سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:7 

پوءِ اسين سمند جي ڪناري تي وڃڻ لڳاسين. گهران خوش خوش ۽ ٽڙندا نڪرندا هئاسين، ۽ موٽڻ ويل زوبي خاموش هوندي هئي ۽ آئون اداس. ٻنهي جا چهرا لٿل ۽ ڪوماڻيل هوندا هئا. مان پيار جون ڳالهيون ڪندي ڪندي شاديءَ جو ذڪر ڇيڙي ويهندو هوس، ۽ جواب ۾ زوبيءَ جي خاموشي پلئه پوندي هيم.

        هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري سج کي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيندو ڏسي، زوبيءَ چيو، ” الا! سمنڊ ڪيڏو نه ظالم آهي؟ سج جي ٻهڪدڙ مکڙي کي ڪيئن نه پاڻ ۾ غرق ڪريو ٿو ڇڏي. وري صبح جو ٿُڏي کيس ٻاهر اڇلايو ڇڏي.“

        ”نه زوبي ائين نه آهي. سمنڊ جو اٿاهه سينو ته هڪ گهر آهي، جنهن ۾ سج محبت جا نغما ٻڌي ٿو. سڄي ڏينهن جي ٿڪ لاهڻ خاطر هو سمنڊ جي گود ۾ پناهه وٺي ٿو. سمنڊ سڄي رات کيس پنهنجي دامن ۾ لڪائي ٿڦڪيون ڏيئي سمهاري ٿو، ۽ صبح جو نئين دم سج ڪر موڙيندو پنهنجي سفر جا سانباها ڪري ٿو. ڪيڏو نه گَهرِو سنٻڌ آهي ٻنهي ۾!“

        ”گهٽ ۾ گهٽ مان انهيءَ  کي پيار جهڙو پاڪ نالو ڏيئي نٿي سگهان. سچ ته جيڪڏهن اهو پيار آهي ته پوءِ خودغرضي ڇا کي ٿو سڏيو وڃي؟ دراصل ڪنهن کي ڪنهن سان پيار ڪونهي. هرڪو خالي آهي، ۽ هرڪوپياسو. هرهڪ پاڻ کي ڀرڻ ٿو چاهي. سڀڪو پنهنجي پياس اُجهائڻ لاءِ سرگردان آهي. پوءِ  ڪنهن جا پيمانا محبت سان پُر ٿا ٿين، ته ڪنهن جي پيالي منجهه يادگيريون ئي پون ٿيون. سمنڊ ۽ سج صرف رات گذّارڻ لاءِ هڪٻئي جو سهارو وٺن ٿا. صبح جو سمنڊ ڇولين سان راند رمڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، ته سج جا سونهري ڪرڻا ڪنوارين مکڙين جو مُک چمڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. ٻيئي هرجائي ته ٿيا! ڪير ڪنهن کي پيار نٿو ڪري، جميل! پيار ته دراصل پياريون يادگيريون ئي آهن. ها نه ؟“

        مان ويچار ۾ پئجي ويس ته هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ مان سمجهي نه سگهيس _ ۽ نه شايد سمجهي سگهان، ڇو جو زوبيءَ سان مون کي عام پيار هو _  پيار، جيڪو عام آهي.

        مون شاديءَ جي مسئلي تي زوبيءَ جي ماءُ سان ڳالهايو هوءَ ڏاڍو خوش ٿي، ۽ چيائين، ” زوبي ئي ته منهنجي زندگي آهي، پٽ! هوءَ جيئن چوندي، تيئن ٿيندو.“

        واقعي ٿيو به ائين، جيئن زوبيءَ چيو. هن مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو! مون کانئس پڇڻ چاهيو. هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ۽ مون ڏک، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان ساڻس ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو.

        هوءَ پنهنجي مقرر وقت تي روز ايندي هئي، ۽ منهنجي پرپٺ منهنجي نوڪر کان مون بابت پڇي هلي ويندي هئي.

        هڪ ڏينهن شام ڌاري جيئن مان بنگلي مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، منهنجا قدم وزني ٿي ويا. جيڪي ڪجهه مون ڏٺو هو، ان جو ڏاڍو ڏک ٿيم.زوبي هڪ ڪاليجي نوجوان سان ٽهڪ لڳائيندي ڪيڏانهن وڃي رهي هئي.! منهنجو دماغ ڪنهن به ڳالهه سوچڻ کان قاصر هو. بيخيالو، ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويس.

