سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 11

 

معيار پنجون

پنجين صدي هجريءَ جو ذڪر

 

 

خواجه يحيٰ بن عمار شيباني

هن شيخ عبدالله خفيف کي شيراز ۾ ڏٺو هو. شيخ الاسلام انصاريءَ جو بيان آهي ته علم جي رسمن کي پوري ڪرڻ لاءِ خواجه يحيٰ هرات ۾ آيو.

قاضي ابوعمرو بسطامي به کيس هرات واري مجلس ۾ ڏٺو هو ۽ چيائين ته بر ۽ بحر جو گشت ڪيم، مگر دين کي ترو تازه هرات ۾ ڏٺم ۽ قاضي ابوعمر پنهنجي وقت جو بي مثل بزرگ هو. هڪ دفعي خواجه يحيٰ بيمار ٿيو، جڏهن بهتر ٿيو ته هڪ مجلس قائم ڪيائين ۽ ان ۾ ٻن ڇوڪرن کي هٿ کان وٺي منبر ڏانهن وٺي ويو ۽ چيائين ته يحيٰ عمار پنهنجي ذميداري جو بار لاهي هنن جي مٿان رکڻ گهري ٿو. ليڪن هن وقت نٿو ڪري سگهان. جڏهن يحيٰ عمار هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي ته ذميداري مٿانئن ايندي. حضرت مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، سندن جانشين سيدنا ابوبڪر ﷦ ٿيو ۽ سيدنا ابوبڪر ﷦ لاڏاڻو ڪري ويو ته سندس جانشين سيدنا عمر ﷦ ٿيو ۽ جڏهن سيدنا عمر ﷦ لاڏاڻو ڪري ويو ته سندس جانشين سيدنا عثمان ﷦ ٿيو ۽ سيدنا عثمان کان پوءِ سندس جانشين سيدنا علي ﷦ ٿيو. منهنجي لاڏاڻي کان پوءِ عبدالله منهنجو جانشين ٿيندو ۽ مسند تي ويهي ملحدن ۽ بدعتن جو دماغ درست ڪندو.

شيخ الاسلام انصاري چوي ٿو ته مان انهيءَ ڏينهن سندس ڪرسيءَ جي ڀرسان ويٺو هئس. خواجه مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته عبدالله هيءُ ڇوڪرو آهي. پوءِ شيخ عمو مون کي چيو ته عبدالله تون آهين؟

شيخ الاسلام چيو ته برگزيده مشائخ جو ديدار ۽ نسبت اٿم ۽ اهي ٻڌائيندا هئا ته فلاڻي پير کي ڏٺم ۽ فلاڻن مشائخن جي صحبت حاصل ڪيم.

في تاريخ امام اليافعي توفي الامام الواعظ يحييٰ بن عمار الشيباني السجستاني نزيل هرات في 402هه امام يافعي جي تاريخ ۾ آهي ته امام الواعظ يحيٰ بن عمار شيباني سجستاني نزيل هرات ۾ سال 402هه ۾ فوت ٿي ويو هو.

 

ابوطيب سهل

بن محمد بن سليمان صعلوڪي، مشهور مشائخ مان هو. سندس وفات جو سال 404هه آهي.

 

ابوعلي دقاق

سندس نالو حسن بن محمد دقاق هو. نصرآباديءَ جو مريد هو. نيشاپور ۾ رهائش ڪيائين ۽ سنه 405هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

السيد شريف الرضي

هيءُ بغداد جي اشراف مان هو ۽ مير مرتضيٰ علم الهدي نقيب علويه جو ڀاءُ هو. سال 406هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

قاضي ابوعمر بسطامي

هيءُ پنهنجي وقت جو بي مثل بزرگ هو. خواجه يحيٰ ابن عمار شيباني کي ڏٺو هئائين. سال 408هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

خواجه محمّد

بن ابي احمد چشتي سلطان محمود بن سبڪتگين سومنات واري جهاد ۾ کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. سال 411هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

محمد ڪاڪو آسيابان

هيءُ چشت جو رهاڪو ۽ خواجه محمد بن احمد چشتي جو مريد هو.

 

شيخ عبدالرحمٰن سلمي

محمد بن حسين بن محمد موسيٰ سلمي شيخ ابوالقاسم نصرآباديءَ جو مريد هو ۽ نصرآبادي شبليءَ جو مريد هو. شيخ ابوسعيد ۽ پير ابوالفضل جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ان جي صحبت ۾ رهيو ۽ خرقو پاتائين.

شيخ ابوسعيد جو چوڻ آهي ته پهرين دفعي کيس مون ڏٺو ته هو پنهنجو تذڪرو خوشخط ۾ لکي رهيو هو. سمعت جدي ابا عمرو بن نجيد السلمي يقول سمعت ابا القاسم الجنيد بن محمد البغدادي يقول التصوف هو الخلق من زاد عليک (بالخلص زاد عليک) بالتصوف واحسن ماقيل في التفسير الخلق ما قال الشيخ الامام ابوسهل الصعلوڪي الخلق هو الاعراض عن الاعتراض.

شيخ عبدالرحمٰن چيو آهي ته: الذي لابد الصوفي منہ شيئان الصدق في جميع الاحوال و الادب في المعاملات.

ترجمو: مون پنهنجي ڏاڏي ابوعمرو بن نجيد سلمي کان ٻڌو ۽ هن چيو ته مون ابوالقاسم الجنيد بن محمد بغداديءَ کان ٻڌو، جنهن چيو ته تصوف جو (مطلب) خُلق آهي، جنهن توکي خُلق ۾ وڌايو، تنهن توکي تصوف ۾ وڌايو. ۽ خلق جي بهترين تفسير شيخ امام ابوسهل صعلوڪي جي آهي ته خلق جي معنيٰ اعتراض کان پاسو ڪرڻ آهي

۽ شيخ عبدالرحمٰن چوي ٿو ته بيشڪ صوفي اهو آهي جنهن ۾ ٻه شيون هجن هڪ هر ڳالهه ۾ صدق ۽ ٻيو هر معامله ۾ ادب.

 

ابوالحسن بن جهضم

سندس نالو علي بن عبدالله حسن بن جهضم همداني هو. ڪوڪبي ۽ جعفر خلدي جو مريد هو. کيس هڪ فرزند هو جو سندس خلاف طريقه هو. پيءُ کانئس ناراض هو، هڪ ڏينهن مسجد الحرام ۾ موجود هو ته هڪ شخص سيرواني کي چيو ته اهو شيخ ابوالحسين جو پٽ آهي. ڪهڙو سبب آهي جو مٿس پيءُ رنج ۽ ناراض آهي. شيخ سيرواني چيو ته هر پٽ، پيءُ جو پٽ نه هوندو آهي. جيڪڏهن سندس پيءُ جي بزرگي نه هجي ها ته ان کي ڪير سڃاڻي ها. اها پيءُ جي بزرگي ئي آهي جنهن جي ڪري مخلوق جي زباني سندس پٽ مشهور آهي. ابوالحسين سن 414هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

ابوالحسن محمد

بن علي بن حمزه بن محمد بن الحسن بن محمد بن علي بن محمد يحيٰ بن امام رابع زين العابدين عليہ السلام ڪوفه ۾ ڄائو ۽ پليو بغداد جي خليفي جو مددگار هو. عراق جي سادات جي نقابت کيس حاصل هئي. حج جي امارت ۾ شريف مرتضيٰ جو نائب رهيو. سال 415هه ۾ فوت ٿي ويو.

شيخ ابوزرعہ

سندس نالو عبدالوهاب بن محمد بن ايوب اردبيلي هو ۽ شيخ ابوعبدالله خفيف سان گڏ حجاز کان مديني تائين سفر ڪيو هئائين ۽ سال 415هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ عبدالله طاقي

محمد بن الفضل بن محمد سجستاني هروي، موسيٰ بن عمران جيرفتي جو مريد هو. ظاهري ۽ باطني علوم جو عالم هو.

