سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 10

شيخ اسماعيل نصرآبادي

هيءُ شيخ ابوالقاسم نصرآباديءَ جو وڏو فرزند هو.

ابوعثمان مغربي

سندس نالو سعيد بن سلام مغربي هو. ابوالحسن صايغ دينوري جو مريد هو ۽ مغرب يعني مراڪش جي شهر قيروان شهر جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو.

سندس بيان آهي ته شروعات ۾ مون کي ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه هو. گهوڙا ۽ ڪتا پاڻ وٽ پالي رکندو هئس ۽ قريبي ٻيٽ ۾ وڃي شڪار ڪندو هئس ۽ پاڻ سان ڪاٺيءَ جو هڪ وڏو پيالو به رکندو هئس ۽ ان ۾ کير وجهي رکندو هئس. هڪ ڏينهن ارادو ڪيم ته ان پيالي مان کير پيئان پر منهنجي ڪتي ايڏو ته شور مچايو ۽ مون سان وچڙي ويو جو مان پيالي منجهان کير پي نه سگهيس، وري ٻيو دفعو پيالي مان کير پيئڻ جي ڪوشش ڪيم، ته منهنجي ڪتي مون کي کير پيئڻ نه ڏنو ۽ جڏهن ٽيون دفعو کير پيئڻ جو ارادو ڪيم ته مون کان اڳ ئي ڪتي پنهنجو وات پيالي ۾ وجهي کير پي ڇڏيو ۽ ٿوري دير ۾ ڪتوسُڄي ويو ۽ مري ويو. پوءِ پيالي ۾ نظر ڪيم ته ان ۾ ڪو نانگ پنهنجو زهر وجهي ويو هو. اهڙي طرح مون تان ڪتو فدا ٿي ويو، پوءِ ڏاڍو پڇتايم ۽ توبہ ڪيم.

ابوالحسن ڪواشاني جو بيان آهي ته ابوعثمان پيشنگوئي ڪئي هئي ته جنهن ڏينهن مان گذاري ويندس، ان ڏينهن ملائڪن جي اچڻ سبب مٽي اڏامندي. پوءِ ڏٺو ويو ته سندس وفات واري ڏينهن ايڏي ته مٽي اُڏامي جو جنازي جا حاضرين هڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگهيا.

هيءُ ڪيترائي سال مڪہ جو مجاور رهيو. کيس وقت جو امام سڏيندا هئا ۽ وڏن برگزيده مشائخن مان هو. آخري وقت ۾ نيشاپور آيو ۽ سال 373هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبر نيشاپور ۾ ابوعثمان حيري جي پاسي ۾ آهي.

ابوبڪر طرطوسي حرمي

سندس نالو علي بن احمد بن محمد هو ۽ سندس لقب طاؤس الحرمين هو. ابوالحسين مالڪيءَ جو شاگرد هو. ابراهيم شيبان ڪرمانشاهي سان سندس صحبت ۽ نسبت هئي. سندس وفات جو سن 374هه هو.

عبدالواحد بن علي سياري

هيءُ ابوالعباس جو ڀاڻيجو ۽ سندس مريد هو ۽ مرو ۾ پنهنجي سراءِ کي صوفين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هئائين. سال 355هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوالقاسم مقري

سندس نالو جعفر بن احمد بن محمد مقري هو. ابوعبدالله مقري جو ڀاءُ هو ۽ ابن عطا، جريري، ابوبڪر بن ابي سعدان، ابوبڪر ممشاد ۽ ابوعلي رودباري جو صحبت يافته هو. سال 378هه ۾ وفات ڪري ويو.

ابوالقاسم رازي

سندس نالو جعفر بن احمد بن محمد هو ۽ نيشاپوري هو. ابن عطا، محمد بن ابي الحواري ۽ ابوعلي رودباريءَ جو صحبت يافته هو. سال 378هه ۾ وفات ڪري ويو.

جعفر بن امام عاشر علي نقي

سندس لقب جعفر ثاني هو. هيءُ سال 251هه ۾ پيدا ٿيو ۽ هڪ سو ويهه سال نو مهينا عمر پوري ڪري سن 374هه ۾ گذاري ويو ۽ کيس هڪ سو ويهه فرزند هئا.

سيد عبدالله: سندس لقب علي اصغر هو. بخارا جي سادات جي جد مان هو ۽ سيد جلال بخاري ساڪن اچ انهن مان هو ۽ سيد احمد ولد سيد عابد جد سادات مشهدي ساڪن محله مغل واره ٺٽو ۽ سادات انجوي ساڪن ٺٽه اولاد سيد محمد انجوي جي نسبت ان ڏانهن آهي.

سيد اسماعيل: ولد سيد جعفرثاني سادات بکر (نزد سکر) جي اولاد جي نمائندگي انهن مان آهي. سيد محمد مڪي به انهي مان آهي.

 

متنبي

هيءُ معروف مقبول شاعر ۽ سريع الاجابت هو. هڪ ڏينهن هو رستي تان لنگهي رهيو هو ته رستي تي هڪ بيمار ڪتو سمهيو پيو هو ته سعبويہ جو ڀاءُ نفطويہ جنهن پورا چاليهه سال علم نحو جي حصول ۾ مشقت ڪئي هئي. مذاق طور چوڻ لڳو ته جيڪڏهن متنبي اهو آهي ته ان کان بهتر هيءُ ڪتو آهي. کانئس پڇيائين ته تنهنجو نالو ڇا آهي. چيائين نفطويہ نالو اٿم. چيائين احرق الله. اتفاق سان ڏياري جي رات (شب برات نصف شعبان) هئي. ڇوڪرا آتش بازي ڪري رهيا هئا. هيءُ اتان لنگهيو، کيس باهه لڳي وئي ۽ سڙي ويو.

ابن رشيق پنهنجي ڪتاب ”عمده“ ۾ بيان ڪيو آهي ته هو ڌاڙيلن سان لڙائي ڪندي، پاڻ سندس پٽ ۽ مفلح نالي غلام قتل ٿي ويا ۽ اهو سال 354هه هو.

ابوالخير حبشي

سندس نالو اقبال هو. سندس لقب ”طاؤس الحرم“ هو. جرجان جي پيرن جو غلام هو، مالڪ کيس آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ سٺ سال مڪہ ۽ مدينہ جي مجاورت ۾ رهيو. شيخ عمر ۽ شيخ عباس، سندس زيارت تي فخر ڪندا هئا. سن 383هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر بن محمد بن عبدالله

هيءُ پنهنجي وقت جو زاهد ترين شخص هو ۽ امام شافعي جي فقہ ۾ زندگي گذاريائين ۽ بخارا شهر جي هڪ محلي ڪلاباد ۾ سن 385هه ۾ گذاري ويو.

ابراهيم آجري ڪبير

حضرت جنيد جو بيان آهي ته مون عبدون زجاج کان ٻڌو ته هن چيو ته ابراهيم آجري مون کي چيو ته: ”لان ترد الي الله عزوجل همک ساعة خيرلک مما طلعت عليہ الشمس“. يعني: هڪ گهڙي اللہ ڏانهن رجوع ڪرين ته اها ڳالهه تنهنجي لاءِ انهن سڀني شين کان ڀلي آهي، جنهن تي سج اڀري ٿو.

ابوبڪر سوسي

سندس نالو محمد بن ابراهيم هو. ملڪ شام جو صوفي هو ۽ رمله شهر ۾ شيخ عمو ۽ احمد ڪوفي کي ڏٺو هئائين دمشق ۾ سال 386 ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر بن محمد ابوالحسن بن محمد مزين

سندس نالو علي بن محمد هو. اهل بغداد مان هو. جنيد ۽ اهڙن ٻين مشائخن جو صحبت يافته هو. سال 388هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوطالب محمد بن علي بن عطية حارثي مڪي

صاحب قوت القلوب پنهنجي ڪتاب دقايق ۾ تصنيف ڪيو آهي ته تصوف ۾ سندس نسبت شيخ عارف ابوالحسن محمد بن ابي عبدالله احمد بن سالم بصري سان هئي ۽ انتساب شيخ ابوالحسن جو پنهنجي پيءُ ابو عبدالله احمد بن سالم ۽ ان جو انتساب پنهنجي پيءُ سهل بن عبدالله تستري قدس الله ارواحهم سان هو. سال 386هه ۾ مڪہ ۾ فوت ٿي ويو.

ابوالحسن محمد

بن احمد بن اسماعيل بن سمنون. ”کان يلقب بالناطق الحکمة از مشائخ بغداد“. يعني: بغداد جي مشائخ ۾ کيس حڪمت سان ڳالهائيندڙ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو.

ابويعقوب ميداني

نصيبين جي مشائخ مان هو. شبلي بغداد کان مصر ويو. ميداني به انهيءَ جي تقليد ڪئي، شبلي سندس استقبال ڪيو. شبلي، پنهنجو هٿ سندس مٿي تي رکي چيو ته خيرک الله يعني: اللہ توکي پنهنجي لاءِ پسند ڪري ۽ انهيءَ جي زبان ۽ وارن مان به آواز نڪتو آمين.