        سامهون ڊاڪٽر جي وڏي ڌيءَ سلميٰ ويٺي هئي : ”او.... جميل صاحب! اچو اچو. اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو هن طرف.“

        ڪلاڪ ٻن جي گفتگو کان پوءِ مون کي الاجي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو ته سلميٰ ڪا معمولي ڇوڪري نه آهي. هن جي ڳالهائڻ ۾ شائستگي ۽  گنڀيرتا ڀريل هئي. گنڀيرتا سندس چهري کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو هو. سندس چهري جي معصوميت ۽ وڻندڙ گفتگو مون کي روز شام جو ڇڪي سندس گهر آڻيندي هئي. ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽن  ويٺو دل وندرائيندو هوس. سلميٰ سان اڪثر زندگيءَ جي مسئلن تي ڪافي دلچسپ بحث ٿيندو هو. پر جيئن مان ٻاهر نڪرندو هوس، سامهون زوبيءَ جو بنگلو هوندو هو.... ۽ گهڻو ڪري زوبيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري سان گڏ ڏسندو هوس. ڪڏهن گهمڻ پيا ويندا هئا، ۽ ڪنهن وقت گهمي واپس ورندا نظر ايندا هئا. ان هوندي به، هن منهنجي غيرحاضريءَ  ۾ منهنجي گهر اچڻ ڪڏهن به نه وساريو. ڪڏهن وارو نه ڀڳائين، جيتوڻيڪ مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو هو.

        اهو الائجي ڪيئن ٿيو، خبر نه اٿم ته منهنجي شادي سلميٰ سان ڪيئن طي ٿي ويئي. شادي طي ٿيڻ کان پوءِ، سيگهه ئي هڪ ڏينهن زوبي منهن ۾ ملي وئيم.

        ”جميل صاحب، مبارڪون! ڏاڍي خوشي ٿي اوهان جي شاديءَ بابت ٻڌي.“

        ”مهرباني اوهان جي.“ مون وراڻيو.

        ” دعوت به ڏيندين يا رڳو مبارڪون وٺندين؟“

        ” ضرور، ضرور. پاڙي ۾ ٿي  رهين، آخر پاڙي وارن کي نه سڏيندس ته ڪنهن کي سڏيندس. “

        ” ائين ئي سهي، سڏيندين ته سهي نه؟“

        شاديءَ ٿي. زوبيءَ کلندڙ صورت سان شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. هر شرارت ۾ اڳري. پر الاجي ڇو، مون محسوس ڪيو ته هوءَ ڪجهه وڃائي آئي آهي _ يا ته هوءَ خوابن جي دنيا جي رهاڪو آهي.

        ان رات زوبي ايترو ته مون مٿان ڇانيل رهي جو سلميٰ ۾ به مون زوبيءَ کي ڏسڻ چاهيو، ۽ هوءَ مون مان بيزار بيزار نظر اچڻ لڳي. صبح جو جيئن ئي مان ٻاهر نڪتس ته نوڪر مون کي هڪ چٺي آڻي ڏني. لکيل هو:

        ”جميل، سمنڊ کان سج جدا ٿي چڪو آهي. اڄ منهنجون همدرديون سمنڊ سان آهن. مان ان جي گود ۾سڪون جي تلاش لاءِ وڃي رهي آهيان. شايد  منهنجو گهر اهو آهي. مان پيار کي سڃاڻي ڪانه سگهي هيس. اڄ جڏهن توکي وڃائي ويٺي آهيان، تڏهن خبر پيئي اٿم ته پيار ڇا آهي.__ زوبي.“

        مان انهيءَ مهل سمنڊ ڏانهن ڀڳس. ننڍڙن پيرن جا نشان ڏسندو، واريءَ جي هڪ ڊٺل گهر وٽ اچي پهتس. اتان پير اڳتي وڌيا. اڳتي، ... اڳتي، ... ۽ مون ڇوليون ڏٺيون، رانديون ڪندڙ ڇوليون. هي ڇوليون وڌي رهيون آهن . . . وڌي رهيون آهن، . . . ۽ منهنجو ٺاهيل هيءَ واريءَ جو گهر به، الا، ميسارجي ويو!