شيخ الاسلام انصاريءَ جو بيان آهي ته هو منهنجو مرشد ۽ پڻ استاد هو، حنبلي اعتقاد رکندڙ هو. ڪنهن به جيڪڏهن ان کي بي ادبيءَ جي نگاهه سان ڏٺو ته اهو نابين ٿي ويندو هو. وقت جا مشائخ سندس ڏاڍي تعظيم ڪندا هئا. سال 419هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ ابوعبدالله دهستاني

سندس نالو محمد بن علي هو ۽ لقب سندس شيخ المشائخ هو. شيخ ابوالحسن جو همعصر هو. سندس طريقت جي نسبت ٽن واسطن سان شيخ عموبسطاميءَ سان لڳي ٿي. سندس ڀائيٽو سلطان العارفين بايزيد بسطامي جو مريد هو. سال 417هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس قبر بسطام ۾ آهي، جيڪا بسطام جي عجائب مان آهي. هڪ سڪل وڻ سندس قبر جي مٿان هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي عصا مبارڪ جيڪا امام ناطق جعفر صادق عليہ السلام کي پهتل هئي، سا بايزيد کي ڏنل هئي ته ٻه سو ورهين کان پوءِ دهستان ۾ هڪ درويش پيدا ٿيندو انهيءَ کي پهچائجو ۽ ان جي زمين تي نشان ۽ وڻ به ٻڌايو ويو هو. شيخ جي فرزندن منجهان هڪ فرزند ان جو معائنو ڪيو ۽ پوءِ وصيت موجب اها امانت سندس حوالي ڪيائين.

 

شيخ ابوالحسن خرقاني

سندس نالو علي بن جعفر هو. پنهنجي وقت جو بي مثل غوث ۽ قبلو هو. تصوف ۾ سندس نسبت سلطان العارفين بايزيد بسطامي سان هئي ۽ سندس سلوڪ جي تربيت ۽ روحانيت جو رشتو ابويزيد سان هو. سندس وفات جو سال 425هه آهي. سندس قول آهي ته جيڪڏهن ڪو شاعر حق جي تلاش جي خواهش ڪري ته کيس گهرجي ته قرآن شريف جي تلاوت ڪري ان کان سواءِ ڪڏهن به حق کي رسي نه سگهندو.

سندس قول آهي ته، حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جو وارث اهو آهي، جيڪو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي فعل جي پيروي ڪري ۽ اهو نه آهي جيڪو صرف ڪاغذ ڪارا ڪندو رهي.

سندس قول آهي ته: روشن ترين دليون اهي آهن جيڪي دنيا و دولت کان بي نياز آهن ۽ بهترين عمل اهو آهي جنهن ۾ خلق کي ڏيکارڻ جو غرض نه هجي ۽ حلال ترين رزق اُهو آهي، جنهن ۾ محنت ۽ جدوجهد هجي ۽ بهترين دوست اهو آهي، جنهن جي زندگيءَ جو مقصد الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ هجي.

 

شيخ ابواسحاق ڪازروني(گاذروني)

بن شهر يارڪازروني، اصل فارس جو هو. سندس پيءُ مسلمان ٿيو ۽ نورد ڪازرون شهر ۾ ڄائو ۽ پليو ۽ ابوعلي حسين بن محمد الفيروزآباد الاڪار جو مريد هو.

مذڪور آهي ته وقت جي حڪومت جي وزيرن منجهان هڪ وزير سندس معتقد هو. جنهن کيس بيحد اصرار ڪيو ته سندس تحفا ۽ شيون قبول ڪري. مگر هن وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو. پوءِ وزير چند غلام آزاد ڪري ان جو ثواب شيخ لاءِ نذر ڪيو. جڏهن شيخ کي اها خبر پئي ته چيائين ته بندن کي آزاد ڪرڻ اسان جو شيوو نه آهي. بلڪ اسان جو مذهب اهو آهي ته آزاد بندن کي پنهنجي شفقت، مهرباني ۽ احسان سان بند ڪريون. سندس وفات سال 426هه ۾ ٿي.

 

ابوالقاسم شريف مرتضيٰ علم الهديٰ

بن حسين بن محمد بن ابراهيم بن امام همام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام. عراق جي سادات عالي درجات جي نقابت سيد حسين تي ختم ٿئي ٿي. سندس وفات جو سن 400هجري آهي.

سيد ابوالقاسم مرتضيٰ کي علم الهديٰ جو لقب جناب حضرت شاهه اولياء کان مليل هو. سندس وفات جو سال 436هه هو. جيئن ته سندس عمر ۽ ترڪو هر جنس مان اسي اسي هو انهيءَ ڪري ”ثمانين“ جي لقب سان معروف هو.

 

ابومنصور محمد انصاري

هيءُ مت انصاري هروي جي فرزندن مان هو. شيخ حمزه عقيلي جو مريد هو. ابوالمظفر ترمذي جي خدمت ۾ رهيو ۽ بلخ شهر ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر پنهنجي مرشد حمزه عقيليءَ جي ڀرسان آهي.

شيخ الاسلام بيان ٿو ڪري ته مون ستر سال علم پڙهيو ۽ لکيو، تڪليفون سٺم، مگر پهريائين عقيدي جون ڳالهيون سڀ پنهنجي پيءُ کان سکيون هيون.

 

ابواسمٰعيل عبدالله بن ابي منصور محمد انصاري

شيخ الاسلام جو بيان آهي ته منهنجو پيءُ بلخ شهر ۾ حمزه عقيلي سان گڏ رهندو هو. هڪ دفعي هڪ خاتون، شريف کي چيو ته ابومنصور کي چئو ته مون سان شادي ڪري. منهنجي پيءُ کي چيائين ته هن قبول نه ڪيو، وري چيائينس ته آخر شادي ڪندين، توکي پُٽُ ٿيندو. چيائين، ڇا پُٽ! پوءِ جڏهن هرات ۾ آيو ۽ شادي ڪيائين پوءِ مان وجود ۾ آيس.

نفحات ۾ ذڪر آهي ته هن پنهنجي متعلق ٻڌايو ته مون کي ڇهه هزار شعر ۽ اشعار عرب مان سو هزار بيت ياد آهن.. الله تعاليٰ سبحانہ مون کي حفظ جي ايڏي طاقت عطا ڪئي آهي ته جيڪو به علم مان لکندس اهو مون کي فوراً ياد ٿي ويندو. ٽي هزار حديثون مون کي ياد آهن، ۽ ٽي سو دفعا هزار هزار اسناد احاديث جي طلب ۾ مون جيڪا به سعي ڪئي آهي. ٻئي ڪنهن به اهڙي سعي ڪونه ڪئي هوندي.

عشاق جي مجالس ۾ ايندو هو ته خواجه عبدالله جيڪو شيخ ابوالحسن خرقاني جو مريد هو، سو به اتي موجود هوندو هو. شيخ چيو ته عبدالله بياباني سورمو هو. ۽ زندگيءَ جي تازگي جي طلب لاءِ اچانڪ آيو ۽ ابوالحسن خرقاني سان زندگيءَ جي تازگي لاءِ ناتو جوڙيائين. هاڻي نه عبدالله رهيو ۽ نه خرقاني.

خود خواجه عبدالله پاڻ بيان ٿو ڪري ته جڏهن مان شيخ جي خدمت ۾ پهچندو هئس ته صبح کان وٺي شام تائين سندس جميعت جي چراغدان جي نور سان اقتباس ڏسندو هئس ۽ جيڪڏهن اها صحبت رات جي پهر ۾ ڪو حاصل ڪرڻ گهرندو هو ته انهيءَ ئي نور جا شعاع پاڇي وانگر ڦرندا رهندا هئا ۽ اهي وري مون کان فيض جو حصول ڪندا هئا.

ان چيو ته تذڪري ۽ تفسير ۾ خواجه عمار جو شاگرد هئس ۽ چوڏهن سالن جوهئس ته وٽس رهندوهئس ۽ آخر ۾ سکڻ ۽ پڙهڻ وارن کي چوندو هو ته هينئر عبدالله جو تعاون حاصل ڪريو ڇو ته هاڻي مون کان پوءِ اهوئي امام ٿيندو.

 

شيخ ابوسعيد

فضل الله بن ابوالخير ۽ پير ابوالفضل سرخسي جي مريدن مان هو. مذڪور آهي ته سندس چوڻ موجب خرقه خلافت شيخ عبدالرحمٰن سلمي کان پاتو هئائين. سندس عمر هزار مهينا هئي ۽ پنهنجي پير جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هڪ سال شيخ ابوالعباس وٽ رهيو. سال 440هه ۾ فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته هڪ رات ابوالعباس پنهنجو پهراڻ هن کي پهرايو ۽ هن جو پهراڻ خود پاتائين ۽ ان وقت ۾ سڀئي مشائخ ساڻس مسخري ڪندا هئا. شيخ کان پڇيائون ته هن جي معنيٰ ڇا آهي: تفکر ساعة خير من عبادة سنة يعني: هڪ گهڙي فڪر ڪرڻ، هڪ سال جي عبادت کان وڌيڪ چڱو آهي. چيائين ته: نفس جي نيستي جو فڪر (انديشو) هستيءَ جي هڪ سال کان بهتر آهي.

