سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :24

باب ارڙهون

بک ۽ ان متعلق ٻيا ڪم

الله تعاليٰ فرمايو آهي: وَلَنَبلُو نَڪُم بَشيءِ مِنَ الخَوفِ و الجوع و نقص من الاموال المَراتِ. “اوهان کي خوف، بک، مال، جان ۽ ميون جي نقصان سان آزمائش ۾ وڌو ويو آهي”. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: بطن جائع الحب الي الله من سبيعن عابدا غافلا. ”بکئي پيٽ وارو الله تعاليٰ وٽ ستر غافل عابدن کان وڌيڪ پيارو آهي“ بکئي رهڻ جو مقام تمام مٿانهو آهي. اهو سڀني امتن ۽ ملتن ۾ وڻيل آهي، ظاهر آهي، ته بکئي ماڻهوءَ جا دل ۽ دماغ ڏاڍا تيز هوندا آهن، ۽ سندس طبعيت به صحتمند هوندي آهي، ڇو ته بک نفس کي نِوڙت ۽ دل کي عاجزي سيکاريندي آهي. بُکئي ماڻهوءَ جو جسم نِوڙيل ۽ دل عاجز هوندي آهي. بُک سان نفس جي طاقت ختم ٿي ويندي آهي. رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي: اجيعوا بطونڪم واعد واجساد ڪم واظماو اڪبادڪم لعلڪم قلوبڪم تري الله عيانا في الدنيا. ”پيٽ کي خالي ۽ جگر کي پياسو رکو ۽ جسم کي لباس کان آزاد رکو، ته اوهان جي دل دنيا ۾ الله جي ديدار کان فيضياب ٿئي.“ بُک کان جسم کي تڪليف ٿيندي آهي، مگر دل کي روشني ملندي آهي. روح کي صفا ۽ باطن کي لقا حاصل ٿيندو آهي. جڏهن روح کي صفا، دل کي روشني نصيب هوندي، ته پوءِ جسماني تڪليف سان نقصان ٿي سگهندو؟ گهڻو کائڻ ڪا عزت واري شيءِ ناهي، نه ته جيڪر چوپائي مال کي وڌيڪ نه کارايو وڃي ها گهڻو کائڻ چوپائي مال جو ڪم آهي، ۽ بُک بيمارن جو علاج آهي. بُک باطن کي پاليندي آهي. پيٽ ڀري کائڻ تن پروري آهي. ڀلا جيڪو ماڻهو سڄي عمر تَن پروري ۾ مشغول رهي، ۽ جسماني  خواهشن تي خرچ ڪندو رهجي. اهو ماڻهوءَ سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندو، جيڪو سڄي حياتي پنهنجي باطن جي پالنا ۾ مصروف رهندڙ آهي، جنهن کي دنيا فقط کائڻ لاءِ گهربل آهي، ۽ ٻيو الله جو دوست آهي. جنهن کي کاڌو فقط عبادت لاءِ ضروري آهي، انهن ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. ڪان المقتدمون يا ڪلون ليعيشوا و انتم تعيشون التاڪلوا متقد  مان. ”پهريان ماڻهو ان لاءِ کائيندا آهن، ته جيئرا رهن ۽ اوهان ان لاءِ جيئرا آهيو ته کائيندا رهو. ” الجوع طعام الصديقين و مسلڪ المريدين و قيد الشياطين.“ بک سچن (صديقن) جو طعام، مريدن جو مسلڪ ۽ شيطان جو قيد آهي“. حضرت آدم عليه السلام جو بهشت مان نڪرڻ، ۽ الله جي ويجهڙائيءَ کان محروم ٿيڻ، الله جي قضا سان هڪ گراهه جي کائڻ ڪري ٿيو. اصلي حقيقت هيءَ آهي ته جو ماڻهو مجبوريءَ کان بکيو هجي، اهو بُکيو ناهي. کيس کائڻ جي خواهش هوندي آهي، ۽ کائڻ جي خواهش رکڻ وارو، کائڻ واري کان گهٽ نه هوندو آهي. جنهن کي بک جو مقام ملندو آهي، اهو کاڌي کي ترڪ ڪرڻ وارو هوندو آهي. کيس کاڌي کان روڪيو نه ويندو آهي. جيڪو ماڻهو کاڌي جي سامان هوندي، کاڌي کي ترڪ ڪري، ۽ بک جي تڪليف سهي، تنهن کي ئي بکيو سڏي ٿو سگهجي. شيطان کي قيد ڪرڻ، ۽ نفس جي خواهش کي روڪڻ، بکئي هجڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. حضرت ڪتاني فرمايو آهي: من حڪم المريد ان يڪون فيه الثلثہ اشياء نومہ غلبة، وڪلامہ ضرورة، واڪلہ فاقة. ”مريد ۾ ٽي شيون ضرور هئڻ گهرجن: غلبي جي ڪري ننڊ، ضرورت جي ڪري ڪلام، ۽ فاقي جي ڪري کاڌو.“ ڪن جو چوڻ آهي، ته فاقو ٻه راتيون ۽ ڏينهن بکئي رهڻ سان ٿيندو آهي. ڪي وري چون ٿا، ته ان جي مدت ٽي راتيون ۽ ڏينهن آهن۔  ڪي هڪ هفتو ۽ ڪي چاليهن ڏينهن ۽ راتين جي بک کي فاقو سڏيندا آهن. تحقيق وارن جو اتفاق آهي، ته سچي بک چاليهن ڏينهن۽ راتين ۾ فقط هڪ دفعو ٿيندي آهي، ۽ اها به جان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. انهيءَ عرصي ۾ جيڪا بک لڳندي آهي. اها طبعيت جي شرر ۽ غرور لاءِ هوندي آهي.

معلوم هئڻ گهرجي ( الله توکي معاف ڪري) ته معرفت وارن جي رڳ رڳ مان الله جا اسرار (راز) ظاهر ٿيندا آهن. سندن دليون الله جي نظر جو مقام هونديون آهن. دلين جا دروازا کليل هوندا آهن. عقل ۽ لالچ جو ڪنڌ سندن درگاهه تي جهڪيل هوندو آهي. روح عقل جو مددگار ۽ نفس لالچ جو مددگار هوندو آهي. جيتري قدر طبعيت خوراڪ سان پالنا وٺندي آهي، اوتري قدر نفس مضبوط ٿيندو آهي. نفس جي خواهش وڌندي آهي، ۽ ان جو عضون تي غلبو ٿيندو آهي. هر رڳ ۾ هڪ  نئون حجاب ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن نفس کي غذا سان طاقت نه پهچندي آهي، ته سندس خواهشون ضعيف ٿينديون آهن. عقل کي طاقت حاصل ٿيندي آهي، ۽ هو نفس سان ناتا ٽوڙيندو آهي، الاهي اسرار ۽ ان جا نشان وڌيڪ ظاهر ٿي پوندا آهن. جڏهن نفس پنهنجي حرڪتن کان بيوس ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جي وجود کان نفساني خواهشون ختم ٿي وينديون آهن. ڪوڙا (باطل) ارادا حق جي اظهار ۾ گم ٿي ويندا آهن، ان وقت مريد جي هر مراد پوري ٿي ويندي آهي.

