سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 13

صفحو : 13

 

زرتشت هڪ عظيم پيغمر

 

[علامه صاحب هيءَ تقرير پارسي جماعت جي دعوت تي ڪراچي ۾ ڪئي، جيڪا پهريون دفعو ”مسلم اسٽوڊنٽ“ رسالي جي آگسٽ 1938ع واري پرچي ۾ شايع ٿي هئي. [

گذريل مختلف مذهبن بابت هفتيوار تقريرون نشر ٿي رهيون هيون. هن جي چوٿين تقرير زرتشت جي فڪر بابت هئي. انهيءَ گفتگو دوران هن تنقيد ۽ ملامت جي خوف جي پرواهه نه ڪندي اها ڳالهه چئي ته زرتشست کيتيءَ کي نيڪي ۽ خير سان تعبير ڪيو آهي؛ بلڪ هن سندس هيءُ قبول پڻ نقل ڪيو:

”جيڪو ماڻهو اناج جو داڻو پوکي ٿو، اهو نيڪيءَ جو ٻچ ڇٽي ٿو.“ عيسائيت بابت هن پنهنجي ڇهين تقرير ۾ چيو ته عيسائيت پاڻ سڃاڻڻ جو ٻيو نالو آهي. مون کي ان ڳالهه تي ڪو تعجب نه ٿيو، ڇو ته آءٌ پاڻ جديد دؤر جي انسان جي اهڙين ڪمزورين سان مانوس آهيان. اڄ جو انسان اڃا انهيءَ ”مان“ ۾ پنهنجي هر ڳالهه کي اڳڀرو کنيو اچي، باقي ”هن“ ۽ ”هن جي“ ڳالهين کي حقارت ۽ تعجب وڃان پيو نهاري.

البت جيستائين اتي ويٺل ٻڌندڙن جو تعلق هو ته انهن مان هڪڙو ماڻهو اٽلو انهن الفاظن کان بيحد متاثر ٿيو، جيڪي ڊاڪٽر واٽر هائوس تنقيد ۽ ملامت جو باعث ٿي سمجهيا، سو اڄ جنهن شيءِ بابت آءٌ پهرين ڳالهائيندس اها زراعت يا کيتي آهي. ٻي شيءِ جنهن جو زرتشت جي فڪر ۾ اڪثر ذڪر اچي ٿو، اها روشني يعني نور سان محبت آهي، پوءِ اها روشني شعلي جي هجي يا سج جي يا ستارن جي!

بلڪل هينئر جڏهن آءٌ توهان جي اسڪول ۾ داخل ٿيس ته مون هي لفظ هڪ ڪلاس جي محراب تي اڪريل ڏٺا. خدا نور آهي عظيم نور ڏانهن وڌو. انهيءَ ڪري اڄ آءٌ عظيم پيغمبر زرتشت جي تعليم جي انهن ٻن اصولن بابت ڳالهائيندس ۽ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس ته ڇا پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ وارو متو مجموعي ۽ عملي طور تي سندس مُک مقصد آهي يا نه!؟ هو چوي ٿو: جيڪو ماڻهو ٻج پوکي اناج اپائي ٿو، اهو ڄڻ ته نيڪيءَ جي پوک پوکي ٿو.

هتي سڀ کان پهرين توهان اهو پڇڻ چاهيندا ته اها ”نيڪي“ يا خير آهي ڇا؟ آءٌ توهان کي هن سلسلي ۾ نيڪيءَ بابت مجرد نظريات جي ڄاڻ واسطي تڪليف ڏيڻ نٿو گهران. ان ڪري نه ته اهي توهان جي سمجهه کان مٿي آهن، پر ان لاءِ ته اهي بهرحال رڳو نظريا آهن، جيڪي اڻپورا ۽ غير اطمينان بخش آهن.

اهڙي طرح هن عظيم پيغمبر پڻ پنهنجي ماڻهن کي اها اجائي تڪليف ڏيڻ نٿي گهري. هن رڳو کين اهو ٻڌايو ته ان ذات جي خواهش يا مرضيءَ مطابق هلڻ ئي نيڪي آهي ۽ ان ذات جي خواهش اها آهي ته توهان هن ڌرتيءَ کي آباد ڪريو، اناج اپايو ۽ ان کي سهڻو بڻايو، اهو ئي توهان جو اولين فرض آهي. هيءَ پوري مٽي جيڪا هميشه کان آباديءَ جي انتظار ۾ آهي!

