سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 12

 

شيخ احمد حاجي

شيخ الاسلام انصاري چيو ته شيخ احمد حاجي منهنجي پيرن مان هو ۽ شيخ حصري ۽ ابوالحسن طرزي کي ڏٺو هئائين.

شيخ ابوسلمہ باوردي

شيخ الاسلام هروي انصاري جو چوڻ آهي ته هيءُ منهنجن پيرن مان هو. منهنجو پير خطيب، صوفي ۽ سياح هو. تمام گهڻن مشائخن جي زيارت ڪئي هئائين.

مثلاً؛ ابوعبدالله رودباري، عباس شاعر، ابوعمر نجيد ۽ ابويعقوب نهرجوري وغيره.

 

ابوعلي ڪيال

شيخ الاسلام انصاري جو چوڻ آهي ته مان ابوعلي ڪيال کي ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو. سيستان جو شيخ هو. ملامتيه طريقه جو پير هو. ڪرامت ڏيکارڻ کي سٺو نه چوندوهو ۽ نه ان جي واکاڻ ڪندو هو، بلڪ چوندو هو ته تنهنجو چهروئي ڪرامت آهي. شيخ احمد نصر شيخ ابوسعيد ماليني انهيءَ سان صوفين جي سراء صفه ۾ ويهندا هئا ۽ مان به اتي موجود هوندو هئس .

 

ابوعلي زرگر

شيخ الاسلام جو چوڻ آهي ته هيءُ به منهنجي پيرن مان هو ۽ مکيه صوفي پيرن مان هو. ابوالعباس قصاب آملي جو مريد هو.

 

علي بن عثمان بن علي جلابي غزنوي

سندس ڪنيت ابوالحسن هئي ۽ شيخ ابوالفضل بن حسن ختني جو مريد هو. ٻين به بيشمار مشائخ جو صحبت يافته هو. تصوف جي ڪتاب ڪشف المحجوب جو منصف آهي، جنهن ۾ گهڻا لطائف ۽ حقائق بيان ٿيل آهن. فن تصوف ۾ نهايت معتبر ڪتاب آهي.

سندس چوڻ آهي ته شيخ ابوالقاسم گرگاني کان دريافت ڪيم ته درويش لاءِ ڪمترين شيءِ ڪهڙي آهي، جنهن موجب هو فقر جي نالي کي لائق بڻائي. چيائين ته ٽي شيون آهن: (1) سچ جي ڦاٽل ٽڪري کي سبڻ ڄاڻي، (2) سچي ڳالهه کي چوڻ ۽ ٻڌڻ جي ڄاڻ رکي، (3) زمين تي سچو قدم رکڻ ڄاڻي.

مون سان گڏ ٻيو ٽولو به هو. انهن مان هرهڪ پنهنجي پنهنجي وضاحت ڪئي. مون چيو ته سچ جي ٽڪري کي سبڻ جو مطلب آهي ته فقر اختيار ڪري ۽ نه ڪه زينت. جڏهن فقر کي سبندو ته پوءِ جيڪڏهن غلط سبجي ويس ته به صحيح ٿي ويندو. سچو سخن اهو آهي جو حياتيءَ ۾ ٻڌي ۽ نه مماتيءَ ۾. پنهنجي زندگي جو تصرف حصول حق لاءِ ڪري ۽ نه بيهودگي لاءِ. زندگيءَ گذارڻ جي طريقي ۾ فهم اختيار ڪري ۽ نه ڪه عقل. سچائيءَ جو قدم زمين تي رکڻ مان مراد اها آهي ته زمين تي وجد سان پير رکي نه ڪه لهو سان ۽ اهو سخن بعينہ انهيءَ بزرگ جي اڳيان نقل ڪيو ويو. چيائين ته اصاب علي جزاه الله.

 

خواجه احمد حماد سرخسي

صاحب ڪشف المحجوب ذڪر ٿو ڪري ته هيءُ پهريائين جنگجو طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڪافي عرصو منهنجي رفاقت ۾ رهيو. هو پنهنجي ابتدائي توبهه ڪرڻ جو ذڪر خود ٻڌائي ٿو ته جهنگل ۾ اُٺ چرندا هئا. هڪ ڏينهن شينهن هڪ اُٺ تي حملو ڪري کيس کڻي ويو. اُٺ جي ڳچي مٿي هئي هن رڙيون ڪيون ۽ انهن رڙين تي جهنگ جا سڀئي جانور پنهنجين جاين مان نڪري اتي پهتا ۽ اُٺ کي ڦاڙي چيري ڇڏيائون. شينهن پري هليو ويو. جانور بيهي رهيا، بگهڙ، گدڙ، لومڙيون سڀ اچي اُٺ جو گوشت کائيندا ويا ۽ پيٽ ڀري واپس ويندا رهيا، جگر جي گوشت جو ٽڪر رهيل هو، جو شينهن کائڻ پيو گهري، هڪ لومڙي پري ڏسڻ ۾ پئي آئي، جيڪا شينهن جي پري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. شينهن پري هليو ويو ۽ لومڙي اچي پنهنجو پيٽ ڀري واپس هلي وئي. آخر ۾ شينهن آيو ۽ بچيل گوشت ۽ جگر جو ٽڪرو کاڌائين. مان پري کان ڏسي رهيو هئس ۽ واپس وڃڻ وقت شينهن نهايت فصيح زبان ۾ چيو ته اي احمد! لقمي تي مرڻ، ڪتن جو ڪم آهي، ۽ مرد هيئن هوندا آهن. مون هيءُ ڏٺو ۽ ٻڌو (مون تي ڪافي اثر ٿيو) پوءِ سڀ ڪم ڇڏي توبہ ڪيم.

 

اديب ڪمندي

صاحب ڪتاب ڪشف المحجوب جو همعصر هو. چيو وڃي ٿو ته ويهه سال بيٺي نماز پڙهندو رهيو، ڪڏهن به نماز جي تشهد ۾ نه ويٺو. کانئس پڇيو ويوته نماز ۾ ڇو نه ٿو ويهين؟ چوڻ لڳو ته منهنجو درجو اڃا تائين انهيءَ جاءِ تي نه پهتو آهي، جو مان مشاهده حق جي اندر ويٺو رهان.

 

شيخ ابوعبدالله صومعي

هيءُ گيلان جي بزرگ مشائخ مان زاهدن جو امير هو ۽ وڏين ڪرامتن وارو هو. جيڪا به رب تعاليٰ کان دعا گهرندو هو، فورًا قبول ٿي ويندي هئي.

مذڪور آهي ته سندس ئي جماعت جا چند حضرات واپار جي ارادي سان سمرقند روانا ٿيا. پوءِ جڏهن سمرقند جي ويجهو پهتا ته هڪ ڦورن جو ٽولو ان قافلي کي ڦُر لُٽ ڪرڻ لاءِ آيو. جماعتن پنهنجي مرشد کي ياد ڪيو. ڏٺائون ته سندن مرشد وچ ۾ بيٺو آهي ۽ هي پڙهي ٿو: سبوح قدوس ربنّا الله. هي لٽيرا دور ٿي وڃن. پوءِ اهي ڦورو سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ڪوبه نقصان نه پهچائي سگهيا ۽ پوءِ مرشد نظر کان غائب ٿي ويو ۽ ڪنهن به نه ڏٺو ته ڪيڏانهن ويو. پوءِ جڏهن گيلان ۾ واپس موٽي آيا ته معلوم ڪيائون ته سندن شيخ هرگز هتان ڪونه ويو هو ۽ اهو مرشد شيخ عبدالقادر جو ڏهٽو هو.

 

قاضي ابراهيم باخرزي

شيخ الاسلام بيان ٿو ڪري ته هن ٻڌايو ته مان الله تبارڪ و تعاليٰ جلشانہ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ عرض ڪيم ياالله! ٻانهو تو وٽ ڪهڙي طرح پهچي سگهي ٿو؟ فرمايائين ته جنهن به وقت ٻانهو هٿڙا کڻي مون کي پڪاري ٿو ته ان وقت ڪابه شيءِ وچ ۾ حائل ڪونه هوندي آهي.

 

پير محمد ڪشو

شيخ الاسلام بيان ٿو ڪري ته سچي توبہ ڪندڙ هو. ڪيتريون ئي رياضتون وصال لاءِ ڪيون هئائين. وصال لاءِ روزه رکڻ جو ارادو ڪيائين ۽ آءٌ وصال جي وقت وٽس موجود هئس . چاليهه ڏينهن مون کي اڳ ۾ چيو هئائين ته هو اوهان وٽ ستر ڏهاڙا پورا ڪندو ۽ اهو به چيو اٿن ته سو ڏهاڙا. والله اعلم.

مون کي چيو هئائين ته اگر تون مون کي ٻاهر ڳولهيندين ته اوڀر ۽ اولهه ۾ ڪونه هوندس.

