سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :32

 

ٽيبل ٽڪ

نصير مرزا

 

 

الائي، ڪهڙي بهاني اسان جو ساٿ بڻيو

حفيظ شيخ جي دوست ۽ روم پارٽنر

خواجه سليم سان گفتگو

 

شيخ حفيظ کي پهريون دفعو اوهان ڪڏهن ۽ ڪٿي ڏٺو هو؟

        مان 1955ع ڌاري خيرپور جي ”ناز هاءِ اسڪول“ ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هئس. تڏهن خيرپور جو منهنجو هڪ دوست ڪراچيءَ ۾ پڙهندو هو، نالو هئس غفور. اُن سان منهنجي خط و ڪتابت هلندي هئي. غفور شايد فرسٽ ائير جو شاگرد هو ۽ مان مئٽرڪ جو. سمجهي سگهو ٿا ته، اُن وقت منهنجي يا  منهنجي دوست جي عمر ڪيتري هوندي؟ اُهي خط جيڪي اسين هڪ ٻئي کي لکندا هئاسين، عمر جي لحاظ کان ڪافي دلچسپ هوندا هئا. تڏهن حفيظ به ميٺارام ۾ پڙهندو هو ۽ غفور سان سندس چڱو رستو هو. غفور وٽ پهچندڙ منهنجا خط حفيظ پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن غفور وري پنهنجن خطن ۾ حفيظ جون ڳالهيون لکندو رهندو هو. اها هُئي، هڪڙي قسم جي اڻ ڏٺي واقفيت .. جيڪا حفيظ سان منهنجي ٿي. مئٽرڪ ڪري1955ع ڌاري ڪراچي جو پڙهڻ لاءِ آيس ته، اُتي حفيظ سان پهريون دفعو روبرو ملڻ جو موقعو مليو، ياد اٿم: حفيظ مليو ائين ڄڻ ڪا اجنبيت هئي ئي ڪانه! ڪجهه ڏينهن ٻيا گذريا ته، رهي کُهي اوپرائپ به ختم ٿي وئي. شايد اُن ئي زماني ۾ رشيد ڀٽي به اُتي هو ڪراچيءَ ۾ ۽ سائين جي ايم سيد جي اخبار ”نواءِ سنڌ“ ۾ ڪم ڪندو هو. غلام رباني آگرو صاحب به، اتي ميٺارام ۾ رهندو هو. هي سڀ دوست مون کان بهرحال عمر ۾ وڏا هئا. حفيظ ته، گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال وڏو هو مون کان ......

حفيظAs a man ڪيئن لڳو اوهان کي؟

        يار! مان پاڻ به اِن پوائنٽ تي اڪثر ويٺو سوچيندو آهيان ته، essential quality ڇا هئي حفيظ جي .. What made him click .......حفيظ، حفيظ ڇو هو؟ يا نسيم کَرل، نسيم کرل ڇو هو؟ اها Essentael اسپرٽ جيڪا آهي نه ..... اُن تي آڱر رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. حفيظ جي هڪڙي ڳالهه ته، اها هئي ته، He was very open, very liberal اوهان چوندئو ته ائين ته Open اوهين به آهيون! مان به آهيان! سو سچ پڇو ته، حفيظ کي as a man پن پوائنٽ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي مون لاءِ ..... I does'nt tell you, that Hafiz was ....

ڀلا حفيظ سان آخري ملاقات ياد اٿو؟

        ها .. حفيظ ان وقت فيملي پلاننگ ۾ ايگزيڪيوٽو آفيسر هو. جيڪب آباد ۾ سندس پوسٽنگ هئي. خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ۾ هن جو ڪو زمين ٽڪرو هو، اُن تي هُن هڪڙي ڀونگي اڏي هئي. حفيظ روزانه يا هفتي ۾ هڪ اڌ دفعو جيڪب آباد مان اُتي ايندو رهندو هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات به ان ڀونگيءَ ۾ ئي ٿي هئي. ۽ اها حفيظ جي وفات کان سال ڏيڍ اڳ جي ڳالهه آهي. سندس زال ڪلثوم به اتي موجود هئي. رات گهڻي ٿي وئي ته، منهنجي اصرار تي پنهنجي سرڪاري جيپ ۾ خيرپور ڇڏڻ هليو. زال کي به ساڻ کنيائين. مون کي هڪ ڳالهه جي حوالي سان هي واقعو ته بلڪل نٿو وسري .. ڇا ٿيو جو، جيپ ۾ هڪ پاسي مان ويٺس ۽ ٻئي پاسي ڊرائيورنگ سيٺ جي ڀرسان زال کي وهاريائين ۽ پاڻ وچ ۾ ڊرائيو ڪندو هليو. مان حفيظ جي جاءِ تي هُجان ها ته، اول ته زال ساڻ کڻان ئي نه هئا، جي کڻان ها ته، يا وچ ۾ ويهاريانس ها يا پٺين سيٺ تي. ظاهر آهي جيئن جيپ ۾ اسين ويٺا هئاسين، اهو مون کي سخت ”آڊ“ لڳو. مان سمجهان ٿو ته، sex جي سلسلي ۾ حفيظ ۾ ڪو ”هينگ اپ“ هو. ان ننڍڙي واقعي مان به اوهان سمجهي سگهو ٿا ته، سائيڪالاجيڪل هو ڪهڙي ٽائيپ جو ماڻهو هو.

شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪا عياشي وغيره ڪندا هئا؟

        بلڪل بلڪل ..... بلڪل!

        ان معاملي ۾ حفيظ بادشاهه ماڻهو هو. مان کي به ان ڏانهن انٽروڊيوس حفيظ ئي ڪرايو هو. (ڇرڪ ڀريندي، خواجه سليم چيو: هاڻي اهو به ڇا پيندﺆ ڇا؟ نوڪري وڃائيندﺆ ڇا مان جي. اسلامي ريپبلڪ ۾ ويٺاآهيون بادشاهه!

        جامه ومينه ته پنهنجي جاءِ تي، منهنجو مطلب آهي ڪا ٻي عياشي ...

        Not to my knowledge حفيظ جي ڪنهن ٻئي اسڪينڊل جي مون کي ڪا خبر ڪانهي. سندس ”سيڪسيوئل لائيف“ جي باري ۾، مان ڊارڪ ۾ آهيان. حيدرآباد ۾ جڏهن هُن جي پوسٽنگ هئي، ته حميد سنڌي، هن سان گهڻو ويجهو هو، پاڻ ۾ اُٿي ويٺي به ڪافي هوندي هئن. ٿي سگهي ٿو، هُن کي ڪنهن ڳالهه جو پتو هجي. I dont know

پوءِ هي روشن مغل وارو ڪهڙو قصو آهي؟

        Before I came to Karachi روشن مغل، جنهن ۾ شيخ اياز سان گڏ ٻڌو هئم ته، حفيظ به انٽريسٽيڊ هو، منهنجي ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيڻ کان اڳ ئي اُها مرحومه ٿي چڪي هئي. ڇاڪاڻ ته، روشن جو چيپٽر ڪلوز ٿي چڪو هو. ان ڪري ان دک ڀري ڪهاڻي واري اشوءَ تي حفيظ سان ڪڏهن به ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي هئي منهنجي.

اُن کان پوءِ ڀلا ڪو ٻيو نئون عشق؟

        حفيظ نوجوان ماڻهو هو. Beauty ۽ رومينس ۾ Believe ڪندو هو. ممڪن آهي ڪي چهرا ... ڪي حسين ماڻهو هُن کي وڻندا هجن !۽ حسين چهرا ڪنهن کي ڪونه وڻندا آهن بادشاهه ....... پر حقيقت هي آهي ته حفيظ، جنهن آئيڊيالاجيءَ جو ماڻهو هو، اُنهن آڏو فيض جو هي شعر سامهون هو ته: اور بهي غم هين زماني ۾ محبت ڪي سوا ....

مذهبي لحاظ کان ڪهڙن ويچارن وارو شخص هو؟

        حفيظ لبرل مائنڊيڊ هو. ڪنهن به قسم جو جبر، اُهو مذهبي هجي يا آئيڊيالاجيءَ جو. اُن ۾ هو Believe ئي ڪونه ڪندو هو.

ڇا ڪميونسٽ هو؟

        He has sympathy for you Can not say that!

مطالعو ڇا هو هُن جو؟

        هر قسم جي سبجيڪٽ جو مطالعو هُن ڪيو هو. فلاسفي، هسٽري، سائيڪالاجي. ڪتابن سان چاه مان کي اڳ ئي هيو. پر ڊئريڪشن ۾ڪنهن چاهه ڏياريو ته، اُهو به حفيظ ئي ڏياريو. وک وک تي ڪتاب ڪندو هو. ته ... بابا فلاڻو ڪتاب پڙهه، فلاڻو پڙهه.

سندس هٿن ۾ اڪثر اوهان ڪهڙن ليکڪن جا ۽ ڪهڙا ڪتاب ڏٺا؟

        ولڊيو رانٽ جو، هسٽري آف فلاسفي، رٽل آف يونيورس، اهي ته جيڪي تمام هيوي بڪس هئا، جيڪي مون کي ياد پون ٿا. حفيظ چوندو هو، بهترين لٽريچر پڙهڻو اٿو ته، ٻولي اها_ اٿو English . رشين، فرينچ، توڻي جرمن جو افسانو ادب جي هُن جي مطالعي هيٺ رهيو هو. موپا سان، اوهينري ۽ برنارڊ شا کي ته هو اڪثر پڙهندو رهندو هو. برنارڊ شا جو هڪڙو ڪئريڪٽر ته اسان جي سنگت ۾ به هو green soldier حيات آهي اڃان ... پر اُن سنگتيءَ جو نالو ڪو نه کڻبو ....

ڳالهائڻ ۾ ڇا ڪو ڊفيڪٽ هوندو هو ڇا حفيظ کي؟

        نه ... مون کي نٿو ياد پوي. تمام صاف ۽ سٺو ڳالهائيندڙ هو. بهترين اوريٽر هو. ڪن ادبي فنڪشنس ۽ ڪاليج جي گڏجاڻين ۾ نهايت رواني سان تقريرون ڪندو هو. سنڌ جا جيڪي اُن وقت جا اديب نهايت پڙهيل ڳڙهيل هئا، حفيظ بلاشڪ، ته انهن مان هڪ هو. اُن وقت ڪميونسٽ آئيڊيا کي سمجهڻ لاءِ جيڪي اسٽڊي سرڪلس هئا، اُتي به هنن جي وڏي ذهني تربيت ٿي هئي.