بيت

جڏهن منهن تنهنجو ڏٺم اي شمع طراز،
نه ڪم ڪيم، نه روزو رکيم، نه نماز
جڏهن توسان گڏ هيم مجاز من جمله نماز
هيم توسان به نماز من جمله مجاز
 

شيخ عمو

سندس ڪنيت ابواسمٰعيل هئي ۽ نالو احمد بن محمد بن حمزه صوفي هو. شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته هو منهنجو پير (فرشاد) آهي يعني صوفين جا آداب ۽ طور طريقا انهيءَ کان سکيا اٿم ۽ عمو منهنجو مريد هو ۽ جڏهن هو ڪيڏانهن ويندو هو ته مان سندس جاءِ تي هوندو هئس ۽ جيڪڏهن مان ڪيڏانهن ويندو هئس ته هو منهنجي جڳهه تي هوندو هو.

شيخ ابوالعباس نهاوندي، کيس عمو جو لقب ڏنو هو. شيخ ابوبڪر فرّار کي هُن نيشاپور ۾ ڏٺو هو ۽ حج لاءِ پهريون سفر شيخ ابونصر طالقاني سان گڏ ڪيو هئائين ۽ شيخ ابوبڪر فاليزبان کي بخارا ۾ ڏٺو هئائين ۽ جنيد ۽ شيخ مفيد کي به ڏٺو هئائين ۽ شيخ سيروانيءَ جي به کيس صحبت حاصل هئي ۽ ابوالحسن جهضم همداني، شيخ ابوالخير حبشي، شيخ محمد ساخري، شيخ جوالگر، شيخ ابواسامه، ابوالحسن سرڪي ۽ ابوالعباس نسائي وغيره سندس ئي وقت جا مشائخ هئا ۽ سڀني کيس فيض رسايو هو ۽ شيخ ابوالفرح طرطوسي کي به ڏٺو هئائين. ٻيانوي سال جي عمر ۾ سال 441هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

ابوعبدالله باڪو

سندس نالو علي بن محمد بن عبدالله المعروف ابن باڪو هو. جواني ۾ شيخ عبدالله خفيف کي ڏٺو هئائين. جڏهن شيراز کان نيشاپور پهتو ته اتي استاد امام قشيري ۽ شيخ ابوسعيد سان ملاقات ڪئي هئائين. شيخ ابوالعباس نهاوندي سان ڪافي عرصو مجلس ڪيائين. هو به سندس فضيلت جو قائل هو ۽ ان کان پوءِ وري شيراز موٽي آيو. ويجهو ڪنهن ٽڪري تي گوشہ نشيني اختيار ڪيائين. وقت جا سڀئي مشائخ، علماء ۽ فقراء اتي کانئس فيضياب ٿيڻ ويندا هئا.. سال 442هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

خواجه يوسف

بن محمد بن سمعان نالو هئس. خواجه محمد بن ابي احمد چشتي جو ڀاڻيجو هو. پنهنجي مامي جو مريد ۽ تربيت يافته هو. سندس ئي جانشين ٿيو. سال 459هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

اخي فرج زنجاني

هيءُ شيخ ابوالعباس نهاونديءَ جو مريد هو. سندس وفات جو سن 457هه  آهي. سندس قبر زنجان ۾ آهي.

مذڪور آهي ته هن هڪ ٻلو پاليو هو (جنهن جي خاصيت هي هئي ته جيترا به مهمان خانقاهه ۾ ايندا هئا، هيءُ اچي انهن کي ڏسي مهمانن جي تعداد مطابق ميائون ڪندو هو. پوءِ خانقاهه جو خادم ٻلي جي آواز جي حساب تي ديڳ ۾ پاڻيءَ جا پيالا وجهندو هو. هڪ ڏينهن مهمانن جي تعداد کان هڪ عدد وڌيڪ ميائون ڪيائين. تعجب ڪيائين. پوءِ ٻلو مجلس ۾ آيو ۽ هرهڪ مهمان کي سُنگهندو ويو ۽ انهن مان هڪ شخص تي پيشاب ڪيائين ۽ پوءِ معلوم ڪيو ويو ته اهو بيگانو هو.

هڪ ڏينهن بورچيخاني جي خادم ديڳ ۾ کير جو ڀريل ٿانو وجهي ڇڏيو. پوءِ ٻلي ڏٺو ته نانگ جو ٻچو کير ۾ پيل آهي. ٻلو ديڳ جي گرد ڦِريو ۽ رڙيون ڪيائين ۽ سخت پنهنجي پريشاني ڏيکاريائين ۽ خادم جي دامن کي چنبڙي پيو ته کير ۾ نهاري مگر خادم ڪوبه خيال ڪونه ڪيو. آخر ٻيو چارو نه ڏسي پاڻ ديڳ ۾ ٽپو ڏيئي اندر ويو ۽ مري ويو. پوءِ جڏهن ديڳ جي کير کي هاريو ويو ته منجهانئس ڪارو نانگ برآمد ٿيو. شيخ فرمايو ته ٻلو درويشن مٿان قربان ٿيو، تنهن ڪري ان تي قبر جوڙيائون ۽ زيارتگاهه به ٺاهيائون. هفت اقليم جي صاحب لکيو آهي ته اڃا تائين اها قبر ماڻهن جي زيارتگاهه بڻيل آهي.

 

ابوالحسن سالبه بن ابراهيم

هيءُ شيخ ابومسلم نسوي جي احباب مان هو. عباس هروي جو پير هو. سال 473هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس خانقاهه ۾ ئي کيس دفن ڪيو ويو. جڏهن سندس وفات جو وقت آيو ته پنهنجي خادم کي شيخ عبدالله بن عبدالرحمٰن ڏانهن موڪليائين ته ڪفن جي ترتيب ڪري. هو بازار مان ٻه ڪفن خريد ڪري آيو. سندس پهچڻ کان اڳ شيخ وفات ڪري ويو ۽ جڏهن ڪفن کڻي در تي پهتو ته وفات جي خبر ٻڌائين ۽ هي به الله اڪبر جو نعره هڻي وفات ڪري ويو. پوءِ ان کي به شيخ جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو.

 

امام الدين ابوالقاسم قشيري

سندس نالو عبدالڪريم بن هوازن القشيري هو. ابوعلي دقاق فارمدي جو مريد هو. سال 465هه ۾ فوت ٿي ويو. ڪشف المحجوب جو مصنف سندس قول لکي ٿو ته منهنجي شروعاتي حالت ۾ مون کي هڪ پٿر اچي لڳندو هو. اهو هر روز گهر جي روشندان مان اچي منهنجي ڀرسان ڪرندو هو، جيڪو سون ٿي ويندو هو. ان جو سبب هي هو ته پٿر ۽ سون ٻئي مون وٽ هڪجهڙا هوندا هئا، بلڪ سون پٿر کان به گهٽ درجي جو هوندو هو.

شيخ ابوالحسن نجار هروي

هيءُ قهندز شهر ۾ واڍڪو ڪم ڪندو هو. وقت جو برگزيده بزرگ هو. مگر کيس ڪنهن به نه سڃاتو. ڪنهن وقت کيس مڪہ ۾ به ڏٺو ويندو هو. سال 487هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ احمد ڪوفاني

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته هو شيخ عمو جو خادم هو. گهڻن پيرن سان ملاقات ڪئي هئائين ۽ گهڻا سفر ڪيا هئائين. هن مون کي چيو ته توکي بخوبي خبر آهي ته مان ڪنهن ڪنهن سان ملاقاتون ڪيون آهن. يعني تون انهن جي حقيقت کان بخوبي واقف آهين. هي سال 481هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