 

شيخ عبدالله زاهد هروي

مدت ٽي سال وصال جو روزو رکيائين. وقت جو مشهور و معروف صاحب قبول هو. ان وقت جي سردارن جي خاندان مان هڪ نوجوان ڇوڪري. عقيدت هئڻ سبب ساڻس نڪاح ڪيو. ٻارهن سال سندس گهر ۾ رهي، پر ڪنواري جو ڪنواري رهي. جڏهن شيخ الاسلام هرات ۾ آيو ته شيخ عبدالله پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته پهراڻ آڻي ڏي ته لباس ڍڪي شيخ احمد جي خدمت ۾ وڃان. چون ٿا ته بزرگ شخص آهي. ڏسان ته ڪهڙو حال اٿس. کيس گهر واري چيو ته جيڪڏهن آزمائش وٺڻ لاءِ وڃين ٿو ته ڀلي وڃ ۽ جيڪڏهن اچڻ لاءِ چوي ته پوءِ کيس وٺي اچج. پوءِ هو شيخ الاسلام وٽ آيو ۽ کيس سلام ڪيائين، فرمايائين ته تنهنجي گهر واري توکي ڇا چيو آهي؟ پوءِ ڪم ڪندين. چيائين هائو! پوءِ چيائين ته موٽي وڃ ۽ جبل سنگين جي لنگهه وٽ محمد قصاب ڪاشتڪار جو دڪان آهي، جنهن تي پکين جو پڪل گوشت ٽنگيل آهي. اهو وٺ ۽ خوشبو ۽ ٿورو گيهه ۽ سوجي بقاله تان خريد ڪر ۽ هٿ ۾ کڻي وڃي پنهنجي گهر وارن کي ڏي. حمل سلعتہ فقد بري من الکبر يعني: انهيءَ منهنجو سامان کنيو ته پوءِ تڪبر کان آجو ٿي ويو. ۽ انهن کي چئه ته هن جو ٻوڙ چاڙهن ۽ ان مان سوجي ۽ گيهه ۾ مٺاڻ وجهن. پوءِ پنهنجي گهر واريءَ سان گڏجي کاءُ پوءِ جيڪي ڪجهه توتي ٻارهن سالن کان وٺي واجب آهي ۽ تو ان جي پورائي نه ڪئي آهي، تنهن جي پورائي ڪر ۽ پوءِ حمام ۾ وڃي غسل ڪر. جو ڪجهه تون ان ۾ چاهيندين، اهو حاصل ڪندين. جيڪڏهن نه حاصل ٿئي ته منهنجو دامن اچي پڪڙج. شيخ عبدالله پاڻ ۾ اها قوت نه پيو سمجهي. ڊڄي پيو. شيخ فرمايس ته نه ڊڄ جيڪڏهن ڪا حاجت درپيش اچي ته منهنجي مدد طلب ڪج. شيخ زاهد جڏهن اها خوراڪ کاڌي ته مرداني قوت پيدا ٿي پيس. سندس گهر واري چيو ته هيءَ شيءِ کاءُ ان کان پوءِ جيڪو وڻئي سو ڪر. شيخ زاهد انهيءَ خوراڪ کائڻ کان پوءِ ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ جڏهن دخول جي قوت پاڻ ۾ نه ڏٺائين ته شيخ کي ياد ڪيائين. ۽ شيخ انهيءَ مهل هڪ مجلس ۾ ويٺو هو ۽ مشڪيو ۽ هڪل ڪيائين ته اي زاهد! پنهنجي ڪم ۾ لڳي وڃ ۽ ڊڄ هرگز نه! پوءِ زاهد پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ حمام ۾ ويو ۽ اتي چار ديوار شهر جو نظارو مٿس منڪشف ٿيو. پوءِ جڏهن شيخ جي خدمت ۾ آيو ان فرمايو ته احمد جو ڪهڙو قصور تنهنجي همت شهر جي چوديواريءَ کان وڌيڪ نه هئي. اگر همت هجي ها ته شهر جي چوديواريءَ جي بجاءِ دنيا جي چوديواريءَ جو ڪشف ٿئي ها.

بيبڪ مرويه

شيخ ابوسعيد ابوالخير جو چوڻ آهي ته مرو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته توکي هڪ حقيقت پيش ڪرڻ آيو آهيان. چيم ته ڇا ڳالهه آهي ته ماڻهو لاءِ دعا گهرين ته اسان کي هڪ دم کي به پري نه ڪر ۽ مان ٽن سالن کان وٺي اهو عرض ڪندو رهان ٿو ته اک ڇنڀ جيتري دير مون کي رخصت ڏي ته مان پاڻ کي ڏسان ته مان ڇا آهيان يا مان خود آهيان به. مگر اڃا تائين ڪونه ماڻي اٿم.

 

باب ارسلان

هيءُ اولين ترڪ مشائخ مان هو. خواجه احمد يسوي ذڪر ٿو ڪري ته تربيت جي اول نظر وٽانئس حاصل ڪئي هئائين. پوءِ هو خواجه يوسف همداني وٽ ويو ۽ ڪمال حاصل ڪيائين ۽ سندس ٽيون خليفو ٿيو. سندس پهرين پُٽ منصور اتا ان کان ئي تربيت حاصل ڪئي هئي. پوءِ پنهنجي پيءُ جي اشاري سان خواجه احمد يسوي وٽ ويو ۽ ڪماليت جي درجه تي پهچي سندس پهريون خليفو ٿيو.

منصوراتا جو فرزند عبدالملڪ خواجه، سندس فرزند تاج خواجه، ان جو پٽ تاج زنگي اتا، حڪيم اتا جي اول خليفن مان هو. هرهڪ ڪمال کي پهتل هو.


 

 

 

 

 

 

معيار ڇهون

ڇهين صدي هجريءَ جو ذڪر

 

 



 

 

حجة الاسلام محمد بن محمد غزالي طوسي

سندس ڪنيت ابوحامد هئي ۽ لقب زين الدين هئس. تصوف ۾ سندس نسبت شيخ ابوعلي فارمدي سان هئي. ابتدا ۾ علوم جي تحصيل ۽ تڪميل طوس ۽ نيشاپور ۾ ڪئي هئائين. ان وقت ۾ وزير نظام الملڪ سان به ملاقات ڪيائين، جنهن سندس ڏاڍو قدر ڪيو ۽ سن 484هه ۾ بغداد ويو. اتي زهد ۽ تقويٰ جي تربيت حاصل ڪيائين. سن 488هه ۾ حج ڪيائين ۽ ان کان پوءِ شام ڏانهن هليو ويو. ڪافي مدت اتي قيام ڪيائين، پوءِ اتان وري بيت المقدس ويو. بعد ۾ مصر ۽ اسڪندريه جو سير ڪندي، پنهنجي وطن واپس آيو. مخلوق کان ڪنارو ڪري خلوت اختيار ڪيائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي مفيد ڪتاب تصنيف ڪيائين. مثلا احياء العلوم، جواهر القرآن ۽ تفسير ياقوت التاويل ۽ چاليهه رسالا ۽ مشڪواة الانوار وغيره. وري نيشاپور ۾ واپس اچي درس ڏيڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ ان کي ترڪ ڪري وطن واپس آيو ۽ اتي صوفين لاءِ هڪ خانقاه جوڙيائين ۽ ديني طلباء لاءِ هڪ وڏو مدرسه قائم ڪيائين. مساڪين ۽ حاجتمند طلباء لاءِ وظائف مقرر ڪيائين. پوءِ پنهنجي ساري زندگي، تعليم القرآن، صوفين سان صحبت ارباب قلوب سان ڪچهريون ۽ تدريس علوم لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.

آخر سال 505هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

شيخ احمد غزالي

هيءُ شيخ ابوبڪر نساج جي احباب مان هو. معتبر تصنيفات جو مالڪ هو. انهن مان هڪ معروف تصنيف سوانح (العشاق) آهي. ڪتاب لمعات از شيخ فخرالدين عراقي، سندس سنن تي واقع آهي.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن شخص هن کان سندس ڀاءُ حجة الاسلام لاءِ پڇيو ته اهو ڪٿي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته هو رت ۾ آهي. سائل ڳولها ڪندي کيس ڏٺو ته هو مسجد ۾ ويٺو آهي. پوءِ احمد جي انهي قول تي کيس تعجب ٿيو ۽ حجة الاسلام کي سندس ڀاءُ جو اهو قصو ٻڌايائين. هن چيو ته احمد سچ چيو آهي. ڇو ته مان ان وقت هڪ حيض جي مسئله جي حل ڪرڻ ۾ مصروف هئس .

ذڪر آهي ته قزوين جي صوفين مان هڪ صوفي طوس ۾ آيو ۽ حجة الاسلام سان سندس ملاقات ٿي. ان کان سندس ڀاءُ احمد بابت پڇا ڪيائين ته هو ڪٿي آهي. چيائينس ته تون کيس سڃاڻندو آهين يا هن سان تنهنجي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي؟ چيائين ته هائو پوءِ انهيءَ ئي ساعت احمد سامهون اچي ويو. ان کي ڏسي چيائين ته سبحان الله! اسان طلب ڪئي ته احمد ملي ويو.

مذڪور آهي ته وفات جي وقت سندس کٽ ڍلي هئڻ سبب، بدن تي ورم اچي ويو هو. حاضرين جي ڪجهه گفتگو ٻڌي چوڻ لڳو، جڏهن اسان هيٺ لهي وينداسون ته پوءِ جنهن کي وڻي سو سوار ٿئي.

