ڪيو.

”اُنهي کي جو خبر پئي ته رئيس جي نيت بري آهي، مان ٿيان سا ڪمدار جي زال ها پر......“ هوءَ ڪجهه هٽڪي بيهي رهي.

”رئيس، ڳالهين هڻي جوش ڍرا ڪري وڌا آهن، خير..... مان ٿو توکي سربستي ڳالهه ٻڌايان.....“ ڇوڪريءَ جي پيءُ اڳتي وڌي چيو.

”غلامو، آيو مون وٽ، مون کي رئيس ۽ ڪمدار جي دغا کان واقف ڪيائين. مون يڪدم ڪمدار کي انڪار ڪيو.... ڪمدار کي به خبر پئجي وئي.... اچي لڳا غلامو جي ڪڍ. غلامو سِرُ بچائي آيو اسان وٽ، اسان کيس پناهه ڏني_ ڳالهين کي ڪجهه ڏينهن ٿيا، ڳالهه لئه مٽي ٿي وئي، غلامو اسان سان گڏ ٻنيء تي ڪم ڪرڻ لڳو. رئيس کيس هڪ ٻه دفعا گهرايو ۽ کيس واپس اچڻ لاءِ چيو. مُنهن تي نالي خاطر ڪمدار کي به دٻايو.

غلامو جي سٺي هلت چلت مون کي موهيو..... مون سندس گهُر تي زينا کيس ڏيڻي ڪئي... شادي تي ڪمدار به آيو هو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي_ شاديءَ جي ٻئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، ڪجهه سامان پيو کُٽي، سو غلامو ڀرواري ڳوٺ ڦليجن مان سامان ويو وٺڻ موٽندي رئيس وڏي جي زمينن مان ٿي لنگهيو ته، چار جوان ڦري آيس، کڻي ٻڌائونس، چي ڦٽيون ٿي چوريائين_ سائين توهان ئي انصاف ڪيو، ڏينهن ڏٺي جو ديري ۾ پنجن ڇهن ماڻهن جي حاضريءَ ۾ ڪهڙي مائي جي لال کي همت ٿيندي جو چوري ڪري_ پر سائين، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. وٺ وٺان ٿي وئي، غلامو ويچاري کي في الحال ته اڌ مئو ڪري ڇڏيائون_ غلامون جي پٺيان ٻه همراهه اسان جي ڳوٺ جا جيڪي اسان جا عزيز هئا، پي آيا. جڏهن انهن وٺ وٺان ڏٺي ته ڊُڪي اچي پَرِ جهليائون. انهن ماڻهن کي چيائون جن ورنديءَ ۾ کين ٿڦون هنيون، تنهن تي هو به مڇرجي پيا. هڻي ٻن ٽن کي في الحال ته لتن مُڪن سان دسي وڌائون، پر هو ته تمام گهڻا هئا. بس سڏ تي پنج ڇهه ڄڻا ٻيا اچي لٿا، جن ۾ ڪمدار به شامل هو.

اختر ڪمدار ڏي نهاريو. هن جو ڪنڌ هيٺ هو.

”سائين پوءِ ته لٺ جي ڌڪ ڌڪان هئي، همراهه ڌڪجي پيا. پيو جو غلامو، اهو به پاڻ ڇڏائي اچي وچ ۾ پيو، تنهن تي ڪمدار تڪي وٺي جو ڪهاڙي اڇلي ته غلامون جو ساهه، تو ڏٺو نه مون ڏٺو... اُهي ٻه همراهه ته پوءِ بچي پيا_ اڙي پيرا، جانو ۽ ولو آهن اِتي؟“

”نه چاچا، شهر ويل آهن!“ هڪ نوجوان وراڻيو.

