سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :10

باب اٺون 

اهلبيت رضي الله تعاليٰ عنهم

رسول مقبرو ﷺ جن جا اهلبيت ازلي پاڪباز هئا ۽ هر هڪ کي تصوف ۾ ڪمال حاصل هو. اهي سمورا صوفين جا سردار هئا. مان انهن مان خصوصيت کان سواءِ ڪن جو ٿورو احوال پيش ڪندس. (انشاء الله). اُنهن ۾ مصطفيٰ ﷺ جن جا جگربند، حضرت مرتضيٰ ڪرم الله وجهہ جن جي دل جي خوشبوءِ، حضرت بي بي زهرا رضي الله عنها جن جي اکين جا نور حضرت ابو محمد حسن بن علي ڪرم الله وجہ آهن، کين طريقت تي وڏي نظر هئي. انهيءَ مضمون تي سندن گهڻائي ڏکيا نُڪتا بيان ڪيل آهن. پاڻ وصيت طور فرمايائون: عَلَيڪم بحِفظِ السرائِر فَانَ الله مُطَلع عَلي الضَمائِر. ”اوهان پنهنجن دلين جي حفاظت ڪريو، ڇو ته الله تعاليٰ دلين جا راز ڄاڻندڙ آهي“. ان ڳالهه جي حقيقت هيءُ آهي ته ٻانهي کي دل جي حفاظت جو حڪم آهي، اهڙي طرح رازن جي ظاهر ڪرڻ جي سنڀال جو به حڪم آهي. دل جي حفاظت هيءَ آهي ته الله کان سواءِ ٻئي ڏانهن مائل نه ٿيو. اظهار جي حفاظت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ جي مخالفت نه ٿئي. چون ٿا، ته جڏهن قدري عقيدي وارن جو زور ٿيو ۽ معتزلن جي تعليم دنيا ۾ عام ٿي ويئي، تڏهن حضرت حسن بصري رضه حضرت حسن بن علي ڪرم الله وجہ جن کي خط لکيو ۽ اُن خط ۾ لکيائين:

بسم الله الرحمٰن الرحيم، السلام عليڪ يا ابنِ رسول الله وقرة عينيہ رحمة الله و برڪاتہ، اما بعد فانِڪُم مَعاشِر بني هاشم ڪَالفُلڪ الجارية في بحر و مَصابيح الدجي و اعلام الهديٰ وائمة القادة الذين من تبعهم نَجيٰ ڪَسَفينَة نوح المَشحُونَة اني يؤاِلَيهَا المومِنُون و يَنجُو فِيها المُتَمَسڪُون فما قولڪ يا بن رسول الله جن حيرتنا في القدر وا اختلافنا في الاِستطاعة تعلمنا بِما تاڪد عليہ رايڪ فَانڪم ذُرية بعضها من بعض بعلم الله علتم وَ هُوَالشاهد عليڪم و انتم شهداء الله علي الناس والسلام ”الله جي نالي سان شروع ٿو ڪريان جيڪو ٻاجهارو ۽ وڏي رحم وارو آهي. اي پيغمبر عليہ السلام جن جا فرزند ۽ اکين جا نور! اوهان تي الله پاڪ جي سلامتي هجي رحمت ۽ برڪت هجي. هن کان پوءِ روشن هجي ته اوهان هاشم جي اولاد آهيو، اوهان جو مثال وڏي سمنڊ ۾ ٻيڙِن جو، اونداهين ۾ روشني جو، هدايت جي نشانين جو. اوهان اُهي رهبر آهيو، جو جيڪو به اوهان جي پيروي ڪندو اهو ڇوٽڪارو (نجات) حاصل ڪندو. جهڙيءَ طرح حضرت نوح عليہ السلام جي ايماندار پوئلڳن هنن ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ٻيڙيءَ جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. اوهان قدرين جي ڏکئي مسئلي ۾ ڇا ٿا فرمايو؟ هن بحث ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ انسان صفا مجبور آهي يا کيس پنهنجن ڪمن ڪرڻ جو اختيار آهي؟ اوهان پيغمبر ﷺ جن جا فرزند آهيو. الله اوهان کي علم عطا ڪيوآهي ۽ اوهان جي حفاظت ڪندڙ آهي. اوهان ملخلوق جا حفاظت ڪندڙ ۽ گواهه آهيو. والسلام.

