سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:

صفحو : 28

خاتمہ

بعض مشائخ جي بيان ۾ جيڪي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ صاحب ڪمال ۽ شان وارا هئا.

 

شيخ عيسيٰ هتاز

نفحات ۾ ذڪر آهي ته هڪ دفعي هڪ بازاري (فاحشه) عورت وٽ ويو. کيس چيائين ته رات آءٌ تو وٽ ايندس. پوءِ رات جو انهيءَ عورت جي گهر ويو. ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي، ٻاهر موٽي آيو (اهو ڏسي) انهي فاحشه عورت توبہ ڪئي ۽ سندس پيرن تي ڪِري پئي. پوءِ هڪ درويش سان انهيءَ عورت جو نڪاح ڪيائين. وليمه جي طعام ۾ حلوو تيار ڪرايائين پر گيهه ڪونه هو. هڪ امير جنهن جي هيءَ عورت داشته هئي، تنهن چٿر طور ٻه بوتلون شراب جون ڀري، شيخ ڏانهن موڪلي ڏنيون (ته گيهه ڪري وجهو). شيخ اهي ٻئي بوتلون آڻيندڙ کان وٺي، حلوي جي مٿان هاريون ۽ حلوو کائڻ ويٺا (آڻيندڙ کي به گڏ کارايائون) صافي گيهه ٿي ويو هو، شراب نه رهيو. جڏهن امير اها ڳالهه ٻڌي ته توبہ ڪيائين. سندس مريد ٿيو.

 

شيخ سعيد حداد يمني

هيءُ مقامات عاليه جو مالڪ هو. عدن جي بازار ۾ خريد ۽ فروخت جو ڪاروبار ڪندو هو. وفات جي وقت فرمائڻ لڳو ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن سڀ هتي گڏ ٿجو، جو هڪ سائي رنگ جو پکي ايندو. پوءِ جنهن به شخص جي مٿي تي اهو ويهي ته منهنجو جانشين اهو ٿيندو. پوءِ اهو پکي هڪڙي شخص جي مٿي تي ويٺو جنهن جو نالو ”جوهر“ هو. اهو طريقت کان واقف هو، پوءِ اهو شخص آهستي آهستي ڪماليت جي درجي تي پهتو. شيخ جي قبر عدن ۾ آهي.

 

شيخ احمد بن حميد يمني

هيءُ متوڪل بزرگ هو، هڪ ڏينهن ڪوهستان ڏانهن (قبرن جي) زيارت ڪرڻ لاءِ ويو ته رستي ۾ شيخ سعيد، جنهن جي ڪنيت ابوعيسيٰ هئي، يمن جي نامور بزرگ سان مليو پوءِ سعيد به ساڻس گڏجي هليو. واٽ تي سندس ساٿ ڇڏي موٽي ويو. شيخ احمد کي اها ڳالهه ناپسند لڳي. زيارت ڪري موٽي سعيد وٽ آيو. کيس چيائين ته تنهنجي مٿان منهنجي معيار آهي جو مون سان پهريائين گڏجي هلئين، پر پوءِ واٽ تي ساٿ ڇڏي موٽي آئين. شيخ سعيد کيس چيو ته ان ۾ ڪابه معيار ڪونه آهي. شيخ احمد کيس چيو ته اُٿُ! انصاف ڪراءِ (شيخ سعيد) چيو ته جيڪو اسان کي اٿاريندو ته اسان ان کي ويهاري ڇڏينداسون. پوءِ انهي ٻنهي جي پاڻ ۾ بدعا سبب قدرتي طور شيخ احمد سنڌن جي سور ۾ مبتلا ٿي هڪ هنڌ ويهي رهيو. اُٿڻ ويهڻ کان عاجز هو. شيخ سعيد (خارش) جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، جو پنهنجي عضون کي کنهندي، کنهندي، پنهنجي کَل رڙهي ڇڏيندو هو. انهيءَ ئي مرض ۾ گذاري ويو.

 

شاهه مسعود ابدال

هيءُ قنڌار جي نامور مشائخ مان هو. سندس قبر متبرڪ هڪ پهاڙ جي دامن ۾ واقع آهي. انگور، صوف ۽ ڏاڙهون وغيره اڪثر ميون جا وڻ ۽ ميوا خودبخود پيدا ٿيندا آهن. مٺي پاڻيءَ جا چشما به جاري آهن. اتان جي ڳوٺ وارن جو دارومدار انهن ميون تي آهي. اهڙي طرح چوڻ آهي ته برگزيده بزرگ جي حياتيءَ ۾ سندس ڪرامت جو اهو ڦل آهي ته کانئس پوءِ يادگار رهي ۽ ان پهاڙ جي ويجهو هڪ زمين جو ننڍو ٽڪرو آهي، جنهن ۾ گدرا، هنداڻا جام ٿيندا آهن. انهن کي پاڻي قدرتي ڪاريزون ڏين ٿيون. عام طور زمين سخت ۽ پٿريلي آهي. مگر جتي گدرا وغيره ٿين ٿا، اها زمين بلڪل نرم آهي.

 

خواجه ملڪ

سندس مزار ارغنداب جي ڪناري تي قنڌار جي علائقي ۾ واقع آهي. فيض جي اها عجب جاءِ آهي. انهيءَ علائقي جا باشندا حضرت خواجه کي ”امير ولايت“ جي لقب سان سڏيندا آهن. زميندار ۽ هاري پنهنجي پوک جي پوکڻ وقت، خواجه جي اولاد جو حصو مقرر ڪندا آهن. گهر ويٺي انهن کي پهچائيندا آهن. جيڪڏهن حصو مقرر نه ڪندا آهن ته مٿن آفت ايندي آهي.

خواجه علي نيتاز

هيءُ صاحب ڪرامات هو. قنڌار جي علائقي ۾ ڳوٺ ڪندڪان ۾ مدفون آهي کيس ”ني تاز“ (خچر سوار) به سڏيندا هئا. هڪڙي ڏينهن خچر تي سوار هو. مهمان جي جڳهه تي پئي ڦِريو ۽ گهر جي مالڪ کان خچر جي داڻي جي طلب ڪيائين ته هن مسخري طور کيس چيو ته گودام اناج سان ڀريو پيو اٿئي. ان رات صبح جو ڏٺائين ته گودام اناج کان خالي آهي. البته لِڏ سان ڀريو پيو آهي.

 

پير يڪشنبهي (سومر پير)

سندس مزار جيل لڪ جي دامن واري قبرستان ۾ واقع آهي. قنڌار جي اڪثر ماڻهن سومر جي رات سندس قبر تي روشني ڪرڻ کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي. هن تقريب ۾ ان رات سندس قبر تي 120 ڏيئا روشن ڪندا آهن.

 

چتر پير

سندس عجائب ڀري مزار ڀڙوچ ۾ آهي. سندس قبر جي مٿان چوڌاري مزار جي بالائي حصي کان صاف ۽ اونهون پاڻي جاري آهي، مگر ان جي وهڻ ۽ نڪرڻ جو رستو ڪنهن کي به معلوم ڪونه آهي. قدرت سان هميشه وهندو رهي ٿو. اڻ کُٽ آهي.

تازو، داماچي ڪايڪ مرهٽي هتي اچي پڙاؤ ڪيو. ٻڌائين ته هي پاڻي ڪيتري به استعمال ڪرڻ سان گهٽجي نٿو. آزمائش لاءِ پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنائين ته جانور (گهوڙا اُٺ وغيره) ۽ انسان سڀئي انهيءَ پاڻيءَ کي پيئندا ۽ استعمال ڪندا رهو. هزارين جانورن، ماڻهن انهي پاڻيءَ کي استعمال ڪيو پر انهيءَ مان هڪ ڦڙو به نه گهٽيو.

روح کي ڪشش ڪرڻ واري سندس مزار چتر کان اڌ ميل پنڌ تي خلق جي ننڍي، وڏي شخص جي رجوع جو مرڪز آهي.

 

ابوسليمان دارائي

هيءُ نهايت خليق ۽ من کي موهيندڙ بزرگ هو.