ان زماني ۾ ۽ ان وقت تائين انسان جهنگ جي جانور جي برادريءَ ۾ شامل هو. رڍن جي ڌڻ ۾ هڪ رڍ هو جيڪو ائين پنهنجي زندگي گذاريندو هو. ليڪن ان کان اڳ سندس حالت وڌيڪ خراب هئي، تڏهن هو هڪ درنده صفت جانور هو، جيڪو ٻين جانورن کي شڪار ڪري کائيندو هو. کيس ٻيو خواب خيال نه هو، ايتري قدر جو سندس ڪو گهر گهاٽ به ڪونه هو. هتي توهان کي معلوم ٿيندو ته ان وقت نه رڳو ڌرتي هڪ جهنگل سمان هئي، پر انسان پڻ جهنگلي ۽ وحشي هو.

مطلب ته ڌرتيءَ کي کيڙڻ ۽ ان کي آباد ڪرڻ تي ئي انساني ثقافت يا سڌاري جو امڪان هو. اها ڳالهه جيتوڻيڪ ان وقت جي ٻين انساني ذهنن ۾ به لاشعوري طور تي اُڀرڻ لڳي هئي. ليڪن زرتشت اهو پهريون انساني آواز هو جنهن ان جو برملا اظهار ڪيو. سو ان صورت ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعلى ڪم ٿي پئي سگهيو ته ڌرتيءَ کي کيڙجي، پوکجي ۽ ان مان ان اُپائجي! اهو ئي دؤر هو جڏهن پهريون دفعو رولو ۽ وحشي انسان اتم ۽ اعلى بنجي رهيو هو؛ ڇو ته هو هاڻي تخليقي عمل ۾ ڀائيوار ٿيڻ لڳو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڪارلائل (1) زرتشت جهڙي مهان ۽ قدآور شخصيت کان پنج هزار سال پوءِ به اها ساڳي ڳالهه ورجائي آهي ته واقعي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو نيڪ ۽ سڳورو ڪم ٿي سگهي ٿو ته خدا جي هن پوري ڌرتيءَ جي ڪنهن هڪ ٽڪر کي سائو ۽ سرسبز ڪجي!! جتي اڳ ۾ ڪا شيءِ نه هجي، اتي کيت ۽ باغ نظر اچن، جيڪي وري انسان جي پنهنجي دل ۽ روح لاءِ طراوت ۽ خوشيءَ جو باعث بنجن. ازانسواءِ کيس انهن منجهان نج ۽ خالص خوراڪ به ملي ته جيئن هو پاڻ جي سگهي ۽ پوک ڪري سگهي. اهو سبب هو جن ماڻهن هن اُتم پيشي کي اختيار ڪيو انهن کي ”آريا“ (2) ڪوٺيو ويو.

آريا لفظ جي اصل معنى ”اتم“ اعلى ناهي. بلڪ ان جي معنى هي کيڙيندڙ يعني جيڪو کيتي جو ڪم ڪري يا جيڪو زمين مان ميوا ۽ ڀاڄيون اُپائي، جتي پهريائين ڪجهه نه هو. اهو لفظ جيئن اوهان سڀني کي خبر آهي ته ”ار“ مان نڪتو آهي جيڪو اڄ به توهان جي سرزمين تي ”هر“ جي صورت ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح لفظ ”هاري“ جنهن جي معنى کيڙيندڙ آهي ۽ لفظ ”هري“ جيڪو هندن ۾ خدا جو ٻيو نالو آهي، ٻئي ساڳئي ڌاتوءَ يا پاڙ مان نڪتا آهن. مون کي انهن مان هڪ جو ته يقين آهي. ان کان پوءِ توهان جو لفظ آرائين آهي جيڪو پاڻ انهيءَ ڌاتو سان وڌيڪ ويجهو آهي ۽ ان جي معنى آهي باغائي.

