سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 16

 

شيخ محمد ڪجوجاني

ڪجوجان، هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. جيڪو تبريز کان هڪ ميل پنڌ تي آهي ۽ هيءُ بزرگ پنهنجي وقت جو ڪامل ولي الله ۽ زهد ۽ تقويٰ ۾ بي مثل هو.

ابا قاخان جي وقت ۾ سن 663هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

سلطان جاريه

سندس نالو سيد حسين ولد سيد ابومحمد عبدالله اڪبر بن سيد ابي صالح موسيٰ بن عبدالله هو.

سال 666هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ اهو نالو ۽ نسب سندس قبر جي تختي تي لکيل آهي. اڃا تائين اهو يادگار باقي آهي.

مذڪور آهي ته هيءُ بزرگ حسيني نسب آهي. جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيو ته سنڌ جي بعض سابق مشائخن کيس برداشت ڪيو ۽ بعض سندس رهڻ کي پسند نه ٿي ڪيو. پوءِ ان حسيني بزرگ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خدمت ۾ خواب ۾ اهڙو اظهار ڪيو. حڪم ٿيو ته اهو سنڌ لاءِ مقرر ٿيل آهي. جيڪو وڻيس سو ڪري ۽ جيڪو وڻيس سو چوي.

سندس مزار ٺٽي جي الهندي طرف هڪ مشهور پهاڙي تي آهي.

 

خواجه قطب الدين بختيار اوشي ڪاڪي

هيءُ بزرگ خواجه معين الدين چشتي جو جليل القدر خليفوهو. هميشه ياد الٰهي ۾ مستغرق هوندو هو. سندس پاڙي ۾ هڪ بقاليءَ جو دڪان هوندو هو، جنهن کان ضرورت جو سامان بطور قرض وٺندا هئا پر کيس چوڻ هو ته قرض ٽي سو درهم کان وڌيڪ نه ڏج ۽ جڏهن فتوحات اينديون هيون ته قرض ادا ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي قرض کان بيزار ٿي ارادو ڪيائين ته ڇا به ٿي پوي قرض نه کڻندس. ان کان پوءِ الله جي قدرت سان هڪ ماني روزانو مصلي هيٺان مهيا ٿيندي هئي، جنهن تي سارو عيال گذارو ڪندو هو. ڪيترو ئي وقت ائين گذري ويو. انهيءَ دڪاندار اهو خيال ڪيو ته شايد خواجه مون کان ناراض ٿي ويو آهي. پوءِ پنهنجي گهر واريءَ کي موڪليائين ته خواجه جي گهر واريءَ کان اهو احوال معلوم ڪري اچ ته ڇا ماجرا آهي؟ خواجه جي گهر وارن کيس احوال ٻڌايو. پوءِ راز ظاهر ٿيڻ بعد، مانيءَ مهيا ٿيڻ بند ٿي وئي. افغاني زبان ۾ ڪاڪ مانيءَ کي چوندا آهن. انهيءَ ڪري خواجه جو لقب ڪاڪي (ماني وارو) پئجي ويو.

شيخ نظام الدين اوليآء کان منقول آهي، فرمايائين شيخ معين الدين، خواجه قطب الدين کي پنج سو درهم تائين قرض وٺڻ جي اجازت ڏني هئي. خواجه جڏهن ڪمال درجي کي پهتو، تڏهن خواجه معين الدين، شيخ علي سجزي کي حڪم فرمايو ته هڪ تحرير لک ته قطب الدين دهلي روانو ٿي وڃي ۽ اسان اتان جي خلافت قطب الدين کي ڏئي ڇڏي آهي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ دهلي آهي. سر تسليم ڪرڻ کان پوءِ کيس دستار، ٽوپي خاص ۽ خواجه عثمان هاروني جي عصا (هاسو) قرآن مجيد، مصلو، جُتي مبارڪ عطا ڪري رخصت ڪيائين. پوءِ حڪم موجب دهلي پهتو ۽ ساري عمر اتي رهيو ۽ سال 668هه ۾ گذاري ويو.

 

شيخ جلال الدين احمد جوزفاني

هيءُ شيخ رضي الدين لالا جو مريد هو.

شيخ رڪن الدين علاو الدوله جو چوڻ آهي ته شيخ احمد ذاڪر عالي مرتبي وارو هو. تصوف ۽ سلوڪ جي سندس مناسبت شيخ ابوالحسن خرقاني ۽ ان کان رضي الدين علي لالا سلطان بايزيد سان هئي. شيخ رضي الدين علي لالا فرمائي ٿو ته جيڪو شخص اسان جي جلال الدين جي خاموشي ۽ سڪوت سان موافقت ڪري ته ٻين ماڻهن جو ڪجهه جنيد ۽ شبلي کان حاصل ڪيو آهي. اهو جمال الدين احمد کان حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس وفات سنه 669هه ۾ ٿي.

 

شيخ رضي الدين علي لالا غزنوي

سندس نالو علي بن سعيد بن عبدالجليل آهي، شيخ سعيد، سندس چاچي حڪيم سنائي جو فرزند هو. شروع ۾ هيءُ شيخ ابويعقوب يوسف همداني جي صحبت ۾ رهيو. بعد ۾ شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي خدمت ۾ پهچي. سندس مريد ٿيو ۽ علم باطني ۽ ظاهري تي دسترس حاصل ڪيائين ۽ ڪافي اڪابر مشائخ جي صحبت به حاصل ڪيائين.

چيو وڃي ٿو ته هڪ سو چوويهه ڪامل مشائخ کان خرقه ولايت حاصل ڪئي هئائين ۽ سندس وفات کان پوءِ هڪ سو تيرهن خرقه باقي هئا. هندوستان جو سفر اختيار ڪيائين ۽ حضرت ابوالرضارتن جي خدمت ۾ پهچي کانئس مستفيض ٿيو ۽ ابوالرضارتن کان پاڻ سڳورن ﷺ جن جي امانت وصول ڪيائين. اهڙي طرح شيخ رڪن الدين علاو الدوله ان ڳالهه جي تصديق ڪندي فرمائي ٿو ته: صحب يعني شيخ رضي الدين علي لالا صاحب رسول الله ﷺ ابوالرضارتن بن نصر فاعطا مشطاً من امشاط الرسول ﷺ (شيخ رضي الدين علي لالا، صاحب رسول ﷺ ابوالرضا رتن کان امانت پاڻ سڳورن ﷺ جي ڦڻي مبارڪ حاصل ڪئي).

 

ابوالرضا رتن بن نصر

هيءُ بابا رتن جي نالي سان مشهور هو. مذڪور آهي ته هيءُ سن 6صدي هجري کان پوءِ هندوستان ۾ ظاهر ٿيو ۽ سندس دعويٰ هئي ته آءٌ حضور اڪرم ﷺ جن جي اصحاب مان آهيان. چنانچه گذريل ذڪر ڪيل پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ڦڻي مبارڪ شيخ رضي الدين علي لالا کي ڏني هئائين. ۽ بابا رتن پاڻ سڳورن ﷺ جون ڪافي حديثون بيان ڪندو هو. چوندو هو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي دعا مبارڪ سان مون کي ايڏي ڊگهي عمر عطا ٿي آهي.

صاحب قاموس محمد بن يعقوب فيروزآبادي بيان ٿو ڪري ته مون انهيءَ صحابي کان ڪيتريون حديثون ٻڌيون هيون.

شيعه انهيءَ جي تڪذيب ٿا ڪن، ذهبي ان جي احاديث جي ڪذب ۾ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. والعلم عندالله.

 

شيخ حميدالدين صوفي سعيد ناگوري سوالي

سندس لقب سلطان تارڪين هو. ڪنيت ابواحمد هئي. خواجه معين الدين چشتي جي عظيم خليفن مان هو. سعيد بن زيد رضي الله عنه صحابي جي اولاد مان هو.

سندس چوڻ آهي ته دهلي جي فتح ٿيڻ واري ڏينهن مسلمانن جي گهراڻي ۾ اول پيدا ٿيڻ وارو آءٌ ئي هئس .

شيخ نظام الدين اوليآء سندس تصنيفات مان سندس ئي ملفوظات جو انتخاب ڪري پنهنجي هٿ سان لکيا هئا ۽ سيرالالياء جي مصنف انهن کي سلطان المشائخ کان نقل ڪيا آهن.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن خواجه معين الدين ڏاڍو خوش هئا. حاضرين کي فرمايائون ته قبوليت جا دروازا کليل آهن جنهن کي جو به گهرڻو آهي گهري وٺي، پوءِ ڪنهن دنيا طلب ڪئي ۽ ڪنهن آخرت. پوءِ شيخ ڏانهن منهن ڪري فرمايائين ته ڇا تون اهو گهرين ٿو ته دنيا ۽ آخرت ٻئي تنهنجون منور هجن. چيائين ته بنده کي ڪابه خواهش ڪونه آهي. گهُر گهُر پوءِ خواجه حميدالدين ان وقت خواجه قطب الدين ڏانهن پنهنجو رُخ ڦيرائي عرض ڪيو جو به حڪم ٿئي اهو سڀ اوهان جي اختيار ۾ آهي. پوءِ خواجه معين الدين فرمايو: التارک الدنيا و الفارغُ عن العقبيٰ سلطان التارکين (سلطان التارکين) يعني دنيا کان تارڪ ۽ آخرت کان فارغ ۽ تارڪين جو بادشاهه حميدالدين صوفي. انهيءَ کان پوءِ سندس لقب تارڪ السلطان پئجي ويو.