تذڪرة الاولياء ۾ کانئس روايت آهي ته هڪ رات هڪڙي حور ڇت تي ڪنڊ ۾ کِلي رهي هئي ته سندس رخ جي روشني بيحد چمڪي، چيم ته اها روشني ڪٿان نڪتي؟ چيائين رات چند قطرا سندس رخ جا هيٺ ڪِريا. انهن سان منهنجو منهن ڌوپي ويو ۽ هن کان وڌيڪ باڪمال ڳالهه هيءَ آهي ته اوهان جي اک جو پاڻي، حورن جي ڳِلن جي سرخي آهي.

فرمايائين ته ماڻهن جو جڏهن ڍؤ ٿيندو آهي ته سندس عضوا بکايل ٿي ويندا آهن.

فرمايائين ته: رضا اها آهي ته الله تعاليٰ کان نه بهشت جي طلب ڪري ۽ نه وري دوزخ کان پناهه گهري.

فرمايائين ته هر ساعت جيڪا دنيا ۾ ذوق نه ڏئي، سا آخرت جو ثمر نه بخشيندي .

 

شيخ عبدالواحد هروي فارغي

هيءُ طريقت جو سالڪ ۽ زهد، تقويٰ ۽ هدايت جي طالبن جو رهنما هو. ڪافي ماڻهو، سندس ارادتمند هئا. اڪثر شعر سان رغبت رکندڙ هو. ان جي ڪشفي معنيٰ بيان ڪندو هو.

 

شمس الدين محمد قائيني

بن امين الدين هيءُ وڏن مشائخ ۽ نامور اوليائن مان هو. هرات ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. صاحب هفت اقليم هو. سندس ڪلام ۾ هيءَ رباعي لکيل آهي:

 

رباعي

خلق خوش نو بهار باغ تو بس است
تسليم و رضا چشم چراغ تو بس است
ورزا که نعوذ بالله آن وصف تو نيست
محرومي ازين صفات داغ تو بس است

 

 

مولانا ولي

سرزمين خراسان جا ماڻهو ڪمزوريا طاقتور، خصوصاً سيوهڻ جا باشندا چاهي پوڙهو هجي يا جوان سڀئي سندس اعتقاد جي مقام ۾ فرمانبردار هئا. کيس عِلم شعر جي مهارت به روشن ڪيو. سندس ديوان مروج آهي.

 

شيخ ابوعلي ابوبايان

هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته دمشق ۾ ننڍي عمر جو خوبصورت نوجوان، جيڪو فدائين مان هو. حق جي طالبن سندس لاش کي قزوين پهچايو. قزوين وارن انهيءَ جڳهه تي جيڪا خواب ۾ ڏٺي هئائون، سندس مزار ٺاهي.

 

شيخ سعدالدين قلتق خواجه خالدي

هيءُ وقت جو وڏو برگزيده بزرگ هو. سندس برڪت سان بي انداز بت پرستن توبہ ڪري اسلام قبول ڪيو. هيءُ پاڻ قزوين جو هو.

 

بشَرُ طبراني

هيءُ طبريه جي اوائل مشائخ مان برگزيده بزرگ هو. سندس متعلق مشائخ چوندا هئا ته بشر طبريه ۾ آهي ته اسان کي روم ۾ اطمينان آهي. اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو وڏي ۽ ڀاري رقم سان غلام خريد ڪري پاڻ وٽ رکندو هو. پوءِ انهن کي آزاد ڪري ڇڏيندو هو.

سندس پُٽ چوڻ لڳو ته بابا! اسان کي ته ڪنگال ڪري ڇڏيندا. چوندو هو ته حق تعاليٰ جو شڪر آهي، جو اهڙي ڳالهه منهنجي دوستن جي دل ۾ منهنجي متعلق پيدا ٿي (ته بشر طبريه ۾ آهي ته اسان کي روم جو فڪر ڪونه آهي).

 

منصوُر بن عمار

سندس ڪنيت ابوسري هئي. مرو يا باورد جو رهاڪو هو. ائين به چيو وڃي ٿو ته پوشنڪ کان پوءِ بصره ۾ هو. دانشمند مشائخن ۾ داخل هو.

 

عباس بن يوسف شڪلي

سندس ڪنيت ابوالفضل هئي. بغداد جي قديم مشائخ مان هو.

سندس قول آهي ته جيڪو حق تعاليٰ جي درگاهه ۾ مشغول آهي، ان کان ايمان بابت پڇا نه ڪريو.

 

ابوعبدالله چاؤپار

چاؤپارهي هڪ جڳهه جو نالو آهي، جيڪا ثغر روم ۾ آهي. پنهنجي طبقي ۾ هڪ برگزيده صوفي بزرگ هو.

چيائين ته مون پنهنجي استاد کان پڇيو ته ڪنهن سان مجلس ڪريان، ۽ ڪنهن سان دوستي ۽ صحبت رکان؟ فرمايائين ته انهيءَ شخص سان جيڪو تنهنجي هر شيءِ کان، الله تعاليٰ ان کي آگاهه ڪري ۽ پوءِ به توکان گريز نه ڪري.

 

ابوبڪر همداني

هيءُ صمداني بزرگ هو. سندس قول آهي ته ڪنهن به شيءِ جي طمع نه ڪر. جيڪڏهن ڪا شيءِ ملي ته منع نه ڪر ۽ وري ان کي جمع نه ڪر.

 

احنف همداني

هي اڪابر مشائخ مان هو. سندس بيان آهي ته آءٌ جهنگ ۾ بيمار ٿي پيس پوءِ عاجزيءَ سان هٿ کڻي التجا ڪيم ته اي الله! آءٌ ضعيف ۽ بيمار آهيان هلڻ جي طاقت ڪين اٿم، منهنجي مدد فرماءِ! ايتري ۾ ڏٺم ته اُٺ تي سوار هڪ اعرابي، منهنجي پٺيان بيهي چئي رهيو هو ته اي عجمي! آءٌ تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو؟ چيم هائو! پوءِ هو اُٺ تان لهي هيٺ آيو. اُٺ جي نڪيلي ۽ واڳ منهنجي حوالي ڪري نظر کان غائب ٿي ويو.

 

ابوعثمان

ابوعثمان بن علوان مغربي، معروف مشائخ مان هو. ابوهارون اندلسي سان ملاقاتون ڪيون هئائين.

 

ابوالعباس موره زن بغدادي

شيخ الاسلام انصاري سندس لکيل قولن مان ٻڌائي ٿو ته پنهنجي نفس کي مشغول رک، ان کان اڳ جو هو توکي شغل ۾ ڦاسائي نه ڇڏي.

 

محفوظ بن محمد بغدادي

پاڻ طريقت جي سالڪن مان آهي.

 

ابومنصور ڪاوڪلاهه

هيءُ سرخس جو هو. اهل ملامت مان هو.

 

ميمون مغربي

هيءُ اهل مغرب مان هو. سياح هو ابوموسيٰ ديبلي سان گڏ هوندو هو. پاڻ رنگ جو ڪاروهو. سماع جي مجلس ٻڌڻ ۾ سفيد ٿي ويندو هو.

 

عطا بن سليمان

هيءُ بصره جي زاهدن مان هو. وقت جو بزرگ هو.

هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو. اُس ۾ سمهيو پيو هو. ماڻهن کيس چيو ته ڇانوَ ۾ ڇو ڪين ٿو سمهين؟ چيائين ته ڇانوَ ۾ اچڻ گهران ٿو، مگر اهو خوف ٿو ٿئي ته مبادا ائين نه چيو وڃي ته پنهنجي نفس جي راحت ٿو ڳولهي.

 

ابوعبدالله قلانسي

هيءُ برگزيده بزرگ هو. بيان ٿو ڪري ته آءٌ سياحت جي ارادي سان ٻيڙيءَ ۾ هئس ته سخت طوفان شروع ٿيو. ٻيڙي وارا خوف وچان دهلجي ويا ۽ باسون باسيائون. مون کي به چيائون ته تون به ڪا باس ڪر. مون چيو ته جيڪڏهن ڇوٽڪارو ٿيو ته هاٿيءَ جي ٻچي جو گوشت نه کائيندس. ٻيڙي وارا پوءِ مون تي سڀ کِلڻ لڳا ۽ چٿرون ڪيائون. مون کي چريو پيا چون. قضا الٰهي سان ٻيڙي ٽٽي پئي ۽ ماڻهو تختن تي چڙهي خشڪي تي رسيا. کين بک بي حال ڪيو. هاٿيءَ جي ٻچي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو، انهي ٻچي کي ڪُهي کائي ڇڏيائون. مون پنهنجي باس مطابق ڪجهه به نه کاڌو. جڏهن سڀ ننڊ ۾ ستل هئا ته هاٿيءَ جي ٻچي جي ماءُ آئي ۽ اهو ڏسي جن سندس ٻچي جو گوشت کاڌو هو، انهن سڀني کي لتاڙي ماري ڇڏيائين. مون کي اشارو ڪيائين ته هل! آءٌ مٿس سوار ٿيس. پوءِ تمام تيز هلڻ لڳي ۽ مون کي راتو رات آباد علائقي ۾ پهچايائين. لهڻ جو اشارو ڪيائين. آءٌ لهي هيٺ آيس ۽ آبادي ۾ پهتس هاٿيءَ هڪ رات ۾ اَٺن ڏينهن جو مفاصلو طي ڪيو هو.