”سائين، اهي جوان ڪونهن نه ته سڄي حقيقت توسان ڪن ها. هاڻي ٻڌاءِ ڀوتار، اسين بدلو وٺڻ ۾ صحيح آهيون يا غلط_ وري ظلم ته اِهو جو همراهه اسان جا مارجن ۽ پوليس به اسان تي چڙهي آئي. چي، توهان ئي همراهه هنن جي ديري تي موڪلي، ڦٽيون ٿي کڻايون_ ڏيو سائين منهن... بس سائين پوءِ ته ڪيس ڀوڳياسين، مسين مسين جان ڇٽي. ڪونڌر به ڪسايوسين، عزت ۽ مانُ به وڃايوسين، باقي اسان وٽ رهيو ڇا؟ سائين، بس.... هن نينگر کي ڏسندو آهيان، غلامو جي شڪل اکين اڳيان ڦري ايندي اٿم ۽ پوءِ روئي ويهندو آهيان_ باهه، جنهن ۾ پچان پيو.....“ پوڙهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. غلامو جي مرڻ جي واقعي کي دهرائڻ ڪري سڀ اُداس ٿي ويا هئا.

نينگرِ جي ڳلن تي بوندون ٿي چمڪيون. هن جون اکڙيون هيٺ هيون. اُداس چهري تي هن الائجي ڇا وڇائي ڇڏيو هو، جو اختر جي اکين ان کي اهڙو سمجهي ورتو جو هو ڏڪي اُٿيو ۽ هُن پٺي ورائي ڇڏي.

”چاچا، هاڻي ڳالهيون ٿي ويون. اسين بدلو وٺنداسين، ائين کين ڪونه ڇڏينداسين“ هڪ نوجوان آواز کي اُڀاريندي چيو.

اتي سڀ همراهه سجاڳ ٿي ويا، هڪ نوجوان وٺندي ئي ڪمدار کي زمين تي سٽيو، ٻيو اختر ڏانهن وڌيو.

”ترسو_!“ اختر جو آواز جهڪو هو.

”مان توهان کي بدلي وٺڻ کان ڪونه ٿو روڪيان، توهان ڀلي بدلو وٺو، پر اهڙو بدلو وٺو جو توهان جو ڳاٽ اوچو رهي، جي توهان اسان کي ماريندؤ، اسان جا ماڻهو توهان کي ڇڏي ڪونه ڏيندا، وري توهان هنن جا همراهه ماريندؤ. انهيءَ نينگر جيتريون ڪئين ئي عورتون ائين روئنديون رهنديون، اُنهن جو تعداد وڌندو رهندو، يتيم ٻارن جو تعداد وڌندو رهندو. بس ٻيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو، اُهي يتيم معصوم ٻار، اُهي بيواهه زالون، ائين چُڙي چُڙي، روئندي روئندي هُنن سان وڃي ملندا، اهو به ڪو جيئڻ چئبو؟“

”رئيس، اها تقرير ٻئي جهان ۾ ڪجانءِ“ هڪ نوجوان خار مان چيو.

”مون وٽ هڪ اهڙو رستو آهي، جنهن سان توهان بدلو به وٺي سگهو ٿا، جي قبول ڪيو ته مان چوان_!“

سڀني جي چهرن تي ڪنهن به قسم جي دلچسپي جي لهر نه ڊوڙي، بس هو بدلي لاءِ آتا هئا.

”جيئن ته هينئر غلام محمد موٽي نٿو سگهي، نه وري اسان کي مارڻ مان ئي هو جيئرو ٿي سگهي ٿو، مان چاهيان ٿو ته اسين کير کنڊ ٿي وڃون!“

”اِها اڻٿيڻي آهي!“ ڪيئي آواز آيا.

”مان اُن لاءِ قرباني ڏيان ٿو، مان غلام محمد ٿيڻ لاءِ تيار آهيان..... نئون غلام محمد، هن ونيءَ جو گهوٽ!“ چوڌاري سانت ڇانئجي ويئي، نينگر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ميڙ مان نڪري ويئي.

”رئيس..... تون اها اسان کي گار ته نٿو ڏين!“ بخشڻ جوآواز گونجيو.