هيءُ سال 517هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر قزوين ۾ آهي ۽ خواجه ابونجيب سُهروردي سندس ئي تربيت يافته هو.

 

خواجه يوسف بن ايوب همداني

سندس ڪنيت ابويعقوب هئي. طريقت جو فيض کيس ابوعلي فارمدي کان حاصل ٿيو ۽ شيخ عبدالله جويني ۽ شيخ حسن سمناني جي به کيس صحبت حاصل هئي. ٻين ڪيترن ئي اولياء سان منسلڪ رهيو. سال 545هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ مروند ۾ مدفون آهي.

ڪتاب فصل الخطاب ۾ از شرف الدين العقيل الانصاري البخاري ۾ خواجه محمد پارسا جي ولادت 440هه ۽ وفات 535هه لکيل آهي. يافعيءَ لکيو آهي ته سندس وفات رستي ۾ ٿي آهي. هرات کان اچي رهيو هو ته رستي ۾ سندس موت واقع ٿيو ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو. ابن النجار جو سندس مريد هو ان جو چوڻ مرو لاءِ آهي.

مذڪور آهي ته خواجه يوسف همداني کي چار خليفا هئا. ان جي وفات کان پوءِ هرهڪ دعوت جي ڪم ۾ سندس جانشيني اختيار ڪئي.

(1) پهريون خليفو: خواجه عبدالله برقي، جيڪو ”برق“ ڏانهن منسوب آهي، ڇو ته هن جا وڏا ٻڪرين ۽ ڇيلن جا واپار ڪندا هئا. سندس قبر بخارا ۾ شورستان جي دڙي تي شيخ ابوبڪر اسحاق ڪلابادي جي قبر جي ڀرسان آهي.

ٻيو خليفو: خواجه حسن انداقي آهي. سندس ڪنيت ابومحمد هئي ۽ حسين جو پٽ هو، انداق اندڪ مان معرب آهي. هيءُ هڪ ڳوٺ هو. بخارا کان ٽي ميل پنڌ تي آباد هو. سندس ولادت 469هه ۾ ٿي ۽ وفات 593هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر بخارا جي ڳوٺ ڪلاباد جي ٻاهرين دروازي وٽ شيخ ابوبڪر اسحاق ڪلابادي جي قبر جي اوڀر ۾ آهي.

ٽيون خليفو: خواجه احمد يسوي: کيس اتايسوي به سڏيندا هئا.

”اتا“ ترڪي زبان ۾ پيءُ کي سڏيندا آهن. مشائخ ۽ بزرگ جي عزت تحت کيس ”اتا“ سڏيو ويندو هو. شهر بسيءَ ۾ پيدا ٿيو هو. بسي ترڪستان جي شهر مان هڪ شهر هو. ابتدا ۾ باب ارسلان کان تربيت حاصل ڪئي هئائين، جو ترڪستان جي اوائل مشائخ مان هو. خواجه جڏهن ڪمال کي رسيو ته حسب تقرر خواجه يوسف ان کان پوءِ خواجه عبدالله برقي ۽ خواجه حسن انداقي خلق کي دعوت ۽ فيض رسائڻ لاءِ مرشد جو قائم مقام ٿيو. جڏهن غيبي اشاره تحت ترڪستان ڏانهن متوجهه ٿيو ته پنهنجي جماعت جي متابعت ۽ خدمت جي ذمه داري خواجه عبدالخالق غجدواني جي سپرد ڪيائين جو پڻ يسي (يسوي) هو.

چوٿون خليفو خواجه عبدالخالق غجدواني ئي هو.

خواجه احمد يسوي، تُرڪ مشائخ جي حلقي جو رهبر هو. اڪثر مشائخ جي نسبت ان سان لڳي ٿي ۽ ان کي چار خليفا هئا:

پهريون خليفو: منصوراتا: هيءُ باب ارسلان جو فرزند ارجمند هو. اول پنهنجي پيءُ کان تربيت حاصل ڪئي هئائين ۽ ان جي وفات کان پوءِ وصيت موجب هن حضرت کان تربيت حاصل ڪري ڪمال درجي کي پهتو.

ٻيو خليفو: عبدالملڪ اتا. هيءُ منصور اتا جو وڏو فرزند هو. پنهنجي پيءُ جو ئي قائم مقام هو.

تاج خواجه کان پوءِ، عبدالملڪ اتا جو پيارو پٽ، زنگي اتا جو والد، خواجه بزرگوار هو. ان کان پوءِ ٻيو خليفو خواجه احمد يسوي (سعيداتا) آهي.

ٽيون خليفه خواجه احمد يسوي (سليمان اتا) هو. اهو ترڪن جي اڪابر مشائخ مان هو. سندس حڪمتون ترڪي زبان ۾ لکيل آهن. سندس ڪتاب جو نالو ”شافعي“ آهي، جيڪو سندس تصنيف ٿيل آهي. منجهس درويشن جي مقامات جو به ذڪر آهي، جنهن جو فارسي ترجمو پڻ ٿيل آهي.

نڪتو: هر شخص کي خضر سمجهه ۽ هر رات کي شب قدر ڄاڻ.

نڪتو: سڀئي نيڪ آهن، پر مان بد آهيان.

نڪتو: سڀئي ڪڻڪ آهن، ليڪن مان جَوَ آهيان.

چوٿون خليفو: حڪيم اتا جيڪو خوارزم جي علائقي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي قبر ڳوٺ آق قورغان ۾ مشهور آهي.

 

زنگي اتا

کيس زنگي بابا ڪري سڏيندا هئا. حڪيم اتا جو وڏو ۽ اول خليفو هو. سندس رهائش شاش شهر ۾ هئي ۽ قبر به سندس اُتي ئي آهي.

خواجه عبدالله کان منقول آهي ته مان جڏهن به زنگي اتا جي قبر تي زيارت لاءِ ويس ته سندس قبر مان الله، الله، جو آواز ٻڌم ٿي.

باب ارسلان جو پوٽو تاج خواجه جو فرزند ڪيترائي سال پنهنجي والد جي تربيت هيٺ هو. سندس وفات کان پوءِ اشاره غيبي موجب حڪيم اتا جي خدمت ۾ رهيو. حڪيم اتا جي وفات کان پوءِ سندس گهر واري جنهن جو نالو عنبر اتا هو. براق خان جي نياڻي هئي، عدت ۾ آئي ۽ عنبر اتا جي جيڪي به اولاد هئا، سي سڀ بزرگ عالم، فاضل ۽ ڪامل هئا ۽ هرهڪ پنهنجي وقت جو مقتدا، سالڪ هو.

مذڪور آهي ته حڪيم اتا سياه چمڪندڙ رنگ جو هو. هڪ ڏينهن عنبر اتا مذاق ڪندي چيو ته ڪاش حڪيم اتا اهڙي ڪاري رنگ جو نه هجي ها. جڏهن حڪيم اتا سندس انهيءَ مذاق کان واقف ٿيو ته کيس چيائين ته تيار ٿي وقت پري نه آهي، جو مون کان به وڌيڪ ڪاري رنگ جو تنهنجو ساٿي ٿيندو ۽ اهو اشارو انهيءَ ڳالهه ڏانهن هو ته مون کان پوءِ تنهنجي زندگي اتا سان پيوسته ٿيندي ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته زنگي اتا ۽ حڪيم اتا جو بظاهر ڪوبه ميلاپ ڪونه هو. البته روحاني طور حڪيم اتا سندس تربيت يافته هو. حڪيم خوارزم ۾ وفات ڪئي ۽ زنگي اتا تاشقند ۾ رهندو هو. جڏهن حڪيم اتا جي وفات جي خبر ٻڌائين ته تعزيت لاءِ خوارزم پهتو. جڏهن عنبر اتا جي عدت جا ڏينهن گذري ويا ته سندس محرم جي هٿ ان ڏانهن نڪاح جو پيغام موڪليائين. پر عنبر اتا نه صرف نڪاح کان انڪار ڪيو، بلڪه ضد ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. عنبر اتا جي انهيءَ انڪار ۽ ناراضگي تي درويش کي ڏاڍو رنج پهتو. پوءِ زنگي اتا ڏانهن چوائي موڪليائين ته عنبر اتا کي شايد اهو قول ياد ڪونه آهي جو پاڻ حڪيم اتا کي مذاق ۾ چيو هئائين ته ڪاش! حڪيم اتا ڪاري رنگ جو نه هجي ها. جنهن کي حڪيم اتا جواب ۾ چيو ته توکي تمام جلد مون کان وڌيڪ ڪارو ساٿي ملندو. اهو اشارو مون ڏانهن هو. عنبر اتا جڏهن اهو ٻڌو ته ڏاڍو رئڻ لڳي ۽ نڪاح جي رضامندي ڏيکاريائين. حالات ڦيرو کاڌو، ضد ڇڏي راه راست تي اچي وئي.

زنگي اتا کي به چار خليفا هئا، جن جا نالا هي آهن:

(1) اوزون حسن اتا، (2) سيد اتا، (3) صدر اتا، (4) بدر اتا.