 

شيخ عبدالله بن عصام مقدسي

شيخ الاسلام نفحات ۾ فرمائي ٿو ته شيخ عبدالله ٻڌايو ته آءٌ خواب ۾ محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي زيارت کان مشرف ٿيس. عرض ڪيم ته يارسول الله ﷺ! هن ڪم جي حقيقت ڇا آهي، جنهن ۾ اسين مصروف آهيون، (يعني حقيقت ۽ طريقت) فرمايائون ته حق تعاليٰ کان اهو شرم رکڻ ته جڏهن تون خلق سان گڏ هجين ته ان وقت مالڪ کان غافل رهين! يعني ظاهر ۾ مخلوق سان هج ۽ باطن انهيءَ مالڪ سان هجي ۽ هن ڳالهه کان به شرم هئڻ گهرجي ته ظاهر سان گڏ، باطن به خلق ۾ مشغول رهي. اهو فرمائي پاڻ سڳورا ﷺ جن روانا ٿيڻ لڳا. مون عرض ڪيو ته يارسول الله ﷺ وڌيڪ ارشاد فرمايو، تڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته: مخلوق تي انهيءَ وقت بخشش ڪجو جڏهن باطن حق سان وابسته هجي ته جيئن سندن حقوق کي تلف (ضايع) نه ڪريو

 

ابوبڪر ڪفشيري

ڪفشير، شام ملڪ جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هيءُ بزرگ رهندو هو. هو فرمائي ٿوته هڪ دفعي آءٌ تيہ ماٿري يعني صحراءِ سينا ۾ وڃي رهيو هئس ته مون کي ماني،  سبزي، ساڳ کائڻ جي خواهش ٿي ته هڪدم سبزي فروش جي هوڪي جو آواز ٻڌم جيڪو انهيءَ ماٿريءَ ۾ منهنجي لاءِ آيو هو.

خواجه عبدالله

تصوف جي طريقي ۾ هيءَ ڪرامت نه آهي، بلڪ ناپسنديده ۽ لائق طعن جوڳو ڪم آهي. هڪ درويش جي حڪايت بيان ڪري ٿو ته درويش هڪ دفعي جهنگ  ۾ موجود هو. کيس سخت اُڃ لڳي، ان وقت هڪ سونو پيالو، جنهن ۾ ٿڌو پاڻي هو، سندس لاءِ آسمان کان نازل ٿي آيو. درويش عرض ڪيو ته يا مالڪ! تنهنجي عزت جلال جو قسم ته آءٌ هيءُ پاڻي هرگز نه پيئندس، اگر ڪوبه صحرائي شخص مون کي اهڙي طرح ٿڦ هڻي ۽ پاڻي ڏئي ته آءٌ اهو پيئندس. مگر ڪرامت طور آءٌ پاڻيءَ جي طلب نٿو ڪريان ڇو ته ان سان نفس ۾ غرور پيدا ٿو ٿئي ۽ ظاهري ڪرامت سان مڪر جو انديشو آهي.

 

اسحاق بن ابراهيم حمال

هيءُ ڪرامات عاليه ۽ وڏي شان وارن مشائخن مان هو. سندس مقام جبل لگام تي هو. هڪ درويش بيان ٿو ڪري ته آءٌ جبل لگام وٽ رستو ڀلجي ويس ۽ (ڀٽڪندو) هڪ پوڙهي شخص وٽ پهتس، جنهن کي پوستين پاتل هئي. مون کي ڏسي چيائين ته الله اڪبر! شايد تون رستو ڀُلجي آيو آهين.

چيم ته هائو! چيائين ته ٽيهن سالن کان وٺي، مون ڪنهن به ماڻهو کي ان عرصي ۾ نه ڏٺو آهي. هاڻي منهنجي هيءَ لٺ پڪڙ! اها توکي رستو ڏيکاريندي، پوءِ چند قدم روانو ٿي ويس ته پاڻ کي انطاڪيه ۾ ڏٺم. پوءِ وضو ڪرڻ لاءِ چشمي تي ويٺس ۽ انهيءَ لٺ کي پٺيان زمين تي رکيم. پوءِ (لٺ) اوچتو غائب ٿي وئي. پوءِ انطاڪيه جي ماڻهن کي اها ماجرا ٻڌايم. جن چيو ته اهو اسحاق حمال هو. تمام گهٽ ماڻهن ان کي ڏٺو آهي. پوءِ ڏاڍو افسوس ٿيو.

 

شيخ ابوالعباس دمنهوري

دمنهور، مصر ملڪ جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي، منجهس ڪافي بزرگ رهندا هئا. سندس چوڻ آهي ته درياء منهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي. بيابان منهنجي کاٻي هٿ ۾ آهي.

 

شيبان علي

هيءُ مصر جي قديم مشائخ مان هو.

شيخ مفرح

هيءُ حبشي غلام هو. سندس جذبي کيس مصر ۾ آندو. ڇهه مهينا نه کاڌو کاڌائين. نه پاڻي پيتائين. ديوانو سمجهي کيس بند ڪري ڇڏيائون. ٿوري دير کان پوءِ کيس ٻاهر ڏٺائون. معذرت پيش ڪرڻ لاءِ وٽس آيا ۽ چند پکين جو ڀُڳل گوشت وٽس کڻي آيا. پوءِ پکين کي اشارو ڪيائين ته هو زندهه ٿي اڏامي هليا ويا.

بنان بن عبدالله

ابوالحسن سندس ڪنيت هئي. مصر جي بزرگ مشائخ مان هو.

 

ابوالحسن صبيحي

سندس نالو، حسين بن عبدالله بن بڪر هو. بعض جو چوڻ آهي ته احمد بن محمد ابو عبدالله بن بڪر سندس نالو هو. سندس ڪنيت ابوعبيد هئي. بصره جو رهندڙ هو. صاحب ڪرامات عاليه هو.

ابوجعفر سوماني

شيخ الاسلام انصاري فرمائي ٿو ته: قال ابو جعفر صديقک من حذرک الذنوب و رفيقک من بصرک العيوب و اخک من سايرک الي العلام الغيوب. (ابوجعفر جو قول آهي ته تنهنجو دوست اهو آهي جيڪو توکي تنهنجن گناهن کان توکي ڊيڄاري ۽ تنهنجو ساٿي اهو آهي جيڪو توکي تنهنجا عيب ڏيکاري ۽ تنهنجو ڀاءُ اهو آهي، جيڪو توکي علامّ الغيوب تائين پهچائي.

ابوالخير عسقلاني

هن لبنان جي جبل ۾ ابدالن جي جماعت سان مجلسون ڪيون هيون.

 

ابراهيم جيلي

هن ڪجهه وقت بغداد ۾ قيام ڪيو. وقت جي مشائخ جون زيارتون ڪيائين. پوءِ اتان جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي مقيم ٿيو. اتي ئي شادي ڪيائين. گذاري ويو. جيل پيري ۾ رهڻ  سبب کيس ”ابراهيم جيلي“ سڏيندا هئا.

 

ابوعبدالله معروف بابوني ڪرد

هيءُ هڪ ڏينهن دانشمندن جي جماعت وٽان لنگهيو. انهن جي صحبت کيس ڏاڍي پسند آئي ۽ کين چيائين ته آءٌ ڪردي قوم جو اڻپڙهيل شخص آهيان. اوهان مون کي پاڻ جهڙو دانشمند ڪري سگهندؤ؟ انهن منجهان هڪ شخص کيس مسخري طور چيو ته ساري رات گهمندو به رهه ڪزيره عصفره به پڙهندو رهه ته تون دانشمند ٿي ويندين. هن کي ڏاڍو شوق ۽ جذبو هو، پوءِ ڪامل ارادت سان ائين ڪيائين. پوءِ الله تعاليٰ جي فضل سان مٿس ظاهري علم ۽ باطني علم جا دروازا کُلي ويا، ان کان پوءِ چيائين ته امسيت کرديا و اصحبت عريباً (رات جو ڪرد هئس ۽ صبح جو عرب ٿي ويس).