حضرت ابو العباس قصاب فرمائي ٿو: ” منهنجي عبادت ۽ گنهگاري ٻن شين سان ٻڌل آهن. کاڌي کانپوءِ گناهه جو مادو طبعيت ۾ موجون هڻندو آهي. جڏهن کاڌي کان هٿ کڻندو آهيان. تڏهن عبادت (طاعت) جي حقيقت پاڻ ۾ ڏسندو آهيان. مشاهدو بک جو ميوو آهي، ڇو ته مشاهدو مجاهدي سان قائم ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڍؤ سان الله جو مشاهدو حاصل ٿي وڃي، ته اهو اهڙي بک کان بهتر آهي، جيڪا فقط مجاهدي ۽ رياضت تائين محدود آهي، ۽ ان سان مشاهدو حاصل ٿي نه سگهي. مشاهدو الله جي مردن جو ميدان آهي، ۽ مجاهدو ٻارن جي راند آهي. اهو ڍؤ بهتر آهي، جنهن ۾ الله جو مشاهدو هجي. اهڙي بک انهيءَ ڍوء کان گهٽ آهي، جنهن ۾ فقط مخلوق جو مشاهدو هجي. هن موضوع متعلق گهڻيون ئي ڳالهيون آهن، مگر مان ڊيگهه جي خوف کان اتي بس ٿو ڪريان. توفيق الله جي قبضي ۾ آهي.

(اٺين حجاب جو کلڻ – حج)

        الله تعاليٰ فرمايو آهي: وَلـِـلـہ عَلَي الناس حجُ البيتِ مَنِ استَطاعَ اِلَيہ سبيلاً. ”ٻانهن تي بيت الله جو حج فرض آهي، ان ماڻهوءَ تي جنهن کي اتي پهچڻ جي طاقت هجي ”صحيح عقل واري، بالغ ۽ طاقت واري مسلمان تي حج فرض آهي. ميقات (احرام ٻڌڻ جي جاءِ) تي احرام ٻڌڻ، عرفات جي ميدان تي بيٺو هجڻ، ڪعبي جو طواف ڪرڻ، صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙڻ (جن ۾ عالمن جو اختلاف آهي)، ۽ احرام کانسواءِ حرم ۾ داخل ٿيڻ، حج جا رُڪن آهن. مڪي جي حرم کي مُقام ابراهيمَ جي ڪري حرم سڏيندا آهن. اهو امن جو مقام آهي. ان ۾ جنگ جهيڙو حرام آهي. حضرت ابراهيم عه جا ٻه مقام آهن، هڪ جسم جو مقام ۽ ٻيو دل جو مقام. جسم جو مقام مڪو شريف آهي ۽ دل جو مقام خُلت (خدا جي خاص محبت آهي). جو ماڻهو سندس جسم جي مقام جو ارادو ڪري، ان تي لازم آهي، ته سڀني انساني لذتن ۽ شهوتن کان پاسو ڪري، احرام ٻڌي (ڄڻ ته ڪفن ٿو پائي)، حلال جو شڪار تان به هٿ کڻي، سڀني حواسن کي قبضي ۾ رکي، عرفات ۾ حاضر ٿئي. مزدلفي ۾ مشعر الحرام ڏانهن وڃي (عرفات جي رستي ٻه مقام) ، پٿريون کڻي طواف ڪري، منيٰ ۾ ٽي ڏينهن ۽ راتيون رهي، جُمرن (شيطان) کي پٿريون هڻي، مٿو ڪوڙائي ۽ قرباني کان پوءِ پنهنجا رواجي ڪپڙا پائي.

جو ماڻهو حضرت ابراهيم عه جي دل جو قصد ڪري، ان تي لازم آهي، ته پنهنجي پسند ڪيل شين تان هٿ کڻي دنيوي لذتن ۽ راحتن کي ترڪ ڪري، غيرن جو ذڪر ڪرڻ ڇڏي ڏئي، ڇو ته فساد جي دنيا ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان منع آهي. پوءِ معرفت جي عرفات ۾ رهي (قيام ڪري)، محبت جي مزدلفي ڏانهن منهن ڪري، باطن کي الله جي پاڪائي جي طواف ۾ مشغول رکي، نفساني خواهشن ۽ خراب خيالن جُون پٿريون کڻي ايمان جي حفاظت واري منيٰ ۾ اُڇلي، نفس کي مجاهدي جي ڪوس – گهر (مذبح) ۾ قربان ڪري ۽ خلت (خدا جي خاص محبت) واري مقام تي پهچي وڃي.

حضرت ابراهيم عه جي جسم جو مقام ڪعبي جو حرم آهي. اتي دشمن ۽ ان جي تلوار کان امان آهي. سندس دل جي مقام يعني خُلت (خدا جي خاص محبت) ۾ داخل ٿيڻ، پنهنجن واسطن جو ٽوڙڻ، ۽ الله کان پري رهڻ واري حالت ۾ ان قسم جي شرارتن کان بچڻو آهي.

پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: الحاج وفد الله يعطيهم ما سالوا ويستجيب لهم دعوا. ”حاجي الله تعاليٰ جو وفد (قافلو) آهن، هو جو ڪجهه گهرندا آهن، اهو کين ملندو آهي، ۽ جيڪا به دعا گهرندا آهن، اها قبول ٿيندي آهي، ڪي ماڻهو جو ڪجهه گهرندا آهن، ۽ جو ڪجهه کين جواب ڏنو ويندو آهي، ان کي خوشيءَ سان قبول ڪندا آهن، ڪي ماڻهو شان شوڪت ۽ مرتبو گهرندا آهن، ۽ نه وري ڪا دعا گهرندا آهن،حضرت ابراهيم عليه السلام چيو آهي: اذ قال لہ ربہ اَسِلم قال اَسَلَمتُ لِرَب العَالَمِين. ”جڏهن الله تعاليٰ فرمايس ته فرمانبردار بڻجي وڃ. تڏهن عرض ڪيائين، ته مان پروردگار جو فرمانبردار آهيان.“ اهو خُلت (خدا جي خاص محبت) جو مقام هو. هو دنيا جي لاڳاپن کان آزاد ٿي ويو، ۽ سندس دل خدا جي ٿي، غيرن کان ڪاٽجي وئي، الله تعاليٰ کيس دنيا ۾ مشهور ڪرڻ چاهيو. اهو ڪم نِمروُد جي حوالي ٿيو، جنهن اڳ ۾ کيس ماءُ – پيءُ کان جدا ڪيو، باهه ڀڙڪائي، ابليس منجنيق ٺاهي ڏنس، کيس ڳئون جي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري منجنيق (پٿرن اڇلڻ جي مشين) ۾ رکيو ويو. حضرت جبرائيل منجنيق ۾ هٿ وجهي چيو: ”ڇا اوهان کي الله جي ضرورت ڪانهي؟“ فرمايائين: ”الله تعاليٰ کي منهنجي حال جي خبر آهي، اهو ئي سبب آهي جو مال سوال نٿو ڪيان. مون کي اهو پسند آهي، جيڪو الله تعاليٰ کي پسند آهي. هن کي خبر آهي ته مون کي باهه ۾ اُن لاءِ ئي وڌو ٿو وڃي، هاڻي مون کي سوال ڪرڻ جي ضرورت ناهي.“