اهي چارئي خليفا ابتدا ۾ بخارا جي مدرسن ۾ علوم جي تحصيل ۾ مشغول هئا. هڪ رات اوچتو انهن چئني کي روحانيت ۽ طريقت جي تربيت جي حصول جو ذوق پيدا ٿيو. علي الصباح پنهنجن گهرن کي تاراج ڪري، جهنگ ڏانهن روانا ٿيا. پوءِ اتان ترڪستان پهچي زنگي اتا جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس فيض حاصل ڪيائون.

 

اوزون حسن اتا

زنگي اتا جو پهريون خليفو هو.

مذڪور آهي ته چئن طالب العلم، زنگي اتا کي تاشقند جي جهنگ ۾ ڏٺو، جيڪو نيم برهنه حالت ۾ اجرت تي مال چاري رهيو هو. سندس اهوئي گذران جو ذريعو هو. نماز کان پوءِ جڏهن ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندو هو ته ڌڻ کي چرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. ٻيا ڌنار به پنهنجو مال ڇڏي، حلقو ٻَڌي ساڻس گڏ ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. هنن چئني کي ڏٺائين ته انهن سڀني سندس اڳيان اچي کيس سلام ڪيو. زنگي اتا سلام جو جواب ڏئي، کانئس پڇيو ته ڪيئن آيا آهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو؟ چيائون ته طالب العلم آهيون ۽ مرشد جي ڳولها ۾ آهيون. فرمايائين ته مان نشان توهان کي ڏيان ٿو، پوءِ پنهنجي نظر چئني طرفن ڏانهن ڦيرايائين. پوءِ فرمايائين ته هر طرف هوا ۾ سنگهي ڏٺم، مگر اوهان جو مرشد ۽ رهنما مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظر نه آيو.

سيد اتا ۽ بدر اتا کي اها ڳالهه ٻڌي دل تي ڏاڍو بار پيو ۽ چوڻ لڳا ته اسان سيد ۽ عالم آهيون. هن ڪاري شخص ڳنوار جا اسان ڪيئن تابع ٿيون. باقي حسن اتا ۽ صدر اتا انڪار نه ڪيو (اهي ٻئي بيعت ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا) زنگي اتا انهي چئن جي دلين تي توجہ ڪري، پاڻ ڏانهن ڇڪي جذب ڪرڻ جو عمل ڪيو، پوءِ بعد تڪميل عمل اوزون حسن اتا کي پنهنجو خليفو بڻايو.

 

سيّد اتا

سندس نالو احمد هو. هر طرح جي، سخت رياضت ڪيائين. مگر کيس ڪوبه فائدو حاصل ڪونه پيو ٿئي. عنبر اتا جي ذريعي (مرشد زنگي اتا) جي سفارش به ڪرايائين. عنبر اتا جي سفارش ٻڌي زنگي اتا مُشڪيو ۽ فرمايائين ته سيّد هجڻ ۽ علم سندس راه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. شروع ۾ ته منهنجو انڪار ڪيو هئائين، پوءِ صدر اتا تي متوجہ ٿيو ۽ کيس منزل مقصود تي پهچايائين.

 

صدر اتا

سندس نالو صدرالدين هو.

 

بدر اتا

سندس نالو بدرالدين هو، زنگي اتا جو ٽيون يا چوٿون خليفو هو. بخارا شهر ۾ هجڻ وقت يا ته حجره ۾ ويٺو هوندو هو، يا سبق وٺڻ ۾ مصروف هوندو هو، يا سفر ۾ رهندو هو. هڪ وڇاڻي کان سواءِ ننڊ ڪونه ڪندو هو. زنگي اتا پهريائين صدر اتا ڏانهن متوجہ ٿيو هو، ڇو ته مرشد وٺڻ کان هن انڪار نه ڪيو هو. البته بدر اتا، شروعاتي انڪار سبب، آهستي آهستي فيض جي رسائي حاصل ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ عنبر اتا جي سفارش تي ڪماليت جي منزل تي پهتو.

 

شيخ حمّاد دباس

بن مسلم. شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي وقت جي جمله مشائخ مان هيءُ هڪ هو. سندس خاص مصاحب مان هو، کان اميا و فتح عليہ باب المعارف والاسرار وصار قدوة المشايخ الکبار شيخ.

هيءُ اُمي (اڻپڙهيل) هو، ليڪن مٿس معارف ۽ اسرار جو دروازو کلي ويو. پوءِ عارف ۽ شيخ ڪبير بڻجي ويو.

روايت ۾ نقل آهي ته شيخ عبدالقادر جيلاني، جوانيءَ ۾ شيخ حماد جي صحبت ۾ ويهندو هو. هڪ ڏينهن ادب ۽ احترام سان سندس مجلس ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني ويٺو هو. اٿي ڪري وڃڻ لڳو تڏهن شيخ حماد چيو ته هن عجميءَ کي الله تعاليٰ اهڙا قدم عطا فرمايا آهن جو سندس وقت جي تمام اولياء ڪرام جي گردن تي ان جا قدم هوندا ۽ انهيءَ ئي وقت الله تعاليٰ کان کيس حڪم مليو ته چيائين ته قدمي هٰذا علٰي رقبة کلّ ولي الله يعني منهنجو هيءُ پير، هر ولي الله جي گردن تي هوندو ۽ سندس وفات جو سال 529هه آهي.

حڪايت: شام جي علماء مان هڪ عالم نالي عبدالله ڳالهه ٿو ڪري ته آءٌ ۽ ابن سقا بغداد ۾ هئاسون. ان وقت بغداد ۾ هڪ بزرگ شخص رهندو هو، جنهن کي غوث ڪري سڏيندا هئا. هو ڪنهن وقت ظاهر ٿيندو هو. ڪنهن وقت غائب. آءٌ ابن سقا ۽ شيخ عبدالقادر عليہ الرحمة پڻ جوانيءَ ۾ هئاسون ۽ سندس زيارت لاءِ وٽس ويندا هئاسون. ابن سقا ٻڌايو ته کانئس هڪ مسئلو پڇيوسين، ته جواب نه ڏنائين. مون چيو ته اهو مسئلو مان ٿو پڇان. پوءِ مسئلو ان جي اڳيان پيش ڪري، جواب جو انتظار ڪرڻ لڳم. شيخ عبدالقادر عليہ الرحمة فرمايو ته آءٌ ٿو وٽس وڃان ۽ سندس برڪات جو انتظار پيو ڪندس. پوءِ جڏهن سندس جاءِ تي آياسون ته هو موجود ڪونه هو. ٿوري دير کان پوءِ ظاهر ٿيو ۽ غصي سان ابن سقا ڏانهن نگاهه ڪيائين ۽ چيائين ته مسئلو ٿو پڇين ڇا جواب نٿو ڄاڻان؟ مسئلو هن طرح آهي ۽ جواب هن طرح. ڪفر جي باهه تنهنجي زبان تي وسي ٿي، ان کان پوءِ عبدالله ڏانهن مخاطب ٿي چيائين ته اي عبدالله! مون کان مسئلو ٿو پڇي ۽ ڏسي ٿو ته مان ڇا ٿو چوان ۽ اهو مسئلو هن ريت آهي. جواب به هن ريت. هر طرح دنيا توکي غافل رکڻ گهري ٿي. شيخ عبدالقادر پاڻ انهيءَ مسئلي کي سمجهي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ۽ بزرگي جو ادب رکي ٿو ۽ پوءِ چيائين ته اي عبدالقادر! ادب جي نگاهه رکڻ سبب الله تعاليٰ ۽ ان جو رسول ﷺ توکان ڏاڍو خوش آهن ۽ مان ڏسان پيو ته توکي منبر تي ويهاريندا ۽ تون چوندين ته قدمي هٰذه علٰي رقبة کل اولياء الله ۽ ڏسان ٿو ته وقت جا سڀ اولياء الله پنهنجا گردنَ تنهنجي قدم جي هيٺان آڻيندا. ائين چئي غائب ٿي ويو. پوءِ کيس هرگز ڪونه ڏٺم. ابن سقا، علوم ۾ مهارت رکڻ سبب روم روانو ٿي ويو. روم جي بادشاهه علم جو قدر ڪندي، کيس پاڻ وٽ رکيو ۽ پوءِ بادشاهه جي ڌيءَ تي عاشق ٿيو ۽ کانئس ان جو سڱ گهريائين. انهيءَ کيس چيو ته اگر تون نصراني ٿئين ته توکي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيان ٿو. هن نصراني ٿيڻ قبول ڪيو. آخر غوث جو چوڻ صحيح ثابت ٿيو ۽ عبدالله دمشق ۾ اوقاف جو نگران مقرر ٿيو، اهڙيءَ طرح دنياداري ۾ لڳو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن شيخ عبدالقادر پنهنجي رباط ۾ مجلس ڪوٺائي، جنهن ۾ سڀ مشائخ اندازاً پنجاهه جي قريب حاضر ٿيا. جن ۾ هيءُ به هئا: شيخ علي هيئتي، شيخ بقا بن بطو، شيخ ابوسعيد قيلوي، ابونجيب سهروردي، شيخ جاگر، قضب البان، موصلي ۽ شيخ ابوسعود وغيره. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اڪابرين مشائخ اچي حاضر ٿيا. ان مجلس ۾ شيخ عبدالقادر منبر تي بيهي اعلان ڪيو ته قدمي هٰذه عليٰ رقبة کل ولي الله. انهيءَ اعلان کان پوءِ شيخ هيئتي اٿي منبروٽ آيو ۽ شيخ عبدالقادر رحمة الله جو قدم مبارڪ پنهنجي هٿ سان وٺي، پنهنجي گردن تي رکيو ته پوءِ سندس دامن جي هيٺان اچي بيٺو ۽ انهيءَ کان پوءِ سڀ مشائخ اٿيا ۽ انهن مان هرهڪ سندس قدم مبارڪ کڻندو پنهنجي گردن تي رکندو ويو. شيخ ابوسعيد قيلوي چيو ته جڏهن عبدالقادر ﷥ اهو اعلان ڪيو ته حق سبحانہ و تعاليٰ سندس دل تي تجلي ڪئي ۽ رسول الله ﷺ جن مقربين ملائڪن جي جماعت سان گڏ تشريف فرما ٿيا. پهريان ۽ پويان اولياء ڪرام سڀ حاضر ٿيا. انهن ۾ زندهه اولياء پنهنجي جسمن سان اچي حاضر ٿيا ۽ جيڪي مماتيءَ ۾ هئا، سي پنهنجي روحن سان اچي حاضر ٿيا ۽ شيخ عبدالقادر جي خلعت ۾ اچي شريڪ ٿيا، ملائڪ، رجال غيب انهيءَ مجلس ۾ صفن وانگر قطارن ۾ کڙا رهيا، ساري روءِ زمين تي اهڙو ڪوبه ولي ڪونه رهيو، جنهن انهيءَ موقعي تي پنهنجي گردن کي جهڪايو نه هجي ۽ بعض جو چوڻ آهي ته عجم جو هڪ شخص مجلس ۾ موجود هو، جنهن تواضع ڪونه ڪيو ۽ اهو ان حال کان بي خبر رهيو.

