سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :26

باب ٻاويهون

رهائش ۽ صحبت جا آداب

جيڪڏهن ڪو درويش رهائش اختيار ڪري، ته ان لاءِ ادب جو شرط هي آهي، ته جيڪڏهن سندس دروازي تي ڪو مسافر اچي، ته ان جي عزت ۽ احترام ڪري، ۽ ان سان وڏي خوشيءَ سان پيش اچي، ۽ عزت سان پاڻ وٽ رهائي. هن کي سمجهڻ گهرجي، ته ڄڻ اهو حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مهمانن مان آهي. ان سان اهڙو برتاءُ ڪري، جهڙو حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجن مهمانن سان ڪندو هو. ڪنهن به تڪلف کانسواءِ، وٽس جو ڪجهه هجي (ماحضر) اهو سندس آڏو رکي، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي: فَجاء بِعِجل سَمِينِ. ” هو تندرست ۽ ڪوڪ ڪيل ڀُڳل کاڌو آيو. “ ادب جي لحاظ کان مهمانن کان اهو نه پڇيائين، ته هو ڪٿان آيو هو؟ ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو؟ ۽ سندس نالو ڇا هو؟ هن اهو سمجهيو، ته اهڙا ماڻهو الله تعاليٰ جي طرف کان ايندا آهن، ان جي طرف ڏانهن ويندا آهن،۽ سندس نالو ”الله جا ٻانها“ هوندو آهي. ميزبان  کي گهرجي، ته ڏسي ته مسافر کي اڪيلائپ جي ضرورت آهي يا ڪچهريءَ جي. جيڪڏهن اڪيلائپ چاهي، ته پاڻ جڳهه خالي ڇڏي هليو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪچهريءَ جي ضرورت هجي ته بي تڪلف ٿي، همدرديءَ سان هن سان گڏ رهجي. جيڪڏهن هو وهاڻو مٿي هيٺان رکي سمهڻ جو ارادو ڪري، ته هن جي پيرن کي زور ڏجن. جيڪڏهن مهمان چوي، ته کيس زورن ڏيارڻ جي عادت ناهي، ته پوءِ زور نه ڀرجي، جيئن هو دل ۾ نه ڪري، صبح جو کيس هڪ سٺي غسلخاني (حمام) ۾ وٺي وڃڻ گهرجي. هن جا ڪپڙا ناپاڪ جڳهه تي نه رکجن، ۽ ڪنهن ڌارئي کي مهمان جي خدمت لاءِ مقرر نه ڪجي. اها خدمت اهڙي پنهنجي ماڻهوءَ جي حوالي ڪرڻ کپي، جيڪو پوري اعتقاد سان کيس هر ميراڻ کان پاڪ ڪري سگهي، پُٺيءَ تي کَنهي ۽ گوڏن توڙي هٿن پيرن جي مالش ڪري، ايتري قدر (خدمت ڪرڻ) ڪافي آهي. جيڪڏهن توفيق هجي، ته نوان ڪپڙا ٺهرائي ڏئي. ٻي حالت ۾ تڪلف نه ڪري، ۽ سندس ڪپڙا ڌوئي، پاڪ ڪري کيس پارائين. جيڪڏهن هو حمام کان واپس اچي ۽ ٻه – ٽي ڏينهن مهمان ٿي رهي، ۽ شهر ۾ ڪنهن پير، جماعت يا ڪنهن امام سان ملڻ چاهي، ته هن کي ملائجي. جيڪڏهن ائين نه چاهي ته مٿس زور نه ڀرجي، ڇو ته الله جو طالب ڪنهن وقت اهڙي حال ۾ هوندو آهي، جو سندس دل به هن جي اختيار ۾ نه هوندي آهي. ماڻهن حضرت ابراهيم خواص کان سندس سفر جو احوال پڇڻ چاهيو. هن فرمايو: ” هڪ دفعي حضرت خضر عليہ السلام مون سان گڏ رهڻ گهريو، مون انڪار ڪيو، ڇو ته ان وقت منهنجي دل الله جي ذات کانسواءِ ڪنهن به شيءِ ڏانهن مائل نه هئي. مون نٿي چاهيو، ته منهنجي نظر ۾ ڪنهن ٻي شيءِ لاءِ عزت احترام هجي، جنهن جي ڪري مان پنهنجو ڌيان ان ڏانهن ڏيان. اهو ڪنهن به صورت ۾ روا ناهي ته درويش ڪنهن مسافر کي دنيا وارن جي سلام لاءِ، سندن مهمان نوازين لاءِ، يا بيمارن جي سنڀال لاءِ پاڻ سان گهمائيندو رهي جنهن گهر ۾ رهيل (اقامت گزين) درويش کي مسافرن ۾ اهڙي لالچ هجي، جو کين پنهنجي پِنَ جو وسيلر بڻائي، ۽ پنهنجي غرض لاءِ کين جڳهه جڳهه تي رلائيندو وتي، ته ان لاءِ بهتر اهو آهي، ته مسافرن کي ذليل ڪرڻ جي بدران منڍ ۾ ئي هنن جي خدمت جو بار نه کڻي.