جيئن اوهان سڀني کي خبر هي ته ڪن يورپي ليکڪن تازو بلڪ بنهه ويجهڙائي ۾ انهيءَ لفظ ”آريا“ جي بڻ بنياد بابت عجيب و غريب نظريا بيان ڪيا آهن. هو ته هاڻي ان حد تائين وڇي پهتا آهن جو چون ٿا ته انهن ماڻهن جو فارس يا وچ- ايشيا سان ڪو تعلق نه هو بلڪ اهي آرڪٽڪ (برفاني علائقي جي مخلوق هئا. هي نهايت عجيب دعوى آهي، ڇو ته ان سان اسان جي پوري انساني تهذيب جي ڄاڻ جي نفي ٿئي ٿي. اسان کي اها به خبر آهي ته دريائي تهذيب انساني تهذيب جي سلسلي جي پهرين اهم ڪڙي آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن انسان غارن ۾ رهڻ ترڪ ڪيو ۽ بدويانه زندگيءَ کي ڇڏيو ته هن پهريائين زمين کي کيڙڻ ۽ آباد ڪرڻ شروع ڪيو. ان صورت ۾  اهو سوچڻ نهايت هٺ ڌرمي آهي ته ان وقت انسان خوبصورت ندين جي زرخيز ڪنارن کي آباد ڪرڻ بجاءِ برفاني ميدانن کي کيڙڻ شروع ڪيو هوندو!

پر اچو ته سندن ئي روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته اتي اهڙيون شاهديون ڪونه ٿيون ملن ڇا، جيڪي اسان جي نظريي جي پٺڀرائي ڪن؟

هنن جي ڏند ڪٿائن ۾ اسان کي هڪ ديويءَ جو نالو ”ڊي ديا“ (Dea Dia)  ملي ٿو جيڪا کيتيءَ جي ديوي آهي. ان کي هو ”ارول“ (Arual) پڻ ڪوٺين ٿا. انهيءَ لفظ ۾ ڌاتو ”ار“ صاف نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ارول نالي ٻارنهن ڀائر جن کي لاطينيءَ ۾ ‘Fraters Arvals’ ڪوٺجي ٿو، تن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي مئي مهيني ۾ ارول ديويءَ جي نالي هڪ ساليانو ڏڻ ملهائيندا هئا، پنهنجين زمينن جي زرخيزي وڌائڻ لاءِ ان ديويءَ کان مدد گهرندا هئا. هن سلسلي ۾ وڌيڪ پري وڃڻ جي ضرورت ناهي. توهان کي خبر هجي ته لاطيني ۾ ”اروم“ (Arvum) جي معنى آهي کيڙيل زمين. وڌيڪ ويجهو اچو ته انگريزي ۾ لفظ ‘Aradle’ جيڪو ‘Araval’ مان نڪتو آهي، ان جو اشتياق  آهي ‘Ar-able’ يعني کيڙيءَ يا آباديءَ لائق.

بلڪ اڳتي هلي ڌاتوءَ ”ار“ جي معنى ئي ڄڻڻ ۽ پيدا ڪرڻ ٿي وڃي ٿي، جيڪو وري لاطيني ۾ ‘Ars’ ٿيو پوي جنهن سان لفظ ”آرٽ“ (Rat) نڪتل آآهي ۽ ان جي پڻ اها معنى آهي: تخليق ڪرڻ پيدا ڪرڻ. اهڙي طرح ساڳي معنى رکندڙ ۽ انهيءَ ”ار“ (Ar) ڌاتوءَ وارا ڪيترا لفظ يوناني زبان ۾ پڻ ملن ٿا.

سو هتان ان ڳالهه جي يقيناً ڪافي شاهدي ملي ٿي ته ”ار“ معنى ”هر“ باقي ”ارول ديوي“ ۽ ”برادران“ هنن ماڻهن لاءِ ڄڻ ته ديويءَ ۽ پادريءَ واري حيثيت رکن ٿا. توهان کي ياد ڏيارڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي ته توهان اڄ سوڌو کيتيءَ کي اتم سمجهو ٿا.  اڄ اها ڳالهه ڇهه هزار سال پراڻي آهي. آريو اهو هو جنهن اناج پيدا ٿي ڪيو، جنهن باغ ٿي لڳايو جنهن پوک ٿي ڪئي ۽ ڌرتيءَ کي سنواريو سينگاريو ٿي بلڪ جنهن ڌرتيءَ جي پيدا ڪندڙ سان پيداوار جي عمل ۾ شرڪت ٿي ڪئي. سوال آهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو سٺو ڪم ٿي پي سگهيو ڇا، جو توهان کي ان تي تعجب ٿو ٿئي ته ”آريا“ لفظ جي معنى ”اُتم“ ۽ ”نيڪ“ ڇو ٿي ڪئي وڃي. يا ان لفظ جي ايڏي تقديس ۽ تعظيم ٿيڻ کپندي هئي ڇا اهو ان کي ”ارول“ ۽ ”هري“ ديوتا سان پڻ موسوم ڪيو ويو؟

