سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :15

مخدوم عبدالرشيد ”بصير“

تحفة الڪرام ۾ عبدالرشيد جي نالي سان ڪيترائي بزرگ ۽ عالم ڄاڻايل آهن. هڪ، هالا ڪنڊيءَ جو مخدوم عبدالرشيد، جنهن کان ڀٽي بزرگن مخدوم محمد ۽ احمد فيض پرايو.[1] ٻيو، ٺٽي جو عالم سڳورو[2] ٽيون لاهري بندر جو ملا عبدالرشيد، جو مشهور فقيہ ۽ ناليرو شاعر هو. مرزا غازيءَ سندس صحبت ۽ شعر پسند ڪري، کيس گهرائي پاڻ وٽ رکيو، ۽ ”خاني“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو.[3] چوٿون، شيخ عبدالرشيد جو ٺٽي جي قاضي عتيق الله جو پٽ هو.[4] اسان جو مخدوم عبدالرشيد، ”ملا عبدالرشيد“ لاهري بندر وارو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو مرزا غازي، شاهه عبدالڪريم جو همعصر هو.

 

سيد علي ثاني

وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي، نه فقط عوام جي ساڻس عقيدت هئي، پر حاڪم به وڏي عزت ڪندا هئس. حاڪمن وٽ وڏو اثر رسوخ هوس. سيد صاحب ٺٽي جو انجوي شيرازي سيدن مان هو. سندس والد بزرگ جو نالو سيد جلال بن سيد علي اول هو. سندس پڙ ڏاڏو سيد احمد (تولد شيراز 757هه وفات سنڌ 845هه) پنهنجي والد بزرگوار سيد محمد (وفات 10 محرم 800هه) سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سيد صاحب مخدوم نوح جو مريد ۽ شاهه ڪريم جو صحبتي هو. ان کان سواءِ وقت جا ٻيا بزرگ، فقير، عالم ۽ درويش به ساڻس ملاقاتون ڪندا هئا. مخدوم نوح کان اڳ هن درويش آچر کان فيض پرايو، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ اچي چڪو آهي. کيس سماع جو ڏاڍو شوق هوندو هو، قاضين ۽ مولوين جي روڪڻ جي باوجود مڪليءَ تي سماع جون محفلون باقاعده لڳارائيندو رهندو هو. عالم ۽ فاضل هجڻ سان گڏ، سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر به هو.

معارف الانوار جي صاحب سندس هڪ سنڌي ڏوهيڙو ڏنو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو:

سرتن سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،

آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وهارين،

وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،

کهندا ٿيون کارين، ڪانه هلندي هوت ڏي.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه ڪريم جي زماني ۾ بيت چٽن سٽن تائين چوڻ ۾ آيو ٿي. تحفة الڪرام (ص 188) ۾ سندس وفات جو سن 971هه آهي. تاريخ معصومي ۾ به 971هه ڄاڻايل آهي، پر جيڪو فقرو ڏنل آهي. ان مان 981هه بآمد ٿئي ٿو. حديقة الاولياءِ جي صاحب سيد عبدالقادر به 981هه برآمد ٿئي ٿو. حديقة الاولياءِ جي صاحب سيد عبدالقادر به 981هه ڄاڻايو آهي. معارف الانوار واري به 981هه ڏنو آهي. اسان به 981هه صحيح سمجهون ٿا. معارف الانوار ۾ سندن ولادت جي تاريخ 891هه آيل آهي.

عمر بودلو

هڪ مجذوب بزرگ هو. پهرين ڏينهن ۾ ماڻهن کان ٽهندو هو، ۽ جهنگلن ۽ جبلن ۾ گذاريندو هو. پوين ڏينهن ۾ اچي ”اگهم“ ڳوٺ ۾ رهيو. وفات اتي ئي ڪيائين، ۽ دفن به اتي ئي ٿيو. درويش ”ونهيون“ ساڻس مريد جهڙيون صحبتون ڪندو هو.[5]

قاسم ڪوري

هالن جو ويٺل جو، ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. ڪورڪو ڪم ڪندو هو.[6]

