سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 21

مولانا نظام الدين خاموش

هيءُ خواجه علاؤالدين عطار جي مريدن مان هو. خواجه بزرگ شروعات ۾ کيس بخارا جي نواحي علائقي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ عالم جي صحبت ۾ ڏٺو، ان کان پوءِ هو علاؤالدين جي خدمت ۾ پهتو. مولانا سعدالدين ڪاشغري فرمائي ٿو ته سندس سيني وٽان ان جو پهراڻ هميشه سڻڀو رهندو هو. پوءِ معلوم ٿيو ته کاڌي کائڻ مهل مٿس حال وجد جو غلبو ٿي ويندو آهي ته پوءِ کاڌي کائڻ وارو چمچو سندس هٿ کان ڪِري پوندو آهي. ان جي سڻڀ جو اثر سندس پهراڻ تي پوندو آهي. اهو سڻڀو ٿي ويندو آهي.

 

خواجه عبدالله اصفهاني

هيءُ خواجه علاؤالدين جي مريدن مان هو. سندس چوڻ آهي ته پهريون دفعو جڏهن آءٌ خواجه جي خدمت ۾ ويس ته هيءُ بيت پڙهيم:

بيت

تو زخود گم شو کمال اينست و بس

تو مباش اصلاً وصال اين است و بس

ترجمو: تون پاڻ کي فنا ڪري ڇڏ، اهوئي ڪمال آهي. بس، تون پاڻ کي ظاهر نه ڪر. اهوئي وصال آهي. بس.

 

امير قاسم تبريزي

هيءُ شروعات ۾ شيخ صدرالدين اردبيلي سان عقيدت ۽ ارادت رکندڙ هو. ان کان پوءِ شيخ صدرالدين علي يمني جي صحبت ۾ حاضر ٿيو، جيڪو شيخ اوحد الدين ڪرمانيءَ جي مريدن مان هو. امير قاسم جا ارادتمند پنهنجي نسبت شيخ صدرالدين علي يمني سان ڪن ٿا. زماني وارا امير قاسم جي باري ۾ ٻن ٽولين ۾ تقسيم آهن، جنهن جي ڪري ان جا ٻه اثر آهن. هڪڙا ان جي ڪلام ”ديوان اشعار“ کي حقائق جي اسرار تي مشتمل سمجهن ٿا ۽ ٻيا اهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي ان ڏانهن منسوب ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ان جو ئي مريد سمجهن ٿا. پر سندن حال ۽ طريقو اڪثر دين اسلام کان خارج آهي.

خواجه ناصر الدين عبيد اللہ فرمائي ٿو ته سيد خواجه بزرگ (قاسم تبريز) خواجه بهاؤالدين (نقشبند) کي ابيورد جي ٻهراڙي ۾ ڏٺوهو. ان جي صحبت ۾ رهيو ۽ ان جي طريقي جو معتقد هو.

ٻيا چون ٿا ته حضرت سيد قدس سره (قاسم تبريزي) فرمايو ته آءٌ جتي به پهچندو هئس ته مجذوبن جي باري ۾ معلوم ڪندو هئس ۽ پوءِ انهن وٽ وڃي پهچندو هئس. هڪ دفعي جڏهن هڪ مجذوب وٽ پهتس ته ان کي سڃاتم. ڇو ته اوائل تحصيل علم جي وقت مون کيس تبريز ۾ ڏٺو هو. پوءِ کانئس دريافت ڪيم ته تنهنجي هيءَ حالت ڇو آهي؟ مولانا رومي جي زباني چيائين ته هر صبح آءٌ جڏهن اُٿندو هئس ته تفرقه ۾ پئجي ويندو هئس. هڪ شخص مون کي هڪ طرف ڇڪيندوهو ۽ ٻيو ٻئي طرف ڇڪيندو هو. هڪ دفعي آءٌ اٿيس ته مون کي هڪ شيءِ پنهنجي گرفت ۾ ورتو، پوءِ آءٌ هر شيءِ کان آزاد ٿي ويس.

فرمايائين ته اها ڳالهه ڪافي دفعا سيد قاسم کان ٻڌم ۽ جڏهن به آءٌ اها ڳالهه کانئس ٻڌندو هئس ته طبيعت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويندو هو. ان جي اکين مان به ڳوڙها جاري ٿي ويندا هئا. سندس وفات سن 830هه ۾ ٿي.

خواجه حسن عطار هرات ۾ سندس لنگر ڏانهن ويو هو. سيد صاحب سان ملاقات ڪيائين ۽ مولانا ابوسعيد به ان سان گڏ هو.

 

امير قوام الدين سنجاني

هيءُ شروعات ۾ ڳوٺ سنجان جي مالڪن ۾ حصيدار هو (يعني هيءُ به مالڪ هو) ۽ ڳوٺ جي پيدائش ۽ جمع ۽ خرچ وغيره جي سنڀال سندس ئي ذمي هئي. اوچتو منجهس جذبو پيدا ٿيو. ان وقت جو ڪجهه سندس ملڪيت ۾ هو ان کان دستبردار ٿي ڇڏي هليو ويو ۽ سلوڪ ۽ آخرت جي واٽ ۾ مشغول ٿي ويو. پنهنجي هٿ کي مسلمانن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. جيڪوبه شخص کيس ڪاغذ ڏيندو هو، ان تي کيس ڪجهه لکي ڏيندو هو، خواه قرآن شريف هجي يا ڪجهه ٻيو لکي ڏيندو هو. طالبن ۾ ترتيب جو خيال رکندو هو. جهڙي طرح هو آڻيندو هو. ان ترتيب سان کيس لکي ڏيندو هو. زين العابدين جو همعصر هو. سال 734هه ۾ پيدا ٿيو ۽ سال 820هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

ناصربخاري

ظاهري نظر ۾ سندس ڪلام کي شاعري تصور ڪيو پيو وڃي. پاڻ الله تعاليٰ جي درٻار ۾ مقبول ۽ خاص بندن مان هو. بخارا شهر جي بازار ۾ خواجه پارسا کيس مستيءَ جي حالت ۾ ڏسي سندس وڏي تعظيم ڪندو هو. سندس مريد ان تي تعجب کائيندا هئا. انهن مريدن کي فرمائيندو هو ته ستر دفعا ولايت جو منصب کيس پيش ڪيو ويو، مگر هن قبول نه ڪيو. سندس مرتبه جي فوقيت جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي. سندس وفات جو سال 839هه آهي.

 

شيخ عيسيٰ لنگوٽي

هي بزرگ ترڪ وطن ڪري سنڌ ۾ آيو. سما دور ۾ ساموئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ساموئي ڳوٺ مڪلي ٽڪري جي ويجهو آهي. هيءُ اتي مدفون آهي.

ڪيترائي بزرگ ارادت هيٺ سندس زيارت لاءِ ايندا هئا. باطني خبرون اڪثر ٻڌائيندو هو. چيو وڃي ٿو ته اصل ۾ برهانپور جو هو.

سيد محمد حسين عرف مير مراد کي سندس ولادت واري ڏينهن ڏٺائين ۽ مريد ٿيو ۽ اهڙي طرح مذڪور آهي ته سندس ولادت جو منتظر رهندو هو.

۽ سيد بسه جي ولادت کان پوءِ هي 831هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

مرشد حقاني نورالدين نعمت الله ڪهستاني

سيد عالي جناب ۽ حضرت وهاب جي قرب جو نوازيل، وقت جي مشائخ جو مرڪز ۽ طالبان حق کي فيض رسائيندڙ، جماعت نعمت الله شاهي جو ذريعو بڻيل هو. شيخ آذري کانئس خرقو حاصل ڪيو هو. هيءُ ابوعبدالله يافعي جو مريد هو. صدرالدين شيرازيءَ جي صحبت کان به فيض حاصل ڪيو هئائين. قاضي مير حسين يزديءَ، شيخ ڏانهن لکيو ته ڪرمان جا علماء، شاهه نعمت الله نورالدين کي ڪافر سڏين ٿا، مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني اٿائون. هن جواب ۾ فرمايو ته يعرفون نعمة الله ثم ينکرونها واکثرهم کافرون(1) (سڃاڻن ٿا الله جي نعمت کي ۽ پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪافر آهن).

مذڪور آهي ته وٽس هر شيءِ ايندي هئي، ٿورو کائي پوءِ سڀ فقرآء کي ڏئي ڇڏيندو هو. شاهه رخ ميرزا ڏانهن لکيو ته اوهان شبهي وارو کاڌو ڇا لاءِ ٿا کائو؟ ان جي جواب ۾ ان ڏانهن هي بيت لِکي موڪليائين.

بيت

گر شود خون جمله عالم مال مال

کي خوراند خدا ولا حلال

ترجمو: جيڪڏهن ساري جهان جو مال رت ٿي وڃي (حرام ٿي وڃي) ته به الله تعاليٰ اسان کي حرام رزق ڪيئن کارائيندو؟

شاهه ميرزا رخ، امتحان خاطر هڪ ڇيلو زبردستي هٿ ڪري ذبح ڪيو.ان جو طعام تيار ڪرايو. سيد صاحب کي دعوت تي گهرايو ۽ طعام گڏ کائڻ لاءِ عرض ڪيائين. طعام کائڻ جي دوران شاه رخ چيو ته هيءُ ڇيلو هڪ عاجز (عورت) کان زبردستي کسيو ويو آهي، سيد صاحب فرمايو ته شايد الله تعاليٰ هن ۾ ڪا مصلحت فرمائي هجي. پوءِ انهيءَ عورت کي گهرائي کانئس حقيقت پڇيائون. هن ٻڌايو ته منهنجو پُٽ فلاڻي جڳهه تي قيد آهي. اڄ ٻڌم ته سيد نعمت الله ڪرمان کان هتي تشريف فرما ٿي رهيو آهي، مون وٽ هڪ متارو ڇيلو هو. ارادو ڪيم ته اهو ڇيلو سائين جن جي دعوت لاءِ پيش ڪريان ۽ دعا گهرايان، مان ۽ منهنجو پٽ ان سبب آزاد ٿي وينداسون. آءٌ اهو ڇيلو سائين جن ڏانهن آڻي رهي هيس ته شاهه رخ جي ماڻهن مون کان زبردستي اهو کسي ورتو. اهو ٻڌي شاهه رخ توبہ ڪئي ۽ پيرن کي چميو ۽ عقيدتمند ٿي ويو ۽ چيائين ته ڪرمان جي علمائن جي طرفان ڪفر جي فتويٰ ڏيڻ سبب مون هيءُ امتحان ورتو هو.

سندس فوت ٿيڻ جو سن 834هه لکيل آهي. ڪرمان ۾ مدفون آهي، جتي لنگر ۽ خانقاه آهي. سندس عمر پنجهتر سالن کان وڌيڪ هئي.

 

شيخ زين الدين ابوبڪر خوافي

طريقت ۾ سندس نسبت نورالدين عبدالرحمٰن مصري سان وابسته آهي. سندس چوڻ آهي ته اجازتنامو، جيڪو مون کي لکي ڏنو ويو هو، سو خراسان ڏانهن واپس اچڻ وقت بغداد ۾ مون کان رهجي ويو. ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن خراسان کان مصر ڏانهن وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته ان وقت منهنجو شيخ رحلت فرمائي چڪو هو. پوءِ آءٌ خلوت خانه ۾ ويس ته مون کي ان خلوت خاني ۾ اجازت نامو لکيل مليو، جيڪو چند حرفن جي تفاوت کان سواءِ اصل ساڳيو هو. باوجود هن جي ته اهو خلوت خانه محفوظ نه هو. ان جو دروازو کليل رهندو هو. آءٌ نه ٿو چئي سگهان ته هي اصل مسودو هو يا شيخ پنهنجي نور ولايت بصارت سان هيءُ معلوم ڪري ورتو هو ته منهنجو اجازتنامو گم ٿي ويو آهي ۽ آءٌ ڪڏهن هت وري ايندس انهيءَ ڪري منهنجو هيءُ اجازتنامو ٻيهر لکي هت رکيو ويو هو. بهرحال هن اجازتنامي جو هن غير محفوظ خلوت خانه ۾ مدت دراز تائين پنهنجي اصل حالت ۾ محفوظ رهڻ، اها سندس ڪرامت آهي.

 

قطب العالم بديع الدين عرف شاهه مدار

کيس قطب مدار آسمان ولايت، رهنما، بديع دين ۽ رسول الله عليہ الصلواة والسلام جو مختار سڏيو ويندو هو. سندس طريقت بواسطہ طيفور شامي ۽ بحضرت عبدالله تائين پهچي ٿي، جو پاڻ سڳورن ﷺ جن جو مڪي جو علمدار هو. حضرت عبدالله ئي سندس آخري پشت آهي. هو قطب مدار، آسمان ولايت جو خاص طريقو رکندڙ هو. ان طريقي کان فيض حاصل ڪندڙ لاتعداد ماڻهو آهن، جن منجهان چند هستين جو انتخاب ڪري انهن جي بيان تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي ۽ هيءُ سال 840هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس مدفن مڪن پور ۾ آهي.

مداريان: بابا شيخ ڀيڪا قاضي شهاب الدين پرڪاله، سلطان شمس الدين پاڻي پا، شيخ منصور، ميان لالوديوانه، شيخ ارغوان، شيخ محمود پاڻي پا، قاضي صدر، برق ديوانه، ميان صبغة الله ۽ مولانا حسام الدين سلامي.

سندس عقب: حضرت شيخ قاضن، سندس نامور مريدن مان هو. ان کان شيخ ابوالفتح هدايت الله، ان کان سلطان الموحدين حاجي حميد، ان کان شيخ محمد غوث گجراتي ۽ ان کان شاهه وجيهه الدين گجراتي ۽ ان کان حضرت سيد ياسين ۽ ان کان حضرت مولانا شهباز ۽ ان کان مولانا عبدالشڪور بن قاضي سيف الدين طوسي ۽ ان کان شاهه محمد بزيوري صوبه بنگاله جو ۽ ان کان حضرت ميان جان محمد.

ايضاً: شيخ ابوالفتح هدايت الله کان، شيخ اسحاق مداري ۽ ان کان شيخ الهه داد ۽ ان کان ملڪ چاند محمد رومي ۽ ان کان وري جمال محمد بن ملڪ چاند.

ايضاً: شاهه مدار جي مريدن مان اجمل ڀڙائچي هو. ان کان سيد ٻڍل ڀڙائچي.

ايضاً: ميران سيد جمن جنهن کان شيخ فخرالدين ۽ شيخ صدرالدين ڪوهه ڪاري.

ايضاً: سيد ٻڍل ڀڙائچي کان، شيخ درويش بن قاسم اوڌي ۽ ان کان وري شيخ عبدالقدوس گنگوهي ۽ ان کان شيخ رڪن الدين ۽ ان کان شيخ عبدالاحد بن زين العابدين سرهندي والد مجدد الف ثاني.

 

شيخ يوسف سيد محمد انجوي

هيءُ شيخ اسماعيل ثانيءَ جو فرزند ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. وڏن جي تحرير نامه موجب هيءُ شيخ الاسلام شهر ملتان ۽ مزارات جو متولي ٿيو. جنهن وقت هند ۾ افراتفري پيدا ٿي ته ملتان جي سردارن ۽ زميندارن جي اڪثريت جيڪي هن خاندان جا مريد هئا، انهن سال 847هه ۾ کيس سلطنت تي ويهاريو. اُچ ۽ ٻين شهرن جي منبرن تي سندس نالي جو خطبو پڙهائيندا رهيا ۽ هو ملڪ جا ضروري انتظامات بجا آڻيندو رهيو، لانگاه قوم جي سردار راءِ سيهره جو ”شهر ديري“ ۽ ان جي آسپاس واري علائقي تي قبضو هو. وڏن کان وٺي هن سلسلي جي مريدن منجهان هو. جنهن پنهنجي نياڻي شيخ کي ڏني ۽ پوءِ ٺڳي ۽ دوکي سان پير شيخ کي شهيد ڪرايائين ۽ پاڻ سلطان قطب الدين جي لقب سان سلطنت تي قبضو ڪري ويهي رهيو.