        حضرت محمد بن فضيل فرمايو آهي:”مون کي تعجب ٿو لڳي، ته ماڻهو الله کي سندس گهر (ڪعبي) ۾ تلاش ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي دل ۾ سندس مشاهدي جي طلب نٿا ڪن، حالانڪه ڪعبو ڪڏهن موجود هوندو آهي، پر دل ۾ الله جو مشاهدو هر حالت ۾ هوندو آهي، ڪعبي جي پٿر جي زيارت فرض آهي ۽ ان تي سال ۾ هڪڙو ڀيرو نظر ٿيندي آهي، ان جي ابتڙ دل تي ڏينهن رات ٽي سئو سٺ ڀيرا رحمت جي نظر ٿيندي آهي، دل ڪعبي کان وڌيڪ زيارت جي لائق آهي، تڏهن به تحقيق وارن لاءِ مڪي جي رستي ۾ هر قدم، هڪ الله جو نشان هوندو آهي، ۽ حرم ۾ پهچڻ سان هر ڪنهن کي هڪ انعام (خلعت) نصيب ٿيندو آهي.

حضرت بايزيد فرمائي ٿو: ”جيڪو ماڻهو سڀاڻي (آخرت) جي ثواب تي نظر رکندڙ آهي، تنهن کي چئو ته اڄ سندس فرمانبرداري به فرمانبرداري ناهي، ڇو ته عبادت ۽ مجاهدي جي هر هڪ دم جو ثواب اڄ ئي ملڻ گهربل آهي، فرمايائين: مون پهرئين حج تي ڪعبي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏٺو، ٻيو دفعو ڪعبي کي به ڏٺم ۽ ڪعبي واري کي به ڏٺم، ۽ ٽيون دفعو ڪعبي واري کي ڏٺم، ۽ ڪعبي کي نه ڏٺم. ”بهرحال ڪعبي جو حرم مشاهدي جي جاءِ تي هوندو آهي ۽ مجاهدي جي جاءِ تي نه هوندو آهي، ۽ ان لاءِ تعظيم آهي. جنهن جي نظر ۾ سڄي دنيا الله جي قرب جو مقام ۽ محبت جي خلوت گاهه واري لاءِ سڄي دنيا حرم هوندي آهي، اهو الله جي محبت کان فيض حاصل ڪري نه سگهندو آهي، مشاهدي واري لاءِ سڄي دنيا حرم هوندي آهي ۽ مشاهدي کان محروم رهندڙ ڪعبو به تمام تاريڪ مقام رهندو آهي، ڪنهن جو مصرع چيل آهي:

اظلم الاشياء دارالحبيب بلا حبيب.

        ”محبوب کانسواءِ محبوب جو گهر وڌ ۾ وڌ اونداهو هوندو آهي.“

        قدر ۽ قيمت رضا جي مشاهدي لاءِ آهي، جيڪو دوستيءَ جي مقام (خلت) تي حاصل ٿئي، ۽ جنهن جو ذريعو الله تعاليٰ ڪعبي جي زيارت کي سڏيو آهي، ڪعبي جي زيارت پنهنجي پاڻ ڪا به شيءِ ناهي، تڏهن به هر سبب جو پنهنجي مسبب (سببن جي سبب) سان واسطو هوندو آهي، ڪهڙي خبر، الله تعاليٰ جي عنايت جو ظهور ڪٿان ٿئي؟ ۽ طالب جي مراد ڪٿان ظاهر ٿئي؟ الله جا طالب بيابانن ۾ به الله جي ديدار لاءِ ڦرندا رهندا آهن، ڇو ته دوست کي دوست جو حرم ڏسڻ جائز ناهي. سندن مقصد هڪ بيتاب شوق ۽ محبت  ۾ هڪ جلڻ واري آرزو سان مجاهدي ڪرڻ جو هوندو آهي.

        هڪ ماڻهو حضرت جنيد وٽ ويو. هن کان پڇيو ويو: تون “ڪٿان آيو آهين؟” جواب ڏنائين: “مان حج تي ويو هئس.” حضرت جنيد پڇيس: “حج ڪري ورتئي؟” هن جواب

ڏنو ”هائو“ پڇيائينس: ”ڇا گهر ۽ وطن ڇڏڻ وقت سڀني گناهن کي به ڇڏيئي؟“ هن چيو: ”نه“، چيائينس: ”تو پنهنجي وطن کان سفر نه ڪيو. ڇا جڏهن پنهنجي گهر کان نڪتين ۽ رات جو ڪنهن جاءِ تي ترسئين ته الله تعاليٰ جي طريقي جي ڪا منزل به اتي وري ڪيئي؟ جواب ۾ ننهڪر ڪيائين. هن وري پڇيس: جڏهن ميقات (احرام ٻڌڻ جي جاءِ) تي احرام ٻڌئي، تڏهن پنهنجي انساني صفتن کي پاڻ کان پري ڪيئي؟ جواب ۾ وري نَنهر ڪيائين. هن وري چيس: ” تو احرام به نه ٻڌو. جڏهن عرفات جي ميدان ۾ بيٺين. تڏهن توکي ڪشف ۽ مشاهدي ۾ بيهڻ به نصيب ٿيو؟ ”جواب ڏنائين:”نه؟“ هن وري چيس: ”تون عرفات ۾ به نه بيٺين. جڏهن مزدلفي ۾ وئين ۽ تنهنجو مقصد پورو ٿي ويو، تڏهن پنهنجي نفساني خواهش کي ترڪ ڪيئي؟ ” جواب ۾ چيائين: ”نه“ هن چيو: ”تون مزدلفي ۾ به نه وئين. جڏهن بيت الله جو طواف ڪيئي، تڏهن وطن جي اک سان تنزه ( الله تعاليٰ کي هر عيب کان پاڪ سمجهڻ) جي مقام تي الله تعاليٰ جي جمال جا لطيفا ڏٺئي؟“ جواب ڏنائين: ”نه“ هن چيو: ”تو طواف به نه ڪيو؟ اهو ٻڌاءِ ته صفا ءٌ مروه جي وچ ۾ وسعي ڪرڻ (ڊوڙڻ) وقت، تو صفا ۽ مروه جو مرتبو ڄاتو؟ ”جواب ڏنائين: ”نه“ هن چيو: ”تو سعي به نه ڪئي. چڱو جڏهن منيٰ ۾ آئين، تڏهن تنهنجون تمنائون پوريون ٿي ويون؟“ جواب ڏنائين: ”نه“ هن چيو: ”تون منيٰ ۾ به نه وئين. چڱو جڏهن قرباني ڪيئي، تڏهن پنهنجي نفس جي خواهش کي به قربان ڪيئي؟“ جواب ڏنائين: ”نه“ ”تون قرباني به نه ڪئي. چڱو جڏهن پٿريون اُڇليئي تڏهن پنهنجا سمورا نفساني خيال (امور) به اُڇلي ڇڏيئي؟“ جواب نفي ۾ ڏنائين. هن چيو: ”تو پٿريون به نه اُڇليون. تنهنجو حج به نه ٿيو. واپس وڃ ۽ انهيءَ طريقي تي حج ڪر ته مقام ابراهيم نصيب ٿيئي.