 

مولانا برهان الدين بلخي

هيءُ ڪامل ولي الله هو. معروف صاحب ڪرامات هو. داڻي پاڻي جي نصيب سبب دهليءَ ۾ آيو. ماڻهن کي فيض رسايائين. سندن دليون روشن ڪيائين. وڏي عمر ۾ اچي گذاري ويو. اتي ئي دفن ڪيو ويو.

ابوعبدالله دينوري

سندس نالو محمد بن عبدالخالق هو، هُوَ من اجلة المشائخ و اکبرهم حالاً و افصحهم في علوم هذه الطريقة.

ترجمو: هو مشائخ ۾ عظيم هو. حال ۾ سڀني کان وڌيڪ هو. هن طريقت جي ڄاڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ هو فصيح هو.

سالن جا سال وادي القريٰ ۾ امامت ڪيائين. آخر دينور ۾ موٽي آيو. اتي وفات ڪري ويو.

ابوالحسن بن شعره

سندس نالو عمر بن عثمان بن حڪم بن شعره هو. ابوسعيد ماليني اربعين ۾ پاڻ چيو آهي ته هو مصري آهي. صوفين جي مشائخ مان آهي. سندس قبر مان قرآن شريف جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

 

عزيزي

هيءُ غريب الحال مشائخ مان هو. سندس زمان. مڪان جي خبر ڪونه ٿي پوي.

ابوالاسود مڪي سندس زيارت لاءِ ويو. سلام ڪيائين. چيائينس ته اي شيخ! آءٌ تنهنجو دوست آهيان. پوءِ عزيزي جواب ۾ يڪدم چيو ته عليک السلام! ڪيئن ٿو (اها دعويٰ ڪرين!) جڏهن جو آءٌ پنهنجي حال کان بيخبر آهيان. پوءِ انهيءَ حال ۾ ٽي ڏينهن هو. پوءِ معلوم ٿيو ته عزيزي، پاڻي ۽ مٽي ۽ انساني اوصاف کان ٻاهر نڪري ويو آهي. پوءِ انهيءَ ديدار کي غنيمت ڄاڻي واپس موٽي آيس.

ابوالاسود مڪي

هيءُ پنهنجي وقت جي عمده مشائخ مان هو. سندس وقوف جو زمانو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

ابوالاسود راعي

هيءُ نامور مشائخ مان هو. هڪ دفعي جهنگ ۾ پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته الوداع آءٌ وڃان ٿو. سندس ڀيڻ هڪ ٿانوَ کير سان ڀري کيس ڏنو. پوءِ ٿورو پنڌ اڳتي هليو ته کيس طهارت جي ضرورت پيش آئي. طهارت ڪرڻ گهريائين. خيال ڪيائين ته لوٽي ۾ پاڻي آهي پر پيئڻ سان ان مان کير نڪري آيو. پوءِ اتان واٽ کان ئي موٽي آيو. (گهر وارن کي) چيائين ته پاڻي نه هو، جو پاڪائي ڪريان. مون کي کير کان وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، پوءِ ٿانوَ مان کير هاري ان کي خالي ڪري ڇڏيائين. ان ۾ پاڻي ڀري روانو ٿي ويو. جنهن وقت پاڪائي ڪرڻ لڳندو هو ته ان ٿانوَ مان پاڻي نڪري ايندو هو. جڏهن کيس اُڃ ۽ بک لڳندي هئي ته ان مان کير نڪري ايندو هو.

 

شيخ عبدالڪريم جيلي ثم زبيدي

هي عدن شهر جو باشندو هو. پوين مشائخن مان هو.

بِسِم اللهِ الرَّحۡمٰن الرَّحِيمۡ جو تفسير 19 جلدن ۾ هر حرف جو هڪ جلد لکيو اٿائين، جو عجيب علوم تي مشتمل آهي. هر وقت ان جي قلب تي ذڪر جاري رهندو هو.

 

شيخ ريحان

سندس نالو ابومحمد عبدالله بن ابوبڪر هو. عدن ۾ هوندو هو. صاحب ڪرامات عاليه هو. سندس ڪرامتون عجيب هونديون هيون.

 

شيخ الڪبيرابي الذبيح اسماعيل بن محمد خضرامي

شيخ ريحان، سندس مريدن مان هو. سندس ڪرامات جي بيان ڪرڻ کان زبان قاصر آهي.

 

شيخ احمد نصرا بيوردي

هن بزرگ ويهه حج ڪيا هئا. خراسان کان احرام ٻڌندو هو. اولياء ڪرام لاءِ ان شهر ۾ انتظام رکندو هو.

 

شيخ عبدالواحد فارغي هروي

سالڪان طريقت، زهد، تقويٰ ۽ رشد ۽ هدايت جا طالب منجهس نهايت اعتقاد ۽ ارادت رکندا هئا.

 

شمس الدين محمد بن امين الدين

هيءُ پنهنجي وقت جي اڪابر مشائخ ۽ نامور اوليائن ۾ ممتاز هو. اصل ۾ قاين جو هو، پر هرات ۾ گذاري ويو.

 

حاجي مڪئي

هيءُ مکيه مشائخ ۽ عظيم اوليآء ڪرام مان هو. پنهنجي اسلامي فوج سان گڏجي پهرين سنڌ کي فتح ڪيائين. پوءِ ملڪ جون واڳون پاڻ سنڀاليائين. انهيءَ وقت چند اهلڪار قلعي نيرون ڪوٽ ۾ رهيا.

چيو وڃي ٿو ته هيءُ بزرگ عربن جي اچڻ کان اڳ يا ڪجهه ويجهي وقت ۾ سنڌ ۾ آيو. بهرحال سندس مزار عجب فيض واري آهي.

ميان غلام شاهه،  سن  1180هه ۾ سندس قبر تي ننڍڙو چبوترو ۽ ان جي چوڌاري هڪ قلعو جوڙايو. تعمير جي وقت کوٽائي ڪندي زمين مان ڪجهه هڏا نڪتا، جيڪي ڪنهن پراڻي قبر جا معلوم پئي ٿيا. انهن هڏن مان معلوم ٿيو ته هڪ عورت ۽ مرد جا هڏا آهن، جيڪي ڪافي صديون اڳ فوت ٿي چڪا هئا، جيئن ته صحيح حقيقت حال جي ڪنهن کي به خبر ڪونه آهي، مگر مشهور اهو آهي ته عاشق ۽ معشوق هئا.

 

شاهه بخاري

سندس درگاهه، نيرون ڪوٽ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي. ڪافي ماڻهو سندس زيارت لاءِ ويندا آهن.

 

شيخ ڪپور ۽ شيخ نظام الدين

هيءُ ٻئي شهيد تعلقي ڍنڍيءَ ۾ آرامي آهن. سنڌ جي خواجه قوم سندن ڏاڍي معتقد آهي، هر چوڏهين تاريخ تي گڏ ٿي اهي ميلو لڳائيندا آهن.

 

شيخ لوڌي

هيءُ حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان آهي. سندس درگاهه ستيار پرڳڻي ۾ عام ۽ خاص  جي زيارت  گاهه آهي.

