سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 24

 

مخدوم اعظم حاجي محمد خبوشاني

چئن واسطن سان سندس نسبت حضرت سيد علي همداني سان ملي ٿي. اهڙي طرح هو شيخ شاهه علي جي خليفن ۾ آخري خليفو هو. شيخ شاهه علي، شيخ رشيد الدين محمد جي خليفن مان هو. اهي امير شهاب عبدالله برزش آبادي مشهدي جي خليفن مان هئا ۽ خلافت جو مدعي خواجه اسحاق ختلاني هو. جيڪو سيد علي همدانيءَ جو خليفو هو.

بهرحال عبدالله جي مريدن کي خراسان ۾ ”صوفيه“ نالي سان سڏيندا آهن. سيد محمد نوربخش جي مريدن کي جيڪو خواجه اسحاق جو خليفو هو، ”نوربخشيه“ سڏيندا آهن. انهيءَ جماعت جا مريد نفي، اثبات ۾ سيد عبدالله سان ڪافي اختلاف رکن ٿا.

مخدوم کي هرات جي شيخ الاسلام طلب ڪيو. يعني خبوشان کان کيس هرات طلب ڪيو ويو. جنهن شاهه اسماعيل ماضي وٽ ڪفر جي ڳالهين جو اظهار ڪيو. پوءِ کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ليڪن مير محمد يوسف هروي، جيڪو سندس ڪافي معتقد هو. هزار حيلا هلائي، مخدوم کي قتل ڪرڻ يا ساڙڻ کان بچائي آزاد ڪرائي روانو ڪري ڇڏيو.

شيخ الاسلام پنهنجي انهيءَ عقيدي تي عبدالله خان ازبڪ جي عهد ۾ سال سن 938هه ۾ خوارزم جي شهر ۾ گذاري ويو.

 

شيخ عمادالدين فضل الله محمد مشهدي

هيءُ جوانيءَ جي شروعات دور ۾ مخدوم اعظم شيخ حاجي محمد خبوشاني جي خدمت ۾ آيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ فيضياب ٿي ويو. ڪي محقق کيس شيخ مجدالدين بغداديءَ جو هم نشين ٿا چون ۽ ڪي وري کانئس افضل ٿا چون.

حقائق جي مدنظر انهن ٻنهي عارفن ۾ ظاهري احوال ۾ موافقت نظر ٿي اچي، مثلاً هرهڪ پنهنجي شيخ جو محبوب ۽ پنهنجي شيخ جي اڳيان گذاري ويو ۽ هرهڪ اهل ظاهر جو لباس ڍڪيو هو. سلطان ۽ اميرن کي نهايت فصاحت ۽ بيباڪي سان نصيحت ڪندا هئا ۽ حق چوندا هئا ۽ هرهڪ پنهنجي پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ سلطاني حڪم هيٺ شهادت جو لباس ڍڪيو هو.

شيخ پنهنجي اجازت نامي ۾ کيس هي القاب ڏنا آهن:

مجذوب جواذب هدايت المؤيد من عندالله ابوالوقت الشيخ عمادالدين فضل الله متع الله المسلمين والطالبين بارشاده و برڪات دلخواه ابن اجل المحرم خواجه علاؤالدين علي بن الصدر المکرم خواجه ڪمال الدين نعمت الله البرزش آبادي الطوسي.

شيعت جي نسبت جي بنا تي، محمد خان شيبانيءَ جي حڪم سان سال 924هه ۾ مشهد مقدس ۾ کيس شهيد ڪيو ويو ۽ سراب محله ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

 

شيخ ڪمال الدين حسين خوارزمي

هيءُ سلسله همدانيه جي پوين مشائخن مان هو. ظاهري طور ته عالي مقام ۽ ترقي ۾ هن کان وڌيڪ ٻي ڪابه جماعت ڏسڻ ۾ ڪونه آئي. سندس والد شيخ شهاب الدين حسين هو. اهو وري برگزيده شيخ برهان الدين قليچ جي اولاد مان هو. اندجان ۾ گذاري ويو. شيخ جو والد ميرزا نديمان جوڳيءَ جي زماني ۾ خوارزم ويو. اتي شادي ڪيائين ۽ اتي ئي کيس هيءُ شيخ ڄائو. سندس ارادت موجب مخدوم معظم شيخ حاجي محمد خبوشاني ۽ شيخ عماد الدين فضل الله مشهدي سان رابطي ۾ هئا ۽ ٻئي صوفي مشائخ هئا.

 

شيخ عبداللطيف نقشبندي

ماوراء النهر ولايت ۾ هڪ جماعت سندس معتقد هئي. پر جڏهن هن شيخ ڪمال الدين سان نسبت رکي ۽ سندس خدمت ۾ رهيو ۽ ان جو مداح ٿيو ته حاسدن مٿس رقص ڪرڻ جي تهمت مڙهي. انهن گهريو ته عقائد جي گناهه ۽ آئمه جي مدح جي بنياد تي کيس مقتول يا مغلوب ڪيو وڃي. ٻئي طرف ماوراء النهر ۾ شيخ ڪمال الدين حسين جي هڪ ارادتمند جي زبان کي چيريو ۽ سندس مٿي کي ڪوڙيو ويو.

 

شيخ احمد بن قاضي نصرالله ديبلي ٺٽوي سنڌي

سندس والد ان وقت ٺٽي جو قاضي ۽ علماء جو رئيس هو. کيس هڪ فقير نالي صالح عراقي جي صحبت سبب، جنهن تي شيعت جي تهمت هئي، قتل ڪيائون.

هن کيس تفسير ڪشاف ڏئي آيت: انما وليکم الله تي غور لاءِ آماده ڪيو. اهو تفسير شاهه ولايت جي هٿ مبارڪ کان آيل ٻڌايو پيو وڃي. پوءِ هو بيدار ٿيو ۽ ان تي گهرو غور فڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. مرزا حسن نالي هڪ عراقي شخص کي به ظاهراً جناب حضرت امير عليہ السلام جن جي طرفان حڪم ٿيو ته ٺٽي پهچ. اهو ڄاڻايل تفسير قاضي زاده جي هٿ ۾ وڃي ڏي. ان جو مطالعو ڪري هو ڪماليت جي درجي تي پهتو ۽ جيڪي ڪجهه گهريائين سو کيس ملي ويو.

آخر لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جي وقت ۾ کيس شهيد ڪيو ويو. مير حبيب الله جي احاطي ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

 

شيخ برهان الدين شطاري

سندس لقب ”رازالٰهي“ هو. برهان پور دکن ۾ هيءُ عجيب صاحب حال ۽ صاحب ڪمال هو. پنهنجي فيض سان خلقِ جهان کي پنهنجي ارادت جي حلقي ۾ داخل ڪري ڪماليت جي درجي تي پهچايائين.

رساله وحدة الوجود نالي ”نور وحدت“ جيڪو سندس هڪ مريد نالي رازي، برهان جي نور بصيرت سان لکيو سو پڻ قابل ديد آهي.

 

 

 

معيار يارهون

يارهين صدي هجريءَ جو ذڪر

 

درويش ونهيو چانهيو

هيءُ سنڌ جي نامور مشائخ مان هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي حضور ۾ خاص درجو رکندڙ هو. انهيءَ سبب ڪري پاڻ سڳورن ﷺ جن جي اولاد سان بيحد محبت رکندڙ هو.