مان پنهنجي سفر ۾ ڪنهن به شيءِ کان ايترو تنگ نه ٿيو آهيان، جيترو جاهل خدمت ڪندڙن کان، جيڪي مون کي ڪنهن سوچ کانسواءِ گڏ گهمائيندا، وڏن ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن جي گهرن جا چڪر ڪاٽرائيندا رهيا. مان وڏي ڪراهت سان هنن سان گڏ رهيس ۽ کين بخشيندو رهيس، مگر دل ۾ پڪو ارادو ڪيم ته رهائش کانپوءِ مسافرن سان ڪڏهن به اهڙو سلوڪ روا نه رکبو، بي ادبن جي صحبت مان اهو ئي فائدو حاصل ٿيندو آهي، جو جيڪو ڪم آهي ڪن، اهو پاڻ کي ڪرڻ نه گهرجي.

جيڪڏهن مسافر خوش ٿي ڪجهه ڏينهن رهي، ۽ ڪنهن دنيوي ضرورت جي طلب ڪري، ته درويش کي گهرجي ته سندس ضرورت پوري ڪري، جيڪڏهن مسافر ڪوڙو ۽ بي همٿ هجي، ته پوءِ سندس محال ضرورتن جو پورو ڪرڻ هروڀرو لازم ناهي، ڇو ته الله جي سالڪن جو طريقو ناهي. الله جي سالڪن کي درويشن سان ملڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو دامن دنيوي ضرورتن سان ڀريل آهي، ته کيس بازار ۾ وڃي خريد فروخت ڪرڻ گهرجي، يا ڪنهن بادشاهه جي درگاهه جي درباني ڪرڻ گهرجي.

        چون ٿا، ته حضرت جنيد پنهنجن مريدن وٽ رياضت ۽ مجاهدي ۾ مشغول هو. هڪ مهمان آيو. هن لاءِ گهڻو تڪلف ڪيو ويو ۽ ماني آندي وئي. هن چيو ، ”مون کي فلاڻي شيءِ جي ضرورت آهي. حضرت جنيد چيو: توکي انهيءَ شيءِ لاءِ بازار وڃڻو پوندو. تون بازاري ماڻهو آهين. مسجد ۽ عبادتخاني سان تنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي.

        مان ٻن درويشن سان حضرت ابن المعلا جي زيارت لاءِ وڃي رهيو هئس. هو رمله نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. اسان رستي ۾ فيصلو ڪيو، ته هر ماڻهو پنهنجي دل ۾ ڪا ڳالهه سوچي.  ڏسون، ته پير صاحب اسان جي باطني ڪيفيت ڄاڻي ٿو يا نه؟ مون سوچيو، ته مون کي حسين بن منصور جي مناجات ۽ ڪلام وٺڻ جي اميد رکڻ گهرجي. ٻئي چيو، ته کيس تريءَ جي مرض جي شفا گهرجي. ٽئين چيو، ته کيس صابوني حلوو (برفي) گهرجي. اسان جڏهن خدمت ۾ حاضر ٿياسون. تڏهن سندس حڪم سان حسين بن منصور جي مناجات ۽ سندس ٻيو ڪلام لکيا پيا هئا. اهي منهنجي آڏو رکيائين، ٻئي درويش جي پيٽ تي هٿ گهمايائين ته سمورو سور ڇڏي ويس، ۽ تريءَ جي تڪليف دور ٿي ويس، ٽئين کي چيائين، ته صابوني حلوو بادشاهن جي درٻارين جي غذا آهي، مگر تو ولين جو لباس ڪيو آهي. اهو لباس شاهي نوڪرن ۽ دنيا وارن کي نٿو جڳائي. ٻن مان هڪ ڳالهه اختيار ڪر. رهندڙ لاءِ صرف ان مسافر جي رعايت روا آهي، جيڪو خدا جي رعايت ۾ مشغول رهي، ۽ پنهنجي حصي تان هٿ کڻي. جيستائين ڪو ماڻهو پنهنجي حصي وٺڻ تي قائم آهي، تيستائين محال آهي، ته ڪو ٻيو ماڻهو سندس لذتن حاصل ڪرڻ ۾ هن جو ٻانهن ٻيلي بڻجي. درويش هڪٻئي جا رهنما هوندا آهن. هو رهزن نه ٿيندا آهن. جيستائين ڪو پنهنجي حصي لاءِ ضد ڪري، تيستائين ٻئي کي مخالفت ڪرڻ گهرجي. هو جڏهن پنهنجي حصي کان بي نياز ٿي وڃي، تڏهن ٻئي تي لازم آهي، ته سندس حصو برقرار رکي، جيئن ٻيئي راهه پوري ڪرڻ وارن ۾ شمار ٿيڻ ۽ گمراهن ۾ شامل نه ٿين.