جڏهن حضرت حسن رضي الله عنہ کي اهو خط مليو تڏهن جواب لکيائون: بسم الله الرحمٰن الرحيم. اما بعد فقد انتهيٰ اِلي ڪتابڪ عند  مليو تڏهن جواب لکيائون: بسم الله الرحمٰن الرحيم.  يو من بالقدر خيره وشره من الله تعاليٰ فقد ڪفر و من حمل حيرتڪ و حيرت ڪن زعمت من امتنا والذين عليہ اي ان ۾ لم يو من بالقدر خيره وشره من الله تعاليٰ فقد ڪفر ومن حمل المعاصي علي الله فقد فجر ان الله لايطاع باڪراهه ولا يعصي بغلبة ولايهل العباد في ملڪہ لڪنہ الاملڪ لما ملڪهم و القادر عليٰ ما عليہ قدرهم فان ائتموا وابالطاعة لم يڪن لهم صادا ولالهم عنها مشيعا وان اتوا باالمعصية وشانءِ ان يمن عليهم فيهول بينهم و بينها ان عرفهم و مڪنهم وجعل لهم السبيل اليٰ اخذ مادعاهم اليہ و ترڪ مانهاهم عنه والله الحجة البالغة والسلام. شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ وڏي رحم وارو آهي. هن کان پوءِ لکجي ٿو، ته اوهان جو خط مليو. جي ماڻهو اهو ايمان نه ٿا رکن ته خير ۽ شر الله وٽان آهي، اهي ڪافر آهن، جيڪي پنهنجي گناهن کي الله ڏانهن نسبت ٿا ڏين اهي فاجر آهن. قدر وارن جي جماعت جو مقصد تقدير جو انڪار آهي، جبر وارن جي جماعت گناهن کي الله ڏانهن نسبت ٿي ڏئي. ٻانهو الله پاڪ وٽان مليل توفيق تائين پنهنجي ڪمن (فعلن) ۾ اختيار رکندڙ آهي. اسان جو مذهب  قدر ۽ جبر وارن جي وچ تي آهي.

منهجو مقصد صرف اهو هڪ جملو بيان ڪرڻ هو سڄي عبارت ان جي ڪري نقل ڪئي اٿم جو ڳالهه تمام فصاحت واري ۽ وزن واري هئي. ان مان به معلوم ٿي ويو ته حضرت حسن جن جو حقيقتن ۽ اصول ۾ ايترو مٿانهون درجم هو، جو حصرت حسن رضه بصري کي ان جي علم جي وسعت مان فائدي حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

حڪايتن مان هڪ حڪايات آهي ته هڪ بدوي (واهڻي) ماڻهو رڻ پٽ مان آيو. حضرت حسن رضه جي ڪوفي ۾ پنهنجي گهر جي دروازي تي ويٺا هئا، بدوي گار ڏني ۽ سندن والدين کي گهٽ وڌ چيو. پاڻ اُٿيا ۽ چيائون اي بدوي! تون بکيو يا اُڃيو ته نه آهين يا توکي ڪا تڪليف ته نه آهي؟ هن (بدوي) وري به کين سندن والدين کي گهٽ وڌ چيو. پاڻ هڪ غلام کي حڪم ڪيائون جنهن چاندي جي سِڪن جي هڪ ٿيلهي کڻي اچ هن جي آڏو رکي. پوءِ فرمايائون: مان مجبور آهيان، منهنجي گهر هن مهل ڪجهه ناهي نه ته توکي وڌيڪ به ڏيان ها. بدوي اها ڳالهه ٻڌي رڙ ڪري چيو: مان گواهي ٿو ڏيان ته اوهان برابر رسول الله ﷺ جن جا فرزند آهيو. مون اوهان جي بردباري جو امتحان پئي ورتو. حقيقت ۾ اها تصوف وارن جي صفت آهي ته هو مخلوق جي بري ۽ ڀلي چوڻ تي هيٺ مٿي نه ٿيندا آهن ۽ سخت ڪلامي مٿن ڪوبه اثر نه ڪندي آهي.

مصطفيٰ ﷺ جي خاندان جا چراغ، سڀني لاڳاپن کان آزاد ۽ پنهنجي زماني جا سردار حضرت ابوعبدالله حسين بن علي بن ابي طالب رضي الله عنهم جن به انهيءَ جماعت ۾ شامل آهن. پاڻ تحقيق سان الله تعاليٰ جا ولي، صفا جي صاحبن جاقبلا ۽ ڪربلا جا شهيد (قتيل) آهن. تصوف وارن جو سندن حال جي درستي تي اتفاق آهي. جيستائين حق ظاهر هو، تيستائين حق جي پيروي ۾ مصروف رهيا ۽ جڏهن حق ختم ٿيڻ لڳو، تڏهن هٿ ۾ تلوار ڪري ميدان ۾ نڪري آيا ۽ خدا جي راهه ۾ سِر قربان ڪرڻ کان سواءِ کين آرام نه آيو. حضور مقبول ﷺ جن کين ڪافي نوازش سان سرفراز ڪيو هو. حضرت عمر رضه بن خطاب کان روايت آهي، ته هنن هڪ ڏينهن ڏٺو ته پيغمبر ﷺ جن پنهنجن گوڏن تي جهڪي ڪنڌ هيٺ ڪري هلي رهيا هئا. حضرت حسين عليہ السلام سندن پٺيءَ تي سوار هئا. هڪ رسيءَ جو هڪڙو منڍ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي منهن مبارڪ ۾ هو ته ٻيو منڍ حضرت حسين جن جي هٿ ۾ هو. حضرت عمر رضه جن چيو: اي حسين توهان جي سواريءَ لاءِ ڪهڙو عمدو اُٺ موجود آهي. حضرور ڪريم ﷺ جن فرمايو: اي عمر رضه هي سوار به ڪهڙو نه ڀلو آهي؟