شيخ جي شهادت سن 859هه ۾ ٿي.

 

شيخ سيد برهان الدين عبدالله

سندس ڪنيت ابومحمد ۽ لقب قطب العالم ۽ نالو عبدالله بن ناصرالدين محمود بن مخدوم جهانيان آهي. پنهنجي پيءُ جو مريد ۽ خليفو هو. وقت جي اڪثر مشائخ جي صحبت کان فيض حاصل ڪيو هئائين، سندس ولادت ڏهه رجب سال 790هه ۾ ٿي. سندس عمر 68 سال، چار مهينا ۽ چويهه ڏينهن هئي. سندس سال وفات 856هه هو.

مذڪور آهي ته هڪ رات هو تهجد لاءِ اُٿيو. سخت اونداهي هئي. سندس پير ۾ هڪ ڪوڪو چڀجي ويو. فرمايائين ته خبر نه آهي ته هيءُ پٿر هو، يا لوهه هو، يا ڪاٺي. پوءِ جڏهن صبح ٿيو ته ماڻهن ڏٺو ته ان شيءِ جو هڪ ٽڪرو پٿر، هڪ ٽڪرو لوهه ۽ هڪ ٽڪرو ڪاٺي جو هو. قدرتي طور مرڪب ٿي ويو هو. دارا شڪوه سفينة الاولياء ۾ لکي ٿو ته اڄ 1049هه سن آهي ته اهو ٽڪرو ٽنهي شڪلين ۾ گجرات ۾ اڃا تائين سندس اولاد وٽ موجود آهي.

 

شيخ بهاؤالدين عمر

هيءُ سيد محمد شاهه جو ڀاڻيجو ۽ سندس مريد هو. روايت آهي ته سلسله شيخ علاوالدوله تائين هو. ننڍپڻ کان جذبہ جي ڪيفيت وارو هو. مولانا سعدالدين ڪاشغري جي روايت آهي ته مڪہ جي هڪ ميدان ۾ کيس ڪا بيماري لاحق ٿي وئي، پاڻ روزي سان هو. سندس جماعت ڪافي زور ڀريو ته روزي کي ڀڃي ڇڏيو، مگر هن هرگز قبول نه ڪيو. هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته اهل غيب جي هڪ جماعت سندس خلوت خانه ۾ وڃي رهي آهي، پر ان جي دروازي تي پهچي واپس اچي رهي آهي، پوءِ مون انهيءَ روئداد بابت کانئس پڇا ڪئي. چيائين ته هائو. اهي قطب هئا ۽ جڏهن ڏٺائون ته آءٌ پنهنجا قدم ڊگها ڪري سمهي پيو آهيان ته ادب جي لحاظ کان واپس هليا ويا. پوءِ جڏهن مون پنهنجا پير سڪيڙيا ته موٽي مون وٽ آيا ۽ فاتحه پڙهيائون ۽ واپس هليا ويا. ان ڏينهن سندس چهري تي صحت جا آثار نظر آيا ۽ افطاري ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي. پاڻ ڪڏهن فقراء ۾ دائمي توجہ ۽ مطلوب حقيقي ڏانهن منجهن ترغيب پيدا ڪرڻ لاءِ هي بيت کين پڙهي ٻڌائيندا هئا.

بيت

دل آرامي که داري دل در و بند
دگر چشم از همه عالم فروبند

 

ترجمو: جيڪڏهن تون دل جو سڪون ۽ آرام چاهين ته دنيا جي ٻين شين کي پنهنجي اکين تان هٽائي ڇڏ.

سندس وفات 857هه ۾ ٿي. وفات کانپوءِ سندس فرزند ۽ مريد چغانيان ڳوٺ ۾، جتي پاڻ هميشه ويهندا هئا. قبر کوٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا. پر سلطان وقت، استدعا ڪئي ته کين شهر جي ويجهو دفن ڪيو وڃي ۽ جنازه کي کنيو ويو. (سلطان وقت) جنازه کي ڪلهو ڏنو. (هرات جي) عيدگاهه جي اترطرف کيس دفن ڪيو ويو ۽ مٿس عاليشان مقبره جوڙيو ويو.

 

مولانا سعدالدين ڪاشغري

هيءُ خواجه ڪلان جو فرزند هو. مولانا فرمائي ٿو ته ٻارهن سالن جي عمر ۾ آءٌ پنهنجي پيءُ سان سفر ۾ هئس. هڪ ڏينهن هڪ ڀرواري دڪان تي ويٺا هئا سون ته آسپاس وارن دڪاندارن حساب، ڪتاب تي ايڏو ته شور ڪيو، جو سندن گفتگو پري پري وارا ماڻهو ٻڌي، بيزار ٿي ويا. جڏهن شور برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ته منهنجو والد صاحب روئندو انهيءَ هجوم ڏانهن ويو. جڏهن دڪاندارن جي هجوم کيس روئندي ڏٺو ته پنهنجي گفتگو کان بس ڪندي، کانئس پڇڻ لڳا ته توکي ڇا ٿي ويو جو هروڀرو رئندو ٿو اچين؟ کين چيائين ته، صبح کان وٺي، هن وقت تائين آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته اوهان الله تعاليٰ کي هڪ گهڙي به ياد نه ڪيو. انهيءَ حيرت جي ڪري مون کي توهان تي رحم آيو ۽ بي اختيار روئڻ لڳس.

مولانا سعدالدين چند سال، مولانا نظام الدين جي خدمت ۾ بسر ڪيا، پوءِ حجاز جي سفر لاءِ کانئس اجازت گهريائين.جڏهن خراسان آيو ۽ هرات ۾ اچي مشائخ، سيد قاسم تبريزي، مولانا بايزيد پوراني، شيخ زين الدين خوافي ۽ شيخ بهاؤالدين عمر جن جي صحبت لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو. حضرت امير قاسم جي حق ۾ فرمايائين ته هيءُ عالم جي معاني جي ڪُنَ ۾ آهي، هن وقت سندس آڏو اوليائن جون سڀ حقيقتون جمع آهن. مولانا ابو يزيد پورانيءَ جي باري ۾ فرمايائين ته کيس الله تعاليٰ هر ڪم کان آجو رکيو آهي، هر ڪم سندس الله تعاليٰ پورو ڪري ٿو. شيخ بهاؤالدين عمر جي باري ۾ فرمايائين ته سندس آئينو الله تعاليٰ جي آڏو آهي. پاڻ انهيءَ ذات کانسواءِ ٻيء ڪابه شي نٿو ڏسي ۽ شيخ زين الدين لاءِ فرمايائين ته هو شريعت ۽ تقويٰ ۾ قابل تعريف شخصيت آهي.

 

مولانا عمر رومي

هيءُ مولانا سعد الدين ڪاشغري جي اڪابرين مريدن مان هو. مولانا سعدالدين ڪاشغري جو قول آهي ته هيءُ هرڪم کي فرض ڄاڻندو هو. پوءِ سندس حق ۾ هر ڪم آسان ٿي ويو. جيئن اصول آهي ته هر شيءَ جي حصول لاءِ تلاش ۽ ڪوشش ڪبي آهي ته اها حاصل ٿي ويندي آهي. چوڻي آهي ته ڳولهيو ۽ حاصل ڪيو. پر هن بزرگ اول حق تعاليٰ کي حاصل ڪيو پوءِ تلاش ڪيائين. جيڪڏهن اول اللہ کي حاصل نه ڪري ها ته وصال ڪيئن حاصل ٿئيس ها.

 

مصرع

تا تو نہ گيري جمال، عشق نہ گيرد ڪمال

ترجمو: جيستائين جاهه ۽ جمال حاصل نه ڪندين، تنهنجو عشق ڪمال جي درجي تي نه پهچندو.

اول حق سبحانہ تعاليٰ هر بنده تي سندس ارادت جي آڌار ۽ صفت جي تجلي جو ظهور فرمائيندو آهي، پوءِ اهو انهيءَ تجليءَ موجب حق سبحانہ تعاليٰ جو طلبگار ٿيندو آهي. پوءِ انهي حصول جي صورت ۾ طلب تي ترجيح حاصل ڪندو آهي.

فرمايائين ته جيڪو شخص، ڪنهن کي دوست رکندو آهي ته گهرندو آهي ته سڀ کيس دوست رکن. اگرچه محبت جي غيرت جي تقاضا اها آهي ته محبوب کي مخفي رکي، ليڪن محبت جي انتها سبب بيوس هوندو آهي. ان کي لڪائي نه سگهندو آهي. کيس خبر نه پوندي آهي ته ڪهڙو حيلو هلايان ۽ ڪهڙي تدبير سوچيان ته ماڻهن ۾ منهنجي ساراهه ٿئي ۽ اهي منهنجا معتقد ۽ طالب ٿين، جيڪا به صورت هجي، جڏهن اهو شخص پنهنجي اندر محبوب جون وصفون پيدا ڪندو آهي ته پوءِ ماڻهو سندس طالب ٿي ويندا آهن.

فرمائي ٿو ته: جنيد ٻڌايو ته منهنجي مراقبي جو استاد هڪ ٻلي هئي (جنهن مون کي صحيح مراقبه ڪرڻ جو طريقو سيکاريو. مون هڪ دفعي ٻليءَ کي ڏٺو ته ڪُوئي جي سوراخ (ٻرڙ) جي ڀرسان ويٺي آهي. ايتري قدر متوجہ ۽ محو آهي جو سندس بدن جو هڪ وار به چرپر ڪونه پيو ڪري. پوءِ اوڏانهن تعجب سان پئي نهاريم ته مون کي مٿان آواز ٿيو ته اي بي همت! تنهنجو مقصد ڪئي جي حصول کان مٿي آهي. تنهنجي طلب ٻليءَ جي مقصد کان مٿي آهي. پوءِ موٽي اچي مراقبه ۾ محو ٿي ويس.

 

مولانا عبدالرحمٰن جامي

 

سندس اصل لقب عماد الدين هو. مشهور لقب نورالدين آهي. سندس ولادت خرجرد جام ۾ سن 807هه ۾ ٿي. سندس نسبت شيخ عالم عامل ڪامل، مجتهد امام، محمد شيباني سان ملي ٿي ۽ امام اعظم جي مذهب جو پيروي ڪندڙ هو.

هو محمد بن عبدالله بن طاؤس بن هرمز الشيباني و کان هرمز ملکا بغداد واسلم عليٰ يد عمر بن الخطاب رضي الله عنہ ذکر في کتاب المصفيٰ انہ کان بين الامام محمد وابي حنيفة قرابة قربتہ فانہ محمد بن الحسن بن عبدالله بن طاؤس بن هرمز وهوملک اسلم عليٰ يد عمر بن الخطاب رضي الله عنہ وابو حنيفة نعمان بن ثابت بن طاؤس بن هرمز

ترجمہ: هيءُ محمد پٽ عبدالله بن طائوس پٽ هرمز شيباني هو ۽ هرمز، بغداد جو بادشاهه هو، جنهن حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنہ جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ ڪتاب ”المصفي“ ۾ ذڪر آهي ته ان جي ۽ امام محمد ۽ ابي حنيفه جي وچ ۾ قرابت هئي. اها قرابت هن ريت آهي ته محمد بن الحسن پٽ عبدالله پٽ طائوس، پٽ هرمز بادشاهه جنهن حضرت عمر بن خطاب رضي الله عنہ جي هٿ تي اسلام آندو ۽ ابو حنيفه نعمان بن ثابت بن طائوس بن هرمز.

والد نظام الدين محمد دشتي ۽ سندس ڏاڏو مولانا شمس الدين محمد ”دشتي“ علم ۽ تقويٰ ۾ بي مثال هئا. کيس دشت انهيءَ ڪري سڏيو ٿو وڃي ته اصفهان شهر جي دشت محلي جو رهندڙ هو. پوءِ زمانه جي حالتن ۽ حادثن سبب جام ولايت ۾ منتقل ٿيو. قضا ۽ فتويٰ جي منصب تي فائز ٿيو. سندس ماءُ پيءُ امام محمد شيباني جي اولاد مان هئا.

مولانا قوام الدين محمد جو ڏاڏو، امام محمد جي اولاد مان هو. اهو به پنهنجي علائقي کان منتقل ٿي، جام جي علائقي ۾ آيو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ، مولانا شرف الدين حاجي شاهه جي نڪاح ۾ ڏنائين. انهيءَ مان جيڪو اولاد ٿيو تن مان هڪ نياڻي مولانا شمس الدين عمر دشتي کي نڪاح ۾ ڏني وئي، جنهن مان سندس والد ماجد مولانا نظام الدين پيدا ٿيو ۽ سندس وڏا جام ولايت ۾ اچي رهيا. خط وڪتابت ۽ ٻين عبارتن ۾ پاڻ کي ”دشتي“ لکندو هو. جڏهن هرات کان منتقل ٿي آيو ته ان جي بجاءِ ”جامي“ لکڻ لڳو. مولانا جي ولادت واري وقت ۾ خاقان منصور شاهه رخ سلطان، عراق ۽ فارس جي ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. سندس وفات جو سال 898هه آهي.

مولانا سعدالدين ڪاشغريءَ جي نياڻي مان کيس چار فرزند پيدا ٿيا ۽ ٽي فرزند ته ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويا ۽ سندس چوٿون پٽ زنده رهيو، جنهن جو نالو ضياء الدين يوسف هو.

 

مولانا شهاب الدين بيرجندي

هيءُ مولانا سعدالدين ڪاشغري جي اڪابر مريدن مان هو. بيرجند جو رهندڙ هو. بيرجند ولايت قاين جو هڪ شهرهو. سندس اصل نالو احمد بن محمد هو. پنجونجاهه (55) سالن جي عمر ۾ سن 856هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس قبر مولانا سعدالدين ڪاشغري جي مناري جي ڀرسان آهي.

 

مولانا علاؤالدين آبيز

سندس ڄمڻ جو هنڌ آبيز ڪروهي آهي، جيڪو قوهستاني علائقي ۾ آهي. پاڻ مولانا سعدالدين ڪاشغري جي اڪابر مريدن مان هو. مولانا سعدالدين کان پوءِ مولانا نور الدين عبدالرحمٰن جاميءَ سان وابسته ٿيو.

 

مولانا شمس الدين روجي

هي به مولانا سعدالدين جي خاص مريدن مان هو. ڪيترائي سال جامع هرات ۾ دعوت ۽ تبليغ حق ۾ گذاريائين. سندس ڄمڻ جو هنڌ روج ديهه آهي، جيڪو شهر کان نوَن ميلن جي پنڌ تي قبلي طرف آهي. سندس ڄمڻ جو سال 820هه آهي. سندس وفات جو سال 904هه آهي شروعات ۾ سندس مدفن مولانا سعدالدين جي مزار جي پٺيان هو. بعد ۾ اتان کڻي خواجه عبيدالله انصاري جي مزار جي ڀرسان گاذر گاهه ۾ کيس دفن ڪيو ويو ۽ ان جي مٿان وڏو قبو بڻايو ويو.