 

ست نياڻيون

چون ٿا ته سومرا بادشاهن جي اولاد مان، ست سهڻيون، پاڪدامن، تارڪ الدنيا ۽ خدا پرست ڇوڪريون تلهار ۾ رهنديون هيون، مگر هڪ (ظالم) ٽولي انهن ڏانهن طمع، لالچ جي نظر ڪئي. پوءِ (عزت جي خوف) سبب اهي ڇوڪريون، سيد يعقوب مشهدي جي پناهه ۾ اچي ۽ سندس حمايت حاصل ڪري، ڳوٺ ساموئيءَ ۾ اچي پهتيون. هتي وري سمن جي شهزادن مٿن لالچ رکي، کين حاصل ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا. (نه مڃڻ تي) انهن پنهنجا اهلڪار موڪلي، کين گرفتار ڪري وٺي اچڻ لاءِ چيو، پوءِ حقيقت حال معلوم ٿيڻ بعد شيخ جهنڊو پاتڻي پنهنجي ٻيڙي ۾ کين سوار ڪري درياء پار ٽپائي ڇڏيو ته جيئن دشمن کين بي آبرو نه ڪن، پر جيئن ته هنن پاڪدامن نياڻين پنهنجي عزت کي بچائڻ جو ٻيو ڪوبه چارو ڪونه ڏٺو تنهن ڪري الله تعاليٰ کي ٻاڏايائون ته زمين کي حڪم ڪر ته اسان جو ڍڪ ڍڪي. پوءِ سندن دعا قبول ٿي ۽ زمين ڦاٽي پئي ۽ هڪدم ست ئي ڇوڪريون ڳهي وئي. ان کان پوءِ اها جڳهه ڳوٺ ساموئي جي پاسي ۾ عام ۽ خاص خلق جي زيارتگاهه بڻجي وئي آهي. اهل ظاهر بزرگ هر طرح سان انهيءَ واقعي جو انڪار ڪن ٿا، مگر اهل باطن ان جو انڪار نٿا ڪن.

 

ميان احمد ۽ ميان محمد

هي ٻئي بزرگ اصل بغداد جا هئا. اهي برگزيده صاحب ڪرامات هئا. انهن جي قبرن جي اُڀرندي پاسي ميرن جو قبرستان آهي. صاحب معرفت بزرگ سندن بزرگي کي تسليم ڪندي سندن زيارت لاءِ ويندا آهن.

 

سيد احمد غوث

هيءُ بزرگيءَ ۾ معروف، ڪماليت ۽ ڪرامات جي درجي ۾ اعليٰ ۽ مشهور بزرگ آهي. ڳوٺ تڪرفتحيءَ ۾ مدفون آهي، ۽ سندس شهادت واري رات يعني محرم جي هر مهيني ۾ شهدآء جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ ميڙو منعقد ڪندا آهن. اڪثر اهل نظر، هن ميڙي ۾ شريڪ ٿيندا آهن.

 

درويش ڀنڀو ناريجو

ذات جو ناريجو آهي ۽ عجيب اوصافن جو مالڪ هو. بدين جي ويجهو مدفون آهي.

 

شاهه قادري

هيءُ حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان هو. سندس درگاهه بدين شهر جي ڏکڻ ۾ اهل الله جي زيارت جو مرڪز آهي.

 

مخدوم طوغاچي

هيءُ قديم بزرگن مان هو، سندس درگاهه بدين شهر جي اُلهندي پاسي ۾ عام ۽ خاص جي زيارت گاهه آهي. سندس ڪافي اولاد مختلف ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن.

 

مخدوم محمد صالح

هيءُ مخدوم طوغاچيءَ جي مريدن مان هو. سندس مزار جي ڀرسان مدفون آهي. سندس اولاد اتي مفتي آهي.

 

سيد مير

هيءُ بدين شهر جي مشائخ مان هو. سندس مزار اهل الله جي زيارت جو مرڪز آهي.

 

مخدوم حاجي

هيءُ صاحب ڪرامات بزرگ هو. سندس درگاهه بدين شهر جي اندر آهي. ديندارن جي قديم زيارتگاهه آهي.

 

شاهه نور

هيءُ مشهور بزرگ هو. سندس درگاهه بدين شهر جي اندر عام ۽ خاص جي زيارتگاهه آهي.

 

شيخ اسماعيل قريشي

هيءُ شيخ بهاؤالدين ملتاني جي اولاد مان هو. سندس مزار بدين جي ويجهو، ارادتمندن جي زيارتگاهه آهي. شيخ ابن شاهه سندس اولاد مان آهي.

 

شيخ داڻه

هيءُ راج سپرهه ۾ رهائش پذير هو. قوم جو اوڍيجو هو. سندس درگاهه تعلقي سماواتي ۾ آهي. سموري اوڍيجہ قوم سندس مريد آهي.

سندس اولاد قضا، تدريس ۽ پيرزادگي جي منصب تي فائز آهي ۽ اوڍيجہ قوم سندن معتقد آهي.

خسرو بن محمود

هيءُ اصل غزنوي جي سلطانن مان هو. سندس شاندار درگاهه اوڍيجہ علائقي ۾ آهي. پاڻ ۽ سندس وزير مخلوق جي زيارت جو سرچشمو آهن. سندس مدفن جهنگ ۾ آهي. ڪنهن کي به طاقت نه آهي ته اتان ڪا شيءِ کڻي سگهي. جيڪڏهن کڻندو آهي ته هلاڪ ٿي ويندو آهي.

 

شيخ نورالدين

هيءُ سيوهڻ جو رهاڪو هو. برگزيده اوليائن ڪرامن مان هو. هڪ دفعي سير ڪندي سواد اگهم ڳوٺ کان لنگهيو. جڏهن اتان ٽن ميلن جي پنڌ تي پهتو ته اتان جي سرزمين کيس پسند آئي.

چيائين ته منهنجو مدفن هن جاءِ تي آهي. اتفاقاً سندس وفات سيوهڻ ۾ ٿي. جڏهن سندس جنازو کنيائون ته خود بخود روانو ٿيو. انهيءَ زمين کان سواءِ ڪٿي ٺڪاڻو نه ڪيائين.

سندس قبر الله وارن جي زيارت جو مرڪز آهي.

 

درويش سليمان

هيءُ زبان جو تيز ترار بزرگ سماواتي پرڳڻي ۾ گذاري ويو.

 

حمزو پرهار قوم ۽ خليفه محمد شريف

هيءُ بزرگ قديم مشائخن مان وڏو ولي الله ٿي گذريو آهي. اگهم ڳوٺ ۾ گذاري ويو.

 

درويش صدر

ولد ڪپور اوٺو، ولهاري سنڌ جي عظيم اوليائن ڪرامن ۽ وڏن مشائخن مان هو. تمام لسو هو. سندس مٿي ۽ چهري تي وار نه هئا. هميشه ڪنوارو ۽ ڇڙو رهيو. چون ٿا ته: هڪ دفعي ملتان روانو ٿيو. شام جو ملتان پهتو. رستي کي پار ڪرڻ لاءِ وچ ۾ راوي ندي هئي، پنهنجي پير جي زيارت جي شوق ۾ کيس اتي رات گذارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. پوءِ مهاڻي کي (ٻيڙي آڻڻ لاءِ) سڏ ڪيائين. مهاڻي ٻيڙي ته نه آندي، رهندو کيس فحش گاريون ڏنائين ته ٻيڙي ايڏانهن آڻڻ جو هيءُ ڪهڙو وقت آهي؟ درويش ڪاوڙ ۾ خادم کي چيو ته هيءُ ڪؤنرو ندي جي پاڻيءَ سان ڀر. پوءِ قدرت الٰهيءَ سان نديءَ جو سمورو پاڻي ان ڪؤنري ۾ سمائجي ويو. رستو سڪي ويو. درويش انهيءَ ئي وقت پنهنجي پير جي صحبت کان مستفيد ٿيو. ٻئي ڏينهن ٿرٿلو مچي ويو ته نديءَ جو پاڻي خشڪ ٿي ويو آهي. درويش اهو ڪؤنرو پنهنجي پير جي خدمت ۾ آندو. ساري ماجرا بيان ڪري ٻڌايائينس ۽ پاڻيءَ کي واپس نديءَ ۾ هارڻ لاءِ صلاح مشورو ڪيائين، سندس پير فرمايو ته پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ گهرجي ته اها ڪرامت يادگار رهي.

چون ٿا ته: لُسه ڪاڪره درويش، شينهن تي سوار ٿي سندس زيارت لاءِ آيو. درويش صدر وٽ هڪ کير پياڪ گابو بيٺو هو. درويش لُسه چيو ته منهنجو شينهن بکايل آهي، هي گابو کيس کائڻ لاءِ مهمانيءَ ۾ ڏي. درويش صدر کيس چيو ته هن جي ماءُ جهنگ ۾ چرڻ لاءِ وئي  آهي، موٽي اچي پنهنجي ڦر کي نه ڏسندي ته پريشان ٿيندي. لسه درويش چيو ته خير آهي. البت اهو ڦر شينهن کي ڏنو وڃي. هر طرح کيس منع ڪيائون، پر اهو نه مڙيو. پوءِ خادم کي چيائين ته گابي کي ڇوڙي شينهن جي اڳيان آڻ. شينهن جيئن جو گابي کي ڏٺو ته وٺي ڀڳو. گابي ان جو پيڇو ڪيو، مگر شينهن جهنگ ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. گابو واپس اچي پنهنجي جڳهه تي بيهي رهيو.