چون ٿا ته: ان جي وقت هڪ سيد سڳوري ڪنهن شخص جو ناحق قتل ڪري وڌو. وقت جي علماء ڪرام قصاص جي فتويٰ ڏني. جڏهن فتويٰ هن وٽ آئي ته ڏسي چيائين: جيڪڏهن مقتول جون اکيون ڳاڙهيون هجن ته حق تي قتل ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هر اهل بيت جنهن کي سزا ملي، مگر قصاص جو حقدار نه هجي ته ان جون اکيون ڪاوڙ سبب ڳاڙهيون ٿينديون آهن. جڏهن نعش جي اکين کي جاچيو ويو ته برابر سندس اکيون ڪاوڙ سبب خون آلوده هيون. پوءِ درويش سيد کي رهائي ڏياري.

اهڙي طرح اهل بيت جي هڪ يتيم ٻار کي پنهنجي گهر وٺي آيو. کيس پالي وڏو ڪيائين. هڪ ڏينهن انهي سيدزاده درويش جي ڪنواري نياڻيءَ کي گاريون ڏيندي چيو ته آءٌ توکي هيئن ڪندس. نياڻيءَ جي ماءُ درويش وٽ اچي شڪايت ڪئي ته سيدزاده کي پالي وڏو ڪيوَ، هاڻي هي هيئن ٿو چوي ۽ گاريون ٿو ڏئي! سڀاڻي الائي ڇا ڪندو؟!

انهيءَ ئي وقت درويش خنده روئي سان ٻاهر نڪتو. نقاره کي پنهنجي ڳچي ۾ وجهي گهٽين ۽ بازارين ۾ اعلان ڪندو رهيو ته فلاڻي جي نياڻي سيدزاده کي ڏني ويندي. پوءِ سارو شهر گڏ ٿي، سندس گهر آيو. نياڻيءَ جو انهي سيدزاده سان نڪاح ڪري ڇڏيائين.

سندس وفات سن 1001هه ۾ ئي. عربي لفظن ”مَاتَ في عِشقِ“ ۽ فارسي ”درعشق جان به سپر“ جي ماده سان سندس وفات جو سال نڪري ٿو.(يعني عشق ۾ جان ڏنائين)

سندس مدفن سانگره جي ڪناري تي تورڪي ڳوٺ ۾ آهي.

 

درويش لڌو

هيءُ انهن ماڻهن مان هو، جن جي مٿان درويش ونهيو جي فيض جي نظر هئي ۽ ان درويش جي نظر سان اعليٰ رتبي تي وڃي پهتو هو.

 

مولانا عباس

هيءُ به درويش ونهيو جو خاص خادم ۽ مريد هو. شيخ جي توجہ جي نظر جي برڪت سان وڏي مرتبي تي پهتو. صاحب ڪشف ۽ صاحب ڪمال ٿيو.

 

شيخ صدونوهري

هيءُ پنهنجي وقت جو عارف، بزرگ ۽ درويش ونهيو جو همعصر هو.

 

درويش عمر بودلو

هيءُ مجذوب مطلق ۽ واصل بحق هو. شروع ۾ ماڻهن کان ٽهندو. لڪندو رهندو هو. بيابان ۽ پهاڙن ۾ گذاريندو هو. آخر موٽي اچي ڳوٺ اگهم ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو. پنهنجي وجود ۽ پنهنجن جي به کيس خبر ڪونه هوندي هئي. جيڪو به شخص پنهنجي مراد کڻي سندس خدمت ۾ ايندو هو، سو پنهنجي مراد ماڻي ڪامياب ٿي ويندو هو. پاڻ درويش ونهيو ارادتمنديءَ سان ساڻس مجلس ڪندو هو.

 

خواجه عبداللطيف برهانپوري

بختاور خان، رساله عالمگيري ۾ لکي ٿو ته: عالمگير پنهنجي شهزادگي جي وقت ۾ سندس زيارت لاءِ ويو هو. پاڻ مرد خدا پرست ۽ گوشئه نشين هو.

سن 1006هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس مدفن برهانپور ۾ آهي. وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي قبر جو احاطو نه بڻائجو متان ماڻهو منهنجي قبر کي نه پوڄين. سندس وفات جو سال هنن لفظن جي ماده مان ڪڍيو ويو آهي: ”آهه زان شيخ ڪامل“

 

خواجه باقي بالله

نالو عبدالباقي ولد قاضي عبدالسلام.

ڪابل ۾ ڄائو. جڏهن سمجهه وارو ٿيو ته حصول روحانيت لاءِ خواجه بهاؤالدين والملة والدين قدس سره جي خدمت ۾ پهچي تلقين ذڪر حاصل ڪيائين. ظاهري ۽ ابتدائي توبہ حضرت خواجه عبدالله وٽ ڪئي هئائين. پاڻ مولانا لطف الله جي خليفن مان هو. اهو وري مولانا خواجہ دهيدي جو خليفو هو. پوءِ خواجه احمد يسوي وٽ ويو. ان کان پوءِ ڪشمير ويو. شيخ باباءِ والي کان بهرو ورتائين. آخر ۾ مولانا خواجگي امڪنگي جي خدمت ۾ پهچي سلسله طريقه نقشبندي جي اجازت حاصل ڪيائين. چاليهه سالن جي عمر ۾ 25 جمادي الثاني سن 1012هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار دهلي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي قدمگاهه جي قريب شاهراهه شايع وٽ آهي.

خواجه عبدالله ۽ خواجه عبيدالله حضرت خواجه جا فرزند هئا. اهي به پنهنجي وقت جا صاحب ڪمال بزرگ هئا.

ملا شاهه بدخشي

هيءُ شيخ مير قادري جي خلفاء مان هو. دارا شڪوه سندس معتقد هو. هيءُ پنهنجي وفات کان اڳ سيارو لاهور ۾ ۽ اونهارو ڪشمير ۾ گذاريندو هو.

مير کان پوءِ لاهوري ۾ رهڻ لڳو. سن 1012هه ۾ اتي ئي فوت ٿي ويو. مير جي ئي مقبري ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

 

خواجه ديوانو

سندس نالو سيد جمال الدين هو. سيد اتا خوارزمي جي پوٽاڻ مان هو. سندس والد شاهه خوارزم، خواجه معروف، خواجه پرده پوش سان گڏ قزلباش جي عهد ۾ پوئلڳن سميت کين قتل ڪيو ويو.

خواجه ديوانه چار مهينا ”دايہ“ جي ڪناري تي گذاريا. حسب حڪم خواجه احرار، اول خواجه بابا خاروان جي جهنگ ۾ هڪ چشمي مٿان گوشئه نشيني اختيار ڪئي ۽ سندس پرورش هرڻيءَ جي کير تي ٿي. آخر سمجهه آهر ٿيو. جڏهن ٻارهن ورهين جي عمر جو ٿيو ته خواجه بابا گذاري ويو. سندس ڀاءُ جو نالو سيد محمد هو. ٻنهي ڀائرن، زبده ابرار خواجه احرار وٽ سلوڪ جا سبق پڙهي ڪماليت جو درجو حاصل ڪيو، پوءِ خواجه احرار جي اشاري سبب خواجه ديوانه کي مخصوص تربيت لاءِ ان ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو سندن خاص تربيت ڏانهن متوجه ٿيو. پورا ڇهه  سال سندس تربيت هيٺ گذاري ارڙهن سالن جي عمر ۾ خواجه ديوانه پنهنجي ڪماليت کي رسيو.

شروع ۾ ويرانن ۽ برپٽن ۾ پنهنجو وقت گذاريندو هو. ذريعه معاش ڏانهن ڪوبه توجه ڪونه ڏيندو هو. آخر ۾ چند حالات جي سبب معاشي زندگي ڏانهن متوجه ٿيو. ڪافي سرمايو حاصل ڪيائين.