 

مولانا جلال الدين پوراني

هن پنهنجي زندگي کي مسلمانن جي ضروريات جي پوري ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيوهو. ظاهري طور ته ڪنهن سان بيعت ڪونه ڪئي هئائين. البته اويسي فيض سان رنڱيل هو. پاڻ ئي چوندو هو ته مون کي ڪابه مشڪل ڪڏهن پيش ايندي هئي ته آءٌ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي روحانيت مبارڪ ڏانهن متوجه ٿيندو هئس ته مشڪل حل ٿي ويندي هئي.

مولانا ظهير الدين خلوتي جي صحبت ۾ گهڻو رهندوهو. سندس طريقي کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو، مگر سندس مريد ڪونه ٿيو. زراعت ۽ باغباني جي آمدني سندس ذريعه معاش هئي، مهمانن تي تمام گهڻو خرچ ڪندوهو. هر قسم جي کاڌي، پيتي جو سامان مهمانن لاءِ تيار رکندو هو. سندس گهر، ڪڏهن به مهمانن کان خالي ڪونه هوندو هو. پاڻ چوندو هو ته مهمانن جي اچڻ جي مون کي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي ته مون وٽ ڪيترا مهمان اچي رهيا آهن. پوءِ اڳي ئي سندن لاءِ طعام وغيره تيار ڪري رکندو آهيان ته جيئن بغير انتظار ڪرڻ جي کين کاڌو بروقت ميسر ٿئي. پر هڪ دفعي هڪ ترڪ درياء جي ڪناري کان چند روغن جوش (شيرمال) مسجد ۾ کڻي آيو ۽ مون کي ڏنائين ۽ قسم کڻي چيائين ته هيءُ حلال رزق مان تيار ڪري کڻي آيو آهيان. سو تون اهو کاءُ. مون انهن مان هڪ شيرمال کڻي، ان جا ٻه اڌ ڪيا ۽ وري اڌ کي به ٻه حصا ڪري (چوٿون حصو) کڻي وات ۾ وجهي کائي ڇڏيم کائڻ کان پوءِ اهو (ڪشف) وارو سلسلو ختم ٿي ويو. يعني مهمانن جي اچڻ واري اڳواٽ خبر پوڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو. ڏاڍو پريشان ٿيس سندس وفات جو سال 864هه آهي. سندس مقبرو پوران ۾ آهي.

 

خواجه شمس الدين محمد ڪوسي جامي

هيءُ، بزرگ شيخ الاسلام احمد نامقي، جامي جي پڙپوٽن مان هو. مولانا سعد الدين ڪاشغري سندس وعظ جي مجلس ۾ حاضر ٿيندو هو ۽ ان کان ڪافي اثر وٺندو هو. (سندس ڏاڍي تعريف ڪندو هو.) پنهنجي وعظ جي دوران فرمايائين ته حق تبارڪ و تعاليٰ فرمايو آهي ته ”اَحۡسِنۡ کَمَا اَحۡسَنَ اِلَيۡڪَ“ (1) (جيئن اللہ تعاليٰ تو سان چڱائي ڪئي آهي. تون به چڱائي ڪر)

ازل ۾ الله تعاليٰ ظاهرهو، ٻانهون لڪل هو. پوءِ ٻانهي کي شرف ڏئي ظاهر ڪيائين ۽ پاڻ کي ڳجهو رکيائين ۽ هاڻي ٻانهي مٿان لازم آهي ته حق تعاليٰ کي ظاهر ڪري ۽ پنهنجي وجود جي نفي ڪري، کيس ختم ڪري ڇڏي.

روايت آهي ته خرقه شيخ الاسلام جيڪو کيس شيخ ابو سعيد پهچايو هو، اهو سلسله بسلسله حضرت صديق اڪبر رضي الله عنہ کان هلندو وٽس پهتو. ان ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي پيراهن مبارڪ جو هڪ پيوند لڳل هو. خواجه شمس الدين جامي علوم ظاهري ۽ باطنيءَ ۾ جامع هو. سندس وفات سن 863 هجري ۾ ٿي.

 

مولانا شمس الدين محمد اسدي

سندس چوڻ آهي ته ظاهري علوم جي تحصيل کان پوءِ مون منجهه سلوڪ جي حصول جو شوق پيدا ٿيو ته شيخ زين الدين خوافي جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. هڪ ڏينهن هو مجلس ۾ جماعت جي بيعت ڪري رهيو هو ۽ بيعت جو قاعدو هن ريت هو جو مرشد هڪ مريد جو هٿ بيعت وقت جهلي بيهندو هو ۽ ٻيو مريد انهيءَ درويش جو دامن پڪڙيندو هو ۽ ٽئون مريد وري انهيءَ درويش جو دامن پڪڙيندو هو. اهڙي طرح سلسلو وڃي شيخ تائين پهچندو هو. مون به انهيءَ قطار ۾ هڪ درويش جو دامن سوگهو ڪيو ۽ جڏهن انهيءَ مجلس کان ٻاهر نڪتس ته سڌو مدرسي جي انهيءَ حجره ۾ آيس، جتي آءٌ پڙهندو هئس. پوءِ ذڪر ۾ مشغول ٿي ويس ۽ ذڪر جي تاثير روز بروز منهنجي اندر وڌندي رهي ۽ منهنجو باطن کلندو ويو. ايتري قدر جو مڪمل نموني انهيءَ طرف منهنجي دل ڇڪجي آئي ۽ روحانيت ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. پوءِ بهاوءالدين عمر جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ سندس صحبت ۾ رهي فائز ٿيس. ماڻهن جو پخته خيال هو ته مولانا شمس الدين، زين الدين خوانيءَ جو مريد آهي مگر هن ڪڏهن به اهڙو اعتراف نه ڪيو.

(مولانا شمس الدين) فرمائي ٿو ته آءٌ جڏهن مولانا فخرالدين لورستاني جي خدمت ۾ پهتس ته پنهنجي پوشاڪ لاهي مون کي پهرايائين. هيءُ بزرگ سن 864هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

امير سيد قاسم انوار

سندس اصل نالو معين الدين علي بن نصر بن هارون ابن القاسم تبريزي هو. چند واسطن سان امام زاده هارون بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان سندس نسب جو شجره ملي ٿو.

ٽن سالن جي عمر ۾ مٿس مختلف علمن جا دروازه کليا، جيئن اهڙي خبر هن ٻن بيتن مان پڻ پوي ٿي:

بيت

مرا علم ازل درسينه دادند
عجب علمي ولي درسي ندادند
مراسه سال حالي گشت معلوم
که شيخ چله را درسي ندادند

ترجمو: مون کي علم ازل کان سيني ۾ ڏنائون. عجب علم آهي، پر مون کي ان جو درس نه ڏنائون. منهنجي علم جا ٽي حال مون کي معلوم آهن ته شيخ چلي ڪڍڻ جو درس به مون کي نه ڏنو.

ڪتاب ”حبيب السير“ ۾ ذڪر آيو آهي ته شيخ صفي الدين اردبيلي سندس تربيت ڪري، کيس عرفان جي درجه تي پهچايو. پر قاضي احمد غفاري ”تاريخ جهان آرا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته هو قطب الاولياء صدر الدين موسيٰ ابن شيخ صفي الدين جو مريد هو. سندس اصل نالو معين الدين علي هو. جڏهن خواب ۾ ڏٺائين ته مٿس قسمت، انوار پيئي اڇلائي ۽ اهو خواب جو واقعه پنهنجي شيخ صدر الدين کي بيان ڪري ٻڌايائين ته انهيءَ اشاره موجب سندس نالو ”قاسم انوار“ مقرر ٿي ويو.

نفحات ۾ کيس شيخ صدر الدين اردبيليءَ جو مريد ڄاڻايو ويو آهي. ان کانپوءِ علي يمني جي صحبت اختيار ڪيائين ۽ شيخ علي يمني، شيخ اوحد الدين ڪرماني جو مريد هو. ميرزا شاهه رخ جي سلطنت جي دور ۾ هيءُ ڪيترائي سال ماڻهن جي هدايت ۽ تربيت لاءِ هرات ۾ مشغول رهيو ۽ ٻه دفعا پيادل حج ڪيائين ۽ ميرزا جي خاطر ڪجهه وقت ماوراء النهر ۾ گذاريائين. ڪجهه وقت سمرقند ۾ به رهيو. آخري وقت ۾ ڳوٺ خرجرد ۾ اچي قيام ڪيائين ۽ اتي رحلت ڪري ويو. سندس وفات جو سن 837هه ڄاڻايو ويو آهي.

 

مولانا محمد شيرين مشهور مغربي

هيءُ شيخ اسماعيل سيسي جو مريد هو. (شيخ اسماعيل) شيخ نورالدين اسفرايني جي مريدن مان هو. (مولانا محمد شيرين مغربي) مغربي ممالڪ جو جڏهن سير ۽ سفر ڪيو ته ان سفر ۾ پاڻ هڪ اهڙي شخص جي هٿ کان خرقو پاتائين، جنهن کي شيخ محي الدين ابن عربيءَ سان نسبت حاصل هئي ۽ هيءُ شيخ ڪمال خجند جي صحبت ۾ به رهيو هو.

روايت آهي ته هڪ دفعي، شيخ اسماعيل سيسي چند درويشن کي چلي ۾ ويهاريو. کيس پڻ چله ۾ ويهڻ لاءِ طلب ڪيائين پر (مغربي) هي غزل چئي معذرت ڪئي:

غزل

مامهر تو ديديم ز ذرات گذشتيم
از جمله صفات ازپي آن ذات گذشيتم
در خلوت تاريک رياضيات کشيديم
درواقعه از سبع سمٰوٰت گذ شيتم
ديديم که اين همه خواب است وخيال
مردانه ازين خواب و خيالات گذشيتم
باما سخن از کشف وکرامات چہ گوئي
چون ما از سر کشف وکرامات گذشيتم
اي شيخ! اگر جمله کرامات تو اين است
خوش باش کزين جمله کرامات گذشيتم
اين ها بحقيقت همه آفاق طريق اند
مادر طلب از جمله آفات گذشيتم
ما از پي نوري که بود مشرق انوار
از مغربي وکوکب و مشکات گذشيتم


 

غزل جو ترجمو نظم ۾

ڏٺو سون فرمان تنهنجي کي
مگر ان ذرات مان به گذريا آهيون
جستجو ئي ذات ان جي ۾
جمله ان صفات کان به گذريا آهيون
خلوت جي انڌيري ۾ رياضتون ڪڍيون آهن
اسين پوءِ بي خوديءَ جي علم ۾
برابر ست سمٰوٰت کان به گذريا آهيون
ڏٺوسون ته آهه هيءُ به خواب ۽ خيال
پوءِ مردانگيءَ سان ان خيالات کان به گذريا آهيون
اي شيخ! اگر آهن جمله ڪمالات تنهنجيون هي
يقين ڄاڻ! انهيءَ ڪمالات کان به گذريا آهيون
اگر آهه طريقو هيءُ آفاقيت جي حقيقت جو
پوءِ طلب ان جي ۾ اسين جمله آفات کان به گذريا آهيون
اسين آهيون مشرق انوار جي نور پٺيان
مغرب جي ته تارن ۽ مشڪوات کان به گذريا آهيون

شيخ جڏهن هيءُ غزل ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو. سندس وفات 859هه ۾ ٿي.

 

سيد محمد انجوي

هيءُ ميران محمد جي نالي سان معروف آهي. ڄام صلاح الدين تماچي جي وقت ۾ هن پنهنجي پٽ نالي سيد احمد سان گڏ سال 786هه ۾ مطابق اعداد ”بسم الله“ ڳوٺ مراد اوٺيو ديهه مانجر تعلقه ٺٽي ۾ دائمي رهائش اختيار ڪئي هئائين ۽ اٺين صديءَ جي اختتام ۾ ۽ نائين صدي هجريءَ جي آغاز ۾ پنهنجي وقت جو بي مثال بزرگ ۽ ڪمال درجه جي شيخ جي حيثيت ۾ گذاري ويو. بعد ۾ سندس پوٽي سيد علي ثاني اتان سندس نعش کي منتقل ڪري، نوري قبرستان جي ڀرسان هڪ صاف کليل جڳهه تي دفن ڪيو. پوءِ اهو خاص ۽ عام جي زيارت گاهه جو مرڪز بڻجي ويو.

 

سيد احمد انجوي

هيءُ سيد محمد انجوي عرف ميران محمد جنهن جو ذڪر مٿي ڄاڻايل آهي، جو پٽ هو. پنهنجي پيءُ کان پوءِ قاضي نعمت الله عباسيءَ جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين. روايت آهي ته هڪ ڏينهن سيد احمد پنهنجي وقت جي مشائخ مان شيخ عيسيٰ لنگوٽي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، جي خدمت ۾ سندس زيارت لاءِ ويو. شيخ وٽ قاضي نعمت الله داشمند عرف عباسي اڳي ئي ويٺو هو. شيخ جڏهن سيد کي ڏٺو، تڏهن سندس تعظيم لاءِ اٿي، ان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. وڃڻ وقت کيس ٻاهر ڇڏي آيو. (قاضي) کائنس ايتري تعظيم ڪرڻ جو سبب پڇيو. هن جواب ۾ قاضي کي چيو ته اچڻ وقت سيد جي تعظيم هئي ۽ وڃڻ وقت، قطب جي تعظيم هئي. جيڪو قطب سندس نسل مان هن جي وجود ۾ موجود آهي، آءٌ انهيءَ جي ولادت جو منتظر آهيان، جو سندس مريد ٿيندس. سيد احمد قاضي کان ناراض ٿي ويو هو، ڇو ته قاضي سندس اٿي استقبال نه ڪيو هو. انهيءَ ناراضگيءَ جي اثر سبب، قاضي جڏهن پنهنجي گهر پهتو ته نظر کان نابينو ٿي ويو. انهيءَ رات خواب ۾ ڏٺائين ته سندس نظر کان محرومي جو سبب سيد صاحب جي ناراضگي آهي. جيڪڏهن (قاضي صاحب) پنهنجي نياڻي، سيد صاحب جي نڪاح ۾ ڏيندو ته سندس نظر بحال ٿي ويندي. هوڏانهن قاضي جي نياڻيءَ پاڻ کي خواب ۾ ڏٺو ته کيس سيد صاحب جي نڪاح ۾ ڏنو ويو آهي. آخر ٻئي ڏينهن شيخ صاحب جي وساطت سان قاضي صاحب پنهنجي نياڻي بي بي فاطمہ کي سيد صاحب جي نڪاح ۾ ڏئي شادي ڪرائي پنهنجو ناٺي بڻايو. ان منجهان کيس چار فرزند پيدا ٿيا.

1. سيد علي 2. سيد جعفر 3. سيد شريف 4. سيد حسين ۽ پاڻ سال 854هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ آذري

سندس نالو حمزه هو. سندس لقب ملڪ الشعرآءِ هو (يعني شاعرن جو بادشاهه) آخر ۾ شيخ محي الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. تمام سخت رياضتون ڪيائين ۽ ان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سيد نعمت الله جي خدمت ۾ پهچي خرقو پاتائين ۽ پوءِ سير ڪرڻ نڪتو ۽ سفر ۾ ڪيترن ئي اولياء ڪرام سان مجلسون ڪيائين.