بهرحال ڌرتيءَ کي آباد ڪرڻ وارو عمل نه رڳو بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، بلڪ اتان ئي ”تهذيب“ يا ڪلچر جي اوسر ٿي. اهو سڀڪجهه ڪيئن ٿيو؟ في الحال آءٌ هتي ڪونه ٿو ٻڌائي سگهان، پر ايترو چوڻ تي اڪتفا ڪندس ته اهو عمل پوري ڪلچر لاءِ ماءُ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ ڪري اڄ به توهان مان ڪو ماڻهو ڌرتيءَ جي ڪنهن ڪنڊ کي سرسبز ڪري ٿو، يا ڪو ميويدار وڻ پوکي ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهو ٻوٽو هن پوڙهي ڌرتيءَ مٿان ڦلدار ٿيڻ لڳي ٿو؛ تڏهن ڄڻ ته اهو عمل توهان کي خلقڻهار جي حيثيت تي پهچائي ڇڏي ٿو ۽ بزرگ و برتر حيثيت جو مالڪ بنائي ٿو.

هاڻي مون کي جلدي موضوع جي ٻي حصي يعني روشني يا نور بابت ڪجهه چوڻ گهرجي.

پهرين ڳالهه اها آهي ته جڏهن اونداهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندڙ انسان کي بينائي ۽ بصيرت حاصل ٿي ته جنهن شيءِ هن جو خيال ڇڪايو، اهو ڏينهن جي وقت کليل آسمان هو جيڪو رات جي وقت وري ستارن سان چمڪندڙ هو يا چانڊوڪيءَ سان روشن هو. مطلب ته اها روشنيءَ ۽ چمڪ جي شدت هئي جنهن سندس کليل اکين کي متاثر ڪيو هو. ان ڪري به ڇاڪاڻ ته انسان انهيءَ روشنيءَ جي ذريعي ئي ته ٻين سڀني شين کي ڏسي ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري اهو سڀاويڪ ٿي لڳو ته هن جنهن شيءِ جي پهرين پرستش شروع ڪئي، اهو چمڪندڙ آسمان هو. سنسڪرت کان اڳ واري زبان ۾ ان کي ”ديوا“ (Deva) ٿي چيو ويو. انسان انهيءَ دِيو جي پوڄا ڪندو آيو ڇو ته هن کي ان افضل ۽ اعلى ٿي سمجهيو. بهرحال آءٌ توهان کي اها پڪ ٿو ڏياريان ته آسمان جي باري ۾ اهو ويساهه انهيءَ بجلي يا نور جي خاصيت سبب پيدا ٿيو هو ۽ نه محض آسمان جي ڪري. هن سلسلي ۾ آءٌ توهان کي هڪ گهريلو مثال ڏيان ٿو. توهان ڪڏهن پنهنجي انهيءَ عام ڏيئي بابت سوچيو آهي جيڪو گذريل پنج هزار سالن کان وٺي توهان جي گهرن کي منور ڪري رهيو آهي.“  بلڪ اڃا به ان وقت کان وٺي جڏهن انسان باهه سان واقفيت حاصل ڪئي. مطلب ته اها خاص تعظيم قابل ڳالهه جيڪا هن وشال آڪاس ۽ ڏيئي ۾ مشترڪ نظر اچي ٿي، سا روشني يا نور آهي. ديوا (Deva) لفظ جو پڻ ساڳيو بنياد آهي. پر جڏهن ديوا جي شهرت گهٽجڻ لڳي ۽ ان جي جڳهه تي ”ورونا“ (Varuna) کي آندو ويو ته ان جي معنى پڻ  ”چمڪندڙ“ آهي.

هتان وري اسان هڪ دفعو يورپ هلون ٿا، جتي ديوا ٿورو تبديل ٿي ‘Dius’ ۽ ‘Deus’ ٿئي ٿو، جنهن جي معنى ”خدا“ (Deity) آهي. پر اهو لفظ خود به ته انهيءَ ساڳئي ڌاتوءَ مان نڪتو آهي. اهڙيءَ طرح ٿوري دير اڳ مون اوهان کي ٻڌايو ته ”ديوا“ جي معنى وري ”ديوي“ (Godess) آهي. هوڏانهن ‘Disu’ کي يونانيءَ ۾ ‘Zeus’ (زيوس) ٿو چئجي.