پوءِ حجاز مقدس جي سفر جي ارادي سان شهر بڙوده تعلقه گجرات ۾ وارد ٿيو. اتان ربّاني الهام جي تحت، هڪ خاص صاحب ولايت بندرگاهه سورت تي آيو. اتي پڻ راندير بندر هو، جنهن جي زمين زرخيز هئي. ان ۾ راجا جو باغ به موجود هو. انهيءَ باغ ۾ راجا جي عبادتگاهه به هئي. خواجه انهيءَ باغ ۾ پنهنجي سڀني خادمن کي آباد ڪيو. پاڻ هيءُ بيت هر وقت پنهنجي زبان سان چوندو رهندو هو:

مثنوي

بي امداد کشتي هائ اين بحر
وطن داريم اندر کج اين شهر
براين خدمت ز حق گشتيم ماُمور
چه خوش گفتند الماُمور معذور

 

ترجمو: بي امداد ٻيڙين سان هن بحر ۾، وطن بنايوسون. هن ڦڏي شهر ۾، ان خدمت لاءِ حق تعاليٰ جي طرفان مقرر ٿيو آهيان. ڪيڏي نه خوشي آهي، جو معذور مقرر ٿيو آهيان.

راجه کي خبر ڪيائون ته هتي درويشن جي هڪ جماعت آئي آهي، جن باغ واري عبادتگاهه ۾ ديرو ڄمايو آهي. راجا پاڻ اڪيلو انهيءَ جماعت جي زيارت لاءِ آيو. کيس ڏسي سندس معتقد ٿي ويو. پوءِ زمين سميت باغ سارو خواجه کي بخشي ڇڏيائين ۽ عبادتگاهه کي موقوف ڪري ڇڏيائين. خواجه جي اچڻ ڪري راندير جا اڪثر ماڻهو هت اچي آباد ٿيڻ لڳا ۽ هر طرف جا واپاري هتي اچڻ لڳا. پوءِ انهيءَ بندر جو نالو ڦيرائي”سورت آباد“ رکيائون. ان عبادتگاهه واري جاءِ تي مسجد جوڙايائون ۽ حوض به ٺهرايائون. چون ٿا ته اهو حوض راجه جي عبادتگاهه وارو هو. کوهه به ان جو ئي هو. آخر خواجه 103 ورهين جي عمر ۾ سال 1012هه ۾ گذاري ويو. کين ان جاءِ تي ئي دفن ڪيو ويو.

 

سيد محمد عيد روس

هيءُ سيد شريف جو پوٽو، حضرموت ۽ عدن جو رهندڙ هو. گجرات جي علائقي لاءِ کيس قطب مقرر ڪيو ويو. پوءِ گجرات ۾ اچي پنهنجو وطن دائمي ڪيائين ۽ خواجه ديوانه ۽ خواجه محمد دهدار فاني جو همعصر ۽ صاحب ڪمال به هو. ڪافي اهل الله ۽ بزرگ سندس معتقد هئا ۽ مٿي ڄاڻايل خواجن جي فوت ٿيڻ جي قريب فوت ٿي ويو. سندس مزار سورت بندر ۾ اهل الله ۽ خاص عام جي زيارت جو مرڪز آهي.

 

خواجه محمد دهدارفاني

هي پوين صوفي عالمن مان هو. علم شاهه فتح الله وٽ پڙهيو هئائين. جڏهن علي عادل جي وفات کان پوءِ هي اڪبري درگاهه ڏانهن ڀڳو ته خواجه محمد احمد نگر ۾ وڃي برهان نظام شاهه اعتبار جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي مملڪت جو ناظم مقرر ٿيو. انهيءَ دور ۾ شيخ حسن نجفي به احمد نگر ۾ آيو ته خواجه محمد سندس معتقد ٿيو. ڪيترائي سال سندس خدمت ۾ رهيو. پڙهيل ڪتابن کي وري ٻيهر پڙهيائين. صوفين جي طريقي جا آداب سکيو. جڏهن نظام شاهه جو پوٽو نظام شاهه ثاني ڄاڻايل سلطنت تي ويٺو ته حڪومت کي مضبوط ڪيائين ۽ ان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هو برهانپور ۾ آيو. اتان پوءِ بندر سورت ويو. سڀني ڳالهين ۽ معاملن کي ترڪ ڪري گوشئه نشيني اختيار ڪيائين.

خانخان، سندس ڏاڍو معتقد هو. 69 سالن جي عمر ۾  سن  1016هه ۾ گذاري ويو. سندس وفات جو سال هنن لفظن جي ماده مان اخذ ڪيو اٿن: ”خدا شناس“.

سندس تاليفات هي آهن: ”گلشن راز“، ”حاشيه نفحات“ ”حاشيه فصل الخطاب“، ”شعر خطبة البيان“ ۽ ديوان شعر وغيرهم.

سندس فرزند جو نالو محمد تقي هو. جنهن جو تخلص ”واقف“ هو، جيڪو صوفي مشرب جي علمن جو وارث ۽ وڏو ڄاڻو هو. اول عبدالرحيم خانخان سان وقت گذاريائين. شاهجهان جي اوائلي زماني ۾ بنگال جو حاڪم مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ معزول ٿيو. شاهي معززن جي درگاهه ۾ پنهنجي عمر پوري ڪيائين. شعر به سٺا چيا اٿس.

 

مخدوم شيخ عبدالاحد

ولد شيخ زين الدين بن شيخ عبدالحيّ بن شيخ محمود بن شيخ حبيب الله بن امام رفيع الدين فاروقي، شيخ عبدالقدوس جو تربيت يافتہ ۽ شيخ رڪن الدين جو فرزند ارجمند ۽ سندس جانشين هو.

قادريه ۽ چشتيه سلسلي جي خلافت جي اجازت انهن کان ورتي هئائين. سير و سياحت کان پوءِ ڪابل جي سرحد وٽ قديم آباد کي پنهنجو وطن بڻايائين. ظاهري ۽ باطني علمن جي فيض کي پهچائڻ خاطر هدايت ۽ ارشاد جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ڪيترن ئي شاگردن کائنس فيض پرايو، جن مان هڪ ممتاز شاگرد شيخ مير هو، جيڪو لاهور ۾ گذاري ويو.

چشتي طريقي ۾ عبدالاحد جي خلافت جي نسبت هن ريت آهي: هيءُ شيخ رڪن الدين کان، اهو پنهنجي پيءُ شيخ عبدالقدوس کان، اهو وري پنهنجي پيءُ شيخ محمد عارف کان، هن پنهنجي پيءُ شيخ عبدالحق احمد کان، هن شيخ جلال پاڻي پتي کان ۽ هن شمس الدين ترڪ پاڻي پتي کان، هن علاؤالدين احمد صابر کان ۽ اهو فريدالحق والدّين مسعود اجوڌني سان وابسته هو.

سندس قادري نسبت هن ريت آهي: ان ميرابراهيم معين السحني ايرجي قادري کان، ان شيخ بهاؤالدين شطاري حسني قادري کان، ان شيخ احمد حلبي قادري کان، ان پنهنجي والد سيد موسيٰ قادري کان، هن پنهنجي والد سيد ابي صالح کان، هن پنهنجي والد عبدالرزاق کان ۽ ان پنهنجي والد غوث الثقلين قدس سره (حضرت سيد شيخ عبدالقادر جيلاني کان فيض پرايو.