        مون چڙ ۾ سمنڊ طرف نهاريو. هن جي ڪاوڙ وڌي ويل پئي ڏسڻ ۾ آئي . ڏٺم ته سج سمنڊ جي گود ۾ پناهه وٺي رهيو هو. مون کي ياد آيو ته مون کي به ڪنهن گود ۾ پناهه وٺڻي آهي. سلميٰ  _ جنهن جي گود انهيءَ سمنڊ مثل هئي، جيڪو سج کي حاصل ڪندي به خالي خالي، رکو رکو ۽ اڪيلو هو. سمنڊ ۽ سج _ مان، ۽ منهنجو ويران گهر.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

 

ٺوٺ ڌرتي

 

 

مستن تي ڪهڙي ميار. پَرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو. ڊگهي چولي جو پلوَ مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“.

رب جي ذات وڏي آهي. اَگهي ته ڪائو ڪچ، نه ته ماڻڪن کي به موٽ. پَروءَ جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نه هو ڪائو ڪچ، نه هُن آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنهن جي هيٺان ڪجهه به نه هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست ته گهڻئي، پر پرو سڏبو ئي هو ”مينهاڻي مست!“ پرو ڪهڙو جي ”مينهاڻي مست.“

اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙ. اک اک منجهس. سندس هر چُر پُر تي ماڻهن ۾ چُر پُر اچيو ٿي ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛ ”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“

”جيڏو تنهن جو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي هئي. پگهر پي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾. اڃا ته ڪٿي به آگم جو اُهاءُ نه هو. ابر جو اُهڃاڻ نه هو. پر آسروند اهو ئي آسرو کنيو بيٺا هئا ته رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي ته وڏڦڙو، اچي ته اڱڻ آگهاري، برسي ته بهاري، اُٺي ته اُڃايل پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڌرتي ٺوٺ هئي، سو ڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا.

انهيءَ ٺوٺ سڪل ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ مان مينهاڻي مست ڪيئن ليکيو. 

پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونه هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو، هيٺان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ، مٽيءَ سان راند، ٻاراڻي وهيءَ جي مستي، کيس انهيءَ ڳالهه جو پتو ئي نه رهيو ته هُن جا پيءُ ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولرُ وڏي نعمت هو. کيڏڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيهي جڏهن ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو ته سندس ڪيفيت ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪابه اهميت ڪانه هئي؛ پر هو پنهنجي دلبريءَ جا داوَ ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منهن لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو. هو هڪ يتيم ٻار هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا.

پرو انهيءَ ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن پنهنجي سؤٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پيرکڻي هن سان گڏ اڱڻ ۾ هلندي هئي، ته هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل ته ڏس ڪيئن هلي ٿي، جهڙي ڊيل!“

پڦي جنهن پروءَ کي پنهنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي هيس، ”ها، ها پريل مومل ته ڊيلن جي به راڻي آهي.“ هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو: ”هلي منهنجي ڊيل راڻي، هلي منهنجي ڊيل راڻي!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيهندو هو. پڦي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ ته ڊيل آهي تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ ته پرو مومل کي ڇڏي ٻانهون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.

پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آرهڙ جا ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهوڳيءَ جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا ڏينهن هوندا هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽ خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ سندس سؤٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چاندي جا گولا.“ ”ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي.“ پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو: ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻن ۾ هو بنهه مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينهن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊي ۾ ڊوڙي ويندا هئا، ته به پرو بيٺو هوندو هو. سندس رڳ رڳ بهاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينهن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي لائيندو، منهن تي ملندو ۽ ڪڏهن ته دُٻن مان پاڻي پيئندو هو. پڦيس رڙيون ڪندي هيس: ”پرو، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ.“ پر هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته ٻڌندو نه هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان اُلاريندي هيس: ”اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ تڏهن لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي، مينهن جي ڪا لار جهٽي وٺندي هو.

مينهن اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پَٽ، پَٽ پٽيهر بڻجي پوندا هئا، هو لهي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو هو، خوشيءَ جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ سان مومل کي کڻندو ۽ چوندس، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ پٽيهر تي. هت نه هلي، هلي ته سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾ هلندينءَ؟“

يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ ته لوهه پيو آهي.“

”چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ ته هلندي؟“

”چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“

هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي ۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نه ڪري. مول جڏهن چِٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي: ”پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي!“  پڦي وراڻيندي هيس: ”ٻولي سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ لڳندو هو ۽ مومل به هاڻ ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه ٿئي.

ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ ڄڻ ته وڄ واسو ڪيو هو، ۽ کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇا جو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ ۾ بهاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي، جيستائين گهر نه پهتو. هُن دانهن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ سڀني سرتن گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄُ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بهاريءَ ۾ آيو: ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا به مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي: ”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو- گوڏي جيڏو مولا-!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄ وراڪو ڏئي، وڄ جو وَڄُ اڃا وڄي بس ڪري ته بادل بڙ ٿي بيهن ۽ گوڙ جا ٽڪاءُ هيان ڏڪائڻ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندن ڀتيون ٿي لُڏيون، ڇتيون ته اڳ ئي وهي هليون هيون. گهر وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو. هر هڪ اهو پي وراڻيو، ”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“

پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺي هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي الله...“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينهن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينهن اصل پوريون ڪري ڇڏيون.

ماسي نعمت ته وهلور پئي ويئي، ”هئڙو مينهن نه ڏٺوسين نه ٻڌوسين. اصل قيامت اهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينهن بس نه ڪري، ائين سڀڪنهن کي محسوس ٿيو ته ڪا خاموشي آهي. هاڻ مينهن گوڙ، وِڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اُڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو، پَرُو اُتي ئي بيٺو هو، هاڻ هو نعرو نه هڻي رهيو هو. هو مينهن جهٽي رهيو هو، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيو هو، ”واهه ڙي مولا واهه، بنهه بهاري ڪري ڇڏيئه مولا، اصل رنگ لڳي ويا، واهه منهنجا مولا!“

اِئين چاچي وڃي ڳٿر کان جهليس. کنڀي اندر کڻي آيس، ”ڪتي جا ڦر، اسان جو ٿو وڃي سِرُ ۽ تون آن بهارين ۾. ”هڻ مولا گوڏي جيڏو“، هاڻي جهل دٻ. جاءِ جهڪي آ، ڇت وهي آ، اڃا به مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي ورتائينس: ”اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو. پڻهين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻهين گارو ڪندين. توکي اصل نه ڇڏيندس. اڙي ٻيا ڪهڙا هئا، جن گوڏي جيڏو جو نعرو هنيو هو؟“

ٻين نينگرن جو ساهه مٺ ۾ هو. ڪن ته ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽ شيرل ته کٽ هيٺان وڃي لڪا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو، اڙي وَروُ، شمو، يارو هيڏي اچو.“

ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو، ”اڙي گهوڙا ڙي مري وياسين، اڙي بابا ڙي، الاڙي- گهوڙا ڙي“ پي پئي. اِئين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، اُن سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت ويهي ويئي هئي. اُن سان گڏ سڀني ڏٺو ته پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيهي رهيو، ننڍڙا هٿ مٿي کڻي چيائين ”مولا هاڻ هالار ۾ هارينس.“ هُن وري صدا هنئي ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا- مولا- منهنجا مولا!“

پروءَ جي صدا به ڪا صدا هئي. مينهن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نه گذري جو مينهن بس ٿي ويو. پرو اتي ايستائين بيٺو رهيو جيستائين، ڪڪر ٽڙي پکڙي نه ويا، هاڻ ته ڏينهن شينهن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳي. اِئين وڏي واڪي چاچس کي چيائين، ”ادا نصير، هيءُ ڇوڪرو فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي، آئندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“

گهر وارا سڀئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آيا هئا، هن کي ائين ڏسي رهيا هئا، ڄڻ ڪا نئين شيءِ ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪِريل رنڌڻي ڏانهن وڌي ويو. هاڻ ته مومل به پدمڙا پير کڻندي ٻاهر نڪري آئي هئي.

”پلو- مولا دوڏي ديڏو نه، ڊيل راني هلي ڪيون.“ پرو هن کي هلائيندو، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي“ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي، هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪوبه اعتراض نه هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بهار، اُٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو هو، جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جهڙي پئي لڳي. هيءُ ڌوتل پوتل وڻ، اُجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويهي رهيو، مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بهاري ۾ هو، مينهن وسيا هئا، بهاريون ٿيون هيون، ڊيل راڻي ساڻس هئي.

هوڏانهن ماسي نعمت کي برقعو نه ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾ اهائي وات وائي هئي، ”پرو ڪاني ڪرامت وارو آهي“ ۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کانئس دعا گهرائيندا هئا. پرو منڍ ۾ ته حيران هو، ته هيءُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو، مار موچڙو بنهه گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويهي رهيو. چاچي نصير ۽ پڦي زينوءَ جي ته چاندي هئي. آهستي آهستي گهر ۾ رونق اچڻ لڳي. پرو ڪوڙا سچا ليڪا پائيندو وڃي، ”حق الله هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽ چاندي نه وسي!

جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻيو ويو. هو ڪڏهن ڪڏهن پڦيءَ کان پڇندو هو، ”پر پڦي مون کي ته ڪجهه به نه ٿو اچي، مان قرآن به پڙهيل نه آهيان. الف بي به پوري نه ٿي اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس؟“

پڦي، هُش ڪري آهستي چوندي هيس، ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي ٻاهرين علم جي ضرورت نه هوندي آهي. توکي باطني علم آهي پٽ! تون رڳو نيت سان اُبتو ليڪو ٿو پائين يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ ٿو شوڪارين يا پاڻيءَ ۾ ٿو هٿ ٻوڙين ته سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ اُن سان گڏ اسان جا به ڪم سولا!“

پرو ڪجهه به نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، سڀ ڳالهه کيس سمجهه ۾ ايندي وئي. هن چاچي جي مجبوري به سمجهي، سڄي گهر جي بي وسي جو به پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ هنن جي گهر ۾ غريبيءَ جو نانءُ نشان نه هو. ڪچي گهر مان پڪو گهر ٿي ويو، اوطاق ٺهي وئي، وڏي ڳالهه ته پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺهيو، جنهن کي آڏو سهڻو ڇاپرو هو.سڀڪجهه چاچي نصير جي نظرداريءَ هيٺ ٺهيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ ته سندس هٿ به ڏڪندا هئا، پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو! هونءَ به کيس رازپي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا به عجيب رنگ آهن، ڪنهن کي هٿ ۾ شفا ڏئي، ڪنهن کي هٿ ۾ ڪرامت ۽ پروءَ جو ننڍڙو هٿ کڄيو ناهي، ۽ سواليءَ جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ ته پروءَ جا هٿ مضبوط جوانن وارا هٿ هئا، ڪرامت ۾ به اوڏوئي زور هو.

پروءَ لاءِ هاڻ اِها ڳالهه ڪا دلچسپيءَ واري ڳالهه نه هئي، هن لاءِ جيڪي ڪجهه هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل راڻي هئي. هوءَ هُن جي سامهون جوڻ مٽائيندي رهي. هاڻ هوءَ هڪ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سهڻي راڻي هئي. پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تيئن سڏيندو ايندو هيس. مومل جو چاهه به رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي، مَٽ ۾ وجهندو هو، ته ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويندو هو. اُهو پاڻي بين لاءِ ته شفا جو پاڻي هو؛ پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز اُن هٿ لاءِ واجهائيندي رهندي هئي، ته ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ نه چوندي به چوندي هيس: ”پرو، منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي شفا آهي؟ تون منهنجو هٿ ڇو ٿو مٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منهن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.

پرو اُن ڏينهن ته بنهه سندس ويجهو وهندو هو. جنهن ڏينهن هوءَ وهنجي سهنجي، اُجريل ڪپڙا ڍڪي، آلا وار پکيڙي، دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ اُن تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي، ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس ٻانهن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نهاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اُڻيل تاڃي پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساهه کڻندو هو، اُن مهل بي اختيار ٿي چوندو هو ”رب منهنجي جي قدرت!“ مومل وَرُ وَرُ ڪري پڇندي هيس ۽ اُن جو جواب به ساڳيو ملندو هيس، ته به هوءَ چوندي هيس: ”پرو، ان ۾ ڪهڙي رب جي قدرت آهي؟“

”راڻي تنهنجي آلن وارن مان اُهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اُٺي ويل ڌرتي ڇڏيندي آهي، ۽ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اُهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“

اُٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو. اُٺي جون بهارون آيون ناهن، پرو ڇاپري ۾ نڪري ايندو، سندس صدا اُها ئي هوندي: ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ اڃا هڪ ٻه صدا مس هڻندو، ته مومل پري کان ڊوڙندي ايندس. ”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي ويندو؛ پر اُهو ٿي پيو نچندو، مينهن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دُٻن مان ڍُڪ ڀريندو، مٽي کڻي بوت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس ته ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اُگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺِڪر جي چِٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي، پاڻ کي پاڻ اُگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيهندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيهندو هيس. مومل سندس اکين ۾ نهاري چوندي هيس: ”پريل تون مينهاڻي مست ڇو آهين؟ مينهن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“