مون ٻڌو ته هڪ بزرگ ڪعبي جي سامهون روئي زاريون ڪري رهيو هو ۽ هيٺيان شعر سندس زبان تي هئا:

واصحبت يوم النحر و العيس ترحل

 

وڪان حَدَ الحادي بنا و هو معجل

 

اسائل عن سلمي فهل من مخبير

 

بان لہ علما بها اين تنزل

 

لقد افسدت حجي و نسڪي و عمر تي

 

وفي السري شغل عن الحج مشغل

 

سار حج من عامي لحجة قابل

 

فان الذي قد ڪان لا يتقبل

 

”حج ۾ قرباني جي ڏينهن صبح ٿيو. سفيد اُٺ وڃي رهيا هئا. حدي خوان  سٺي سُر سان اُٺن کي هلائي رهيو هو، ۽ تڪڙ ڪري رهيو هو. مان پنهنجي محبوبا سلميٰ جي باري ۾ پڇي رهيو هئس. ڪو ٻڌائي ته اها ڪٿي لَهندي؟ هن (منهنجي محبوبا) منهنجو حج، منهنجي قرباني، ۽ منهنجو عمرو، سڀ وڃائي ڇڏيا. هن جي جدائيءَ دل ۾ اها ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، جو حج کان دُور ڪري رهي آهي. مان ٻئي سال حج لاءِ موٽي ايندس، ڇو ته هاڻي حج ٿي ويو ۽ قبول نه ٿيندو.“

        حضرت فضيل بن عياض فرمايو آهي: ”مون هڪ نوجوان کي حج ڪرڻ وقت بيٺل ڏٺو. ماڻهو دعا گهري رهيا هئا، ۽ هو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. مون پڇيو: ”دعا ۾ شريڪ ڇو نٿو ٿئين؟ ”جواب ڏنائين؟ ”مان وحشت ۾ گرفتار آهيان. منهنجو وقت فوت ٿي ويو آهي. هاڻي دعا جي ڪا به صورت ڪانهي.“ مون چيو: دعا گهر، خدا هن (ايڏي ساري) مير جي صدقي تنهنجي مراد پوري ڪندو. ”هن چاهيو، ته دعا لاءِ هٿ کڻي، مگر بي اختيار هڪ آهه ڪيائين، ۽ مري ويو.“

        حضرت ذوالنون مصري جو بيان آهي: مون هڪ نوجوان کي منيٰ ۾ ويٺل ڏٺو. سمورا ماڻهو قرباني ۾ قابو هئا. مان هن کي ڏسندو رهيس ته ڪير آهي ۽ ڇا ٿو ڪري؟ هو چئي رهيو هو: منهنجا موليٰ سڀ ماڻهو قرباني ڪري رهيا آهن. مان پنهنجي نفس کي تنهنجي راهه ۾ قربان ڪرڻ ٿو چاهيان. مون کي قبول فرمائي. ”اهو چئي،  اشهد آڱر سان پنهنجي گلي ڏانهن اشارو ڪيائين ۽ ڪري پيو. مون ڏٺو ته سندس روح عنصري پڃري مان اُڏامي چڪو هو. الله تعاليٰ مٿس رحم فرمائي.“

        حج جا ٻه قسم آهن: هڪڙو غيبت ۾ ۽ ٻيو حضوري ۾، جيڪو ماڻهو ڪعبي جي حرم ۾ حاضر رهي به غيبت ۾ گرفتار هجي، ان جو مثال اهڙي ماڻهوءَ جو آهي، جيڪو پنهنجي گهر ۾ موجود هجي ۽ غائب رهي. غيبت هر حال ۾ غيبت آهي. جو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ هوندي الله سان حاضر هجي، اهو ڄڻ ته ڪعبي جي بارگاهه ۾ حاضر آهي، ڇو ته الله جو حضور هر جاءِ تي آهي. حج هڪ مجاهدي جي صورت آهي ۽ اها مشاهدي جي ڪشف لاءِ هوندي آهي. مجاهدو مشاهدي جي علت ناهي، مگر مشاهدي جو سبب آهي، هن سبب کي حقيقي معنيٰ ۾ زياده رسوخ نه هوندو آهي. حج جو مقصد ڪعبي جي زيارت نه هوندو آهي، مگر مشاهدي جو ڪشف هوندو آهي. هاڻي مان مشاهدي متعلق هڪ باب لکندس، ته جيئن تنهنجي مقصد پوري ٿيڻ ۾ ڪم اچي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

 

باب اڻويهون

مشاهدو

پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: اجيعوا بطونڪم دعوا الحرص واعروا اجساد ڪم قصروا الامل. ”پنهنجن پيٽن کي خالي رکو، حرص کي ڇڏيو، جسمن کي لباس سان نه سينگاريو، گهرجُون گهٽ ڪريو، جگرن کي اُڃيو رکو ۽ دنيا کان منهن موڙيو، ته اوهان جي دلين کي الله تعاليٰ جو مشاهدو حاصل ٿئي.“ حضرت جبرائيل حضور ﷺ کان احسان جي اصلي حقيقت (ماهيت) جي باري ۾ سوال ڪيو ته پاڻ فرمايائون، احسان اهو آهي ته: اعبدوا الله ڪَانڪَ تراه فان لم تڪن تراه فانہ يراڪ“ عبادت ڪندڙ اهڙيءَ طرح سان عبادت ڪري، ڄڻ ته الله کي ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن تون الله کي ڏسي نه سگهين ته هو يقين سان توکي ڏسي رهيو آهي. ”الله تعاليٰ حضرت دائود کي وحي فرمايو: يا دائود تدري ماالمعرفة قال لا قال هي حيواة القلب في مشاهدتي. اي دائود! توکي خبر آهي، ته معرفت ڇا آهي؟ عرض ڪيائين ته ”نه“، الله تعاليٰ فرمايو : ”منهنجي مشاهدي سان دل جو جيئرو ٿيڻ (معرفت آهي)“. صوفين وٽ مشاهدو الله جي ذات کي باطل جي اک سان ڏسڻ جو نالو آهي. يعني خلوت (اڪيلائپ ۾) توڙي جلوت (ماڻهن ۾) الله جو جلوو دل ۾ پسي.

        حضرت ابو العباس بن عطا هن آيت جي تفسير ڪري رهيو هو: ان الذين قالوا ربنا الله ثم استَقَا موا. ”تحقيق جن ماڻهن چيو، ته اسان جا پالڻهار الله آهي ۽ پوءِ (ان عقيدي تي) مضبوطي سان ثابت قدم رهيا. ”تفسير ڪندي چيائين: جن ماڻهن مجاهدي ۾ چيو، ته الله جو پروردگار آهي ۽ پوءِ الله جي مشاهدي تي مضبوطي سان ثابت قدم رهيا.

