سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :6

(فصل -1)

صوفين لاءِ پنهنجي هلت چلت کي ترڪ ڪرڻ طريقت جي ابتڙ هوندو آهي. هن دور ۾ صوفي اُنَ جو لباس گهٽ پائيندا آهن. ان جا سبب آهن: هڪڙو اهو ته اُنَ ٺيڪ (نج) نه رهي آهي، ڇو ته اُنَ ڏيڻ وارا جانور، خراب ۽ ناپاڪ جڳهن تي اٿن ويهن ٿا. ٻيو ته اهو لباس عام بدعتي ماڻهو استعمال ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن جي ابتڙ هلڻ ڀلائي آهي، پوءِ کڻي ظاهر ۾ سنت جي برخلاف ئي ڇو نه هجي.

Text Box: 74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

صوفي ماڻهو ٽاڪي هڻڻ ۾ تڪلف ڪرڻ کي جائز سمجهندا آهن، ڇو ته دنيا ۾ سندن وقار مٿانهون ٿي ويو آهي. هر کوٽو کرو سندن پيروي ڪرڻ کي ضروري ٿو سمجهي، ۽ گودڙي پائڻ کي لازم ڪري ڇڏيو اٿن. هو خراب ڪم ڪندا آهن ته انهن جي نسبت جي ڪري صوفي شرمسار ٿيندا آهن. تنهنڪري هو اهڙي نموني سان ٽوپو ڏيندا آهن جو ماڻهو سندن نقل ڪري نه سگهندا آهن، ۽ اهو انهيءَ نموني جي ٽوپي ڏيڻ سان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهندا آهن. اها ڳالهه صوفين جي فطرت بڻجي وئي آهي. ايتري قدر جو هڪ درويش ڪنهن مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هن جي گودڙي ۾ ٽوپو ويڪرو آيل هو، تنهنڪري ان مرشد هن کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. مقصد اهو هو ته صفا (تصوف) جو بنياد طبعيت جي نزاڪت ۽ قلب جي صفائي تي آهي. صفا وارن لاءِ طبعيت جي ڏنگائي، ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ٿيندي آهي. هنن لاءِ غلط ڪم سندن طبعيت تي ايترو بار ڪندو آهي، جيتو هڪ خراب شعر.