        حديثن ۾ آيو آهي، ته پيغمبر ﷺ جن حضرت ابوذر رضه غفاري ۽ حضرت سلمان رضه فارسي جي وچ ۾ برادري قائم ڪئي هئي. ٻيئي صفه وارن صحابين جا سردار ۽ رئيس هئا. ٻيئي باطن جا صاحب هئا. هڪ ڏينهن حضرت سلمان رضه حضرت ابوذر رضه جي گهر ملڻ لاءِ ويو. حضرت ابوذر رضه جي گهر واري شڪايت ڪئي، ته سندس ڀاءُ نه ڏينهن جو ڪجهه کائي ٿو، نه وري رات جو سمهي ٿو.حضرت سلمان رضه چيو، ته جيڪڏهن ڪا کاڌي جي شيءِ هجي ته آڻيو. جڏهن کاڌي لاءِ ڪجهه آيو، ته حضرت ابوذر رضه شامل ٿيا. رات ٿي چيائين: ” ادا سُمهڻ ۾ به توکي شامل ٿيڻو پوندو، (ان لجسدڪ عليڪ حقا، وان تزوجتڪ عليڪ حقا وَان لربڪ عليڪ حقا) ڇو ته توتي تنهنجي جسم جو به حق آهي. تنهنجي گهر واري جو به حق آهي، ۽ تنهنجي پروردگار جو به حق آهي. ”ٻئي ڏينهن تي حضرت ابوذر رضه رسالت بارگاهه ۾ حاضر ٿيو، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايس: مان توکي ائين چوندس، جيئن ڪالهه توکي سلمان رضه چيو هو. ” ان لجسدڪ عليڪ حقا، حضرت ابوذر رضه پنهنجي معمول کي ڇڏي ڏنو. انهيءَ بنياد تي، جو ڪجهه به ڪيو ويندو اهو ٺيڪ رهندو.

        هڪ دفعي جو ذڪر آهي، ته مان عراق ۾ گهڻو مال جمع ڪري ۽ گهڻو خرچ ڪري رهيو هئس. مون تي فرض چڙهي ويو. جنهن کي ضرورت هوندي هئي، اهو مون ڏانهن رخ ڪندو هو. مان سندس لوڀ لالچ جو شڪار ٿي ويس. وقت جي سردارن مان هڪڙي سردار مون کي لکيو: ”پُٽَ خبردار ! دل کي خدا کان هٽائي اهڙن ماڻهن کي خوش رکڻ ۾ مشغول نه رهه، جيڪي نفساني خواهشن ۾ مشغول آهن. جيڪڏهن ڪا دل پنهنجي دل کان پياري هجي، ته ان جي آرام پهچائڻ ۾ پنهنجي دل کي مصروف رک، ٻيءَ حالت ۾ توکي انهيءَ ڳالهه تان هٿ کڻڻ گهرجي. ٻانهن لاءِ الله جي ذات ڪافي آهي. ”انهيءَ سردار جي صلاح تي عمل ڪرڻ سان ٿوري وقت ۾ ئي مون کي فراغت حاصل ٿي وئي،مقيمن ۽ مسافرن جي صحبت متعلق اهي حڪم آهن.