        مشاهدي جي حقيقت جا ٻه پاسا آهن: هڪڙو مشاهدو، صحيح يقين سان ۽ ٻيو الله جي محبت جي غلبي سان، يعني محبت جو غلبي جو اهو مقام حاصل ڪرڻ، جتي طالب کي هر ڳالهه ۾ محبوب نظر اچي ۽ ان کانسواءِ ڪجهه به نظر نه اچي. حضرت محمد بن واسع فرمائي تو: مارايت شيئا الا ورايت الله فيہ. ”مون صحيح يقين سان هر شيءِ ۾ الله جي محبوب جو جلوو ڏنو.“ هڪ ٻئي طريقت جي شيخ فرمايو آهي: مارايت شيئا الا ورايت الله قلبہ. ”مون ڪا به اهڙي شيءِ نه ڏٺي، جنهن مان مون کي الله جو ديدار حاصل نه ٿيو هجي.“

حضرت شبلي فرمايو آهي: مارايت شيئاقط الا الله يعني بلغبات المحبة و غليان المشادة. ”مون الله جي محبت جي غلبي ۾، ۽ الله جي مشاهدي جي ظهور ۾ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪنهن شيءِ کي به نه ڏٺو“. هڪ ماڻهو ڪنهن شيءِ کي ظاهري اک سان ڏسندو آهي. ان جي فاعل تي ظاهري نظر پوندي آهي. ٻيو ماڻهو فاعل جي محبت ۾ غرق ٿي هر شيءِ کان منهن موڙي ڇڏيندو آهي، ۽ فقط فاعل کي ڏسندو آهي پهريون طريقو استدلال جو آهي ۽ ٻيو طريقو باطني جذبي جو آهي. استدلال ۾ الله کي دلين سان ثابت ڪيو ويندو آهي، ۽ ٻي صورت ۾ طالب مجذوب ۽ شوق ۾ بيخود هوندو آهي، دليل ۽ حقائق هن لاءِ حجاب جي حيثيت رکندا آهن. لان من عرف شيئا لا يطمئن غيره ومن احب شيئا لا يطالع غيره ترڪ المنازعة مع الله ولاعتراض عليہ في احڪامہ الخالف. ”جو ماڻهو ڪنهن شيءِ کي سڃاڻي وٺندو آهي، ان کي ان کان سواءِ تسڪين حاصل نه ٿيندي آهي. جڏهن ڪو ماڻهو محبت ڪندو آهي، ته اهو محبوب شيءِ کانسواءِ ڪنهن تي نظر نه وجهندو آهي. اهو محبوب شيءِ تي اعتراض ڪرڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي.“ الله تعاليٰ پيغمبر ﷺ جن جو معراج جو بيان ڪندي فرمايو آهي: مازاغ البصر وما طغيٰ. ”سندن نظر الله جي تجلي کان نه ڦري، ۽ نه وري حد اورانگيائين ايتري قدر جو سندن باطن جي اک هر ڏسڻ واري شيءِ کي ڏسي ورتو. جڏهن الله جو محب موجودات تان نظر ڦيري ڇڏيندو آهي. تڏهن باطن جي اک سان الله جي مشاهدي ۾ مشغول ٿي ويندو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: قل للمومنين يَغُضوا مِن ابصارهِم. ”ايمان وارن کي چئو، ته پنهنجون نگاهون هيٺ ڪن“. يعني ظاهري اکين کي نفساني خواهش کان ۽ باطني اکين جي مخلوقات کان پري رکن. جيڪو مجاهدو ڪري ظاهري اکين کي وڻندڙ شين کان روڪيندو آهي، اهو يقين سان باطني اکين سان الله جي مشاهدي مان فيضياب ٿيندو آهي، ڇو ته مجاهدي ۾ مخلص هوندو آهي، اهو مشاهدي ۾ سچو هوندو آهي.

Text Box: 554

 

Text Box: 555
553
551
550
549
547
545
543
541
 
538
536
534
532
530
528
526
524
522
520
518
516
514
512
510
508
506
504
502
500
498
496
494
492
490
488
486
484
482
480
478
476
474
472
470
468
466
464
462
460
458
456
454
452
450
448
446
444
442
440
438
436
433
431
429
427
425
423
421
419
417
415
413
411
409
407
405
403
401
399
397
395
393
391
389
 
386
384
382
380
378
376
374
372
370
368
366
364
362
360
358
356
354
352
350
348
346
344
342
340
338
336
334
332
330
328
326
324
322
320
318
316
314
312
310
308
306
304
302
300
298
296
294
292
290
288
286
284
282
280
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
 
257
255
253
251
249
247
245
243
239
237
235
233
231
229
227
225
223
221
219
217
215
213
211
209
207
205
203
201
199
197
195
193
191
189
187
185
183
181
179
177
175
173
171
169
167
165
163
161
159
157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

        باطن جي نظر جو مشاهدو ظاهري مجاهدي سان واسطو رکندڙ آهي، حضرت سهل بن عبدالله تستري فرمائي ٿو: من غض بصره عن الله طرفة عين لايهتدي طول عمره. ”جيڪو اک ڇنڀ ڪرڻ جيترو وقت پنهنجي نظر الله تعاليٰ کان ڦيرائيندو آهي، اهو ساري عمر هدايت حاصل ڪري نه سگهندو آهي“، ڇو ته غير تي نظر وجهڻ، غير ڏانهن ڌيان ڏيڻ آهي، ۽ جنهن کي مقدر غير الله جي اختيار ۾ ڇڏي ڏنو آهي، اهو هلاڪت جو شڪار ٿي ويندو آهي، مشاهدي وارن جي زندگي اهڙي آهي، ته هو الله جي مشاهدي ۾ مشغول رهن، زندگي جو جيڪو عرصو الله تعاليٰ کان پري رهڻ ۾ گذاري، ان کي زندگي ۾ شمار نه ڪندا آهن، ۽ اهو پاڻ لاءِ موت جي برابر سمجهندا آهن.