ڪن ماڻهن پوشاڪ جي باري ۾ ڪو به تڪلف نه ڪيو آهي. الله تعاليٰ  گودڙي عطا ڪئي، ته اها قبول ڪيائون. جيڪڏهن ڪو چوغو ملين ته خوشيءَ سان پائي ڇڏيائون، ۽ اگهاڙا رهيا ته شڪايت نه ڪيائون. مان علي بن عثمان جلابي انهيءَ طريقي تي هلندو آهيان. لباس جي معاملي ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪندو آهيان. حڪايتن ۾ آيو آهي، ته جڏهن حضرت احمد بن خضرويہ حضرت ابو يزيد جي زيارت ڪرڻ آيو، تڏهن کيس چوغو (قبا) پهريل هو. حضرت ابن شجاع جڏهن حضرت ابو حفص سان ملڻ آيو، تڏهن چوغو پاتل هئس. اهو سندن عام لباس نه هو. اهي گهڻو ڪري گودڙي پائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پشم جي قميص يا سفيد پهرياڻ به پائيندا هئا. گهڻو ڪري انساني طبعيتن کي ڪن شين سان لڳاءُ ٿي ويندو آهي. انسان رسمن ۽ رواجن کي چاهيندو آهي. جڏهن کيس ڪا عادت پئجي ويندي آهي، تڏهن اها سندس ٻي فطرت بڻجي ويندي آهي، ۽ اها ٻي فطرت پردي جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي:  ”خَيرُ الصيام صومُ اَخي دائود عليہ السلام“ (روزن مان سٺي ۾ سٺو روزو منهنجي ڀاءُ دائود جو آهي. اصحاب سڳورن عرض ڪيو: ”يا رسول الله اهو ڪيئن” فرمايائون هو هڪ ڏينهن روزو رکندو هو، ٻئي ڏينهن ڇڏي ڏيندو هو، ته جيئن نفس کي روزي رکڻ يا کولڻ جي عادت نه پئجي وڃي، ۽ اها عادت هڪ پردي جو سبب نه بڻجي وڃي. هن معاملي ۾ حضرت ابو حامد دوستان مروزي نيڪ هو. جڏهن سندس مريد ڪو موقعو ڏسندا هئا، تڏهن کيس ڪپڙا پارائيندا هئا، ۽ جڏهن ضرورت محسوس ڪندا هئا، تڏهن اهي لاهي ويندا هئا. هو انهن کان ڪڏهن به اهو نه پڇندو هو ته هنن کيس ڪپڙا ڇو پارايا ۽ ڇو لاهرايا؟ اسان جي هن زماني ۾ به غزني (خدا ان کي حفاظت ۾ رکي) ۾ هڪ بزرگ آهي، جنهن کي مويد سڏيندا آهن، هن وٽ لباس جي باري ۾ پسند ۽ ناپسندن کي ڪو دخل ڪونهي. هو جتي به آهي، اتي ٺيڪ آهي.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪپڙا گهڻو ڪري نيري رنگ جا ڇو آهن؟ پهريون سبب هي آهي ته صوفين پنهنجي طريقت جو بنياد سير سفر تي رکيو آهي، ۽ سفر ۾ سفيد ڪپڙو پنهنجي حالت ۾ نٿو رهي۽ آساني سان ڌوئي نٿو سگهجي، ۽ ڪپڙن لاءِ هر ڪنهن جي اها ئي خواهش هوندي اهي، ته صاف هجن، ٻيو سبب اهو آهي ته نيرو لباس غم جا ستايل، مصيبت جا ماريل، ۽ ڏکن جا ڏڌل ماڻهو پائيندا آهن. هي دنيا محنت جو مقام، مصيبت جو گهر، غم جو خيمو، درد جو ديرو، جدائي جي جاءِ، ۽ بلائن جي آڏو آهي. طريقت جي طالبن جڏهن اهو ڏٺو ته هن دنيا ۾ دل جي مراد پوري ٿي نه سگهندي، تڏهن الله تعاليٰ جدي جُدائي جي ماتم ۾، نيرو لباس پاتائون. ٻين وري بندگي کي ڪچو، دل کي وهمن ۾ وڪوڙيل، ۽ زندگيءَ کي وقت وڃائڻ جي شيءِ سمجهي، نيرو لباس پسند ڪيو، ڇو ته ڪنهن شيءِ کي وڃائي ڇڏڻ موت کان به خراب آهي. هڪ ماڻهوءَ ڪنهن دوست جي مري وڃڻ تي، ۽ ٻيو ماڻهو پنهنجين پڪين اميدن جي ختم ٿيڻ تي نيرو لباس پائيندو آهي. هڪ درويش کان پڇيو ويو، ته هو نيرو لباس ڇو ٿو پائي؟ هن جواب ڏنو، ته پيغمبر ﷺ جن ٽي شيون ڇڏي ويا آهن: هڪ درويشي، ٻيون علم، ٽئين تلوار. تلوار طاقت وارن کي هٿ آئي، ۽ ان جو غلط استعمال ڪيو. علم عالمن کي مليو، ۽ هنن ان کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تائين محدود رکيو، درويشيءَ کي درويشن سنڀاليو، ۽ ان کي دولت ميڙڻ جو وسيلو بڻائي ڇڏيو. مان انهن ٽنهي قسم جي ماڻهن جي ماتام ۾ نيرو لباس پاتو آهي.

حضرت مرتعشؒ بغداد جي ڪنهن پاڙي ۾ گهمي رهيو هو. کيس اُڃ لڳي، ۽ هڪ دروازي تي بيهي پاڻي گُهريائين. هڪ عورت کيس پاڻيءَ جو ڪُوزو آڻي ڏنو. پاڻي پيتائين، ۽ ان عورت جي چهري تي نظر ڪيائين ته ان جي حسن تي وٺجي ويو، ۽ ويهي رهيو، تان جو گهر جو مالڪ آيو، مرتعش ؒ چيو مون کي تنهنجي گهر مان مِٺو پاڻي پياريو ويو آهي، ۽ منهنجي دل لُٽجي وئي آهي. گهر مالڪ چيو ته اها منهنجي نياڻي آهي. مان توکي پرڻائي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. حضرت مرتعش کي گهر ڏانهن وٺي ويو. پاڻ وڏو دولتمند هو، هن پنهنجي ٿيڻ واري ڄاٽي کي غسلخاني ڏانهن موڪليو. کيس قيمتي ڪپڙا پارايا ويا، ۽ ان جي گودڙي جي بدران کيس هڪ وڏي ملهه وارو ڳو پهرايو ويو. رات ٿيڻ تي حضرت مرتعش نماز لاءِ اُٿيو، ته جيئن ورد ۽ وظيفا پورا ڪري. هن اڪيلائپ ۾ رڙ ڪئي: ”هَاتُو مرقعتي“ (منهنجي گودڙي کڻي اچو). گهروارن پڇيو ته کيس ڪهڙي تڪليف آهي؟ هن جواب ڏنو ته سندس دل مان آواز اچي رهيو اهي ته اي مرتعش، توکي هڪ گستاخي واري نظر جي اها سزا ڏني وئي آهي، جو تنهنجي بدن تان تنهنجي گودڙي لهرائي وئي آهي. ٻي نظر جي سزا اها هوندي، جو تنهنجي اندر تان آشنائي وارو لباس به لاٿو ويندو.