درويش قطب

مخدوم نوح جو مريد هو. هڪ دفعي ڳوٺ بوبڪ ۾ تصوف جي مسئلن تي عالمن سان سندس مباحثو ٿيو، جنهن ۾ تصوف جا مسئلا عقلي دليلن سان سمجهائيندي عالمن کي لاجواب ڪري ڇڏيائين.[7]

لڌو بهار

هي بزرگ به مخدوم نوح جو مريد هو.[8]

پير لاکو

ڪڪراله پرڳڻي جي ”بڪار“ ڳوٺ ۾ مدفون آهي. شاهه ڪريم جي وقت ۾ ممتاتي ۾ هو.[9]

شيخ محمد

شيخ هوٿي لاکي جو فرزند، ۽ شيخ احمد جو ڀاءُ هو.

مهراڻ نهڙيو

شاهه ڪريم جو همعصر هو. سندس وڌيڪ احوال نه ٿو ملي.

ميرڻ ڪاتيار

نصرپور پرڳڻي جو ڳوٺ ڪاتيار جو ويٺل هو. پهريائين مجذوبيت جي ڪيفيت طاري هئس. شاهه ڪريم کيس مخدوم نوح جي خدمت ۾ وٺي ويو، جنهن جي هڪ ئي نظر کيس معرفت جي وڏيءَ منزل تي پهچائي ڇڏيو.[10]

درويش موسو

جوڻ جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ هو. بهاءُالدين گودڙيو پهريائين هن بزرگ جو مريد هو.

مراد شيرازي

سندس نالو سيد محمد حسين ۽ لقب مراد هو. انجوي شيرازي سيدن مان سيد احمد جو فرزند هو. سيد علي ثاني سندس ڀاءُ سيد علي اول جو پوٽو هو. 831هه ۾ سندس ولادت ٿي، جا ”قرة العين“ مان نڪري ٿي. ڄمڻ سان اکيون نه ٿي کوليائين. جڏهن شيخ عيسيٰ لنگوٽي آيو، تڏهن اکيون کوليائين. شيخ عيسيٰ انهيءَ وقت سندس مريديءَ جو اظهار ڪيو. ڪيترن ئي الله جي ٻانهن کي فيض ڏنائين. حضرت غوث بهاءالحق جو پڙ پوٽو شيخ صدرالدين جڏهن سنڌ ۾ آيو، ته ٺٽي ۾ سندس ملاقات لاءِ به آيو، سندس صحبت کان ايڏو متاثر ٿيو، جو چيائين، ته ”تون مشائخن جي مراد آهين.“ ان کان پوءِ مٿس ”مراد“ لقب پئجي ويو. ان جي بدلي ۾ شيخ صدرالدين کي ”حليم“ جو لقب عطا ڪيائين. سندس فضيلتون حاجي محمد حسين صفائي جي ڪتاب ”تذڪره المراد“ ۾ بيان ٿيل آهن. 893هه ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. کائنس پوءِ سندس پٽ ”منصور“ سندس سجاده نشير ٿيو.[11]

سيد ميران محمد جونپوري

سيد محمد المعروف به ميران محمد جونپوري سن 847هه (1443ع) ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حسن هو. سندس نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو. وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جونپور کان نڪتو، ۽ مالوه، گجرات ۽ دکن مان ٿيندو مڪه معظمه ويو، جتي 901هه (1495ع) ۾ مهدويت جي دعويٰ ڪيائين. ان کان پوءِ مدينه منور وڃڻ کان سواءِ ئي پوئتي موٽيو. واٽ تي ڪجهه ماڻهو سندس مريد ٿيا. جن مان ڪي ساڻس گڏجي هليا. موٽي اچي احمد آباد ۾ رهيو، ۽ وعظ ۽ نصيحب ذريعي ماڻهن ۾ روحانيت جي تبليغ ڪيائين. مهدويت جي دعويٰ سبب عالمن سندس سخت مخالفت ڪئي، جنهن ڪري گجرات جي حاڪم سلطان محمد کيس احمد آباد مان ڪڍرائي ڇڏيو.