مذڪور آهي ته شيخ حميدالدين ناگور کي سوالي نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڪجهه زمين جو ٽڪرو هو. جنهن کي پاڻ پنهنجي هٿن سان آباد ڪري، پنهنجي عيال جو گذر اوقات ڪندو هو. سندس وفات 673هه ۾ ٿي ۽ شهر ناگور ۾ ئي سندس قبر آهي.

 

شيخ ابوالغيث جميل يمني

شروعات ۾ هيءُ ڦُر لُٽ ڪندڙ ڌاڙيل هو. هڪ ڏينهن ڦُر ڪرڻ جي ارادي سان قافلي جي انتظار ۾ ويٺو هو ته غيبي آواز ٻڌائين يا صاحب العين عليک عين (اي قافلي تي) نظر ڪرڻ وارا تنهنجي مٿان به نظر (ڪيل) آهي. انهيءَ آواز سندس دل تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ توبهه ۽ انابت ڪري، شيخ ابن افلح يمني جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جڏهن سندس ڪرامت جو ظهور ٿيو، تڏهن ابن افلح يمني کيس چيو ته هينئر تون مون وٽان هليو وڃ، ڇو ته هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون پئجي نه سگهنديون آهن. گهڻوئي کيس منٿون ڪيائين. مگر شيخ ابن افلح پاڻ وٽ کيس رهڻ جي اجازت نه ڏني. پوءِ ٻئي ڪنهن شيخ جي طلب ۾ نڪتو، هر ڪنهن شيخ کيس ائين ئي چيو ته اسان وٽ تنهنجي حاجت ڪونه آهي. آخر شيخ ڪبير علي اهل دل جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ هن کيس قبول ڪيو. ابوالغيث جو چوڻ آهي ته آءٌ جڏهن شيخ ڪبير علي جي خدمت ۾ پهتس ته پاڻ کي ائين محسوس ڪيم ته آءٌ سمنڊ جو صرف هڪ قطرو آهيان. سندس وفات جو سال 651هه آهي.

 

شيخ ابوالحسن علي بن عبدالله مغربي شاذلي

سندس نالو علي بن عبدالله آهي. حسيني سادات مان هو. اسڪندريه جو رهاڪو هو. اتي وٽس ڪثير تعداد ۾ ماڻهو حاضر ٿي سندس صحبت کان فيضياب ٿيندا هئا ۽ هيءُ عظيم اولياء ۽ اڪابر مشائخ مان هو.

جڏهن ڪو دعا لاءِ وٽس ويندو هو ته چوندو هو ڪان الله لک. الله تنهنجي لاءِ (ڪافي) آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪلمه ننڍو آهي پر مطلوبات سان ڀريل آهي.

يعني جنهن جو الله تبارڪ و تعاليٰ ساٿي ٿئي ته ان جون سڀ حاجتون پوريون ٿينديون. يعني ”جنهن جو رب ته ان جو سڀ“ اهڙي طرح پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته من ڪان لِلهِ ڪانَ الله لہ. (جيڪو الله لاءِ آهي، اللہ تنهن لاءِ آهي)

شيخ ابوالحسن اهو به فرمايو آهي ته: کل فقير لم يکن فيہ اربعة آداب فاجعلہ التراب سواء الرحمة للاصاغر والحرمة للاڪابر والاتصاف من النفس و ترک الانتصاف يعني: فقير اهو هرگز نه آهي. جنهن ۾ چار خوبيون نه هجن، ننڍن تي برابر شفقت ڪرڻ، وڏن جي عزت ڪرڻ، پنهنجي نفس لاءِ انصاف جي تقاضا ڪرڻ ۽ ٻين سان انصاف نه ڪرڻ.

سال 654هه ۾ فوت ٿي ويو. کيس جهنگ ۾ دفن ڪيو ويو، جتان جو پاڻي ڏاڍو کارو ۽ ڪڙو هوندو هو. هن جي اتي دفن ٿيڻ کان پوءِ سندس برڪت سان انهيءَ جهنگ جو پاڻي مٺو ٿي ويو.

طريقئه شاذليه ڏانهس ئي منسوب آهي. واعمال هذه الطريقة الرياضات بالزهد و المجاهدات و کثرة الصوم و قليل النوم والخروج الي الصحرا و الاقامة عند القبور و ترک التسية بامور دار الفرور و اکثر وردهم تلاوة القرآن والقراة الحزب المنسوب اليہ قدس الله سره و تکرار بعلي العظيم والحکيم العليم والعزيز الرحيم و ذکرهم کلمة التوحيد بترديد الرس بالنفي والاثبات ثمالا بغير حزب ترجمو: هن طريقي ۾ رياضت تقويٰ سان ۽ مجاهدا ڪرڻ ۽ گهڻا روزا رکڻ ۽ ٿوري ننڊ ڪرڻ ۽ جهنگلن ڏانهن نڪرڻ ۽ (عبرت) لاءِ قبرن وٽ ترسڻ ۽ دنيا جي فريب کان بچڻ ۽ قرآن مجيد جي تلاوت تمام گهڻي ڪرڻ ۽ شيخ کان ڏسيل دعائن کي پڙهڻ ۽ الله تعاليٰ جي صفاتي نالن کي مثلاً عليّ العظيم حکيم العليم ۽ عزيز الرحيم بار بار پڙهڻ ۽ ڪلمه توحيد جو ذڪر نفي ۽ اثبات سان پاڻ تي لازم ۽ هر وقت ڪرڻ.

 

شيخ ابوالعباس مرسي

هيءُ شيخ ابوالحسن مغربي شاذلي جو مريد هو. صاحب ڪرامات ۽ عالي مقامات هو. هڪ شخص سندس مهماني ڪئي. شبهي وارو طعام آڻي سندس آڏو اچي رکيائين. پوءِ شيخ کيس چيو ته جنهن پوک جي واهيءَ کي پرک واري رڳ هٿ ۾ هجي اهو ڪيئن شبهي واري طعام ۾ هٿ وجهندو. مون کي ته اهڙيون سٺ رڳون آهن. اهو ٻڌي صاحب طعام توبهه ڪئي.

 

شيخ محي الدين محمد بن علي بن محمد بن عربي

هيءُ حاتمي طائي اندلسي هو. وحدت الوجود جي قائل ٽولي مان هو. ظاهري عالمن مٿس ڪافي تنقيد ۽ طعن ڪيو ۽ بعض صوفي جماعت جي علمائن ۽ فقهائن کيس عظيم شخصيت شمار ڪيو آهي.

شيخ مؤيدالدين جندي شرح فصوص ۾ بيان ٿو ڪري ته هو. محرم جي شروع ۾ اندلس جي هڪ شهر اشبيليه ۾ گوشه نشين ٿيو ۽ سارو مهينو کاڌو نه کاڌائين. عيد جو مهينو آيو ته هيءُ گوشه نشيني کان ٻاهر نڪري آيو ۽ خوشخبري ڏنائين ته آءٌ محمدي ولايت جي شاخ”مقيده‏“ جي مُهر آهيان، جيڪا چئن ولايتن مان هڪ آهي.

شرح جي مقدمي ۾ سندس ولادت سال 560هه ۾ ۽ وفات 688هه ۾ ڄاڻايل آهي ۽ سندس قبر صالحيه دمشقيه ۾ آهي.

حضرت محقق رومي ان جو اشارو هن ريت ڪيو آهي:

ترجمو: اسان دمشقيه جي عشق ۾ حيران ۽ سرگردان آهيون. جان ڏيندڙ، دل ٻڌل ۽ دمشقيه جا شيدائي آهيون. صالحيه جبل جي کاڻ اندر گوهر جي طلب ۾ دمشقيه جي درياء ۾ غرق آهيون.

محمدي ولايت مطلقه جي مهر (خاتم) حضرت صاحب الزمان عليہ السلام هو. هن بزرگ جي خاتم (مُهر) محمدي محدودي آهي. اُهو مرتبه روح جو مرتبه آهي ۽ هيءُ مرتبه قلب جو مرتبو آهي.

اڪابر مشائخ مان هڪ بزرگ سندس مناقب هڪ ڪتاب ۾ جمع ڪيا آهن ۽ ان ۾ لکي ٿو ته شيخ محي الدين جون تصنيفات پنج سو کان به وڌيڪ آهن. بعض اصحاب پنهنجي رسالن جي فهرستن ۾ سندس ڪتابن جو تعداد اڍائي سو کان وڌيڪ ڏيکاريو آهي. انهن ڪتابن جي اڪثريت تصوف تي مشتمل آهي. انهن ڪتابن جي ديباچي ۾ خود لکي ٿو ته ٻين مصنفن ۽ مؤلفن وانگر منهنجو مقصد عام نه آهي بلڪ هن ڪتاب جي لکڻ ۾ حق سبحانہ تبارڪ و تعاليٰ جو امر وارد آهي ۽ اهو امر حق تعاليٰ کان خواب ۾ يا مڪاشفه سان صادر ٿيو آهي ۽ انهيءَ جي حڪم سان آءٌ انهي ڪم تي مامور ٿيو آهيان.

امام يافعي تاريخ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن شيخ محي الدين جي هڪ دفعي شيخ شهاب الدين سُهروردي سان ملاقات ٿي مگر گفتگو ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي کي ڏسي جدا ٿي ويا. پوءِ ڪنهن شخص کانئس شيخ شهاب الدين بابت پڇيو ته چيائين ته: رجل مملو من فرقة الي قدمہ من السنة

ترجمو: هيءُ شخص انهيءَ جماعت جو اڳواڻ آهي جنهن جو قدم سنت کان ٻاهر نه آهي وري شيخ محي الدين متعلق شيخ شهاب الدين فرمايو ته: هو بحر الحقائق (هو حقيقتن جو سمنڊ آهي).