 

درويش لُسه ڪاڪره

پنهنجي وقت جو معروف بزرگ هو، شينهن تي سواري ڪري سير ڪندو هو. سندس ڪرامتون بيشمار هيون.

 

مخدوم حسن هرپره

هيءُ صاحب ڪمال بزرگ هو. درڪ پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ نالي ”دائره“ ۾ رهندو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي صحبت ۾ ويهندو هو.

چون ٿا ته هڪ رات سرور ڪائنات عليہ الصلوٰة والسلام جن جي حضور ۾ ويٺو هو ته هڪ شخص خوشبوءِ جو ذرو کڻي آيو. پاڻ سڳورن ﷺ جن تقسيم لاءِ ان جي حوالي ڪيو. تقسيم کان پوءِ خوشبوءِ وارو ڪاغذ پنهنجي مٿي کي مليائين. پوءِ سندس مٿي ۾ اها خوشبوءِ ساري عمر قائم رهي.

 

سيد ابراهيم

هيءُ ”پير پرڏيهي“ جي نالي سان به مشهور آهي. سندس قبر بلڙي جي پسگردائيءَ ۾ آهي. سندس وفات جو وقت معلوم نه آهي. منجهس جلاليت ايتري قدر هئي، جو هر جاندار جيڪو پنهنجو کُر سندس مزار جي ويجهو ڪنهن وڻ جي پن تي هڻندو هو، اهو جاندار اتي ئي هلاڪ ٿي ويندو هو.

سيد عبدالڪريم بلڙي وارو سندس (قبر تي) زيارت لاءِ ويو. چيائينس ته ماڻهو زندگي ۾ پنهنجي نفس کي مات ٿا ڪن، پر تون مرڻ کان پوءِ به مات نٿو ڪرين؟ ان کان پوءِ اها خاصيت ختم ڪري ڇڏيائين.

 

پير لاکو

هيءُ ڳوٺ پکيار ۾ مدفون آهي. جيڪو به شخص سندس قبر تي اچي ڪوڙو قسم کڻندو هو، سندس جسم مان رت وهندو هو. سيد عبدالڪريم بلڙي وارو سندس قبر تي آيو. کيس چيائين ته اي لاکا! ماڻهن زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪاوڙ ۽ شوخيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي. تون مئي کان پوءِ به ان کي نٿو ڇڏين! انهيءَ کان پوءِ سندس اها خاصيت ختم ٿي وئي .

 

شيخ اسماعيل

هي اولين مشائخ مان چٽين نشانين وارو هو. ديره ڄام ۾ دفن ٿيل آهي. هن ڳوٺ وارن جون اڪثر قبرون انهيءَ جاءِ تي آهن.

 

پير ڪرمن

سندس درگاهه، ديرو رويه جي اولهه ۾ اهل الله جي زيارت گاهه آهي. هيءُ قديم بزرگ آهي.

 

شيخ لالو

شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو. ڪڪراله جا مڙئي ڄام سندس مريد هئا. سندس اولاد پيرزادگي جي منصب واري آهي، جيڪا اڃا اتي مقيم آهي.

 

پير خاڪي ۽ ابراهيم ناڪواني ٿيٻو

هيءُ قديم مشائخ مان هو. سرزمين پراڻ ۾ مدفون آهي.

 

سيّد حسن باڪانه

هيءُ به قديم مشائخ مان هو، عمرڪوٽ جي ويجهو پَٽَ ۾ مدفون آهي.

 

سيد لال ڇَتو

هيءُ بزرگ، مندر پٽ واري علائقي ۾ مدفون آهي.

 

درس مظفر

هاليپوٽو، ديهه بايزيد سمه ۾ رهندڙ هو. شيخ بهاؤالدين ملتاني جي خاندان سان نسبت رکندڙ هو. ڳوٺ مؤتنگيجي ۾ مدفون آهي.

 

بابو سکريو

سندس مزار مندر پَٽ جي علائقي ۾ سڀني ماڻهن  جي زيارتگاهه آهي.

 

درس داتا جو چيلو

هيءُ مٿي ڄاڻايل پَٽ ۾ مدفون. صاحب ڪرامات عالي مراتب هو.

 

فقير کتوريه

هيءُ ڳوٺ سونهيتي ۾ مدفون آهي.

 

درس اجر

هي لوريره قوم جو هو. ڳوٺ پوپرائي ۾ مدفون آهي، ۽ سنڌ جي نامور مشائخ مان هو.

 

شيخ مغل ڀين

هيءُ پنهنجي وقت جو معروف صاحب ڪمالات هو، تعلقه  جنان ۾ سندس نالي تي ڳوٺ ”مغل ڀين“ مشهور آهي، جتي مدفون آهي، اهو ڳوٺ ديره ڄام کان ستن، اٺن ميلن جي پنڌ تي اوڀر طرف آهي.

 

شيخ ابڙو هالائي

هيءُ قديم مشائخ مان هو. ڳوٺ عليحده ۾ مدفون آهي جيڪو ڳوٺ مغل ڀين کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.

 

راول شاهه

هيءُ درگاهه احديت جي مقبول ٻانهن مان هڪ هو. جهوناڳڙهه رياست ۾ سپاهه گيري جي لباس ۾ شهيد ٿي ويو. اتي ئي هڪ ڳوٺ ”امردن“ ۾ آرامي آهي. دکن ۽ ان جي آسپاس وارا ماڻهو سندس زيارت لاءِ ويندا آهن، خصوصاً اکين جي بيماري وارا اتي وڃي بامراد ٿي موٽندا آهن.

 

شيخ احمد نوفاني

نوفاني هڪ ڳوٺ جو نالو آهي.

تاريخ مبارڪ شاهي ۾ آهي ته شيخ مصلي تي قبله ڏانهن منهن ڪري ويٺو هو. چئن سالن کان پوءِ جڏهن ماڻهو کيس ڏسڻ لاءِ آيا  ته انهيءَ ئي حالت ۾ ويٺل هو. علائقي جي قاضي تمام ڏاڍي شفقت سان (1) ۽ ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿي چڪو آهي. هن جي حياتي ۾ سندس خاندان جا ۽ اهل عيال جا ڪيترائي افراد فوت ٿي چڪا هئا. شيخ کي ٻڌائيندا هئا تڏهن به انهيءَ ويٺل حالت ۾ ڪو ڦيرو ڪونه ايندو هو. شهزادن ان جي قبر جي چوڌاري گنبذ ٺهرايو ته اهو ٻه اڌ ٿي ويو، ٻيهر انهن ٻنهي گنبذن جي ڇت تعمير ڪرائي وئي، مگر صبح جو ڏٺو ويو ته اها ڇت ڦاٽي پئي آهي. گنبذ ۾ گاري، مٽي جهڙي ڪا شيءِ نظر نه آئي.

 

سلطان ابراهيم ادهم

هن نالي جو بزرگ قديم ايامن کان مدفون آهي. هيءُ روهڙي جي طرف کان اٽڪل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. سندس قبر عام ماڻهن جي دستور جي خلاف، اولهه ۽ اوڀر رخ ۾ واقع آهي، پوءِ اسلامي دستور مطابق بزرگن جي قبرن وانگر، ان کي ڏکڻ - اُتر رخ تي ٺاهيائون.

اهو سڀ ڪجهه قدرت الٰهي سان ٿيو. قاضي عبدالرحمٰن رهندڙ ڳوٺ کوهڙو شريعت جو سخت پابند هو. امر ۽ نهي جي احڪامن تي هلڻ جي سختي سان پابندي ڪرائيندو هو. هن پنهنجي زماني يعني ٻارهين صدي هجري جي وچ ۾ انهيءَ ۾ ڪافي تصرف ڪيو. جڏهن باز نه آيو ته ٽئين ڏينهن کيس قتل ٿيل ڏٺو ويو ۽ اها قبر قديم قاعده جي مطابق ٿي وئي. ماڻهو سندس درگاهه کان ڪافي فيضياب ٿيندا رهن ٿا. ۽ اڪثر اتان جي رهندڙن جو اهو اعتقاد آهي ته اها قبر سلطان ابراهيم ادهم جي آهي، جيڪو مشهور بزرگ آهي. سندس ذڪر ٻئي صديءَ هجريءَ جي مشائخ ۾ گذري چڪو آهي ۽ اهو بلخ جو هو.