 

شاهدي عبدالواحد

هيءُ ابراهيم بن قطب جو فرزند هو. عارف رباني ۽ قطب سلطاني هو. اصل ۾ سندس قديم وطن بلگرام هو. سندس وڏا آهستي آهستي لڏيندا ٻئي وطن ۾ آباد ٿيا، پر هيءُ آخر موٽي بلگرام آيو. هميشه لاءِ اتي سڪونت اختيار ڪيائين. اتي سندس اولاد جو وڏو محلو قائم ٿي ويو. سندس ارادت جي نسبت سيد حسين سڪندريه تائين پهچي ٿي. سندس ڪافي تصنيفات آهن، جيڪي حقائق ۽ معارف تي مشتمل آهن. مثلاً شرح ڪافيه نحو ابن حاجب تا بحث غير متصرف تصوف جي معنيٰ ۽ تفصيل بيان ٿيل آهي.

اڪبر بادشاهه ڏاڍي تعظيم ۽ عزت سان گهرائي کيس رمبتيءَ ۾ سيوغال جو عامل مقرر ڪيو هو.

ڪتاب نفايس المآثر جو مصنف کيس قنوج جي اڪابر سادات ۾ شمار ڪري ٿو. بلگرام جو علائقو قنوج سرڪار جي ماتحت هو. سندس وفات سن 1017هه ۾ ٿي. سندس وفات جي تاريخ هن بيت جي اعداد مان ڪڍي وڃي ٿي:

بيت

برفت واحد صوري و معنوي گفتم

هزار و هفده شب جمعه ماه صوم سيوم

يعني واحد صوري اڻويهه عدد واحد معنيٰ هڪ جيئن ته ڪل عدد ويهه ٿين ٿا، ٻئي مصرع جو مطلب حاصل آهي. هنن لفظن ۾ سندس وفات جي تاريخ آهي ۽ پڻ عدد ۾ صوري ۽ معنوي جي وضاحت آهي.

مولانا سبحاني

هيءُ اصل جرجان علائقي جو هو. نجف اشرف جي آستانه مسجد ۽ قبه مبارڪ جي ڪيترائي سال ٻهاري ڏيندڙ هو. ساري عمر بازار ۾ ان جون گهٽيون به ڪونه ڏٺيون هئائين ۽ زندگي جي سامان ۾ هڪ وڇاڻو ٻوريءَ جو هڪ سِرَ ۽ هڪ ڪؤنري تي قانع هو. شعر ۽ رباعيون تمام گهڻا چوندو هو. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعي پاڻي تي سندس اچڻ ٿيو. گهريائين ته ٽپي وڃان، پر سندس پير هيٺ گپ ۾ گپي ويو. دل ۾ چيائين ته بچائڻ جوايترو به وَس ڪونه اٿم، يعني پنهنجي هن ديوان شعر کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شيءِ تي وس يا تعلق ڪونه اٿم. پوءِ ان کي به درياء داخل ڪري ڇڏيائين. ان وقت هوا جو طوفان آيو، جنهن ديوان جي ورقن کي اُڏائي درياء جي پاڻي کان بچائي وڃي ماڻهن وٽ اُڇلايو.

ستر هزار رباعيون چيل هيون ۽ تقريباً ويهه هزار شعر باقي رهيا. سندس وفات جي تاريخ ۽ سن 1035هه آهي.

شاهه اسڪندر

شاهه ڪمال، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هيءُ ان جو پوٽو هو. پنهنجي وڏن جي ورثي کي سنڀاليندي، ماڻهن کي ان جو فيض پهچائيندو رهندو هو. صاحب ڪرامات ۽ ڪمال هو. سندس باري ۾ حضرت سرهندي فرمائيندو هو ته سج جي تاب ڏانهن بآساني نظر ڪري سگهجي ٿيو. ليڪن شاهه اسڪندر جي دل جي نور جي تاب پسڻ جي نظر کي ڪابه راهه ڪونه آهي.

سندس وفات سن 1023هه ۾ ٿيو.

 

شيخ مبارڪ

هيءُ شيخ خضر جو فرزند هو، شيخ خضر جو بيان اچي چڪو آهي. سندس ولادت سال 911هه ۾ سنڌ ۾ ٿي ۽ 120 ورهيه سندس عمر هئي. پنهنجا اڪثر اوقات اڪبرآباد ۾ علوم معقول ۽ منقول جي فيض پهچائڻ ۽ سلوڪ جي سيکارڻ ۾ بسر ڪيائين.

شيخ فيض بخاري ۽ شيخ عمر ٺٽوي جو مريد هو.

سال 1031هه ۾ فوت ٿي ويو.

دانشمند شيخ فيضي ۽ ابوالفضل جيڪي مشهور ۽ معروف آهن، سندس ئي فرزند هئا.

 

شيخ عيسيٰ سنڌي

سندس لقب، جندالله هو. شيخ محمد لشڪرعارف جو مريد هو، جيڪو شيخ محمد غوث گوالياري جو خليفو هو.

سندس تصانيف مان، تفسير انوار الاسرار مشهور آهي. سندس خليفن مان هڪ خليفو برهان شطاري برهانپوري نالي سان معروف آهي.

سندس وفات جو سال 1031هه آهي.

 

شيخ عبدالستار

هيءُ شيخ عيسيٰ سنڌيءَ جو فرزند هو. برهانپور ۾ پنهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو. صاحب ڪرامات ۽ مقامات عاليه هو. مشهور ۽ معروف هو. خاص ۽ عام ڪافي سندس معتقد ۽ مريد هئا.

 

شيخ عبدالله شطاري

هيءُ شيخ محمد غوث جو خليفو هو. سندس مؤلفات مان رساله اوراد صوفيه، اصحاب دعوت لاءِ هڪ سَنَدَ آهي.

 

سيد جلال

هيءُ سيد لِله متعلوي جو فرزند هو، بزرگ سيد عبدالڪريم جو ڀاءُ هو. وقت جو عارف هو. پنهنجي ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. سيد عبدالڪريم کان روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ اِن سان گڏ طبق ۾ طعام کائيندا هئاسون ته اوچتو طعام جو طبق غائب ٿي ويندو هو. پوءِ منهنجو ڀاءُ ان وقت ئي ٻاهر وڃي ٻوٽن منجهان کڻي ايندو هو.  ڪيترا دفعا هي روداد ٿي ته ظاهراً ان کي جنات کڻي ويندي هئي جو ساڻن ڄاڻ سڃاڻ هئي.

 