دولت شاهه، ذڪر ٿو ڪري ته جڏهن شيخ بيت الله شريف کان واپس وريو ته سڌو هندستان ۾ آيو ۽ سلطان محمد جوڻه پهرين مجلس ۾ ئي کيس پنجاهه هزار دينار بطور انعام عنايت ڪيا. (شيخ آذري) کانئس وٺڻ نه ٿي گهريا، مگر (هن چيو ته) معزز مهمان جي تڪريم لاءِ اسان وٽ اها رسم آهي. ان جي تعظيم ۽ تواضع ڪرڻ جو اسان وٽ اهوئي طريقو آهي. اها ڳالهه شيخ آذري جي طبيعت تي ڏاڍي گران گذري. ليڪن سندس دل رکڻ خاطر کائنس وٺي خيرات ڪري ڇڏيائين ۽ ان جي باري ۾ هيءُ قصيدو چيائين:

بيت

من ترک هند جيفه جيپال گفته ام
باد بردت جونه بيک جو نمي خرم

 

ترجمو: هند کي ڇڏڻ وقت مون مردار جيپال کي چيو هو ته جوڻه جي غرور ۽ تڪبر جو مون تي ذره برابر به اثر نه ٿيو

طبقاتِ اڪبري ۾ ذڪر آهي ته جڏهن احمد شاهه بهمڻ بيدر شهر جو بنياد رکيو ته دارالامارت جي محلات جي تعمير شروع ڪيائين ته ان وقت شاعرن لکڻ لاءِ شعر چيا. انهيءَ موقعي تي شيخ آذري پڻ هي شعر چيا:

حبذا قصر مشيد که ز فرط عظمت
آسمان شده ازپايہ اين درگاه است
آسمان هم نتوان گفت که ترک ادب است
قصر سلطان جهان احمد بهمن شاهه است

 

هند جي سفر کان پوءِ هڪ وڏي ذميواري جو بار پنهنجي سر کنيائين ۽ پورا ٽيهه سال سجادهء اطاعت تي ويٺو ۽ پوءِ سال 856هه ۾ اسي سالن جي عمر ۾ ڳوٺ اسفرائن ۾ انتقال ڪري ويو.

هڪ دل واري کان نقل آهي ته حضرت رسالت پناه صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خواب ۾ زيارت ڪيم. پاڻ سڳورا پنهنجي اصحاب سان ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. عرض ڪيم ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم ڪيڏانهن تشريف فرما ٿيا آهيو؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته آذري جي ملاقات لاءِ ٿا وڃون، جو هن منهنجي فرزند جي حق ۾ مرثيو چيو آهي، ان جو کيس صلو ڏيڻ لاءِ ٿا وڃون.

منہ

سوراخ في شود دل من چون گل حسين
هر که بخاطرم سفر کربلا رود

 

ترجمو: منهنجي دل ۾ زخم ٿو ٿئي جڏهن حضرت حسين منهنجي خاطر ڪربلا جو سفر اختيار ٿو ڪري.

 

سيد محمد بن فلاح

هيءُ ٻن واسطن سان فرزندِ محمد صالح بن امام همام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام آهي. سندس ڄمڻ جو هنڌ واسطه شهر هو. سلوڪ ۾ شيخ احمد بن فهد جو مريد هو. (شيخ احمد بن فهد) اثنيٰ عشريه جي اڪابر صوفين ۽ عظيم مجتهدين مان هو. ڪتابي علم سان گڏ عجيب علمن جو ڄاڻو هو. وفات وقت شيخ کيس هڪ هڙ ڏني ته هن کي فرات نديءَ ۾ وڃي اڇلائج ۽ انهيءَ سبب ۽ حيلي سان کيس عجيب اسرار حاصل ٿيا. خوزستان جي علائقي جي ماڻهن کي پنهنجو مريد بڻايائين ۽ انهن کي اسم ”علي“ تي مشتمل ذڪر سيکاريائين. ذڪر دوران کين شيعت تي بيعت ڪندو هو. هٿ وٺڻ سان مضبوط پهاڙ مثل ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترائي عجيب ڪرتب ڪري ڏيکاريندو هو. مثلاً ترار کي تيز ڪري، پنهنجي پيٽ ۾ اندر داخل ڪندو هو. ٻيا به عجيب غريب ڪرتب ڏيکاريندو هو. روز بروز انهن ۾ اضافو ڪندو ويو. آخر هڪ ڏينهن پاڻ کي مهديءَ جو لقب ڏنائين. سن 808هه ۾ خروج ڪيائين ۽ ساري خوزستان مثلاً شوشتر، درفول ۽ حويزه تي غلبو حاصل ڪيائين.

سندس تفصيلي احوال، عراق جي پوين عرب تاريخ نويسن، تاريخ غياثيءَ ۾ آندو آهي. قاضي نور الله شوشتر ڪتاب مجالس المؤمنين ۾ تذڪرو ڪيو آهي. سندس وفات جو سال 870هه آهي.

 

سيد محمد

سندس اصل نالو شاهه منجهن هو. مشهور شاهه عالم جي نالي سان هو. سيد برهان الدين قطب عالم جو فرزند هو جنهن جو ذڪر به اچي چڪو آهي. ان جو پيءُ شيخ احمد کَتوُ هو. انهيءَ جو تربيت يافته هو. سندس مرقد، رسول آباد گجرات ۾ آهي، جيڪا عام ۽ خاص جي زيارت گاهه ۽ دربار آهي.

سندس وفات سن 880هه ۾ ٿي(اهو عدد فخر کي ظاهر ٿو ڪري) سندس پوٽو سيد محمد ثاني، سهڻي صورت، فصاحت، بلاغت ۽ اوصاف ۾ اسلاف جي ڪاپي هو.

شاهجهان بادشاهه ساڻس ٻه دفعا ملاقات ڪئي هئي.

 

صفي الدين گاذروني صغير

هيءُ شيخ صفي الدين ڪبير جي اولاد مان هو. انهيءَ جي دور ۾ شيخ محمد غوث گيلاني اچ ۾ وارد ٿيو. سندس فرزندن جي نسبت سان هو وابسته ٿيو. پنهنجي وڏن وانگر بزرگي ۽ نامداري ۾ مشهور ٿيو. سندس وفات جو سال 880هه آهي.

 

مخدوم شيخ محمد غوث

ولد شاهه مير بن سيد علي بن سيد مسعود بن احمد بن احمد بن سيد صفي الدين بن سيد سيف الدين عبدالوهاب بن سيد السادات غوث الثقلين، قطب رباني محبوب سبحاني، سيد عبدالقادر جيلاني قدس سره رضي الله عنہ، جامع العلوم ۽ اصول ۽ فروع جي علوم جو ڄاڻو، عارف بالله، هندوستاني مشائخ جو فيض يافته هو. اچ شهر ۾ آيو ۽ اتي گيلاني جي نالي سان مشهور ٿيو. بيشمار ڪافرن کي شرف اسلام سان مشرف ڪيائين. شيخ صفي الدين صغير جيڪو شيخ ڪبير گاذروني جي اولاد مان هو، جنهن جي مزار الله جي ٻانهن جي لاءِ زيارتگاهه بڻيل آهي، تنهن جي نياڻي سان نڪاح ڪيائين ۽ اتي ئي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. ملتان جي لانگاهه قوم جا سڀ زميندار سندس مريد ٿيا.

انهيءَ گهر واري مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿي. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ 891هه آهي.

 

سيد علي

ولد سيد احمد بن سيد محمد انجوي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. مقدم اولياء، اشرف ۽ واصل بالله هو. کيس ٻه فرزند سڳورا هئا، جن جا نالا مظهر جلال و جمال، سيد جلال ۽ سيد جمال هئا ۽ ساري جماعت سندن ئي مريد هئي. پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد محمد حسين سان ارادتمندي ظاهر ڪيائون. سندس فوت ٿيڻ جو سال 889هه هو.

 

سيد جعفر

هيءُ، سيد علي انجويءَ جو ڀاءُ هو. گجرات ۾ اچي شادي ڪيائين ۽ اتي ئي معروف ۽ مشهور ٿيو. فيض ۾ اويسي هو ظاهري سلوڪ جي رياضت، شاهه عالم وٽ ڪيائين ۽ پنهنجي ظاهري مرشد جو اشارو درويش يعقوب جو ڏنائين. سيد انهيءَ جاءِ تي سلوڪ جي تڪميل ڪئي ۽ انهيءَ ئي جماعت جو معتقد ٿيو.

کيس هڪ فرزند نالي بني تهامي احمد بن جعفر پيدا ٿيو. اهو صاحب هدايت ۽ رشد ٿيو، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس قائم مقام بڻايائين ۽ پوءِ پاڻ سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۾ رهيو. اتي ئي وفات ڪيائين ۽ پنهنجي وڏن جي قبرستان ۾ ئي کيس دفن ڪيو ويو. سندس وفات جو سن 880هه آهي.

 

سيد محمد حسين

پٽ سيد احمد انجوي، سندس لقب پير مراد هو. وقت جو قطب ۽ ڄمندي ولي الله هو. اڪثر اولياء ڪرام مثلاً شاهه گرگنج ۽ شيخ عيسيٰ کي سندس ڄمڻ جي اڳواٽ ئي خبر هئي.

سندس ولادت مطابق ”قرت عيناً“ (831هه) ۾ ٿي. روايت آهي ته ڄام فتح خان پٽ ڄام سڪندر جي زماني ۾ جڏهن هي پيدا ٿيو ۽ اڃا اکيون نه پٽيون هئائين ته شيخ عيسيٰ لنگوٽي، جيڪو وقت جي مشائخ مان هو، هن سڳوري سائين جو منتظر هو. ۽ ٻين مشائخ کي به سندس آمد جي خبر ڪيائين ۽ اهي به سيد جي آمد جو انتظار ڪرڻ لڳا. شيخ چيو ته هيءُ اهو سيد آهي جنهن جي مريد ٿيڻ جو مون انتظار پئي ڪيو. الحمد لله جو پنهنجي مراد کي رسيس. ان جي ٽئين ڏينهن کان پوءِ هو گذاري ويو.

روايت آهي ته جتي سيد اقامتگاه بڻائڻ جو ارادو ڪيو، اتي هندو برهمڻن جي عبادتگاهه هئي، جيڪا ديوان لکمير ٺهرائي هئي. ان جو باني ڄام نندو حڪمران هو. سيد صاحب جي خادمن ان بوسيده عبادتگاهه کي ڊاهي، ان جاءِ تي هڪ مسجد نالي صفہ تيار ڪري رهيا هئا، پر لکمير هر طرح سان ڪوشش ڪئي ۽ هٿ جوڙيا ته ان کي نه ڊاهيو. پر آخرڪار سندس معتقد ٿي سيد صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجي پوٽي نالي مولہ جي حق ۾ ڀلائيءَ جي دعا گهرو. سيد فرمايو ته شهر جي اترين پاسي کان رهائش ڪيو ۽ اهو محلو تنهنجي پٽ جي نالي ٿيندو ۽ اهو ٺٽو هوندو ۽ تنهنجي پٽ جي نالي قائم رهندو ۽ عبارت ”مولہ ٺٽي“ جي عبارت ان مان آهي.

روايت آهي ته جڏهن شيخ صدرالدين ملتان ۾ سيد جي بزرگي جو چرچو ٻڌو ته ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ پوءِ سيد صاحب ڏانهن ملاقات جو پيغام موڪليائين. سيد جن ان ڏانهن چوائي موڪليو ته اوهان کي هت اچڻ کپي ڇو ته آءٌ پيغمبر ﷺ جن جو فرزند آهيان ۽ اوهين ابوبڪر رضي الله جا فرزند آهيو. هستي جي حساب سان اوهان کي ئي اچڻ گهرجي.

شيخ پهريائين کير جو پيالو ڀري، سيد جي خدمت ۾ موڪليو، يعني سنڌ اسان سان اهڙي طرح ڀريل آهي، جهڙي طرح هيءُ پيالو ڀريل آهي،جنهن ۾ هاڻي وڌيڪ ڪابه گنجائش نه آهي. سيد ان پياله ۾ گل جون ٻه ٽي پنکڙيون وجهي شيخ ڏانهن پيالو واپس موڪليو ۽ ان جو مطلب اهو ٿيو ته جهڙي طرح کير جي پيالي ۾ پنکڙين جي گنجائش آهي، اهڙي طرح اسان لاءِ به سنڌ ۾ گنجائش باقي آهي. آخر ملاقات ڪرڻ لاءِ هڪ مسجد ۾ آيا ۽ ٻنهي هستين جو مسجد ۾ اچڻ واري ڏينهن کي ماڻهن نعمت ۽ سعادت وارو ڏينهن شمار ڪيو. شيخ، رستي ۾ هڪ مرده ٻلو پيل ڏٺو ۽ ان کي اشاره ڪيائين ته هو جيئرو ٿي اُٿي بيٺو. سيد به گڏ هو، مگر سيد ڪجهه به نه ڪڇيو. پوءِ ٻئي گڏجي مسجد ۾ پهتا. خطيب اڃا تائين سُتل هو. سيد صاحب پنهنجي خادم کي فرمايو ته ٻاهر وڃ. جيڪو به ماڻهو توکي ملي ان کي وٺي اچ. خادم ٻاهر ويو ۽ ڏٺائين ته هڪ برهمڻ درياء جي مٿان ڇلانگ لڳائيندو، ٽپندو پيو اچي. ان کي سيد صاحب جو پيغام پهچايائين. هو بنا دير اچي پهتو ۽ جڻيون ۽ ڪڙا ٽوڙي، مسلمان ٿيو ۽ پوءِ منبر تي چڙهي وعظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ اهڙا ته نڪتا بيان ڪيائين جو ٻڌندڙ حيران ٿي ويا. نماز کان فارغ ٿيڻ بعد هو شيخ وٽ آيو ۽ سيد صاحب چيو ته مرده کي زنده ڪرڻ بدعت آهي.

ازسرنو ماڻهو کي ايذاءُ پهچائڻ آهي. موت جي تلخي ٻيهر ۽ آخرت جو عذاب چکائڻ آهي. البته مرده دل کي زنده ڪرڻ مشائخ جي سنت آهي. شيخ تصديق ڪئي ۽ چيائين ته تون بيشڪ مريدن جي سچي مراد آهين! ان کانپوءِ سيد تي ”مراد“ جو لقب پيو. شيخ جو حلم ڏسي، سيد صاحب شيخ کي ”حليم“ جو لقب ڏنو ۽ اهو ذڪر رسالہ تذڪرة المراد ۾ آهي. سيد عبدالڪريم پنهنجي رساله ۾ اهو ذڪر شيخ طلحه جي باري ۾ بيان ڪيو آهي. والعلم عندالله. سن 883هه ۾ ٻاهٺ ورهيه جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

 

مخدوم رمضان

هيءُ ملاعاريءَ جو فرزندهو. ڳوٺ مونڍه ۾ قريب ٺٽه جو رهندڙ هو. سنڌ جي نامور مشائخ مان ۽ صاحب ڪرامات عاليه هو.

 

شيخ ملاعبدالرحمٰن عباسي

هن تقويٰ جي لباس ۾ پاڻ کي پوشيده رکيو هو. سما قوم جا سڀئي ڄام سندس معتقد هئا. سندس نالو ملا لٽر مشهور آهي. سندس قبر ٺٽي ۾ آهي جيڪا خاص ۽ عام جي زيارتگاهه آهي. سندس وصيت موجب ان جي قبر کي دمدار نموني بڻايو ويو، اهو انهيءَ لاءِ ته غمگين ماڻهو به منهنجي قبر کي ڏسي ته کلي ۽ مسرور ٿي وڃي. سندس اولاد اڃا تائين ٺٽي ۾ موجود آهي.

 

شيخ اسحاق

هيءُ سلطان بن بهلول قادريءَ جو فرزند هو. شيخ ابو المناقب جمال الدين عبدالله جي پوٽي، غوث الثقلين جو مريد ۽ خليفو هو. پنهنجي وقت ۾ سر زمين جي ماڻهن کي پنهنجو فيض رسايائين ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. سندس قبرڳوٺ اگهم ۾ خاص ۽ عام جي زيارتگاهه آهي.