کيس تصوف ۾ خرقه جي نسبت هڪ واسطي سان شيخ محي الدين سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان حاصل آهي ۽ خرقه ولايت ۾ ٻي نسبت کيس هڪ واسطي سان خضر عليہ السلام کان حاصل آهي.

لبست هذه الخرقة المعروفة من يد ابي الحسن علي بن عبدالله بن جامع بستانہ بالمقلي خارج الموصل سنہ احدي و ستماية ولبسها ابن جامع من يد الخضر عليہ السلام في الموضع البسہ اياها.

ترجمو: هي روايت معروف نه آهي ته هن بزرگ خرقه ولايت ابي الحسن علي بن عبدالله بن جامع جي هٿ کان سندس باغ ۾ مقلي وٽ موصل کان ٻاهر سن 601 ۾ حاصل ڪئي ۽ ابن جامع اهو خرقو خضر عليہ السلام جي هٿان پهريو ۽ اها روايت گهڙيل آهي. ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته سندس نسبت خضر عليہ السلام سان بلاواسطه آهي.

 

شيخ حسن بلغاري

هيءُ شيخ شمس الدين رازيءَ جو مريد هو. شمس الدين وري شيخ حسن سقا جو مريد هو. شيخ حسن سقا شيخ ابونجيب سُهروردي جو مريد هو.

هيءُ اصل آذربائيجان جي ڳوٺ نخجوان جو رهاڪو هو. سندس والد نالي عمر خواجه وڏو تاجر هو.

شيخ حسن 23 سالن جي عمر ۾ قيچاق جهنگ ۾ ڪافرن جي هٿ چڙهيو ۽ 7 سال انهن ڪافرن سان گڏ گذاريائين ۽ 30 سالن جي عمر ۾ سندس طبيعت ۾ ڦيرو آيو. توبهه ڪري ساري عالم اسلام ۾ حق جي ڳولها ۾ سير ڪندو رهيو. ڪيترن ئي اولياء ۽ مشائخ سان مليو ۽ مجلسون ڪيائين. 9 سال بلغار ۾ گذاريائين. 3 سال بخارا ۾ 27 سال ڪرمان ۾ ۽ 1 سال مراغه تبريز ۾ گذاريائين.

سندس چوڻ آهي ته پورا 30 سال جذبه ۾ رهي قطب بڻجي ويس ۽ قلب ﷴﷺ جن تي اهو جذبه واقع ٿيو ۽ وري انهيءَ جذبي ۾ 30 سال ٻيا گذاريم ۽ 3 سال ٻيا پاڻ سڳورن ﷺ جن جي عمر برابر زندگي طلب ڪئي هئي.

اهڙي طرح سندس وفات سال 698هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر سرخاب تبريز ۾ آهي.

 

شيخ عمر ياغستاني

هيءُ تاشقند جبل جي علائقي ياغستان جو رهندڙ هو. سندس ماءُ جي پيڙهي جو ڏاڏاڻ حضرت خواجه عبيدالله هو. جنهن جو نسب نون واسطن سان عبدالله بن عمر بن الخطاب رضي الله سان ملي ٿو.

هيءُ شيخ حسن بلغاريءَ جو برگزيده خليفو قطب الواصلين شيخ مجذوب ۽ محبوب هو. شيخ حسن بخارا ۾ هو ته شيخ عمر سندس خدمت ڪندو هو. ڪسب ڪمال جي رياضت ۾ مشغول هوندو هو.

کيس هڪ فرزند هو، جنهن جو نالو خاوند طهور هو. جنهن کي نصيحت ڪندي چوندو هو ته اي طهور مُلا نه ٿِج، صوفي نه ٿِج، هيئن نه ٿج ۽ هونئن نه ٿِج بلڪ مسلمان ٿِج.

 

شيخ خاوند طهور

هيءُ بزرگ شيخ عمر ياغستاني جو فرزند هو. صاحب علوم ظاهري ۽ باطني هو. ولايت ۾ پنهنجي والد کان به وڌيڪ عالي درجي تي پهتل هو. مشائخ جي صحبت ۾ رهي ڪافي فيض ۽ ڪمال حاصل ڪيو هئائين.

 

خواجه دا‌ؤد

هيءُ شيخ خاوند طهور جو فرزند هو.

مذڪور آهي ته خواجه محمد پارسا اندرجان علائقي کان سمرقند ڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجي خاص ماڻهن مان هڪ فرد کي شاش جي رستي خواجه داؤد ڏانهن موڪليو ته کيس اسان جي سفر حجاز جي ارادي جي خبر ڪري. پوءِ خواجه داؤد، خواجه پارسا ڏانهن ڪوڏر يا ڪهاڙي جو هڪ طبق موڪليو ۽ سندس قاصد کي انعام طور هڪ پوستين ڏنائين. پوءِ جڏهن خواجه محمد پارسا ان کي ڏٺو ته چيائين ڪوڏر يا ڪهاڙي جو موڪلڻ حڪمت کان خالي ڪونه آهي. ضرور ان ۾ ڪا حڪمت آهي. آخر جڏهن مدينہ ۾ فوت ٿي ويو ته قبر کوٽڻ لاءِ ڪوبه اوزار ڪونه هو. آخر انهيءَ ئي ڪوڏر سان قبر کي کوٽيو ويو ۽ قاصد کي رستي ۾ سخت سرديءَ ورتو. پوءِ جيڪڏهن پوستين نه هجي ها ته هلاڪ ٿي وڃي ها.

سيد عبدالاول پنهنجي مسموعات ۾ لکي ٿو ته 888هه جي مهيني ذيقعد جي آخري عشري ۾ خواجه عبيدالله، تاشقند ۾ شيخ خاوند طهور جي مزار تي ويو. پڇا ڪيائين ته حضرت جي انتقال کي ڪيترا سال ٿيا آهن. فرمايائون ته 65 سال ٿيا آهن جو خواجه داؤد انتقال ڪري ويو آهي ۽ ان جي انتقال وقت حضرت 7 سالن جو هو. اهڙي طرح خواجه داؤد جي عمر 75 سال ٿي. اهڙي طرح هيءُ 888هه ۾ 147 سالن جي عمر جو ٿيو.

 

شيخ فريدالحق والدّين مسعود اجوڌني

هيءُ خواجه قطب الدين بختيار اوشي ڪاڪيءَ جو خليفو هو. خواجه معين الدين سجزيءَ کان به فيض حاصل ڪيو هئائين ۽ شيخ بهاؤالدين سان به سندس گهرو تعلق هو. ان جو رفيق سياحت به هو. سندس نسب فاروقي هو. فرخ شاهه ڪابلي جي اولاد مان هو.

هيءُ اجڙيل حال درويش شهر بشهر گهمندو رهيو. آخر اجوڌن (پاڪ پتڻ) ۾ وارد ٿيو. اجوڌن جا شهري تند مزاج سخت ۽ ظاهر پرست هئا ۽ درويشن جا منڪر هئا. کيس شهر ۾ رهڻ نه ڏنائون. پوءِ پاڻ شهر جي ٻاهران هڪ پاسي کٻڙ جي وڻ هيٺان ديرو ڄمايائين ۽ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ کيس ان جاءِ تي فرزندَ به پيدا ٿيا ۽ پاڻ عيال سميت فقر ۽ فاقي ۾ وقت گذاريندو رهيو.

مذڪور آهي ته جڏهن به مجاهده (چله ڪرڻ) گهريائين ٿي ته خواجه قطب الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس اجازت گهريائين. خواجه کيس فرمايو ته طي ڪر، پوءِ چلو شروع ڪيائين ٽي ڏينهن ڪجهه نه کاڌائين ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ شخص چند نان اچي آڏو پيش ڪيا. ان کي غيبي نعمت سمجهي قبول ڪيائين ۽ انهن سان افطار ڪيائين. پوءِ سندس دل قبول نه ڪيو ۽ انهن کي رد ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ پنهنجي پير صاحب وٽ آيو ۽ ساري ماجرا کيس ٻڌايائين. پير صاحب کيس چيو ته هاڻي ٽي ڏينهن خماري طعام سان افطار ڪج. باري تعاليٰ جي عنايت سان معده ۾ قوت پيدا ٿيندي. وري پوءِ ٽي ڏينهن ٻيا به طئي ڪر ۽ جو ڪجهه غيب کان توکي ملي، انهيءَ سان افطار ڪج. ٽي ڏينهن روزا طئي وارا رکيائين، مگر افطاري وقت کيس ڪجهه به حاصل نه پيو ٿئي. سندس مزاج ۽ بدن ۾ ڪافي ڪمزوري پيدا ٿي پئي. لاشعوري طور زمين تي هٿ هڻي چند پٿر کڻي پنهنجي وات ۾ وڌائين ته الله جي قدرت سان اهي مِٺائي ٿي ويا. وري خيال ڪيائين ته شايد هي فريب هجي. اُلٽي ڪري ٻاهر ڪڍيائين وري جڏهن کيس بک بي حال ڪيو، ضعف لاحق ٿي ويو ته وري چند پٿر وات ۾ وڌائين ته مِٺائي ٿي ويا، وري ٻاهر ڪڍي اُڇلايائين. وري ٽيون دفعو وات ۾ وڌائين ته مِٺائي ٿي ويا، پوءِ کيس يقين ٿيو ته هي الله جي طرفان نعمت آهي. پوءِ کاڌائين. ٻئي ڏينهن خواجه جي خدمت ۾ حاضر ٿي حقيقت ڪيائين ته خواجه کيس فرمايو ته تو صحيح عمل ڪيو آهي ۽ اهو سڀ غيب کان آيل هو. هاڻي تون هميشه مِٺائي وانگر مِٺو ئي رهندين. ان کان وٺي سندس لقب ”شڪر گنج“ پيو.