شهر ۾ اهڙا اسٽڊي سرڪلس ڪٿي ڪٿي هئا؟

        ڪميونسٽ پارٽي، هميشه ڪرائوڊ هيٺ رهي آهي. تنهن ڪري اِهي سيڪريٽ ميٽنگس هونديون هيون. جڳهه جو ڪو پتو ڪونهي. جو هر دفعي اُهي ڪنهن نئين هنڌ منعقد ٿينديون هيون. حفيظ ۽ اُن جي دوستن جيڪي ڪجهه اُتان پرايو، اُهو هنن اسان سان به Share ڪيو. خود مان سڄي زندگي جيڪو ڪجهه پڙهيو آهي ان جي گرومنگ .... ان جو محرڪ به حفيظ ئي آهي.

حفيظ کي اوهان ڪيترو ويجهو هئا؟

        حفيظ منهنجو روم پارٽنر هو ميٺارام ۾. اسين گرائونڊ فلور تي شايد اسي يا ايڪاسي ڪمري ۾ رهندا هئاسين. باوجود ان جي ته، هو مون کان ڏهه سال وڏو هو. پر اسان ۾ دوستي ۽ انڊر اسٽينڊنگ بي پناهه هئي. ”رباني“ ته مون کي سڏيندو ئي هو: حفيظ جو بغل بچو  I think, he was so near to me .........

رات جو ڪيڏي مهل سمهندو هو؟

        هڪ ٻه ته ٿي ئي ويندا هئا.

صبح جو سوير اٿندو هو يا ...

        ظاهر آهي، دير سان سمهندو هو، ان ڪري نيچرلي دير سان اٿندو هو.

اِتي ڪراچيءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ڪٿي ٿيندو هو اوهانجو؟

        بابا .. هو قلندر ۽ بادشاهه ماڻهو هوندو هو. پيرين پنڌ پيا سڄي ڪراچيءَ جا رستا ڪڇيندا هئاسين. ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن. هڪڙي دفعي انڊيا جو ڪو مهمان آيو هو، شايد جئه وير هو. کيس وٺي رات جو ڪلفٽن گهمڻ وياسين. مزيدار ڳالهه اها ته، ميٺارام کان ڪلفٽن تائين پنڌ ڪندا وياسين. آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو پئي ۽ هيٺ اديبن جو قافلو ڪلفٽن ڏانهن روان دوان هو. مان ته بابا، پويان پئي ويس لڙڪندو لڙڪندو ..... ۽ حفيظ هر ڳالهه کان بي نياز سڳنڌ سان ڪچهريون ڪندو چرچا گهٻا ڪندو، ويو پئي ... حفيظ جي اها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته، زندگي ۽ حسن سان هن کي ڪيڏي نه چاهنا هئي. بي پناهه پيار هو.

ٻڌو آهي ته آڌيءَ آڌيءَ رات تائين هوٽلنگ به ڪندا هئو گڏجي؟

        ها .. پاڪستان چوڪ کئون آرام باغ واري روڊ سان ”سيوا ڪنج“ جي هيٺان هوندي هئي ”رائيزنگ سن ريسٽارنٽ“ گهڻو ڪري اُتي اچي ويهندا هئاسين.

چانهه جي ڪوپ تي ڪهڙا موضوع ڊسڪس ڪندا هئا؟

        اي يار .... ايڏيون پراڻيون ڳالهيون آهن، ڪجهه ياد ئي ڪونهي ڪو. ظاهر آهي مذهب، ادب ۽ سياست، سڀ ڪجهه ئي ڊسڪس ٿيندو هوندو. ڪچهريءَ ۾ سئو ڳالهيون ٿينديون آهن. هر قسم جي ڳالهه اُن ۾ ٿيندي هوندي. مان کي ايگزيڪٽ ياد ڪونهي ته، ڇا ڳالهائيندا هئاسين.

حفيظ جي گروپ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ليکڪ موجود هوندا هئا؟

        اُهو ايڪچوئلي ڪو گروپ ڪونه هو. ”هوٽلنگ“ بي شڪ ته گڏجي ڪندا هئاسين، پر، هئاسين اهي ٽي چار ڄڻا. جيڪي ميٺارام ۾ رهندا هئاسين. سُڃن جي انهيءَ لڏي ۾ غلام رباني آگرو، مان، نبي بخش دائود پوٽو (هيءَ اديب نه پر انٽل ايڪچوئل هو He was most berlient student. سکر جي ڪنهن ڪاليج مان پرنسپل ٿي، تازو ريٽائر ڪيو اٿائين) .... ان کانسواءِ رشيد ڀٽي هو. نور الدين سرڪي ... اَنجهاني پوهو مل. جويو صاحب ان زماني ۾ به اسان جي بزرگ جي حيثيت رکندڙ هو. اهو سڄو گروپ مون کان وڏو هو ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب وري حفيظ وارن جي لڏي کان وڏو هو .... پر اهو باقاعده هوٽلنگ ڪندڙ گروپ ڪونه هو. وڌ ۾ وڌ مان، حفيظ يا رباني يا ڪڏهن رشيد ڀٽي گڏجي ايندا هئاسين ۽ ان کي به باقاعده گروپ نٿو سڏي سگهجي. ڪنهن به وقت، ڪنهن جو به موڊ ٿي ويندو هو چانهه جو ته، چوندو: يارو هلو ته، چانهه پي اچون ......