اتان نڪري ”سوله تيج“، نهرواله“، ”پيران پٽن“، ”ناگور بڙلي“ ۽ ”جيسلمير“ کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿيو. پهريائين نصرپور آيو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي 18 مهينا سلطان سامٽئي جي خانقاه ۾ رهيو. هتي ساڳيو ئي وعظ ۽ نصيحت جو سلسلو جاري رکيائين. ٺٽي ۾ قيام واري زماني ۾ سنڌي زبان جو قديم شاعر قاضي قاضن، مولوي مرزا شاهين بکري، شيخ صدرالدين، مولوي شيخ الياس، پير آسات، شيخ جهنڊو پاتڻي، قاضي شيخ محمد اچي جعفري، ميان ابوبڪر بکري، سنڌ جي حاڪم ڄام نندي جو وزير دريا خان ۽ ٻيا ڪيترا عالم سندس مريد ٿيا. سنڌ جا ڪيترائي عالم سندس عقيدن جي ڪري سندس مخالف ٿيا، جنهن ڪري کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم مليو. سنڌ مان نڪري 360 ساٿين سان قنڌار پهتو. هتي به سندس عقيدن جي ڪري سندس مخالفت ٿي. البت شاهه بيگ ارغون سندس معتقد ٿيو، جنهن ڪري عالمن جي مخالفت ڪجهه گهٽي. آخر اتان به نڪرڻ تي مجبور ٿيو، ۽ ”فراه“ شهر ۾ پهتو، جتي سنه 910هه (1504ع) ۾ وفات ڪيائين.

 

مخدوم نجيم

شيخ موسيٰ، ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو پنجون ڏاڏو، نائين صدي هجريءَ ۾ اچي، سيوستان پرڳڻي جي سرزمين ”ريل“ ۾ رهيو. مخدوم نجيم ان بزرگ جي پيڙهيءَ مان ريل جي بزرگن جو سردار ۽ مخدوم نوح جو همعصر هو[12].

مخدوم نوح

شاهه ڪريم جو مرشد حضرت مخدوم نوح وڏو الله وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. ڪيترن ئي وڏن وڏن بزرگن کانئس فيض پرايو. روايتن موجب سندس نسب جو سلسلو حضرت صديق اڪبر سان ملي ٿو. سهروردي سلسلي جو باني حضرت شيخ ابونجيب ضياءُالدين عبدالقاهر سهروردي سندس وڏو ڏاڏو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو مخدوم نعمت الله هو. 17 رمضان 911هه برابر 1500هه ۾ سندس ولادت ٿي. سندس اصل نالو لطف الله هو، پر پوءِ ”نوح جي نالي سان مشهور ٿيا، جنهن لاءِ مختلف روايتون آهن. ستن سالن جي عمر ۾ کين هاله ڪنڊي جي مشهور عالم عربي ڌياڻي عرف شاهه ڏني وٽ پڙهڻ وهاريائونس 251 سيپارا پڙهيائين، ڪن روايتن موجب فقہ جا ڪجهه ڪتاب به پڙهيائين. ظاهري تعليم ايتري نه هوندي به قرآن حڪيم جو جڏهن تفسير ڪندا هئا، ته عالم دنگ رهجي ويندا هئا. سندن قرآن حڪيم جو پارسي ترجمو ۽ تفسير، حضرت گودڙئي جي هٿ لکيل، اڄ به موجود آهي. تحفة الڪرام موجب ”14 سالن جي عمر ۾ جيڪي کين ملڻو هو، سو حضور ﷺ جن وٽان، حضرت علي رضه ذريعي مليو.“ انهي ڪري تحفة الڪرام جي صاحب کيس ”اويسي“ ڄاڻايو آهي، ۽ لکيو اٿس، ته مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم ٿيو.[13] سراج العارفين ۾ به ائين ڄاڻايل آهي، ته مخدوم صاحب پنهنجي فيض جي پالوٽ سان سنڌ کي سرسبز بنائي، 27 ذي القعد 998هه برابر 1586 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.[14] سندس روضو هالن ۾ زيارتگاهه آهي، جو سندس پوٽاڻ مان مخدوم محمد زمان 1205هه ۾ تعمير ڪرايو.

هوٿي اگهمي

اگهم جو ويٺل، ۽ شاهه ڪريم جو همعصر هو.