 

        حضرت بايزيد کان پنهنجي عمر لاءِ پڇيائون. ته جواب ڏنائين: ”چار سال“ ۽ ٻي روايت موجب چاليهه سال، ماڻهو عجب ۾ پيا، ته چيائين: ”مان ستر سالن تائين دنيوي حجابن ۾ رهيو آهيان. الله جي مشاهدي ۾ فقط چار سال مصروف رهيو آهيان. حجاب جو وقت زندگي ۾ شمار نه ٿيندو آهي.“

حضرت شبلي دعا گهرڻ وقت چوندو هو: اللهُمَ اخفا الجنة و النار في خفايا غيبڪ حتيٰ تُعبَد بغير واسطة.” منهنجا موليٰ ! دوزخ ۽ جنت کي لڪائي ڇڏ، ته تنهنجي عبادت ڪنهن واسطي يا لالچ کانسواءِ هجي، طبعيت ۾ بهشت جي خواهش هوندي آهي ۽ عبادت گهڻو ڪري ان (بهشت) لاءِ ڪئي ويندي آهي. دل ۾ الله جي محبت نه هوندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي غفلت جي ڪري الله جي مشاهدي کان محروم رهندو آهي. پيغمبر ﷺ جن معراج واري واقعي جو بيان ڪندي حضرت عائشه رضه کي فرمايو: ” مون الله کي نه ڏٺو“. حضرت عبدالله بن عباس کان روايت آهي ته حضور ﷺ جن فرمايو: ” مون الله کي نه ڏٺو“. ان ڳالهه تي ماڻهن جو اختلاف ظاهر ٿيو مگر الله جي دوستن اها صورت چونڊي ورتي، جيڪا بهتر هئي، يعني پاڻ جيڪو فرمايائون، ته مون الله تعاليٰ کي نه ڏٺو، ان مان اها مراد آهي، ته ظاهري اک سان نه ڏٺائون. ٻنهي مان هڪ باطن جو صاحب هو ۽ ٻيو ظاهر ڏسندڙ، پاڻ ٻنهي سان سندن عقل آهر ڳالهه ڪيائون، جڏهن باطن جي اک سان ڏسي ورتائون، ته ظاهر جي اک سان نه ڏسڻ سان ڪو فرق نه پيو.

Text Box: 556

 

حضرت جنيد فرمايو آهي: ”جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي فرمائي، ته مون کي ڏس، ته جيڪر مان نه ڏسان، ڇو ته محبت ۾ اک جي حيثيت غير ۽ بيگاني واري آهي، غير جي ريس (ساڙ) ديدار ۾ رنڊڪ آهي. جڏهن دنيا ۾ کيس اک جي واسطي کانسواءِ ڏسندو رهيو آهيان، تڏهن آخرت ۾ ان لاءِ ڳولا ڇو ڪريان؟“ شعر:

 

اني لا حسد فاظَري عليڪا
عاغض طرفي اذا نظرت اليڪا

        ”مون کي تنهنجي ڏسڻ وارن کان ساڙ ٿيندو آهي. مان جڏهن تو ڏانهن ڏسندو آهيان تڏهن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهيان“.

Text Box: 557
555
553
551
550
549
547
545
543
541
 
538
536
534
532
530
528
526
524
522
520
518
516
514
512
510
508
506
504
502
500
498
496
494
492
490
488
486
484
482
480
478
476
474
472
470
468
466
464
462
460
458
456
454
452
450
448
446
444
442
440
438
436
433
431
429
427
425
423
421
419
417
415
413
411
409
407
405
403
401
399
397
395
393
391
389
 
386
384
382
380
378
376
374
372
370
368
366
364
362
360
358
356
354
352
350
348
346
344
342
340
338
336
334
332
330
328
326
324
322
320
318
316
314
312
310
308
306
304
302
300
298
296
294
292
290
288
286
284
282
280
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
 
257
255
253
251
249
247
245
243
239
237
235
233
231
229
227
225
223
221
219
217
215
213
211
209
207
205
203
201
199
197
195
193
191
189
187
185
183
181
179
177
175
173
171
169
167
165
163
161
159
157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

        ڪنهن بزرگ کان پڇيو ويو: ”اوهان خدا کي ڏسڻ چاهيو ٿا.“ چيائين: ”نه“ پڇيائونس : ”ڇو؟“ فرمايائين؛ ”حضرت موسيٰ عليه السلام درخواست ڪئي، مگر ڏسي نه سگهيو، حضور ﷺ جن درخواست ڪئي ۽ ديدار سان نوازيا ويا. اصل ۾ اسان جي خواهش ئي هڪ حجاب آهي. ارادو مخالفت جو دليل آهي. ارادي جي ختم ٿيڻ سان مشاهدو حاصل ٿيندو آهي، مشاهدي حاصل ٿيڻ سان دنيا ۽ آخرت هڪ جهڙا ٿي ويندا آهن.

 

حضرت بايزيد فرمايو آهي: ان الله عباداً لوحجبواعن الله في الدنيا والاآخرة لارتدوا. ” الله جا ڪجهه ٻانها اهڙا آهن، جيڪي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جي ديدار کان محروم رهن، ته مرتد (دين تان ڦرندڙ) ٿي وڃن“. يعني انهن جي پالنا دائمي مشاهدي سان ٿيندي آهي، هو محبت جي حياتي سان جيئرا آهن، جيڪڏهن مشاهدي وارو آهي، مشاهدي کان محروم ٿئي ته ڄڻ درگاهه مان تڙجي نڪتو.

حضرت ذوالنون مصري جو چوڻ آهي: هڪ دفعي مون مصر ۾ ڏٺو، ته ڪجهه ڇوڪرا هڪ نوجوان ماڻهوءَ کي پٿر هڻي رهيا هئا. مون پڇيو ته ائين ڇا ٿا ڪريو؟ ڇوڪرن چيو ته اهو چريو آهي: پڇيم ته اوهان سندس چريائي ڏٺي آهي؟ ڇوڪرن چيو: اهو چوي ٿو، تو مون خدا کي ڏٺو آهي. مون ان جوان کان پڇيو، ته اهو سچ آهي يا ڇوڪرا توتي اجائي تهمت رکي رهيا آهن؟ انهيءَ جوان جواب ڏنو ته هائو. جيڪڏهن الله تعاليٰ هڪڙي گهڙي به مون کان ڇپي وڃي ته جيڪر پردو اچي وڃي، ۽ مان فرمانبرداري (طاعت) کان محروم ٿي وڃان.

هتي هڪ جماعت کي طريقت وارن جي باري ۾ هڪ غلط فهمي پيدا ٿي آهي. هو سمجهن ٿا ته الله جو ڏسڻ، باطن جي مشاهدي جي هڪ صورت آهي، جيڪا ذڪر ۽ فڪر واري حالت ۾ وهم جي ڪري دل ۾ پيدا ٿيندي آهي. اهو فقط شڪ ۽ چٽي گمراهي آهي. الله تعاليٰ جي ذات اندازي ۽ مقدار کان مٿانهين آهي. ڪنهن جو به عقل ان جو ادراڪ ڪري نه سگهندو آهي. انساني عقل ۾ جو ڪجهه خدا جي باري ۾ ايندو، اهو سراسر وهم هوندو. الله تعاليٰ جو ڪنهن به جنس سان ڪو واسطو ڪونهي. سمورا ڪشف ۽ لطيفا جنس جي لحاظ کان هڪٻئي سان واسطو رکندڙ آهن. تضاد (ابتڙ حالت) جي صورت ۾ هم جنسيت قائم رهندي آهي. توحيد جي حقيقت به قديم جي مقابلي ۾ هڪ جنس واري آهي، ڇو ته متضاد (ابتڙ) شيون سڀ حادث هونديون آهن، ۽ سمورا حادث هم جنس هوندا آهن.