انهن ۾ حفيظ جي گهاٽن دوستن مان ڪير ڪير هو؟

        هڪڙو هو غلام رباني آگرو، ٻيو مرغوب بخاري، ٽيون آنجهاني پوهو مل ۽ چوٿون هي بندو خواجه سليم.

جمال ابڙي کانپوءِ، غلام رباني، اياز قادري، رشيد ڀٽي يا خود شيخ اياز جيڪي حفيظ جا همعصر هئا. انهن ۾ بطور ڪهاڻيڪار اوهان حفيظ کي ڪهڙي حيثيت ڏيندا؟

        حفيظ ۽ سندس انهن همعصرن جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن. مان انهن جي گريڊنگ ٻريڊنگ ڪونه ڪندو آهيان حفيظ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن Like some other's ظاهر آهي ٻين به، پنهنجي پنهنجي حساب سان بهترين لکيو آهي. سو انهن مان ڪنهن کي به ڪو نمبر ڏيڻ مون لاءِ دُشوار آهي. ها ايترو حفيظ لاءِ ضرور چئبو ته He was one of top most short story writer's ۽ He was one of top most intellactuals سچ پڇو ته، حفيظ جهڙو روشن دماغ ۽ Open ماڻهو، زندگيءَ ۾ مون گهٽ ڏٺو آهي. انهن دوستن مان ڪئي دوست ڳجها هئا يا ميسڻا. پنهنجو انت نه ڏيندڙ، ترو نه ڏيکاريندڙ، پر Hafiz was quite open man جيڪو اندر سو ٻاهر.

حفيظ جي پسند جو افسانه نگار ڪهڙو هوندو هو؟

        ڪرشن چندر فيورٽ هئس. ڪنهن زماني ۾ ته، اقبال کي به شاعر جي حيثيت سان پسند ڪندو هو. ان کانسواءِ فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز به هن جا فيورٽ هئا. شيخ اياز کي هو As a writer ته تمام گهڻو Like ڪندو هو پر Not as person هن جي هڪڙي ڪهاڻي ”هز ماسٽرس وائيس“ دوستن جو انومان آهي ته شيخ اياز تي آهي. ان ڪهاڻيءَ جو بيڪ گرائونڊ وري اهو آهي ته هڪڙو دوست، پني عاقل جو، سکر مان هتي ڪراچي پڙهڻ آيو هو. Law هتئون ڪري، وڃي اياز جو جونيئر ٿيو هو. اهو ”هز ماسٽرس وائيس“ ان ڏانهن ئي اشارو آهي. هونئن حفيظ بذات  خود ان جو ڪڏهن به ڪو ذڪر ڪونه ڪيو اسان سان جو، سمجهندو هوندو ته اسان سمجهي ويا آهيون ان ڪهاڻيءَ کي ......

پروفيشنل جيلسي جيڪا اڪثر همعصر ليکڪن ۾ هوندي آهي، ڇا حفيظ ۾ هئي؟

        گهٽ ۾ گهٽ جيستائين مون کي خبر آهي، هُن جي ڪنهن سان به ڪا پروفيشنل جيلسي ڪانه هئي. جيلسي لفظ، حفيظ جي سلسلي ۾ استعمال ڪرڻ مان سمجهان ٿو غلط آهي. He was never Jealous of any one. باقي آئيڊيالاجيڪل ڊفرنسز ٿيندا آهن ...... ۽ حفيظ ۾ به هئا. اياز کي هو لٽريري گاريون ڏيندو هو. ڇو ته، هو ان سان آئيڊيالاجيڪل ايگري نه ڪندو هو. باقي جئن مون ٻڌايو اوهان کي ته He admire him as a poet.

ميٺارام هاسٽل ۾ جيڪي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، تن ۾ ڪڏهن اوهان هُن کي افسانو پڙهندو ٻڌو؟

        ڪهاڻي ”مبارڪون“ هن سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي موجودگيءَ ۾ پڙهي هئي.

توهان ان بابت ڪا راءِ ڏني؟

        نه .. ۽ اهو ان ڪري جو اسان صرف ٻڌڻ وارن مان هئاسين، ڳالهائڻ وارا ٻيا هئا. محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، پوهو مل، اياز قادري، نور الدين سرڪي، وڏا وڏا جائنٽس ويٺا هوندا هئا. اسان نوان نوان هئاسين ۽ ٻيو سيکڙاٽ، همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. اُنهن اڳيان ڳالهائڻ جي .....

ڀلا ڪي ٻيا همعصر يا بزرگ جن سان اڪثر هن جي اڻ بڻت رهندي هئي؟

        نه .. نالن وٺڻ جو ڪو ضرور ڪونهي هاڻ.

شيخ اياز جو نالو ته اوهان ورتو آهي؟

        اياز سان هُن جي Open هوندي هئي. جهيڙو علي الاعلان هو. ان ڪري مان ان جو نالو ورتو، ٻين بابت ڳالهه ڪانه ڪبي.

جمال ابڙو، هُنن جي وچ ۾ وڏو افسانه نگار هو. اُن بابت حفيظ جا ويچار؟

        جمال وارن سان اسان سڀني جا تمام سٺا تعلقات هئا. اسان وانگر حفيظ ان کي گهڻو admire ڪندو هو. هڪ اڌ ڪهاڻي کي ڇڏي، جمال جون سڀئي ڪهاڻيون هن Prais ڪيون هيون. رڳو ”پشو پاشا“ شايد نه وڻي هئس. اها به ان ڪري جو هُن ۾ هڪڙي spontiniaty ڪانهي. حفيظ جي راءِ هئي ته، اها ڪهاڻي گهڙي وئي آهي .....