سيد يوسف بکري

سيد محمد يوسف بن جادم بکر جي رضوي ساداتن مان هو. سيد مبارڪ شاهه کان فيض پرايائين. جو سيد محمد جونپوريءَ جي هڪ وڏي مريد شيخ دانيال جو تربيت يافته هو. سندس ڀاءُ سيد عبدالرزاق ۽ پاڻ، بکر ۾ رهندڙ ڀائرن ۽ سوٽن کان جدائي اختيار ڪري اچي ٺٽي رهيا. سيد يوسف گهڻو ڪري مڪليءَ تي انهيءَ جاءِ تي عبادت ۾ گذاريندو هو، جتي سيد ميران محمد جونپوري اچي منزل انداز ٿيو هو، جتي سراين جي شادماني جي جاءِ هئي، ۽ سلطان سامٽيو آرامي آهي. ٺٽي جي عباسي قاضين مان شادي ڪيائين. سندس نياڻي وڏي ٿي، ته پنهنجي ڀاءُ مير ڪمال الدين جي فرزند سيد اسحاق کي بکر مان گهرائي، شادي ڪرايائين. سندس وفات جي تاريخ نه ٿي ملي، غالباً ڏهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سندس وفات ٿي، سندس مزار شيخ جماد جماليءَ جي مقبري جي پويان قاضي عبدالله جي چوکنڊيءَ ۾ آهي. کانئس پوءِ سندس فرزند سيد ابراهيم سندس سجاده نشين ٿيو. سيد يوسف کان شاهه ڪريم جي فيض پرائڻ جو ذڪر اچي چڪو آهي.

فصل ٽيون

بيان العارفين ۾ آيل سنڌ جا

شهر ۽ پرڳڻا

عربن جي فتح کان اڳ، سنڌ تمام وسيع هئي، موجوده سنڌ کان سواءِ پنجاب، بلوچستان، ۽ ڪشمير جو ڪجهه حصو به منجهس اچي ٿي ويو. راءِ گهراڻي جي وقت اڀرندي جي حد ڪشمير ۽ قنوج، الهندي جي مڪران، ديبل ۽ سمنڊ، اتر جي قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبل ۽ ڏکڻ جي سورت بندر هئي. ان زماني جي گاديءَ جو هنڌ ”اروڙ“ هو، ۽ ملڪ ۾ چار وڏا قلعا هئا. انهن ۾ حاڪم رهندا هئا، جي آسپاس جي ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا. يعني عظيم سنڌ چئن وڏن حصن ۾ ورهايل هئي. ملتان جو صوبو، ته مغلن جي حڪومت زماني تائين سنڌ سان شامل هو. آئين اڪبريءَ ۾ سنڌ جون هيٺيون سرڪاريون ڏيکاريل آهن، ۽ انهن جا هيٺين طرح جدا جدا محل يا تعلقا آئين اڪبري ۽ تحفة الڪرام ۾ ڏيکاريل آهن:

ملتان- ملتان، اچ، مئو، ماٿيلو، سيتپور

بکر- بکر، اوٻاوڙو، الور، درٻيلو، سيوي وغيره- ڪل 12

سيوستان- سيوستان، پاٽ، باغبان، ڪاهان، لاکاٽ، لڪعلوي، دشت باران وغيره- ڪل 9

چاچڪان- چاچڪان، جوڻ، بدين، ونگو، ولهار، ڪوڇو، تلهار، پراڻ وغيره، ڪل 11 محل

چاڪر هاله يا هاله ڪنڊي- ڀاڻوٺ، خانوٺ (کانوٽ) ڀٽ، غازيپور، جهيجا، کيمر، انڙپور، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد)