طريقت ۾ حضرت حسين عليہ السلام جن جو ڪلام به ڏاڍو سهڻو هوندو هو. سندن ڪيترائي قيمتي اشارا ۽ رمزون ذڪر ڪيل آهن. سندن قول آهي: ”اَسفَقُ الِا خوانِ عَلَيک دينُکَ“. تنهنجو سڀ کان مهربان ڀاءُ تنهنجو دين آهي. ماڻهوءَ جو ڇوٽڪارو دين جي پيرويءَ ۾ آهي. دين جي مخالفت هلاڪت جو سبب آهي. دانائيءَ اُن ڳالهه ۾ آهي ته پنهنجي مهربان ڀاءَ جي مرضيءَ موجب هلڻ گهرجي. سندس مهرباني محسوس ڪري، پيروي تي پورو رهجي. مهربان ڀاءُ اهو هوندو آهي، نصيحت به ڪندو آهي ۽ مهربانيءَ جو دروازو ڪڏهن به بند نه ڪندو آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن ڪو ماڻهو حضرت حسين عليہ السلام جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: مان دوريش ۽ عيالدار ماڻهو آهيان. اڄ رات جي کاڌي جي ضرورت اٿم. پاڻ فرمايائون ويهي رهه، منهنجو رزق اچي رهيو آهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ حضرت معاويہ وٽان پنج ٿيلهيون آيون، هر هڪ ٿيلهيءَ ۾ هزار دينار هو، ٿيلهين آڻڻ واري عرض ڪيو: معاويہ افسوس سان چيو اهي، ته اهي في الحال پنهنجن خادمن تي خرچ ڪريو، باقي لاءِ انتظام ڪيو وڃي ٿو. حضرت حسين عليہ السلام جن پنج ئي ٿيلهيون انهيءَ سائل کي کڻي ڏنيون ۽ فرمايو: توکي وڏي تڪليف آئي ۽ انتظار ڪرڻو پيو. هن وقت اِهوئي پيش ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن اڳ ۾ پتو هجي ها ته توکي انتظار جي ايتري تڪليف نه ڏجي ها. اسان ماڻهو مصيبت جو شڪار آهيون. اسان دنيا جو راحتون ترڪ ڪري ڇڏيون آهن، پنهنجن مقصدن کي وڃائي ويٺا آهيون ۽ ٻين لاءِ حياتي گذاري رهيا آهيون. امت ۾ سندن فضيلتون لڪل نه آهن.

اهڙن ئي ماڻهن مان نبوت جا وارث، اُمت جا ڏيِا. مظلوم سيد، مرحوم امام، عابدن جا تاج ۽ ولين جا پيشوا حضرت ابوالحسن علي بن حسين بن علي بن ابيطالب رضي لله عنہ جن آهن. پنهنجني زماني ۾ سڀني کان سڳورا ۽ عبادت ڪندڙ هئا. حقيقت ظاهر ڪرڻ ۽ ڏکئين مسئلن کي سمجهائڻ ۾ مشهور هئا. ماڻهن کانئن پڇيو ته دنيا ۽ آخرت ۾ وڌيڪ نيڪي ڪنهن جي نصيب ۾ آهي؟ فرمايائون: مَن اِذا رَضِي لَم يَحمَلُہ رَضاهُ  عَليَ الباطِل وَ اِذا سَخَطَ لَم يُخرِجُہ سَخَط عَنِ الحق. ”اُهو ماڻهو جيڪو راضي رهي به ڪوڙ ڏانهن لاڙو رکي ۽ راضي رهي به حق ڇڏي نه ڏي“. اهو ثابت قدمن جو ڪمال آهي. ڪوڙ کي برداشت ڪرڻ ڪوڙ آهي، ناراض ٿي حق کي ڇڏڻ به ڪوڙ آهي. مومن ڪڏهن به ڪوڙ ۾ نه ڦاسندو آهي.

ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جڏهن حضرت حسين بن علي عليہ السلام جن کي پنهنجن پُٽن سميت شهيد ڪيو ويو، تڏهن حضرت زين العابدين رضي الله عنہ جن کان سواءِ ڪوبه عورتن کي دلداري ڏيندڙ ڪونه هو. هو پاڻ به بيمار هئا. حضرت حسين عليہ السلام جن کين علي اصغر سڏيندا هئا. جڏهن عورتن کي اگهاڙي مٿي سان اُٺن تي چاڙهي دمشق ۾ آندو ويو، تڏهن کين يزيد بن معاويہ وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو: ڪَيفَ اَصبَحتُم يا عَلِي وَيا اهل اَلبَيتَ الرحمَة. قالَ اصبَحنا مَن قَومِنا بِمَنزلَة قَومُ مُوسيٰ من آل فِرعَونَ يُذبِحُونَ ابناء هم ويستيحيون نِسائُهم فِلائِدري صَبا حَنا مِن مَسائِنا وَ هــٰذا مِن حَقِيقَة بَلائِنا. ”اي علي! اي دنيا جي رحمت اهلبيت ٻڌايو ته اوهان جو هيءُ صبح ڪهڙو آهي؟ يعني اوهان هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهيو؟ فرمايائون: اسان جي قوم اسان کي اهڙو صبح ڪرايو آهي، جهڙو فرعون ۽ سندس قوم حضرت موسيٰ علي عليہ السلام جي قوم کي ڪرايو هو. سندن مرد قتل ڪيا ويا هئا ۽ عورتن کي جيئرو رکيو ويو هو. اسان لاءِ صبح ۽ شام جو فرق ختم ٿي چڪو آهي. اها اسان جي مصيبت جي حقيقت آهي“.

حڪايتن ۾ آيل آهي، ته هڪڙي سال هشام بن عبدالملڪ بن مراون حج تي آيو، ڪعبي جو طواف ڪري رهيو هو، جڏهن ڪاري پٿر (حجر اسود) کي چمڻ جو ارادو ڪيائين تڏهن ماڻهن جي گوڙ ۾ کيس رستو نه مليو. هو ممبر تي چڙهيو. خطبو پڙهڻ شروع ڪيائين. ان وقت حضرت زين العبادين عليہ السلام جن آيا. سندن منهن مبارڪ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر روشن، رخسار چمندڙ ۽ پوشاڪ خوشبوءِ سان ڀريل هئي. پاڻ طواف ڪيائون. حجر اسود جي ڀرسان آيا، ته ماڻهو احترام جي ڪري هڪ پاسي ڏانهن هٽي ويا ۽ وڌي پٿر کي چميائون. ڪنهن هشام بن عبدالمالڪ کي چيو: اوهان مومنن جا امير آهيو، پر حجر اسود تائين پڄي نه سگهيا. هو نوجوان آيو ته سڀ ماڻهو هڪ پاسي هٽي ويا ۽ حجر اسود کي خالي ڪري ڇڏيائون. هشام چيو: مان هن کي نٿو سڃاڻان. هشام جو مطلب اهو هو ته سندس ماڻهو حضرت زين العابدين کي سڃاڻي، سندس طرفداري نه ڪن ۽ کيس اميرالمؤمنين بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن. اتي فرزدق شاعر بيٺو هو، هن چيو ته مان هن ماڻهو کي سڃاڻان ٿو. ماڻهن پڇيو: ٻڌاءِ ته ڪير آهي؟ سندس چهري ۾ ڪيڏي نه هيبت آهي. فرزدق چيو: مان هن جون صفتون ۽ حسب نسب ڄاڻان ٿو. ائين چئي ڪجهه شعر پڙهيائين:

1- هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي قدمن جي نشانن کي به مڪي وارا سڃاڻندا آهن کيس ڪعبو ۽ حرم ٻئي سڃاڻيندا آهن.

2- هي خدا جي مخلوق ۾ سڀ کان سٺي ماڻهوءَ جو فرزند آهي ۽ مشهور خدا جو خوف رکندڙ پرهيزگار آهي.

3- هي حضرت بي بي فاطمہ عليها السلام جو لعل آهي. تون جهالت جي ڪري هن کي نه ٿو سڃاڻين، هن جي ناني تي نبوت ختم آهي.

4- هن جي نوراني پيشاني مان هدايت جو نور اهڙيءَ طرح چمڪي رهيو آهي جهڙيءَ طرح سج جي روشني سان اونداهيون ختم ٿي وينديون آهن.

5- هو پنهنجي نظر کي حياء جي ڪري هيٺ ڪندو آهي ۽ ماڻهو هيبت کان هن ڏانهن اکيون مٿي ڪري نه ڏسي سگهندا آهن. هو ڳالهه ڪندو آهي، ته سندس سڳوري وات مان گل ڇڻندا محسوس ٿيندا آهن.

6- جڏهن هن کي قريش مان ڪو ڏسندو آهي ته يڪدم چئي ڏيندو آهي ته هن تي سموريون خوبيون ختم آهن.