حفيظ جي لکڻ جي اسپيڊ ۽ انداز ڇا هوندو هو؟

        مان اوهانکي مثال ٿو ڏيان ته، هڪ ٽرانسليشن ڪئي هئي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ. شايد آمريڪا جي ڪنهن صدر جي آتم ڪهاڻي هئي. ڀانيان ٿو اُها اڍائي ٽي سئو صفحن تي پکڙيل هئي، جيڪا هن پندرهن ڏينهن اندر الٿو ڪري ورتي هئي. .He was fast writer . . لکندو هو ته يڪ منو ٿي ويهي لکندو هو ۽ لکي پوءِ ساهي پٽيندو هو.

ميٺارام ۾ پڙهائي دوران حفيظ کي سپورٽ ڪير ڪندو هو؟

        پاڻ نوڪريون ڪندو هو بابا .... He was self supporter اخبار ۾ نوڪري ڪندو هو. ايڏي گهڻي ته پگهار ڪانه هوندي هئي پر مڙئي پيو وقت گذرندو هو.

نواءِ سنڌ ۾ ڪهڙي Capacity ۾ ڪم ڪندا هئا؟

        بظاهر ته پروف ريڊر هوندا هئاسين، پر ڪم سب ايڊيٽري ۽ ايڊيٽريءَ وارو ڪندا هئاسين.

آفيس ڪٿي هئي ان اخبار جي؟

        هاڻي جتي جنگ اخبار جي آفيس آهي نه .... ان ئي گهٽي ۾ رائيٽ هينڊ تي هڪ ڦٽل جاءِ آهي. اتي ئي اخبار ”نواءِ سنڌ“ جي آفيس هئي. ون يونٽ ٺهيو ته، اُن کان پوءِ بس اها اخبار ٿورو وقت ئي هلي. ان زماني ۾ نجُ ۽ تُز سنڌي لکندا هئاسين ته، اخبار جو ايڊيٽر عباسي صاحب چوندو هو: اها واڻڪي ٻولي ڇو ٿا لکو؟ ڪجهه وقت ته سوڀو گيانچنداڻي به اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو. پر تڏهن مان ۽ حفيظ اها اخبار ڇڏي چڪا هئاسين.

ان زماني جي ڪا ڏکوئيندڙ ياد؟ ڪانه وسرندڙ يادگيري؟

        ”نواءِ سنڌ“ مان واندا ٿي نڪرندا هئاسين ته، رات جا ٻه پيا وڄندا هئا. پوءِ پنڌ ئي پنڌ ويندا هئاسين صدر .... ”چانهه“ پيئڻ يا پاوا کائڻ ....... تڏهن سڄي واٽ تنوير جو هي نظم سُر سان ڳائيندا ويندا هئاسين.

        رات وهائي ماڪ جا موتي

        هير ۾ ڄڻ ڪنهن مَئي آ اوتي

        ڪنهن ڪنهن لمحي، ويٺي ويٺي ڌيان جون دريون کلنديون وينديون آهن ته، حفيظ سان گڏ ڳايل انهن سٽن جو پڙلاءُ جيءَ جهوري وجهندو اٿم.

فلمون وغيره ڏسندا هئا؟.

        سينما ۾ وڃڻ ۽ فلمون ڏسڻ هرون ڀرون ياد ڪونهي. باقي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ، ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ، وڏا وڏا پنڌ ڪرڻ حفيظ جي خاص هابي هوندي هئي.

حفيظ کي ڪڏهن ڪو اهڙو پڇتاءُ ته ڪونه ٿيو ته، هو هندو مان مسلمان ڇو ٿيا؟

        نه .. مون کي ياد گيرو ڪونهي ان ڳالهه جو ..... پر ان سينس ۾ پڇتاءُ به چئي سگهجي ٿو ته، پيءُ جي انهيءَ ڳالهه کي پسند نه ڪندو هو ۽ ان جو ذڪر پاڻ اڪثر ڪندو هو اسان سان ......

حفيظ جا ڪي شوق؟

        هُن جي هڪڙي ڳالهه مان کي اصل ڪانه وڻندي هئي. هو ايڏي چانهه پيئندو هو جو، حيرت پئي لڳندي هئي. هر وقت ڪُنو چڙهيو پيو ٽِچڪندو هو. خيرپور ۾ هڪ ٻه ڏينهن مان وٽس رهيو به وڃي هوس. رڳو چانهه پياريندو هو. صبح کان شروع ٿيندو هو ۽ رات ٿي ويندي هئي. ڪڪ ٿي چوندو هومانس: اڙي بابا! تون پاڻ پيءُ. هاڻي اسان کي ته نه پيئار ...... سو اهو چانهه پيئڻ جو ڏاڍو شونقڙو هئس.

ڀلا سگريٽ؟

        ها، اُهي به پيئندو هو جام. پر هڪڙي خاصيت هوندي هئس ته، صرف اڌ سگريٽ ڇڪيندو ۽ باقي اڌ سگريٽ اڇلائي ڇڏيندو هو. سڄو سگريٽ مون هن کي ڪڏهن به پئيندي نه ڏٺو.