 

حڪيم سنائي غزنوي

سندس ڪنيت ۽ نالو ابوالمجد مجدود بن آدم هو. شيخ رضي الدين علي لالا سندس سؤٽ ان سان گڏ هو. صوفيه طبقي جي شاعرن مان وڏو شاعر هو. سندس توبه ڪرڻ جو واقعو ۽ سبب هيءُ آهي جو سياري جي موسم ۾ سلطان محمود سبڪتگين چند ڪافرن جي ٽولي کي سيکت ڏيڻ لاءِ غزنين کان چڙهائي ڪري هت آيو ۽ هن سندس تعريف ۾ قصيده ٺاهي ان جي اڳيان پيش ڪيو. اتي هڪ مدهوش شخص، جيڪو شراب پي بيخوديءَ جي حالت ۾ باهه جي انگيٺيءَ وٽ ويٺو هو، تنهن پنهنجي ساقي کي چيو ته هڪ جام محمود سبڪتگين رند کي به پيار. ساقي کيس چيو ته هو مسلمان غازي مرد آهي. چيائين ته پوءِ اها مردانگي ڪهڙي ڪم جي آهي، جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تڏهن به سندس حڪم نٿو هلي. کيس کپي ته هليو وڃي ته جيئن ملڪ لاءِ ڪو ٻيو اچي. پوءِ چيائين ته ڀلا هڪ پيالو ٻئي رند سنائيڪ شاعر کي ڏي. ساقي کيس چيو ته سنائي مرد فاضل ۽ لطيف مزاج آهي. چيائين ته جيڪڏهن هو لطيف مزاج هجي ها ته ڪنهن ڪم ۾ مشغول هجي ها ۽ پوءِ هو ڪارآمد ٿئي ها. ڪاغذ تي چند خوشامدي جملا لکي پيش ٿو ڪري. پوءِ کيس خبر نه آهي اهي ڪارآمد ٿيندا يا نه. کيس ڪو شاباش جو عيوض ملندو يا نه؟ پوءِ. سنائي جڏهن اهو ٻڌو ته سندس طبيعت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ سلوڪ سان رغبت رکيائين.

مولانا جلال الدين رومي جي بيتن ۾ بيان آهي ته حڪيم سنائي پنهنجي وفات ٿيڻ وقت ڪجهه چئي رهيو هو. حاضرين جڏهن سندس وات تي ڪن ڏنو ته هيءُ بيت پڙهي رهيو هو:

بيت

باز گشتم ز آنچه گفتم ز آنکه نيست

در سخن معني و در معني سخن

معنيٰ: توبه ڪيم ان کان جيڪو ڪجهه چيم. جو هو ئي ڪونه، ڪلام ۾ معنيٰ ۽ معنيٰ ۾ ڪلام.

سندس عزيز اهو ٻڌي چيو ته عجب حال ۾ آهي جو هلڻ وقت به ڪلام سان ڪلام ڪرڻ ۾ مشغول آهي.

سندس وفات جو سال 525هه آهي.

 

خواجه قطب الدين مودود

هن ستن سالن جي عمر ۾ قراءَة سان قرآن مجيد حفظ ڪيو ۽ تحصيل علوم لاءِ به مدرسي ۾ داخل ٿيو. ويهن سالن جي عمر ۾ سندس والد سڳورو فوت ٿي ويو. هيءُ انهيءَ جو جانشين ٿيو. انهيءَ وقت شيخ الاسلام شيخ احمد النامقي الجامي، جام نالي ولايت کان روانو ٿي هرات ۾ آيو. اڪثر خواجه جا خدام کيس چوڌاري وڪوڙي ويا، پر سندس معتقدين ان جي ويجهو اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا. اهو ڏسي شيخ الاسلام پاڻ اٿيو ۽ ان ڪشمڪش کي پار ڪندي، سندس محبت جي غلبي تحت خود ان وٽ پهتو ۽ تمام ويجهو وڃي وٽس ويهي رهيو. ٽي ڏينهن خواجه شيخ الاسلام وٽ رهندي، نوازشون حاصل ڪندو رهيو ۽ پوءِ بلخ ۽ بخارا ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ چئن سالن کان پوءِ موٽي چشت ۾ آيو. شاهه سنجان رڪن الدين محمود نالي سندس ئي تربيت سان منزل مقصود تي پهتو ۽ شاهي لقب سان نوازيو ويو. ان کان اڳ ۾ کيس صرف خواجه سجان سڏيو ويندو هو، بعد ۾ شاهه سنجان جي خطاب سان هميشه سرفرازي ۽ فخر جو کيس مقام مليو. مودود سال 532هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ ابوبڪر شادان

هيءُ وقت جو قطب هو. سال 531هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

عين القضاة همداني

سندس پورو نالو ابوالفضايل عبدالله بن محمد ميخانجي عين القضاة هو. شيخ محمد بن حمويه جو صحبت يافته هو. کانئس ڪافي ڪرامتون ظهور ۾ آيون، جيئن ڪنهن کي جيارڻ ۽ مارڻ. هن چيو ته مون ۽ منهنجي پيءُ، فقرائي ٽولي سان گڏ هڪ صوفيءَ جي گهر ۾ رقص ڪيوسون. ابوسعيد ترمذي بيتڪي جو چوڻ آهي ته منهنجي پيءُ به ان کان گريز نه ڪيو. چيائين خواجه احمد غزالي کي به رقص ڪندي ڏٺو هئم، جنهن جي لباس جا نشان به ياد اٿم. ابو سعيد چيو ته مرڻ جي تمنا اٿم، پوءِ مون کيس چيو ته مري وڃ ۽ انهيءَ ئي حال ۾ اچي مري ويو. وقت جو مفتي موجود هو. جنهن چيو ته جهڙي طرح زنده کي مرده ٿو ڪرين ته ڇا مرده کي به زنده ڪري سگهين ٿو؟ چيم ته مرده ڪير ۽ ڪهڙو آهي؟ چيائين سعيد. عرض ڪيم ته اي الله! سعيد کي زنده ڪر، انهيءَ ئي گهڙيءَ زندهه ٿي ويو.

حبيب السير ڪتاب ۾ لکيل آهي ته قوام الدين ابوالقاسم درڪزيني، جو سنجر جي سلطان جو وزير هو، کيس عين القضاة جي باري ۾ ڀڙڪايو ويو ته هو واعظن جي ذريعي ماڻهن ۾ بداعتقادي ۽ فساد پکيڙي رهيو آهي. ان ڪري وزير عين القضاة جي قتل جي ارادي سان چڙهائي ڪئي ۽ وقت جي فقيهن ۽ عالمن، عين القضاة جي ان ظاهري عمل موجب ان جي قتل جي فتويٰ ڏني هئي. پوءِ عين القضاة کي ان وقت گرفتار ڪري ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. هو ان وقت پنهنجي مدرسي ۾ درس ڏيئي رهيو هو. ڦاسيءَ کان پوءِ سندس جسم کي ساڙي رک ڪري رک کي هوا ۾ اُڏاريو ويو. اهو واقعو 533هه جو آهي.

چيو ٿو وڃي ته عين القضاة پنهنجي قتل کان اڳ هڪ ڪاغذ جو ٽڪر مهر هڻي پنهنجي احباب جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. چيو هئائين ته فلاڻي تاريخ تي جمعي جي نماز کان پوءِ کولي پڙهجو. اتفاقن سندس شهادت جو ڏينهن ۽ تاريخ به اها هئي جنهن جي لاءِ چئي ويو هو. پوءِ جڏهن ڪاغذ کي کولي پڙهيو ويو ته هي رباعي لکيل هئي:

رباعي

اسان شهادت جي موت جي دعا گهري سون

هيءُ جو ٽي گهٽ قيمت شيون اسان گهريون

دوست ائين ئي ڪيو جيئن اسان گهريوسون

جيڪي باهه ۽ لفظ ۽ تڏو گهريوسون.