سير الاولياء ۾ وري هن طرح مذڪور آهي ته چند سوداگر اتان شڪر (مٺائي) جي بار جو قافلو ڪاهيو پئي ويا ته خواجه صاحب کانئن ڪجهه شڪر مِٺائي طلب ڪئي ته سوداگرن ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته اُٺن تي ته لوڻ آهي. فرمايائين ته لوڻ هوندو. پوءِ جڏهن بار کي کوليائون ته ڏٺائون ته برابر لوڻ آهي. پوءِ ڊوڙندا حضرت خواجه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ معافي گهريائون ۽ عرض ڪيائون ته دعا فرمايو ته شڪر ٿي وڃي. پوءِ دعا سان وري شڪر ٿي وئي. انهيءَ سبب سندس لقب ”شڪرگنج“ پيو. سندس وفات 5 محرم 664هه ۾ ٿي.

مذڪور آهي ته شيخ فريدالدين ۽ شيخ بهاؤالدين ملتاني جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار ۽ سڪ هوندي هئي. اڪثر ڪري گڏ ويهندا ۽ سفر گڏ ڪندا هئا. بعض جو چوڻ آهي ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ماسات به هئا. وقت بوقت شيخ بهاؤالدين ڏانهس بيت لکي موڪليندو رهندو هو، جيڪي شيخ فريدالدين جي مجلس موافق نه هوندا هئا. هڪ دفعي شيخ بهاؤالدين ڏانهس هڪ رقعو موڪليو جنهن ۾ لکيل هو ته:

ميان ما وتو عشقبازي است (اسان ۽ تنهنجي وچ ۾ عشبازي آهي) ته جواب ۾ شيخ فريدالدين معذرت سان ڏانهس لکيو ته:

ميان ما وشما عشق است، بازي نيست (اسان ۽ توهان ۾ عشق آهي مگر بازي راند ڦيرگهير) نه آهي.

سندس مدفن پاڪ پتن ۾ آهي، جو مشهور شهر آهي.

 

مولانا جلال الدين محمد بلخي رومي

سندس ولادت 604هجري ۾ ٿي.

پنجن سالن جي عمر جو هو ته روحاني صورتون، غيبي شڪليون، ملائڪ، جن وغيره، قبائون ڍڪي، مختلف صورتن ۾ مٿس ظاهر ٿيندا هئا.

سندس والد مولانا بهاؤالدين ولد مرحوم جو هڪ لکيل خط لڌو ويو، جنهن ۾ لکيل هو ته جلال الدين ڇهن سالن جي عمر جو هو ته هڪ جمعي جي ڏينهن تي چند پنهنجي هڪ جيڏن ٻارن سان گهر جي ڇت تي ويهي نظارو پئي ڪيائون. انهن مان هڪ ٻار ٻين ٻارن کي چيو ته اچو ته هڪ ڇت کان ٻي ڇت تي ٽپا ڏيندا هلون ۽ سير ڪندا رهون. جلال الدين چيو ته ان قسم جي حرڪت ڪُتا، ٻلا ۽ ٻيا جانور ڪندا آهن. پوءِ انسان تي افسوس آهي جو اهڙين حرڪتن ۾ مشغول ٿو رهي. جيڪڏهن اوهان ۾ قوت ۽ همت آهي ته اچو ته آسمان ڏانهن اُڏامون. انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جي دوران جلال الدين ٻارن جي نظر کان غائب ٿي ويو. ٻارن وٺي دانهون ۽ رڙيون ڪيون ڪجهه دير کان پوءِ جلال الدين ظاهر ٿيو مگر سندس رنگ ڦريل ۽ چهرو متغير ۽ پريشان هو. ٻڌائڻ لڳو ته ان وقت جڏهن آءٌ اوهان سان گفتگو ڪري رهيو هئس ته هڪ جماعت جنهن کي سبز قبائون پهريل هيون، مون کي آسمان ڏانهن کڻي ويا ۽ عجائب ملڪوت مون کي ڏيکاريائون ۽ اوهان جي رڙين ۽ دانهن تي مون کي موٽائي هت ڇڏي ويا. جلال الدين انهيءَ ئي عمر ۾ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ هڪ دفعو افطار ڪندو هو.

جڏهن پنهنجي والد سان گڏ، مڪہ پاڪ جو سفر اختيار ڪيائين، نيشاپور ۾ قيام ڪرڻ وقت جيتوڻيڪ هيءُ تمام ننڍي عمر جو هو، مگر شيخ عطار سندس تمام گهڻي تعظيم ڪئي. پنهنجو تصنيف ڪيل ڪتاب اسرار نامه به کيس ڏنائين. مولانا فرمائي ٿو ته آءٌ انهيءَ جسم ۾ نه آهيان جو عاشقن جي نظر ۾ منظور هجان. بلڪ ان ذوق ۽ خوشيءَ ۾ آهيان ته مريدن جا باطن منهنجي ڪلام سان نمايان ٿين ٿا. الله، الله مريد جيڪو ان ساهه کي حاصل ڪري ۽ ان ذوق سان لطف اندوز ٿئي ته غنيمت ڄاڻي ۽ شڪر ڪري.

مذڪور آهي ته جڏهن سلطان الاولياء مولانا جو والد گذاري ويو ته سلطان علاؤالدين سلجوقي تمام اڪابرين ۽ صدور سان گڏجي سندس جاءِ تي اچي جمع ٿيا ۽ مولانا کي پنهنجي پيءَ جو جانشين ڪيائون. مولانا جي والد بهاؤالدين جو هڪ مريد هو جنهن جو نالو برهان ترمذي هو. هو سندس جوانيءَ ۾ مريد ٿي پنهنجي منزل مقصود کي رسيو هو. پنهنجي مرشد جي لاڏاڻي وقت هو حاضر ڪونه هو. ڪجهه وقت کان پوءِ قونيه ۾ آيو. ان کان هڪ سال اڳ بهاؤالدين رحلت ڪري ويو هو. مولانا کي علوم ظاهري ۾ ڪامل ڏسي چيائين ته اگرچه ظاهر ۾ پنهنجي پيءُ جي جڳهه وسائي اٿئي ليڪن باطني علم کان بهرور نه ٿيو آهين، جيڪو مون تنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيو آهي. جيڪڏهن تون منهنجو مريد ٿئين ته توکي حاصل ٿيندو. پوءِ مولانا خوشي سان سندس مريد ٿيو ۽ پورا نَوَ سال سندس خدمت ۾ رهيو.

جڏهن سندس سيد فوت ٿي ويو ته پورا پنج سال شمس تبريزي سان منسلڪ رهيو. ان کان پوءِ صلاح الدين زرڪوب جي خدمت ۾ رهيو، بعد ۾ حسام الدين سان عمر گذاريائين.

سندس تاريخ ولادت 604هه آهي ۽ وفات جي تاريخ 672هه آهي.

سندس قول آهي ته آزاد مرد اهو آهي جو اگر کيس ڪوئي تڪليف ۽ رنج پهچائي ته رنجيده نه ٿئي ۽ جوانمرد اهو آهي جو جيڪڏهن ڪو شخص تڪليف پهچائڻ جي لائق آهي انهيءَ کي به تڪليف ۽ ايذاءُ نه پهچائي.

مذڪور آهي ته مولانا سراج الدين قونوي جو صاحب صدر هڪ بزرگ شخص هو مولانا روم کان خوش نه هو. هڪ ڏينهن بعض شخص مولانا سراج الدين کي ٻڌايو ته مولانا روم چوي ٿو ته آءٌ ٽيهتر فرقن سان گڏ آهيان. مولانا سراج الدين پوءِ پنهنجي هڪ خاص ماڻهو کي موڪليو ته پڪ ڪري اچ ته مولانا ائين چوي ٿو؟ جيڪڏهن اهو اقرار ڪري ته کيس بي عزتو ۽ ذليل ڪج. پوءِ هو شخص آيو ۽ مولانا روم کان پڇيائين. هُن چيو ته هائو! برابر آهي. پوءِ هن شخص مولانا کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ بيهودگي سان پيش آيو. پوءِ مولانا کِليو ۽ چيائين ته جيڪي ڪجهه تون چئي رهيو آهين، انهيءَ سان به گڏ آهيان. پوءِ اهو شخص شرمسار ٿيو ۽ اٿي هليو ويو.

هڪ ديندار شخص مولانا روم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عذر پيش ڪيائين ته گهڻي حاضر ٿيڻ کان معذور آهيان. مولانا کيس چيو ته عذر پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ڇو ته جيڪي ماڻهو تنهنجي اچڻ ۾ خوش ۽ احسانمند رهن ٿا. آءٌ اوترو تنهنجي نه اچڻ ۾ خوش ۽ احسانمند رهان ٿو.