ابوصالح مزين

هيءُ ابن عطاء جو صحبت يافته هو. سهل بن عبدالله تستري بيان ٿو ڪري ته کيس حرم پاڪ ۾ ڏٺم. ساڻس نسبت جي طلب ڏيکاريم چيائين اي سهل! اگر ابوصالح سڀاڻي اچي ته انهيءَ سان نسبت قائم ڪجانءِ. چيم ته خبر ڪونه اٿم ته ڪٿي آهي؟ چيائين ته اتي ئي هو، ليڪن هينئر نظر کان غائب ٿي ويو آهي.

ابراهيم آجري صغير

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. ابومحمد جريري ۽ابواحمد مغازلي کيس ڏٺو هو. مذڪور آهي ته هڪ يهودي آجر وٽ آيو. چيائين ته ڪا ڪرامت مون کي ڏيکار ته ايمان آڻيان. آجر يهودي کان سندس چادر وٺي پنهنجي چادر سان گڏ ويڙهي ڳنڍو ڪري تنور جي باهه ۾ اُڇلائي ڇڏي. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن ڪڍيائون ته سندس چادر صحيح سلامت هئي ۽ يهوديءَ جي چادر سڙي رک ٿي وئي. پوءِ يهودي ايمان آندو.

محمد بن خالد آجري

هيءُ بزرگ مشائخ مان آهي. جعفر خلدي سندس بابت ڪافي حڪايتون بيان ڪندو هو.

ابوجعفر مجذوم

هيءُ ابوالعباس عطا جو همعصر هو. پنهنجي وقت جو يڪتا ۽ پوشيده غوث هو. ابوالحسن دراج کيس قادسيه مسجد ۾ ڏٺو هو.

ابوبڪر ارموي

سندس نالو حسين بن علي بن يزدانيار هو. سندس طريقه تصوف مخصوص ۽ نرالو هو. جنهن جو بعض مشائخ مثلاً شبلي وغيره انڪار ڪيو آهي.

ابوجعفر معاذ مصري

سندس مرشد ابوالحسين سيرواني ڪهين هو. سندس چوڻ آهي ته ابوجعفر حداد مصري ۽ ابن البرقي، اهي ٻئي مصر ۾ هئا. کانئن پڇيو ويو ته تصوف ڇا آهي؟ ٻنهي بزرگن چيو ته اهو اثر آهي جو زمين تي ڪڏهن نروار ۽ ڪڏهن لڪل هوندو آهي.

ابوطالب الاخميمي

ابوعثمان مغربي بيان ٿو ڪري ته مون ابوطالب کي ڏٺو ته هو پکين سان ڳالهائيندو هو ۽ هيءُ به ٻڌائي ٿو ته مان ابوطالب سان سفر ۾ گڏ هئس. رستي ۾ مون کي جهنگلي جانورن ۽ درندن جو ڏاڍو خوف پئي ٿيو، ڇو ته درندا تمام گهڻا هئا. کيس چيم ته تمام جلد هيءُ منزل پار ڪري هلون. پوءِ هڪ رات هڪ جڳهه تي قيام ڪيوسون. هو سمهي ننڊ ڪرڻ لڳو. ليڪن مون کي ننڊ نه آئي. مون کي چيائين ڇو نٿو سمهين، چيم ته جهنگلي جانورن جي خوف کان ننڊ نٿي اچي. مون کي چيائين ته حق تعاليٰ کان خوف رک، ٻئي ڪنهن جو به خوف نه ڪر.

ابوبڪر موازيني

هيءُ مصر جو هو. شيخ سيرواني جو مرشد هو. هو بيان ٿو ڪري ته ابن خباز کان ٻڌم ته عيدالاضحيٰ جي ڏينهن جمره جي ڀرسان بيٺو هئس ته هڪ درويش نظر آَيو، جنهن کي هٿ ۾ ڪوزو هو. چوي پيو ته ”ياسيدي! تقرب الناس اليک بذبائحهم و قرباناتهم وليس بي ملک الا نفسي فشهق شهقة ومات. ترجمو: اي منهنجا مالڪ! ماڻهو پنهنجين قربانين ۽ ذبح جي ذريعي تنهنجو قرب حاصل ڪن ٿا. ليڪن مون کي پنهنجي جان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پوءِ ڏاڍي سخت رڙ ڪيائين ۽ مري ويو.

ابوبڪر مغازلي

مصر جو هو ۽ سيرواني جو مرشد هو. اهو بيان ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن اهو ارادو ڪيم ته ابوالحسن مزين کي آزمايان. پوءِ سندس سراءِ جي در تي ويس ۽ چيم ته يااهل الدار واسوني بشيءِ يعني مون کي ڪنهن شيءِ جي بخشش ڪريو. پوءِ هن پنهنجن گهر وارن کي چيو ته هن کي ڪا شيءِ ڏيو. جيڪڏهن هو الله کي سڃاڻي ها ته مون وٽ آزمائش لاءِ نه اچي ها. پوءِ جڏهن اهي الفاظ ٻڌم ته ان کي ڇڏي هليو ويس.

 

ابوالحسن سيرواني (ڪبير)

سندس نالو علي بن محمد هو. ابوالحسين سيرواني صغير جو مرشد هو. سيروان مغرب جو هو ۽ دمياط ۾ رهندو هو ۽ پوءِ خواص کي گهرائي، کيس وصيت ڪيائين ته: الزم الفقرآء فان الخير فيهم معنيٰ: فقراء جي صحبت اختيار ڪر ڇو ته انهن ۾ ئي ڀلائي آهي.

 

ابوالحسين سيرواني (صغير)

سندس نالو علي بن جعفر دائود هو. سيروان مغرب جو هو. سيرواني ڪبير جو شاگرد هو. مصر جي خواص جو ساٿي هو. پوءِ بيت اللہ جو مجاور ٿي رهيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. ابوبڪر موازيني، جنيد، شبلي، ابوالخير تيناني، ڪتاني، ابوعلي ڪاتب ۽ ابوبڪر مصري وغيره انهن سڀني کي ڏٺو هئائين. سندس عمر هڪ سو چوويهه سال هئي. آخري عمر ۾ ڪرسي استعمال ڪندو هو ۽ جڏهن موذن تڪبير چوندو هو ته نماز لاءِ اٿي بيهندو هو ۽ نماز کان پوءِ وري ڪرسيءَ تي ويهي رهندو هو ۽ سماع جي وقت به ائين ڪندو هو.

 

ابوالحسن سيوطي

سهل تستري جي ساٿي هارون کيس ڏٺو هو. ابوعلي رودباري ذڪر ٿو ڪري ته دوستن تي مهربان ۽ شفيق ابوالحسن سيوطي جهڙو ٻيو ڪونه ٿيندو. هڪ دفعي بيابان ۾ سفر ڪندي رات جو قيام ڪيوسون. سخت بک لڳي هئي. رستي ۾ آبادي جي ۽ ڳوٺن جي به خبر ڪانه پئي لڳي. پوءِ سيوطي گدڙ ۽ بگهڙ وانگر اونايون ڪيون ته جيئن ڪتن جي جاءِ جي خبر پوي. پوءِ اوناين تي ڪتا ڀونڪڻ لڳا ۽ انهن جي آوازتي ويو ۽ دوستن لاءِ ڪجهه شيون ۽ کاڌو کڻي آيو.

 

ابوعلي ڪاتب

مصر جي اڪابرين مشائخ مان هو. ابوبڪر مصري ۽ ابوعلي رودباري جو صحبت يافته هو. سندس پير ابوعلي مشتولي هو. ابوعثمان مغربي کيس بزرگ هستي چوندو هو ۽ رودباري به سندس علم ۽ بزرگي سبب تعظيم ڪندو هو. سندس چوڻ آهي ته جنهن به وقت مون کي ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته خواب ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي زيارت ٿيندي هئي ۽ پاڻ سڳورن کان ئي حل پڇندو هئس.

 

حمزه بن عبدالله علوي حسيني

سندس ڪنيت ابوالقاسم هئي. ابوالخير تيناتي جو مريد هو.

چيائين ته صوفي کي گهرجي ته هو سفر ۽ حضر ۾ هڪ ئي حال ۾ هجي، يعني هر حال ۾ پنهنجي اوصاف کي قائم رکي. سافر البادية علي المتوڪل سنين ولم يضع جنبہ علي الارض سنين. يعني ٻه سال پورا جهنگل ۽ بيابان ۾ گهمندو رهيو، ليڪن ٻئي سال زمين تي پٺي نه رکيائين.

گري خويش علوين مان هڪ شخص شيخ الاسلام انصاري وٽ آيو ۽ چيائين ته منهنجو پيءُ پورا پنج سال هر روز پنهنجي پير ابوزيد وٽ ويندو هو ۽ صوفين کي مرو ڏانهن موڪليندو هو.

 

ابوالعباس باوردي

بزرگ هو، شبلي کي ڏٺو هئائين، نيشاپوري آهي، شيخ ابوبڪر طمستاني به نيشاپور ۾ هو، ٻنهي شبلي کي ڏٺو هئو، شبلي صاحب حال هو. توحيد جو ذرو به نه رکندو هو.