سيد عبدالڪريم

هيءُ سيدلله جو فرزند هو. سن 944هه ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ ئي هن سخت رياضتون ڪيون. اسر جو اٿي مسجد ۾ ويندو هو. باک ڦٽيءَ جي بانگ ڏئي، مسجد ۾ ئي جماعت جو انتظار ڪندو هو. جماعت سان نماز پڙهي پوءِ اشراق تائين عبادت ۾ مشغول هوندو هو. پوءِ گهر ايندو هو. نيرن جي ماني تيار ڪري، پنهنجن ٻارن کي کارائيندو هو. گداگري ڪري کاڌو آڻي فقرآء کي کارائيندو هو. ان کان پوءِ پنهنجا ڏاندَ ڪاهي زمين ڏانهن وڃي پاڻ هر ڪاهيندو هو. منجهند وقت موٽي گهر ايندو هو. ڏاندن کي گاهه وجهندو هو. ڏاندن جو گاهه خود ڪندو هو. ظهر جي نماز لاءِ مسجد ۾ وڃي بانگ ڏيندو هو. بدستور جماعت سان نماز پڙهي، پوک ڏانهن ويندو هو. ڍورن جو گاهه ڪندو هو. گاهه کارائي وري کين پاڻي پياريندو هو. پوک کان موٽي اچي مسجد ڏانهن ويندو هو ٽپهري (وچين) نماز ۽ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز تائين مسجد ۾ ئي عبادت ۾ مشغول هوندو هو. سومهڻي جي نماز پڙهي، گهر اچي ڪم ڪار ڪندو هو. کاڌو تيار ڪري پنهنجن ٻارن کي کارائيندو هو. گدا ڪيل ڪشڪول وارو کاڌو فقرآء کي کارائيندو هو. پنهنجي ڳوٺ کان روانو ٿي راهوٽ ڳوٺ ڏانهن ويندو هو. رستي ۾ جيڪا به ڪا مسجد هوندي هئي، ان ۾ وضو لاءِ پاڻي ڀري رکندو هو. استنجي لاءِ ڀتر رکي ڇڏيندو هو. سُتلن کي عبادت لاءِ اٿاريندو هو. اتان روانو ٿي ٺٽي ۾ اچي اتان جي مسجدن جو به پاڻي ڀريندو هو. اتان هڪ ندي پار ڪري مڪليءَ ۾ اچي سڀئي زيارتون ڪندو هو. پوءِ ٺٽي جي مسجدن جي خدمت ڪري، پوءِ پير پٺه جي زيارت لاءِ سندس قبر تي ويندو هو. اتان ڳوٺ به ڳوٺ مسجدن جي خدمت ڪندو، پوري پرهه ڦٽي کان اڳ پنهنجي ڳوٺ واري مسجد ۾ پهچي، صبح جي بانگ چوندو هو. اها خبر ڪنهن کي به ڪونه هوندي هئي. انهي طريقي ۽ رياضت تي ڪيترائي سال گذاري پنهنجي ڪماليت ۽ معرفت تي پهچي ويو. تهجد جي نماز ۾ جڏهن بيهندو هو ته پهرين ئي رڪعت ۾ ايتري قدر ته گريه ۽ زاري ڪندو هو، جو مٿس بيخوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. پهرينءَ ئي رڪعت ۾ صبح ٿي ويندي هئس، ٻي رڪعت پڙهي نه سگهندو هو. تعجب سان چوندو هو ته ماڻهو الاجي ڪيئن تهجد جي نماز پوري ادا ڪن ٿا.

سندس تفصيلي احوال ”ڪتاب تنبيہ الغافلين“ ۾ آهي. سيد محمد يوسف رضوي بکري، مخدوم نوح ۽ مخدوم آدم سميجو رهندڙ ڳوٺ ”کلو“ وغيره اڪابر مشائخ جي صحبت اختيار ڪري، فيض حاصل ڪيو هئائين. ليڪن خاص نسبت مخدوم نوح ﷥ سان هئس. ان کان ڪامل فيض پرايو هئائين. سندس ئي اشاري سان ”بلڙي شهر“ کي وسايو هئائين. سيد ابراهيم بجاراڻي ۽ سيد محمد يوسف رضوي کان به ڪافي فيض وٺڻ جو ذڪر آيل آهي.

آخر ڇهاسي سالن جي عمر ۾ سن 1031هه ۾ گذاري ويو. کيس اٺ فرزند هئا، جن جا نالا هي آهن:

(1) سيدلِله: سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو هو.

(2) سيد عبدالرحيم: ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح ﷥ فرمايو هو ته هيءَ ڄمندي ڄام آهي بزرگ ٿيندو، الله تعاليٰ جو شڪر ڪيم ته الحمد لله سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو. قضا الٰهي جو هو پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ گذاري ويو. ۽ مقام عاليه جو صاحب هو.

(3) سيد جلال: هيءُ پنهنجي چاچي سڳوري جي نالي سان هو عابد ۽ زاهد هو.  هڪ ڏينهن هالاڪنڊي ٿي ويو ته رستي ۾ ڌاڙيلن کيس شهيد ڪري ڇڏيو.

(4) سيد برهان: هو پنهنجي والد وانگر ڪمالن وارو بزرگ هو. کيس الله تعاليٰ وڏي قوت ڏني هئي ۽ هيءُ به پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي گذاري ويو.

(5) سيدلِله ثاني: سالڪ ۽ مجذوب هو. سير ۽ سياحت ۾ هوندو هو. پنهنجي پيءُ کان ڪافي زماني کان پوءِ گذاري ويو.

(6) سيد دين محمد: (سندس ذڪر ايندو)

(7) سيد محمد حسين: سندس والد کيس خادم الفقرآء جو لقب ڏنو هو. مريدن ۽ خادمن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن اوهان کي دعا جي ضرورت پوي ته کانئس دعا ڪرائيندا رهجو.

(8) سيد عبدالقدوس: هيءُ ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءُ جي هوندي گذاري ويو. سيد عبدالڪريم سندس شان ۾ فرمايو هو ته خدا تعاليٰ کان گهريم ته سڳورو پٽ عطا فرماءِ ته آءٌ انهي کان تنهنجون ڳالهيون پڇان، (۽ کيس ڄمندي ئي معرفت عطا ڪريان) چيو وڃي ٿو ته هو راند ڪندڙ ٻارن کي گڏ ڪري، حلقه ٻڌي ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندو هو.

 

سيد دين محمد

هيءُ سيد عبدالڪريم جو فرزند هو. سيد عبدالڪريم پنهنجي وفات وقت پنهنجي پٽ سيد دين محمد کي سڏي ولايت جي امانت کيس حوالي ڪئي ۽ پنهنجو جانشين بڻائي، ارشاد جي مسند به سندس حوالي ڪيائين. هن پنهنجي پيءُ جي سلسلي کي، خادمن ۽ سندس مريدن ۾ ساڳيءَ طرح قائم رکيو. سيد عبدالڪريم جا ڪيترائي خليفا صاحب معرفت مخفي ۽ ظاهري ڪماليت کي پهتل هئا، جن ۾ نامور هي آهن:

درويش عبداللطيف، مخدوم ضياءالدين دانشمند ڪامل، درويش سمو ميان عبدالقدوس، ميان عبدالله، درويش هارون ۽ درويش الهڏنو زرگر ٺٽوي. هر هڪ سيد عبدالڪريم جي فيض جي نظر جو خادم ۽ ڪامل هو. مراد نهرئي پهريائين ٻئي کي پير بنايو هو، اهو فوت ٿي ويو. بعد ۾ سيد عبدالڪريم جي خدمت ۾ اچي ڪماليت کي رسيو.

سيد دين محمد کان پوءِ سندس پٽ عبدالدليل سندن گاديءَ تي ويٺو. ان کان پوءِ سيد عبدالغني، ان کان پوءِ سيد عبدالواسع، ان کان پوءِ سيد محمد زمان، تنهن کان پوءِ سيد مقيم شاهه ان کان پوءِ سيد عبدالواسع پنهنجي ڏاڏي جي گاديءَ کي وسائيندا آيا.

 

حضرت مجددالف ثاني شيخ احمد  سرهندي نقشبندي فاروقي

هيءُ شيخ عبدالاحد اول جو فرزند هو. علم جي تحصيل کان پوءِ سلسله چشتيه ۽ قادريه جي تربيت پنهنجي والد سڳوري کان ورتائين. چند ٻين مشائخ جي صحبت ۾ به رهيو. آخر خواجه باقي بالله جي خدمت ۾ اچي ان سان وابسته ٿيو. ان جي تربيت سان ولايت جي اعليٰ مقام تي پهتو. پوءِ هن ذهبيه نقشبنديه سلسلي کي رواج ڏنو. جناب مرشد کان صاحبِ ارشاد ٿيو.

الله تعاليٰ جي فضل سان اهو فيض سندس پوين ۾ به قائم دائم رهيو، جو پاڻ به شريعت ۽ طريقت تي قائم رهيا. مخلوق کي اها واٽ ڏيکاريندا رهيا. سندس ولادت سن 971هه ۾ ٿي. رحلت سن 1034هه ۾ ٿي.

سندس خليفا ۽ معتقد ماڻهو بيشمار هئا، جن مان ڪِن جو تذڪرو هت ڪيو پيو وڃي:

مير محمد نعمان برهانپوري: هيءُ سندس خليفو صاحب ارشاد هو.