• حفيظ جي دوستن مان شيام ڪمار جو نالو به ٻڌجي ٿو. چون ٿا حفيظ جو ڪجهه اڻ ڇپيل مواد خاص ڪري هڪ اڌ ڪهاڻي هن وٽ آهي. ڪئي دوستن هُن کان اهو مواد ڇپائڻ لاءِ گهريو به آهي، پر هو ڏئي الائي ڇو ڪونه ٿو؟

        رشيد ڀٽي جا افسانه، پڙهيا اٿو؟ اُن ۾ ٻئي ڪئريڪٽر، دوستن جا هُن وڌا آهن مثال طور ”حنيف ڪارو“ ۽ ”شيام هرنائي“. اهو حفيظ وارو دوست شيام ڪمار، اهو ساڳيو ئي شخص شيام هرنائي اٿو. اڄڪلهه ڪوئٽا ۾ نيشنل بئنڪ ۾ جاب ڪري ٿو. رهائش ته سکر ۾ اٿس، رابطو ڪريوس.

اوهان ڪڏهن شيام کي حفيظ سان ڏٺو هو؟

   Why not شيام به حفيظ جي گهاٽن سنگتين مان هڪ هو.

چون ٿا حفيظ جي ناياب ڪهاڻي ”اوستو جاڙو“ جو اسڪرپٽ اُن وٽ آهي .. ڇا واقعي؟

        جيتري قدر مونکي ڄاڻ آهي، اها ڪهاڻي حفيظ کان ئي وڃائجي وئي هئي. هڪ دفعي چيومانس: ڇپرائين ڇو نٿو. چيائين: يار! وڃائجي وئي آهي ....... مان سمجهان ٿو ته، اها ڪهاڻي وقت کان اڳ لکي وئي هئي.

موضوع ڇا هو اُن جو؟

        مان سمجهان ٿو ته، هُومو سيڪسيوليٽي تي هئي اها ڪهاڻي. هوموسيڪسيوليٽي امنگ ميلس. جئن زرينه بلوچ جي ڪهاڻي هئي. ”جيجي“ ”امنگ ليڊيز“ ائين ”اوستو جاڙو“ مردن بابت آهي. مون کي پڪ آهي ته اها حفيظ جي سٺي ڪهاڻي هئي. One of the best written by Hafiz.

هاڻي ڪٿي ڳولجي ان ڪهاڻيءَ کي؟

        ڳولڻ جي ڳالهه کان هاڻي قصو مٿي آهي. اها پاڻ حفيظ کان ئي وڃائجي وئي هئي سائين.

حفيظ جي والد صاحب ۽ ڀائرن سان اوهان جي ملاقات هئي؟

        حفيظ جي والد شيخ عبدالرسول سان ته نه، البته ڀائرن عبدالحميد ۽ بشير سان منهنجي سٺي ملاقات هئي. سندس ڀينرن سان به ملاقات هئي. ان سلسلي ۾ حفيظ فراخدل ۽ روشن خيال ماڻهو هو.

ڪراچي ۾ حفيظ جا ڪي ٻيا عزيز به ته رهندا هئا؟

        توڻي جو حفيظ جا ڪي عزيز رهندا هئا، پر حفيظ ميٺارام هاسٽل ۾ ئي رهندو هو. حفيظ جو وڏو ڀاءُ، ڌڻي رام بلڊنگ ۾، اياز قادري وارن جي گهر جي مٿان رهندو هو. حفيظ جي ان ڀاءُ .... خبر ناهي ڇو، پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. مون کي ان جو سخت صدمو پهتو. حفيظ کي چيم: تو جهڙي ماڻهوءَ جو ڀاءُ آپگهات ڪري اها ته وڏي shocking ڳالهه آهي.

        How can it happen.

        ان جو جواب حفيظ مون کي لکت ۾ تمام سٺو ڏنو هو. افسوس اهو خط ۽ حفيظ جا ٻيا خط الائي ڪهڙي هنڌ رکي وساري ويٺو آهيان.

        • چون ٿا شخصي طرح حفيظ مونجهارن ۾ ڦاٿل ۽ ڊسٽرب شخص هوندو هو. ڇا واقعي؟

        He was essentialy as a rebel باغي هو حفيظ. اهڙو باغي جيڪو اسٽيبلشمينٽ کان بغاوت ڪري. ۽ هونئن به صحيح معنيٰ ۾ جيڪو انٽل ايڪچوئل هوندو آهي، اُهو جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو پيو .. ان سان هو ڪڏهن به satisfy نه ٿيندو آهي. آنجهاني پوهو مل به انهن rebells مان هو. چوندو هو، اسان ڪنهن به حڪومت جي فيور ۾ ناهيون. سڀني جي Opposition ڪنداسين. پوءِ توڻي جو اُهي پنهنجا ئي ڇو نه هجن، حڪومت ۾ آيا ته، انهن جو به احتساب ڪبو.

        ان حوالي سان هن کي اوهان ڊسٽرب ذهن وارو سمجهو ٿا ۽ چئو ٿا ته چئي سگهو ٿا.