 

باب ٽيويهون

سفر جا آداب

        رهائش ڇڏي سفر اختيار ڪرڻو پوي، ته سفر جا آداب ڌيان ۾ رکڻ گهرجن. پهرئين ڳالهه هي آهي ، ته سفر خدا جي راهه (سبيل الله) ۾ ڪرڻ گهرجي، نفس جي تابعداري کان منهن موڙي، ظاهر جي سفر وانگر باطن جو سفر نه ڪرڻ گهرجي، يعني نفساني خواهش کي پوئتي ڇڏڻ گهرجي، هميشه وضوءَ سان رهڻ گهرجي ۽ پنهنجن ورِدَن کي وڃائڻ نه کپي. سفر جو ڪو مقصد هئڻ گهرجي، يعني بيت الله جو حج، جهاد، ڪنهن پاڪ جڳهه جي زيارت، علم جي تلاش، يا ڪنهن بزرگ جي مزار جي زيارت، جيڪڏهن ڪو اهڙو مقصد نه هوندو ته سفر بيڪار ٿيندو.

        سفر ۾ گودڙي، مصلو، لوٽو، رسي، جُتي ۽ لٺ (عصا) پاڻ سان کڻڻ گهرجن، جيئن گودڙي سان بدن ڍڪڻ، مصلي تي نماز پڙهڻ، لوٽي سان وضوء جي حالت ۾ جتي پاتل هوندي ته مصلي تي اچي سگهبو. جيڪڏهن ڪو درويش، سنت جي لحاظ کان ڪجهه ٻيون شيون، مثلن ڦڻي، ننهن لاهڻي، سئي ۽ سُرمو به رکندو ته ٺيڪ ٿيندو. انهن شين کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو سامان به هوندو، ته ڏسڻو پوندو ته درويش في الحال ڪهڙي مقام تي آهي، جيڪڏهن ارادت واري مقام تي هوندو ته هر شيءِ جي حيثيت هڪ روڪ، هڪ بُت، هڪ ڀِت ۽ هڪ حجاب واري هوندي، ۽ نفساني غرور ۽ سرڪشي جو اظهار ٿيندو. جيڪڏهن درويش تمڪين ۽ استقامت جي مقام تي هوندو، يعني هو ثابت قدم هوندو، ۽ نفساني خواهش تي غلبو هوندو ته کيس سمورو سامان رکڻ روا آهي.

        هڪ دفعي شيخ ابو مسلم فارسي بن غالب انصاري، شيخ ابو سعيد ابو الخير فضل الله بن محمد سان ملڻ آيو، ڏٺائين ، ته تخت تي چار وِهاڻا رکيو ستو پيو هو. پير پير تي رکيل هئس. محنت جي ڪري رنگ زرد ٿيل هئس. دل ۾ ڪراهت پيدا ٿيس ۽ سوچيائين: ” مان به درويش آهيان ۽ هي به درويش آهي، هو ايتري آرام ۾، ۽ مان ايتري تڪليف ۾ آهيان. حضرت ابو سعيد هن جي باطني غرور جي ڪيفيت ڄاڻي ورتي ۽ چيائين: ” اي مسلم ! تو ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته خودبين  (پنهنجو پاڻ ڏسندڙ) به درويش ٿيندو آهي. ” ٻڌ ! مون فقط الله تعاليٰ کي ڏٺو ۽ الله تعاليٰ مون کي تخت تي ويهاريو، تو فقط پاڻ کي ڏٺو ۽ مٽيءَ تي ويهڻ کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪيئي. اسان جي نصيب ۾ مشاهدو ۽ تنهنجي نصيب ۾ مجاهدو آهي. اهي ٻيئي طريقت جا مقام آهن. الله جي ذات انهن کان پاڪ آهي ۽ درويش مقامات ۽ احوال کان فاني ۽ آزاد هوندو آهي.“ شيخ ابو مسلم فرمائي ٿو: ” اها ڳالهه ٻڌي، منهنجو هوش اُڏامي ويو ۽ سڄي دنيا مون لاءِ اونداهي بڻجي ويئي. هوش ۾ آيس ته معافي گهريم، هن مون کي معاف ڪيو. مون عرض ڪيو، ته مون کي وڃڻ جي اجازت ملي، ڇو ته مان ديدار جي طاقت ساري نه ٿي سگهيس. هن چيو ته ٺيڪ آهي. مثال جي طور تي هي شعر پڙهيائين:

آنچه گوشم نتوانست شنيده بخبر
هم چشم بعيان يڪسره ديم آن ببصر 
 

        ”جا ڳالهه منهنجا ڪن نه ٻڌي سگهيا، اها منهنجين اکين ظاهر ۾ ڏسي ڇڏي.“

        مسافر کي هميشه سنت جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ڪنهن رهندڙ (مقيم) سان ملاقات ٿئي، ته عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي، سلام ڪرڻ کپي پير جو پادر لاهڻ گهرجي، ڇو ته اها نبي ﷺ جن جي سنت آهي. جُتي پائڻ وقت اڳ ۾ سڄو پير پادر ۾ وجهڻ گهرجي. پيرن ڌوئڻ وقت اڳ ۾ سڄو ۽ پوءِ کٻو پير ڌوئڻ گهرجي. منزل تي پهچي، درويش جي صحبت ۾ مشغول ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻه رڪعتون شڪراني جي نماز پڙهڻ گهرجي، ۽ پوءِ درويشن جي صحبت ۾ مشغول ٿي وڃڻ گهرجي. رهندڙن (مقيم) تي ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪرڻ نه جڳائي. ڪنهن سان به معاملي ۾ زيادتي ڪرڻ نه گهرجي. پنهنجي سفر جون مصيبتون بيان نه ڪجن. مجلس ۾ ويهي پنهنجي ذاتي علم جون ڳالهيون، روايتون۽ حڪايتون وڌائي بيان نه ڪرڻ گهرجن، ڇو ته انهيءَ نموني جون ڳالهيون غرور جي گواهي ڏينديون آهن. هر ڪنهن سان ڏک ونڊڻ، ۽ في سبيل الله ٻين جو بار سهڻ گهرجي. اها ڳالهه خدا جي برڪت جو سبب آهي. جيڪڏهن مقيم يا سندن ماڻهو ڪا ڳالهه ڪن ۽ سلام يا زيارت جي دعوت ڏين، ته وس آهر انهن جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي. پنهنجو پاڻ دنيا وارن سان رواداري جو قائل نه ٿجي پر ڪنهن عذر يا تاويل سان اهڙي ڳالهه کي ٽاري ڇڏڻ کپي. پنهنجي محال ضرورت جو بار مٿن نه وجهڻ گهرجي، نفس جي راحت ۽ خواهش پوري ڪرڻ لاءِ اميرن جي اوطاقن تي وڃڻ خراب آهي. مطلب ته مسافر ۽ مقيم جي سڀني معاملن ۾ الله تعاليٰ جي رضا ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. هڪٻئي تي ڀروسو هجي ۽ هڪٻئي کي بُرو نه سڏجي. غير حاضري ۾ گلا نه ڪجي. الله تعاليٰ گلا کي تمام خراب سڏيو آهي. حقيقت وارا ڪم (فعل) کي ڏسي، ڪم ڪندڙ (فاعل) تي نظر رکندا آهن. سڀ ماڻهو الله جي مخلوق آهن. جيڪڏهن ڪنهن ۾ عيب آهي، يا هو بي عيب آهي. حجاب ۾ آهي يا مشاهدي ۾ ، مگر ڪنهن جا عيب ڪڍڻ فائل (الله تعالي) تي اعتراض ٿيندو. آدمي هجڻ جي حيثيت ۾ مخلوق تي نظر رکڻ جڳائي، جيئن سڀني کان آزاد ٿي وڃجي ۽ سمجهڻ کپي، ته سڀ حجاب ۾ آهن ۽ غلبي هيٺ، قبضي هيٺ ۽ عاجز آهن. هرڪو پنهنجي انهيءَ فطرت تي رهندو آهي. جنهن تي پيدا ڪيو ويو آهي. مخلوق کي خدا جي بادشاهي ۾ ڪو دخل ناهي. ڪنهن به شيءِ جي اصليت، خدا جي ذات کانسواءِ ڪو به مٽائي نه سگهندو. توفيق الله جي اختيار ۾ آهي.