ابونصر بن ابي جعفر بن ابي اسحاق هروي خانچه بادي

مذڪور آهي ته ابونصر محمد بن احمد بن ابي جعفر اصل ڪرمان جو هو. سندس توبهه ڪرڻ جو واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڏينهن ڪو شخص فتويٰ پڇڻ آيو ته هن مسئلي ۾ دين جا امام ڇا ٿا فرمائين ته جوانيءَ ۾ هڪ شخص ڪاوڙ مان پنهنجي لٺ کڻي ٻانهي جي ڪن تي زور سان هنئي، پوءِ ٻانهي منهن ڦيرائي کيس چيو ته اي مالڪ! اڄ جهڙي طرح مون تي ڪاوڙ ڪري مون کي رنج پهچايو اٿئي، اهڙي طرح سڀاڻي حساب واري ڏينهن توکي به اهڙوئي رنج پهچايو ويندو. ان کان پوءِ ويهه سال ٿي ويا آهن، جو اهو شخص اڃا تائين روئندو رهي ٿو. هاڻي سندس اکين مان پاڻيءَ جي بجاءِ رت وهي رهيو آهي. ان حالت ۾ طهارت جو ۽ نماز جو ڇا ٿيندو. اهو ٻڌي ابونصر جو هوش هليو ويو ۽ انهيءَ شخص کي ڏسڻ جو عزم ڪيائين ۽ جڏهن وٽس پهتو ته ڏٺائين ته هڪ پيرسن شخص نوراني چهرو ۽ سفيد وارن سان آهي جنهن جي اکين مان اڃا تائين رت جاري آهي. مون کي ڏسي ٿورو کِليو ۽ جان ڏنائين. ابونصر کيس ڪفن ڏئي دفن ڪرايو پوءِ پاڻ ٻاهر روئندو آيو. واٽ تي هڪ ٻيو پيرسن کيس مليو ۽ چيائين اي جوان! ڇا لاءِ ٿو روئين؟ ڇا تو الله تعاليٰ جي اها آيت نه ٻڌي آهي ته ائين ڪرڻ نه گهرجي، تنهنجو ائين روئڻ دامن کي ساڙي ٿو ۽ نه دل کي. پيرسن ائين چئي اُتي جو اُتي فوت ٿي ويو. ابونصر کي ڏک مٿان ٻيو ڏک پهتو. پوءِ ان مان فارغ ٿي ٻاهر آيو ۽ ٽي سو فقراء جي زيارت ڪيائين. انهن جي خدمت به ڪيائين ۽ حضرت خضر عليہ السلام سان به ملاقات ڪيائين.

آخر هرات شهر ۾ 120 سالن جي عمر ۾ سال 500هه ۾ گذاري ويو. سندس قبر هرات جي خانچه باد ڳوٺ ۾ آهي.

 

خواجه مظفر

بن احمد بن حمدان سندس نالو ۽ ڪنيت ابومحمد هئي . شيخ ابوسعيد کيس وڏو بزرگ سمجهندو هو ۽ چوندو هو ته اسان هن درگاهه ۾ بندگي لاءِ ايندا آهيون. خواجه خداوندي راهه ۾ ايندو آهي، يعني اسان مجاهده سان مشاهده ماڻيندا آهيون ۽ هو مشاهده کان مجاهدو حاصل ڪندو آهي.

هڪ ڏينهن خواجه مظفر نوقان چيو ته اسان ۽ شيخ ابوسعيد جي درجات ۾ اهو فرق آهي ته پيمانه ارزق ۾ هڪ داڻو شيخ ابوسعيد کي حاصل آهي، باقي مون وٽ آهي. شيخ ابوسعيد جي مريدن مان جڏهن هڪ مريد اهو ٻڌو ته کيس ڪاوڙ لڳي ۽ اٿي هليو ويو ۽ پنهنجي شيخ کي ساري ڳالهه ٻڌايائين. پوءِ شيخ ابوسعيد فرمايو ته خواجه مظفر کي وڃي چؤ ته تون يا اسان ان ميدان ۾ ڪجهه به نه آهيون.

 

شيخ ابوالفضل بن حسن سرخسي

سندس نالو محمد بن حسن هو. شيخ ابوسعيد ابوالخير جو پير ۽ شيخ ۽ ابونصر سراج جو مريد هو.

شيخ ابوسعيد جو بيان آهي ته پير ابوالفضل موت جي حالت ۾ هو ته کانئس پڇيو ويو ته اي شيخ! توکي ڪٿي دفن ڪيو وڃي؟ جواب نه ڏنائين. وري کيس چيو ويو ته فلاڻي قبرستان ۾ توکي دفن ڪيو وڃي؟ چيائين الله، الله مون کي اوڏانهن هرگز نه کڻي وڃجو، اتي اولياء ڪرام، امام ۽ بزرگ دفن ٿيل آهن. مان ڪير آهيان جو مون کي سندن مٿي کان دڙي تي دفن ڪيو وڃي. اتي گنهگارن ۽ ناپسندن جا مقبرا به موجود آهن. دوستن، بيگانن جي گودڙي پهري آهي ۽ ٻئي ڏينهن مسجد جي ميدان ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

 

شيخ حمزه عقيلي هروي

بلخ شهر ۾ رهندو هو. حضرت خضر عليہ السلام جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ سندس دوستن مان هو. شيخ الاسلام انصاري جي پير جو به پير هو، سندس سڀئي دوست صاحب ڪرامت هئا. جهڙوڪ پير فارسي، عبدالملڪ اسڪاف، ابوالقاسم ختانه، حسن طبري، عارف عيار ۽ ابومنصور محمد انصاري.

سندس قول آهي ته جيڪڏهن تون ڪا نيڪي ڪرين ٿو ته پنهنجي لاءِ ڪرين ٿو ۽ جيڪڏهن جفا ڪرين ٿو ته به تون پنهنجي لاءِ ٿو ڪرين ۽ رستو بند ٿو ڪرين.

چيائين ته جيڪڏهن توکي ڪو شخص ڪا شيءِ ڏئي تو ته گويا اهو توکان پنهنجو حق طلب ڪري ٿو. جيڪڏهن توکي ڪا شيءِ نه ٿي ملي ته ان جو ڪو فڪر نه ڪر.

 

ابوبڪر جوزقي

سندس قبر نيشاپور ۾ آهي.

ابوسعيد ابوالخير جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ابوبڪر جوزقي جي سراء ۾ ويس ته ڏٺم پير صاحب ڏاڍي شان ۽ شوڪت سان ويٺو هو. کانئس حقيقت پڇيم ته چيائين ته حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته الله تبارڪ و تعاليٰ جا ٻه لشڪر آهن. هڪ لشڪر آسمان تي ملائڪن جو آهي ۽ ٻيو لشڪر زمين تي صوفين جو آهي.

 

خواجه ايوب انصاري

هيءُ قنڌار جي مشائخ مان هو. خواجه عبدالله انصاريءَ جو ڀاءُ هو.

 

شيخ جمال الدين ابويعقوب يوسف ڪوراتي

هيءُ روشن دل پير هو. سندس هٿ ۾ منهن صاف ڪرڻ جو ڪپڙو يعني رومال ۽ لٺ هوندا هئا. شيخ الاسلام انصاري کيس ڏٺو هو.

 

شيخ نورالدين عبدالرحمٰن

هيءُ شيخ جمال الدين ابويعقوب ڪوراتيءَ جو مريد هو.

 

ابوعبدالله مولي

هيءُ هرات جو هو ۽ پير ابوسعيد جو همعصر هو.

 

عارف عيار

سندس نالو منصور هو. بلخ جو رهندڙ هو. شريف حمزه عقيلي جي احباب مان هو. هڪ ڏينهن چيائين ته علي عليہ السلام خيبر کي فتح ڪيو. جيڪڏهن الله تعاليٰ جي مدد هجي ۽ ذوالفقار مون کي ملي ۽ مشاهدو مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جو ٿئي ته جيڪڏهن مان ڪوه قاف فتح نه ڪريان ته مون تي تاوان ٿئي.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته علي عليہ السلام جي حق ۾ ائين چوڻ نقص آهي، بلڪ اهو آشڪار آهي ته علي عليہ السلام کي ٽي شيون عطا ٿيل هيون.

 

شيخ ابوعمران ثلثي

مصر جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. شيخ الاسلام انصاري زباني شيخ عباس فقير چيو ته شيراز ۾ شيخ ابوالحسين سالبه وٽ ويس ته ابوعمران ثلثي اتي آيو. شيخ سندس استقبال ڪيو ۽ کيس وٺي ويو.