”بخشڻ، مان اهڙو نيچ نه آهيان.“

”اهو دولاب آهي، پاڻ کي رئيس بچائڻ ٿو چاهي.“

”پر به اسين نينگر جو هٿ، نينگر جي مڙس جي خوني جي پٽ جي هٿ ۾ ڏيون، اها اڻٿيڻي.“ هڪ پوڙهي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

”مان چاچا، نينگر جي پيءَ کي چوندس ته هو سوچي، توهان سڀ گهرن ۾ خوش ويٺا آهيو، ڌيءَ جا ڳوڙها ته هو ٿو ڏسي، بار ته هُن مٿان آهي، مان صرف اِنڪري انهيءَ ڳالهه تي ٿو زور ڏيان ته من منهنجي ابي جي ڪيل ظلمن کان پوءِ، اُنهي کان وڌيڪ خوشيون ملڻ تي توهان جا زخم ڀرجي وڃن ۽ پوءِ اُهي سڀ ويڇا ختم ٿي وڃن، جيڪي جيڪر صدين تائين هلندا رهندا. ٻيو ته چاچا، هيءُ بدلو ئي ته آهي، چماٽ ئي ته آهي، اسان جي وڏن لاءِ.“ اختر ائين چوندي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

”رئيس_ تو اهڙي ڳالهه ڪئي اهي_ جو بس ڏکويل رَڳ تي هٿ رکيو اٿئي.... تو ڳالهه اهڙي نموني ڪئي آهي جو اسان کي ويچار ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي_ نه ته ايمان سئون اها ڳالهه ڪري ڪير هتان بچي وڃي نٿو سگهي.“ ڇوڪريءَ جي پيءُ جو لهجو تيز ٿي ويو ۽ سندس ڳاڙهين اکين کي ڏسي ڪمدار ڇرڪي ويو. هو وڌي اختر ڏانهن آيو ۽ آهستي چوڻ لڳس:

”رئيس، ٻاراڻي نه ڪر_ اها ڳالهه نڀائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه اهي_ ماٺ ميٺ ۾ معافي وٺي هل، هو توکي ڪجهه_“

”تون ماٺ ڪر ڪمدار_ تنهنجي انهن ڳالهين ته هيءُ جهيڙا وڌايا آهن_“ اختر. ڪمدار کي ڇنڀيندي چيو.

”چاچا، سوچڻ مهل ياد رک ته هيءُ به تنهنجو بدلو آهي، منهنجي بابي کان، منهنجي خاندان کان_ هن ۾ رڳو اهو فرق آهي ته هُن بدلي ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي ۽ هن بدلي ۾... مينديءَ جي ڳاڙهاڻ_“ اختر مشڪي ويٺو.

هُن مجموعي ڏانهن ڏٺو، اُت به هڪ قسم جي سوچ ۽ مُشڪ ڇايا ڪيو بيٺي هئي. اختر آهستگي سان وڌيو، بخشڻ جي ويجهو اچي کانئس آهستگي سان ڪهاڙي ڇڏائي، زمين تي ڦٽي ڪري، کيس هڪ وڏو ڀاڪر پاتائين.

اُن ۾ الائجي ڇا ڪجهه نه سمايل هو. پوءِ هن سڀني جون ڪهاڙيون ڦٽي ڪيو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائيندو ويو. هُن سڀني جي چهرن کي ڏٺو، اُت ڳاڙهاڻ بجاءِ هڪ ٿڌي مٺي روشني ڇانيل هئي. هُن آسمان ڏانهن نهاريو، اُت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هئي، اڇاڻ واري هلڪي روشني ڇانيل هئي، هُن کي ائين لڳو ڄڻ صبح سويرو آهي.