ارشادات

(1)     چيائين ته جنهن شيءِ سان توکي محبت ۽ پيار آهي، گويا تنهنجو خدائي اهو آهي ۽ تنهنجي نفساني خواهش ئي تنهنجي مالڪ آهي.

(2)    چيائين ته تون چوين به ٿو ۽ ڄاڻي به ٿو ته الله هڪ آهي پوءِ ڇو تون هزار ربّ جوڙي، انهن کي سجدو ٿو ڪرين.

(3)    چيائين ته همت جي نشاني اها آهي جو هو نفعي ۽ نقصان تي هرگز نظر نه ڪر، بلڪ سندس مالڪ ئي سندس مقصود هجي.

(4)    چيائين ته انس ۽ آسائش قناعت کان سواءِ حاصل نه ٿيندو آهي.

چيائين ته صاحب همت کان درد پيدا ٿيندو آهي. اهڙي طرح ابوالحسن خرقاني چيو ته حسنو (کيس) کي درد پيدا ٿيو آهي، پوءِ جتي به هو وڃڻ گهري ٿو درد سندس ساڳي جاءِ تي موجود آهي. جوانمرد کي گهرجي هميشه اهڙي طرح مستعد رهي جو منزل کي ماڻڻ لاءِ خريف جي سامان لاءِ سياري ۾ ئي تياري ڪري.

 

ابوالعباس بن عريف صنهاجي اندلسي

سندس نالو احمد بن محمد هو. سندس خدمت ۾ بيشمار طالب رهندا هئا. ايڏي اجتماع هئڻ سبب بادشاهه وقت کي پنهنجي زوال جو خوف پيدا ٿيو. ان ڪري کيس درٻار ۾ طلب ڪيائين. هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽ بعض جو چوڻ آهي ته پهچڻ سان ئي فوت ٿي ويو ۽ بعض جو چوڻ آهي پهچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ فوت ٿي ويو.

صاحب فتوحات پنهنجي شيخ ابوعبدالله الشعراني کان نقل ڪيو آهي ته هن فرمايو ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي شيخ ابن عريف وٽان ٻاهر نڪري، جهنگ جو سير ڪرڻ ويس ۽ ڏٺم ته وڻ ٽڻ ۽ گاهه سڀ مون تي خصوصيت سان جهڪن پيا. موٽي اچڻ کان پوءِ پنهنجي شيخ سان اهو قصو ڪيم. انهيءَ فرمايو ته اسان اهڙي تنهنجي تربيت ڪونه ڪئي آهي، الله تعاليٰ تنهنجو اهو امتحان ٿو وٺي. آءٌ توکي الله تعاليٰ جي ئي حوالي ڪريان ٿو. پوءِ توبہ ڪر ۽ توبہ جي صدق جي علامت اها آهي ته جڏهن تون انهيءَ جاءِ تي موٽي ويندين ته وڻ ٽڻ توکي ڪجهه به نه چوندا ۽ نه تو ڏانهن توجہ ڏيندا، پوءِ ابوعبدالله جڏهن موٽي انهيءَ جڳهه تي ويو ۽ انهي وڻ وغيره کان ڪجهه ڪونه ٻڌائين، شڪر جو سجدو بجا آندائين ۽ پوءِ پنهنجي شيخ ڏانهن موٽي ويو.

شيخ ابن عريف جي وفات جو سن 536هه آهي.

 

شيخ الاسلام احمد نامقي جامي

سندس ڪنيت ابونصر هئي. بن حسن حضرت جرير بن عبدالله الجلي ﷦ جي فرزندان مان هو.

شيخ کي 42 يا 43 فرزند هئا. سندس وفات کان پوءِ صرف 14 پٽ سندس رهيا ۽ سڀئي عالم، پيشوا، ڪامل ۽ صاحب ڪرامت ۽ تصنيف هئا. شيخ اُمي هو، ٻاويهن سالن جي عمر ۾ کيس توبہ جي توفيق ٿي ۽ هو جبل ۾ هليو ويو ۽ ارڙهن سالن جي رياضت کان پوءِ موٽي اچي چاليهن سالن ۾ ارشاد خلق جي عمل تي مامور ٿيو. مٿس علم لدني جا دروازا کلي ويا ۽ علم توحيد، معرفت، باطني حڪمت، روش طريقت ۽ اسرار حقيقت جي متعلق ٽن سون کان وڌيڪ صفحن تي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ڪو عالم ۽ حڪيم ان تي ڪوبه اعتراض ڪري نه سگهيو.

شيخ ظهيرالدين عيسيٰ جيڪو شيخ جو فرزند هو. ان پنهنجي ڪتاب ”رموزالحقائق“ ۾ لکيو آهي ته منهنجي پيءُ جي هٿ تي ڇهه سو هزار ماڻهن توبہ ڪري فرمانبرداري قبول ڪئي ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لڳا.

مذڪور آهي ته شيخ ابوسعيد ابوالخير کي هڪ جبو خلعت ۾ مليو هو. جيڪو سيدنا ابوبڪر صديق ﷦ جي ميراث هو. کيس حڪم ٿيوته پنهنجي فرزند شيخ احمد ۽ ان جي فرزند ابوطاهر کي وصيت ڪر ته منهنجي وفات کان چند سال بعد هڪ سهڻو نوجوان بلند بالا سهڻين اکين وارو ظاهر ٿيندو، جنهن جو نالو احمد هوندو. منهنجي هيءَ خلعت (خرقہ) ان کي ڏجو. اهو خرقه ٻاويهه مشائخ پهريو هو. آخر ۾ شيخ الاسلام کي رسيو. ۽ اخي علي عابدي کان روايت آهي ته هڪ دفعي شيخ الاسلام نامق جي جبل ۾ موجود هو ته کيس خبر پئي ته سندس پيءُ لاچار ٿي ويو آهي. هو ڊوڙندو آيو ۽ والد وٽ پهچي تازو وضو ڪري، شام واري نماز پڙهي، پنهنجي مصلّي تي ويهي رهيو. سندس حالت متغير ٿي وئي ۽ پوءِ بيهي مناجات شروع ڪيائين ۽ عرض ڪيائين ته اي منهنجا الله! تنهنجي بارگاهه کان اها ئي توقع هئي ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي پيءُ جو جڏهن اهڙو حال ٿيندو ته ضرور مون کي خبر پهچندي ۽ ٻي نماز تائين انهيءَ ئي مناجات ۾ کڙو رهيو. پوءِ پنهنجي هٿ کي ڊگهو ڪري پنهنجي پيءُ جي کاڏيءَ کي پڪڙي دعا ڪندو رهيو. پوءِ سندس پيءُ چيو ته آخرت جو حال ڏسان پيو. منهنجي پُٽَ کي جيڪو ڪم ڪرڻو هئو سو ڪيائين، پوءِ پُٽَ کي مخاطب ڪري چيائين ته هاڻي وڌيڪ ڇا ڪرڻ گهرجي. چيائينس ته اول توبہ ڪر ۽ ڪلمہ شهادت پڙهه ۽ خواجه ائين ئي ڪيو. ڇهن ڏينهن تائين زندهه رهيو پوءِ وفات ڪري ويو، شيخ احمد جي وفات جو سال 539هه هو.

 

سهلا سرخسي

هيءُ عقلمند مجنونن مان هو. صاحب ڪرامت هو. شيخ الاسلام جاميءَ جي صحبت ۾ رهيو.

 

حڪيم عثمان بن محمد مختاري

هيءُ حڪيم سنائي غزنوي جي وقت جو هو. سندس ئي معتقد هو. سال 554هه ۾ گذاري ويو.