 

باب چوويهون

 

 

طعام جا آداب

 

        انسان لاءِ غذا هڪ لازمي شيءِ آهي. کائڻ پيئڻ، سان طبعيتن جو سڪون برقرار رهندو آهي، مگر مروت جو شرط هي آهي ، ته ان ۾ مبالغي کان ڪم نه ورتو وڃي، ۽ ماڻهو رات ڏينهن کائڻ پيئڻ جي فڪر ۾ غرق نه رهي. حضرت امام شافعي فرمايو آهي: من ڪان همتہ ما يدخل جوفہ ڪان قيمة مايخرج منہ. ” جيڪو پيٽ ۾ داخل ڪرڻ جي فڪر ۾ رهندو آهي، ان جو قدر ۽ قيمت اهو هوندو آهي، جيڪو سندس پيٽ مان نڪرندو آهي. ” الله تعاليٰ جي سالڪن لاءِ گهڻو کائڻ سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار هوندو آهي. اڳ ۾ بُک جي باري ۾ ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ هتي اهو ڪافي آهي.

        چون ٿا، ته حضرت بايزيد کان ماڻهن پڇيو: ”اوهان بک جي گهڻي تعريف ڇو ڪندا آهيو؟ چيائين: ٺيڪ آهي، جيڪڏهن فرعون بکيو هجي ها ته فرعون هرگز ائين نه چوي ها ته مان اوهان جو رب آهيان.“ قارون بکيو هجي ها، ته سرڪشي نه ڪري ها. ثعلبه بکيو هو ته سڀ کيس تعريف جو لائق سمجهندا هئا. ڍئو ڪري هن نفاق جو ٻج پوکيو. الله تعاليٰ ڪافرن جي باري ۾ فرمايو: ذرهم يا ڪلوا ويتمتعوا وَيلههِمُ الاملُ فسوف يعلمون“ هنن کي ڇڏي ڏيو، ته هو کائن، عيش ڪن ۽ تمنائن ۾ ڦاٿل رهن. هو جلدي سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندا. وري ٻئي هنڌ فرمايو اٿس: والذين ڪفروا يتمتعون ويا ڪلون ڪما يا ڪل الانعام النهار مثَنوي لَهَم. ڪافر دنيا ۾ عيش حاصل ڪندا آهن ۽ چوپائي مال وانگر کائيندا آهن. انهن جي جاءِ دوزخ ۾ آهي.

حضرت سهيل بن عبدالله فرمائي ٿو: ”مان شراب سان ڀريل پيٽ کي، حلال کاڌي سان ڀريل پيٽ کان بهتر سمجهندو آهيان.“ ماڻهن پڇيو، ته ڇو؟ جواب ڏنائين: پيٽ شراب سان ڀرجي ويندو عقل گم ٿي ويندو، نفس جي باهه وسامي ويندي ۽ پيئڻ واري جا هٿ ۽ زبان محفوظ ٿي ويندا، ان جي ابتڙ جيڪڏهن پيٽ طعام سان ڀريل هوندو، ته بيهوديون ڳالهيون زور وٺنديون، شهوت وڌندي ۽ نفساني خواهشون جاڳنديون. مشائخ سڳورن اهڙن ماڻهن لاءِ فرمايو آهي: اڪلهم ڪاڪل مرضيٰ و نومهم ڪنوم الغرقي و ڪلامهم ڪڪلام الثڪلي. ”اهي مريضن وانگر کائيندا آهن، اهڙن ماڻهن وانگر سمهندا آهن، جيڪي ننڊ ۾ غرق هوندا آهن، ۽ اهڙين عورتن وانگر ڳالهائيندا آهن، جيڪي پنهنجن ٻارن جي مري وڃڻ ڪري دانهون ڪنديون آهن.

        طعام جي آداب جو هڪڙو شرط هي آهي، ته اڪيلو نه کائجي ۽ کائڻ وقت هڪ ٻئي لاءِ قرباني ڏجي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: شر الناس من اڪل وحده و ضرب عبده ومنع رفده. ”سڀ کان خراب ماڻهو اهو آهي، جيڪو اڪيلو کائي، غلام مري ۽ بخشش ڪندڙ نه هجي.“

        دسترخوان تي ويهڻ وقت بسم الله چوڻ سان کائڻ شروع ڪجي. رکيل شين کي اٿلائڻ پٿلائڻ نه گهرجي، ته جيئن ٻين کي ڪراهت نه اچي، اڳ ۾ لوڻ وارو کاڌو (نمڪين) کائجي، کائڻ ۾ ساٿين سان انصاف ڪجي.