شيخ الاسلام انصاري چوي ٿو ته جيئن ماڻهو چون ٿا، تيئن صحيح آهي، شبلي توحيد جي باري ۾ ڪا دعويٰ نه ڪندو هو پر اهو مطلب نه آهي ته ان جو يقين نه رکندو هو.

 

ابوالعباس بردعي

سندس نالو احمد محمد بن هارون بردعي صوفي هو. هن ٻڌايو ته مرتعش مون کي چيو ته جيترو توکي ديدار (زيارت) فائدو پهچائيندي، اوترو توکي وعظ نفعو نه پهچائي سگهندو ۽ هيءُ به چيائين ته ابوطاهر ابهري ٻڌايو ته: لايصلح الکلام الا لرجل اذا سکت خاف العقوبة بسکوتہ. يعني: ڪلام انهيءَ شخص کي فائدو ڏئي سگهي ٿو، جو جڏهن اهو خاموش ٿئي ته سندس خاموشيءَ جي ڪري ان جي سزا جو خوف ٿئي.

 

ابوعلي خيران

سندس نالو حسن بن صالح بن خيران هو. فقہ شافعي جو پيرو هو ۽ متقي ۽ فقيہ هو. کيس سختيءَ هيٺ آندو ويو جو جڏهن قاضي القضاة جو عهدو قبول نه ڪيائين ته مقتدر بالله عباسي جي وزير علي بن عيسيٰ علائقه جي امير کي لکيو ته شيخ ابوعلي خيران کي پيش ڪر ته کيس قضا جو عهدو ڏنو وڃي، مگر هن هرگز قبول نه ڪيو.

 

ابوعبداللہ حضرمي

مرتعش جو بيان آهي ته کانئس تصوف بابت سوال ڪيم. مگر ويهن سالن تائين انهيءَ پنهنجي طرفان ڪا ڳالهه نه ڪئي، هر جواب قرآن مجيد جي آيت سان ڏيندو هو: رِجَالٌ صَدَقُوۡا مَا عَاهَدُوا اللهَ عَلَيۡہِ (اهي اهڙا ماڻهو آهن جو انهن جيڪو الله سان انجام ڪيو هو، ان کي سچو ڪيائون) مون پڇيو ته سندن صفت ڪهڙي آهي؟ چيائين ته لاَ يَرۡتَدُّ اِلَيۡهِمۡ طَرۡفُهُمۡ وَاَفۡئِدَتُهُمۡ هَوَآءُ (سورة ابراهيم) (سندن نظر انهن ڏانهن وري نه سگهندي ۽ سندن دليون پيون ڏڪنديون) مون پڇيو ته انهن جو هنڌ ڪٿي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته: فِيۡ مَقۡعَدِ صِدۡقٍ عِنۡدَ مَلِيۡکٍ مُّقۡتَدِرٍ (سورة القمر). (اهي سچي مجلس ۾ طاقتور بادشاهه وٽ رهندا) پڇيم ته وڌيڪ ٻڌاءِ. چيائين: اِنَّ السَّمَعَ وَالۡبَصَرَ وَالۡفُوَادَ کُلُّ اُولٰئِکَ کَانَ عَنۡہُ مَسۡئُوۡلًا (سورة بني اسرائيل) (بيشڪ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون ۽ سڀني (عضون جي باري ۾) پڇا ڪئي ويندي.)

 

ابوبڪر رازي بجلي

سندس نالو محمد بن عبدالله هو. نيشاپور جو رهاڪو هو. عبدالله سلمي جو استاد ۽ ابوبڪر بيڪندي جو شاگرد هو. مرد مجاهد ۽ متقي هو. مذڪور آهي ته ان کان وڌيڪ ڪوبه مشائخ الله تعاليٰ جي خوف کان روئڻ وارو ڪونه هو. هر مريد ۽ مبتدي جيڪو به کيس ڏسندو هو ته سندس محبت ۾ گرفتار ٿي ويندو هو. ابتدائي دور ۾ مڪہ پاڪ جو سفر ڪيائين ۽ اتي پهچي مشائخ ۽ صوفين سان مليو ۽ هڪ سال مڪہ جي مجاورت ڪيائين. سندس چوڻ آهي ته مڪہ پاڪ ۾ مون تي تنگ وقت آيو. پوءِ مان يمن روانو ٿيس. مون وٽ هڪ دينار هديہ جو موجود هو. سفر جو سامان ساڻ کنيم. ارادو ڪيم انهيءَ دينار جو جُبّو خريد ڪندس ۽ موٽي مڪہ پاڪ ۾ ايندس ۽ دينار کي ٻن پٿرن جي وچ ۾ پوري ڇڏيم ۽ ان تي نشاني ڪري ڇڏيم. مڪہ پاڪ ۾ موٽي آيس ۽ طواف کان پوءِ ابوعمر زجاجي کي ڏٺم. کانئس مسئلو پڇيم. هن چيو ته اهو دينار کڻي اچ ۽ پنهنجي جان تي خرچ ڪر.

 

ابوبڪر شبيڪر

نيشاپوري هو. پنهنجي وقت جو وڏو صاف دل صوفي هو. خواجه سهل صعلوڪي جي عزيزن مان هو. هڪ ڏينهن خواجه سهل ان کي ڏٺو ۽ کيس چيائين ته مائٽ مون ڏانهن ڇو نه ٿو اچين؟ چيائينس ته آءٌ توڏانهن آيو هئس، مگر تون آرام مان نه اٿئين مان مايوس ٿي موٽي آيس. يعني تو تڪبر ڪيو ۽ مان فقير درويش آهيان. مون پنهنجي لاءِ ذلّت محسوس ڪونه ڪئي. چيائين ته اچ هاڻي ضرور اٿي ايندس. هڪ دفعي خواجه سهل پنهنجي سراءِ ۾ موجود هو (هي ويو) کيس آڌر ڀاءُ ڪيائين پر جڏهن موٽي اچڻ لاءِ هو ٻاهر آيو ته عزت افزائي لاءِ هو ٻاهر ٻه قدم نه آيس. پوءِ وري وٽس هرگز نه ويو.

 

ابوبڪر قصري

هي اصل قصر هبيره جو هو. ليڪن شيراز ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائين. محقق بزرگ هو ۽ اهل غيب کيس نظر ايندا هئا.

شيخ عبدالله خفيف جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن قصري مون کي چيو ته اُٿ ته صحرا ڏانهن هلون. پوءِ ٻئي روانا ٿياسون ته اتي هڪ قوم کي ڏٺوسون ته بازار جي منڍ ۾ نرد راند پيا کيڏن. شيخ ابوبڪر ساڻن ويهي رهيو ۽ پاڻ کي راند ۾ شامل ڪيائين. مون کي شرمندگي ٿي ته هيءُ ڇا ٿو پيو ڪري ۽ وري روانا ٿياسين ۽ اڳتي هلي ڏٺوسين ته ڪجهه ماڻهو شطرنج راند پيا کيڏن. پوءِ انهن ڏانهن ويو. ويهڻ وارو وڇاڻو ڦاڙي ۽ کيڏڻ وارو سامان ۽ ڪاٺيون ٽوڙي ڇڏيائين. انهن گهڻيون ئي دانهون ڪيون، پوءِ جڏهن اتان روانا ٿياسين ته رستي ۾ مون ساڻس جهڳڙو ڪيو ته هيءُ ڪهڙو طريقو آهي جو هن جاءِ تي تون انهن سان فراخدلي سان پيش آئين ۽ هاڻي هت تو ساڳي ئي عمل ۾ وري هنن سان سختي ۽ عتاب وارو سلوڪ اختيار ڪيوَ؟ چيائين ته اها حالت علم لدني واري هئي، جنهن ڪري ڪوبه فرق نه ڏٺم ۽ هاڻي علم ظاهري واري حالت ۾ آهيان جو حڪم وارو طريقو اختيار ڪيم.

 

ابوبڪر بن ابي سعدان

احمد بن محمد بن ابي سعدان بغداد جو هو. جنيد جي احباب مان هو ۽ رودباريءَ جو همعصر هو. وقت جي مشائخ مان هن علم جو سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو هو. ابوالحسن صديق ۽ ابوالعباس فرغاني جو چوڻ آهي ته هن زماني ۾ ٻن شخصن کان وڌيڪ انهي ٽولي ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿا ڏسون: ا- ابوعلي رودباري مصر جو 2- ٻيو عراق جو ابوبڪر پٽ سعدان. ابوبڪر، ابوعلي کان علم ۾ وڌيڪ آهي. رويم ۽ ابوعبدالله کي ڏٺو هئائين.