7- هو عزت ۽ مرتبي جي اهڙي منزل تي پهتل آهي جو عرب ۽ عجم جو ڪو به مسلمان هن سان برابري نه ٿو ڪري سگهي.

8- سندس نانو سڀني نبين کان ڀلو ۽ سندس امت سڀني امتن کان ڀلي آهي. تون به سندن امت جو هڪ ماڻهو آهين.

9- هو جڏهن حجر اسود کي چمڻ لاءِ ويجهڙو ٿئي تڏهن ممڪن آهي ته هو به سندس آڱرين جو مزو محسوس ڪري کيس قابو ڪري جهلي.

10- سندس سڳوري هٿ ۾ هڪ لڪڻ آهي جنهن جي خوشبوءِ دل کي مزو ڏيندڙ آهي. سندس سڳورن هٿن جي خوشبوءِ هر طرف پکڙيل آهي.

11- هو نرم دل آهي. ڪاوڙ ڪرڻ ۽ تنگ ٿيڻ ۾ هن کان ڪوبه انديشو ڪونهي. هو پنهنجين ٻن خوبين يعني سٺي اخلاق ۽ پاڪ عادتن سان سينگاريل آهي.

12- سندس وصفون ساراهيل ۽ الله جي رسول ﷺ جن کان حاصل ڪيل آهن. سندس فطرت ۽ وضع قطع پاڪ آهي.

13- اي هشام! تنهنجو انڪار ڪري هن کي ڪوبه نقصان پهچائي نه ٿو سگهين. هن کي عرب، عجم جا سڀ ماڻهو سڃاڻندا آهن.

14- سندس ٻئي هٿ اهڙا آهن جن جو فيض مينهن وانگر عام آهي، سندس بخشش هر وقت جاري آهي جيڪا سڃائي ۾ به ختم نه ٿيندي آهي.

15- هن جو خدا جي سڄي مخلوق تي عام احسان آهن. هن جي ڪري گمراهي، سڃائي، ظلم ۽ زيادتي سڀ انتشار ۾ آهن.

16- ڪنهن به سخي جي سخاوت هن جي بخشش واري حد تي نٿي پهچي سگهي ۽ ڪابه قوم هن جي برابر ٿي نٿي سگهي، پوءِ شمار ۾ کڻي ڪيتري به وڌيڪ هجي.

17- اهي ماڻهو ڏڪر جي حالت ۾ مينهن وانگر رَڄائي ڇڏيندا آهن. ماڻهو جنگ جي کوري ۾ کامي رهيا آهن ۽ هي ماڻهو ببر شينهن وانگر آهن.

18- هي انهيءَ جماعت مان آهي جنهن سان محبت ڪرڻ دين ۽ ساڻس بغض رکڻ ڪفر آهي. هن سان تعلق رکڻ ڇوٽڪاري ۽ پناهه جو سبب آهي.

19- جيڪڏهن سڀني پرهيزگارن کي ڪٺو ڪيو وڃي، ته اهي سڀني جا امام ظاهر ٿيندا، جيڪڏهن زمين وارن کان سٺن ماڻهن بابت پڇيو ويندو ته جواب ڏيندا ته هي آهن.

20- هنن لاءِ سچائي ۽ شاهوڪاري ٻئي هڪ جهڙيون آهن. سچائي سندن هٿن جي ڪشادگي کي گهٽ ڪري نه سگهندي.

21- الله تعاليٰ کين فضيلت ڏني آهي، بزرگي ۽ شرافت سان نوازيو آهي ۽ هنن لاءِ لوح و قلم ۾ اهو ئي لکجي چڪو آهي.

22- خدا جي ذڪر کان پوءِ انهن جو ذڪر سڀني کان اڳ ۾ آهي هر ميدان ۾ سندن گفتا موجود آهن.

23- اهو ڪهڙو قبيلو آهي جنهن جي گردن تي هنن جو ۽ سندس ابن ڏاڏن جي احسان جو بار ناهي.

24- جنهن کي خدا جي معرفت حاصل آهي، اهو سندن مٿانهين درجي کي ڄاڻي ٿو ڇو ته دين هنن جي گهر کان ئي ساري امت تائين پهتو آهي.