 

شاهه گرگنج

سندس طريقه قلندري، درويشي هو. صاحب ڪرامت هو. شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو هم عصر هو. غيبي ۽ يقيني خبرون ڪافي ٻڌائيندو هو. اهل شهر اها تصديق سان ڳالهه ڪن ٿا ته هر صبح جي وقت، شينهن کي، سندس آستاني جي صفائي ڪندي، هو ڏسندا هئا.

سندس مزار ٺٽي ۾ مشهور جڳهه تي آهي، جتي سندس حياتي ۾ گوشه عبادت ۽ رهائش هئي. روايت آهي ته هڪ شخص جي رسيد گم ٿي وئي. دعا لاءِ وٽس ويو. کيس فرمايائين ته هديه پيش ڪرڻ کانسواءِ درويش وٽ دعا جي لاءِ وڃڻ سندن سنت جي خلاف آهي. هاڻي وڃ ٿورو حلوو وٺي اچ ته دعا ڪريان ۽ ارادت جي خيال سان بازار ۾ وڃي حلوو خريد ڪري آيو ۽ سندس اڳيان اچي رکيائين. ان مان شاهه گرگنج ٿورو کنيو. باقي ڪاغذ سميت موٽائي سندس حوالي ڪيائين. پوءِ ڏٺائين ته گم ٿيل ڪاغذ اهوئي حلوه وارو آهي.

ان قسم جي حڪايت ۽ ڪرامت بزرگي ۾ تعجب جي ڳالهه آهي ته اهڙي قسم جون ڪاغذ واريون ۽ ٻيون به ڪرامتون ڪيترن ئي مشائخ کان صادر ٿيون آهن. جهڙي طرح شيخ عيسيٰ لنگوٽي وقت جي قطب پير مراد جي ولادت جي اڳواٽ ئي خبر ڏني هئي. پوءِ سيد صاحب برابر ان جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو.

 

شيخ البه

سندس اصل نالو مارڪ هو. ڄام نظام الدين سمه جي عزيزن مان هو. روايت آهي ته سيد محمد حسين عرف سيد مراد انجوي هندن جي مندر کي ڊاهي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ ٿي گهريو. جنهن جو باني ۽ حاڪم وقت ڄام نظام الدين هو. ڄام صاحب هڪ شخص کي سيد صاحب جي خدمت ۾ موڪليو ته انهيءَ اراديءَ کان لهي وڃي ۽ مندر کي نه ڊاهي (پيغام پهچائڻ وارو شخص) حڪومتي منصب تي مامورهو. سيد صاحب ڏانهن حڪم پهچائڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ جڏهن سندس درگاهه تي پهتو ته سيد صاحب جي چهري ۾ نور ڏسي هميشه لاءِ سيد صاحب جو ٿي ويو ۽ هرگز واپس نه ويو.

هڪ ڏينهن سيد صاحب کيس حڪم ڏنو ته ٻاهران وڻ جي پاڙ وارو ڏندڻ پٽي اچ ۽ ڏندڻ جا وڻ ٻاهران ڪافي بيٺل هئا. پوءِ جنهن به وڻ جي پاڙ کوٽي سڀ ڏندڻ حاصل ڪرڻ گهريائين ته کيس خزانو نظر پيو اچي ته ان ڏانهن ڪوبه توجه نه پيو ڪري. آخرڪار پنهنجو ڪم ڪري موٽي آيو، جنهن لاءِ موڪليو ويو هو. سيد صاحب اهو سڀ ڪجهه پنهنجي نور ڪرامت سان معلوم ڪندو رهيو. کيس فرمايائين ته جيڪا شيء توکي ڏسڻ ۾ پئي اچي، اها ڇو نه پيو تون کڻين. چيائين ته انهيءَ سان منهنجو ڪهڙو ڪم؟ اهي شيون ته مون کي الله تعاليٰ اڳي ئي ڏنيون هيون، پر انهن کي ته اڇلائي آيو آهيان. پوءِ سيد صاحب جي زبان تان ”البہ“ (بي طمع) جو لفظ جاري ٿي ويو. جنهن ڪري سندس نالو ”البہ“ پئجي ويو.

پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ رهي ڪافي فيض حاصل ڪيائين ۽ وقت جي برگزيده مشائخ ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي مرشد جي حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. سيد صاحب هر انهيءَ ڏينهن تي جنهن ۾ وفات ڪئي هئائين، سندس قبر جي زيارت لاءِ پيادل ويندو هو. حالانڪ سندس قبر ڪافي مفاصلي تي هئي.

 

شيخ جمن جتي

سندس طريقه درويشي قلندري هو. جنهن جاءِ تي دفن ٿيل آهي. اها جڳهه درويشن جي زيارت جو مرڪز آهي. صاحب ڪرامات هو. سمن جي عهد ۾ خلق الله جي فيض جو چشمو هو. سندس زمانه جي تعين جي خبر نه ٿي پوي، البته نائين صدي هجري کان ٻاهر هو.

 

پير بابو

سندس اصل نالو عمر فقير هو. شيخ حاجي بهاؤالدين قريشيءَ جو شاگرد هو. شيخ زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. ٿي سگهي ٿو ته سندس رهائش وغيره سندس مدفن جي جاءِ تي ئي هجي.

روايت آهي ته هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته سيد مراد قطب، پير شيخ البہ جي زيارت لاءِ ويل آهي، جيڪو فلاڻي رستي تان واپس ورندو. هيءُ درويش انهيءَ ئي جاءِ تي پهچي زيارت ڪرڻ جي انتظار ۾ بيهي رهيو. اتفاق سان سيد صاحب ڪنهن ٻئي رستي کان واپس هليو ويو. هيءُ پورو هفتو سندس انتظار ۾ بيٺو رهيو. سيد صاحب جڏهن ٻئي هفتي ۾ ان رستي کان لنگهيو تڏهن، سندس احوال کان واقف ٿيو ته سيد صاحب جي زبان مان اوچتو هيءُ لفظ نڪتا ته ”بابو ڪمال ڪيو آهي.“ انهيءَ ڏينهن کانپوءِ مٿس ”بابو“ نالو هر خاص ۽ عام جي زبان تي جاري ٿي ويو.

پير بابو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿي ويو. پوءِ سندس بي جان جسم کي کڻي سندس استاد جي اڳيان پيش ڪيو ويو. کيس سندس رهائشگاهه وٽ دفن ڪيو ويو. بعض ماڻهو کيس سادات متعلوي جي نسبت سان ملائين ٿا. (والعلم عندالله)

 

استاد العارفين حاجي شيخ بهاؤالدين

هيءُ صديقي قريشي هو. شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. بيت الله شريف جي زيارت ڪري، موٽي اچي ٺٽي ۾ قيام پذير ٿيو. هڪ قبرستان جي خالي پيل زمين تي هڪ مدرسه قائم ڪيائين، جنهن ۾ ظاهري علمن سان گڏ، باطني تربيت به ڪندو رهيو ۽ سيد مراد جو هم عصرهو. غالباً وقت جي اهم مشائخ جو به استاد هو.

 

درس ڀنبه، شيخ حماد نيرون ڪوٽي ۽ مراد پليجو

هي ٽئي بزرگ، سيد عليءَ جا مريد ۽ فيض يافته هئا. سندن تفصيلي احوال ڪونه ٿو ملي سگهي.

 

ملا آري

هيءُ مخدوم محمد رمضان جو فرزند هو. مقيم ڳوٺ سونڍه هو. مدفن به اتي ئي اٿس.

روايت آهي ته هو جڏهن سيد صاحب جي خدمت ۾ ارادت سان حاضر ٿيو ته ان وقت قوم گندره ۽ ڪينجهر ڍنڍ جا مير بحر جيڪي سائين جا مريد هئا، اعتقاد ۽ ارادت سبب نذراني جا طبق کڻي، سيد جي خدمت ۾ پيش ڪيائون. ان وقت کان وٺي اها قوم سيد موصوف جي اولاد جي ارادتمند رهندي اچي ٿي.

 

شيخ ابراهيم

هيءُ شيخ ريحان جي پڙ پوٽن مان آهي. سيد علي انجوي جي همعصرن مان آهي. وقت جي نامور مشائخ ۽ بزرگن ۾ شمار اٿس.

 

شيخ حسين سومرو

هيءُ سيد محمد حسين عرف پير مراد انجوي جو مريد هو.

 

شيخ عيسيٰ جونپوري

هيءُ شيخ احمد جو فرزند هو. جڏهن اميرتيمور دهليءَ ۾ آيو ۽ اتي لٽ مار شروع ڪيائين ته شيخ احمد جونپور ڏانهن هليو ويو. ان وقت شيخ محمد عيسيٰ جي عمر تقريبا اٺ سال هئي. پاڻ شيخ فتح الله اوڌي جو مريد هو. سندس پير کيس ملڪ العلماء قاضي شهاب الدين جي شاگرديءَ ۾ ڏنو ته کيس تعليم ڏني وڃي ۽ ظاهري علمن جي تحصيل کان پوءِ باطني تزڪيي ۾ مشغول ٿي ويو ۽ علم باطنيءَ جي به تڪميل ڪيائين. تصفيه باطن ۾ ايتريقدر ته محو هوندو هو جو کيس ڪابه خبر نه هوندي هئي. ايتريقدر جو سندس حجري جي ڀر ۾ هڪ وڻ خودبخود پيدا ٿيو، اهو تمام وڏو ٿيو، مگر کيس ڪابه خبر نه رهي، ۽ ڪثرت مراقبه سبب سندس جسم جا سڀئي هڏا ڀُري آيا هئا. سينو ۽ ڪنڌ ڪُٻو ٿي ويو هئس کاڏي اندر پيهجي وئي هئس. سندس مزار جونپور ۾ آهي.

امير ابوالغيث

هيءُ بکر جي اعليٰ بزرگن مان نهايت نيڪ صورت ۽ سيرت هو. جڏهن ميرزا اميرمحمد پوٽو امير تيمور بکر جي علائقي کي قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ آيو ته هو (امير) مرزا سان ملڻ لاءِ متوجہ ٿيو ۽ مرزا خواب ۾ ڏٺو هو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن کيس سيد جي تعظيم ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو. جڏهن سيد وٽس ملڻ لاءِ ويو ته مرزا ڏاڍي تعظيم سان کيس ڀاڪر پائي مليو ۽ پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريائين ۽ خواب جي حقيقت عرض رکيائين. پوءِ کيس الور جو پرڳڻو انعام ۾ ڏئي روانو ڪيائين.

 

شيخ حماد بن شيخ رشيدالدين جمالي

هيءُ قدوة الواصلين، شيخ جمال اُچ واري جو ڏهٽو هو. مڪلي ٽڪريءَ جي مسجد جي ڀرسان جتي مدفون آهي، اتي ئي سندس خانقاه هئي. سندس چهري تي هميشه نقاب رهندو هو. حجري ۾ ئي رهندو هو. طالبن جي جماعت حجره جي ٻاهران حلقو ٻڌي ويهندي هئي ۽ اتان ئي ظاهري ۽ باطني علمن، تصوف ۽ معرفت جو فيض حاصل ڪندا هئا.

روايت آهي ته ان وقت جي سنڌ جي حاڪم ڄام جوڻي سمو کي اهو خوف ويٺو ته ڄام تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين جن کي حڪومت جي خواهش هئي (ڄام تماچي ۽ صلاح الدين) شيخ حماد جا مريد خاص هئا ته مبادا شيخ بددعا ڪري منهنجي حڪومت کي ختم ڪري، انهن کي نه ڏئي. پوءِ مخفي طور انهن ٻنهي کي قيد ڪري بهنہ (هند ۾) جيل ڏانهن موڪلي ڇڏيائين، جنهن جي شيخ کي ڪا خبر نه پئي. تماچيءَ جي والده، صبح جو روزانو، شيخ جي حجري جي ٻاهران اچي ٻهاري ڏئي ويندي هئي ۽ ڪڏهن شيخ ان کي ڏسي وٺندو هو ته پٽ ۽ پوٽي جي احوال کان کيس واقف ڪندو هو. اهو ڄاتو ٿي ويو ته ڄام جوڻي جي انهيءَ حرڪت جو مقصد شيخ کي پاڻ ڏانهن توجه ڏيارڻ هو. تن ڏينهن ۾ گهرَ جي هڪ سنڌي مخبر اها خوشخبري ڏني ته ڪرامت جي ذريعي ڄام جوڻي جي حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي ۽ هنن (يعني ڄام تماچي وارن) جي هٿ ۾ مملڪت ايندي. اها خبر ڄام جوڻي کي به پهتي. پوءِ ڄام جوڻي شيخ جي خدمت ۾ پهچي، عرض ڪيو ته اوهين درويش آهيو. اوهان کي اهڙن دنياوي معاملن ۾ دخل ڏيڻ نه ٿو جڳائي. اوهان لاءِ سڀ هڪجهڙا ۽ برابر آهن. ملڪي معاملن ڏانهن اوهين توجہ نه فرمايو. شيخ انهيءَ اعتراض کي اجايو سمجهي کيس چيو ته سنڌ جو علائقو اسان جي هٿ ۾ ۽ اسان جي اختيار ۾ آهي، جنهن لاءِ وڻندو، تنهن کي ڏينداسون. پوءِ ڄام مايوس ٿي موٽي آيو ۽ انهيءَ دم شيخ جي توجہ سان، ڄام تماچي ۽ صلاح الدين قيدخاني مان آزاد ٿي پنهنجي ماڳ ڏانهن روانا ٿيا. ٽن ڏينهن کان پوءِ درياء وڏي جي ڪناري تي پهتا ته شيخ کي خبر ڪيائون. پاڻ پنهنجي پوشاڪ جو هڪ ٽڪرو ڦاڙي انهن ڏانهن موڪليائين ته هن ٽڪري جو جهنڊو تيار ڪري، پنهنجي هٿ ۾ کڻي اڳيان روانا ٿيو، توهان پنهنجي پٺيان هڪ ڪثير جماعت ڏسندؤ.

ڄام جوڻي کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن به هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري انهن جي مقابلي لاءِ موڪليو پوءِ لشڪر جا ماڻهو جهنڊي کي ڏسندي، ازخود ڄام تماچيءَ جا طرفدار ٿيندا پئي ويا. پوءِ ڄام جوڻي جڏهن اهو ڏٺو ته ذلت ۽ خواري کان بچڻ لاءِ هڪ رستي کان فرار ٿي ويو. پوءِ تماچي اچي سلطنت تي ويٺو ۽ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ کنيائين. ان جي ۽ شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي درميان تحقيقي خط ڪتابت ٿيندي رهي. سندس وفات جي سال جو تعين معلوم نه ٿي سگهيو.

درويش نوح هوٿياڻي

هيءُ ڳوٺ کيبر جو رهندڙ هو. اگرچه هي مال چارڻ جو ڪم ڪندو هو (ٻڪرار هو) پر کيس روحانيت جو فيض حاصل هو. جيئن ته ڄام تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين هند جي جيل مان آزادي حاصل ڪري هتي پهتا هئا ۽ کين ٽن ڏينهن جو فاقو هو. ارادو ڪيائون ته سندس ڌڻ مان هڪ ٻڪريءَ کي ڪُهي پنهنجي بک کي دفع ڪريون. ڌنارن منع ڪندي کين چيو ته اوهان کي ڄام تماچي جي ڊوهي آهي ته اسان جي ڌڻ جي ويجهوئي نه وڃو. ڄام تماچي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته سلطان جوڻو آهي، ڄام تماچي ڪٿي آهي جنهن جي تون ڊوهي ڏئي رهيو آهين. چيائين ته اهو برابر ٻاهر آهي پر ان جي غيرموجودگي ۾ ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچي جي نالي جي منادي ٻڌندو رهان ٿو.