علاؤالدين جو چوڻ آهي ته مولانا روم جي اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻندي هئي جو هميشه پنهنجي خادم کان پڇندو هو ته اڄ کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ گهر ۾ موجود آهي. جيڪڏهن هو چوندو هو ته ڪا شيءِ ڪونه آهي ته خوش ٿي چوندو هو ته الحمد للہ! اڄ اسان جو گهر به پاڻ سڳورن ﷺ جن جي گهر مبارڪ جي مشابهه آهي، پر جيڪڏهن خادم چوندو هو ته سڀ شيون موجود آهن ته غمگين ٿي ويندو هو. چوندو هو ته اڄ اسان جي گهر مان فرعونيت جي بوءِ اچي رهي آهي.

هڪ ڏينهن مولانا روم فرمايو ته رباب جو آواز بهشت جي دروازي جو آواز آهي. جيڪو اسان ٻڌون پيا. هڪ سماع جي منڪر چيو ته اسان به رباب جو اهوئي آواز ٻڌندا آهيون، جيڪو مولانا ٻڌي پيو. ليڪن اسين مولانا وانگر جوش ۽ وجد ۾ ڪونه ايندا آهيون. مولانا منڪر جي جواب ۾ چيو ته اسين جيڪو آواز ٻڌندا آهيون سو دروازي جي کُلڻ جو آواز هوندو آهي ۽ هي منڪر دروازي بند ٿيڻ جو آواز ٻڌندا آهن.

فرمايائين ته هڪ شخص هڪ درويش جي خلوت گاه ۾ داخل ٿيو، چيائين ته تنها ڇو ويٺو آهين؟ چيائينس ته هينئر تنها ٿيو آهيان جو تون آيو آهين، جو تو مون کي حق تعاليٰ کان روڪيو آهي.

شيخ مؤيدالدين جندي کان سوال پڇيو ويو ته شيخ صدرالدين حضرت مولانا جي شان ۾ ڇا فرمائيندو هو؟ چيائين والله! هڪ ڏينهن شيخ صدرالدين پنهنجي مخصوص احباب مثلاً شمس ابڪي، شيخ فخرالدين عراقي، شرف الدين موصلي ۽ شيخ سعيد فرغاني وغيره مجلس ۾ ويٺا هئاسون ته مولانا روم جي خصلتن ۽ سيرت بابت گفتگو شروع ٿي. تڏهن شيخ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن بايزيد بسطامي ۽ جنيد هن زماني ۾ موجود هجن ها ته هن جوانمرد جي حاشيہ برداريءَ ۾ فخر محسوس ڪن ها. هي ته فقر ﷴي ﷺ جي خوان جو سالار آهي ۽ ان جي طفيل اسان مزا ماڻي رهيا آهيون.

 

مخدوم عثمان مروندي

عرف لعل شهباز لعل قدس سره بن سيد ڪبيرالدين بن سيد صدرالدين هيءُ اسماعيل بن امام جعفر صادق عليہ السلام جي اولاد مان هو. انهن چئن دوستن مان هڪ هو. جيڪي گڏجي سياحت ڪندا هئا. هيءُ سال 663هه ۾ ملتان ۾ آيو. ان وقت دهليءَ جو حاڪم سلطان محمد بن سلطان غياث هو. اهل تصوف هو، صالح نيڪ مردن، اهل الله ۽ شاعرن سان صحبت ڪندو هو. سيد عثمان جا دوست، شيخ بهاؤالدين زڪريا ۽ شيخ فريد شڪرگنج سندس مقربين مان هئا ۽ امير خسرو ۽ امير حسين دهلوي سندس خدمت ۾ رهندا هئا. سيد عثمان جي سڪونت لاءِ سوچيو ويو. شاهه بوعلي قلندر جي خدمت ۾ وڃڻ جو اشارو ٿيو، مخدوم عثمان، شاهه بوعلي قلندر جي خدمت ۾ پهتو. جنهن کيس چيو ته هندوستان ۾ اڳيئي ٽي سو قلندر رهن ٿا. بهتر آهي ته تون سنڌ ڏانهن هليو وڃ ۽ سندس اشارو سنڌ جي سيوهڻ شهر ڏانهن هو. مخدوم شهباز قلندر سيوهڻ ۾ پهتو. اتفاقاً جنهن جڳهه تي لعل شهباز رهڻ جو سوچيو اها جڳهه فاحشه عورتن جو اڏو هو. جتي بڇڙايون ٿينديون رهنديون هيون. انهيءَ جاءِ تي شهباز قلندر جي پهچڻ بعد ان رات ۾ ڪوبه شخص بڇڙائي ڪرڻ تي قادر نه ٿي سگهيو. فاحش مردن ۽ عورتن اهو محسوس ڪيو ته ان نئين شخص جي اچڻ ڪري ائين ٿيو آهي. صبح جو شهباز قلندر جي خدمت ۾ پهتا ۽ توبهه ڪري پاڻ ۾ سڌارو آندائون.

ان کان پوءِ شيخ شهباز جو ارادو ٿيو ته هڪ زمين جو ٽڪرو هٿ ڪري پوک به ڪئي وڃي. پوءِ زمين هٿ ڪيائون ۽ انهيءَ زمين تي احاطو ڪڍڻ لاءِ مزدور ڇڏيائون ۽ خود هاسو پنهنجي هٿ ۾ جهلي زمين جي اندر بيهي رهيو. ايتري ۾ هڪ شخص آيو ۽ زمين جي مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري رڪاوٽ پيدا ڪيائين. لعل شهباز کيس اها لٺ هڻي چيو ته مَرُ. پوءِ مري ويو ۽ کيس دفنايو ويو. ميت جا مالڪ پهتا. لعل شبهاز سان گوڙ ڪيائون. ان فرمايو ته مون ڪُتي کي ڪُٺو آهي نه ڪي ماڻهو کي ۽ هت زمين ۾ مدفون آهي. پوءِ جڏهن قبر کي کوٽي ڏٺائون ته برابر ڪُتو آهي. پوءِ سمجهي ويا ته هيءُ فقير صاحب جو مقام آهي. پوءِ سندس بيعت ڪيائون ۽ زمين کيس ڏئي ڇڏيائون.

سندس فوت ٿيڻ جو سال 673هه آهي.

 

صدرالدين قتال

هيءُ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جو فرزند ۽ جانشين هو. پنهنجي پيءُ وانگر صاحب رشد ۽ ارشاد هو پيءُ جي مسند تي ويهڻ کان پوءِ ڏهه سال مريدن تي تصوف، طريقت ۽ سلوڪ جي تعليم تربيت ڏيندو رهيو. سندس ڪرامتون بي شمار ۽ مشهور آهن ۽ ڪنوز الفوائد ۾ لکيل ملفوظات معروف ۽ مفيد آهن.

سندس وفات جو سال 678هه آهي.

 

شيخ نجيب الدين علي بن بزغش

بزغش وقت جو وڏو تاجر ۽ سرمايه دار هو. شام کان شيراز ۾ آيو ۽ اتي شادي ڪيائين. هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته اميرالمؤمنين علي عليہ السلام طعام کڻي وٽس آيو آهي ۽ ان سان گڏجي کاڌائين. لهٰذا جڏهن کيس فرزند پيدا ٿيو ته ان نسبت سان سندس نالو علي رکيائين.

پوءِ جڏهن علي وڏو ٿيو ته خواب ۾ ڏٺائين ته شيخ ڪبير جي روضي مان هڪ پيرُ بزرگ شخص ٻاهر نڪري آيو ۽ ان جي ڪڍ ٻيا ڇهه پيرَ بزرگ شخص نڪري بيٺا. اول شخص ڪجهه کِليو ۽ سندس هٿ کي وٺي آخري شخص جي حوالي ڪندي چيائينس ته هيءُ تو وٽ الله جي امانت آهي. صبح جو خواب جي حقيقت پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين. ان زماني ۾ شيخ ابراهيم نالي هڪ عاقل مجنون هوندو هو. جنهن لاءِ کيس ٻڌايو ويو اهوئي توکي تعبير ٻڌائي سگهندو. ان کان پڇ. هن وٽ ويو ۽ کيس خواب ٻڌايائين. شيخ ابراهيم خواب ٻڌي چيو ته پير اول شيخ ڪبير هو. ان جي پويان لڳل پير سندس طريقي تي هلندڙ هئا. ٿي سگهي ٿو ته آخري پير حيات هجي ۽ تربيت ڪرڻ سندس ئي حوالي هجي، علي اهو ٻڌي حجاز مقدس ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ پهتو ته ان کيس سڃاتو ته اهوئي شخص آهي، جنهن کي مون خواب ۾ ڏٺو هو.

شيخ اڳ ئي سندس حال کان واقف هو. خواب کيس ٻڌايائين پوءِ شيخ شهاب الدين سُهروردي وٽ خادم ٿي رهيو ۽ ڪيترائي سال سندس خدمت ۾ رهي خرقه خلافت ماڻيائين. پوءِ پنهنجي مرشد جي اجازت سان شيراز موٽي آيو ۽ شادي ڪري، پنهنجي خانقاه قائم ڪري طالبان حق جي هدايت ۽ تربيت ۾ مشغول ٿي ويو. سال 678هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ عبدالله بلياني

سندس لقب اوحدالدين هو. شيخ ابوعلي دقاق جي اولاد مان هو. جيئن: عبدالله بن مسعود بن محمد بن علي بن احمد بن عمر بن اسماعيل بن ابو علي دقاق.