 

ابوالعباس ارزيزي

ابوالحسين عباداني جو بيان آهي ته مان ۽ هڪ درويش بصره مان مون سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار ٿيو ۽ درويش کي ڏٺوسين ته هڪ ڪنڊ ۾ سرجهڪائي نماز پڙهڻ لاءِ ويٺو آهي. جڏهن هو فارغ ٿيو، تڏهن کيس چيوسين ته اسان هاڻي توکان موڪلايون ٿا. ڪو ڪم ڪار هجي ته فرمايو، چيائين ته سڀاڻي شام جو هن دنيا منجهان مان موڪلائي ويندس. ملاح کي منهنجي جُبي مان ڪجهه شيون ڪڍي ڏجو ته جيئن ڪشتي کي ڪناري تي لڳائي ۽ فلاڻي وڻ هيٺان هڪ بزرگ به موجود هوندو. مون کي دفن ڪندو ۽ منهنجي فقيراڻي گودڙي حلہ (محله) ۾ هڪ جوان کي ڏجو جو اوهان کي ان جي نشاني ڏيندو. پوءِ جيڪو به هن چيو، تيئن ڏٺوسين ۽ ائين ڪيوسين ۽ حلہ جي محلي ۾ آياسين، جتي اهو جوان موجود هو. جيڪو درويش ٻڌايو هو. گودڙي ورتائين پوءِ کيس خدا جو واسطو ڏئي چيوسين ته هي درويش ۽ تنهنجو قصو ڪيئن آهي؟ چيائين ته اهو درويش هو وٽس ميراث هئي. مون کي اها ڏيکاري ويو هو. چيائين ته وارثن جي طلب تي کين ڏج. اهو چئي گودڙي ڍڪي ۽ سمورو سامان مون کي ڏئي موڪلائي نظر کان غائب ٿي ويو. اسان حلہ جي مسجد ۾ رهياسين. ٻن ڏينهن کان وٺي ڪابه شيءِ ڪونه کاڌي سين ۽ ڪا شيءِ کڻي ويو ته جيئن کاڌي لاءِ ڪو سامان وٺي اچي. اتان جا ماڻهو کيس جبي سميت حلہ جي سردار ڏانهن وٺي ويا. کيس سردار چيو ته هي جبو منهنجي پٽ جو آهي، جيڪو ٽن ڏينهن کان وٺي غائب آهي. ان کي نشان ٻڌايا ويا ۽ سارو قصو بيان ڪري ٻڌايو ويو. سجده شڪر بجا آندائين ۽ چيائين شڪرآهي جو منهنجي پشت ۾ اهڙو ۽ ان وانگر ظاهر ٿيو.

 

ابوالفضل جعفر جعدي

شيخ ابوعبدالله خفيف جو بيان آهي ته مون کي جعفر جعدي ٻڌايو ته ابو عمرو اصطخري کيس چيو ته غسل ڪري رهيو هئس ته منهنجي گوڏ ڍلي ٿي وئي . پوءِ ڏٺم ته ٻه هٿ منهنجي پٺيءَ تي لڳا ۽ منهنجي گوڏ کي مضبوط ڪري منهنجي چيلهه تي ٻڌي ڇڏيو. پوءِ جعفر جعدي اٿيو ۽ اصطخر سان گڏجي ابوعمرو جي گهر آيا. سندس پير پڪڙيو ويو. ابوعمرو جا جماعتي اٿي بيٺا ۽ چيائين درگذر ڪريو. ان جو غُصو الله ڪارڻ هوندو آهي ۽ ٻارهن ميل مفاصلو پيرين پنڌ ڪري آيو آهي. پوءِ ابوعمرو معذرت ڪئي، چيائين ته هيئن مان نه چيو آهي. بلڪ هيئن ۽ هيئن چيو آهي ان کان پوءِ پنهنجي جماعتين کي فرمايائين ته سندس بهترين خدمتگاري ڪريو.

عبدالعزيز بحراني

سخت سرديءَ جي موسم ۾ هيءُ شهر شيراز ۾ پهتو. پاڻ سان کڻي آيل خوراڪ جون شيون اچي ايثار ڪيائين. ابو عبدالله خفيف جو بيان آهي ته شهر کان نڪرڻ وقت مون کانئس پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين. چيائين ته هڪ سامونڊي ڳوٺ ٿو وڃان. مان به ساڻس سنگت ڪئي ۽ اتي ڏٺوسون ته ابوالخير مالڪي پنهنجي مسند تي دروازي ڏانهن مهڙ ڪيو ويٺو هو. چيائين ته بحران جو هتان گذرگاهه آهي. کائڻ وارا آيا. هيءُ اٿي بيٺو اسان کي چيائين ته مهرباني فرمائي اوهان به طعام کائو. پوءِ اسان کاڌوسون. مگر بحراني اٿيو ۽ پوءِ پنهنجي چادر کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين ۽ پوءِ ابوالخير مالڪيءَ چيو ته جيڪر هن طعام منجهان ڪابه شي هو پاڻ سان کنيو وڃي ها، جو پڪل کاڌو پنهنجي آڏو پيل آهي. پوءِ ابوالخير پڇيو ته هاڻي هن کاڌي کي ڪيڏانهن ڪيان؟ چيائين ڪتن جي آڏو اُڇلائي ڇڏ.

 

ابوالحسين حڪيمي

سندس بيان آهي ته مون کي جنيد ٻڌايو ته هڪ ڏينهن سري سقطي جي مجلس ۾ موجود هئس. اتي ٻيا به ڪافي ماڻهو موجود هئا مگر مون پاڻ کي سڀني کان سرس پئي سمجهيو. اتي انهيءَ ڳالهه تي ذڪر ڇڙيو ته ننڊ کي گهٽ ڪهڙي شيءِ ٿي ڪري؟ انهن منجهان هڪ چيو ته پاڻيءَ کي گهٽ پيئڻ ۽ ٻئي چيو ته بک ڪڍڻ، مگر مون چيو ته: علي القلوب باطلاع الله تبارک وتعالي عليٰ کل نفس بما کسبت يعني: پنهنجي قلب کي الله جلشانہ ڏانهن اهڙي طرح راغب ڪرڻ جو کيس نفس تي فوقيت حاصل ٿئي. چيائين ته پُٽ! تو بلڪل صحيح ۽ بهتر ٻڌايو. پوءِ مون کي نزديڪ ڪيائين. پوءِ جڏهن به مان ڪنهن به اهڙي مجلس ۾ هوندو هئس ته مون کي مقدم رکندو هو.

 

موسيٰ بن عمران جيرفتي

هيءُ بزرگ، جيرفت شهر جو رهندڙ هو. شيخ عبدالله انطاڪي جو پير هو. شيخ عبدالله خفيف کي ساڻس ڪجهه رنجش هئي. هڪ دفعي ڏانهس چوائي موڪليائين ته شيراز شهر ۾ منهنجا هزارين مريد آهن. اگر هرهڪ تي هزار دينار رکان ته هڪ رات لاءِ ڪو حاجتمند ڪونه رهي، موسيٰ بن عمران کيس جواب ۾ چوائي موڪليو ته جيرفت (شهر) ۾ منهنجا هزارين دشمن آهن. اگر ڪنهن به وقت هو مون تي هٿ کڻن ته هڪ رات به مون کي فرصت ڪونه رهي.

 

ابوعبدالله مانڪ

ارغان فارس جو هو. سندس نالو احمد بن ابراهيم مالڪ آهي، بندار جو شاگرد هو. ارغاني ۽ شبلي کي ڏٺو هئائين. سندس عمر هڪ سو نو ورهيه هئي. جڏهن گفتگو ڪندو هو ته ٻه شخص سندس وات کي لعاب کان پاڪ صاف ڪندا رهندا هئا. ڇو ته کيس ڏند ڪونه هئا.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته منهنجي پير شيخ ابونصرقباني، ابو عبدالله مانڪ کي ڏٺو هو.

هڪ ڏينهن شبلي منبر تي چڙهي چيو ته ”حق.“جنيد ابوعبد اللہ حاضر هو، چيائين ته غيبت حرام آهي.

 

ابوعبدالله دوني

دون شهر جو رهواسي هو ۽ شوريٰ رکندو هو.

شيخ الاسلام انصاري، خرقانيءَ کان روايت ٿو ڪري ته مان دونيءَ جي هڪ مريد کان ٻڌو ته چيائين شيخ اسان جو، مست ٿي زندگيءَ ۾ رهندو ۽ مست ئي رهي وفات ڪري ويندو. ابوعبدالله دوني کان پڇيو ويو ته فقر ڇا آهي؟ چيائين اسم واقع فاذا تم هو الله. اهو اسم واقع آهي، پوءِ جڏهن پورو ٿيندو آهي ته اهوئي اللہ آهي.

قرآن شريف جي تلاوت تمام گهڻي ڪندو هو ۽ سماع سان به کيس ڏاڍو لڳاءُ هوندو هو. جڏهن تلاوت ۾ زڪواة ۽ صدقه بابت ڪا آيت ايندي هئي ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ وٽس جو ڪجهه هوندو هو ته اهو خيرات ڪري ڇڏيندو هو. هڪ شخص کي چيائين ته هينئر در کان ٻاهر وڃ وري موٽي اچ ته توکي وري وري ڏيان. ابوالحسين طرزي جوهم طريقه ۽ همعصر هو.