شيخ بابا حسن ابدال

هيءُ سبزوار سادات جي صحيح النسب اولاد مان هو. شروعات ۾ ئي کيس حرمين شريفين جي زيارت جو شوق پيدا ٿيو ۽ اتي ڪافي سال گذاريائين. سن 850هه ۾ ميرزا شاهه رخ جي زماني ۾ حرمين شريفين کي ڇڏي، سبزوار هليو آيو. شاهه رخ مرزا نسبت جي آڌار تي سندس ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ ساري هند جي سفر ۾ ان سان ساڻ رهيو. واپسي وقت شهر قنڌار ۾ اقامت ڪيائين ۽ مريدن کي فرمايائين ته هن زمين منجهان مون کي محبت جي بوءِ ٿي اچي. پوءِ اتي ئي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين، تانجو فوت ٿي ويو.

سندس مزار جامع رفيع ۾ ”ارغنداب“ وٽ آهي. اتان اڪثر ڳوٺن جو لنگهه آهي. جمعي جي ڏينهن اُتي مردن ۽ عورتن جو عجيب اجتماع ٿيندو آهي. سندس آستاني جي اڳيان هڪ گنبذ رفيع آهي، جيڪو مخروطي شڪل ۾ اڻ تراشيل پٿرن سان جُڙيل آهي. هرهڪ پٿر پنج مڻ وزن جو آهي. چُوني، گچ ۽ مٽي سان اوساريل آهي. ان جي اهڙي اڏاوت کي ڪرامت ۾ شمار ڪن ٿا.

 

سيد حسين زنجيرپا

هيءُ سبزوار سادات مان هو. نون واسطن سان سندس سلسله نسب امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو. سندس والده، بابا حسن ابدال جي ڀيڻ هئي، جنهن کي بابا حجاز کان واپس ٿيڻ وقت سيد عين الدين جي نڪاح ۾ ڏنو هو. عين الدين پنهنجي وقت جي برگزيده مشائخ مان هو.

جنهن مان کيس سيد حسين پيدا ٿيو. جڏهن اهو ستن سالن جي عمر کي پهتو ته پنهنجي والدين جي نظر کان غائب ٿي ويو. عين الدين جي خادمن هر طرح سان هن جي ڳولا ڪئي، مگر هو ڪونه لڌو. وري ستن سالن جي عرصي بعد سيد حسين اوچتو پنهنجي گهر اچي پهتو. سندس والدين جون اکيون روشن ٿي ويون. پوءِ هو چوڻ لڳو ته قطب عالم بابا حسن ابدال جي ارشاد سان مون کي هتان پري کڻي وڃي هندستان جي علائقي ۾ پهچايو. اتي منهنجي لاءِ ارباب ايمان وارن سلوڪ جي تربيت جو انتظام ڪيو هو. اتي هڪ سال گذاريم. ان کان پوءِ مون کي درويشن جي خانقاهه تي پهچايو ويو. ڇهه سال پورا اتي اسلام جي فرضن ۽ سنتن جي تعليم حاصل ڪيم. پوءِ پنهنجي والدين کي ملڻ لاءِ سير ۽ سفر شروع ڪيم. فيض کان مستفيض ٿيندو رهيس، هاڻي مرشد ڪامل جي تلاش ۾ آهيان. قدرتي الهام اهو ٿيو آهي ته بابا حسن ابدال جي خدمت ۾ حاضر ٿيان.

روايت آهي ته هڪ ڏينهن منجهند جي وقت جو سيد حسين بيعت لاءِ بابا حسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻو هو. مريدن کي فرمايائين ته ڪنهن شخص جي خوشبوءِ پئي اچي. اهو شخص اهڙي هستي آهي جو ان جي ڏسڻ سان دل کي روشني حاصل ٿيندي. پوءِ سندس استقبال لاءِ تيار ٿي ويو. جماعت وارا اڃا ٿورو پنڌ روانا ٿي هليا ته کين سيد حسين رستي تي ئي ملي ويو. پوءِ ان سان گڏجي بابا حسن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا. بابا حسن سندس پيشاني ۽ چهري کي چميون ڏنيون ۽ پنهنجي مسند تي گڏ کيس ويهاريو. قنڌار جي مشائخ جڏهن اهو ٻڌو ته ڊوڙندا آيا. بابا فرمايو ته سيد حسين جي تعظيم ۽ زيارت لاءِ ڪافي جماعت اچي وئي آهي. انهيءَ جي اعزاز ۾ دعوت جو انتظام ڪيو وڃي. پوءِ پنج سير گوشت ۽ ڏهه سير قنڌاري ميدي جي هڪ ديڳ تيار ڪئي وئي. معتبر ماڻهن جي روايت آهي ته سيد حسين انهيءَ ديڳ مان گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سو طبق طعام جا ڀري درويشن جي اڳيان پيش ڪيا ۽ سڀني کائي ڍؤ ڪيو. ان کان سواءِ سيد حسين جون بيشمار ڪرامتون آهن.

 

صاحب طير و سير محمّد عرف سيد شير قلندر

هيءُ سيد حسين زنجير پا جو فرزند هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد سلوڪ ۽ رياضت جا ڪافي مجاهدا ڪرائي ۽ تربيت ڏئي کيس اعليٰ درجي جي ڪماليت تي پهچايو.

مٿس شينهن جو لقب هن ڪري پيو ته امير ذوالنون ارغون کي سيد کان ڪافي رنجش هئي. هڪ دفعي سخت ڪاوڙ ۾ اچي، سيد کي گهرائي قيد ۾ بند ڪري ڇڏيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ذوالنون پشيمان ٿيو ۽ چند طبق طعام جا تيار ڪرائي، ڪنهن معتبر شخص جي هٿ سيد ڏانهن قيد ۾ موڪليائين، جڏهن اهو شخص قيدخاني وٽ پهتو ته ڏٺائين ته اتي هڪ وڏو ببر شينهن ويٺو آهي. پنهنجا پاسا ورائيندو رهي ٿو. موٽي اچي اميرذوالنون کي اها ڳالهه ٻڌايائين. امير کيس چيو ته تون ڊِنو آهين. پوءِ پنهنجا خاص ٻه ٻيا شخص ان ڏانهن موڪليائين. جڏهن انهن به ساڳي حالت ڏٺي ۽ موٽي آيا. تڏهن اميرذوالنون پاڻ خود ۽ پنهنجن فرزندن سميت اتي ويو ۽ روبرو اها حالت ڏسي استغفار پڙهي توبهه ڪيائين ۽ پشيماني ڏيکاريائين. تڏهن سيد پنهنجي اصلي صورت ۾ آيو ۽ اميرذوالنون کانئس معافي ورتي. سندس هٿن ۽ پيرن کي چميون ڏيندي رخصت ڪيائينس.

 

درويش پنيو ناريجو

هيءُ پنهنجي وقت جو نامور اوليآء ۽ سنڌ جي برگزيده مشائخ مان هو.

روايت آهي ته هڪ رات پنهنجي گوشه عبادت ۾ ذڪر الله ۾ مشغول هو ته گهوڙي سوار ڌاڙيل آيا ۽ درويش کي ٻاهر ڪڍي مٿس تشدد ڪري چابڪ هڻندي چيائونس ته اسان کي شهر وارو رستو ڏيکار. درويش سندن اڳيان ٿي هلڻ لڳو. چند قدم اڳتي وڌيا ته گهوڙن جي پيرن کي پٿر لڳڻ شروع ٿيا ۽ گهوڙن جي پيرن ۾ پٿر ڦاسڻ لڳا. جڏهن گهوڙي سوارن پٿرن ڦاسڻ جو آواز ٻڌو ته چوڻ لڳا ته هت ته اڳ پٿريلي زمين نه هئي. حالانڪ هت ڪوبه جبل نه آهي. درويش کين چيو ته هيءَ زمين نه آهي، بلڪ ڪوهه قاف آهي، جيڪو اوهان ضرور ٻڌو هوندو ۽ ائين چئي سوارن کي جبل جي کڏ وٽ وٺي ويو ۽ اُن ۾ ڪِري هلاڪ ٿي ويا. پوءِ پاڻ فوراً پنهنجي گوشه عبادت ۾ اچي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو.

سندس وفات 900هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر نهر رين جي ڪناري تي ڳوٺ ديده جي سامهون آهي.

 

درويش علاؤالدين ٻگهيو

هيءُ دشت ڳوٺ جو رهندڙ هو. سندس زبان کي ايتريقدر ته قبوليت بخشيل هئي، جو جيڪي هو چوندو هو ته ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي دعا جي قبوليت جي خوف سبب دعا ئي نه گهرندو هو. سن 900هه ۾ فوت ٿي ويو. کيس ڳوٺ دشت ۾ برهمڻ آباد عرف ڀانڀرا ۾ دفن ڪيو ويو.

 

قاضي صدو

سندس اصل نالو صدرالدين ولد حماد هو. سندس نسبت قصبه ڳوٺ سهيره جي قضات وارن سان ملي ٿي. برپٽ ۾ رهندڙ اوليآئن ۽ سنڌ جي مشائخ ۾ برگزيده بزرگ هو.

روايت آهي ته هڪ شخص گهوڙي ڌاري هئي. جيڪا سَنڍ هئي ويامندي نه هئي. قاضيءَ جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته دعا ڪريو ته منهنجي گهوڙي ڦر ڏئي ۽ ان لاءِ هڪ نذر به باسيائين. قاضي هڪ ليمون هٿ ۾ کڻي کيس ڏنو ۽ چيائينس ته اهو وڃي گهوڙي کي کاراءِ. ليمون کائڻ بعد گهوڙي ڍُڪي ٿي. پوءِ هڪ نهايت خوبصورت ڦر ڄڻيائين. پوءِ گهوڙي جي مالڪ نذر جي ادا ڪرڻ ۾ خسيس بخل ڪيو. يعني نذر هرگز پورو نه ڪيائين. هڪ ڏينهن قاضي سندس جاءِ وٽان لنگهيو. قاضيءَ کي ڏسي شرم کان جَوَ جي پوک ۾ وڃي لِڪي پيو. قاضي پنهنجي نور ضمير سان کيس ڏسي ورتو. پوءِ قاضيءَ پنهنجي پڳ جي هڪڙي پَٽي ٽڪرو ڦاڙي، هوا ۾ ان ڏانهن اُڇلايو ته پوءِ پڳ جي پٽي نانگ ٿي وئي ۽ گهوڙيءَ جي مالڪ کي وڃي ڏنگيائين. پوءِ ان جي دوستن نانگ کي ماري ڇڏيو ۽ کيس کڻي قاضي وٽ آيا. قاضي دعا ڪئي هو خوش ۽ تندرست ٿي ويو، مگر اها خباثت دل مان نه ڪڍيائين ۽ ان مان سبق به حاصل نه ڪيائين. قاضي پنهنجي خادم کي چيو ته تون گهوڙيءَ جي ڦر کي وڃي چؤ ته اسان جي امانت اسان کي واپس ڏي. گهوڙيءَ جي ڦر جڏهن اهو پيغام ٻڌو ته پنهنجي وات مان اهو ليمون ٻاهر ڪڍي اُڇلايائين ۽ پاڻ مري ويو. پوءِ چيائين ته مئل نانگ کي کڻي اچ. ڏٺائون ته اهو ڪپڙي جو ٽڪر هو، نانگ نه هو.

 

افضل الزمان شيخ دانيال جونپوري

هيءُ خضر عليہ السلام جو صحبتي هو. سلسله سهرورديه سان کيس نسبت هئي ۽ صاحبِ عالي مقام هو.

 

سيد الاوليآء سيد محمد لقب ميران مهدي جونپوري

پٽ مير عبدالله عرف خان، سندس نسبت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان آهي. سندس مريد کيس مير دانيال جي نالي سان سڏيندا هئا. سن 847هه ۾ پيدا ٿيو ۽ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪري ڇڏيائين ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ سڀني علمن جو ماهر ٿي ويو. کيس ”سيد العلماء“ جو لقب مليو ۽ حضرت خضر عليہ السلام جي صحبت مان فيضياب ٿيو. پاڻ کي مهدي موعود سڏرايائين ۽ سير سفر ڪندو مڪہ پاڪ پهتو. اتان وري گجرات ۾ آيو ۽ ڄام نظام الدين جي دور ۾ ٺٽي سنڌ ۾ آيو. ان کان پوءِ قنڌار ويو ۽ رج شهر ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڳوٺ فراح ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

سنڌ ۾ مهديت جي دعويٰ ڪرڻ ۽ خلاف شريعت هلڻ ۽ ڳاڙهو لباس پائڻ سبب اڪثر علمائن مٿس قتل ڪرڻ جي فتويٰ صادر ڪئي هئي. ڄام نظام الدين کيس هر طرح جي ايذاء رسانيءَ جي ڪوشش ڪئي، مگر هو پنهنجن ڪرامات سبب سلامت رهيو. تمام ٿورا ماڻهو سندس مريد ٿيا ۽ ان جي دعا سان پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا، انهن منجهان بعض بزرگن جو ذڪر هت ڪيو پيو وڃي.

شيخ الياس لنگراجه

سنڌ ۾ هيءُ سيد صاحب جو خاص خليفو هو. حياتيءَ جي خفيه اوقات ۾ الله تعاليٰ سان بندن جو تعلق جوڙيندو هو.

شيخ ابوبڪر جتوئي

بکر سرڪار جي علائقي جتوئي جو رهندڙ هو. سيد متڪي جي صدر نشيني تي مامور هو.

روايت آهي ته: وٽس هر وقت هڪ ڪئنرو رهندو هو. پوءِ جنهن به شيءِ جي کيس ضرورت پوندي هئي. ان ڪوزي مان ڪڍي فقرآء تي خرچ ڪندو هو. فقرآء جي جماعت جي خدمت ڪندو هو، مگر انهن کي اها خبر ڪونه هوندي هئي ته هي شيون ڪٿان پيون اچن.

فقرآء منجهان هڪ فقير شيخ جي گهر واري بي بي صاحبه کي التماس ڪيو ته ڪنهن وقت شيخ کان پڇي انهيءَ راز جي حقيقت کولي ٻڌاءِ ته اهو مال ڪٿان ٿو اچي؟ هڪ دفعي شيخ جي غير حاضريءَ ۾ ان جي ڪوزي مان پاڻي کنيائين ته ڪوزي جو سمورو پاڻي زمين تي هارجي پيو ۽ پاڻي زمين تي پکڙجي ويو. جڏهن شيخ آيو ۽ چيائين ته منهنجو مقصد مخفي هو. تو منهنجي ڪوزي جو سمورو پاڻي زمين تي پکيڙي ڇڏيو. هاڻي منهنجي ظهور جي شهرت به عالمَ ۾ پکڙجي ويندي. پوءِ واقعي سندس شهرت، ساري سنڌ ۾ پکڙجي وئي ۽ ڪيترا ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد ٿي ويا.

شيخ آدم ڪلهوڙو، سندس خاص خليفن مان هو.