 

خواجه تابوت

ڪابل جي سرحد وٽ هڪ عجيب و غريب گنبذ ۾ مدفون آهي.

جلوس جهانگيري جي ٻئي سال ۾ راقم ان جي زيارت ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺاهيو. خير اتي وياسون. جبل ۾ هڪ دري ڏٺي سون، جيڪا زمين کان اڍائي هٿ مٿي هئي ۽ هڪ همراهه اڳيان ڪيوسين ته اهو هٿ کان وٺان رهنمائي ڪري. ان ۾ هڪ دالان وانگر ميدان هو جيڪو ٽي هٿ ڊگهو ۽ ڏيڍ هٿ ويڪرو هو. اها دري انهيءَ خاني ۾ چار هٿ هم چورس هئي. اڱڻ، ڇت ۽ ان جون ديوارون چوني سان جوڙيل هيون. اها جاءِ ڏاڍي سفيد هئي. انهيءَ دريءَ ۾ هڪ تختو هو. جڏهن انهيءَ تختي کي هٽايو ويو ته هڪ تختي نظر آئي. اها تختي هٽائي سون ته ڏٺوسون ته ميّت قبلي جي رُخ آرامي آهي. اوڏانهن سندس هٿ (1) ڊگها آهن. گرانٺ سوا ڪپہ سان ڍڪيل هو. سندس عضوا زمين تي رکيل هئا.....

 

پير بڪريو

روکهارو آبشور جي ڪناري تي سندس نالي سان مشهور زيارتگاهه آهي. عام و خاص جي حاجت روائيءَ جو مقام آهي.

 

شيخ لال

هيءُ سرزمين کهاره ڪڪراله جو رهندڙ صاحب ڪرامات بزرگ هو.

 

شيخ محمود

هيءُ نامور بزرگ هو. ٽڪر ابن شاه جي درياء جي ڪپ تي ڏکڻ طرف سندس درگاهه آهي، جيڪا عام ۽ خاص جي زيارتگاهه آهي.

 

 

سيد حيدر

هيءُ سادات ساميه متعلوي مان هو. نامور مشائخ مان هو. سندس اولاد بزرگيءَ جي ورثي کي قائم رکيو آهي. پاڻ مٽياري ۾ آرامي آهي.

 

سيد رڪن الدين

هيءُ سيد حيدر جي اولاد مان هو. سندس زمانو معلوم نه آهي، بزرگ ۽ صاحب ڪرامات عاليه هو.

سندس چوڻ آهي ته ترڪش کي تيرن سان ڀريو ويٺو آهيان. پيو ٿو هڻان، ڪنهن جي ڪن وٽان گذري ٿو وڃي ۽ ڪنهن جي پاسي کان ٽپي ٿو وڃي، پر ڪنهن کي به سڌو ڪونه ٿو لڳي ۽ جيڪڏهن هيءُ تير ڪنهن کي سڌو ڪارگر لڳو ته اهو ڪِري پوندو، پوءِ وري اُٿي نه سگهندو.

 

درويش ڀنڀو سهار

هيءُ درويش صاحب ڪمال هو. پاڻ کي خلق الله جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هئائين. کيس هرڪو، هر جاءِ تي وٺي ويندو هو.  حاجتمند ماڻهو پنهنجين تڪليفن کي دور ڪرائڻ لاءِ کيس حاڪم وٽ سفارش لاءِ وٺي ويندا هئا. حاڪم سندس سفارشن کان تنگ اچي، دربان کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن هاڻي اچي ته کيس ڏاڍي مارَڪُٽ ڪريو. بي عزت ڪيوس ته جيئن کيس ٻيهر سفارش ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. حاڪم جي حڪم موجب دربانن درويش کي ڏاڍي مار ڪڍي ۽ بي عزتو ڪيائونس. جڏهن موٽي گهر ويو ته وري ٻئي حاجتمند شخص، جنهن کي انهيءَ ماجرا جي خبر ڪونه هئي، کيس سفارش ڪرڻ جي تڪليف ڏني. بنا دير انهن سان گڏجي وري حاڪم جي دروازي تي سفارش لاءِ پهتو. دربان سندس اهو حال ۽ اڳئين حقيقت حاڪم کي ٻڌائي. پوءِ حاڪم چيو ته هيءُ درويش ته الله وارو ۽ صاحب حال آهي. ان جي سفارش کي رد نه ڪرڻ گهرجي. کيس اندر سڏرائي معافي ورتائين ۽ سمورا ڪم پورا ڪيائين. پوءِ اجازت نامو  ڏئي  ڇڏيائونس ته جنهن وقت به گهري، ڀلي هليو اچي.

       

درويش پلي

هيءُ ذات جو سميجو هو. سانگره درياء جي ڪپ تي مدفون آهي.

 

لدن شيخ هوٿي

هيءُ لاکي جو پُٽُ هو. خوش طبعي ڏانهن گهڻو مائل هوندو هو. هڪ ڏينهن مڇيءَ جي شڪار لاءِ پاڻيءَ ۾ ڪُنڍي وڌائين. ڪافي دير تائين مڇي ڪونه ڦاٿي. پوءِ چوڻ لڳو ته ياخدا! ڏي يا وٺ! ايتري ۾ درياء جي ڪناري واري زمين جنهن تي هيءُ ويٺو هو،. ڦاٽڻ لڳي يڪدم اُٿي چوڻ لڳو ته عجب آهي جو کيس ڏيڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ وٺڻ آسان.

مخدوم آدم سندس صحبت مان فيض حاصل ڪيو.

 

مخدوم ڇَتو

هيءُ صاحب ولايت هو. مخدوم آدم ٿيٻي جو مريد هو. ڪافي مشائخن جون زيارتون ڪيون هئائين.

 

قاضي خيرالدين

هيءُ صاحب حال ۽ صاحب قال هو. سندس زماني ۾ هڪ شخص کي دستن جي بيماري ٿي. تمام سخت دست  هئا. ڪنهن به دوا سان بند نه پئي ٿيا. سندس مائٽن مايوس ٿي، کيس جوئر جي پيهي تي سمهاري ڇڏيو، سندس پيٽ کليل مَشڪ جي منهن وانگر جاري ٿيو. قاضي خير اتان لنگهيو، بيمار کي ڏسي، کيس مٿس رحم آيو. ان تي شفا جي نظر وڌائين ته هڪدم چاڪ ۽ چڱو ڀلو ٿي ويو.

قاضي خير الدين جو مدفن هڪ ٽڪري جي ڏکڻ ۾ آهي.

 

درويش جکرو

وڏن اوليآئن ۾ هن جو شمار آهي. صاحب ڪرامت بزرگ هو. سندس مدفن ڳوٺ آمري ۾ آهي.

 

درويش اسماعيل ولد قمرالدين

هيءُ هڪ ناليرو بزرگ، عارف ۽ حقيقت جو صاحب هو. درويش هالي کي، هن سندس وصيت موجب، ڪشف جي ذريعي معلوم ڪري خودبخود هڪ ڏينهن جي پنڌ تان اچي، آمريءَ جي ڳوٺ ۾ غسل ڏنو هو.

 

درويش هاله سهتو

هيءُ دشت جي سرزمين جو وڏو ولي الله هو. سندس شمار سنڌ جي نامور مشائخ ۾ ٿيندو هو. پاڪائي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. پاڻيءَ جا ٻه ڪؤنرا هڪ وضو لاءِ ۽ ٻيو استنجا لاءِ پاڻ سان رکندو هو. هڪ ڏينهن هيٺ، مٿانهين زمين تان لنگهڻ سبب ٻئي ڪؤنرا سندس هٿن مان ڪري ڀڄي پيا. درويش هڪل ڪئي ته خبردار متان پاڻي هاريو اٿوَ! الله تعاليٰ جي قدرت سان ٻئي ڪؤنرا ثابت ٿي ويا ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به زمين تي نه ڪريو. فوت ٿيڻ وقت وصيت ڪيائين ته ”منهنجو پير ننڍپڻ ۾ ڳئون جي ڇيڻي سان ڀرجي پيو هو، انهيءَ ڪري غسل ڏيڻ وقت ان تي پاڻيءَ جا ويهه ڪؤنرا هارجو!(1)

سندس مدفن ڳوٺ آمريءَ ۾ آهي.