 

ابوالحسين طرزي

طرز فارس ۾ هڪ هنڌ جو نالو آهي. هيءُ وقت جو وڏو بزرگ هو. بزرگن ۽ درويشن کي ڪافي دوست رکندڙ هو.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته ابونصر حاجي مون کي ٻڌايو ته شيخ ابوالحسين طرزي کي ڏٺم ته هو درويشن جا پير مهٽيندو هو ۽ سندن مٿي جي مالش به ڪندو هو.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته دعا ڪرائڻ لاءِ شيخ عبدالله طاقي وٽ پنهنجي سنگت وٺي ويس. دريافت ڪيائين ته اوهين شادي شده آهيو؟ چيم هائو! چيائين محنت ڪري ڪمائيندا آهيو؟ چيم هائو!چيائين ۽ اهل وعيال سان خوش رهو، ڪم ڪار ڪندا رهو، رات جو وقت گهر ۾ گذاريندا ڪريو ۽ گهر ٻار کان سواءِ پريشان حال ماڻهن جي پرگهور ڪندا ڪريو. هو خوش ٿيو ۽ دعا ڪيائين. شيخ عمو جڏهن اهو ٻڌو ته چيائين ته عبدالله دوني ۽ ابوالحسين جا احباب به ائين ئي ڪندا هئا.

ابوعبدالله دينوري

سندس نالو محمد بن عبدالخالق دينوري هو ۽ پنهنجي وقت جي بزرگ ترين مشائخ ۽ اڪابرين مان هو.

طبقات سلمي ۽ شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته هو پنهنجي آخري عمر ۾ وادي القريٰ جي هڪ مسجد ۾ مسافر ٿيو. ماڻهن کيس رهڻ نه ڏنو ۽ مهمانداري نه ڪيائون. هو بک جي وگهي فوت ٿي ويو. ٻئي ڏينهن ماڻهن کيس مرده ڏٺو ۽ کيس ڪفن ڏيئي دفن ڪري آيا. ڪجهه دير کان پوءِ ڏٺائون ته اهو ڪفن محراب ۾ پيل موجود آهي ۽ ان ۾ هڪ ڪاغذ به پيل آهي، جنهن ۾ خط لکيل آهي ته منهنجي دوستن مان هڪ دوست اوهان وٽ آيو، پر ان کي مهمان توهان ڪونه رکيو ۽ هو بک جي وگهي فوت ٿي ويو. باقي اوهان جو ڪفن ڇا ڪبو ۽ اهو خط ڪنهن انسان جو لکيل ڪونه هو.

 

ابوالحسين سرڪي

شيخ سيرواني، ابوالعباس سهروردي، شيخ ابواسامه، ابوالخير حبشي، ابوسعيد شيرازي ۽ شيخ محمد ساخري هڪ ٻئي جا دوست هئا ۽ سرڪيءَ جي وڏي تعظيم ڪندا هئا.

شيخ ابوالحسين ڪپڙو اُڻندو هو. هڪ ڏينهن مذڪوره دوستن سان گڏجي صحرا ۾ ويو. تيز صحرائي هوا (باد سموم) هلڻ لڳي. دوست پريشان ٿيا. چيائين ته پريشان نه ٿيو، هيءَ آنڌي مون کي کڻي ويندي ۽ مان ويندس هليو. اوهان کي ڇوٽڪارو ملندو، سيلاب ايندو ۽ اوهين سيراب ٿيندا. پوءِ ائين ئي ٿيو هو گذاري ويو، پوءِ دوست آيا ۽ سيراب ٿيا ۽ سيلاب کيس گهلي کڻي هليو ويو.

 

شيخ محمد ساخري

هيءُ بشوريدي قوم جو برگزيده ۽ معروف بزرگ هو. مذڪور آهي ته هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جي قبر مبارڪ تي آيو ۽ چيائين يارسول الله صلي الله عليہ وسلم اوهان جو مهمان آهيان. مون کي ڍءُ ڪرايو يا هي قنديلون ڀڃي ڇڏيان؟ پوءِ هڪ شخص ان ڏانهن آيو ۽ کيس گهر وٺي ويو ۽ خوب کاڌو کارايائينس ۽ ڍءُ ڪرايائينس ۽ چيائينس ته جناب نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن مون کي خواب ۾ حڪم فرمايو ته منهنجو بي باڪ مهمان آيل آهي، ان کي وٺي وڃي خوب کاڌو کارائيس ۽ پوءِ چؤ جيڪو گهرين. هيءَ آرزوءَ جي جاءِ نه آهي.

 

شيخ احمد جوالگر

هيءُ محمد ساخري جي ساٿين مان هو، جيڪي هڪ ٻئي جا صحبتي هئا. اصل ۾ فرغانه جو رهاڪو هو ۽ حرم پاڪ جو مجاور هو. هڪ دفعي مڪہ پاڪ ۾ قحط پيو. سندس قوم جي صوفين شاديون ڪيون ۽ وليما ڪيائون. پوءِ فراخي حاصل ٿي. شيخ جوالگر به زال حاصل ڪئي، رات گذري وئي.  ٻئي ڏينهن صوفين کي چيائين ته منهنجي طرفان هن ڪم ۾ ڪو بخل نه آهي جو مان ان تي خوش نه ٿيان، (مگر منهنجي زال مون سان) ڪي گهڙيون به (پيار جون) ڳالهيون نه ڪيون.

 

ابوالحسين حداد هروي

درويش بزرگ ۽ صوفي هو. مڪہ پاڪ جو مجاور هو. هڪ ڏينهن مشائخ ۾ شيخ ابوالعباس قصاب آيو ۽ پڇيائين ته جوانمردي ڪهڙي آهي؟ چيائين ته ڀُڳل مليدي کي ٿڌو نه ڪر ظاهر ۾ پنهنجن دوستن کي وعدو ڏنو هئائين. ۽ مليدو سندن آڏو آندائين.

شيخ الاسلام احمد ڪوفاني کان نقل ٿو ڪري ته ابوالحسين پنهنجي آخري عمر ۾ استرآباد ۾ رهندو هو. هڪ شخص کيس چيو ته جنهن رات به تنهنجي ميزباني نه ٿئي ته منهنجي گهر هليو ايندو ڪر. چيائين ته ائين خود ڪڏهن ڪڏهن ٿو ٿئي ۽ اهو مون کي پنهنجو پاڻ لاءِ ڪرڻ گهرجي.

آخري عمر ۾ صوفين کان ملول ٿيو ۽ چيائين ته خدايا! مون کي پاڻ ڏانهن گهراءِ، انهيءَ دعا کان پوءِ ٽي ڏينهن زندهه رهيو.

 

ابوالمظفر ترمذي

سندس نالو جبال بن احمد هو. حنبلي مذهب جو امام هو. ترمذ جو رهندڙ هو ۽ وقت جو برگزيده بزرگ هو ۽ خضر عليہ السلام ساڻس گفتگو ڪندو هو ۽ مجلس به ڪندو هو. محمد حامد واشگردي ۽ ابوبڪر وراق جو شاگرد ۽ شيخ الاسلام جو مرشد هو.

 

اميرچئه سفال فروش (ڪنڀر)

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته مون پنهنجي والد کان ٻڌو ته اميرچئه ٺڪر جا ٿانو وڪندڙ کي وڇونءَ پنهنجي دڪان کان بي دل ڪري ڇڏيو هو. هو ڪنهن ٻئي هنڌ صحرا ۾ هليو ويو. اتي ئي فوت ٿي ويو ۽ چوي ٿو ته خود منهنجي پيءُ به ڪنهن جاندار کي ڪونه ڪهندو هو. اهو ابدالن جو مذهب آهي ۽ اهي ابدالن منجهان هئا.

 

ابوالحسين مرو رودي

شبلي کي ڏٺو هئائين ۽ بيان ٿو ڪري ته شبلي کان پڇيم ته اڪرم الاڪرمين ڪير آهي؟ چيائين ته هي اهو آهي هڪ دفعي ڪنهن جي خطا معاف ڪري ته وري ان جو ڪڏهن به تذڪرو نه ڪري ته فلاڻي دوست يا ماڻهو جي خطا معاف ڪئي هئم ۽ نه وري ان کي ڪا تڪليف پهچائي.

 

شيخ لقمان سرخسي

مجنونن ۾ عقلمند مجنون هو. شيخ ابوسعيد ابوالخير اڪثر چوندو هو ته شيخ لقمان خدا تعاليٰ جي طرفان امر ۽ نهي کان آزاد ٿيل آهي. شيخ ابوسعيد جو بيان آهي ته اسان سرخس ۾ ابوالفضل وٽ هئاسون ته هڪ شخص آيو ۽ چيائين ته لقمان سخت بيمار پيو آهي. پاڻ فلاڻي رباط ۾ آيل آهي ۽ ٽن ڏينهن کان وٺي ڳالهائي ئي ڪونه ٿو ۽ اڄ صرف اهو چيائين ته پير ابوالفضل کي وڃي چئو ته لقمان وڃي رهيو آهي. ابوالفضل جماعت سميت اتي پهتو. لقمان کيس ڏسي مشڪيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ فوت ٿي ويو. پر سندس اکين ۾ ڪوبه ڦيرو نظر ڪونه آيو. ماڻهن سندس موت ۾ اختلاف ڪيو پر پير ابوالفضل چيو ته فوت ٿي ويو آهي، پر جيستائين اسين هتي آهيون اکيون بند نه ڪندو. آخر جڏهن اهي اٿي آيا ته پوءِ اکيون ٻوٽيائين.