جيڪو لباس خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ پاتو وڃي ٿو، ان ۾ الله تعاليٰ جي دوستن جي پيرويءَ جو خيال رکيو وڃي، ته اهو لباس برڪت وارو آهي. جيڪڏهن انهيءَ نموني سان زندگي گذري سگهي ته گذار، نه ته پنهنجي دين جي سنڀال ڪر، ۽ ولين جي لباس ۾ خيانت ڪرڻ جو ڏوهه نه ڪر، ته تون سچو مسلمان بڻجي وڃين. اها ڳالهه ولايت جي ڪوڙي دعويٰ کان ڀلي آهي. اُنَ جي گودڙي ٻن ٽولن کي جڳائي ٿي: هڪڙا دنيا کي ترڪ ڪندڙ ماڻهو، ۽ ٻيا الله جا عاشق. مرشدن جو اهو طريقو رهيو آهي، جو جڏهن ڪو مريد دنيا جا لاڳاپا لاهي، وٽن ايندو آهي، تڏهن هو ان کي ٽن سالن تائين مختلف نمونن ۾ ادب جي تعليم ڏيندا آهن جيڪڏهن مريد ثابت قدم رهندو آهي، ته وهواهه! ٻي حالت ۾ هن کي چئي ڏيندا آهن، ته طريقت ۾ هن لاءِ قبول ٿيڻ جو دروازو نه کُليو آهي. پهرئين سال خلق جي خدمت، ٻئي سال الله جي خدمت، ۽ ٽئين سال دل جي خدمت جي تعليم ملندي آهي. خلق جي خدمت جي صورت هي آهي، ته پنهنجو پاڻ کي خادم سمجهي، سڀني ماڻهن کي پنهنجي مالڪ جي درجي تي سمجهي، يعني سڀني کرن کوٽن کي پاڻ کان ڀلو سمجهي، ۽ سڀ جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض ڄاڻي. خدمت اها ناهي، جو پاڻ کي مخدومن کان به مٿي سمجهي. ان ۾ پورو پورو نقصان آهي. حقيقت ۾ اهو به هڪڙو پردو (حجاب) آهي، ۽ زندگي جي مصيبتن ۾ شامل آهي. الله تعاليٰ جي خدمت اها آهي، ته پاڻ کي دنيا جي سڀني مزن کان ڪاٽي ڇڏي، فقط الله جي عبادت ڪري، ۽ اها به صرف الله جي ذات لاءِ ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ عبادت ڪبي، ته اها پنهنجي ذات جي پوڄا ٿيندي، ۽ نه الله جي. دل جي پاسداري اها آهي ته طبعيت کي اطمينان هجي، وهم وساريل هجن، ۽ الله تعاليٰ جي حاضريءَ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۾ بيپرواهي نه هجي. جيڪڏهن اهي ٽيئي شرط پورا ٿين ته پوءِ مريد ڪنهن به پيروي (تقليد) کان سواءِ اُنَ جي گودڙي پائي ٿو سگهي. اهو ضروري آهي، ته گودڙي پائيندڙ به پنهنجي حال تي قائم هجي، طريقت جون لاهيون چاڙهيون ڏسي چڪو هجي، حال جي ذوق ۾ ڪامياب ٿيل هجي، عملن جي ادا ڪرڻ ۾ ٺيڪ هجي، جلال جو قهر ۽ جمال جو لطف ڏسي ڇڏيو هجيس. کيس اها به خبر هجي ته مريد ڪهڙي منزل تي پهچي سگهندو؟ هو موٽي ويندو، واقفن مان ٿيندو، يا ڪاملن مان ٿيندو؟ جيڪڏهن سندس موٽي وڃڻ جو انديشو هجي، ته منڍ ۾ ئي هن کي مريد نه بڻائجي، جيڪڏهن ڪنهن رنڊڪ جو خوف هجي ته ان جو انتظام ڪجي، ۽ جيڪڏهن مريد منزل جو واقف بڻجي وڃي، ته هن کي سکيا ڏجي. طريقت وارا اصل ۾ دلين جا طبيب ٿيندا آهن. جيڪڏهن طبيب بيمار کان واقف نه هوندو ته غلط علاج سان بيمار کي ماري ڇڏيندو، ڇو جو کيس بيمار جي نظرداري جو پتو ڪونهي، ۽ هن جي خطرناڪ نشانين کي سمجهي نه سگهندو، ته غلط غذا ۽ غلط شربت ڏيندو. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”الشيخ في قومہ ڪا لنبي في امتہ“ (شيخ پنهنجي قوم لاءِ ائين آهي، جيئن نبي پنهنجي اُمت لاءِ هوندو آهي). نبين سڳورن پنهنجي اُمت کي جيڪا دعوت ڏني، ۽ تبليغ ڪئي، اها سندن اُمت جي حالت مطابق ڪئي. هنن کين سندن مزاج مطابق دوا ڏني، ته جيئن سندن دعوت جو مقصد پورو ٿئي. تنهنڪري رباني ولايت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مرشد کي ٽي سال رياضت ڪرائڻ کان پوءِ مريدن کي گودڙي پارائڻ گهرجي. اصل ۾ گودڙي ڪفن جي حيثيت رکندي آهي، جيئن دنيا جي لذتن کان دل آزاد ٿي وڃي، ۽ زندگي جي راحتن کان بيپرواهي حاصل ٿي وڃي، سڄي عمر خلق جي خدمت لاءِ وقف ٿي وڃي، ۽ خواهش کان پوري طرح سان هٿ کڄي وڃي. اهڙي حالت ۾ طريقت جو مرشد گودڙي عطا ڪندو آهي، ۽ مريد کي پنهنجين نوازشن سان عزت بخشيندو آهي. مريد وري پنهنجين ذميوارين جي پورائي  ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ پنهنجين خواهشن کي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيندو آهي.