حضرت سهل بن عبدالله کان ماڻهن هن آيت جو مفهوم پڇيو: اِن الله يامر بالعدل والاحسان. ”بيشڪ الله تعاليٰ عدل ۽ نيڪي جو حڪم ڏيندو آهي.“ جواب ڏنائين: ”عدل هي آهي، ته کائڻ ۾ پنهنجي ساٿي (گڏ کائڻ واري) سان انصاف ڪجي، ۽ احسان اهو آهي، ته کائڻ وقت هن کي پاڻ کان بهتر سمجهڻ گهرجي. منهنجي مرشد جو چوڻ آهي: ” مون کي اُن ماڻهوءَ تي عجب لڳندو آهي، جيڪو دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو آهي ۽ ڏينهن رات کائڻ جي فڪر ۾ پريشان رهندو آهي.“

کاڌو هٿن سان کائجي ۽ نظر فقط پنهنجي گراهه تي وجهڻ گهرجي. پاڻي ان وقت پيئڻ کپي. جڏهن اُڃ هجي ۽ ايترو پاڻي پيئڻ گهرجي جو جگر تَر ٿي وڃي. گراهه ننڍو ڪري وات ۾ وجهجي، ۽ هوريان هوريان چٻاڙجي، ائين نه ڪرڻ سنت ۽ صحت جي اُبتڙ ٿيندو. کاڌو کائي ”الحمدالله“ پڙهجي، ۽ هٿ ڌوئجن. جيڪڏهن جماعت مان ٻه يا ٽي يا وڌيڪ ماڻهو ڪنهن دعوت تي چوريءَ هليا وڃن، ۽ ڪجهه کائن ته اهڙي ڳالهه کي ڪي مشائخ حرام سمجهندا آهن، ۽ صحبت جي حقن  ۾ خيانت ڄاڻندا آهن. اولئڪ مان ياڪلون في بطونهم اِلاَنار ”اهي ماڻهو پنهنجي پيٽن ۾ باهه کانسواءِ ڪجهه به نه ڀريندا آهن“. ٻي جماعت جو خيال آهي، ته جيڪڏهن اهي پاڻ هم خيال جماعت جا ماڻهو هجن ته پوءِ روا آهي. هڪ ٻي جماعت جو خيال آهي، ته جيڪڏهن ماڻهو اڪيلو هجي. تڏهن به جائز آهي، ڇو ته اڪيلائپ ۾ انصاف جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو آهي. انصاف صحبتين جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي. اڪيلائپ ۾ صحبت جو حڪم لاڳو نه ٿيندو آهي ۽ ان جي ڪري ماڻهو پڇا هيٺ نه ايندو.

وڏي ۾ وڏي ڳالهه هيءَ آهي، ته درويش جي دعوت کي رد نه ڪجي ۽ دنيادار جي دعوت قبول ئي نه ڪجي. ان جي گهر نه وڃجي، ۽ کائنس ڪا به شيءِ نه گهرجي. اهڙي ڳالهه طريقت وارن لاءِ تڪليف جو سبب بڻبي. دنيا وارا درويش جا محرم نه هوندا آهن. ماڻهو ساز سامان جي گهڻائيءَ جي ڪري دنيادار ٿي نه ويندو آهي، ۽ ان جي نه هجڻ جي ڪري درويش بڻجي نه ويندو آهي. جو ماڻهو درويش کي شاهوڪار کان بهتر سمجهندو آهي، اهو دنيا دار نه هوندو آهي، پوءِ کڻي بادشاهه هجي. درويشي جو منڪر دنيادار هوندو آهي، پوءِ کڻي مسڪين هجي.

        دعوت تي ڪنهن شيءِ کائڻ يا نه کائڻ ۾ تڪليف نه ڪجي. وقت جي لحاظ کان جو ملي، سو کائجي. دعوت ڪرڻ وارو محرم هجي. ته پرڻيل لاءِ روا آهي، ته کاڌو گهر به کڻي وڃي. نامحرم هجي، ته ان جي گهر وڃڻ به روا ناهي. بهرحال کاڌو کڻي وڃڻ ٺيڪ ناهي. حضرت سهل بن عبدالله فرمائي ٿو: ”کاڌو کڻي وڃڻ ذلت آهي.“ توفيق الله جي اختيار ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com