هو ونيءَ کي اُنهيءَ رات ئي نڪاح کان پوءِ وٺي ويو_ گهوڙي تي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چاڙهڻ مهل هو هڪ قسم جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو. هُن سڃاتي ته اها مينديءَ جي خوشبو هئي، صدين کان انساني ميلاپ جي شاهد_ جنهن جي لالي، قرب، مِٺ ۽ محبت جو پيام ڏيندي آهي.

سمنڊ ۽ مان

 

        سمنڊ ۽ مان، ٻئي اڪيلا. هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منهنجي من جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل. منهنجي لاءِ اهائي زندگي هئي، اهائي جيون – جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا هئاسون، پر هڪٻئي جهڙا، هڪٻئي جا ساٿي. ڇوليون تيزيءَ سان اچي منهنجي پيرن مان ڪتڪتائي ڪڍي موٽي ٿي ويون، ۽ منهنجي من ۾ ويچارن ٿي ڪتڪتايون ڪيون. ڪو وقت هو ته مان هن سمنڊ سان رقابت ڪندو هوس، پر هاڻي اسين ٻئي دوست آهيون، گهرا دوست، هڪِٻئي جا همراز. محبت جي ميدان ۾ هن کَٽيِ به هارايو هو، ۽ مون هارائي به کَٽيو هو. پر اها جيت منهنجي لاءِ هڪ عذاب کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانه هئي. مون سڄي زندگي عذاب سٺا، پر اهو عذاب منهنجي زندگيءَ  تي ايڏو ته ڇائنجي ويو، جو مان ائين سمجهڻ لڳس ته مَنُ پيِڙا آهي، ۽ خود ئي اها پيڙا سهي ٿو __ جيئن سمنڊ ڪيترين پيار وارين هستين کي پاڻ وٽ پناهه ڏيئي پاڻ اهو ئي رُکو رهي ٿو، سندس من جي پيڙا ختم ٿيڻ جي ئي نه آهي.

        ويٺي ويٺي، سوچي سوچي، پاڻ کي ڪجهه عجيب احساسات ۾ ورتل ڏٺم. انهيءَ جذبي هيٺ، واري کڻي هڪ گهر ٺاهڻ شروع ڪيم. واريءَ کي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان هڪ هنڌ گڏ ڪيم. آهستي آهستي ڀتيون کڄڻ لڳيون، ڪمرا ٺهيا، ورانڊو ٺهيو، مٿانئن ڇت پيئي _ _ ۽ هڪ ننڍڙو سهڻو گهر ٺهي راس ٿيو. مان دل ئي دل ۾ گدگد ٿيڻ لڳس. مون کي پنهنجي آڳنڌ ۾ بهار ڏسڻ ۾ آئي، ۽ مان وڌي وڃي آڳنڌ ۾ وڇايل کٽ تي ويٺس.

        مون کي لڳو ته منهنجي آڏو خوشين جي انبارن جي ڳنڍ کلي پيئي آهي، ۽ مان آهستي آهستي ان مان هڪ هڪ خوشي ۽ من جي مرضي ڪڍندو ويس.

        منهنجين اکين تي ڪنهن جا گورا گورا ننڍڙا هٿ هئا. انهن هٿن کي مون پنهنجين اکين سان چمندي چيو، ” زوبي!“ ۽ ڪنهن هٿ ڇڏي ڏنا. چوڌاري موسيقي ڦهلجي ويئي. هوءَ کلندي اچي منهنجي ڀرسان ويٺي!“

”زوبي، سڄو ڏينهن لڙئين به ڪانه !“

”۽ تون ڪٿي هئين ڀلا!“

”مان . . . مان تو وٽ، زوبي. انهن ڪارن ڇپرن وارين وڏين وڏين اکين ۾ ئي ته ويٺو هوس!“

”هون! مان به چوان ته اڄ منهنجون اکيون بند ئي نه پيون ٿين! هاڻي مسين مسين اکيون ٿيون ٻوٽجن. چڱو، مان ڀلا گهڙي ساعت ننڊ ڪري وٺان جميل!“