مذڪور آهي ته سندس اها عادت هئي ته هو مهمان کانسواءِ هرگز ماني ڪونه کائيندو هو ۽ جيڪڏهن مهمان نه ايندو هو ته روزو رکندو هو. هڪ ڏينهن ڪوبه نه آيو ته روزو رکيائين. شام جي ويجهو ڪوئي مهمان اچي ويو. ان کيس حديث ٻڌائي. رات ٿيڻ کان اڳ ئي شيون کاڌائين. انهيءَ رات الله تعاليٰ کي خواب ۾ ڏٺائين. الله تعاليٰ کيس فرمايو ته اي عمران تو هڪ نيڪ عادت رکي هئي ته اسان به توسان نيڪ سنت جاري رکي هئي. تون پنهنجي عادت بدلي ڪئي ته اسان به پنهنجي سنت کي تبديل ڪري ڇڏيوسون. بيدار ٿيو ۽ سخت غم ۾ پئجي ويو. دير نه ٿي ته مصر جي والي عمران جي ملڪ ۾ ثلث ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ پنهنجي حاڪم کي موڪليائين ته ان تي زوريءَ قبضو ڪري، کيس ماري پيش ڪيو وڃي.

 

شيخ ابوالعباس قصاب آملي

سندس نالو احمد بن محمد بن عبدالڪريم هو. طبرستان جي آمل شهر جو بزرگ هو. محمد بن عبدالله طبري جو مريد هو ۽ اهو وري ابومحمد جريري جو مريد هو. پنهنجي وقت جو قبله ۽ غوث هو. شيخ الاسلام انصاري سندس همعصر هو.

مذڪور آهي ته هڪ ملحد شخص مصر کان شيخ ابوالعباس جي آزمائش لهڻ لاءِ آمل ۾ آيو ۽ طهارت خانه ويو ۽ ڪوزا ڪونرا سڀ ٽوڙي ڇڏيائين. چيائين ته استنجي لاءِ مون کي ڪونرو آڻي ڏيو. شيخ بازار مان ٻيا ڪونرا گهرائي کيس ڏنا ۽ اهي به ڀڃي ڇڏيائين ۽ پوءِ چيائين ته شيخ کي گهرجي ته پنهنجي ڏاڙهي آڻي ته مان ان سان استنجو ڪريان. شيخ جي ڏاڙهي وڏي هئي، اها پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلي وٽس ويو ۽ چيائين ته وٺ! ڪاسائي جو پٽ اهڙي جاءِ تي اچي پهتو آهي، جو سندس استنجو ڏاڙهي کان سواءِ نه ٿو ٿي سگهي. پوءِ اهو ڏسي ملحد شخص سندس پيرن تي ڪِري پيو، معافي ورتائين ۽ توبهه ڪري مسلمان ٿيو ۽ سندس ئي مريد ٿيو.

انهيءَ شخص کانئس ڪرامت جي طلب ڪئي. چيائين ته اها ڳالهه نه ٿو ڏسان ته ڪاسائي جو پٽ، ڪاسائي پيءُ کان ڪجهه سکي سگهي. پوءِ شبلي وٽ بغداد ويو. اتي شورش ڏسي وري مڪہ پاڪ ويو ۽ اتي ڪجهه شورش ڏسي وري مدينہ پاڪ ويو. پوءِ مدينہ کان بيت المقدس ويو ۽ اتي کيس خضر عليہ السلام مليو. ان سندس دل کي فيض سان رنڱيو ۽ اهو قبول ڪري واپس پنهنجي ماڳ تي آيو ۽ مخلوق تي ظاهر ڪيائين ته مون توبہ ڪئي آهي. پوءِ الله تعاليٰ جون نعمتون ڪافي حاصل ٿيس. پوءِ پروانا سندس چوڌاري فيض جي حصول لاءِ پهچي ويا. سندس ڪرامتون تمام گهڻيون آهن.

 

خالوي نيشاپوري

سندس نالو احمد هو ۽ سرخس جو رهاڪو هو. سرخس مان هليو ويو. محمد حسن نالي شيخ جو مريد هو. پنهنجي سموري عمر پنهنجي شيخ تي قربان ڪري ڇڏيائين. دنيا کان لاڏاڻي وقت سندس ڪفن جي بندوبست ڪرڻ ۾ هئا ته چيائين اوهان جو ڪفن مون کي نه کپي. مالڪ مون کي پاڻيهي سڀ ڪجهه عنايت ڪندو ائين چئي دم ڏنائين.

 

ابوعلي رازي

شيخ الاسلام انصاري روايت ٿو ڪري ته اهو هن صوفي ٽوليءَ جون روايتون بيان ڪندو هو.

 

سيد علي بن عباس موسوي

چوٿين صدي هجري ۾ هيءُ سنڌ ۾ وارد ٿيو. الور ۽ ڀانڀرا شهر جو حاڪم دلوراءِ جو پٽ هو، جنهن جي ظلم جي ڪري اهو شهر زمين ۾ غرق ٿي ويو. پوءِ سيد جي خدمت ۾ حاضر ٿي توبہ ڪيائين ۽ پنهنجي نياڻي سيد صاحب جي نڪاح ۾ ڏنائين. انهيءَ منجهان جيڪا اولاد ٿي اها عرب ٿي. سندس اولاد جي رهڻ واري جڳہ جو نالو لڪعلوي هو. سندس اولاد مان ڪافي بزرگ اولياء پيدا ٿيا ۽ سيد جي اولاد مان چار قبيلا ٿي ويا. هڪ قبيلو ڳوٺ آمر ۾ رهڻ لڳو جو دلوراءِ جي پيءُ آمر جي نالي سان منسوب هو.

ڇٽو ولد آمر دلوراءِ جو ننڍو ڀاءُ هو. راه هدايت جي طلب ۾ حجاز مقدس روانو ٿيو ۽ اتي هڪ قاريه خاتون جيڪا صاحبه جمال هئي سان نڪاح ڪيائين ۽ سنڌ ۾ موٽي آيو. سندس ڀاءُ، جيڪو نهايت ظالم هو، تنهن پنهنجي هن ڀاءُ جي زال تي طمع جي نظر وڌي. ڇٽي کي ڏاڍو صدمو پهتو. نيٺ پاڻ ۽ پنهنجي پاڪدامن گهر واري سميت سندس شهر کي ڇڏي، سيوهڻ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو.

 

ابوسليمان خواص مغربي

شيخ ابوسعيد ابوالخير جو همعصر هو ۽ دمشق ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ ابوالقاسم گرگاني

سندس نالو علي هو. سندس نسبت ٽن واسطن سان شيخ ابوعثمان مغربي شيخ ابوعلي ڪاتب، شيخ ابوعلي رودباري سان لڳي ٿي. پوءِ وري سيد الطائفه جنيد تائين پهچي ٿي. رشحات ۾ سندس باطني نسبت ٻن طرفن کان لکيل آهي: هڪ شيخ ابوالحسن خرقاني سان روحاني نسبت، ٻي شيخ عثمان مغربي سان.

صاحب ڪشف المحجوب لکي ٿو ته: هڪ واقعو مون کي پيش آيو، جنهن جي حل ٿيڻ جو ٻيو چارو نه ڏسي شيخ وٽ ويس ۽ ڏٺم ته هو مسجد ۾ ويٺو آهي ۽ سوال جو جواب مسجد جي سُتون کان پيو پڇي. کيس عرض ڪيم ته اي شيخ! منهنجو واقعو هن طرح آهي... چيائين ته اي پٽ! الله تعاليٰ هن سُتون (ٿنڀي) کي هن وقت مون سان ڳالهائڻ جو امر فرمايو آهي.

مذڪور آهي ته نيشاپور جي جبلن ۾ هڪ چشمو هو. شيخ ابوالقاسم هڪ ڏينهن گهوڙيءَ تي سوار ٿي انهيءَ چشمي تي ويو. گهوڙيءَ کي ڀرسان ٻڌي، پاڻ نماز ۾ مشغول ٿي ويو پوءِ هڪ گهوڙي چشمي مان نڪري، گهوڙيءَ تي ٽپو ڏيئي جفت (لڳ) ڪيو. مقرر مدت کان پوءِ گهوڙيءَ مان هڪ عجيب غريب ڦر پيدا ٿيو. شيخ ۾ ٻيهر لالچ پيدا ٿي. وري ٻئي دفعي انهيءَ گهوڙيءَ تي سوار ٿي، چشمي تي ويو ته چشمي منجهان اوچتو هڪ گهوڙو ٻاهر نڪتو ۽ انهيءَ ٻچي کي پاڻ سان گڏ وٺي چشمي ۾ اندر غائب ٿي ويو. شيخ انهيءَ گهوڙي جي ٻچي کي سڏ ڪيا ۽ آواز ڏنا پر کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو ۽ انهيءَ ڪري مٿس لقب شيخ ڪرهه ڪاني (گرگاني) پيو.