شيخ موسيٰ

شيخ فيض ۽ ابوالفضل جو پنجون ڏاڏو هو. اهڙي طرح ابوالفضل لاءِ ڪچڪول ۾ ذڪر آيو آهي ته هو ريل جي مشائخ مان هو. اتي الله تعاليٰ جي وصال جي دولت عطا ڪندڙ ڪيترا اوليآء ڪرام هئا، جن جي صحبت ۾ عمر گذاريائين ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

درويش يعقوب گجراتي

وڏو بزرگ ۽ عجيب حالات جو مالڪ هو. سنڌ جي ڪافي مشائخ کي قادريه طريقي کان ان ئي روشناس ڪرايو ۽ ڪيترن ئي اوليآء ڪرام جي تربيت ڪيائين. روايت آهي ته قطب عالم سيد برهان الدين جا ٽي فرزند هئا. سيد منجهن شاهه انهن ٻنهي کان ننڍو هو. پنهنجي وفات وقت کين فرمايائين ته هڪ امانت درويش يعقوب وٽ رکي اٿم، ان کان وٺجو. قطب عالم جي وفات کان پوءِ سندس ٽنهي پٽن ۾ بزرگيءَ جو مسئلو پيدا ٿي پيو ته امانت جي حصول جو ڪير لائق آهي. آخر ٽئي ڀائر شيخ جي خدمت ۾ امانت وٺڻ جي ارادي سان آيا. ٻه ڀائر شيخ جي قريب سندس برابر ويٺا ۽ سيد منجهن شاهه شيخ کان تمام پري، جتين جي جڳهه تي ويهي رهيو. پوءِ ”نصيبہ“ جيڪا قطب عالم جي امانت هئي، سا سيد منجهن شاهه جي نصيب ۾ آئي. ان کان پوءِ شاهه عالم جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ان جو مقام سندس ڀائرن کان بالاتر ڄاتو ويو. روايت آهي ته سيد جعفر انجوي به انهيءَ جي طريقي کي اختيار ڪيو هو.

 

درويش نوح گجراتي

هيءُ پنهنجي وقت جو بي مثال صاحب ڪمال هو. ان وقت جي شهر جو حاڪم جيڪو مسلمان هو، تنهن جا اهلڪار هن درويش کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا ۽ کيس تنگ ڪندا هئا. ان ڪري کيس ڏاڍو ڏک پهچندو هو. هڪ دفعي چيائين ته هيءَ سلطنت مون هڪ ڪافر کي ڏئي ڇڏي، جو گهٽ ۾ گهٽ اهو فقرآء جو ادب ته ڪندو ۽ راجا کي طلب ڪيو اٿم ۽ اها خبر مشهور ٿي وئي. اتفاقاً راجا جوڌپور کان به روانو ٿيو ۽ اهو ٻڌي خلق قطب عالم وٽ اچي پهتي. کيس ساري ماجرا به ٻڌايائون. شاهه عالم جيڪو ان وقت نوجوان هو، ان کي موڪليائون ته درويش کي عرض ڪر ته راجا کي سلطنت ڏيڻ وارو اهو حڪم موقوف ڪري ڇڏ ۽ کيس چئه ته مسلمانن جي شهر کي هڪ ڪافر بادشاهه جي قبضي ۾ ڏيڻ مناسب نه آهي. سيد کيس ڪافي منٿ سماجت ڪئي، مگر درويش ڏانهس ڪوبه توجه ڪونه ڏنو، سيد وري ٻئي دفعي اچي التماس ڪيو، مگر ڪوبه فائدو ڪونه رسيو. درويش چيو ته جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيندو. وري قطب عالم، درويش ڏانهن ٽيون دفعو پنهنجي پٽ کي موڪليو. پوءِ درويش پنهنجي مصلّي هيٺان هڪ حڪمنامو ڪڍيو، جنهن ۾ درج هو ته هيءُ حاڪم معزول آهي ۽ هن منصب تي راجا مقرر آهي. سيد چيو ته آءٌ به ڏسان، پوءِ هٿ ۾ وٺي ڏسي ان کي ڦاڙي، چيائين ته وڏن جي توثيق کان سواءِ هيءَ سند اسان کي قبول نه آهي ۽ پوءِ اٿي هليو ويو. جڏهن پنهنجي پيءُ وٽ آيو. چيائينس ته درويش کي ته ڪُهي آئين. بس تقدير ائين هئي. پوءِ راجا رستي ۾ ئي هلاڪ ٿي ويو ۽ درويش ٽن ڏينهن کان پوءِ فوت ٿي ويو.

سندس مزار، خاص ۽ عام جي زيارتگاهه بڻيل آهي.

 

شاهه سداين

هيءُ درويش صاحب ڪمال ۽ اهل حال هو. ڳوٺ ساماڻي ۾ ننڍو توڙي وڏو سڀ جماعت جي صورت ۾ سندس معتقد هئي.

بهلول بادشاهه، بادشاهت کان اڳ هڪ ڏينهن ڳوٺ ساماڻي ۾ آيو ۽ شاهه سداين جي زيارت لاءِ به سندس خدمت ۾ آيو. اتي ماڻهن جو وڏو مجموعو هو. درويش انهيءَ مجموعي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته آهي ڪو جوان جو دهلي جي بادشاهي ٻه هزار ٽڪن ۾ خريد ڪري. بهلول بادشاهه کي ان وقت هڪ هزار ۽ ست سو ٽڪا موجود هئا. سندس خدمت ۾ پيش ڪيائين، هن قبول ڪيا ۽ چيائينس ته بادشاهي توکي مبارڪ هجي. سندس ارادو پڪو هو، ان کان پوءِ بادشاهي جي حصول جا اسباب ميسر ٿيڻ لڳا. سن 855هه ۾ سلطنت جي تخت تي اچي ويٺو.

 

بابا علي شاهه

هيءُ ابدالن مان هو. عجيب حالات جو حامل هو، سلوڪ جي شروعات ۾ جذبي ۾ اچي پٿرن ٽوڙڻ جو هڪ وڏو هٿوڙو کڻي هڪ پٿر تي ٻيو پٿر رکي هٿوڙي سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو هو. بعد ۾ ان کي پنهنجي ڪلهي تي رکندو هو. هڪ ڏينهن سلطان حسين مرزا اتان لنگهندي کيس ڏٺو ته پڇيائينس ته اهو ڪهڙو ڪبوتر آهي جنهن کي پڃري ۾ بند ٿو ڪرين؟ جواب ڏنائين ته خراسان جو شاهه سلطان مرزا حسين آهي. جنهن تي انهيءَ چيو ته” پر مري ته شاهه رخ ويو آهي.“ اتان معلوم ٿو ٿئي ته بابا علي شاهه، ميرزا شاهه رخ جي زماني کان وٺي سلطان ميرزا حسين جي زماني تائين استغراق ۾ هو.

هڪ دفعي مولانا عبدالله جامي ۽ شيخ الاسلام ۽ ٻيا چند علماء بابا جي مجلس ۾ موجود هئا. نماز جو وقت ٿيو. بابا امامت جي ارادي سان اڳ ۾ ٿيو، ۽ نماز پڙهائيندي، قرائت جي بجاءِ هيءُ مصرع پڙهيائين:

مصرع

اي پري! گر مي پري بر بام قصر او پري

ترجمو: اي پَري جيڪڏهن تون اڏرين ته محلات جي ڇت جي مٿان اڏر!.

جامي، بغير سوچڻ جي سندس پٺيان نماز پڙهي ۽ شيخ الاسلام سندس پويان نه پڙهي. البته چيائين ته منهنجي تمام عمر جي نمازن جي قبوليت جو ايترو درجو ڪونه آهي، جيترو هن ٻن رڪعتن جو درجو آهي، مگر شريعت جي احڪام جي پابندي هن کان وڌيڪ پسنديده اٿم.

مير نيازي بخاري لکي ٿو ته بابا علي شاهه نماز جي نيت، هن بيت سان ڪئي:

بيت

اي کبوتر گر پري بر بام قصر آن پري

مي نويسم نامہ در گردنت کانجا پري

ترجمو: اي ڪبوتر! جيڪڏهن تون اڏرين ته محل جي ڇت تي اڏر. تنهنجي ڳَلي ۾ چٺي لکي ٻڌان ٿو ته اتي ئي اڏر.

۽ سورة فاتحه پڙهڻ جي بجاءِ هيءَ رباعي پڙهيائين:

رباعي

راه تو بهر قدم که پوئيد خوش است
وصف تو بهر صفت که جوئيد خوش است
روئ تو بهر ديده که بيند نکوست
ذکر تو بهر زبان که گوئيد خوش است

ترجمو: تنهنجي راهه ۾ قدم کڻي ڊوڙڻ ۾ خوشي آهي. تنهنجي وصف کي تنهنجي صفت لاءِ ڳولڻ ۾ خوشي آهي. تنهنجي چهري جي جمال جو ديدار ڪرڻ نيڪي آهي. تنهنجي ذڪر ۾ زبان کي مشغول رکڻ ۾ خوشي آهي.

 

سيد محمد نوربخش

هيءُ خاندان سادات عالي درجات مان آهي. سندس شجره نسب نون واسطن سان حضرت موسيٰ ڪاظم سان ٿو ملي. سندس پيءُ محمد بن عبد اللہ جي ڄمڻ جو هنڌ ”قطيف“ آهي. سندس ڏاڏي جي ڄمڻ جو هنڌ ”لحصها“ آهي. سندن وڏا هميشه خصوصيت واري زندگي گذاريندا هئا ۽ پاڻ کي مخصوص رکندا هئا ته جيئن ٻئي ڪنهن به شخص سان اختلاط نه ٿئي ۽ ان جو جذبه حال متاثر نه ڪري. سندس والد ترڪ وطن ڪري پيادل وڃي امام الجن والانس امام علي موسيٰ رضا عليہ السلام جي زيارت ڪئي هئي ۽ ڳوٺ قاين کي پنهنجو وطن بڻايائين ۽ اتان ئي شادي ڪيائين ۽ صاحب اولاد ٿيو. حضرت مير 795هه ۾ قاين کي پنهنجو وطن بڻائي چڪوهو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ تمام ٿورن ڏينهن اندر مختلف علمن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. خواجه اسحاق ختلاني جو مريد ٿيو. خواجه اسحاق کي، سيد علي همدانيءَ پنهنجي عمر جي آخر ۾ جيڪو خرقو ڏنو هو، اهوکيس پنهنجي هٿ سان پارايائين ته، مسند ارشاد تي ويهي ۽ خانقاهه جا ڪم هلائي ۽ سڀني سالڪن کي فيض رسائي ۽ ان وقت ڀري مجلس ۾ هيءُ شهر پڙهيائين:

تا آرد پختم و آرد نيز آويختم

ترجمو: اٽي کي پچايم ۽ اٽي کي وائکو ڪيم.

فرمايائين ته جيڪو به سلوڪ جو سائل ۽ طالب آهي ان کي گهرجي ته اهو مير جي خدمت ۾ رجوع ٿئي. اگر بظاهر اهو منهنجو مريد آهي، ليڪن حقيقت ۾ اسان جو پير آهي. حضرت مير به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

بيت

پيريم مريد خواجه اسحٰق

آن شيخ شهيد قطب آفاق

ترجمو: اسان جو مريد خواجه اسحاق دراصل اسان جو مرشد آهي. اهو شهيد شيخ جيڪو قطب آفاق آهي.

جوانيءَ جي وقت ۾ علائقي ”ري“ جي ڳوٺ بري سلطان کي وطن بڻايو هئائين. پوءِ انهيءَ علائقي جي ڪيترن ئي ماڻهن سندس تابعداري ڪئي ۽ اهي سندس مريد ٿيا. کيس ڪافي اولاد ٿيو.

شاهه رخ ميرزا زنده هو. جيڪو کانئس خوف رکندو هو. هميشه ساڻس بيجا هلت هلندو هو. بعض جو چوڻ آهي ته فوت ٿيڻ کان پوءِ سن 869هه ۾ شاهه رخ پنهنجو باغ جيڪو مٿي ڄاڻايل ڳوٺ ۾ بولغان نالي هو، اهو مير جي مريدن جي حوالي ڪري سندس لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين ۽ ان ئي ڳوٺ جي باغ ۾ کيس دفن ڪيو ويو هو.

 

سيد جعفر

هيءُ سيد محمد نوربخش جو وڏو فرزند هو. ابوالمغازي سلطان حسين ميرزا جي زماني ۾ هرات ويو ۽ اتان وڏن وڏن اميرن ۽ سردارن، سندس معاشي مدد لاءِ چار هزار دينار ڪيبڪي ۽ ٻه سو خرار اناج جا مقرر ڪيا. پر سيد جعفر قبول نه ڪيا ۽ عربستان وڃڻ جو عزم ڪري روانو ٿيو. ان ولايت ۾ پهچي آخرت جي زندگي جي ڀلائي لاءِ عبادت لاءِ مشغول ٿي ويو. آخر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

مير حاج

هيءُ پنهنجي وقت جو برگزيده بزرگ ۽ عام ۽ خاص جو منظور نظر ۽ مقبول بزرگ هو. هڪ ڏينهن امير علي شير پنهنجي بيٺڪ کان لنگهيو ته ڏٺائين ته جڳهه تي بي رونقي آهي. چيائين ته جڳهه جي صفائي ڪريو. مير حاج هن جڳهه کي اچي ڏسندو، مير حاج ان جڳهه جي ڏسڻ کان پوءِ هڪ واديءَ ڏانهن هليو ويو ۽ جبل جي هڪ غار ۾ وڃي ديرو ڄمايائين. پورا چاليهه سال خلق کان ناتو ٽوڙي، عبادت ۾ مشغول رهيو. اتي ئي سندس ساهه پرواز ڪري ويو.

 

مولانا سيف الدين مناري

هيءُ ”منار“ ڳوٺ جو رهاڪو هو. منار فرڪت ولايت جي پسگردائي جو هڪ ڳوٺ هو. هيءُ ڳوٺ سمرقند ۽ تاشقند جي شهرن جي وچ ۾ تاشقند کان چئن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. مولانا سيف الدين خواجه بزرگ جي خاص مريدن مان هو.

روايت آهي ته خواجه بزرگ جي خدمت ۾ چار سيف الدين رهندا هئا. جن مان هڪ محبوب، ٻيو مقبول، ٽيون مقهور ۽ چوٿون مردود هو.

 

مولانا شيخ محمد حلاج

هيءُ خواجه علاؤالدين جي زماني ۾ هڪ برگزيده بزرگ هو. کيس ڪافي تعداد ۾ مريد هئا. ليڪن هي خواجه جو منڪر هو، ان کي نه مڃيندو هو. سندس ست خليفا هئا، انهن مان اول شيخ اختيارهو. آخر ۾ سعدي پرمسي هو.

 

شيخ اختيار

شروعات ۾ هن ڪافي وقت خواجه بزرگ جي خدمت ۾ گذاريو. ڪفر ترڪ ڪيائين ۽ بعد ۾ شيخ محمد حلاج سان وابسته ٿيو. باوجود مريد هجڻ جي به هو هميشه خواجگان جي طريقي تي هلندو رهيو. سندن نسب شريف کي تقويت ڏنائين.

 

شيخ حاجي

بردارِ طريقت شيخ اختيار ۽ شيخ محمد حلاج جي خليفن مان هو. مضبوط مرد هو. ڪڏهن ڪڏهن سودو وغيره وٺڻ لاءِ بازار به ويندو هو، مگر سندس نظر ۽ ڌيان ۾ اهوئي ڪم هوندو هو، جنهن لاءِ هو ويندوهو. پنهنجي نفس کان سواءِ ٻي هر شيءِ کان غافل هوندو هو. هيڏانهن هوڏانهن هرگز نه نهاريندو هو. پنهنجي نظر پنهنجن قدمن ۾ رکندو هو.