سيد جمال: هي سندس خاص مريدن مان هو.

شيخ بديع الدين: سندس خليفن مان هو.

مولانا يوسف سمرقندي: سندس فرزند جيڪو پڻ اولين مريدن مان هو.

مولانا محمد امين: هيءُ اول خواجه ديوانه سورتي جي مريدن مان هو. ان کان پوءِ حضرت جن وٽ آيو. بعد ۾ حضرت جي فرزندن سندس سلوڪ جي تڪميل ڪرائي.

خواجه ماهه: خواجه عبدالرحمٰن نقشبنديءَ جو فرزند هو.

خواجه قاسم: تلنبيہ ڪي جو رهندڙ هو.

ملااحمد: متڪمل ڪوٽي. ان مان شاه حبيب الرحمٰن.

محمد هاشم بن محمد قاسم نعمان بدخشاني:

 شيخ شاهه محمد (شيخ احمد جو ڀاءُ).

شيخ محمد مسعود، شيخ غلام محمد ۽ شيخ مودود ۽ انهن مان هرهڪ علوم غيب جو ڪاشف ۽ حقائق جي اسرار جو عارف هو. هرهڪ پنهنجي پيءُ جي طريقي تي اوقات بابرڪات بسر ڪندو رهيو. سندس جانشين سندس ئي فرزند خواجه محمد مسعود ٿيو.

 

شيخ تاج الدين

هيءُ هندوستان جي بزرگن جي فرزندن مان هو. حضرت خواجه باقي بالله جي مکيه مريدن مان هو. سندس اصل وطن سنبل هو. آخر حرمين شريفين جي زيارت، شرف ۽ تعظيم کان مشرف ٿيو. حرم جي اڪابرن مان شيخ احمد دحلان کان نقشبندي طريقي جي اجازت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ وري پنهنجي وطن واپس آيو. وري ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻئي دفعي حجاز لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ ليہ ۽ بصره وٽ قيام ڪيائين. سندس ڏاڍو آدرڀاءُ ٿيو. ڪيترائي غيرواقف ماڻهو سندس ساٿي ٿي ساڻس گڏ حج لاءِ روانا ٿيا. پوءِ هميشه لاءِ اتي رهي پيو.  سن 1037هه ۾ وفات ڪيائين.

 

شيخ آدم بنوري

هيءُ حضرت مجددالف ثاني جي خليفن مان صاحب جذبه ۽ سڪر خليفو هو، جيئن ته ٻين خليفن محبت ۽ عقيدت جي پيش نظر مرشد شيخ محمد معصوم جي جانشين کي گهٽ ڪرڻ نٿي گهريو، تنهن ڪري ان جي طريقي سان وابسته رهيا. انهي ڪري ارادتمندن ان کي ”محدث“ ۽ هن کي ”بنوري“ جي نالي سان سڏڻ لڳا. شاهه فقيرالله جيڪو شڪارپور جو هو ۽ سندس ذڪر ايندو، تنهن جي نسبت هن سان وابسته هئي.

 

شيخ مير محمد عرف ميان مير

هيءُ قاضي سائين ڏني سيوهاڻيءَ جو پٽ هو. اوليائن جو اڳواڻ ۽ پنهنجي وقت جو قطب هو. سندس والد، والده ۽ همشيره، هرهڪ حال ڪشف ۽ ڪرامات جو صاحب هو. سٺ سال لاهور جي شهر ۾ رهيو. شيخ خضر قادريءَ جو مريد ٿيو سندس مريدن جي هڪ وڏي جماعت صاحب ڪمال هئي. داراشڪوه به سندس مريد هو. 88 سالن جي عمر ۾ سنه 1045هه ۾ گذاري ويو. سندس مزار ڳوٺ هاشم پور ۾ آهي.

 

شيخ بلاول لاهوري

هيءُ شيخ شمس جو مريد هو. صاحب معرفت ۽ صاحب ڪرامات هو.  سن  1046هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ عبدالحق محدث دهلوي

هيءُ سيف الدين دهلوي جو فرزند هو. سندس تخلص ”صفي“ هو. شيخ عبدالوهاب متقيءَ جو فيض يافته هو. سلوڪ ۾ معالم غيب کان واقف ٿيو. 102 ورهين جي عمر ۾ سال 1051هه ۾ گذاري ويو. ”بهشت مرقد“ مان سندس وفات جي تاريخ ڪڍي وئي. سندس فرزند جي نالي شيخ نورالحق سندس جانشين ٿيو.

 

سيد محمد قاسم مشهدي

هيءُ سيد احمد مشهديءَ جي اولاد مان هو، ننڍپڻ ۾ ئي سيد عبدالڪريم جي فيض جي نظر کيس نصيب ٿيو.

روايت آهي ته سيد عبدالڪريم ٺٽي ۾ آيل هو. هڪ دفعي مسجد خسرو جيڪا سادات مشهدي جي محلي سان لڳ هئي، محله جو نالو مغلواره هو. ان مسجد ۾ آيو ته خلق جي هجوم ۾ سيد قاسم به سيد عبدالڪريم جي ڀرسان آيو. سندس هٿ ۾ سبق جي ڦرهي هئي. سيد موصوف پڇيو ته هي ٻار ڪنهن جو آهي؟ چيائون ته سيد زاده فلاڻي خاندان مان آهي. پوءِ مٿس مهربانيءَ جي نظر ڪيائين. سندس لاءِ دعا گهريائين.

سيد محمد جعفر مهدوي سيد محمد يوسف رحمة الله عليہ جو پوٽو هو. سيد عبدالڪريم جي خادمن جي سلسلي مان هو. مٿس اهو ذمو هو ته روزانو زيارتن کي گڏ ڪري ٺٽي ۾ وٺي ايندو. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سيد يوسف کي پنهنجي جاءِ تي سجاده نشين بڻايو ويو. اڳين جانشين سيد دين محمد ولد سيد عبدالڪريم پنهنجي جانشينيءَ تان دست بردار ٿي، اها خدمت سيد مذڪور محمد يوسف جي حوالي ڪئي، ڇو ته سيد عبدالڪريم ننڍپڻ ۾ مٿس توجه جي نظر ڪئي هئي. هن وقت ان جي جلوه جي ظهور جو اثر نڪتو.

سيد قاسم ۾ اولياء ڪرام ۽ مشائخ جا ڪامل اوصاف موجود هئا. خلق جا هجوم فيض جا طالب هوندا هئا.

آخر پنهنجي ئي شهر ۾ سن 1054هه ۾ گذاري ويو.

سندس وفات جي تاريخ هنن لفظن جي ماده مان نڪري ٿي: ”في جَنّة عَالِية“.

 

سيد ابوالمڪارم

هيءُ سيد احمد مشهدي جي پوٽن مان هو. سيد محمد قاسم جو ڀاءُ هو. پنهنجي وقت جو بيمثال عالم هو. سندس وقت ۾ سيد علي ولد سيد شرف الدين جيڪو حضرت غوث الثقلين جن جي اولاد مان هو، اتي اچي وارد ٿيو. ان تي به علم باطن جي تحصيل جو جذبو غالب هو. انهيءَ ڪري سيد موصوف جي خدمت ۾ آيو ۽ علم جي حصول ۾ مشغول ٿي ويو. پوءِ صاحب اجازت ۽ ارشاد ٿيو. بيشمار سندس مريد ٿيا. جهانگير بادشاهه جڏهن هن جي بزرگي جو چرچو ٻڌو ته سندس معاش لاءِ ڪافي هديه مقرر ڪيائين. خسرو خان چرڪس دارالسلام روانو ٿيو ۽ سن 1066هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس وفات جي تاريخ هنن لفظن جي ماده مان اخذ ڪئي وئي آهي: ”ستون دين افتاد“.