الله تعاليٰ انهن ڳالهين ۽ هر اهڙي شيءِ کان پاڪ آهي، جيڪا بيدين (ملحد) ان ڏانهن منسوب ڪندا آهن. هن دنيا ۾ الله جو مشاهدو ۽ آخرت ۾ سندس ديدار برحق آهي، مگر آخرت ۾ الله جو ديدار سڀني صحابي سڳورن جي اتفاق ۽ اجماع سان ثابت آهي. ان حالت ۾ دنيا ۾ مشاهدو به روا هئڻ گهرجي. آخرت ۾ ديدار جي خبر ڏيڻ وارن ۽ دنيا ۾ مشاهدي جي خبر ڏيڻ وارن ۾ ڪو فرق ڪونهي. انهن ٻنهي ڳالهين جي باري ۾ جيڪو به خبر ڏيندو، اها مشاهدي جي لحاظ کان اجازت سان هوندي، ۽ دعوا سان نه هوندي. هو اهو ئي چئي سگهندو، ته آخرت ۾ الله جو ديدار ۽ دنيا ۾ الله جو مشاهد روا آهي. هو اهو ئي چئي نه سگهندو ته مون مشاهدو ڪيو آهي، يا هن وقت مشاهدو ڪري رهيو آهيان. مشاهدو باطن جي وصف آهي ۽ ان جو اظهار ڪرڻ عبارت آرائي ٿيندي. جيڪڏهن  زبان باطن کان واقف هجي ۽ مشاهدي جي ڪيفيت کي لفظن ۾ سمائي سگهي ته مشاهدو ناهي، مگر مشاهدي جي دعوا آهي، ڇو ته ڪنهن ڪيفيت جي اصليت عقل کان ٻاهر هجي، ان کي لفظن جو جامو ڪيئن پارائي سگهبو؟ اها هڪ مجازي صورت هوندي، ڇو ته مشاهدو دل جي حاضر ۽ زبان جي قاصر هجڻ جو نالو آهي. اهو ئي سبب آهي جو خاموشي گفتگو کان بهتر آهي. خاموشي مشاهدي جي نشاني ۽ گفتگو مشاهدي جي گواهي آهي. شهادت ۽ مشاهدي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. پيغمبر ﷺ جن کي الله جي قرب واري وڏي مقام تي جو عطا ٿيو. ان لاءِ فرمايائون: لا احصيٰ ثناء عليڪ. ”مان تنهنجي ثنا جو حق ادا ڪري نه ٿو سگهان“. حضور ﷺ جن مشاهدي جي مقام تي هئا. مشاهدو اتحاد جو ڪمال هوندو آهي. اتحاد جي عالم ۾ زبان کولڻ خود بيگاني هجڻ جو اظهار آهي، پاڻ فرمايائون: انت ڪما اثنيت عليٰ نفسڪ. تون اها هستي آهين جو پنهنجي ثناء پاڻ ڪري رهيو آهين“. يعني، هتي جو ڪجهه تون چوندين، ڄڻ ته مان چئي رهيو آهيان. تون جيڪا پنهنجي ثناء ڪندي، اها ڄڻ مون ڪئي. منهنجي زبان اهڙي درجي واري ناهي جو منهنجو حال بيان ڪري سگهي، بيان به اهڙو نه ٿيندو جيڪو منهنجي ڪيفيت جو اظهار ڪري سگهي. هن مضمون متعلق ڪنهن  جو شعر آهي:

 

تمنيت من اهوي فلما رايتہ
ابهت فلم املڪ لساناً ولا طرفاً
 

        ”هن سان ملڻ جي تمنا هئي. جڏهن مليو تڏهن حيرت جو اهو عالم آهي جو نه زبان تي اختيار آهي، نه اک تي.“ اهي سمورا حڪم مشاهدي جا آهن جيڪي مختصر طور تي لکيا اٿم. توفيق الله تعاليٰ وٽان آهي.

 

(نائين حجاب جو کُلڻ – صحبت ۽ ان جا آداب)

الله تعاليٰ فرمايو آهي: يا ايها الذين آمنوا قوا انفسڪم و اهليڪم ناراً اي اد بواهم . ”اي ايمان واروء! پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل عيال کي دوزخ جي باهه کان بچايو، ۽ انهن کي ادب سيکاريو“. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: حسن الادب من الايمان، ”سهڻو ادب ايمان جو حصو آهي“. ٻئي هنڌ فرمايو اٿن: ادبني ربي فاحسن فاديبي ”منهنجي پروردگار مون کي ادب سيکاريو ۽ سهڻو ادب سيکاريو“. دين ۽ دنيا جي سڀني ڪمن جي سينگار جو مدار ادب تي آهي. سڀ ماڻهو، ڪافر، مسلمان، بيدين، توحيد وارا، سني ۽ بدعتي ان ڳالهه تي متفق آهن ته معاملات ۾ سٺو ادب هڪ ساراهه جهڙي شيءِ آهي. دنيا جي ڪا به رسم، سٺي ادب کانسواءِ پوري ٿي نه ٿي سگهي. ماڻهن ۾ مروت جي حفاظت، دين ۾ سنت جي حفاظت ۽ محبت ۾ عزت جي حفاظت جو نالو ادب آهي. اهي ٽيئي شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. جنهن کي مروت جو لحاظ ناهي، اهو سنت جو پوئلڳ نه ٿيندو، جيڪو سنت جو پوئلڳ ناهي، ان کي عزت جو لحاظ نه ٿيندو. اعمال ۾ ادب جو لحاظ مطلوب جي تعطيم سان حاصل ٿيندو آهي. الله تعاليٰ ۽ ان جي آيتن (نشانين) جي تعظيم تقويٰ (پرهيزگاري) جو جُزو آهي، جيڪو ماڻهو بي ادبي کان الله جي جَلوَن جي تعظيم نه ڪندو آهي، ان کي طريقت ۾ ڪو به مقام نه ملندو آهي. الله جي طالب کي جذبو ۽ حال جو غلبو، ڪنهن به حالت ۾ ادب جي لحاظ رکڻ کان منع نه ڪندا آهن. ادب الله جي طالبن جي عادت ۾ شامل هوندو آهي، ۽ عادت ٻي فطرت (طبعيت ثانيه) بڻجي ويندي آهي. طبعيت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي. زندگي هوندي ته طبعيت به موجود هوندي، جيستائين وجود قائم آهي، تيستائين الله جا طالب ادب جي لحاظ کي ڪڏهن تڪلف سان ۽ ڪڏهن تڪلف کانسواءِ پنهنجي ڌيان ۾ رکندا آهن، جيڪڏهن هوشياري جي حالت ۾ ادب جو  لحاظ تڪليف سان ٿيندو آهي، ته جذب جي حالت ۾ وري الله تعاليٰ سندن ادب جي لحاظ جي حفاظت ڪندو آهي، ياد رکو ! الله جو ولي ڪڏهن به ادب کي ترڪ نه ڪندو آهي، ولايت لاءِ پيغمبر ﷺ جن جي سنت جي پيروي ضروري آهي. ادب کي ترڪ ڪندڙ محمدي اخلاق کان تمام پري هوندو آهي، ان کانسواءِ ادب جو ترڪ ڪرڻ محبت جي نه هجڻ جو دليل آهي. لِان المودة عند الاَ داب و حسن الاَ داب صفت الاحجاب ” محبت سٺي ۾ سٺو ادب آهي. سٺو ادب محبت ڪرڻ وارن جي صفت آهي. “ الله تعاليٰ جنهن تي جيتري ڪرامت عطا ڪندو آهي. ان کي اوتري دين جي آداب جي پاسداري جي توفيق به عطا ڪندو آهي. ان جي ابتڙ بيدين (ملحد) چوندا آهن ( الله مٿن لعنت ڪري) ٻانهي تي جڏهن غلبو ڪندي آهي، تڏهن هن تان دين جي پيروي ختم ٿي ويندي آهي. مان هن ڳالهه کي ڪنهن ٻي جاءِ تي وڌيڪ کولي بيان ڪندس. انشاءَ الله.