ڀلا ڪي جهيڙا جهٽا به ڪندو هو؟

        خيرپورائي ڇوڪرا جيڪي ميٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا. انهن جو پنهنجو هڪ گروپ هوندو هو. انهن سان رونشي طور ڪڏهن ڪڏهن اٽڪندو هو، پر سيريئسلي نه. خار آيس ته گاريون به خوب ڏيندو هو. پر جنرلي حفيظ ڏاڍو حليم طبع هو. بلڪل پولائيٽ.

ليکڪ ڪنهن جي محبت ۾ ٿيو هوندو؟

        لکڻ ڏانهن ماڻهوءَ جو پنهنجو apptitude به ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو باءِ برٿ به، گفٽيڊ ٿيندا آهن. ممڪن آهي لکڻ لاءِ حفيظ کي ڪنهن inspire ڪيو هجي. ممڪن آهي هُن جو ڪو آئيڊيل هجي، جنهن هُن کي لکڻ لاءِ اڀاريو هجي. پر مان نٿو سمجهان ته حفيظ جو ڪو آئيڊيل هو .....

چون ٿا، حفيظ پنهنجي لکڻين جو معاوضو پبلشرز کان ڊمانڊ ڪندي چيو ته: پئسا نٿا ڏيو ته، لکڻين کان به جواب اٿو؟

        .. نه .. صفا ائين به ڪونهي اها ڳالهه .... هُن سرڪاري ايڊ تي هلندڙ رسالن کان معاوضي ڏيڻ جي ڊمانڊ ڪئي هئي ۽ اهڙي ريت هو پهريون شخص هو، جنهن  ليکڪ کي معاوضي ڏيارڻ جي تحريڪ جو بنياد وڌو. بيروزگاري، وارن ڏينهن ۾ هُن پروفيشنل ليکڪ ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. هُن نه فقط سنڌي ادارن کان معاوضي جي ڊمانڊ پئي ڪئي، پر اهو به مطالبو ڪيو ته، اسان کي انگريزي ۽ اردو ۾ لکندڙن جيترو معاوضو ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ هن سرڪاري رسالن جو بائيڪاٽ بيشڪ ڪيو هو، پر غير سرڪاري رسالن ۽ اخبارن کي پنهنجون تخليقون معاوضي کان سواءِ به ڏئي ڇڏيندو هو.

 

اهو به چيو وڃي ته وفات کان ڪافي سال اڳ ئي حفيظ لکڻ ڇڏي ڏنو هو؟

        لکڻ ته واقعي به حفيظ ڪافي سال اڳ ڇڏي چڪو هو. ڇا هي ته سرڪاري نوڪري جيڪا هوندي آهي، اها هوندي آهي ڪلارڪي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهندي ڪو ماڻهو Creative ڪم ڪري ٿو ته سچ پچ جس لائق آهي. نه لکڻ جو هڪڙو ٻيو سبب به هوندو آهي ته ماڻهو جڏهن Study گهڻي ڪندو آهي ته پنهنجو لکڻ هن کان ويندو آهي ڇڏائبو. پڙهڻ جي حفيظ ۾ به گهڻي عادت هئي. اسان هن کي سدائين گهڻو پڙهندي ڏٺو. اڪثر چوندو هو. دل چاهي ٿي ته ڪتابن جي دڪان تي ڌاڙو هڻي، ڪتاب اغوا ڪري اچجن .. ۽ ائين چوندي هُن جو اشارو ڪراچي جي وڏن دڪانن ٿامس اينڊ ٿامس ۽ ايمرڪن ڏانهن هوندو هو. چوندو هو، ڪتاب چورائي کڻي اچجن ڪمري تي .... چانهه جو ڪنو چڙهيو پيو هجي ۽ چپ چاپ ويٺو پڙهجي. ڪمري جا در دريون بند هجن ۽ دنيا جو ڪو ٻيو ڪم اصل نه ڪجي. اهي هئا اسان جي مرحيات حفيظ شيخ جا شوق، ته مون ڳالهه پئي ڪئي ته ماڻهو جڏهن ايڏو پڙهي ٿو ته پوءِ پنهنجي لکڻ ۾ هُن کي چارم نظر ڪونه ايندوآهي. ٿي سگهي ٿو، حفيظ ان احساس سبب لکڻ ڏانهن دلچسپي گهٽائي ڇڏي هجي.

ڪتابن چورائڻ جي خواهش کي ڪڏهن عملي جامو پهرايو به ...

        نه قطعي نه! اهو ته ائين ئي ڀوڳ هوندو هو. ايڏي همٿ هئي ئي ڪٿي اسان ۾ بادشاهه!

حفيظ ڪراچيءَ ۾ ڪهڙي سن تائين رهيو؟

        ڀانيان ٿو 64-65ع تائين هو ڪراچيءَ ۾ هو.

خط و ڪتابن رکندا هئا هڪ ٻئي سان؟

        ها .. حفيظ ڏاڍا سٺا خط لکندو هو. افسوس، اُها سندس خطن وارو فائل الائي ڪاڏي گم ٿي ويو اٿم. ڪراچيءَ کان جو ٺٽو ته، نوڪرين ۽ Study سانگي، ڪڏهن هو لاهور ۾ رهيو ته ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن خيرپور ته، ڪڏهن دادو ۽ جيڪب آباد ۾ .... بدلين واري زماني ۾ خط و ڪتابت سان گڏوگڏ هُن سان منهنجي ملاقاتن ۾ به رخنو پيو. 64  .. 65  تائين هن سان جيڪي ڪچهريون ٿيون، اهڙيون وري ڪڏهن نصيب نه ٿيون.