ٺٽو- ٺٽو، لاهري بندر، بٺورو، بهرامپور، ڪڪرالو، ساڪرو وغيره ڪل 18 محل

نصرپور- نصرپور، عمرڪوٽ، ستيار، پليجار وغيره ڪل 7 محل

”ملتان جي سرڪار“ مان ”ماٿيلو“ تعلقو هينئر گهوٽڪي ضلعي ۾ آهي، بکر سرڪار ۾ سکر، خيرپور ۽ جيڪب آباد ضلعا، بلوچستان جو ڪجهه حصو، ۽ نواب شاهه جو حصو اچي ٿي ويا. سيوستان سرڪار ۾ لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا، ۽ ٺٽي ضلعي جو ڀاڱو اچي ٿي ويا. چاچڪان سرڪار ۾ حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جا حصا اچي ٿي ويا. هاله ڪنڊي سرڪار ۾ حيدرآباد، دادو ۽ نواب شاهه ضلعن جا حصا اچي ٿي ويا. ٺٽو سرڪار ۾ هاڻوڪو ٺٽو ضلعو اچي ٿي ويو. ”نصرپور“ سرڪار ۾ سانگهڙ ضلعو، ٿرپارڪر ۽ نواب شاهه ضلعن جا حصا اچي ٿي ويا.

بيان العارفين ۾ هيٺين پرڳڻن جا نالا آيل آهن: بٺورو، بهرامپور، جوڻ، ڊرڪ، ستيار، سيوستان، گرهڙ ننڍو، گرهڙ وڏو لنڊ، نصرپور، نيرون ڪوٽ، هالا ڪنڊي، بٺورو، بهرامپور ۽ انهن مان ڪجهه ٺٽي سرڪار جا علائقا هئا. ”جوڻ، چاچڪان سرڪار جو علائقو هو. ستيار، نصرپور سرڪار جو علائقو هو. سيوستان سرڪار به هئي ته علائقو به هو. نصرپور، سرڪار به هئي ته علائقو به هو نيرون ڪوٽ ۽ هالا ڪنڊي، هالا ڪنڊي سرڪار جا علائقا هئا. گرهڙ ننڍو، گرهڙ وڏو ۽ لنڊ ۽ غالباً چاچڪان سرڪار جا تعلقا هئا. انهن پرڳڻن مان جن شهرن جا نالا بيان العارفين ۾ آيل آهن، انهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.

اپلان: بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو، جنهن تي اهو نالو اتي رهندڙ اپلان قوم جي نالي پٺيان پيو.

ارموسڙي: پرڳڻي ”گرهڙ ننڍو“ جو هڪ ڳوٺ هو.

اگهم: پرڳڻي ”نيرون ڪوٽ“ جو هڪ ڳوٺ، جنهن تي اهو نالو اگهم لوهاڻي جي نالي پٺيان پيو.

انڙپور: هالا ڪنڊي پرڳڻي جو ڳوٺ، جو سمي حاڪم ڄام انڙ ٻڌايو. ڄام انڙ پهريون سمون حاڪم هو، جو سومرن جي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ ڄام جو لقب اختيار ڪري 752ه ۾ سنڌ جي ڪجهه حصي تي قابض ٿيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته انڙپور 752هه ۾ ٻڌو ويو، مخدوم ساهڙ لنجار هن ڳوٺ ۾ رهندو هو. هينئر به هي ڳوٺ درياهه جي ساڄي ڪناري تي دادو ضلعي ۾ موجود آهي. جيئن ته درياهه جي بلڪل ڪناري تي آهي. تنهن ڪري درياهه هر سال هن شهر ۾ ٻوڏ ڪري ٿو. تحفة الڪرام ۾ به آيو آهي، ته تازو درياهه سندس سموري زمين پائي ويو آهي. 998هه (1089ع) ۾ خانخانان اڪبر جو سپهه سالار سنڌ تي ڪاهي آيو. لڪيءَ وٽ، مرزا جاني بيگ، سنڌ جي خود مختار حاڪم سان سندس لڙائي ٿي. جاني بيگ، ڀڄي انڙپور ۾ آيو، ۽ يڪدم هڪڙو پهڻن جو قلعو ٺهرائي پناهه وٺي ويهي رهيو، خانخانان ڪاهي اچي ان کي گهيرو ڪيو. زوردار لڙائي لڳي. آخر صلح ٿيو، خانخانان سن ويو ۽ جاني بيگ ٺٽي ويو.

بگهاڙ: ٺٽي جي هيٺان درياهه شاخون ڪري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انهن مان هڪ جو نالو بگهاڙ آهي، جنهن تي ”بگهاڙ“ نالي ڳوٺ آباد هو.