 

آداب جا ٽي قسم آهن: هڪڙا توحيد جا آداب، يعني اڪيلائپ ۾ توڙي ماڻهن ۾ بي ادب نه هئڻ گهرجي. علمن ۾ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، جهڙو بادشاهن جي درٻار ۾ ڪيو ويندو آهي. حديثن ۾ ذڪر آيو آهي، ته هڪ دفعي حضور ﷺ جن پير ڊگها ڪري ويٺا هئا، ته جبرائيل عليه السلام آيو ۽ اچي چيائين:  چون ٿا، ته حضرت حارث محاسبي چاليهه سال ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، گوڏا اُڀا ڪري ويٺو رهيو. ماڻهن پڇيس: ”ايتري قدر تڪليف ڇو ٿو سهين؟“ جواب ڏنائين: ”مون کي شرم ٿو اچي ته الله جي مشاهدي ۾ غلامن وانگر نه ويهان.“

مان هڪ دفعي خراسان جي هڪ ڳوٺ ڪمند ۾ ويس، اُتي هڪ مشهور ماڻهو ”ادب ڪمندي“ رهندو هو. بزرگ ماڻهو هو. چوويهه سال بيٺو رهيو. نماز ۾ فقط تشهد لاءِ ويهندو هو. مون پڇيو ته چيائين: ”اڃا اهڙو مقام حاصل نه ٿيو آهي، جو الله جي مشاهدي ۾ ويهي سگهان“.

        حضرت بايزيد کان ماڻهن پڇيو: ”اوهان کي اهو رتبو ڪيئن مليو؟“ فرمايائين: ”مون ڪڏهن به الله جي آڏو صحبت جي آداب کي نه وساريو. اڪيلائپ توڙي ماڻهن ۾ هڪ جهڙو رهيو آهيان. ڪنهن به صورت ۾ ادب جي لحاظ کي نه ڇڏيو اٿم.“ معبود جي مشاهدي ۾ ادب جو لحاظ حضرت بي بي زليخا کان سکڻ گهرجي، جڏهن حضرت يوسف عليه السلام کي اڪيلائپ ۾ پنهنجي خواهش قبول ڪرائڻ جي درخواست ڪيائين، ته اڳ ۾ پنهنجي معبود جي بدن کي ڪيائين. حضرت يوسف عليه السلام پڇيس: ” اهو ڇو؟“ چيائين: ” مان نٿي چاهيان، ته منهنجو معبود مون کي توسان هن بي حُرمتي جي حالت ۾ ڏسي. اهو ادب ناهي.“ جڏهن حضرت يوسف عليه السلام حضرت يعقوب عليه السلام کي ملي ويو، تڏهن الله تعاليٰ بي بي زليخا کي نئين سر جوان بڻايو. کيس اسلام جي راهه نصيب ٿي، ۽ هوءَ حضرت يوسف عليه السلام سان پرڻجي وئي. چيائينس: ”اي زليخا! مان تنهنجو اهو ئي محبوب آهيان، پري ڇو ٿي هٽين؟ ڇا منهنجي محبت ختم ٿي ويئي؟“ جواب ڏنائين: ”هرگز نه، هاڻي ته اڳي کان به وڌيڪ آهي، مگر مان هميشه معبود جي آداب کي آڏو رکندي آهيان. پهرئين ڏينهن اڪيلائپ ۾ منهنجو معبود بُت هو، کيس اکيون نه هيون، مگر ان تي ڪا شيءِ ڍڪي ڇڏيو هيم، جيئن بي ادبي جي تهمت کان بچي سگهان. هاڻي منهنجو معبود اهو آهي، جيڪو اک يا ٻي شيءِ کانسواءِ ڏسي رهيو آهي. هر حالت ۾ ان جي نظر مون تي آهي. مان نه ٿي چاهيان، ته ادب کي ترڪ ڪريان.“

 

جڏهن پيغمبر ﷺ جن معراج تي ويا، ته ادب جي لحاظ کان ٻنهي جهانن کي نظر انداز ڪري ڇڏيائون. الله تعاليٰ فرمايو: مازاغ البصر و ما طغيٰ ماذاغ البصر اي بروءية الدنيا وما طغيٰ اي بروية العقبيٰ. ” نه اک ڦيرايائون ۽ نه وري حد کان اڳتي وڌيا يعني دنيا ڏانهن نظر ڪرڻ لاءِ اک نه ڦيرايائون ۽ نه وري آخرت جي ڏسڻ لاءِ اک به راهه ٿئي.“

ادب جو ٻيون قسم پنهنجي ذات متعلق آهي، يعني آدمي کي گهرجي، ته هر حالت ۾ پنهنجي نفس سان مروت رکي، ايتري قدر جو جيڪا به شيءِ الله تعاليٰ لاءِ يا عام مخلوق لاءِ ادب کان ٻاهر هجي، اها زبان تي نه آڻي، ڇو ته بي مروتي ٿيندي، گهٽ کائي، جيئن پاخاني ڏانهن گهٽ وڃڻو پويس. پنهنجي ڪنهن اهڙي شيءِ کي نه ڏسي، جنهن تي ڪنهن ڌاري جي نظر پوڻ به حرام هجي. حضرت علي ڪرم الله وجہ جن ڪڏهن به پنهنجي اوگهڙ نه ڏٺي هئي. ماڻهن جي پڇڻ تي فرمايو هئائون، ته ”مون کي شرم اچي، جو اهڙي شيءِ تي ڏسان، جنهن جي هم جنس شيءِ کي ڏسڻ مون لاءِ حرام هجي.

        ادب جو ٽيون قسم باقي مخلوق متعلق آهي. هن ۾ وڏي ۾ وڏي شيءِ اها آهي، ته سفر ۾ توڙي گهر (حضر) ۾ مخلوق جي سهڻي نموني ۾ پيش اچڻ گهرجي ۽ سنت جي پيروي ڪجي. انهن ٽنهي قسمن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي. هاڻي مان ٽنهي قسمن کي ترتيب وار بيان ڪندس، ته تولاءِ ۽ ٻين پڙهڻ وارن لاءِ ڳالهه سولي ٿي پوي. انشاءالله العزيز. ن سان ثابت ڪيو ويندو آهي، ۽ ٻي صورت ۾ طالب مجذوب ۽ شوق ۾  ڪنهن شيءِ کي به نه ڏٺو“. و اهو مقام حاصل ڪرڻ، جتي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com