گودڙي پائڻ جي باري ۾ کوڙ اشارا (اشتعارات) آهن. حضرت ابو معمر اصفهاني، ته هن مضمون تي هڪ ڪتاب لکيو آهي. هن باري ۾ گهڻا صوفي مبالغو نه ڪندا آهن. مگر اسان جو مقصد هن ڪتاب ۾ رڳو بزرگن جا قول نقل ڪرڻا نه آهن، مگر جيڪي مشڪل ڳالهيون آهن، تن کي آسان به ڪرڻو آهي. گودڙي پائڻ جو سُٺي ۾ سُٺ اشارو هي آهي ته گودڙي جو ڪالر صبر آَهي، ٻه ٻانهون خوف ۽ اميد، ان جو آڳو ۽ پِيڇو، قبض ۽ بسط (ساهه جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جي حالت)، ڪمر نفس جي مخالفت، ڪَفَ يقين جي درستي،  ۽ ان جو آڳو پيڇو (تيريزون) درويشي ۽ صفا، ڪمر ديدار جو جٽاءُ، ويهڪ حاضري جي ماٺ ۽ وصل جي درجي جي بقا آهي. جڏهن باطن لاءِ اهو لباس آهي، ته پوءِ ظاهر لاءِ به هئڻ گهرجي. هن باري ۾ منهنجو هڪ ڪتاب ”اسرار الخرق و المؤمنات“ آهي” انهيءَ ڪتاب جو نسخو مريد وٽ هئڻ گهرجي.