فرزدق شاعر حضرت زين العابدين عليہ السلام جي شان ۾ انهن شعرن کان سواءِ  ۽ فرزدق کي گرفتار ڪري عسفان واري جيل ۾ رکيو جيڪو مڪي ۽ مديني جي وچ تي آهي. جڏهن حضرت امام عليہ السلام کي هن واقعي جو پتو پيو، تڏهن فزدق جي ايماني جُرات جي تعريف ڪيائين ۽ هن ڏانهن ٻارنهن هزار درهم ۽ دينار هن نياپي سان موڪليا، ته اسان لاچار آهيون. هن کان وڌيڪ اسان وٽ مال هجي ها ته اهو به موڪليون ها. فرزيق اهو مال واپس موڪل کي عرض ڪيو: اي رسول ﷺ جا فرزند! مون اميرن ۽ بادشاهن جي شان ۾ گهڻائي قصيدا چيا آهن. جيڪڏهن انهن جي ڪفاري ۾ ڪجهه شعر رسول ﷺ جن جي فرزندن جي محبت ۾ چيا اٿم، ته ڪهڙو ڪمال ڪيو اٿم؟ مون پنهنجي ايمان جي غيرت جو ثبوت ڏنو آهي. مون ڪنهن به مال جي لالچ ۾ اهي شعر نه چيا آهن. انهن جو اجورو خدا کان وٺڻ ٿو چاهيان.  حضرت امام عليہ السلام کي جڏهن اهو پيغام پهتو تڏهن اها رقم واپس ڪري هن کي چورائي موڪليو ته اي ابوالفراس جيڪڏهن تون اسان سان محبت ٿو رکين ته جو ڪجهه اسان موڪليو آهي ان کي قبول ڪر. ڇو ته اسان الله جي رضا ۾ پنهنجي ملڪيت کي ڪڍي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ فرزدق اهو انعام ورتو ۽ احسانمندي ظاهر ڪئي. حضرت امام زين العبادين جي تعريف ۽ ثنا ان کان وڌيڪ آهي جيتري ڪئي وڃي.

اهلبيت مان معاملي جو غلبو ڪندڙ دليل، ديدار ڪرڻ وارن جي ظاهري حجت،  سندن ڪرامتون مشهور، نشانيون روشن، ۽ دليل چٽا آهن. چون ٿا، ته هڪ وقت جي بادشاهه کين شهيد ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پاڻ گهرايو. پاڻ جڏهن آيا تڏهن معافي ورتائين، تحفا ڏنائين ۽ سهڻي نموني سان واپس موڪليو. ماڻهن (بادشاهه کان) پڇيو، ته اوهان کيس قتل ڪرائڻ ٿي چاهيو. هي ڇا ٿي ويو؟ بادشاهه جواب ڏنو: پاڻ جڏهن مون وٽ آيا، ته سندن کٻي ۽ سڄي پاسي تي ٻه شينهن هئا ۽ سمجهڻ لڳس ته جيڪڏهن مون (سندن قتل لاءِ) هٿ مٿي ڪيو ته هو مون کي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. چون ٿا، ته هڪ روايت موجب، قرآن پاڪ جي هن آيت فَمَن يَڪفر بالطَا غُوتِ ويُومن باالله فَقِدِ استَمسَڪ قَالَ ڪل من شغلَڪَ عن مُطَالعة الحَق فَهُوُ طَاعُنو تُڪَ جنهن طاغوت کي ڇڏيو ۽ الله تي ايمان آندو جي تفسير ۾ فرمايو: جا به شيءِ توکي الله تعاليٰ جي يادگيري کان غافل ڪري اهو تنهنجو طاغوت آهي. غور ڪري ڏس، ته توکي ڪهڙي شيءِ پردي ۾ رکيو آهي. يعني ڪهڙي شيءِ توکي الله پاڪ جي يادگيري کان غافل ٿي رکي. انهيءَ کي ڇڏ ته تولاءِ راز ٿين، ڳُجهي علم جو دروازو کلي ۽ حق جي راهه ۾ ڪوبه پردو نه اچي، ڇو ته جتي به پردو هوندو اتي ويجهڙائي جي دعويٰ بيڪار آهي.