 

جاريہ حبشيہ

شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره فرمائي ٿو ته آءٌ جوانيءَ ۾ پهريون دفعو حج جو ارادو ڪري بغداد کان روانو ٿيس ۽ شيخ عدي به منهنجو رفيق هو. هڪ ڏينهن جاريه حبشيه برقعه پوش عورت نمودار ٿي ۽ تيزيءَ سان اچي اسان کي پهتي. سڏ ڪري چيائين ته اي نوجوانو! ڪٿان آيا آهيو. چيوسون عجم کان. چيائين ته اڄ مون کي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي. پڇيوسون ته ڪيئن؟ چيائين ته هن ئي گهڙي، بلاد حبش ۾ ڏٺم ته الله تعاليٰ تنهنجي دل جي مٿان تجلي ڪئي ۽ برڪت عطا ڪئي، ايتري قدر جو اڳ ٻئي ڪنهن کي عطا ڪونه ڪئي وئي آهي. توکان سواءِ ٻين کي ته سڃاڻان پر توکي سڃاڻڻ جو ارادو ڪيم، ته ڏسي وٺان ۽ سڃاڻان، انهيءَ ڪري هت حاضر ٿيس. پوءِ چيائين ته اڄ اوهان سان مجلس ڪنديس ۽ اڄ رات اوهان سان گڏ افطاري ڪنديس. پوءِ واديءَ جي هڪ طرف رواني ٿي ۽ اسان وري ٻئي طرف روانا ٿياسون. جڏهن رات آئي ته هوا مان هڪ طبق هيٺ اچي پيو، جنهن تي ڇهه نان هئا ۽ ان کان پوءِ ٽي لوٽا پاڻيءَ جا پهتا. پوءِ مانيون کاڌيون سين ۽ پاڻي پيتوسين، جيستائين اسان کاڌو نه کاڌو انهيءَ به نه کاڌو ۽ جيستائين اسان پاڻي نه پيتو، تيستائين انهيءَ به پاڻي نه پيتو. ائين ئي (جاريه حبشيه) اسان کان جدا ٿي وئي ۽ پوءِ هرگز کيس راهه ۾ ڪونه ڏٺوسين. جڏهن مڪہ پاڪ پهتاسون ته شيخ عدي کي طواف دوران هڪ تجلي ڏسڻ ۾ آئي. ڳولها ڪئي سون. پر چيو ويو ته مرده آهي. اوچتو جاريه نظر آئي، جيڪا سندس سيراندي کان بيٺل هئي ۽ چئي رهي هئي ته جيتوڻيڪ تون زنده ڄاتو وڃين ٿو حالانڪ تنهنجي موت جو حڪم ٿي چڪو آهي، پر پيرن تي کڙو ٿي بيهه. ان کان پوءِ مون کي طواف ڪندي تجلي نظر آئي ۽ پنهنجي باطن ۾ اول خطاب ٻڌم ۽ آخر ۾ مون کي چيو ويو ته اي عبدالقادر! تنهائي کي ڇڏي ظاهري زندگي ۾ رهه ۽ توحيد کي پاڻ تي لازم ڪندي مخلوق کي نفعو رساءِ. دنيا ۾ منهنجا خاص ٻانها موجود آهن، مان چاهيان ٿو ته تنهنجي ذريعي کين قرب جو شرف بخشيان. اوچتو اتي جاريه نمودار ٿي ۽ چيائين اي جوان! مون کي خبر نه پئجي سگهي ته تنهنجو الله وٽ ڪيڏو بلند درجو آهي، ڇو ته اڄ تنهنجي مٿان نور جو ڪَڪَرُ بيٺل ڏٺم ۽ آسمان جا مقرب ملائڪ تنهنجي چوڌاري اچي جمع ٿيا ۽ اهڙو تنهنجو مقام ڏسي سڀني اوليآئن جون اکيون حيران ٿي ويون. اهڙي درجي جي حصول ۾ تمنا ڪندي اميد وار ٿيا. ان کان پوءِ جاريه هلي وئي. مون وري کيس نه ڏٺو.

 

عدي بن مسافر شامي ثم هنڪاري

هيءُ شيخ عقيل منهنجي ۽ حماد دباس جو صحبت يافته هو. حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي پهرين حج ۾ سندس ساٿي هو. هن جو ذڪر مٿي جاريه حبشيه جي بيان ۾ ڪيو ويو آهي. سندس وفات جو سال 554هه آهي.

 

شيخ محي الدين سيّد عبدالقادر جيلاني قدس سره و نور مرقده

سندس ڪنيت ابو محمد هئي، بن شيخ موسيٰ جنگي دوست بن عبدالله بن يحيٰ زاهد بن دائود بن محمد بن موسيٰ الجون بن عبدالله بن حسن المثني بن حسن مجتبيٰ عليہ السلام.

نسبہ ابوعبدالله صومعي سندس والده سڳوري ام الخير امة الجبار فاطمہ بنت ابي عبدالله الصومعي.

مذڪور آهي ته سندس والده سڳوري بيان ٿي ڪري ته جڏهن منهنجو فرزند عبدالقادر پيدا ٿيو ته رمضان شريف جو مهينو هو. ڏينهن جو کير هرگز نه پيئندو هو. هڪ دفعي آسمان تي جهڙ هئڻ سبب رمضان شريف جو چنڊ نه ڏيکارجي سگهيو، پوءِ شيخ عبدالقادر جن جي والده سڳوري کان پڇا ڪيائون، جنهن ٻڌايو ته اڄ عبدالقادر﷥ کير ڪونه پيتو آهي، پوءِ پڪ ٿي ته روزو آهي. آخر معلوم ٿيو ته رمضان شريف جي پهرين تاريخ آهي.

سندس ولادت 471هه ۾ ٿي، جنهن جو عددي لفظ عاشق جي عدد سان لڳي ٿو. شيخ عبدالقادر ﷥ جن جي زباني. روايت آهي ته چيائين مان ننڍو هئس ته عرفه جي ڏينهن ٻاهر صحرا ۾ نڪري ويس ته هڪ سانُ منهنجي حفاظت لاءِ آيو ۽ هُن مون کي موٽايو ۽چيائين ته اي عبدالقادر﷥ تون هر ڪم لاءِ مامور نه آهين ۽ نه وري تون عام مخلوق آهين. مان ڊڄي ويس ۽ موٽي آيس ۽ پنهنجي سراء جي ڇت تي ويهي رهيس ۽ ڏٺم ته حاجي سڳورا عرفات ۾ بيٺا آهن. پوءِ مان پنهنجي والده سڳوري جي خدمت ۾ آيس ۽ کيس عرض ڪيم ته مون کي الله تعاليٰ جي راهه ۾ وقف ڪري ڇڏ ۽ مون کي اجازت ڏي ته بغداد وڃي علم پڙهڻ ۾ مشغول ٿيان ۽ الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن، صالحين جي به زيارت ڪريان. پوءِ مون کان انهيءَ اِرادي ڪرڻ جو سبب پڇيائين. مون کيس ساري ڳالهه ٻڌائي، پوءِ روئي پيئي ۽ مون کي اجازت به ڏنائين ۽ اسي دينار ڪڍي آئي جيڪا منهنجي پيءُ جي ميراث هئي. انهن منجهان چاليهه دينار منهنجي ڀاءُ لاءِ رکيائين ۽ چاليهه دينار منهنجي پهراڻ جي اندران سبي سفر جي اجازت ڏنائين ۽ وصيت ڪيائين ته هر حال ۾ سچ ڳالهائج. پوءِ موڪلائي مان ٻاهر آيس. چيائين الله تعاليٰ جي راهه ۾ توکي روانو ڪريان ٿي ۽ ان جي ئي حوالي ٿي ڪريان. پوءِ هڪ ننڍڙي قافلي سان گڏ مان بغداد روانو ٿيس. جڏهن همدان کان لنگهياسون ته سٺ ڦورو ڦري آيا ۽ قافلي کي ڦُري لُٽي ويا ۽ مون سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪيائون. انهن منجهان هڪڙو لٽيرو سڌو مون وٽ آيو ۽ پڇيائين ته اي فقير! تو وٽ به ڪجهه آهي. چيم هائو، مون وٽ چاليهه دينار آهن. هُن سمجهيو ته شايد مسخري ٿو ڪري. پوءِ مون کان وري ٻئي لُٽيري پڇيو، ان کي به ساڳي ڳالهه ٻڌايم. وري ٽئين ڦورو پڇيو مون ان کي به چيو ته مون وٽ برابر چاليهه دينار آهن. دينارن جي ڳالهه ٻڌي سردار به حيرت ۾ پيو ۽ پڇيائينس ته اهي تنهنجا دينار ڪٿي آهن. چيم منهنجي پهراڻ جي اندرين پاسي ۾ سِبيل آهن. منهنجو پهراڻ وٺي ان کي کوليائين ته دينار حاصل ڪيون. ڌاڙيلن جي سردار مون کي چيو ته تو اهي ڇو ظاهر ڪيا، حالانڪ اسان کي ڪابه خبر ڪونه پئجي سگهي ها. چيم ته منهنجي والده سڳوري مون کان سچ تي رهڻ جو عهدو ورتو هو، انهيءَ ڪري سندس عهد جي خيانت نه ڪيم. پوءِ اهو چورن جو سردار ڏاڍو رُنو ۽ چيائين ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي مان پنهنجي پروردگار جي عهد ۾ خيانت ڪري رهيو آهيان. پوءِ منهنجي هٿ تي توبہ ڪيائين. سندس ٽولي ڏٺو ته جڏهن اسان جي سردار انهيءَ ڪم کان توبہ ڪئي آهي ته پوءِ ڇو نه اسان به توبہ ڪريون. پوءِ سڀني ڦورن منهنجي هٿ تي توبہ ڪئي ۽ ڦُر لُٽ ڪيل سڀ مال مالڪن کي موٽائي ڏنائون. اهي منهنجي هٿ تي توبہ ڪرڻ وارا پهريان شخص هئا.