جيڪڏهن مريد گودڙي پائڻ کان پوءِ حال ۾ هجي، يا وقت جي بادشاهه جي ظلم هيٺ، ان کي ڦاڙي ڦِٽو ڪري، ته هو مجبور آهي. جيڪڏهن پنهنجي اختيار هوش حواس ۾ رهي. گودڙي کي ڦاڙي ڇڏي ته پوءِ هن کي گودڙي پائڻ ٺيڪ نه آهي، ۽ جيڪڏهن ٻه دفعا پائي، تڏهن به دنيا جي انهن مڪار گودڙي پائيندڙ ۾ ليکيو ويندو، جيڪي صرف ڏيکاءُ لاءِ اُنَ جي پوشاڪ پائيندا آهن. پوشاڪ جي باري ۾ اصل حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن صوفي هڪ درجي کان ٻئي درجي ۾ داخل ٿيندو آهي، تڏهن پنهنجي پوشاڪ بدلائيندو آهي. اهو منزل جي ترقي جي شُڪر ظاهر ڪرڻ جو نمونو آهي، مگر ياد رکڻ گهرجي ته معمولي پوشاڪ هڪ درجي لاءِ هوندي آهي، ۽ گودڙِ فقر ۽ صفا جي سڀني درجن لاءِ هوندي آهي. ان کي رد ڪري ڇڏڻ طريقت کي رد ڪري ڇڏڻ وانگر آهي. مون هن مضمون جي باري ۾ ٿورو اشارو ڪيو آهي، ۽ هي وقت هن مسئلي سمجهائڻ لاءِ ٺيڪ ناهي. خدا گهريو ته راڳ (سماع) جي ڳُجهن ظاهر ڪرڻ واري باب ۾ گودڙي جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏني ويندي. اهو به چيو ويو آهي، ته گودڙي عطا ڪرڻ واري ۾ ايتري قدرت هئڻ گهرجي، جو هو جنهن کي به محبت جي نظر سان ڏسي، اهو دوست بڻجي وڃي، ۽ جنهن گنهگار کي گودڙي پارائي، اهو الله جو ولي بڻجي پوي. مان هڪ دفعي پنهنجي طريقت جي مرشد سان آذربائيجان جو سفر ڪري رهيو هئس. اتي ٻن ٽن گودڙي پوش درويشن کي ڏٺم. اهي ڪڻڪ جي ٻار ۾ بيٺا هئا ته مَنَ زميندار ڪجهه ڪڻڪ گودڙين ۾ وجهي. اهو حال ڏسي مرشد سائين فرمايو: ”اولائڪ الذين اشرو ضلالة بالهُديٰ فما ربحت تجارتهم وما ڪانوا مهتدين“ (هي اهي ماڻهو آهن، جن هدايت جي بدران گمراهي خريد ڪئي آهي. کين انهيءَ تجارت مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿيندو، ۽ اهي هدايت حاصل ڪرڻ وارا نه هئا). مون غرض ڪيو: يا حضرت! اهي هن بلا ۾ ڪيئن ڦاٿا ۽ ماڻهن لاءِ ذلت جو سبب ڇو بڻيا؟ جواب ڏنائون ته سندن مرشدن کي مريدن گڏ ڪرڻ جي لالچ ۽ هنن کي دولت گڏ ڪرڻ جي طمع هئي. هڪ لالچ ٻي لالچ کان وڌيڪ نه ٿيندي آهي، ۽ حقيقت کان سواءِ دعويٰ ڪرڻ لوڀ لالچ جو وسيلو آهي. حضرت جنيد لاءِ مشهور آهي ته هن باب الطلق ۾ هڪ مجوسي جي ڇوڪري کي ڏٺو، جيڪو تمام سُهڻو هو، هن هٿ کڻي دعا گهري ته منهنجا موليٰ تو هن کي ڪهڙو نه سهڻو بڻايو آهي. مهرباني فرمائي هن کي منهنجي جماعت ۾ آڻ. ٿوري وقت کان پوءِ، اهو مجوسي ڇوڪرو آيو ۽ عرض ڪيائين، ته اي مرشد سائين! مون کي شهادت جو ڪلمو پڙهايو. اهو ڇوڪرو مسلمان ٿيو، ۽ الله جي ولين ۾ شامل ٿي ويو. شيخ بوعلي سياهه کان پڇيائون، ته گودڙي پائڻ ڪنهن کي جڳائي؟ جواب ڏنائين، ته اهڙي درويش مرد کي، جنهن کي الله تعاليٰ ايترو پنهنجو ڪيو هجي، جو کيس سمورن حڪمن ۽ دنيا جي حالتن جو پتو هجي.

گودڙي صالح ۽ نيڪ ماڻهن جو نشان آهي، درويشن صوفين جي پوشاڪ آهي. درويشي ۽ تصوف جي باري ۾ اڳ ۾ ئي بيان ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا جي مال گڏ ڪرڻ لاءِ ولين جي پوشاڪ پائيندو آهي، ۽ پنهنجن مصيبتن جو سامان گڏ ڪندو آهي، ته حقيقت وارن کي نقصان نه پهچندو آهي، جو بيان ڪيو اٿم سو حقيقت وارن لاءِ ڪافي آهي. هن کان وڌيڪ سمجهاڻي ڏيڻ هن ڪتاب جو مقصد ناهي. سڀ توفيق الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com