 

شيخ محمد قصاب آملي

هيءُ دامغان جو هو ۽ ابوالعباس قصاص جو مريد هو. هڪ دفعي شيخ ابوالعباس سان مجلس ڪري موٽيو پئي آيو ته سندس آواز بلند ٿيو. شيخ الاسلام انصاري کيس جرجاني تصور ڪري ٿو.

ابوالخير مالڪي

سندس نالو بندار بن يعقوب مالڪي آهي. شيخ عبدالله خفيف کيس ڏٺو هو.

 

ابوبڪر شعراني

هيءُ عبدالله خفيف جو همعصر هو. خفيف کيس اصطخر ۾ ڏٺو هو.

 

ابومحمد عتايدي

هيءُ عبدالله خفيف جي استادن مان هڪ هو.

 

هشام بن عبدان

سندس ڪنيت ابو محمد هئي، شيخ ابوعبدالله خفيف کان پڇيو ويوته ڪهڙو سبب آهي جو هشام نماز نه ٿو پڙهي. چيائين ته مطالعه غيب ۾ پيوسته ٿيل آهي، غيبي امور مٿس غلبو ڪري ويا آهن. حيرت جي مقام ۾ غرق آهي ۽ ظاهري اعمال کان پوئتي پيل آهي.

 

مومل جصاص

هيءُ شيراز جي اڪابرين مشائخ مان آهي. ابوالحسن مزين کي ڏٺو هئائين. سندس ڏاڍي تعظيم ڪندو هو. ابوعبدالله خفيف جو بيان آهي ته خردي ۾ حج جو ارادو ڪيم ته مومل جصاص مون کي وصيت ڪئي ته جنهن وقت عرفات جي ميدان ۾ پهچين ته اتي اوليا الله جي ڳولها ڪج، ڇو ته انهي جاءِ تي هو ضرور هوندا آهن. پوءِ مان اتي ميدان جي هيٺانهين ۾ پهتس ۽ ڏٺم ته اتي ڏهه شخص بيٺا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ شيخ بزرگ ۽ منهنجو شيخ ابومحمد عتايدي به ساڻن گڏ موجود هو ۽ مون کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪري پنهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏنائين ۽ ٻين کي به چيائين ته هن ٻار جي حفاظت ڪجو. جڏهن وري مزدلفه ۾ پهتس ته منهنجي شيخ مون کي فرمايو ته پنهنجي سنگت کي به سڏ ڪر پوءِ سڏ ڪيم پر جواب نه مليو ۽ هڪدم اهي سڀ منهنجي نظر کان غائب ٿي ويا.

علي بن شلويه

هيءُ مومل جصاص جو همعصر هو. شيخ ابوعبدالله خفيف کيس ڏٺو هو.

 

ابوبڪر اسڪاف

شيخ ابوعبدالله خفيف جو بيان آهي ته ابوبڪر اسڪاف ٽيهه سال روزا رکيا. نزع موت جي حالت ۾ ڪپهه جو ٽڪر پاڻيءَ ۾ پسائي سندس وات تي رکيو پئي ويو ته ان کي پري هٽائي رهيو هو. دنيا مان روزي سان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

ابوالضحاڪ

شيخ ابوعبدالله خفيف بيان ٿو ڪري ته مون کي ابوالضحاڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي گهر جي ڇت تي ويٺو هئس ته شيطان کي ڏٺم ته هو گهٽين ۾ گهمي رهيو هو. کيس چيم ته اي ملعون هتي ڇا پيو ڪرين. يڪدم ٽپُ ڏيئي منهنجي ڇت تي چڙهي آيو ۽ درهم آڏو اُڇلايائين. مون کيس زور سان ٿڦ هنئي ۽ پوءِ هٽي ويس ڪجهه سالن کان پوءِ حج ڪرڻ لاءِ روانو ٿيس ته رستي ۾ هڪ وڏي ندي ڏٺم. حيران ٿي بيهي رهيس پوءِ هڪ ضعيف پوڙهو ڏٺم ته لنگهي ويو ۽ انجي پٺيان ڪافي پاڻي نمودار ٿيو. مان ٻڏڻ جي قريب هئس مگر مشڪل سان ڪناري تي پهتس. پوڙهي کي ڏٺم ته ڪناري تي بيهي نظارو ڪري رهيو آهي. مون کي ڏسي چيائين ته اي ابوضحاڪ توبہ ڪر. وري ٻيهر مون کي چماٽ نه هڻجان ۽ پوءِ غائب ٿي ويو.

 

ابومحمد خفاف

شيخ ابوعبدالله خفيف ذڪر ٿو ڪري ته ابوالحسن مزين اسان ڏانهن لکيو ته اوهان جو مريد درياهه ۾ آهي. جيڪڏهن بچي ويو ته جلد اوهان لاءِ جواهر آڻيندو. سندس مطلب ابومحمد خفاف هو.

 

ابوجعفر خراز اصطخري

حسن بن حمويه جو دوست هو. ابوعبدالله خفيف ٻڌائي ٿو ته هو اصطخر ۾ اسان وٽ هو. ابن زيدان التماس ڪيو ته کيس ان جي اڳيان پيش ڪيم.

 

عبدالله قصار

ابوعبدالله خفيف جو همعصر هو. سهل بن عبدالله تستري سندس فضيلت جو قائل هو.

 

ابراهيم المتوڪل

شيخ ابوعبدالله خفيف حڪايت ٿو ڪري ته اسان جي ٽولي منجهان هڪ شخص مون کي چيو ته مان ٻاهر صحرا ۾ وڃان ٿو. ڏٺم ته ابراهيم متوڪل پنهنجا ڪپڙا ڌوئي اُس ۾ سڪڻ لاءِ رکيا. کيس چيم ته مون ڏانهن اچ ته شيون کائون. پنهنجو پسيل چولو ئي پهري مون سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن ٿورو پنڌ ڪيوسون ۽ ڏٺوسون ته ٿورو ڪانول پيرو رستي ۾ پيل آهي. انهيءَ اهو کڻي کاڌو ۽ ويهي رهيو ۽ چيائين ته تون وڃ، مون کي هي ڪافي آهي. هر طرح جي ڪوشش ڪيم مگر اهو نه آيو.

 

ابوطالب خزرج بن علي

هيءُ جنيد جي احباب مان هو. شيراز آيو ۽ کيس پيٽ جي خرابي هئي، ابوعبدالله خفيف حڪايت ٿو ڪري ته سندس خدمت اختيار ڪيم. هر رات يارهن، ٻارهن دفعا (حاجت) لاءِ اُٿندو هو. هڪ رات مون کي سڏ ڪيائين مگر گهري ننڊ سبب نه ٻڌم وري سڏ ڪرڻ تي اٿيس. ٿانو سندس آڏو رکيم. چيائين اي فرزند! مخلوق جي خدمت ڪرڻ وقت سگهه ڏيکار ته جيئن پنهنجي خالق جي عبادت ڪرڻ ۾ توکي سگهه پيدا ٿئي.

 

ابوعلي وارچي

ابوعبدالله خفيف ڳالهه ٿو ڪري ته (ابوعلي) شيراز ۾ آيو. ان وقت حڪومت اهو حڪم جاري ڪيو هو ته هڪ وسيع دسترخوان قائم ڪيو وڃي ۽ فقرا کي ان مان کاڌو کارايو وڃي. عشا جي نماز کان پوءِ اسان سان مجلس ڪيائين. هڪ رات ارادت جي ڏينهن جو ذڪر نڪتو. پوءِ هن پنهنجو پيراهن مٿي ڪري، ڪنڌ جي هيٺان طوق جي مقدار موجب نشان ڏيکاريو. کانئس پڇيوسين ته هيءُ ڇا آهي؟ چيائين ته جبل تي مون کي لغام لڳل هو. ٽاٽ جي پوشاڪ پهريندو هئس. ان سبب ڪنڌ جو گوشت کاڄي ويو. جڏهن ان کي لاٿم ته ڪنڌ جو گوشت ڀرجي آيو ۽ باقي نشان رهجي ويا. کانئس پڇيو ويو ته هت اچڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو مقصد آهي؟ چيائين ته منهنجي ماءُ ڏاڍي ڪمزور ۽ ضعيف ٿي وئي آهي. منهنجي مٿان ڪافي قرض ٿي ويو آهي، انهيءَ سبب محتاج ٿي ويو آهيان ته شايد ڪو نظر ڪري.

 

ابوسليمان نيلي

هيءُ ابوالحسن قرافي جو همعصر آهي. چيائينس اي ابا سليمان توکي خلق جي لباس ۾ گهڻو ٿو ڏسان، پر تنهنجي ٻن ڀرون جي وچ ۾ حڪومت ڏسي رهيو آهيان. واقعي آخر ۾ مغرب جو حاڪم ٿيو.