 

درويش موسيٰ آبيداني

هيءُ درويش اصل هندوستان جو هو. سندس مزار سانگره درياء جي ڪناري تي آهي.

سندس وفات جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ واپاري، قافلي کان جدا ٿي ويو. سندس بار کڻندڙ اُٺ جو پير ٽٽي پيو. جيئن ته آباديءَ جو ويجهو نشان ڪونه هو. اڪيلو شخص ڏاڍو حيران ٿيو. هن بزرگ جي قبر تازي هئي. اتي پنهنجي اُٺ جي صحيح ٿيڻ لاءِ بار بار دعا گهريائين. آخر اهو اُٺ صحيح ٿي ويو. پوءِ هو وطن پهتو. چند ڏينهن کان پوءِ سندس اُٺ مرڻ جي قريب هو ته سندس مالڪ ان کي قربان ڪيو.

انهيءَ ٽٽل پير جي هڏي ۾ لوهيون ميخون جَڙيل ڏٺائون. پوءِ سمجهيائون ته اها انهيءَ بزرگ جي ڪرامت آهي. ان کان پوءِ بزرگ جي مزار عام ۽ خاص خلق  جي زيارتگاهه بڻجي وئي.

 

درويش آلو مجذوب

هيءُ هڪ مجذوب مطلق ۽ عارف بالله هو. اصل هندوستان جو هو، پر سنڌ ۾ اچي نڪتو. ماٺ ڪيو گهمندو ڦِرندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو حرف ڳالهائيندو هو ته اهو سمجهه ۾ هرگز نه ايندو هو. ۽ جهنگن ۾ وڃي، ڪاٺين.۽ ڪانن جون ڀريون کڻي آڻي ماڻهن کي ڏيندو هو. هن جي ذريعي ڪيترائي ماڻهو پنهنجا مقصد حاصل ڪندا  هئا. سندس مزار سانگره درياء جي ڪناري تي آهي.

 

شيخ ڦتو

هيءُ نصرپور جي زميندارن جي ڀانڀري قبيله مان هو. شهر کان اوڀر طرف هڪ ميل پنڌ تي مدفون آهي. سندس قبر خلق  جي زيارتگاهه آهي.

 

شيخ واهڻ

هيءُ صاحب عرفان. شيخ ڪامل هو. سندس مزار، نصرپور شهر کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ڳوٺ بڪيره ۾ آهي.

مخدوم سرهو

هيءُ زميندارن ۾ برگزيده بزرگ ۽ اهل عرفان هو. سندس مزار نصرپور کان ٻن ميلن جي پنڌ تي اوڀر طرف خلق  جي زيارتگاهه آهي.

 

سيد ابن شاهه بخاري

هيءُ پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ميل پري مشهور ٽڪريءَ تي آرامي آهي. سندس مزار حاجتمندن  جي زيارتگاهه آهي.

ملا ساند

هيءُ مشهور بزرگ هو. سندس مدفن سڪرنڊ ڍنڍ جي ويجهو آهي، سندس نالي ڪافي وسيع زمين آهي. سندس اولاد به ڪافي آهي.

 

سيد عبداللطيف حسني

هيءُ قديم بزرگن مان آهي. نصرپور کان ٻاهر سندن قبرستان عليحده آهي. سندس اولاد ڪافي آهي، جيڪي ڳوٺ گجڻ ۾ رهندڙ آهن ۽ ڪجهه اتان هليا ويا آهن.

 

شيخ طاهر اڏيرو لال

هيءُ قديم بزرگن مان هو. پنهنجي وقت جو نادر ۽ عجيب نموني جو سالڪ هو. هندو کيس اڏيرو لال سڏيندا آهن. ارادتمند هئڻ سبب وٽس وڏو ميلو لڳائيندا آهن. هندو زالون به ميلي ۾ شريڪ ٿينديون آهن.

چيو ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن شروعات ۾ هڪ مست اُٺ ڊوڙندو سندس جهوپڙي وٽ آيو، اها جهوپڙي رڻ پٽ ۾ هئي. جيئن ته ذات حق، جتي ڪٿي ۽ ڪل مخلوقات ۾ موجود آهي. تنهن ڪري شيخ انهيءَ اُٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي، جيڪو پاٽڙو اڳيان رکيل هو، سو جذب جي حالت ۾ اُٺ جي اڳيان رکي چيائين ته خدا تعاليٰ توکي هن مسڪين ٻانهي جو مهمان فرمايو آهي. هاڻي جيڪي به حاضر آهي، سو کاءُ! اُٺ ٽهيل هو، سو وٺي ڀڳو. پوءِ درويش پاٽڙو مٿي تي کڻي، اُٺ جي پٺيان ڊوڙندو. ائين چوندو رهيو. انهيءَ عمل جي ڪري وڃي وڏي مرتبي تي پهتو.

 

مخدوم ساهڙ لنجار

هيءُ انڙپور جو رهندڙ هو. سندس مدفن نصرپور جي قريب چشمي وٽ آهي. پنهنجي وقت جو برگزيده احرار ۽ ابرار مان هو. سارو وقت عبادت ۽ وظيفن ۾ گذاريندو هو. سندس مجلس ۾ دنيا جون ڳالهيون هرگز ڪونه ٿينديون هيون. جنهن تي به پنهنجي روحاني توجہ جي نظر ڪندو هو. اهو ولايت جي مرتبي تي پهچندو هو. اهل بيت جي تمام ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندو هو. جڏهن به متعلوي جي ڳوٺ ۾ ويندو هو، پنهنجا پير ڊگها نه ڪندو هو. چوندو هو ته هر طرف سادات جا گهرَ آهن. ادب جي تقاضا آهي ته اوڏانهن آءٌ پنهنجا پير ڊگها نه ڪريان.

سندس قول آهي ته مون پنهنجي مرشد کان ٻڌو ته جنهن شخص ۾ ٽي خصلتون هجن انهيءَ سان مجلس ڪندا ڪريو ۽ اهوئي اوهان جو پير به آهي: 1- جنهن جي اڳيان ويهو ته اوهان کي خدا ياد اچي2- ٻيو جيڪو ڪجهه چوي ته اوهان جي دل ان کان مطمئن ٿئي. 3-  ٽيون جنهن جي مجلس جي جدائي اوهان کي دشوار لڳي.

 

مخدوم حسام الدين

هيءُ پنهنجي وقت جو باڪمال بزرگ ۽ شريعت جو سخت پابند هو. مير عبدالقادر حديقة الاولياءِ ۾ لکي ٿو ته سفر دوران جنهن ڳوٺ ۾ باشرع ماڻهو نه هوندا هئا، انهيءَ ۾ هرگز داخل نه ٿيندو هو. اڪثر وقت الله جي عبادت ڪرڻ ۽ طلباء جي تربيت ڪرڻ ۾ مصروف رهندو هو.

سندس مدفن ڳوٺ حسام پور ۾ آهي، جيڪو ملتان جي حدن ۾ آهي.

 

شيخ ڪبير عارف بالله سفيان يمني

هيءُ هڪ ڪامل ۽ يقين جو راهي واصل بزرگ هو. امر ۽ نهيءَ جو خاص خيال رکندو هو ۽ دين کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.

 

احمد غيلان جکي

ان کان نقل آهي ته قلبي ذڪر حضور حق ۽ خلق کان بي رغبتي سان مضبوط ٿيندو آهي. ذڪر روحي، حضور حق جو غلبو آهي. نسبت خلق جي رغبت ۽ ذڪر سري، هي آهي ته نامراد حضوري ۾ به غير حضور رهندو آهي ۽ ذڪر خفي هيءُ آهي ته مخفي هجي ۽ روح ۽ وجود هڪ ٿي راز ۽ ڳجهه ۾ هجن.

 

پورو ٿيو


(1)  حاشيو متن ۾ اها ڳالهه خالي آهي.

(1) حاشيو متن ۾ اها جڳهه خالي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com