ڪڏهن ڪڏهن شيخ ابوسعيد ۽ شيخ ابوالقاسم طوس شهر ۾ گڏجي هڪ تخت تي ويهندا هئا ۽ سڀئي درويش سندن اڳيان بيٺا هوندا هئا. هر درويش جي دل ۾ اهائي ڳالهه هوندي هئي ته هنن ٻنهي بزرگن جي منزلت ڪهڙي آهي. شيخ ابوسعيد ان درويش ڏانهن رخ ڪري چيو ته هرهڪ ائين ٿو دل ۾ چوي ته ٻه بادشاهه پاڻ ۾ گڏ هڪ وقت ۾ هڪ هنڌ هڪ تخت تي نه ويهي سگهندا آهن، مگر هي ٻه درويش هن ۾ تنگي محسوس ڪونه ٿا ڪن. حق تعاليٰ انهيءَ جي اکين آڏو پردو کڻي ڇڏيو، ته جيئن شيخ جي صدق جو سخن ان جي دل تي ظاهر ٿئي. پوءِ انهيءَ درويش جي دل تي اهو ظاهر ٿيو انهن ٻنهي شيخن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونه آهي. ابوسعيد فرمايو ته مختصر ملڪ آهي ۽ انهيءَ ۾ هر روز اسان جهڙا ستر هزار ماڻهو نه پهچي سگهن ٿا ۽ نه وري وڃي سگهن ٿا.

شيخ ابوالقاسم چيو ته تمام گناهن جي ارتڪاب جو مرڪز عقل ۽ پنهنجو هوش آهي، سواءِ نشه جي بيهوشي جي. پوءِ بادشاهه جڏهن نشو ڪندو آهي ته پنهنجي عقل واري تخت تان معزول ٿي ويندو آهي. پوءِ بيهوشي واري حالت ۾ پنهنجي ظلم جي هٿ کي دراز ڪري ملڪ کي تباهي ۽ غارتگري طرف ڌڪيندو آهي. عقل جي زائل ٿيڻ سبب سندس دماغي قوت غضب ۽ شهواني حالات ۾ تبديلي ٿي ساري ملڪ ۾ تباهي آڻي ڇڏيندي آهي.

 

خواجه علي بن حسن ڪرماني

هيءُ ڪرمان جو شيخ هو. شيخ عمو جي مريد هجڻ جي دعويٰ ڪندو هو. مرشد جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مسند تي نه ويٺو.

خليل خازن

هيءُ پنهنجي وقت جي معروف صوفين مان هو. هن ۽ خواجه علي حسن جي وچ ۾ ڪجهه رنجيدگي هئي، ليڪن ڪڏهن به ان کي ظاهر نه ڪيو هئائون.

 

شيخ ابوعلي فارمدي

سندس نالو فضل بن محمد هو. خراسان جو شيخ الشيوخ هو. وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ ۾ ابوالقاسم قشيري جو شاگرد هو. تصّوف ۾ سندس نسبت ٻن طرفن کان هئي. اول شيخ ابوالقاسم کره کاني (گرگاني) طوسي کان ۽ ٻي شيخ ابوالحسن خرقاني کان.

هيءُ پنهنجي حڪايت بيان ٿو ڪري ته پنهنجي ابتدائي دور ۾ نيشاپور ۾ علم پڙهڻ ۾ مشغول هئس ته ابوسعيد کي ڏٺم ته سماع ۾ پنهنجو پهراڻ ڦاڙي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائين، پوءِ ان کي وري جمع ڪيائين ۽ هڪ آستين جي ڪپڙي جو ٽڪرو جدا ڪري مون کي سڏ ڪيائين ته اي ابوعلي طوسي تون ڪٿي آهين؟ مان ڪنڊ ۾ ويٺو هئس، مون کي نه ڏٺو هئائين. سڏ جو جواب کيس نه ڏنم ته شايد منهنجي نالي جهڙو ماڻهو ڪو ٻيو هجي ۽ ٽيون دفعو مون کي چيائين ته شيخ! مان توکي ٿو سڏيان. وٽس ويس. پوءِ انهي ڦاٽل ڪپڙي جو ٽڪرو مون کي ڏئي چيائين ته؛ جيئن ته هيءُ آستين جي ڪپڙي جو ٽڪر اِن لاءِ کنيو اٿم ته بطور برڪت اهل کي ڏيان ۽ هن مان مون ڪافي فائدا حاصل ڪيا پر هاڻي مان تحصيل ڪري چڪو آهيان. هڪ قلم ۽ مس ڪُپڙي ٻاهر ڪڍيم ۽ استاد جي اڳيان اچي اها ڳالهه ڪيم. پوءِ چيائين ته تون پنهنجي تحصيل کي پوشيده رکج پوءِ مدرسه کان سفر ڪري، خانقاهه ۾ آيس.

هڪ ڏينهن استاد وٽ هئس، سخت گرمي هئي. گرميءَ سبب ٻه چار پاڻيءَ جا ڏول بدن تي هاريم. استاد به گرميءَ سبب ٻاهر آيو ۽ ڏٺائين ۽ پڇيائين. مان خوف سبب خاموش رهيس اها غلطي مون کان ٿي آهي. جڏهن ٽي دفعا پڇا ڪيائين. تڏهن چيم ته مان هئس . فرمايائين ته ابوالقاسم ستر سالن تائين صرف هڪ ڏول مان ڪم ڪڍيو پئي، پوءِ ڪجهه مدت امام وٽ رهيس. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي حالت ۾ ڪجهه ڦيرو آيو ۽ مان پنهنجي حالت ۾ گم ٿي ويس ۽ ان حالت جو تذڪرو استاد سان ڪيم. جنهن چيو ته اي ابوعلي هن کان وڌيڪ مون وٽ ڪجهه نه آهي جو توکي فيض رسايان، ۽ نه وري مون کي اها ڪا خبر آهي ته وڌيڪ تون ڪٿان حاصل ڪري سگهندين. پوءِ پنهنجي دل ۾ فڪر ڪيم ته هاڻي ڇا ڪريان. ان وقت ۾ شيخ ابوالقاسم گرگاني جو نالو ٻڌو هئم، ان جي خدمت ۾ ويس ۽ کيس سارو احوال بيان ڪري ٻڌايم پوءِ فرمايائين ته تنهنجي ابتدا مبارڪباد جي قابل آهي. اگر تربيت حاصل نه ڪندين ته درجي تي نه پهچي سگهندين. پوءِ سندس خدمت ۾ رهي رياضتون ڪندو رهيس ۽ منزل تي پهتس.

 ڪجهه مدت کان پوءِ هڪ مجلس منعقد ٿي ۽ پنهنجي فرزند کي منهنجي حوالي ڪيائين. مجلس منعقد ٿيڻ کان پوءِ شيخ ابوسعيد مهنہ کان طوس آيو هو. ابوعلي کي سندس خدمت لاءِ مقرر ڪيو هئائون. شيخ چيو ته اي ابوعلي! جلدي ڪر ننڍو طوطو ٻولڻ لڳو آهي، پوءِ سخن جا دروازا مون تي کُلي ويا ۽ هو موٽي ويو.

 

شيخ ابوبڪر بن عبدالله طوسي نساج

هيءُ ابوالقاسم ڪره ڪاني (گرگاني) جي ساٿين مان هو ۽ ابوبڪر دينوريءَ جو صحبت يافته هو.

کانئس پڇيو ويو ته مطلوب جو ديدار ڪهڙي طرح حاصل ڪري سگهجي ٿو، چيائين ته صدق جي آئيني جي طلب ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

چيائين ته جيستائين پاڻيءَ جي اُڃ جو تصوّر نه رکندين ۽ باهه جي گرميءَ جا خيال ذهن ۾ نه رکندين. تيستائين مطلوب جي طلب جي دعويٰ کي نه پهچي سگهندين.

چيائين ته جيستائين پنهنجي هستيءَ کي مٽائي وسوسن ۽ وڏائي کي ختم نه ڪندين ۽ دل جي ديد کي غيرالله جي خيال کان مٽائي روشن نه ڪندين، تيستائين صدق جو ٻج ايمان جي زمين ۾ پوکي نه سگهندين.