ٺٽو: سنڌ جو مشهور شهر ٺٽو، اڄ هڪ ننڍو شهر آهي، پر ڪو وقت هو، جو هي هڪ عظيم شهر هو، ۽ علم ۽ فضل ۽ تجارت ۽ حڪومت جي لحاظ کان عظيم اسلامي شهرن قرطبه ۽ بغداد سان ڪلهو هنيون بيٺو هو. ڪيترو وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن ڪري ڌارين جي بريءَ نظر جو هميشہ شڪار ٿيندو رهيو. تحفة الڪرام (ص 185) جي لکئي موجب: ڄام نظام الدين هي شهر 900هه ۾ ٺهرايو، پر تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽو ان کان به اڳ آباد هو. خود تحفة الڪرام جي صاحب به ان حقيقت جي هڪ هنڌ تصديق ڪئي آهي. لکي ٿو، ”محمد تغلق ٺٽي ۾ 751هه ۾ آيو“ (ص 34). نه فقط سمن جي ڏينهن ۾، پر سومرن جي ڏينهن ۾ به ٺٽي جو ذڪر آندو اٿس. لکيو اٿس: جڏهن ”خسرو، علاؤالدين جي پٽ قطب الدين کي مارائي دهليءَ جي تخت تي ويٺو، تڏهن سومرا بغاوت ڪري ٺٽي تي متصرف ٿي ويٺا.“ (ص 34) البت ايترو ضرور هوندو، ته ڄام نظام الدين، هن کي نئينءَ طرح آباد ڪري، گاديءَ جو هنڌ بنايو هوندو.

هن شهر تي انهيءَ نالي پوڻ بابت تحفة الڪرام جي صاحب لکيو آهي:

”تهه، تهه.“ يعني ”هيٺاهين، هيٺاهين“ مان ”ٺٽو“ لفظ جڙيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي شهر ڪيترا دفعا هڪ ٻي مٿان آباد ٿيندو رهيو آهي. ٻي روايت آهي، ته ٺٽو، ٺٽ مان بنيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ.

هن شهر جي ڀرسان مڪلي ٽڪري آهي، جنهن تي بي انداز بزرگ، عالم، فاضل، حاڪم وغيره مدفون آهن.

پليجا: نصرپور پرڳڻي ۾، نصرپور جي ويجهو هڪ ڳوٺ هو.[15]

پيرار: ”گرهڙ وڏو“ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

جوڻ: قديم زماني جو مشهور شهر هو، ۽ جوڻ پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. مغل دور ۾ چاچڪان، سرڪار جو مشهور شهر هو[16] باغن، ميون، نهرن ۽ واپار کان سڄي سنڌ ۾ ممتاز هو. واپار جون وڏيون وڏيون ڪوٺيون منجهس هونديون هيون، ۽ پري پري کان واپاري واپار لاءِ ايندا هئا. ڀاڄ وقت، همايون جڏهن هن شهر وٽان لنگهيو، تڏهن شهر جي باغات جي وچ ۾ ڪجهه وقت ڪئمپ هڻي ويهي رهيو، ڇاڪاڻ جو فرحت بخش نظارن کان ڏاڍو متاثر ٿيو.[17]

اڪبر جي ڏينهن ۾ جڏهن سندس سپهه سالار خانخانان سنڌ تي حملو ڪيو، ته ان جو لشڪر به جوڻ وٽان لنگهيو هو.

چانيہ هالا پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

دائرو: ڊرڪ پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.[18]

دٻي: بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ هو.[19]

دڙو: جڻ پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

ڊرڪ: ڊرڪ پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. سومرن جو قديم تخت گاهه. محمد طور به هن پرڳڻي ۾ هو.[20]

ڏندي: ”ستيار“ پرڳڻي جو هڪ مشهور ڳوٺ هو.[21]

رائوٽ يا راهوٺ: بٺوري تعلقي ۾ هڪ مشهور ڳوٺ هو. مخدوم صدرالدين سندس پٽ مولانا ضياءُالدين ۽ شيخ عبداللطيف، هن ڳوٺ ۾ زبردست عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن.[22]