اهڙي طرح ابوبڪر دقي، قرافي وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته هن وقت تون مجرد (ڪنوارو) آهين، مگر توکي ٻن پينگهن جي وچ ۾ ڏٺم. آخر دقي زال پرڻيو ۽ کيس ٻه فرزند پيدا ٿيا، جيڪي ٻن پينگهن ۾ لڏڻ لڳا. ان وقت قرافي کي ياد ڪيائين.

 

ابوسليمان خواص مغربي

هڪ دفعي هو گورستان ۾ گڏهه تي سوار هو، گڏهه کي مک چڪ سان پٽي رهي هئي ۽ گڏهه لتون پيو هڻي ۽ گڏهه جي لت وڻ جي ٽارين ۾ ڦاسي پئي. هن گڏهه کي لٺ سان ڌڪ هنيو. گڏهه منهن ورائي، کيس فصيح زبان ۾ چيو ته اهو ڌڪ پنهنجي دماغ تي هڻ.

هيءَ ابوالخير جو همعصر هو ۽ دمشق ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ احمد (حراني)

هيءُ حضرت ٽيهه سال مسلسل مڪہ پاڪ ۾ مجاور رهيو ۽ صرف صبح جي کاڌي تي سارو ڏينهن گذاريندو هو. حصري ۽ جهم رقي کي ڏٺو هئائين.

 

جهم رقي

هڪ ڏينهن هڪڙو شخص سندس اڳيان رقص ڪرڻ لڳو. هو اٿيو ۽ انهيءَ شخص جو مٿو ٻنهي پيرن ۾ وجهي مضبوط ڪري ۽ کيس مٿي کڻي هڪ ديوار کان ٻي ديوار تي هڻندو رهيو. ايستائين جو هو شخص بيهوش ٿي ويو.

 

ابوالحسن ارموي

هيءُ حصري ۽ ابوعبدالله رودباري جي ڏينهن ۾ هو۽ ابن خفيف جي وقت ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر انهيءَ ئي جڳهه تي آهي.

 

ابوبڪر وراق ترمذي

سندس نالو محمد بن عمرالحڪيم هو. ابوعيسيٰ ترمذي جو مامو هو. آسماني ڪتاب توريت، انجيل ۽ زبور ڄاڻندو هو. سندس قبر ترمذ ۾ آهي.

 

بڪر سغدي

هيءُ سمرقند جي سغد شهر جو هو. ابوبڪر وراق جو مريد هو. وفات واري ڏينهن هي وٽس موجود هو.

 

صالح بن مڪتوم

هيءُ بلخ جو هو ۽ ابوبڪر وراق جي مريدن مان هو.

 

ابوزيدا يا ابويزيد مرغزي

هيءُ خراسان جو هو. کيس ابراهيم شيباني ڪرمانشاهيءَ جي صحبت حاصل هئي. جڏهن هيءُ فوت ٿيو ته سخت بارش هئي گهر ۾ ئي امانت ۽ رعايت طور دفن ڪيو ويو پوءِ جڏهن سندس قبر ٻئي هنڌ تيار ڪري، مدفن کي کوليو ويو ته اتي هو موجود ڪونه هو.

 

ابراهيم مرغيناني

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. هو چوندو هو ته جنهن وقت ڪن علم حاصل ڪري ٿو ته فهم وري حڪمت حاصل ڪري ٿو ۽ انهي ٻنهي جي حصول کي حياتي چئجي ٿو.

 

سيد اجل شريف حسين

بن محمد ابراهيم بن امام همام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام عراق جي سادات عالي درجات جي نقابت جو سلسلو هن وٽ ختم ٿو ٿئي. سندس وفات جو سال 400هه آهي.

 

ابوالعباس نهاوندي

سندس نالو احمد بن محمد بن الفضل هو. جعفر خلدي جو مريد ۽ شيخ عمر جو پير هو. سندس چوڻ آهي ته رياضت جي ابتدائي دور ۾ مڪمل ٻارهن سالن تائين سرگردان ڦرندو رهيس، تڏهن وڃي منهنجي قلب جي هڪ گوشه جو انڪشاف ٿيو.

فرمايائين ته عام ماڻهن جي اها تمنا هوندي آهي ته الله تعاليٰ هڪڙي ساعت ساڻن ساڻ هجي ليڪن منهنجي تمنا اها هوندي آهي ته الله تعاليٰ مون کي اها توفيق ڏئي ته مان پنهنجي ذات جو مشاهدو ڪريان ته مان ڇا آهيان ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃان.

نڪتو: شيخ ابوسعيد ابوالخير جي سخنن ۾ مذڪور آهي ته اصل ۾ هيءَ حديث آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته؛ اللهم لا تکلني اليٰ نفسي طرفة عيني ولا اقل من ذٰلک. ترجمو: اي الله! مون کي اک ڇنڀ جيتري دير يا ان کان به گهٽ گهڙيءَ لاءِ منهنجي نفس جي حوالي نه ڪر.

 

ابوالعباس نسائي

سندس نالو احمد بن محمد بن زڪريا هو. اصل ۾ نسا جو هو ۽ پوءِ مصر ۾ مقيم ٿيو.

شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته شيخ عباس فقير هروي ان کي مصر ۾ ڏٺو هو ۽ شيخ عمو کي مڪہ پاڪ ۾. عباس مون کي ٻڌايو ته سندس سراءِ جي در تي هميشه گهوڙا ۽ سواري جا جانور بيٺل هوندا هئا، جو خلق زيارت لاءِ ايندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کي موڪليندا هئا ته جانورن جي سنڀال ڪر ۽ مان دل ۾ چوندو هئس ته نيڪي جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ خراسان کان مصر آيس ۽ جانورن جو نگران بڻيس. هڪ دفعي ڪو آيو ۽ شيخ سڏ ڪري چيو ته ”اي هروي! تون اڃا قبر ۾ نه ويندين. تمام جلد تون بلند درجي تي پهچندين ۽ تنهنجي در تي به سواريءَ جا جانور ٻڌل هوندا ۽ ماڻهو زيارت لاءِ ايندا رهندا ۽ آخر ائين ٿيو. سندس ارادت تحت زيارت لاءِ وٽس ايندا هئا. مذڪور آهي ته هڪ آتش پرست ٻڌو ته مسلمانن ۾ صاحب فراست ٻه ڄڻا آهن. پوءِ پهريائين شيخ ابوالعباس قصاب جي خانقاه ۾ داخل ٿيو ته شيخ کيس فرمايو ته بيگانن جي آستاني ۾ اچڻ جو ڪهڙو ڪم؟ هن جڏهن اهو ٻڌو ته چوڻ لڳو ته هي انهن مان پهريون شخص آهي. پوءِ سڌو شيخ عباس نهاونديءَ جي خانقاه ۾ آيو. شيخ نهاوندي کيس ڪجهه به نه چيو پورا چار مهينا ساندهه جماعت سان وضو ڪري نماز پڙهندو رهيو ۽ چئن مهينن کان پوءِ جڏهن آتش پرست واپسيءَ جو ارادو ڪيو تڏهن شيخ کيس فرمايو ته اها ڳالهه جوانمردي جي خلاف آهي ۽ نان ۽ نمڪ جو اهو حق نه آهي ته جهڙي طرح خالي آيو، ته اهڙي طرح ئي خالي واپس هليو وڃي. اهو ٻڌي آتش پرست سچي دل سان مسلمان ٿيو ۽ سندن خدمت ڪري ڪمال درجي تي پهتو. سندس وفات کان پوءِ ان جو جانشين ٿيو.

 

ابوصالح هارون حدثاني

هي برگزيده بزرگ هو. سندس بيان آهي ته ابوالخير تيناتيءَ جي گهر سندس زيارت لاءِ ويس. چيائين ڪيڏانهن ٿو وڃين. چيم طرطوس ٿو وڃان ۽ چيائين ته هن سال ڪهڙو ارادو اٿئي، چيم ته مڪہ پاڪ وڃڻ جو ارادو اٿم. چيائين ته الله تعاليٰ اوهان کي نعمتون عطا ڪيون آهن. ان جو حق ڪونه ٿا ڄاڻو ۽ ان جي فرمانبرداري نه ٿا ڪريو. الله تعاليٰ توهان لاءِ ديهات ۽ دريا سڀ پيدا ڪري اوهانجي اختيار ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن. ابوصالح چوي ٿو ته مان کيس چيو ته اي شيخ حج ۽ جهاد لاءِ ٿو چوين. چيائين هائو! ڇا لاءِ پنهنجي فرصت جي وقت کي غنيمت نه ٿا ڄاڻو ۽ اجايو وڃايو ٿا.