مذڪور آهي ته هن ابتدائي دور ۾ ڪافي مجاهدا ۽ ڪشالا ڪڍيا، مگر مشاهدو ماڻي نه سگهيو، پوءِ پروردگار جي درگاهه ۾ ٻاڏايائين ته مٿس ندا آئي ته اي نساج طلب جي ورد تي قناعت ڪر، تون وڌيڪ حاصل ڪري ڇا ڪندين؟

چيائين ته الهٰي! ما الحکمة في خلقي يعني: يا اللہ! منهنجي پيدائش ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ جواب آيو ته الحکمة في خلقک رؤيتي في مراة روحک و محبتي في قلبک يعني: تنهنجي پيدائش ۾ حڪمت هيءَ آهي ته تنهنجي روح جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسان ۽ تنهنجي قلب ۾ پنهنجي محبت کي پسان.

سندس مرشد شيخ احمد غزالي هو.

 

شيخ ابونصر قباني

شيخ الاسلام جو بيان آهي ته هن ڪافي ۽ مفيد سفر ڪيا ۽ بيشمار مشائخن سان مليو. شيخ ابوعمرو اڪاف وٽ اردن ۾ رهيو ۽ سندس ڪافي خدمت ڪيائين، ابوعمرو نجيد شيخ ابونصر عبدالله مانڪ کي ڏٺو هو ۽ شبلي جو مريد هو.

 

شيخ ابومنصور گاذر

شيخ الاسلام جو بيان آهي ته هي شان شوڪت وارو درويش هو. ڪافي مشائخ جي زيارت ڪئي هئائين. عمو جو مريد هو. شيخ احمد نجار استرآبادي کي به ڏٺو هئائين ۽ ابونصر سراج مصنف ڪتاب لمعہ کي به ڏٺو هئائين.

 

اسماعيل دباس جيرفتي

شيخ الاسلام سندس پيرن مان سڏيو وڃي ٿو. چيائين ته منهنجو پير روشن ضمير هو ۽ شيخ مؤمن شيرازي کي ڏٺو هئائين.

 

شيخ ابوالحسن بشري سجزي

شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته منهنجي مرشدن مان هو. جن مشائخ سان منهنجو تعلق هو، اهي ٽي هستيون هيون: 1. خرقاني، 2. طاقي اهي ٻئي جاسوس القلوب هئا ۽ ابوالحسن بشري صوفين جي روايات ۾ ثقه آهي. بيشمار مشائخ جي زيارت ڪئي اٿس. مثلاً سيرواني، شيخ ابوالحسن جهضم، ابوبڪر طوسي، ابوعمرو نجيد، نوري، ابوذرعه طبري ۽ مصري وغيره. ابوعبدالله خفيف جو مريد هو.

 

ڪاڪا ابوالقصر بستي

شيخ الاسلام انصاري جو بيان آهي ته هو برگزيده بزرگ شخص هو. مان ننڍو هئس ته منهنجو پيءُ مون کي اوڏانهن نه وٺي ويندو هو. هڪ جمعي جي ڏينهن مون کي انهن بزرگن ڏانهن وٺي ويو ته منهنجي مٿي تي دعا ۽ برڪت جو هٿ گهمرائي. پر پوءِ انهن وٽ پيش نه ڪيائين ته متان ماڻهو ملامت نه ڪن. شيخ ابوالحسن تيشي ساز ۽ سندس ڀاءُ ابواحمد، ابوالقصر بستي جي مريدن ۽ خادمن مان هئا.

 

ڪاڪا احمد سنبل ۽ سندس برادر محمد خواجه

شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته هيءُ سندس ڀاءُ هو ۽ باطن جي درجي ۾ ان کان وڌيڪ نيڪ هو، پر سندس ڀاءُ هن کان ظاهر ۾ وڌيڪ پرهيزگار، صاحب ڪرامت ۽ مشهور هو.

ابوالحسن مثني

سندس نالو علي بن مثني هو.

شيخ ابوسعيد ابوالخير چوي ٿو ته مان جوان هئس ته استرآباد ۾ شيخ ابوالحسن وٽ ويس ۽ هو فضل ۽ شان وارو پير هو ۽ شبلي جي به صحبت حاصل ڪئي هئم.

 

شيخ مؤمن شيرازي

شيخ الاسلام انصاري جو بيان آهي ته شيخ اسماعيل دباس مون کي ٻڌايو ته مان حج جي نيت سان روانو ٿي شيراز ۾ پهتس ۽ مسجد ۾ اندر ويس ته شيخ مؤمن کي ڏٺم، جيڪو درزي گري ڪندو هو. سلام ڪري سندس ڀر ۾ ويٺس. مون کان پڇيائين ته ڪهڙي ارادي سان روانو ٿيو آهين. چيم ته حج جي نيت سان پڇيائين ته ماءُ زندهه اٿئي. چيم ته هائو زندهه آهي چيائين ته مان پورا پنجاهه حج پيرين اگهاڙي پنڌ ادا ڪيا آهن، انهن جو ثواب توکي ٿو ڏيان ۽ تون مون کي پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۽ ان جي خوش ٿيڻ جو ثواب ڏي.

ابوسعيد معلم

شيخ الاسلام چوي ٿو ته پير روشن هو ۽ شيخ ابراهيم گيلي کي ڏٺو هئائين.

 

شيخ محمد ابوحفص

شيخ الاسلام کيس پنهنجن مرشدن ۾ شمار ڪندو هو.

       

شيخ ابوالليث فوشنجي

شيخ الاسلام چوي ٿو ته ليث فوشنجي هڪ خدا رسيده بزرگ ۽ عارف هو.

 

محمد بن عبدالله گاذر هروي

هيءُ هرات ۾ پنهنجي قوم ۾ هڪ وڏو بزرگ هو. سندس تاريخ هن ريت آندي اٿئون. وهو محمد بن عبدالله القصاري الهروي من فتيان مشائخ هرات يعني: پاڻ محمد بن عبد اللہ قصاري هروي هو، هرات جي نوجوان مشائخ مان هو. خواجه عبدالله بوذهل منجهس وڏي عقيدت رکندڙ هو. هڪ ڏينهن کيس چيائين ته آخر تون منهنجي هن شهر مان ڪڏهن نه ڪڏهن ٻاهر ڪڍيو ويندين. هن پناهه گُهري. اتفاقًا جڏهن سندس ڳالهه جو اثر ماڻهن وساري ڇڏيو، عام و خاص دنيا جي رنگيني ۾ ڦاسي پيا ته قدر نه ڄاڻندي سندس املاڪ کي ٻاهر ڪڍي اُڇلايائون. خواجه کانئن معذرت گهرندي چيو ته مان خود شهر کان ٻاهر نڪري وڃڻ گهران ٿو، اوهان اهڙي زحمت ڇو ٿا ڪريو پوءِ شهر کان نڪري ويو.

 

قربنج

شيخ الاسلام چوي ٿو ته هو درويش پير هو. الله تعاليٰ کيس ولايت سان گڏ فراست به عطا ڪئي هئي. گاذرگاهه ۾ مدفون آهي.

 

خواجه خيرچه

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته هو صاحب ڪرامت هو. غلام هو پر مالڪ کيس آزاد ڪيو هو. پوءِ گاذرگاهه ۾ هنرمندي ڪندو هو. اتي ئي رهائش اختيار ڪئي هئائين.

 

ابوعبدالله احمد

بن عبدالرحمٰن بن نصرالماليني هرات جي وڏن مشائخ مان هو. شيخ عمو جو همعصر هو ۽ ان سان حج به ڪيائين ۽ حرم جي مشائخ سان مليو. سندن صحبت جو شرف حاصل ڪيائين. سندس احباب مان هڪ عبدالله بن محمد بن عبدالرحيم جي نالي سان هو. شيخ مون کي هڪ دفعي چيو ته فلاڻي کي هن طرح ۽ هن طرح پيغام ڏئي اچ. جڏهن ان جي حڪم سان چند قدم پنڌ ڪيم ته پاڻ کي مڪہ پاڪ ۾ موجود ڏٺم. اداء رسالت ڪرڻ گهريم ۽ حج پورو ڪيم. اتي ڪنهن شخص چيو ته شيخ جي هدايت جي خلاف ڪم نه ڪر. وڃ وگرنه ٽي مهينا رستي ۾ رهين ها. پوءِ واپس ويو ۽ ظهر جي نماز پنهنجن ساٿين سان پڙهيائين. سندس قبر، هرات جي مالين شهر ۾ آهي.

 

شيخ ابوذر بوزجاني

شيخ الاسلام چيو ته مون هڪ شخص کي ڏٺو، پوءِ گويا اهوئي شخص ڏٺو.