رڪن پور: نيرون ڪوٽ پرڳڻي ۾ هڪ مشهور ڳوٺ ۽ شيخ ريحان جهنگليءَ جو مسڪن هو. تحفة الڪرام جي روايت آهي ته: حضرت غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي پوٽي شيخ رڪن الدين جي اچڻ جي ڪري هن شهر تي اهو نالو پيو.[23] ۽ شيخ ريحان جا پٽ شيخ قطب ۽ شيخ دودو اهل الله ٿي گذريا آهن. شيخ دودو کي شهادت نصيب ٿي. ان موقعي تي حضرت قلندر شهباز عذر خواهيءَ لاءِ آيو هو.[24]

سن: سيوستان پرڳڻي ۾ هڪ مشهور ڳوٺ هو. هينئر دادو ضلعي ۾ آهي. ڄام خيرالدين بن ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ فيروز تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو هو. ڄام ساڻس مهاڏو ڏيئي، واپس ورڻ تي مجبور ڪيو هو. هڪ ڀيري ڄام سن تائين سندس تعاقب ڪيو هو.[25] سن جي ڀرسان هڪ وڏي نئن آهي، جيڪا سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ان کي ”سن“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جو مشهور ۽ منفرد قلعو ”رني ڪوٽ“ سن کان ٿورو پريان جبلن ۾ آهي.

هتي مخدوم بلال جي وڏي خليفي سيد حيدر جي مزار آهي، جيڪو مٽياري سيدن جي خاندان مان هو، جنهن مان شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو به هو. مشهور سياستدان ۽ اهل قلم محترم جي. ايم. سيد، سيد حيدر جي اولاد مان آهي.

سونڊا: تحفة الڪرام جي روايت کي نئين موجب: هت هڪ ڪامل فقير رهندو هو، جنهن کي سر ”سونڊر“ ڏاڍو وڻندو هو. انهيءَ ڪري هي هنڌ انهي راڳ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ڄام تماچيءَ هن شهر کي نئين سر اڏايو، پر نالو اهوئي ڏنائينس. عوام جي زبان تي ”سونڊر“ مان ”سونڊا“ مشهور ٿي ويو.[26]

وڌيڪ لکيو اٿس: هن ڳوٺ جي ويجهو قديم زماني ۾ ”هيم ڪوٽ“ نالي پراڻو قلعو هوندو هو، جو پوءِ هندن جو تيرٿ گاهه بنيو. هن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ٽڪر مان پاڻي سمندو هو. ان جي هيٺان هڪ قدرتي چشمو هو، جنهن کي ”جهم“ چيو ويندو هو. هندن پوڄا لاءِ اتي هڪ پٿر کوڙيو هو.[27]

قديم زماني ۾ هڪ مشهور ڳوٺ هو. ڄام تماچي ۽ نوريءَ واري ڪينجهر ڍنڍ به هن ڳوٺ جي ويجهو آهي.[28] هتي ڪيترائي بزرگ ۽ ولي ٿي گذريا آهن. مخدوم رمضان ويداني، مخدوم ملا آري، سندس پٽ مخدوم ملا با يزيد، ۽ ان جو پٽ ملا ابوبڪر ۽ ان جي اولاد مان ملا نارو هن ڳوٺ ۾ آرامي آهن.[29]

سيد پور: بهرام پور پرڳڻي ۾ هڪ ڳوٺ هو.

ڪڪرالو: سمنڊ جي ڪناري سان لاڳيتي هڪ سرزمين جو نالو ڪڪرالو هو. ان علائقي جي گاديءَ جو هنڌ شهر ”ڪڪرالو“ هو. پهريائين سنڌ جي حڪومت جي حدن ۾ هو. پر پوءِ ڪجهه وقت ڪڇ جي سمن ڄامن جي هٿ هيٺ رهيو.[30] ترخان دور ۾ ڄام ”ڏيسر“ هتي جو حاڪم هو. جان بابا، جڏهن مرزا باقي کان شڪست کاڌي، تڏهن ڄام مهر ڄام ڏيسر وٽ مدد لاءِويو، پر نااميد ٿي موٽيو،[31] مرزا غازي بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر قتل ڪرائي ڇڏيو. وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. ڄام جو مائٽ ڄام دائودي غداري ڪري، مرزا جي لشڪر جو سونهون ٿيو. جنهنڪري ڄام هالي کي شڪست ملي، ان کان پوءِ مرزا ڪڪرالي کي ٽن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصو دائود کي ڏنو، ۽ باقي ٻه حصا خالصه ڪري ڇڏيا.[32]