شيخ عبدالقادر﷥جيلاني وڌيڪ فرمايو ته جمع جي ڏينهن بعض سيّاح بغداد ۾ آيا ۽ انهن مان هڪ پيرين اگهاڙي بيمار ۽ رنگ ڦِريل نظر آيو. مون کي چيائين ته السلام عليک يا سيّد عبدالقادر! مون به کيس جواب ڏنو. چيائين ته منهنجي ويجهو اچ ۽ مون کي ڏس. پوءِ سندس ويجهو ويس ۽ ڏٺم ته سندس جسم جو گوشت تازو وڍيل هو، مگر کيس ڪونه سڃاتم. پڇيائين ته ڇا مون کي سڃاتو اٿئي؟ چيم ته نه! چيائين ته مان دين اسلام آهيان جو اهڙي طرح لاغر ۽ ناتوان ٿي ويو آهيان. هاڻي الله تعاليٰ مون کي تنهنجي هٿان زندهه ڪندو. انت محي الدين. پوءِ جڏهن جامع مسجد ۾ داخل ٿيس ته ماڻهو استقبال لاءِ اٿي آيا ۽ منهنجون جتيون منهنجي آڏو ٺاهي رکيائون ۽ چيائون ته شيخ محي الدين. پوءِ جڏهن نماز ختم ڪيم ته هر طرف کان ماڻهو ڦري آيا ۽ منهنجا هٿ، پير چُمڻ لڳا ۽ اهوئي خطاب ڪرڻ لڳا ان کان پوءِ مون کي انهيءَ ئي لقب سان سڏڻ لڳا. سن 488هه ۾ بغداد آيس ۽ وعظ ۽ تبليغ جي تربيت حاصل ڪيم. 521هه ۾ مجلس وعظ شروع ڪيم.

فرمائي ٿو ته پورا يارهن سال هڪ برج ۾ ويهي عبادت ڪيم. الله تعاليٰ سان عهد ڪيم ته جيستائين کاڌي جو لقمو منهنجي وات ۾ وجهي نه کارائيندين، تيستائين هرگز نه کائيندس ۽ جيستائين نه پياريندين، تيستائين هرگز نه پيئندس. هڪ دفعو پورا چاليهه ڏينهن نه کاڌم. چاليهه ڏينهن کان پوءِ هڪ شخص آيو ۽ ٿورو طعام منهنجي اڳيان رکي هليو ويو. سخت بک هئڻ سبب منهنجي نفس گهريو ته طعام کي کائڻ شروع ڪريان. پوءِ خيال آيو ته جيڪو الله سان عهد ڪيو اٿم، ان کي نه ٽوڙيان پوءِ ٻُڌم ته منهنجي باطن مان ڪو بلند آواز سان فرياد ٿو ڪري ته الجوع، الجوع (بُک، بُک) اوچتو شيخ ابوسعيد مخزومي اتان لنگهيو ۽ اهو آواز ٻڌائين. چيائين ته اي عبدالقادر هي ڇا آهي؟ چيم ته نفس جي پريشاني ۽ بي چيني آهي، پر منهنجو روح برقرار آهي. الله تعاليٰ جي مشاهدي ۾ پرسڪون آهي. چيائين منهنجي گهر اچ پوءِ روانو ٿيڻ لڳس، وري پنهنجو پاڻ کي چيم ته ٻاهر هرگز نه ويندس ايتري ۾ ابوالعباس خضر عليہ السلام آيو. چيائين ته اُٿ ۽ ابوسعيد وٽ وڃ! پوءِ روانو ٿيس ۽ جڏهن ابوسعيد جي گهر وٽ پهتس ته ڏٺم ته هو اڳي ئي منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. مون کي ڏسي چيائين ته اي عبدالقادر! منهنجي چوڻ تي نه آئين ۽ جڏهن خضر توکي چيو ته پوءِ آيو آهين، پوءِ مون کي پنهنجي گهر ۾ وٺي ويو ۽ طعام آندائين. پوءِ گرهه، گرهه ٺاهيندو منهنجي وات ۾ وجهندو ويو، تانجو منهنجو بلڪل ڍَءُ ٿي ويو ۽ مون کي خلعت (خرقه) پهرايائين. ان کان پوءِ صحبت کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيم.

الشيخ ابومحمد عبدالقادر بن ابي صالح بن عبدالله الجيلي الخرقہ من يد الشيخ ابي سعيد المبارڪ بن علي المخزومي وهو لبسها من يد الشيخ ابي الحسن علي بن محمد بن يوسف القرشي الهنکاري وهو لبسها من يد الشيخ ابي الفرح الطرطوسي وهو من يد الشيخ ابي الفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز التميمي وهو من يد الشيخ ابي بکر الشبلي قدس الله تعاليٰ ارواحهم.

ترجمو: شيخ ابومحمد عبدالقادر بن ابي صالح بن عبدالله جيلانيءَ کي هي خلعت (پوشاڪ) الشيخ ابي سعيد المبارڪ بن علي مخزومي جي هٿان پهرائي وڃي ٿي ۽ ان کي الشيخ ابي الحسن علي بن محمد بن يوسف القرشي هنڪاري جي هٿ سان پارائي وئي هئي. ۽ ان کي وري شيخ ابي الفرح طرطوسي هٿ سان پارائي هئي ۽ ان کي وري ابي الفضل عبدالواحد عبدالعزيز تميمي پنهنجي هٿ سان پارائي هئي ۽ ان کي شيخ ابوبڪر شبلي پنهنجي هٿ سان پارائي هئي.

پڻ فرمايائين ته هڪ دفعي سير ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته هڪ شخص مليو جنهن کي مان اڳ ڪونه ڏٺو هو. مون کي چيائين ته مون سان سنگت ڪندين، مون چيو ته هائو! پوءِ چيائين ته بشرطيڪ تون مخالفت نه ڪندين. چيم ته نه ڪندس. پوءِ چيائين ته اتي ويهي رهه، جيستائين جو مان موٽي اچان پوءِ هڪ سال گذري ويو. مان اُتي ويٺو رهيس مگر هو نه آيو ۽ هڪ سال کان پوءِ آيو هڪ گهڙي ويهي، پوءِ اُٿيو ۽ چيائين ته جيستائين مان نه اچان، هتان ڪيڏانهن به نه وڃج وري سال کان پوءِ موٽي آيو ۽ ساڳي طرح چئي وري هليو ويو ۽ وري سال کان پوءِ آيو پاڻ سان نان ۽ کير کڻي آيو ۽ چيائين ته مان خضر آهيان ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته توسان گڏ کاڌو کان. پوءِ اسان گڏجي کاڌوسون پوءِ چيائين ته اُٿُ هاڻي بغداد هلون پوءِ بغداد ۾ پهتاسون.

سندس وفات بحساب عدد ”معشوق الهٰي“ هم عدد 561هه بعمر 91 سال هم عدد ”ڪامل“ قادريه سلسله ساڻس ڏانهن منسوب آهي. ان جو طريقو سندس تصنيفات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. سلسله جو خاص ذڪر ماهوحي. يا اهڙي طرح آهي. اهڙي طرح مير سعدالله پنهنجي رسالي ۾ لکيو آهي ته سندس سَنَدَ شيخ جنيد بغدادي تائين پهچي ٿي. جيئن ته هو از قطب الاوان ابي سعيدالمبارڪ ۽ اهو از قطب شيخ ابي الحسن علي القريشي ۽ اهو از شيخ يوسف طرطوسي ۽ اهو از شيخ عبدالعزيز تميمي ۽ اهو از شيخ احمد ۽ اهو از شيخ ابي بڪر شبلي ۽ اهو از سيد الطائفه جنيد بغدادي. کيس ڏهه فرزند صاحب ڪرامت هئا:

1. شيخ سيف الدين عبدالوهاب، سندس فرزندن مان وڏو فرزند هو.

2. شرف الدين عيسيٰ.

3. شيخ تاج الدين ابوبڪر عبدالرزاق.

4. شيخ سراج الدين عبدالجبار. سندس ڪنيت ابوالفرح هئي. پنهنجي والد سڳوري کان فيض جو ڪمال حاصل ڪيو هئائين ۽ عراق جو مفتي هو. سندس وفات ۽ قبر بغداد ۾ آهي.

5. شيخ عبدالحق ابراهيم هن به پنهنجي پيءُ کان صوري ۽ معنوي ڪمالات حاصل ڪيا ۽ سندس قبر واسط شهر ۾ آهي.

6. شيخ ابوالفضل سندس قبر بغداد ۾ آهي.

7. شيخ ابوعبدالرحمٰن عبدالله پنهنجي پيءُ کان علم فقہ ۽ حديث پڙهي هئائين ۽ سندس قبر بغداد ۾ آهي.

8. شيخ ابوزڪريا يحيٰ هيءُ به فاضل ۽ ڪامل هو. سندس قبر بغداد ۾ پنهنجي ڀاءُ سيد عبدالوهاب جي قبر جي ڀرسان آهي.

9. ابونصر موسيٰ پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ کان پوءِ ڪسب ڪمال لاءِ دمشق ويو ۽ اتي فوت ٿي ويو. سندس قبر به انهيءَ جاءِ تي آهي.

 

شيخ ضياء الدين ابونجيب عبدالقاهر سُهروردي قدس سره

سندس نسب ٻارهن واسطن سان حضرت ابوبڪر صديق ﷦ سان ملي ٿو ۽ طريقت ۾ سندس نسبت شيخ احمد غزالي سان آهي. کيس ظاهر ۽ باطن ۾ ڪمال حاصل هو. سندس تصنيفات ۽ تاليفات تمام گهڻيون آهن ۽ سال 563هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com