 هڪ ڏينهن سبڪتگين، يعني سلطان محمود جو پيءُ جنهن جي وفات 387هه ۾ ٿي هئي، ڏٺوسين ته هو، سندس خدمت ۾ آيو، جنهن کي سختيءَ سان نصيحت ڪيائون. سلطان محمود، ان وقت اڃا ٻار هو. ان کي جڏهن شيخ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو ته شيخ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي مٿس ڏاڍي شفقت ڪئي.

 

شيخ احمد نصر

اڪابر مشائخ مان هو. حصري کي ڏٺو هئائين ۽ ابوالعباس قصاب جو همعصر هو. ويهارو کن حج ڪيا هئائين. اڪثر خراسان کان ئي احرام ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن حرم شريف ۾ صوفين جون پراسرار، عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ٻُڌندو هو ته کيس ناگوار لڳنديون هيون. ان وقت ٻه سو ستر صوفي حرم ۾ موجود هئا. سڀني کي حرم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ان وقت حصري پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي خادم کي چيائين ته هيءُ جوان خراسان کان هر سال ايندو آهي. جيڪڏهن وري اچي ته کيس هرگز رستو نه ڏج. احمد نصر جڏهن آيو ۽ اها ڳالهه ٻڌائين ته يڪدم بيهوش ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ حصري آيو ۽ چيائينس ته ادب کي ترڪ ڪرڻ سبب توکي اها سزا ملي جو توکي به ٻاهر ڪڍيو ويو. طرطوس ۾ ڪافرن مسلمانن جي مٿان مصيبت ۽ تباهي آندي آهي ۽ الله تعاليٰ کي ٻاڏاءِ ۽ رات ڏينهن نماز ۾ مشغول رهه ۽ عاجزي ڪر، شايد انهن صوفين جي دل راضي ٿئي ۽ تنهنجو ڪفارو ادا ٿي وڃي. پوءِ احمد نصر ائين ڪيو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ حصري وٽس آيو ۽ خطاب ڪيائين ته يا ولدي و قرة عيني يعني: اي منهنجا پٽ! ۽ منهنجين اکين جا ٺار! تنهنجي مراد توکي هاڻي حاصل ٿي ۽ هاڻي جڏهن به تون حرم ۾ ويندين ته اهل حرم تنهنجو استقبال ۽ تعظيم ڪندا.

 

ابوعلي شبوي مروزي

سندس پورو نالو محمد بن محمد بن عمر بن شبويه آهي ۽ ابوالعباس سياري جي احباب مان هو.

في تاريخ مشائخ الصوفية القاسم بن القاسم ابوالعباس بن بنت الامام احمد بن سيار المروزي يعني: مشائخ الصوفيہ جي تاريخ ۾ آهي ته ابوالعباس قاسم بن قاسم احمد بن سيار مروزي جي ڌيءُ جو پٽ هو. ۽ ابوعلي دقاق ۽ شيخ ابوسعيد ابوالخير جو همعصر هو.

 

معشوق طوسي

سندس نالو محمد هو. برگزيده بزرگ هو، مگر مجذوب هو. طوس شهر ۾ رهندو هو. سندس قبر به اتي آهي.

شيخ ابوسعيد ابوالخير کيس ڏٺو هو. عين القضاة همداني پنهنجي بعض رسالن ۾ لکيو آهي ته محمد معشوق نماز ڪونه پڙهندو هو. خواجه محمود حمويه، امام غزالي کان روايت ٿو ڪري ته قيامت ڏينهن صديقن جي اها تمنا هوندي ته ڪاش! اسان مٽي هجون ها ۽ محمد معشوق ان تي قدم گهمائي ها.

 

شيخ ابوالعباس شقياني

شيخ ابوالخير ان جي وقت ۾ هو. سندس نالو احمد بن محمد هو. ڪيترن ئي مشائخ سان ملاقات ڪئي هئائين، اڪابرين اهل تصوف مان هو.

 

امير علي عبور

عين القضاة پنهنجي چند مڪتوبات ۾ بيان ٿو ڪري ته حاضر ۽ غائب ۾ ڪڏهن به يڪسان نه هوندو هو، بلڪ باوجود قلبن جي ويجهڙائي جي مقام تي فائز هجڻ جي، ماڻهن جي قرب جي تمنا به ڪندو هو. مذڪور آهي ته امير علي عبور هڪ بزرگ پير هو ۽ محمد شهر آبادي سندس هڪ مريد هو. هڪ ڏينهن کيس مرشد چيو ته بازار مان ڪجهه شيون وٺي اچ. کيس خريد ڪرڻ جي استطاعت ڪونه هئي. پوءِ پاڻ کي وڪڻي اهي گهربل شيون خريد ڪري، مرشد ڏانهن موڪلي ڏنائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن مرشد کي انهيءَ واقعي جي خبر پئي ته مريد وڪامجي ويو آهي ته ڏانهس ماڻهو موڪليائين ته هيڏانهن اچ. پوءِ پنهنجي پير وٽ حاضر ٿيو. کيس چيائينس ته اي جوانمرد! هزارين سال جڏهن کان دنيا پيدا ٿي آهي ته سوز عشق فراق ۾ ايترو پچندو رهيو آهين، ان تي به تو بس نه ڪئي، پوءِ وري هي ظاهري فراق ۽ وڇوڙي ۾ پچڻ اختيار ڪيئي.

هيءُ محمد معشوق جو يار ۽ همعصر هو.

 

ابوالفضل بن محمد بن الحسن ختلي

صاحب ڪشف المحجوب ذڪر ٿو ڪري ته منهنجي طريقت جي اقتدا ان سلسلي جي آهي. هو حصري جو مريد هو ۽ صاحب ڪرامت و باطن هو ۽ ابوعمرو قزويني ۽ سالبه جو همعصر هو. سٺ سالن تائين بحڪم خلوت ۽ گوشہ نشيني ۽ گمناميءَ ۾ گذاريائين ۽ هو اڪثر جبل لگام جي دامن ۾ رهندو هو.

صاحب ڪشف المحجوب ذڪر ٿو ڪري ته ڪڏهن ڪڏهن اولياء ڪرام ڪنهن واديءَ ۾ گڏجاڻي ڪندا هئا. هڪ دفعي حصري مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. پوءِ اتي ڏٺم ته هر هڪ تختي تي اچي ويهي پيو رهي. حصري انهن ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه پيو ڪري. ايتري ۾ هڪ شخص ظاهر ٿيو جنهن جي پير ۾ پراڻي چتيون ڳنڍيل جتي ۽ هٿ ۾ ڀڳل لٺ هئي. هلڻ جي رفتار هيڻي، بدن نيم برهنہ ڏٻرو ضعيف ۽ ڪمزور هو. پوءِ حصري هڪدم اٿيو ۽ سهارو ڏئي، کيس هڪ بلند جڳهه تي ويهاريائين. مان حيران ٿي ويس ۽ کانئس پڇا ڪيم. چيائين ته حق تبارڪ و تعاليٰ جي اولياء ڪرام مان هڪ ولي آهي. مگر ولايت جي تابع نه آهي بلڪ ولايت سندس تابع آهي ۽ اهو ابوالفضل هو.

دمشق جي ويجهو پٺئين طرف بيت الجن نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هن وفات ڪئي.

 

ابومنصور سوختہ

شيخ الاسلام انصاري ذڪر ڪري ٿو ته ابومنصور قهندز ۾ ”پير سوختہ“ مشهور هو، ڇو ته هن پنهنجي نفس کي سوز عشق ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهي ڪري سندس نالو سوختہ (سڙيل) پئجي ويو ۽ هيءُ مرد صادق هو.

 

ابوحفص غاورداني

شيخ الاسلام جو بيان آهي ته ابوحفص غاوردان جيڪڏهن زندهه هجي ها ته حيا سبب اوهان پنهنجي پهراڻ سان پنهنجي منهن کي لڪايو ها. مون کيس ڏٺو هو سيد بزرگ هو. هو ظاهري صاحب ڪرامت ۽ صاحب عظيم فراست هو. سندس دوست پوشيده هوندا هئا. ساڻن سندس دوستي اهڙي طرح پوشيده هوندي هئي جو انهن کان سواءِ ڪنهن کي به دوست نه رکندو هو ۽ پنهنجن دوستن کان سواءِ ڪنهن کي نه سڃاڻندو هو.

بوبشرڪواشاني، احمد مرجانه ۽ احمد ڪاهه دستاني اهي ٽئي ابوحفص غاورداني جا هم سماع ۽ همعصر هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com