مغلن گورنرن جي ڏينهن ۾ به ڪڪرالي جي ڄامن بغاوت ڪئي هئي. گورنر ”شريف“ جي ڏينهن ۾ هنن مغلن لشڪر جي بازار تي حملو ڪيو هو. نواب امير خان جڏهن سنه 1037هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿيو، ته هن ڪڪرالي جي ڄام کي شڪست ڏني.[33]

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ به ڪڪرالي جي ڄام بغاوت ڪئي. ڌاريجا علائقي جو حاڪم راڻو اجپال ۽ ڪڪرالي جو ڄام، ميان جي لشڪر جي مقابلي ۾ سامونڊي آرماڙ، درياءَ اندر گهيري آيا. انهي ڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيتريون جنگيون لڳيون. آخر ميان جي لشڪر هٿان کين شڪست آئي.[34] آخر ميان جي سپهه سالار شيخ شڪرالله سنه 1157هه ۾ ڪڪرالي جي ڄام هوتيءَ کي ختم ڪري، سندس جاءِ تي ڄام ”موهر“ کي مقرر ڪيو.[35] محمد مراد ملقب به سربلند خان جي ڏينهن ۾ ڪڪرالي جي ڄام جي بغاوت وري منهن ڪڍيو، پر ان کي ڪچليو ويو ۽ ڄام کي ڪودارته کان ايري ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو ويو.[36] ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ڄام ”ڏيسر“ ڪڪرالي جي حڪومت هٿ ڪري ويو، ڇاڪاڻ جو هن ميان سان وفادار ٿي رهڻ جو انجام ڪيو هو، پر پوءِ هن بغاوت ڪئي، جنهن ڪري ميان پاران محمد صديق ڏيسر ۽ ٻين اميرن کي شڪست ڏئي 7 صفر 1174هه تي قلعي مان ڪڍي، ڪڇ ڏانهن ملڪ بدر ڪيو. سندس پٽ ”هر دور“ ميان کي ميان جي خدمت ۾ رهايو ويو.[37] اهڙيءَ طرح ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هي علائقو سنڌ جي حاڪم جي هٿ هيٺ ٿيو.


[1]. تحفة الڪرامّ، ص 149

[2]. ايضاً ص 222

[3]. ايضاً ص 242

[4]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 226

[5]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 193

[6]. ايضاً ص 191

[7]. ايضاً، ص 168

[8]. ايضاً

[9]. ايضاً 174

[10]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 161

[11]. ايضاً ص 89- 190، تحفة الطاهرين، تذڪره المراد، معارف الانوار ۽ آداب المريدين. سيد علي ثاني

[12]. تحفته الڪرام، ج 3، ص 43-144

[13]. تحفته الڪرام، ج

[14]. ص 43-144

[15]. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو- سال 1937ع ص 23

[16]. تحفته الڪرام سنڌي ترجمو، ص 409

[17]. ايضاً، ص 161- معصومي، ص 213

[18]. ايضاً، ص 430

[19]. ايضاً، ص 430

[20]. ايضاً، ص 120

[21]. ايضاً، ص 450

[22]. ايضاً، ص 430

[23]. تحفة الڪرام، ص 445

[24]. ايضاً، ص 446

[25]. تاريخ معصومي، ص 79- تحفته الڪرام، ص 126

[26]. تحفته الڪرام، ص 454

[27]. ايضاً

[28]. ايضاً 455

[29]. تحفته الڪرام، ص 455

[30]. ايضاً، ص 437

[31]. تحفته الڪرام، ص 176

[32]. ايضاً ص 205

[33]. ايضاً، ص 236

[34]. ايضاً، ص 268

[35]. تحفته الڪرام، ص 270

[36]. ايضاً ص 247

[37]. ايضاً ص 80-379

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com