ابو عليءَ کي هڪ پٽ هو. جنهن جو نالو اسماعيل هو. ۽کيس هڪ نياڻي هئي جنهن جو نالو فاطمہ بانو هو. جيڪا شيخ ابوالقاسم قشيري جي زال هئي. عبدالله بلياني جو سلسلو طريقت هن ريت آهي:

هن پنهنجي پيءُ ضياء الله مسعود کان، جنهن کي امام مسعود به سڏيندا هئا، فيض ورتو ۽ هن اصيل الدين شيرازي کان، هن شيخ رڪن الدين سنجاسي کان، هن شيخ رڪن قطب الدين ابورشيد ابهري کان، هن شيخ جمال الدين عبدالصمد زنجاني کان ۽ هن شيخ نجيب الدين سُهروردي کان فيض حاصل ڪيو.سندس وفات جو سال 686هه آهي.

 

شيخ ياسين مغربي حجام

هيءُ صاحب ولايت ۽ صاحب ڪرامات هو. پاڻ کي حجام ۾ پوشيده رکيو هئائين. امام نووي به سندس مريدن ۽ معتقدين مان هو. سال 687هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ ابراهيم جعفري

سندس ڪنيت ابوابراهيم هئي، هن جو مذهب محو ڪلي ۽ نفي وجود ۽ افلاس ۽ ناداشت هئي. سال 687هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

شيخ شرف الدين، مصلح الدين بن عبدالله سعدي شيرازي

هيءُ اڪابرين صوفين ۽ فاضلن مان هو. شيخ عبدالله خفيف جي خانقاه جو مجاور هو. ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري چڪو هو. ڪافي پيادل حج ڪيا هئائين. سومناٿ ۾ هڪ وڏي بت کي ٽوڙيو هئائين. ڪيترن ئي وڏن مشائخ جي خدمت ۾ حاضري ڏنائين ۽ شيخ شهاب الدين سُهروردي جي خدمت ۾ به رهيو ۽ ان سان گڏ هڪ دفعي درياء ۾ ٻيڙيءَ جو سفر به ڪيو هئائين. بيت المقدس ۽ شام جي بعض علائقن ۾ (في سبيل الله) ماڻهن کي پاڻي پيارڻ جي مدت تائين خدمت به ادا ڪندو رهيو. هن جي خضر عليہ السلام سان به مجلس ٿي هئي.

هڪ دفعي هڪ امير سان جو پڻ سيّد هو، سندس ملاقات ٿي جنهن شيخ کيس رنجيده ڪيو. پوءِ رات ان امير سيد کي حضور اڪرم ﷺ جن اچي خواب ۾ ملامت ڪئي. پوءِ جڏهن هو امير ننڊ مان سجاڳ ٿيو ته سڌو شيخ جي خدمت ۾ پهچي، ان کان معافي ورتائين. شيخ پنهنجي دل مان رنج ڪڍي ڇڏيو.

مذڪور آهي ته ان وقت هڪ شيخ کانئس منڪر هو. هڪ رات جو خواب ۾ ان منڪر شيخ ڏٺو ته آسمان جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ملائڪ نور سان ڀريل طبق کنيو نازل ٿي رهيا آهن. شيخ انهن کان پڇيو ته هي ڇا آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهن. چيائون ته شيخ شيرازيءَ جو انعام آهي جو هن هي شعر چيو آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ قبول ٿيو آهي ۽ اهو بيت هي آهي:

بيت

برگ درختان سبز در نظر هوشيار،

هر ورقي دفتري ست معرفت کردگار.

(سبز وڻن جي پنن ۾ غور سان نظر ڪر، هر پن تي پالڻهار جي معرفت جي حقيقت درج آهي.)

اهو بزرگ جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيو ته چنڊ جي ڪامل رات هئي. انهيءَ وقت شيخ شيرازي کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ سندس خلوت خانه تي پهتو. ڏٺائين ته چراغ  ٻري رهيو آهي ۽ شيخ شيرازي جي زبان تي اهو بيت هو. شوال 691هه ۾ وفات ڪيائين.

 

شيخ فخرالدين ابراهيم عرف عراقي

هيءُ ڪتاب لمعات جو مصنف آهي ۽ همدان جي علائقي ۾ رهندڙ هو. ننڍپڻ ۾ ئي قرآن ڪريم حفظ ڪيو هئائين ۽ قرآن شريف نهايت سهڻي آواز ۽ تجويد سان پڙهندو هو. همدان جا ماڻهو سندس قرائت جا نهايت شيدائي هئا. ستن سالن جي عمر ۾ همدان جي مدرسي ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو.

سندس جوانيءَ جو واقعو آهي ته هڪ دفعي قلندرن جي جماعت همدان ۾ آئي، انهن سان گڏ هڪ نهايت خوبصورت ڳڀرو ڇوڪرو به هو، شيخ انهيءَ ڇوڪري کي ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيو ۽ انهن جي رواني ٿيڻ کان پوءِ هن به انهن جو پيڇو ڪيو ۽ انهن جهڙو ئي ويس ڍڪي روانو ٿيو. شهر بشهر اچي هندوستان ۾ وارد ٿيو ۽ ملتان ۾ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شيخ قلندري ڪشالا ڪڍڻ لاءِ کيس چاليهه ڏينهن لاءِ خلوت ۾ ويهاريو. اڃا ڏهه ڏينهن مس گذريا ته مٿس وجد طاري ٿي ويو ۽ سندس حال متغير ٿي ويو ۽ هيءُ غزل چوڻ لڳو:

مطلع

نخستين باده کاندر جام کردند،

ز چشم مست خوبان دام کردند.

ترجمو: پهريائين ئي جام جي اندر شراب ڀريائين، ۽ خوبصورت مست اکين سان ڦاسائي ڇڏيائين.

۽ انهيءَ شعر کي بلند آواز سان ڳائي رهيو هو. روئي رهيو هو. خانقاه جي فقراء انهيءَ طريقي کي خلاف آداب طريقت سمجهيو ۽ منع ڪرڻ تي نه مُڙيو ته اها خبر شيخ تائين پهچايائون ۽ پوءِ شيخ فرمايو ته اوهان جي لاءِ منع آهي ۽ هن لاءِ منع نه آهي. چند ڏينهن کان پوءِ شيخ جي هڪ خاص مريد جو گذر شراب خاني وٽان ٿيو ته اهو غزل سازن ۽ چنگ تي شراب خاني ۾ ڳايو پئي ويو. پوءِ اها حقيقت ۽ صورت حال به شيخ اڳيان پيش ڪئي وئي. شيخ چيو ته جيڪو غزل تو ٻُڌو آهي اهو مون کي چئي ٻڌاءِ ۽ پوءِ جڏهن هيءُ مقطع چيائين ته:

مقطع

چو خود کردند راز خويش را فاش

عراقي را چرا بدنام کردند.

ترجمو: جڏهن تو پنهنجي راز کي پاڻ ظاهر ڪيو ته عراقيءَ کي ڇو ٿا بدنام ڪن.

شيخ فرمايو ته عراقيءَ جي هاڻي منزل پوري ٿي چڪي آهي. پوءِ شيخ خلوت خانه ۾ آيو ۽ چيائينس ته اي عراقي! خراب جاين تي مناجات ٿو ڪرين ٻاهر نڪري آ پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجو سِرُ شيخ جي پيرن ۾ رکيائين. شيخ سندس مٽي کان مٿو مٿي کنيو ۽ پنهنجي پوشاڪ لاهي کيس پهريائين ۽ پنهنجي نياڻي به کيس نڪاح ۾ ڏنائين. جنهن مان کيس هڪ فرزند پيدا ٿيو ۽ ان جو نالو ڪبيرالدين رکيائين.

پورا پنجويهه سال پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ رهيو ۽ وفات وقت شيخ کيس پنهنجو خليفو نامزد ڪيائين. شيخ جي ٻين خاص خادمن کي عراقيءَ سان حسد پيدا ٿيو ۽ وقت جي بادشاهه جا ڪن ڀرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته هيءُ خلافت جي لائق نه آهي، ڇو جو هو رات ڏينهن ڳڀرو ڇوڪرن سان صحبت رکي ٿو. پوءِ جڏهن عراقي اهڙي ڳالهه ٻڌي ته خلافت ڇڏي، حرمين شريفين جي زيارت لاءِ روانو ٿي ويو ۽ زيارت کان پوءِ روم ڏانهن هليو ويو. شيخ صدرالدين سان ملاقات ڪيائين.

روم جو امير معين الدين سندس معتقد ٿيو ۽ ان جي زندگيءَ تائين روم ۾ رهيو. بعد ۾ مصر روانو ٿي ويو. مصر جو سلطان سندس مريد ٿيو ۽ کيس مصر جو شيخ الشيوخ بڻايائين. پر جيئن ته عراقي بي تڪلفي سان بازارن ۾ گهمندو ڦرندو رهندو هو ته اتي هڪ موچيءَ جي پُٽَ تي عاشق ٿي پيو. پوءِ هميشه روزانو ان موچيءَ جي دڪان تي وڃي ڇوڪر جي سونهن جو نظارو ڪندو هو.

پوءِ مصر کان شام ملڪ ڏانهن وڃڻ جو قصد ڪيائين. پوءِ مصر جي سلطان شام جي امير ڏانهن لکي موڪليو ته امراء، اڪابر علماء ۽ مشائخ گڏجي عراقيءَ کي شاندار استقبال سان مشرف ڪن. حڪم مطابق سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ان وقت اميرالملڪ سان گڏ سندس خوبصورت ۽ حسين فرزند ساڻ هو. پوءِ شيخ ان ڇوڪري کي ڏسي مٿس فريفته ٿي پيو ۽ ان سان روح رهاڻ ڪرڻ لڳو.