سندن خادمن مان هڪڙي روايت آهي، ته رات جو دير سان ورد وظيفي کان فارغ ٿي وڏي آواز سان دعا (مناجات) گهرندا هئا ۽ چوندا هئا، ته اي منهنجا الله! اي منهنجا موليٰ رات اچي وئي، دنيا وارن جي بادشاهي ختم ٿي، آسمان تي تارا نڪري آيا، ماڻهو آرام ۾ پئجي ويا، اکيون بند ٿيون، آواز گم ٿي ويا، ماڻهو دنيا وارن جي درگاهن مان هليا ويا، بنو اميہ آرام جي بسترن ڏانهن هليا ويا، پنهنجون قيمتيون شيون سنڀالي رکيائون، پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيائون، چوڪيدار پهري جي ڊيوٽيءَ تي چڙهيا ۽ محتاج سندن دروازا ڇڏي هليا ويا. اي منهنجا موليٰ! تون جيئرو، قائم دائم، ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين. سمهڻ ۽ آرس ڀڃڻ تنهنجي پاڪ ذات کان پري آهي. جيڪو توکي سمهندڙ ۽ آرس سمجهي اُهو ڪنهن به نعمت جي لائق ناهي. اي منهنجا موليٰ! توکي ڪا به شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ کان غافل ڪري نٿي سگهي. تنهنجي بقا واري ذات، رات ۽ ڏينهن جي ڦير ڦار کان مٿي آهي. جيڪو ماڻهو دعا گهرندو ان لاءِ تنهنجا دروازا کليل آهن. تنهنجي تعريف ڪرڻ واري لاءِ تنهنجا خزانه جاري آهن جيڪو به سوالي بڻجي تنهنجي دروازي تي ايندو آهي اهو خالي نه ويندو آهي. توکان دعا گهرڻ وارو ڪڏهن به مايوس نه ٿيندوآهي. اي منهنجا موليٰ! جڏهن مون کي موت ۽ قبر جو حساب ياد آهي، ته مون کي ڪهڙي خوشي ٿيندي؟ جڏهن موت جو فرشتو منهنجي سامهون آهي تڏهن مان دنيا جي فائدي واري ڪهڙي شيءِ جي آرزو رکندس. مان هر شيءِ تنهنجي پاڪ ذات کان گهرندو آهيان. تون فقط هڪڙو ۽ لاشريڪ آهين. توکان دعا ٿو گهران ته مون کي آساني جو موت ڏي جنهن ۾ ڪابه سختي نه هجي ۽ حساب واري ڏينهن تي اها راحت عطا ڪر جنهن ۾ ڪوبه عذاب نه هجي. پاڻ جڏهن اهي دعائون گهرندا هئا، ته ڏاڍو روئيندا هئا. هڪ رات کانئن خادم پڇيو: اي منهنجا ابن ڏاڏن جا سردار، اهي ڳوڙها ڇو ٿا ڳاڙيو؟ فرمايائون: اي دوست حضرت يعقوب عليہ السلام جن جو هڪ پٽ گم ٿي ويو هو، ته پاڻ ايترو رُنا هئا، جو سندن نظر هلي وئي ۽ اکيون سفيد ٿي ويون هيون. منهنجا ارڙهن عزيز، منهنجو بابو يعني حسين ۽ ڪربلا جا شهيد گم ٿي ويا آهن. مان (هن ڳالهه ۾) حضرت يعقوب عليہ السلام جن کان گهٽ ناهيان، جو پنهنجن عزيزن جي جدائي ۾ منهنجون اکيون سفيد ٿي نه وڃن.

عربي زبان ۾ اها مناجات تمام فصيح آهي. ڊيگهه کان بچڻ لاءِ ان جو مطلب فارسي ۾ لکيو ويو آهي. خدا گهريو ته ڪنهن ٻي جاءِ تي به لکندس.

انهن ۾ سنت جا يوسف، طريقت جي سونهن، معرفت جا تارو، ۽ تصوف جي زنيت حضرت ابو محمد جعفر بن محمد صادق بن محمد بن علي بن حسين بن ابوطالب جن آهن. (الله سائين سڀني سڳورن تي راضي هجي). پاڻ مٿانهين حالت ۾ سهڻي سيرت وارا هئا. سندن ظاهر ۽ باطن ٻئي سينگاريل هئا. پاڻ سڀني علمن ۾ سهڻيون رمزون ڇڏي ويا آهن. مرشدن سڳورن وٽ ڏئي ڏکئي ڪلام ۾ معنيٰ جي واقفيت ۾ وڏا مشهور آهن. تصوف ۾ سندن ڪافي ۽ مشهو ڪتاب آهن. هڪ روايت موجب فرمايو اٿن: مَن عَرف الله اَعَرضَ عَما سواه. جنهن الله تعاليٰ کي سڃاتو آهي تنهن ٻي هر شيءِ کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. عارف (خدا کي ڄاڻندڙ) غير کان پري ۽ سببن کان ڪٽجي ويل هوندي آهي. هن لاءِ معرفت عين اڻ ڄاڻائپ هوندي آهي. يعني اڻ ڄاڻائپ معرفت جو حصو هوندي آهي ۽ معرفت ان جي اڻ ڄاڻائپ جو حصو هوندي آهي. عارف مخلوق ۽ ان جي فطرت کي سندن دل ۾ ايترو گذر به نه هوندو آهي، جو هو ان ڏانهن رغبت رکي. غير جو وجود ايڏو اهم ناهي جو سندس خيال ۾ گم ٿي وڃجي.