آخري ملاقات وقت حفيظ جي ذهني حالت اوهان کي ڪيئن لڳي؟

        بلڪل نارمل ..... ڇو ته اُهي ڏينهن هُن جي ڀرپور خوشين جا ڏينهن هئا، اسان ته هُن کي ڪڏهن به ۽ خاص ڪري ڏکين ڏينهن ۾ به ڪڏهن مونجهارن ۾ ڦاٿل ڪونه ڏٺو.

حفيظ جي اوچتي موت تي دوستن سان گڏ، هُن جي گهر وارن کي به تشويش آهي ته ..... يا ته حفيظ کي زهر ڏنو ويو هو يا .....

        معاملو ڇا هو، مون کي ڪا گهڻي خبر ڪانهي، ايترو بهرحال ياد اٿم ته، تنهن وقت جي سکر واري ايس ڊي ايم مسٽر ممتاز کوکر، جيڪو حفيظ جو گهرو دوست هو (جيڪو پڻ 1971ع ۾ روهڙي واري پل تان لنگهندي انڊين فورس جي اسٽرننگ ۾ فوت ٿي ويو هو. حفيظ ۽ ممتاز جي فوت ٿيڻ ۾ مشڪل سان ڪجهه مهينن جو ئي فرق هو) چيو وڃي ٿو ته، اُن حفيظ جي پوسٽ مارٽم کي روڪي ڇڏيو هو. ان ۾ حقيقت ڪيتري آهي.  I dont know

ڀلا ٻٻرلوءِ واري ڀونگي، جتي حفيظ آخري پساهه کنيا، ڇا واقعي ڪا ڀونگي هئي؟

        ڀونگي واقعي هئي ۽ ڪانن ۽ ڪکن جي هئي. هيٺ گاديلو وڇيل هو، مزيدار ڳالهه ٻڌايانوَ ته، جتي ڪٿي سترهين گريڊ واري آفيسر حفيظ شيخ جو، اهو پيڪيولر انداز هوندو هو ته کٽ تي ڪٿي به ڪونه سمهندو هو، سمهندو هو هيٺ پَٽ تي هو. دوست به مان کي ٻڌائيندا هئا ته، جتي جتي بدلين سانگي حفيظ ويندو هو، سمهندو سدائين هيٺ هو .. پَٽ تي. هڪ دفعي ته چيومانس به: هي تون ڪاٿي پيو رهين حفيظ؟ چيائين ..... دلبر مزو ٿو اچي هتي مان کي ..... مان هن کي ٺاهيندس. زمين کي تيار ڪندس.

آخري ملاقات ۾ ڀلا حفيظ جي گهرواري سان ملاقات ٿي اوهانجي؟

منهنجي هُن سان ڪا خاص ڪچهري ڪانه ٿي هئيShe was most traditional سرائيڪي ڳالهائيندڙ هئي. مان حفيظ سان ڪچهري ڪندو رهيس ۽ هوءَ چپ چاپ ويٺي هئي. هاڻي ته مون کي ان جي چهري جي آئوٽ لائين به ياد ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، مسز حفيظ، جيڪا پڙهيل لکيل ڇوڪري هئي، متان هن کي حفيظ جون اهي ڳالهيون نه وڻنديون هجن. هن ته سترهين گريڊ جي آفيسر مان الائي ڇا ڇا Expect ڪيو هوندو ..... متان adjust نه ڪري سگهي هجي .. خير ..... اها سڄي منهنجي Expectation آهي. حفيظ کي زهر ڏيڻ يا خودڪشي واري عمل بابت مان کي ڪو پتو ڪونهي.

        مون کي رڳو ان ملاقات کان پوءِ .. ۽ اها به ان وقت جڏهن حيدرآباد ۾ حفيظ جي تدفين ٿي چڪي هئي، لاڙڪاڻي ۾ خبر پئي ته، ان ڀونگيءَ ۾ ئي هڪ رات حفيظ مئل حالت ۾ مليو هو.

ڪڏهن حفيظ جي تربت تي ويـﺆ .. گل وجهڻ؟ مون خواجه سليم کان آخري سوال ڪيو.

نه نه  That was too late جڏهن مون کي خبر پئي، تڏهن حفيظ جي وفات ۽ تدفين کي وقت گذري چڪو هو .. دوست ويو. ڳالهه ختم. چيپٽر ڪلوز. تربت تي وڃڻ سان ڀلا ڪهڙو ٿو فرق پوي بادشاهه ....

 

        .......... ۽ ان کانپوءِ، ميٺارام هاسٽل واري اڳوڻي روم پارٽنر، ذاتي دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ليکڪ ۽ پارکو خواجه سليم سان، حفيظ شيخ بابت اها مٿين گفتگو پوري ڪري سندس فاطمه منزل جي در وٽ بيهي کانئس موڪلايم. خواجه سليم مون کي ڀاڪر پائي خدا حافظ ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر رميش ڪمار رامناڻيءَ کي پيار مان رام رام چيو. مون اوچتو مرڪندي چپن ۾ چيو: شام شام .. ۽ سامهون دريءَ ڏانهن ڏٺم: ٻاهر ڪراچيءَ مٿان پکڙيل آسمان مان حفيظ شيخ جون روشن اکيون مون ڏانهن گهوري، مُرڪي مون کي آشيرواد ڏيئي رهيون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com