شيخ کي ڇهه مهينا دمشق ۾ گذريا ته سندس فرزند ڪبيرالدين به ملتان کان هت دمشق ۾ اچي رسيو ۽ پوءِ ڪافي مدت پنهنجي پيءُ جي تربيت هيٺ رهيو ۽ ڪافي مدت کان پوءِ شيخ عراقي پنهنجي وفات واري ڏينهن پنهنجي فرزند ڪبيرالدين کي گهرائي، مريدن جي مجلس ۾ کيس ڪافي وصيتون ڪري رخصت ڪيو ۽ ان وقت هيءَ رباعي به پڙهيائين:

رباعي

در سابقه چون قرار عالم دادند،

مانا که نه بر مراد آدم دادند،

زان قاعده و قرار کان روز افتاد،

نه بيش بکس وعده نه کم دادند

ترجمو: اڳ ۾ جڏهن ته ٻنهي جهانن جو قرار عطا ڪيائون، مڃان ٿو ته آدميءَ جي مراد مطابق قرار ڏنائون. جيڪو سڪون ۽ قرار شروع ڏينهن کان نصيب ٿيو آهي، سو ڪنهن شخص کان نه وڌيڪ نصيب ٿيو آهي ۽ نه گهٽ نصيب ٿيو آهي.

. شيخ جي وفات سال 688هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر شيخ محي الدين ابن عربي جي قبر جي پوئين پاسي دمشق جي علائقي صالحيه ۾ آهي. سندس فرزند ڪبيرالدين جي قبر به سندس قبر جي ڀرسان آهي.

 

شيخ عثمان چاؤچي

هيءُ غازان خان جي عهد ۾ هو. صاحب ڪمال ۽ عالي درجات هو. خان جي عهد ۾ ئي سال 695هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبر مشهد ۾ سيد اسحاق جي مدفن جي ڀرسان آهي.

 

ابومحمد عبدالله جرجاني مغربي

هيءُ برگزيده مشائخ ۽ اڪابر صوفين مان هو. علوم الٰهي ۽ معارف رباني جا دروازا مٿس کليل هئا. سال 699هه ۾ فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته جڏهن هيءُ شيخ آسمان ڏانهن منهن ڪري ڳالهائيندو هو ته آسمان کان هڪ نور جو ٿنڀو سندس وات تائين ڏسڻ ۾ ايندو هو. خاموش ٿي ويندو ته اهو نور جو ٿنڀو به منقطع ٿي ويندو هو. جڏهن شيخ اها ڳالهه ٻڌي ته کِلڻ لڳو ۽ چيائين ته جنهن وقت اهو نور جو ٿنڀو منقطع ٿي ويو هو ته آءٌ به خاموش ٿي ويو هئس ۽ اهو نور امداد الٰهي هو.

 

شيخ سعيدالدين فرغاني

هيءُ اهل معرفت وڏو ڪامل ۽ وجدان ۾ وڏو بزرگ شمار ڪيو ويندو هو. ”مناهج العباد الي الميعاد“ سندس مشهور تصنيف آهي.

هن ڪتاب ۾ مريدن جو مشائخ ڏانهن منسوب ٿيڻ ٽن طريقن سان بيان ٿيل آهي. پهريون طريقو خرقه ٻيو تلقين ذڪر ۽ ٽيون صحبت، خدمت ۽ ادب. خرقا ٻه آهن. هڪ خرقو ارادت هيءُ پنهنجي شيخ مرشد کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شيخ کان وٺي نه ٿو سگهجي. ٻيو خرقه تبرڪ هيءُ ٻين ڪيترن ئي مشائخ کان وٺي سگهجي ٿو. هو پنهنجي خرقه ارادت بابت بيان ٿو ڪري ته مون شيخ نجيب الدين بزغش شيرازيءَ کان خرقو پاتو ۽ ان شيخ شهاب الدين سهروردي کان حاصل ڪيو ۽ ان پنهنجي چاچي قاضي وجيہ الدين ۽ ان پنهنجي پيءُ ابومحمد عمويہ، ان اخي فرج زنجاني کان خرقو حاصل ڪيو. ان شيخ ابومحمد احمد اسود دينوري کان خرقو حاصل ڪيو. ان شيخ ممشاد دينوري کان خرقو حاصل ڪيو. ان ابوالقاسم جنيد کان، ليڪن اخي فرج جي نسبت هن طرح آهي ته اخي فرج ابوالعباس نهاوندي کان ۽ هن شيخ عبدالله خفيف شيرازي کان ۽ هن ابومحمد رويم بغدادي کان ۽ هن جنيد قدس الله اسراهم کان ولايت جو خرقو پاتو. شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ خرقي جي نسبت شيخ ابوالقاسم جنيد کان اڳتي ڪونه وڌائي آهي ۽ جنيد کان حضور اڪرم ﷺ تائين نسبت صحبت بيان ڪئي اٿن نه خرقي جي.

تلقين ذڪر شيخ سعيد، شيخ نجيب الدين کان ۽ هن شيخ شهاب الدين سهروردي کان ۽ هن پنهنجي چاچي شيخ ابونجيب سُهروردي کان ۽ هن شيخ احمد غزاليءَ کان هن ابوبڪر نساج کان ۽ هن شيخ ابوالقاسم گرگاني کان ۽ هن ابوعثمان مغربي کان ۽ هن ابوعلي ڪاتب کان ۽ هن علي رودباري کان ۽ هن سيد الطائفہ جنيد قدس الله اسراهم جن کان حاصل ڪئي.

 

شيخ جمال الدين نور

شيخ نجيب الدين بيان ٿو ڪري ته هڪ شخص مون کي اچي ٻڌايو ته هڪ نوري مسافر هن شهر ۾ آيو آهي ۽ ان جو نالو جمال الدين آهي ۽ هو قوي جذبي جو مالڪ آهي. جامع مسجد ۾ مقيم آهي. پوءِ آءٌ مسجد ۾ ويس ۽ ڏٺم ته هو واقعي قوي جذبو رکندڙ آهي ۽ پوري استغراق جي حالت ۾ آهي. ان جون ٻئي اکيون رت سان ڀريل ٻن پيالن وانگر آهن. مون کيس سلام ڪيو ۽ هن مون کي جواب ڏنو ۽ چيائين ته مون کي انهن ماڻهن سان ڪوبه واسطو نه آهي، جيڪي سفيد کي سياهه ڪن ٿا. حاضرين مان ڪنهن شخص چيو ته هيءُ هڪ صوفي آهي، پوءِ کانئس حال احوال پڇڻ لڳس. چيائين ته آءٌ هڪ لوري مرد آهيان ۽ اڻ پڙهيل آهيان ڪابه ڄاڻ ڪونه اٿم. آءٌ گهوڙا پاليندو هئس ۽ مون وٽ ڪافي گهوڙا هوندا هئا. هڪ ڏينهن صبح جو آءٌ گهوڙن وٽ ويٺو هئس ته اوچتو مون تي حال جو ڪشف ٿيو ۽ منهنجي اندر جذبو پيدا ٿيو ۽ حجاب جو پردو هٽايو ويو. آءٌ بيهوش ٿي ڪِري پيس ۽ گهوڙن جي پيرن ۾ ليٽندو رهيس پوءِ جڏهن آءٌ هوش ۾ آيس ته مون تي توحيد جو راز کُلي ظاهر ٿي ويو.

شيخ نجيب الدين بزغش فرمائي ٿو ته ان جي زبان کان اڪثر شطحيات غير شرعي ڳالهيون ادا ٿينديون هيون پوءِ علماء ۽ فقهاء جي هڪ جماعت مٿس ڪفر جي فتويٰ صادر ڪئي ۽ اها فتويٰ اتابڪ ابوبڪر بادشاه جي اڳيان پيش ڪيائون ته جيئن هن جي قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. بادشاه چيو ته جيستائين شيخ نجيب الدين بزغش ۽ شيخ معين الدين جيڪي وقت جا وڏا بزرگ آهن، فتويٰ نه ڏيندا تيستائين سندس قتل جي اجازت نه ڏيندس. پوءِ انهن ٻنهي کان جڏهن فتويٰ پڇي وئي ته شيخ نجيب الدين بزغش شيرازي ۽ شيخ معين الدين اها فتويٰ ڏني ته جمال الدين لوري مجذوب ۽ مغلوب الحال آهي، ان کي قتل ڪرڻ جائز نه آهي. انهيءَ ڪري کيس رهائي حاصل ٿي.

شيخ نجيب الدين جو چوڻ آهي ته آءٌ هڪ ڏينهن وضو ڪري رهيو هئس ۽ جمال الدين لوري مون کي ڏسي رهيو هو. جڏهن آءٌ پنهنجي منهن تي پاڻي هڻي رهيو هئس ته چيم ته ارفع الحدث آءٌ ناپاڪي کي دور ڪريان ٿو، اهو ٻڌي جمال الدين چيو ته ڪوئي حدث پاڪائي باقي رهي ٿي ته توکي ائين چوڻ کپندو هو ته ارفع المحدث آءٌ مخلوق ۽ تمام تعينات کي پاڻ کان پري ڪريان ٿو.