مثال: شيخ الاسلام انصاري ٻڌائي ٿو ته ابوالقاسم خلال مروزي وٽ هڪ شخص آيو. کانئس سفر ڪرڻ جي اجازت گهريائين. پير ان کان پڇيو ته ڇالاءِ سفر ۾ ٿو وڃين؟ چيائين ته جيڪڏهن پاڻي وهندو نه رهندو ته پوءِ خراب ٿي ويندو. کيس پير چيو ته پوءِ درياهه ڇو نٿو ٿئين جو نه به وهي تڏهن به خراب نه ٿئي.

 

زهير بن بڪير

هيءُ مشهور صاحب تصانيف هو. سندس چوڻ آهي ته ڪيترو وقت مون کي پنهنجا غلام نظر نه آيا، پر اصل عرب غلام ڏسڻ ۾ آيا. هڪ رات مون خواب ڏٺو ته انهيءَ ٽولي وارا قطارن جي صورت ۾ آسمان جي در تي بيٺل آهن ۽ مون کي آواز پيو اچي ته اي پٽ بڪير! اهي سڀ غلام جيڪي تون ڏسين ٿو اهي عجمي آهن. البته انهن جي وچ ۾ هڪ شخص آهي سو عرب جو آهي.

شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته مان تيرهن ابوالخير سڃاڻان ٿو، جيڪي انهيءَ ٽولي مان سڀ غلام هئا ۽ جهانن وارن جا سردار هئا ۽ بعض جا نالا مون کي ياد آهن. ابوالخير تيناتي ابوالخير مالڪي، ابوالخير حبشي، ابوالخير عسقلاني ۽ ابوالخير حمصي.

ابومسلم مغربي

ابراهيم رقي جو بيان آهي ته پنهنجي شروعاتي دور ۾ مسلم مغربي جي زيارت ڪرڻ جو ارادو ڪري وٽس ويس ۽ جڏهن مسجد ۾ پهتس ته ڏٺم هو امامت ڪري رهيو هو ۽ الحمد ئي پڙهڻ ۾ چند غلطيون ڪيائين. مون دل ۾ خيال ڪيو ته منهنجو پنڌ ئي اجايو ۽ ضايع ٿي ويو. انهيءَ رات اتي ترسي پيس. ٻئي ڏينهن طهارت جي خيال سان فرات نديءَ جي ڪناري تي ويس ۽ ڏٺم ته رستي ۾ شينهن ستو پيو آهي. پوءِ موٽي آيس ۽ ٻئي دفعي به ساڳي حالت درپيش آئي. آخر سڏ ڪيم ته ابومسلم پنهنجي عبادتخاني کان ٻاهر نڪري آيو. پوءِ جڏهن شينهن کيس ڏٺو ته سندس تواضع ڪيائين. پوءِ ابومسلم هرهڪ شينهن جي ڪن کي پڪڙي سندن گوشمالي ڪئي ۽ چيو ته اي ڪتؤ! توهان کي مان ڪونه چيو هو ته مهمانن جي عزت ڪجو. پوءِ مون سان مخاطب ٿي چيائين ته اي ابااسحٰق! اوهان هن ظاهري حالات کي ڏسندي ائين سمجهندو ته اسين خلق کان ٿا ڊڄون. ليڪن اسان پنهنجي باطن کي ڏسون ٿا ته خلق اسان کان ٿي ڊڄي.

 

ابراهيم دهستاني

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته شيخ محمد قصاب، دامغان ۾ مون کي چيو ته اهو وقت ايندو جو هن علائقي ۾ اهل ڪلام اچي ظاهر ٿيندا. پوءِ ان جاءِ تان دل برداشته ٿيس. پوءِ اٿيس ۽ شيخ ابراهيم دهستاني وٽ ويس ۽ ان کان سندن مذهب ۽ سخن بابت پڇڻ لاءِ روانو ٿيس ۽ جڏهن وٽس پهتس ته بيان ڪرڻ کان اڳ ئي مون کي چيائين ته ﷴ! موٽي وڃ. لايعرفہ احد غيره يعني: الله کي الله کانسواءِ ڪنهن به نه سڃاتو. ذوالنون جو قول آهي ته العلم في ذات الله جهل. يعني: اللہ جي ذات جي باري ۾ علم حاصل ڪرڻ جهالت آهي.

شيخ الاسلام بيان ٿو ڪري ته سندس قول آهي ته اللہ کي ان کان سواءِ ۽ ان جي ڪلام کان سواءِ ڪوبه سڃاڻي ڪونه ٿو سگهي. جڏهن تو ان جي قرآن ۽ سنت کي سڃاتو ته گويا تو ان کي سڃاتو، يعني تصديقي ۽ تسليمي سڃاڻپ صرف عقل جي ذريعي حاصل ٿي نه ٿي سگهي. عقل مخلوق آهي، جنهن جي تخليق محدود آهي. لهٰذا الله جي سڃاڻپ عقل ۽ قياس سان حاصل ڪري نه ٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ايمان سماعي آهي، عقلي نه آهي.

 

ابوجعفر محمد بن عثمان بن سعيد عمري اسدي

ناحيه مقدسه ۾ تقريبا پنجاهه سال حضرت جن جي خدمت ۾ امر ۽ وڪالت جو پيشڪار هو. جيڪي به حضرت جن وٽ سوالات عرضداشت وغيره سندن مخلصين جي طرفان پيش ٿيندا هئا، تن جا جواب باصواب حضرت جن جي دستخط سان روانا ڪندو هو. جڏهن جمادي الاول سال 305هه ۾ بيمار ٿيا ۽ بيماري سخت ٿيندي وئي، تڏهن شيعه فرقي جي جماعت ابوجعفر کان پڇڻ لڳي ته جيڪڏهن تون وفات ڪري وڃين ته ڪنهن کي تنهنجو جانشين ڪريون؟ ابوالقاسم حسين بن روح ڏانهن اشارو ڪيائين.

 

ابوالقاسم حسين بن روح بن ابي بحرنوبختي

حضرت صاحب الامر جي ايڪويهه سال سفارت ڪيائين. شعبان سال 326هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوالحسن علي بن محمد سمري

ابوالقاسم حسين بن روح کان پوءِ حضرت قايم الدين جي سفارت جو منصب هن حضرت اختيار ڪيو ۽ سال 328هه ۾ حضرت صاحب الزمان جي دستخط سان هڪ خط ظاهر ٿيو، جنهن ۾ لکيل هو ته سندس مرڻ کان پوءِ ڇهن ڏينهن بعد ان تي سفارت ختم ٿي ويندي ۽ اهو ذڪر حضرت صاحب الامر جي وصيت ۾ بيان ٿيل آهي.

 

ابوالحسن علي بن حسين بن موسيٰ بن بابويه القمّي

هيءُ ابن بابويه جي نالي سان مشهور هو. علي بن بابويه اهل قم جو بزرگ هو ۽ هو پنهنجي زماني ۾ عراق ۾ اچي رهيو ۽ ناحيه مقدسه مهدويه ۾ ابوالقاسم حسين بن روح جو وڪيل رهيو. کانئس ڪجهه ديني مسئلا پڇيائين ۽ موڪلائڻ وقت هڪڙو خط لکي، علي بن جعفر بن اسود جي هٿ ۾ ڏنائين ته هو حضرت کي پهچائي ۽ انهيءَ خط ۾ اها استدعا ڪيل هئي ته دعا فرمائيندا ته الله تعاليٰ نرينه اولاد عطا ڪري. جڏهن اهو خط صاحب الامر جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن جواب ۾ لکيائونس ته، وقد دعوت الله لک بذالک وسترزق ولدي ذکرين خيرين يعني: ۽ بيشڪ مون تنهنجي لاءِ اها دعا گهري آهي ۽ سگهوئي توکي اللہ ٻه پيارا فرزند عطا ڪندو. حضرت جن جي دعا جي برڪت سان الله تعاليٰ کيس ٻه فرزند عطا ڪيا: ابوجعفر ۽ ابوعبدالله.

ابو جعفر جو چوڻ آهي ته مان حضرت صاحب الامر جي دعا سان پيدا ٿيس ۽ ان تي مون کي فخر آهي. علي بن بابويه سال 329هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس باري ۾ سڀني جو چوڻ آهي ته هڪڙي ڏينهن ابوالحسن علي بن محمد سمري جي خدمت ۾ هڪ صاحب الامر جي وڪيل، جيڪو سندن ويجهو ويٺو هو. انهيءَ اوچتو پنهنجي زبان سان هي ڪلمات چيا ته رحم الله علي بن الحسين ابن بابويه. حاضرين عرض ڪيو ته اهو زندهه آهي. چيائين ته اڄ ئي وفات ڪري ويو. پوءِ انهيءَ جماعت اها تاريخ لکي ڇڏي، کين معلوم ٿيو ته برابر اها ئي تاريخ آهي.

 

محمد بن علي بن حسين بن موسيٰ بن موسيٰ بن بابويه القمّي

سندس ڪنيت ابوجعفر هئي ۽ ابوعبدالله جو ڀاءُ هو. حضرت صاحب الزمان جي دعا سان پيدا ٿيو هو. ان پيدائش تي فخر ڪندو هو. روايت آهي ته هن ٽي سو تصانيف ڪيون هيون. ري جي شهر ۾ سال 331هه ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com