پرو مُرڪي چوندو هيس: ”راڻي، مينهن ۽ هن ڌرتيءَ جو ازلي لاڳاپو آهي. اسين هن ڌرتيءَ جا ننڍڙا ڌڻي آهيون؛ اسين به مست نه ٿينداسين ته ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينهن مست نه ڪندو آ؟ هن جهُڙ ڦُڙ جي بهاري ۾ تون ڪجهه به محسوس نه ٿي ڪرين؟“

مومل انهيءَ جملي سان ڄڻ ته ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ سامهون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي هٽي ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هيس: ”پرو مون کي پتو ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انهيءَ ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي، جنهن ۾ سندس ساهه هو ۽ پرو يڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:

”انهيءَ ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي ته ٿو پر سولو نه. ڪاڏي ويندو، نيٺ ته هن هٿ وس ايندو.“

مومل مرڪي چوندي هيس، ”هاڻي تنهنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر به ته تنهنجو آهي!“

”نه راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي تنهنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ وجهي انهيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس، پوءِ جيڪي نصيب!“

مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساهه اُڀو کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو ته هوءَ هٿ وڌائي چوندي هيس:

”پرو انهيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منهنجو شاديءَ ۾ ايمان نه ٿو بيهي، هونئن به پرو شادي محبت جو معراج ته ڪونهي.“

پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالهه ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون به ڪنهن کان گهٽ ناهين. بنهه مست آهين، مون کان به وڌيڪ- تو ۾ هونئن به مڻيا آهي؛ پر راڻي جڏهن سمجهه ڀريو ڳالهائين ٿي ته بس، پوءِ اسان پارو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“

ائين ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي، سامهون ورانڊي مان اهو نظارو پئي پسندي هئي. نُور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي نصير کي ته پتو به نه ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي، ”ادا، هو جوڙو ڏسين ٿو؟“

”ڪهڙو جوڙو.“

”پکين جو؟“

”مينهن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن.“

هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس: ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“

”توکي به رکيو رکيو ٿا پُور پون. الله ڪري جُڙي هجين، مون کي پارت ڇو ٿي ڪرين.“

”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نه ڪجانءِ، نه ته سڀڪجهه ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي، اِهو به ٻڌايانءِ ٿي ته هيءُ ٺهيا ئي هڪٻئي لاءِ...“ ۽ اچي کنگهه ڇڙندي هيس، هوءَ ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمهاريندو هو.

 ”چري، ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالهه آهي، ڪا پري آهي ڇا، ڪنهن ڏينهن مکا ميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي هو مرڪي به ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري به ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت جيڪا ڪن لايو ويٺي هوندي هئي؛ ڪوڙو منهن ڪريو، موڙو ڏيندي هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منهنجو شيرل روزگار سان لڳي؛ ڏس ته مان ڪيئن ٿي پنهنجا ٻيڙا ٻني لايان.“

ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو ته الله ڏي هلي؛ پر چاچي نصير به ڌڪ نه جهليو. مِٺي ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا؛ پر جيءَ جو ڪهڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وَس. وڻيس ته جياري وڻيس ڪَکُ پن ڪري ڇڏي.

پروءَ کي ڪنهن به اڄ تائين رئندي نه ڏٺو هو، سو وَسيو ۽ سندس اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ کي ڏسي، پروءَ کڻي ماٺ ڪئي نه ته شايد اُڀ کي به رئاري ها؛ پر پروءَ جو هانءُ تڏهن بنهه کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينهن مومل ڏانهنس نه لڙي، منجهند جو ماني به ماسي نعمت کڻي آيس. هُن رات تائين صبر ڪيو؛ پر جڏهن رات جو به ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اُڇلائي، تڏهن هو بِرُ ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“

”مومل ڪا تنهنجي ڳڌل ٻانهي آ جو هر ويلي تنهنجي ماني کڻي اچي، ٽهل ٽڪور ڪري.“

”ماسي مستن کي نه ڇيڙ“، پروءَ رڙ ڪئي اُن سان گڏ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

”اِهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اِهو مينهاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين، مان سڃاڻانءِ ٿي ته تون ڪهڙو مست فقير آن! مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندين، ته وجهندس هٿ برقعي ۾. جيئن مون پاڙي پاڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو، هاڻ تنهنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“

پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اُڇلائي، ”نڪري وڃ هتان.“

”وڃان ٿي پر اِهو ياد رک ته مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي، جي تون اُن جو نالو به کنيو آهي، ته مون جهڙو بڇڙو نه ٿيندءِ!“

پَرو حيران ٿي سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ ته ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين، مَستن وانگر مست ٿي پيو، دانهن اهڙي ڪيائين جو ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي ”مولا، ڪٿي آهين، مولا، ڪٿي آهين!“ ۽ هو جوجُڪيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، اڱڻ ۾ ڊوڙڻ لڳو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“

ٺار جا ڏينهن هئا، سڀ ورانڊي مان نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس، ”ماسي ڇا ڪَيس!“

”اڙي امان مار:يئي کي ڇا ڪيم، چيومانس ته منهنجي مومل جو نالو نه کڻي.“

”ماسي توکي جهليو به هيم ته في الحال ڳالهه نه ڪر؛ پر اصل پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانهن ڇوڪرِ کي به بند ڪيو اٿئي، جا پئي جهِڄي. هيڏانهن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“

”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي؛ رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو وسائڻ؛ مينهن جي ڪا موسم آ، جو بس هاڻ اُڀ ڏري پوندو!“

پروءَ رڙي رڙي، اڃا گهڙي ساهه کنيو ۽ آسمان ڏانهن ڏٺو، پر اُتي ڪجهه به نه هو.

اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جون حدون لتاڙيندو، ورانڊو ٽپندو، سندس مستيءَ کي وَڌ مست ڪندو ويو، ”پَرو، پَرو!“

پروءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري. سندس هٿ مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين ۽ ڊوڙ پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پهتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو. اندران اُهوئي آواز ”پَرو، پَرو!“ هُن ڪُلف کي سٽ ڏني، پر نه کُليو. هن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منهن تي اُهائي مستي هئي. هو هاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو ”منهنجا مولا! ڪٿي آهين. ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو ته نه. بس مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بهاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو، ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير به سندس ويجهو نه پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو؛ پر شيرل اُتي ئي ڄمي ويو. سندس ٻيا سؤٽ پري بيٺا هئا. پَرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪِري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هُن اُٿڻ جي ڪئي، پر اُٿي نه سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئين، هاڻ رت جو مينهن هو، جو پئي وسيو. اِئين گوڙ جو آواز ٿيو، وِڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪارنهن سڄي آسمان کي ويڙهي ويئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ، ٻيو وڄ جا چمڪاٽ، اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. وڄ جي روشني ويتر ٿي هنياءُ ڇِنو. ۽ ائين اچي وڏ ڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينهن به مينهن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو پيو نئين، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچيءَ ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺين پير واپس وري، پروءَ کي اورانگهي وڃي ڪُلف کوليائين. پَروُ بي سُرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي، مومل به ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي، يڪدم دانهن ڪيائين.

”اڙي، مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گُلو، اڙي هيڏانهن اَچو...“

سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائيون. ڪو سرمو کڻي آيو، ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو ”پريل!“ سڀني اوڏانهن نهاريو، جت پَرو پيو هو. هوءَ ڌڪ جي پرواهه نه ڪري پروءَ ڏانهن وڌي، نئڙي هُن کي ڏٺائين. ڳوڙها ڳڙي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي چيائين، ”ادا گُلو! هن کي کڻوس“. هُن پاڻ بيهي پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس. آهستي آهستي هن جي ڀرسان ويهي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا به وهلور پئي ويئي، تنهن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو ته پَروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اُڇلي اچو. مومل سُرٻاٽ ٻڌو. ڪنڌ کڻي چيائين ”خبردار جو ڪنهن پروءَ کي هٿ لاتو آهي. رڳو پنهنجو خير گهرو.“

ان ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنهن ورانڊي مان دانهن ڪئي، ”رڌڻو ويو.“

اُن ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو، ”وهنجڻ جاءِ وئي.“

ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا، ”ورانڊي جو هڪ حصو به هليو.“

ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناهه ورتي. مومل پروءَ کي ڏسي رهي هئي، جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين، مينهن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لهي بيٺو، مومل ٻانهن کان ورتس، پر هو اڳتي هلندو ويو، ائين چوندو ويو، ”واهه منهنجا مولا اصل بهاري ڪري ڇڏيئه، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئه، واهه منهنجا سائين؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org