 

شيخ سعدي پرمسي

هيءُ شيخ محمد حلاج جو آخري خليفو هو. ننڍڙي عمر ۾ خواجه بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. کيس خواجه بزرگ، پنهنجي والده سڳوري جي خدمت لاءِ مامور ڪري ڇڏيو، جيڪا وڏي عمر جي ٿي چڪي هئي. خواجه کي هڪ زردالن جو باغ هو. جڏهن باغ ۾ زردالو تيار ٿيا، تڏهن شيخ سعدي زردالو کائڻ جي ارادي سان باغ ۾ ويو ۽ زردالو پٽڻ لڳو ته باغ جي مالهي کيس منع ڪئي. ان کي چوڻ لڳو ته اي مالهي! عجيب سلوڪ آهي جو خواجه، الله تعاليٰ واري قرب کي روڪي رکيو آهي. تون زردالن کان روڪين ٿو. جڏهن خواجه اهو ٻڌو ته مٿس ڪافي استحسان ۽ نظر عنايت فرمائي.

 

مولانا محمّد

هيءُ مولانا سيف الدين مناري جو ڀاڻج ۽ حضرت خواجه بزرگ جي مقبول مريدن مان هو.

 

مولانا محمد حسين عرف واعظ

هيءُ رشحات جي مصنف مولانا علي المشتهر بالصفي جو والد هو. رشحات ۾ لکي ٿو ته منهنجو والد سن 860هه ۾ جڏهن مشهد ويو، تڏهن خواب ۾ ڏٺائين ته روضہ رضويه جي ميدان ۾ بيٺو هئس ته هڪ نهايت نوراني شخص کي ڏٺم، جنهن مون ڏانهن متوجه ٿي چيو ته هت ڪڏهن آيو آهين ۽ ڪٿي ٿو رهين؟ چيم ته ٻن ٽن ڏينهن کان آيو آهيان ۽ فلاڻي جڳهه تي رهيل آهيان. چيائين ته اهو پنهنجو سڀ سامان کڻي جلدي مون وٽ اچ، آءٌ تنهنجو انتظار ڪريان پيو. عرض ڪيائين ته آءٌ اوهان کي ڪونه سڃاڻان، چيائين منهنجو نالو سعدالدين ڪاشغري آهي. جڏهن سجاڳ ٿيس ته ڪن ماڻهن کان پڇيم. چيائون شيخ سعدالدين مشهدي جا ڪيترائي معتقد هتي رهن ٿا. پوءِ معلومات لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ ڏٺم ته هڪ قافلو هرات کان هتي آيو آهي. انهن کان معلوم ڪيم جن مون کي ٻڌايو ته مولانا سعدالدين ڪاشغري برابر هرات ۾ هو، ليڪن هينئر اهو فوت ٿي چڪو آهي. منهنجي پيءُ اهو خواب مولانا نورالدين عبدالرحمٰن کي ٻڌايو. انهيءَ چيو ته ڪهڙي تعبير ڪئي اٿئي؟ چيم شايد هرات وڃان ۽ سندس مزار وٽ دفن ٿيان. فرمايائين ته ائين ڇو نه ٿو چوين ته سندس سڏ مان مراد توکي پنهنجي نسبت ڏيڻ آهي.

منهنجي پيءُ چيو ته اڄ تون مولانا جي جاءِ تي آهين. مون کي نسبت جي تلقين ڪر. مولانا جامي منهنجي والد کي انهيءَ نسبت ڏانهن اشارتاً رهنمائي فرمائي هئي ۽ جڏهن سن 904هه ۾ علي صفي ولد مولانا حسين مذڪور کي، خواجه ڪلان جي والد بزرگ مولانا سعدالدين ڪاشغري جي داماد جي نسبت حاصل ٿي ته هن خواب جو ذڪر پنهنجي والد کي ٻڌايو، جيڪو انهيءَ چاليهه سال اڳ خواب ڏٺو هو. هينئر ان جي تعبير پوري ٿي. والله اعلم

 

بابا آبريز

هيءُ شيخ عمر باغستاني جي خاص مريدن مان هو. صاحب جذبه هو، جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته تنهنجي مٿان اهو لقب ڪيئن پيو ته چوندو هو ته حق سبحانہ و تعاليٰ ازل ۾ جڏهن آدم جي مٽي کي ٿي ڳوهيو ته ان ۾ پاڻي مون پئي وڌو. ان ڏينهن کان وٺي مون تي اهو لقب پيو.

شروعات ۾ ڪڏهن ڪڏهن جذبات ۾ اچي رستي تي ويهي رهندو هو، ٻارن وانگر ٺڪر، پٿر، لڪڙا ۽ پراڻا تڏا تونئريون ميڙي ان مان تيرڪمان ٺاهيندو هو، جنهن کي به اهو تير هڻندو هو ته ان وقت ئي ان جو دم نڪري ويندو هو.

روايت آهي ته کيس هڪ ڳئون هوندي هئي. ڪنهن وقت ان جي مٿان ڪجهه سامان رکي ان کي پنهنجي مرشد ڏانهن موڪليندوهو. اڪيلو ان کي روانو ڪندو هو. وچ ۾ ٻن ٽن ميلن جو مفاصلو هوندو هو. جيڪڏهن ان ڳئون جي ويجهو ڪوبه ماڻهو ايندو هو ته ان جي پيٽ ۾ سخت درد پيدا ٿي ويندوهو. ڪنهن کي مجال ڪونه هوندي هئي جو ان کي ڪو هٿ لائي سگهي، اها اڪيلي ويندي هئي ۽ اڪيلي واپس ايندي هئي.

 

شيخ برهان الدين آبريزي

هيءُ بابا آبريز جي پوٽن جي اولاد مان هو. قوي جذبه جو مالڪ هو. بابا ماچين جو مريد هو. جڏهن سيد قاسم تبريزي، پهريون دفعو سمرقند ۾ آيو ته شيخ برهان الدين سندس ملاقات لاءِ وٽس ويو ۽ ڏٺائين ته هو مريدن جي حلقي ۾ پلٿي ماري وچ ۾ ويٺو آهي. چيائينس ته مريدن جي حلقي اندر اهڙي طرح ويهڻ شيخ کي نٿو جڳائي. ان کان پوءِ سيد اهڙي طرح ويهڻ بند ڪري ڇڏيو.

 

شيخ ابوسعيد آبريزي

هيءُ بابا آبريز جي پوٽاڻ مان هو. شيخ برهان سندس والده جو ڏاڏوهو. هو شيخ ابوسعيد شيخان جي نالي سان مشهور هو. ڪفشير محله ۾ رهندو هو ۽ مجذوب مستقيم الاحوال هو. خواجه عبيدالله احرار غيلي سندس معتقد هو.

سندس وفات سن 894هه ۾ محله ڪفشير ۾ ٿي ۽ خواجه عبيدالله جي چوديواريءَ ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

 

شيخ بخشش

هيءُ شيخ عمر باغستاني جي مريدن مان درويش مريد هو. صاحب جذبات ۽ عجيب احوال جو مالڪ هو.

 

مولانا سعدالدين مشهدي

هيءُ پنهنجي وقت ۾ مشهد جي رضويه جماعت جو شيخ ۽ مقتدا هو. مولانا سعدالدين ڪاشغري جو همعصرهو. ان کان پوءِ خواجه محمد حسين واعظ سان به مجلس ڪئي هئائين.

 

اميراصيل الدين ابوالمفاخر عبدالله بن

عبدالرحمٰن بن عبداللطيف

هي حسني، اسڪي، شيرازي هو. علم تفسير، حديث، انشاء ۽ تصنيف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

سلطان ابوسعيد جي زماني ۾ هرات ۾ آيو. علم بامعرفت ۽ معرفت باطريقت ۾ ڪامل ۽ اڪمل هو. سندس احوال رسالي ”مزارات هرات“ ۾ تفصيل سان آهي. سندس وفات جو سن 803هه آهي.

سندس نامدار گوهر هي هئا: صفي الدين محمد ۽ برهان الدين محمد کان روايت آهي سندس اسلاف مان هڪ بزرگ دل ۾ اهو ارادو ڪيو ته احاديث صحيح ۽ احاديث موضوع جي معلومات پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ذات مبارڪ کان روبرو حاصل ڪريان. پوءِ مشڪواة شريف لکي پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خدمت ۾ خواب ۾ پيش ڪيائين. حضور اڪرم ﷺ جن ان ڪتاب جو ورق ورق اُٿلائيندي، موضوع حديث تي آڱر مبارڪ رکي، ان کي ڊاهيندا صاف ڪندا ويا. ”مجالس المؤمنين“ جو مصنف لکي ٿو ته اهوئي نسخو شيراز ۾ اڃا تائين انهيءَ سلسلي وارن وٽ موجود آهي.

 

سيد اجل اميرجمال الدين عطاءالله بن فضل الله محدث

اسڪي، شيرازي هو.

هن پنهنجي ساري عمر حفظ هدايتِ خلق ۽ نبي ڪريم ﷺ جن جي سنت جي پيروي ۾ خرچ ڪئي هئي. شاگرد ۽ مريد پنهنجي چاچي اميراصيل الدين جو هو. ديني علم محدثين کان حاصل ڪيا هئائين. سندس نيڪ فرزند امير نسيم الدين ميرڪ شاهه پنهنجي وڏن جي پوري پوري پيروي ڪندڙ هو. سندس پوٽن مان قاضي شڪرالله جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي.

 

خواجه صاين الدين علي ترڪہ اصفهاني

هيءُ خواجه فاضل عارف رباني ۽ توحيد جو عاشق ۽ وقت جو دانا فقيہ ۽ عرفان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سڀني علمن جي تصنيف ۽ تاليف فارسي ۽ عربي ۾ ڪئي اٿس. مثلاً: شرح فصوص الحڪم ۽ شرح قصيده ابن فارض. سندس وفات سن 830هه ۾ هرات ۾ ٿي.

سيد رياض مظلوم اميرمختوم

هيءُ مدينہ وارن مان هو. سندس ڏاڏو امير بهاؤالدين زيارت جي ارادي سان حضرت امام الجن والانس علي بن موسيٰ رضا عليہ السلام جن وٽ خراسان ۾ آيو. نيشاپور مان شادي ڪيائين ۽ مير مختوم اتي پيدا ٿيو ۽ امير قاسم انوار جي صحبت ۾ رهيو ۽ باطن جي صفائي ۽ نفس جو تزڪيه ڪري، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو درجو حاصل ڪيائين.

بااثر مفتين مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني ۽ شاهه رخ ميرزا جي حڪم هيٺ تيل کي ڏاڍو گرم ڪري سندس مٿي تي پلٽيو ويندوهو. ڪافي عرصو گاذرون ولايت جي قيد ۾ بند رکيو ويو هو، ان کان پوءِ حڪمرانن کيس پاڻ ئي آزاد ڪيو ۽ هو هرموز ڏانهن روانو ٿي ويو.

قاسم انوار، امير تيمور جي زماني کان ڪجهه اڳ فوت ٿي ويو. قاسم انوار سيد رياض مظلوم جي مرثيه ۾ هڪ غزل چيو آهي.

 

شيخ محمد بن حاجي محمد سمرقندي

هيءُ غوث المتاخرين سيد محمد نوربخش جي مريدن مان هو. سندس اقوالن،افعالن ۽ مقامات جي باري ۾ بهترين تذڪرو مختلف ڪتابن ۾ آهي.

 

شيخ محمد بن يحيٰ بن علي علاءُ جيلاني لاهيجي

هيءُ سيد محمد نور بخش جو مريد ۽ خليفو هو.

جيتوڻيڪ سڀني سلسله شريفه نوربخشيه ملڪيه وغيره ۽ سڀني سلسله عاليه همداني سان نوازيل هو. مگر صوفين جي سڀني سلسلن جو جذبو منجهس موجود هو. ان تي فخر ڪندو هو. ”گلشن راز“ جي بهترين شرح سندس ئي لکيل آهي.

سيد محمد نوربخش جي وفات کان پوءِ جناب شيخ شيراز ۾ ئي اقامت پذير ٿيو. انهيءَ نوريه نالي سان هڪ خانقاهه قائم ڪيائين ۽ ان ۾ ڪافي خلوت خانه جوڙايائين ۽ مخلوق جهان کي فيض رسائيندو رهيو ۽ وقت جي سلاطين ان لاءِ ڪافي ايراضيون وقف ڪري ڇڏيون. شيخ جو قبه شريف به اتي ئي قائم آهي.

 

مولانا لطف الله نيشاپوري

کيس دنيا جون سڀ آسائشون نصيب ۾ هيون. مگر دنيا جي ڪنهن به شيءِ ڏانهن مائل نه هو. ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته مولانا لطف الله جو نصيب تمام گهٽ هو. جيئن ته هر شيءِ يا هر ماڻهو دنيا کان ڪنارو ڪندو ته دنيا به ان کان روگرداني ڪندي، اهڙي طرح يحيٰ معاذ رازي قدس سره فرمايو آهي ته دنيا کان وڌيڪ منصف مزاج ڪونه ڏٺم، جو جيڪڏهن تون ان سان دلچسپي رکندين ته اها دنيا به توسان دلچسپي رکندي ۽ اگر تون ان کي ترڪ ڪندين ته اها به توکي ترڪ ڪري ڇڏيندي.

هيءُ صاحبقران امير تيمور گورگان جي عهد ۾ هو. ميرزا ميران شاهه جي مدح ڪري، ڪافي رعايتون حاصل ڪيائين، مگر انهن مان پاڻ ڪوبه فائدو ڪونه ورتائين ۽ پاڻ مفلسيءَ جي حالت ۾ رهڻ لڳو. آخري عمر ۾ نهايت پيريءَ جي حالت ۾ اسفرس ڏانهن سفر ڪيائين. اها جڳهه، حضرت امام رضا عليہ السلام جي بطور قدمگاهه مشهور هئي. اتي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ هڪ باغ ورتائين جنهن جي ذريعي گذر اوقات ڪندو هو. مخلوق سان تمام گهٽ ميل جول رکندو هو. جمع جي ڏينهن قدمگاهه جي زيارت لاءِ ويندو رهندو هو. پوءِ ڏسندو هو ته حُجري جو دروازو بند آهي. کڙڪائڻ سان به جواب ڪونه ملندو هئس. گمان ڪندو هو ته ڄاڻي ٻجهي کيس جواب ڪونه پيو ڏنو وڃي. هڪ دفعي مجاور کي دقت پيش آئي جو ڏٺائين ته مولانا دروازي وٽ سربسجده موجود آهي، جلدي لهي آيو ۽ دروازو کوليائين، مگر ڏٺائين ته مولانا سجده مان سر مٿي نه کنيو. آخر جاچي ڏٺائون ته هو فوت ٿي چڪو هو.

کيس امام جي قدمگاهه ۾ دفن ڪيائون ۽ جنازي وقت ڏٺائون ته سندس هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو، جنهن تي هيءَ رباعي لکيل هئي:

رباعي

دي شب ز سر صدق و صفاي دل من
در ميکده آن روح فزاي دل من
جامي بمن آورد کہ بستان و بنوش
گفتم نخورم، گفت براي دل من

ترجمو: گذريل رات پنهنجي دل جي سچائي ۽ صفائي سان آيس. ميڪده ۾ منهنجي دل جي فرحت لاءِ ڀريل جام مون ڏانهن آندائين ۽ چيائين ته خوش ٿيءُ ۽ پيءُ. چيم ته نه پيئندس. چيائين ته منهنجي دل خاطر پيءُ.

تمام پوڙهو ٿي چڪو هو. سن 910هه ۾ وفات ڪري ويو.


(1)  النحل آيت:

(1) سورة القصص آيت:

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com