هاڻي وري ديوتائن کان هيٺ لهي روزمره جي زندگيءَ تي اچون ٿا. لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Diss’جي معنى آهي ڏينهن ۽ انگريزي ٻوليءَ جا اهي ٻئي لفظ ‘Day’۽ ‘Dawn’ به انهيءَ ساڳئي ڌاتوءَ مان ڦٽي نڪتا آهن. نه رڳو اهو پر لفظ ‘Divine’جو به ساڳيو بڻ بڻياد آهي. اهڙيءَ طرح سنسڪرت جو ”ورونا“ يورپ وارن وٽ ”اورونس“ (Ourones) يا ”يورينس“ (Uranus) آهي. مطلب ته تجلي يا روشني منجهان ئي ان خدا جا سڀ نالا نڪرن ٿا. جنهن جي انسان عبادت ڪري ٿو.

پر هتي توهان شايد چئو ته اهو سڀ ڪجهه آريا لوڪن بابت هو. سامي نسل جي ماڻهن جي به ته ڳالهه ڪريو جيڪي انسانذات جي هڪ ٻي وڏي نُک آهن ۽ جن تمام وڏا مذهب پڻ پيدا ڪيا آهن. هن سلسلي ۾ عجيب ڳالهه اها آهي ته اسان سامي ۽ آريا نسل کي هڪٻئي کان قطعي مختلف سمجهون ٿا، پر حيرت آهي جو عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضيا“ (Dea) جي معنى آهي روشني ۽ اهڙي طرح ”ضحى“ جي معنى آهي ڀنڀرڪو يا پرهه ڦٽي ۽ پرڀات.

ڳالهه اتي ختم ڪونه ٿي ٿئي بلڪ دنيا جي مذهبن جي آخري پيغمر محمد پڻ اهو چيو هو ته: ”خدا آسمانن ۽ زمين جو نور آهي (الله نورالسمــٰوات والارض) (القرآن) سو توهان ڏٺو ته هر طرف روشني الوهيت جو مظهر آهي ۽ زرتشت جي ان ڳالهه جي پوءِ وارن ڄڻ ته بار بار تصديق پئي ڪئي آهي. هن ئي پنهنجن پوئلڳن کي اهو چيو هو بلڪ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو هو ته ان وقت به جڏهن هو روشنيءَ جي عبادت ۾ مشغول هجن، تڏهن به سندن آڏو روشنيءَ جو موجود هجڻ لازمي آهي. سج جي روشني جڏهن اهو اُڀري ٿو ۽ اُلهي ٿو، يا ستارن ڀريءَ رات جي روشني، يا ان ڏيئي جي روشني جڪو اسان جي گهرن کي روشن ڪري ٿو. اهي سڀ روشنيءَ جا روپ آهن ۽ هتان هو انسان جو خيال ان ڳالهه ڏانهن ڇڪائي ٿو ته انسان جي من ۾ به روشني آهي. مطلب ته اها خارجي روشني هجي يا باطني، جن منا پهرين جيڪڏهن هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري ٿي ته ٻي وري انسان جي من کي منّور ڪري ٿي. پر آهن اهي سڀ خدا جي خدائيءَجا مظهر. باقي ان جو نالو کڻي توهان ڪهڙو به رکو. ڊيو (Dyo)، ڊئيس (Dius)، يا ڊيئو (Dieu) يا اهورا (Ahra) وغيره.

مون ٿوري دير اڳ ”سٺن خيالن“ جو ذڪر ڪيو. اهي خيال روح جي روشني جنهن کي ‘Vohe Manh’ ڪوٺجي ٿو، ان جي نمائندگي ڪن ٿا. اهو ان روشنيءَ جو ڪمال هو جو اسان جو هيءُ عظيم پيغمبر جنهن کي هاڻي پنج هزار سالن کان مٿي عرصو ٿي چڪو آهي، اڃا سوڌو روشنيءَ جو مينار آهي. هو پاڻ انهيءَ روشنيءَ سبب اهي ديدار ۽ درشن ڪري سگهيو، جيڪي روشنيءَ کان سواءِ هونئن ٿي نه پئي سگهيا. انهن خاص مشاهدن جي نتيجي طور هو ڪجهه ڏسي سگهيو، جيڪي اسين ۽ توهين نٿا ڏسي سگهون؛ جيستائين اهو روشنيءَ جو روح اسان جو پڻ مددگار نٿو ٿئي.