 

شيخ نورالحق مشرقي

هيءُ پنهنجي پيءُ حضرت شيخ عبدالحق دهلويءَ جو فيض يافته ۽ جانشين هو. قادريه سلسله نسبت رکندڙ هو. 92 سال جي عمر ۾ گذاري ويو. عالمگير سندس زيارت لاءِ ارادو ڪيو هو. 80 سال جي عمر کان مٿي هو. برهانپور ۾ 1068هه ۾ گذاري ويو.

 

شيخ پير محمد

هيءُ شيخ عبدالله زندهه پوش جو مريد هو. سندس وطن اصل ڪوهه لبنان هو، سندس نسبت ارادت چشتي سلسلي سان هئي. پير محمد انهيءَ سلسلي سان ڪافي مخلوق کي فيض پهچايو هو، جيڪي ڪماليت کي پهتا. آخر سن 1085هه ۾ برهانپور ۾ فوت ٿي ويو. سندس وفات جي تاريخ هنن لفظن جي عدد مان اخذ ڪئي وئي آهي: ”بخدا پيوست“.

 

خواجه معصوم سرهندي نقشبندي

هيءُ خواجه احمد مجدد الف ثاني جو فرزند ۽ جانشين هو. حضرت خواجه معصوم پنهنجي والد جو پهريون پٽ هو. حضرت ثاني جن هن کي انهيءَ لقب سان عظيم اشارو ڏنو هو ته وقت جو شيخ سيد قطب اچڻ وارو آهي، جيڪو جهان کي نقشبندي طريقي سان فيض رسائيندو. ڇو ته سندس والد سڳورو ٻين طريقن مثلاً: قادري، چشتي مداريه جو به مجاز هو. هيءُ  سن  1099هه ۾ فوت ٿي ويو.

اڪثر ملڪن ۾ سندس خليفا ۽ مريد بيشمار آهن، جن مان مکيه خليفا هي هئا:

سيد ابوالخير شاهه آبادي

شيخ عليم جلال آبادي

شيخ بايزيد سهارن پوري

شيخ منصور جالنڌري

شيخ محمد صديق نشوري

شيخ ابوالفضل ڪشميري

حاجي محمد عاشور،جيڪو سندس ڪتاب ”مڪاتيب“ جي ٽئين جلد جو جامع آهي.

محمد مؤمن گيلاني

حافظ ابوالقاسم بن محمد مراد لاهوري

محمد بن محمد طيب جاهد عامري تهامي

مولانا محمد امين جامع آبادي

حاجي خطيب حصاري

قاضي عارف ڪشميري

ملا مشتاق بهرني

شيخ درويش جالنڌري

ملا قاسم روپري

خواجه محمد صديق بخاري

مخدوم آدم بنوري

ميان گوهر محمد ٺٽوي

 

شاهه خوب

هيءُ پنهنجي وقت جي مشائخ مان هو. گجرات جي برگزيده اولياء مان هو. گجراتي زبان ۾ هڪ منظوم رسالو نالي ”خوب ترنگ“ لکيو هئائين، جيڪو فارسي رسالي ”امواج خوبي“ جو ترجمو هو. سالڪان حق لاءِ عجيب ڪتاب آهي. جنهن ۾ موحدن لاءِ قاعدا ۽ قانون بيان ٿيل آهن، جنهن ۾ معرفت ڏانهن هڪ عظيم دعوت آهي. اڪثر مخفي اسرارن کي هن علم جي عبارت ذريعي وضاحت طور بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ذريعي ولايت جي موحدن کي مولانا روم جي مثنوي جي طريقي تي درس ڏنو ويندو هو. ان کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا.

سندس وفات شاهجهان جي عهد حڪومت ۾ بيان ڪئي پئي وڃي. سندس قبر گجرات جي احمدآباد جي شهر جي چونڪ ۾، مخلوق جي زيارت جو مرڪز آهي.

 

شيخ برهان

بنگالي ۽ زنده پوش درويش هو، جيڪو رات جاڳي عبادت ڪندڙ، الله تعاليٰ جي اڳيان ساري رات زاري ڪندڙ، عالي مقام عارف ۽ عظيم ولي الله هو. شيخ عبدالاحد سندس زيارت ڪئي ۽ ان جو معتقد ٿي ويو.

 

شيخ عبدالغني

هيءُ عظيم سيرت جو مالڪ هو، ڪامل اهل الله صاحب وجد هو. دنيا دولت جي خرافات کان بي خبر ۽ بيپرواهه هو. ڪامل صاحب ڪشف هو. وڏي عمر وارو شيخ ۽ سون تپہ جو رهندڙ هو. شيخ عبدالله سرهندي ساڻس نيازمندي سان ملاقات ڪئي هئي.

 

خواجه حسام الدين

هيءُ خواجه باقي بالله جي مخلص مريدن مان هو. سندس والد قاضي نظام الدين بدخشاني هو. مولانا سعيد ترڪستاني جو هي پيارو شاگرد هو. مولانا المدقق احمد جنيد جو شاگرد هو. سندس والد قاضي نظام الدين آخر ۾ ڏاڍو امير ۽ سرمايه دار هئڻ سبب امراء ڪبار جي زمري ۾ شامل ٿي ويو هو. جڏهن هو فوت ٿي ويو ته ان جو سرمايو هن جي ورثي ۾ آيو، مگر پاڻ سڀ ڪجهه ڇڏي، ابراهيم ادهم وانگر ٻوري جي پوشاڪ ۽ ٽوپي پهري روانو ٿي ويو، ليڪن شيخ ابوالفضل اڪبري، جيڪو سندس سهرو هو، کيس واپس وٺي آيو. دنيا ۽ دين جي ڪلي فرائض پورا ڪرڻ لاءِ کيس سمجهايائين. پوءِ الله تعاليٰ جي عنايت ۽ خواجه جي خدمت جي جذبي کيس دنيا جي هر خوف ۽ بلا کان بچايو. خواجه باقي بالله کان پوءِ مخدوم زادن، شفقت ۽ عنايت طور خانقاهه جي خدمت ۽ درگاهه جون ذميواريون سندس حوالي ڪري ڇڏيون.

 

شيخ الهداد

هيءُ به خواجه بالله جي مخلص مريدن ۽ اجازت يافته خليفن مان هو.

 

شيخ يعقوب ڪشميري

هيءُ شيخ حسين خوارزميءَ جي بزرگ خليفن مان هو. شيخ احمد مجدد الف ثاني جي صحبت ۾ به رهي. کانئس فيض حاصل ڪيائين.

 

مخدوم صدّو لانگاهه

يعني صدرالدين ساڪن ڳوٺ نصريه ۽ تعلقو بٺورو. هيءُ پنهنجي وقت جو برگزيده بزرگ ۽ اڪابر مشائخ مان هو. چون ٿا ته هڪ پڪل طعام جو ٿانو مَٽ جي هيٺان رکي ڇڏيائين، جنهن مان ساري رات پاڻي ٽمندو رهيو. پوءِ کاڌي جي هر شيءِ خراب ٿي وئي. ڪجهه به نه رهيو. پوءِ ان چيو ته: يوم جديد، رزق جديد، (نئون ڏينهن، نئون رزق).

سندس مزار سيد عبدالڪريم متعلوي جي سادات جي ارادتمندن جي زيارتگاهه آهي، جيڪي اڪثر سندس به مريد آهن.