”زوبي، تنهنجا هي ڦهليل سنهري وار مون کي ائين ٿا لڳن، ڄڻ چنڊ سان گڏ رات به هيٺ ڌرتيءَ تي لهي آئي آهي، ۽ چوي ٿي ته منهنجي دامن ۾ ڦهليل خوشين کي ڏس، انهن کي ڏنل وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ رنگ کي ڏس. رنگن جي دنيا، رنگن جي ڪائنات! منهنجي زوبي، اسين جلد ئي هڪ ٿي وينداسين.“

        زوبيءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. اوچتو ٽپ ڏيئي پري وڃي بيٺي. زوبيءَ جي نگاهن ۾ تبديلي هئي. سندس چهري تي ڦهليل تاثرات ائين پئي ظاهر ڪيو ته هوءُ هن واديءَ جي رهاڪو نه آهي __ هوءَ هينئر پري نڪري ويئي آهي، تمام گهڻو پري.

        ”ڇو، زوبي، تون ناراض ته نه ٿي وئينءَ؟ مون ڊڄندي ڊڄندي کائنس پڇيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ عجيب طبيعت جي مالڪ هئي. سچ ته سندس طبيعت بلڪل نرالي هوندي هئي. خوشيءَ جي ڳالهين تي رنج ٿيندي هئي، ۽ ڏک جي ڳالهين تي ٽهڪ لڳائيندي هئي.

”نه جميل، ناراض ڇو ٿينديس... خير، مان هلان ٿي، اَمي منهنجي انتظار ۾ هوندي.“ هوءَ هميشه وانگر شاديءَ جي ڳالهه کي ائين نٽائي هلي ويئي. مان ويچاريندو رهيس. مان جڏهن انهيءَ لائق ٿيس جو زندگيءُ جي دامن ۾ ڦهليل رنگن کي نه صرف پرکي سگهان، پر انهن کي وڌيڪ ڦهلائي، منجهن زياده خوشرنگي پيدا ڪري سگهان، تڏهن مون وڏا پروگرام ٺاهيا. انهن مان هڪ  هو _ هڪڙو ننڍڙو گهر، خوشين سان ڀرپور.“

        مون جڏهن هن ٽڪريءَ تي هيءُ پلاٽ ورتو هو، تڏهن ئي احساس ٿيم ته مان خوش نصيب آهيان جو ههڙو پلاٽ هٿ لڳو اٿم. گهر جوڙائيندي جوڙائيندي مان هنن ٽڪرين تي ڦهليل ننڍڙن سهڻن گهرڙن ۽ بنگلن کي ائين سڃاڻڻ لڳس، ڄڻ منهنجيءَ آفيس واري ٽيبل تي رکيل گلدان ۾ گل، جن جا مختلف رنگ، جنهن وقت مان سوچ ۾ هوندو هوس ته منهنجي اڳيان انڊلٺ ٺاهي بيهندا هئا، جن جي آرپار مان زندگيءَ جا حسين خواب ڏسندو هوس. جيئن جيئن مان هرهڪ بنگلي وٽان لنگهندو هوس، زندگيءَ جي رنگ برنگي روپن کي پَسندو هوس.

        منهنجي ٺهندڙ گهر جي ويجهو ٻه سهڻا، وڻندڙ بنگلا هئا، جن جي وڏي خوبصورتي انهن جا رهاڪو هئا. هڪڙي بنگلي ۾ هڪ ڊاڪٽر رهندو هو. ڊاڪٽر ۽ سندس گهر واري ڏاڍا قربائتا هئا. جڏهن به مان اتي ويندو هوس، ته ڊاڪٽر، سندس بيگم ۽ سندن ٻه ڌيئون مون کي ڪافي وندرائيندا هئا. سندن دلچسپ ڳالهين ۾ ڪجهه وقت ته مان صفا گم ٿي ويندو هوس.