 

شيخ شمس الدين صفي

هيءُ نهايت عظيم بزرگ هو. ڪرامات ۽ مقامات جو مالڪ هو. شيخ نجيب الدين جي خدمت ۾ ويو ۽ ان کي قرآن شريف ٻڌائيندو هو. شيخ نجيب الدين کيس فقه جا مسائل ٻڌائيندو هو. جڏهن شيخ شهاب الدين سُهروردي جن جي خدمت ۾ روانا ٿيا ته ٻئي سفر ۾ گڏ هئا ۽ پهچڻ بعد شيخ جي خدمت ۾ به گڏ ويٺا هوندا هئا. کانئس فيض حاصل ڪرڻ بعد جڏهن واپس روانا ٿيڻ لڳا ته شيخ شهاب الدين رخصت وقت هرهڪ کي ويهه، ويهه ڪلاه (ٽوپيون) ڏنيون، جن مان هرهڪ ٽوپيءَ تي ان بزرگ جو نالو لکيل هو. فرمايائين اول اهي ٽوپيون انهن بزرگن کي پهچائجو جن تي سندن نالا لکيل آهن. ان کان پوءِ ارشاد جو آغاز ڪجو ۽ ان کان پوءِ ٻين شخصن کي خرقو پهرائجو.

 

شيخ اوحدالدين حامد الڪرماني

هيءُ رڪن الدين سنجاسيءَ جو مريد هو. اهو شيخ قطب الدين ابهريءَ جو مريد هو. ۽ اهو شيخ ابونجيب سُهروردي جو مريد هو. ڪافي بزرگن جي زيارت ڪئي هئائين ۽ شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي خدمت ۾ به رهيو. شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ کي به ڏٺو هئائين.

پاڪباز عاشق مزاج هو. جڏهن سماع جي محفل ۾ جوش ۾ ايندو هو ته حاضرين ۾ خوبصورت ڳڀرو ڇوڪرن جا پيراهن ڦاڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ هيءُ جڏهن بغداد ۾ آيو ته وقت جي خليفي جو فرزند به ڏاڍو حسين ۽ جميل هو. خليفي جڏهن اهو ٻڌو ته چيائين ته هو بدعتي ۽ ڪافر آهي ۽ جيڪڏهن منهنجي مجلس ۾ اهڙي حرڪت ڪيائين ته کيس قتل ڪري ڇڏيندس. پوءِ پاڻ پنهنجي ان فرزند سميت سماع جي محفل ۾ آيو ته شيخ کي ڪرامت جي ذريعي اها خبر پئجي وئي. پوءِ سماع جي محفل گرم ٿي ته شيخ هيءَ رباعي پڙهي:

رباعي

سهل است مرا برسر خنجر بودن
درپاي مراد دوست بي سر بودن
تو آمده که کافري را به کشي
غازي چو توئي بجاست کافر بودن

ترجمو: آسان آهي خنجر هيٺان منهنجو سِرُ ڏيڻ. ائين دوست جي قدمن تي قربان ٿيڻ غازي آيو آهي. ڪافر کي قتل ڪرڻ، اي دوست روا آهي، هاڻي منهنجو ڪافر ٿيڻ.

اهو ٻڌي، خليفو پنهنجي پُٽَ سميت شيخ کي پيرين پيا ۽ سندس مريد ٿيا.

 

ابومحمد عيسيٰ

هيءُ شيخ شهاب الدين سُهروردي جي مريدن مان هو. صاحب ڪمال هو.

 

شيخ محمد يمني

هڪ ڏينهن شيخ شهاب الدين سُهروردي فرمايو ته ٻاهر وڃ ۽ جنهن به شخص کي ڏسين، ان کي هيڏانهن وٺي اچ. پوءِ ٻاهران هڪ اجنبي مسافر اندر آيو. شيخ کيس فرمايو ته اي شيخ محمد هيڏانهن منهنجي ويجهو اچي ويهه. ڇو ته تو منجهان محبت جي خوشبوءِ اچي رهي آهي. پوءِ کيس پنهنجي ويجهو وهاريائين ۽ دسترخوان وڇايو ويو، جنهن سان گڏ ڪجهه ڏاڙهون به کاڌائون. پوءِ مٿس توجہ ڪيائون ۽ کيس خرقو ڏئي اجازت سان روانو ڪري ڇڏيائون.

 

شيخ ابراهيم مجذوب

هيءُ هڪ عجيب حالت جو مالڪ هو. ڪجهه ڏينهن برابر کاڌو کائيندو رهندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن سانده هرگز نه کائيندو هو. ڪنهن وقت ته ايتري قدر شيون کائي ويندو هو. جو ان جو ڪو حساب ئي ڪونه هوندو هو. ڪڏهن هڪ ئي دفعي ۾ هڪ سو مڻ به کاڌو کائي ويندو هو. شيخ نجيب الدين علي بن بزغش سان ملاقات ڪئي هئائين.

 

شيخ نورالدين عبدالصمد نطنزي

بن شيخ علي الاصفهاني، مريد شيخ نجيب الدين علي بن بزغش هو، سندس مريدن ۾ شيخ عزالدين محمود ڪاشي ۽ شيخ ڪمال الدين عبدالرزاق ڪاشي به هئا.

 

شيخ عزالدين محمود ڪاشي

هيءُ عوارف جو مترجم هو. پنهنجي شاگردن جي اجازت نامي کي خود لکندو هو.

چوي ٿو ته انا اروي يعني ڪتاب عوارف المعارف عن شيخي ومولايي نورالدين عبدالصمد بن شيخ علي الاصفهاني و من الشيخ العالم ظهيرالدين عبدالرحمٰن بن علي بن بزغش وهما عن شيخهما الامام العالم العارف نجيب الدين علي بن بزغش شيرازي وهو عن شيخہ قطب الاولياء سيد العارفين مصنف الڪتاب

ترجمو: آءٌ ڪتاب عوارف المعارف کي پنهنجي مرشد ۽ مولانا نورالدين عبدالصمد بن شيخ علي الاصفهاني ۽ شيخ عالم ظهيرالدين عبدالرحمٰن بن علي بن بزغش کان روايت ڪريان ٿو ۽ انهن ٻنهي حضرات پنهنجي شيخ امام عالم عارف نجيب الدين بن بزغش شيرازي کان ۽ هن پنهنجي قطب الاولياء سيد العارفين منصنف ڪتاب کان روايت ڪئي آهي.

 

شيخ ڪمال الدين عبدالرزاق ڪاشي

هيءُ شيخ نورالدين عبدالصمد نطنزي جو مريد هو. علوم ظاهري ۽ علوم باطنيءَ ۾ جامع هو. شيخ رڪن الدين علاؤالدوله جو همعصر هو. سندن وچ ۾ وحدت الوجود جي قول تي مخالفت ۽ مباحثا ۽ دلائل جاري هوندا هئا.

 

شيخ نورالدين عبدالرحمٰن مصري

هيءُ پنهنجي وقت جي برگزيده بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو. ابتداء ۾ پنهنجي علائقي جي هڪ شيخ سان بيعت هو. پر ان شيخ کان سندس مقصد پورو نه ٿيو. خود سندس شيخ فرمايو ته تنهنجو مقصد عجم جي هڪ شيخ کان پورو ٿيندو. پوءِ پاڻ ان عجمي بزرگ جو انتظار ڪندو رهيو ۽ ڪجهه مدت کان پوءِ شيخ جلال الدين يوسف نوراني مصر ۾ آيو. هيءُ سندس خدمت ۾ پهتو ۽ ويهن ڏينهن جي صحبت ۾ رهڻ سان سندس مقصد پورو ٿي ويو. شيخ يوسف نوراني کيس اجازت ڏني ۽ ان اجازت نامي ۾ کيس برادرم تحرير ڪيو ڇو ته ان وقت هيءُ تمام وڏي عمر جو ٿي ويو هو. شيخ جمال الدين جي نسبت ٻن بزرگن سان آهي. هڪ شيخ حسام الدين شمشيري سان ۽ ٻي شيخ نجم الدين محمود اصفهاني سان ۽ هي ٻئي بزرگ، شيخ نورالدين عبدالصمد نطنزي جا مريد هئا.

 

ابواسحاق بن ظريف

هيءُ شيخ محي الدين ابن عربي جي مشائخ مان هو. شيخ ابن عربي فتوحات ۾ لکي ٿو ته هيءُ بزرگ ترين مشائخ مان هو. سندس هيءُ قول مذڪور آهي ته: ”جيڪي ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا سي سڀ اولياء الله آهن. کانئس پڇيو ويو ته اهو ڪيئن؟ چيائين ته هرهڪ انهن منجهان ٻن حالن کان ٻاهر نه آهي يا هو منهنجي حق ۾ ڀلائي ۽ نيڪي جي ڳالهه ٿو ڪري يا ان جي برعڪس برائي ٿو ڪري. اگر هو منهنجي حق ۾ ڀلائي جي ڳالهه ٿو ڪري ته هو منهنجي اها صفت بيان ٿو ڪري جيڪا سندس پنهنجي صفت آهي، ڇو ته جيڪڏهن هو انهيءَ صفت سان موصوف نه هجي ها ته منهنجي اهڙي صفت بيان نه ڪري ها. پوءِ منهنجي نظر ۾ اهو ولي الله آهي ۽ جيڪڏهن هو مون بابت برائي بيان ٿو ڪري ۽ مون کي برو سمجهي ٿو ته هو صاحب فراست ۽ ڪشف جو مالڪ آهي ۽ الله تعاليٰ کيس منهنجي حال کان واقف فرمايو آهي. لهٰذا اهو شخص به اولياء الله مان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com