 

ملا آجب

هيءُ مخدوم صدهو جو پٽ هو. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس گاديءَ تي ويٺو. سندس اوصاف گرامي اهل دل وارن تي خودبخود ظاهر ٿيا. هيءُ بزرگيءَ جي نمائش کي پسند نه ڪندو هو، پر ڪامل اڪمل هو.

روايت آهي ته هڪ ڏينهن درياء کان پار ڪنهن ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا. عصر جي نماز جي وقت درياء جي ڪناري تي پهتا. مير بحر ٻيڙي کي ٻئي ڪناري تي بيهاري بيٺو هو. فقير ٻيڙي کي هن ڪناري تي آڻڻ لاءِ ڪافي سَڏَ ڪيا، مگر ميربحر چيو ته سڀاڻي صبح کان سواءِ ايڏانهن نه ايندس. سياري جي موسم هئي. خادم کيس عرض ڪيو ته هينئر ڪنهن ڳوٺ ۾ هلي رات گذاريون. صبح سوير هن جاءِ تي پهچي ٻيڙي ۾ سوار ٿي پار هلنداسون، فقير چيو ته خير آهي رات اتي ئي گذاريون ٿا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن رات چڙهي آئي ته الله تعاليٰ جي قدرت سان درياء لنگهڻ لاءِ رستو وچ مان ٺهي پيو. اللہ جي قدرت سان درياهه مان سَڏ ٿيندو رهيو ته ياشيخ! جيڪڏهن پار ٽپڻ جو ارادو اٿو ته هيءُ رستو کليو پيو آهي. مگر فقير قبول نه ڪيو. بار بار سَڏ ٿيندا رهيا، مگر هرگز قبول نه ڪيائين. پوءِ ٻئي ڏينهن ٻيڙي وارو آيو ته اهي پار ٽپي ويا.

سندس پٽ شهاب الدين پنهنجي ڏاڏي شاهه عنايت الله صوفي ۽ پڙڏاڏي فرجد جي طريقت جو بنياد قائم ڪيو.

 

شيخ محمد اشرف شطاري لاهوري

هيءُ شيخ فريد ڪهروال جو مريد هو. سندس ارادت جو سلسلو شيخ غوث گواليار تائين پهچي ٿو. عالمگير بادشاهه ان جي زيارت ڪئي هئي، پوءِ سندس ارادتمند ٿيو.

 

خواجه شهاب الدين

هيءُ خواجه ڪمال الدين هرويءَ جو فرزند ۽ خواجه احرار قدس سره جي اولاد مان هو.

روايت آهي ته همايون بادشاهه جڏهن افغانن جي دور ۾ شاهه ايران وٽ ويو ته موٽڻ وقت خواجه ڪمال الدين جي خدمت ۾ پهتو. مدد لاءِ دعا جي درخواست ڪئي هئائين. جڏهن اڪبر بادشاهه تخت تي ويٺو. تڏهن کيس خواجه ڪمال الدين جو سمورو احوال ڪيو ويو. اڪبر بادشاهه کيس استدعا ڪئي ته زيارت ڪرائڻ جو هتي اچي اسان کي شرف بخشيو. پوءِ هن پنهنجي پيرسني جو عذر پيش ڪري پنهنجي پٽ خواجه شهاب الدين کي سندس خدمت ۾ موڪليو. اڪبر کيس احترام ۽ عزت ۽ شفقت جي نظر سان ڏٺو. مٿس وڏيون مهربانيون ڪري رخصت ڪيائين. پوءِ هيءُ موٽي پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ آيو.

گهڻو وقت اڳي مير محمد حسين گيلاني، جيڪو حضرت غوث الثقلين قدس سره جي اولاد مان هو. پنهنجي نياڻي، خواجه شهاب الدين سان منسوب ڪئي، پر قسمت سبب شاهه بيگ سان گڏجي، قنڌار کان ٺٽي ۾ آئي. اتي ئي دائمي رهائش اختيار ڪيائين. آخر شهاب الدين پنهنجي والد کان شادي ڪرڻ لاءِ اجازت وٺي ٺٽي آيو، ڇو ته سندس مَڱ جا والدين ٺٽي لڏي آيا هئا ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ حالات موجب ٺٽي ۾ ئي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. هي صاحب ڪمال ۽ معرفت هو. علم ۽ حلم سان ساري زندگي گذاريائين سندس وفات کان پوءِ سندس اولاد اتي ئي رهي.

 

سيد ساجن

متعلوي سندس لقب هو. مخدوم نوح جي مريدن مان هو. پنهنجي وقت ۾ هيءُ اڪابر مشائخ جي زمري ۾ داخل هو. سندس درگاهه ڳوٺ ”ڪوچہ“ ۾ مشهور آهي.

 

سيد پني لڌو

هيءُ سيد ساجن جو پوٽو هو. خدا تعاليٰ جي ياد ۾ ايڏو غرق هوندو هو جو الله تعاليٰ جي مخلوق جهنگلي جانور ۽ پکي به کانئس نه ٽهندا هئا. شينهن ۽ بگهڙ سندس مجاوري ڪندا هئا. چون ٿا ته هڪ ڏينهن درياء جي ڪناري تي ويو ته ڏيڏر کيس ڏسي ٽهڻ ۽ ڀڄڻ لڳا. چيائين ته شايد مون کي اڃا غير ڏٺو اٿن ته پوءِ پورو ڏينهن ۽ رات ويهي روئڻ ۽ زاري ڪرڻ لڳو، تيستائين ڪندو رهيو جيستائين درياء مان اهي ڏيڏر نڪري ساڻس الفت نه ڪرڻ لڳا.

سندس فرزندن هر طرح چاهيو ته مٿس قبو ٺاهيو وڃي پر کين اجازت نه ملي.

 

سيد ابراهيم

هيءُ عجيب صاحب ڪمال ۽ نادر حال ۽ فقير گودڙي پوش ۽ صاحب اسرار هو. قلعه ڪلاڪوٽ جي ديوار جي پوئين پاسي مڪليءَ ۾ هڪ غار هوندو هو، جنهن ۾ گوشئه نشين ٿي، پنهنجو پورو پيارو وقت الله تعاليٰ جي ياد ۾ مصروف گذاريندو هو. جنات جو ٽولو سندس تابع هوندو هو. پنهنجا رنگ به ڏيکاريندو هو. ڪڏهن لڪل ۽ ڪڏهن مختلف صورتن ۾ ملبوس ٿي ايندو هو. انهيءَ ڪري ماڻهو کيس ابراهيم جن جي نالي سان ياد ڪندا هئا ۽ جڏهن فوت ٿي ويو تڏهن اتي ئي ڪلاڪوٽ قلعي جي پوئين ديوار جي پاسي ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهل راز جي زيارت جو مرڪز بڻيو.

 

سيد رحمت الله بخاري

هيءُ سيد طيّب بن سيد محمود جو فرزند هو. سيد محمود ارغون جي عهد ۾ گجرات کان لڏي ٺٽي ۾ آيو.

روايت  آهي ته هڪ ڏينهن ننڍپڻ ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏجي فرخ جامع مسجد ۾ موجود هو ته سيد ابراهيم موصوف اتي پهتو. ان صغير جي پيءُ سيد طيّب کي چيو ته پنهنجو هي پٽ مون کي الله جي نالي تي ڏي. سيد هائو ڪري ان صغير کي سندس حوالي ڪيو. پوءِ سيدزاده نينگر کي وٺي پنهنجي گهر آيو. سندس تربيت ڪيائين، تانجو هو ڪامل بزرگ ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويو.

سيد ابراهيم جي وفات کان پوءِ سيد رحمت الله پنهنجي والدين وٽ آيو. حياتيءَ جا اوقات ڪماليت سان گذاري آخرت جي راهه وٺي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com