        ٻيو بنگلو هو زوبيءَ وارن جو. زوبي پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ هن گهر ۾ رهندي هئي. هوءَ گريجوئيشن ڪري رهي هئي جو منهنجي ساڻس واقفيت ٿي. گهٽ قربائتي ماڻس به ڪانه هئي زوبيءَ جو پيءُ هڪ وڏو واپاري هو، ۽ اڪثر پنهنجي ڌنڌي جي واڌاري لاءِ ٻاهر گذاريندو هو. زوبيءَ جي ماءُ کلمک خاتون هئي. جڏهن به ايندي ته پهريون سوال ڪندي هئي:

        ”ابا جميل، تنهنجي جاءِ جُڙي راس به ٿيندي يا . . . جڏهن ڏس، ڪم اوتري جو اوترو! مزورن کي مزوري ته ڏيندو آهين نه ؟“

        ” ها امي! بس، ڀتيون کڄي پوريون ٿيون آهن، ڄاڻ ڇت به پيئي؛ پوءِ صرف سنهو ٿلهو ڪم باقي رهندو.“

        ڀتيون کڄيون، ڇت پيئي. مون محسوس ڪيو ته ڀتين کڄندي کڄندي، منهنجي محبت جي محل جي اوساري به ٿيندي هلي. زوبيءَ جي محبت جي پيڙهه منهنجي دل ۾ پئجي چڪي هئي. آهستي آهستي اسين ايترو ته ويجهو اچي وياسين جو هڪٻئي کان سواءِ بيچين ۽ بيقرار رهڻ لڳاسين.

        منهنجي آفيس کان موٽڻ بعد زوبي يڪدم منهنجي گهر هلي ايندي هئي. اسين ڪافي دير ويٺا ڳالهيون ڪندا هئاسين. شام ٿيندي هئي ته هوءَ هلي ويندي هئي، ۽ مان اڪيلو رهجي ويندو هوس. صبح جو هوءَ ايندي هئي، ۽ ٽڙندي، مون سان گڏ  موٽر ۾ ڪاليج هلندي هئي. مان کيس ڪاليج ڇڏيندو، آفيس هليو ويندو هوس.

        هڪ ڏينهن جيئن زوبي ويئي پئي، مون کي الائجي ڇو محسوس ٿيو ته هن کي وڃڻ نه کپي _ هن کي هن گهر جي بهار هجڻ کپي. هن ويرانيءَ ۾ بهار ايندي، ۽ ضرور ايندي... ۽ مون کيس ٻانهن کان ڇڪي ويهاري ڇڏيو.

        ”زوبي، تو ڏٺو آهي ته جڏهن تون اچين ٿي ته هن ويران ۽ اڪيلي گهر جي رخ تي بهار جا پاڇولا ڇانئجي وڃن ٿا، ۽ جيئن تون نچندي ڪُڏندي اچين ٿي ته اهي بهار جا پاڇولا نچندا ڪڏندا هن گهر جي ٽُڪر ٽُڪر ۾ ڦهلجي وڃن ٿا، ۽ چوڌاري  بهاريءَ  ۽ موسيقيءَ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. مان چاهيان ٿو ته هن گهر جي بهار، هن گهر ۾ ئي رهي. ان لاءِ مان اميءَ سان ڳالهائيندس... منهنجو خيال آهي، زوبي، ته مان . . .“

        مان پنهنجو جملو ختم ڪري نه سگهيس. ڏٺم ته هوءَ اٿي بيٺي هئي. سندس چهرو ڪنهن به قسم جي جذبات کان خالي هو.

        ”مان وڃان ٿي جميل، امي منهنجو انتظار ڪندي هوندي.“ هميشه وانگر پنهنجو مخصوص جملو دهرائي، ڳالهه کي نٽائي، هوءَ هلي ويئي. جڏهن به مان اهڙي ڪا ڳالهه ڪڍندو هوس ته سندس منهن جي رنگت بدلجي ويندي هئي، هوءَ اندروني ڪيفيت کان مجبور ٿي، خاموش هلي ويندي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org