هيءَ به روايت آهي جنهن موجب، پاڻ فرمايائون: لايصح العبادة الا بالتوبة لان الله قدم التوبة علي العبادة قال الله تعاليٰ التائِـبُون العَابدون. ”عبادت تيستائين ٺيڪ نٿي بڻجي جيستائين ان سان توبهه ڪٺي نه هجي. تحقيق الله سائين توبهه کي عبادت کان مٿي رکيو آهي.“ انهيءَ ڪري ئي فرمايو اٿن: ”توبهه کان سواءِ ڪابه عبادت درست نٿي ٿئي ڇو ته توبهه منڍ وارو مقام آهي ۽ بندگي ان جي انتها آهي.“ الله سائين جڏهن گنهگارن جو ذڪر ڪيو تڏهن توبهه جو حڪم ٻڌايائون: تُوبُوا اِلي الله جميعاً الله وٽ سڀني گناهن جي توبهه ڪيو. ليڪن جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ جن کي ياد ڪيو، ته ٻانهپ ۽ بندگي سان ياد ڪيو. فَاَ وحَيٰ اِليٰ عَبدِهِ ما اَوحيٰ. الله پنهنجي ٻانهي ڏانهن وحي موڪليو، جيڪو (وحي) موڪلڻو هو.

حڪايتن ۾ آهي، ته حضرت دائود طائي رحه حضرت امام صاحب جن وٽ آيو ۽ چيائين: ”اي رسول الله ﷺ جن جا فرزند مون کي ڪا نصيحت فرمايو (ڇو جو) منهنجي دل ڪاري ٿي ويئي آهي“. پاڻ جواب ڏنائون: ”اوهان پنهنجي وقت جا عبادت گذار (زاهد) آهيو منهنجي نصيحت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ دائود طائي رحه چيو: ”اوهان پيغمبرﷺ جن جا فرزند آهيو. الله تعاليٰ اوهان کي سڀني تي فضيلت ڏني آهي. سڀني کي نصيحت ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي.“ امام صاحب جن فرمايو: ”مون کي ان ڳالهه جو خوف آهي ته متان حشر جي ڏينهن منهنجو نانو منهنجي پڪڙ ڪري ته مون پيروي جو حق ادا نه ڪيو آهي. اها ڳالهه خانداني نسب سان واسطو نٿي رکي ڇو ته هن لاءِ سٺن ڪمن جي ضرورت هوندي آهي.“ حضرت دائود طائي رحه روئي پيو ۽ چيائين: ”اي منهنجا موليٰ! جنهن جي فطرت ۾ نبوت جو اثر آهي، جنهن وٽ اصول جا دليل آهن،  هنن وٽان اها روايت آهي، ته هڪ دفعي پنهنجن نوڪرن سان ويٺا هئا. فرمايائون: ”اچو ته واعدو ڪريون ته قيامت جي ڏينهن جنهن کي به ڇوٽڪارو حاصل ٿئي اهو باقي ٻين جي شفاعت ڪري. نوڪرن عرض ڪيو: ”حضور ڪريم ﷺ جن جي فرزند کي شفاعت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اوهان جا نانا سڳورا سموري مخلوق جي شفاعت ڪندڙ آهن.“ فرمايو: ”مان پنهنجن عملن تي شرمسار آهيان ته پنهنجي سڳوري ناني کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس. اها پنهنجي نفس جي غلطي ڪڍڻي آهي ۽ ڪمال جي صفتن ۾ شامل آهي.“ سمورا الله سان واصل ٿيل، ولي سڳورا، وڏي عزت وارا نبي سڳورا ۽ الله جا رسول انهيءَ صفت سان سينگاريل هئا. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو: اِذَا اَراَدَ الله بَعبدِ خَير ابَصَره بِعيُوب نَفسِہِ“: جڏهن الله تعاليٰ جو ڪنهن ٻانهي تي مهرباني ڪرڻ جو ارادو ٿيندو آهي تڏهن هن (ٻانهي) کي پنهنجا ذاتي عيب ظاهر ڪري ڏيکاريندو آهي. جيڪو نظر وارو صاحب عاجزي ۽ ٻانهپ سان ڪنڌ هيٺ ڪندو آهي. الله تعاليٰ هن کي هر مراد ۾ ڪاميابي عطا ڪندو آهي.

جيڪڏهن مان سڀني اهلبيتن سڳورن جو ذڪر ڪريان، ۽ هر هڪ جون فضيلتون لکان، ته هن ڪتاب ۾ انهن جي جاءِ نه ٿيندي. طريقت کي مڃڻ وارا هجن يا ان جي انڪار ڪرڻ وارا هجن، سڀني لاءِ اهو ڪافي آهي. خدا ڪري سندن عقل کي ڄاڻڻ جي توفيق حاصل ٿئي. هاڻي رسول ﷺ جن جي صفي وارن اصحاب سڳورن جو ذڪر ڪندس. هن کان اڳ هڪ ڪتاب ”منهاج الدين“ لکي چڪو آهيان. ان ۾ صفي وارن صحابي سڳورن مان هر هڪ جي پوري پوري تعريف ڏني اٿم. هاڻي انهن جا نالا لقب لکان ٿو. خدا توکي عزت ۽ ڪاميابي عطا ڪري. سمورو علم الله وٽ آهي ۽ سڀ توفيق انهيءَ وٽان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com