مون کي لڳي ٿو ته آءٌ به جيڪي هينئر ڏسان پيو، اهو توهان کي ٻڌائي نٿو سگهان. البت هتي ايترو ٻڌائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ته زرتشت پيغمبر کي به سڀ کان پهريائين هي وسيع و عريض آسمان نظر اچي ٿو، ۽ ان کان پوءِ هو ڌرتي جي پاتال ۾ ڏسي ٿو، جتي کيس معدنيات به ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ هو انهن جي صحيح توڙي غلط استعمال کان آگاهي پڻ حاصل ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو انهن کي پنهنجي نظر ۾ رکي ٿو. ٻئي مرحلي تي هو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي اچي ٿو ۽ هن ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ حسن تي ويچار ڪري ٿو. ان کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀ جانور خص ڪري ڍڳو ۽ ڪتو؛ اهي ان ڪري ڇاڪاڻ ته پهريون ڌرتي جي کيڙڻ وقت انسان جو مددگار ٿئي ٿو ۽ ٻيو سندس گهر جي سنڀال ڪري ٿو. اڳئين مرحلي تي انسان ۽ سندس جسماني صحت هن لاءِ تمام اهميت واريون ڳالهيون آهن. انسان کي وري حسين و جميل به هئڻ گهرجي ته جيئن پنهنجي نسل کي وڌائي سگهي ۽ ان کي برقرار رکي سگهي؛ ڇو ته هو ئي هن ڌرتيءَ تي خدا جو نائب ۽ مددگار آهي.

هن کان پوءِ هو انهن طور طريقن جو جائزو وٺي ٿو جيڪي انسان کي متقي ۽ صالح بنائن ٿا. آخري مشاهدي ۾ هو انسان کي لافاني مقدر جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هو اهي طور طريقا ٻڌائي ٿو ته انسان ڪيئن لافاني ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ ڪهڙيءَ ريت همھ گير روشنيءَ جي سرچشمي تائين پهچي سگهي ٿو ۽ ڪيئن ان ذات جي نظر ۾ محمود ۽ مقبول ٿي سگهي ٿو.

منهنجا پيارا دوستو! انهن ٿورن لفظن ۾ مون اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته پاڻ سڃاڻڻ جي سلسلي ۾ عظيم زرتشت جا ڪهڙا ويچار هئا. ڏسو ته ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي اها ڪوشش هر لحاظ کان ڪيڏي نه مڪمل هوندي جنهن ۾ معدنيات کان وٺي انساني روح کي مهذب بنائڻ شامل آهن؛ يا جيئن هو چوي ٿو ته ان لاءِ ويڙهه به کائڻي آهي. اهڙي مڙسيءَ واري ويڙهه جيڪا هر رنڊڪ ۽ روڪ جو مقابلو ڪري، ڇو ته اها رنڊڪ ”بدي“ يعني برائي آهي. ان کانسواءِ ڪنهن به قسم جي ”بديءَ“ کان ڊڄڻو ناهي، بلڪ ان سان وڙهڻو آهي، ته جيئن نيڪ ٿي سگهجي. نيڪي، جيڪا زرتشت جي نظر ۾ ۽ هر فهميدي ماڻهوءَ جي سوچ ۾، ان ذات جي امر کي ڄاڻڻ ۽ ان جي پابندي ڪرڻ ۾ سمايل آهي. اها ئي اسان کي روشني يا نور تائين رسائي سگهي ٿي.

سو ٻيا ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه چون ٿا ته کين چوڻ ڏيو. پر پڪ رکو ته توهان ماڻهو هڪ اهڙي تعظيم قابل ۽ محبوب پيغمبر سان محبت رکو ٿا، جيڪو هڪ اُتم ۽ اعلى شخصيت جو مالڪ هو ۽ هن جا مقصد ”روشني“ ۽ تهذيب هئا. ان ڪري اهو ماڻهو جيڪو اهي مقصد حاصل ڪري ٿو. اهو ئي سچ پچ پنهنجي ذات کي سڃاڻي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو صحيح معنا ۾ مهذب ۽ روشن خيال آهي، اهو ئي بهتر ۽ ڀلو آهي.

 

حوالا 

(1)ڪارلائل لاءِ ڏسو 2-11

(2) آريا:

آرين بابت هڪڙو نظريو اهو به آهي ته جڏهن اهي پنهنجي اصلي وطن وچ- ايشيا مان نڪتا ته ٽن ٽولن يا حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙن يورپ جو رخ رکيو، ٻيا وچ- مشرق مان ٿيندا ايران هتا ۽ اتي آباد ٿي ويا. ٽيان جن هندستان جو رخ رکيو، پهريائين پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ داخل ٿيا، ۽ پوءِ اڳتي وڌيا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو 8-(15)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com