سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 4

 

زيد بن صوحان عبدي

ڪتاب ”خلاصه“ ۾ کيس ابدالن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. اصحاب حضرت امير عليہ السلام مان هو. جنگ جمل ۾ شهيد ٿي ويو.

 

صعصعہ بن صوحان عبدي

هيءُ صحابي پاڻ سڳورن ﷺ جي عهد ۾ مسلمان ٿيو حضرت علي حيدر ڪرار ﷦ جي خاص اصحابن مان هو. حضرت امام جعفر صادق ﷦ جن کان روايت آهي ته حضرت علي ﷦ جي جماعت مان پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروي جو حق ادا ڪرڻ ۾ صعصعه ۽ ان جي جماعت جهڙو ٻيو ڪوبه نه هو.

 

ربيع بن خيثم ثوري ڪوفي

هيءُ حضرات تابعين جي اٺن زاهدن مان هڪ هو. جنهن ۾ هرم بن حيان ۽ اويس قرني ۽ عامر بن عبد قيس آهن. سندس قبر رود خانه طوس ۾ آهي، جيڪو مشهد مقدس جي ويجهو آهي. ثقات ۾ مروي آهي ته سندس قبر جي زيارت لاءِ حضرت امام علي بن موسيٰ رضا به متوجه ٿيا هئا.

 

طرماح بن عدي بن حاتم

حضرت امير عليہ السلام جي اڪابرين صحابه مان هو، فصاحت لساني ۾ مشهور هو.

 

سعيد بن جبير

هيءُ حضرت علم، زهد و تقويٰ جي صفتن سان موصوف هو، عبادت، ڪرامت ۽ خوارق ۾ معروف هو. يافعي پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته کيس حُجاج جي حڪم سان 95هه ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس شهادت کان پوءِ اهو ظالم چاليهن ڏينهن کان وڌيڪ زندهه ڪونه رهي سگهيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن بزرگ خواب ۾ ڏٺو ته سعيد ان کي گريبان کان پڪڙي چئي رهيو آهي ته اي خدا تعاليٰ جا دشمن! مون کي ڪهڙي سبب ڪري قتل ڪيئي؟ سعيد جي عمر اڻيتاليهه سال هئي ۽ سندس قبر واسط ۾ مشهور آهي.

ميثم تمار ڪوفي

هيءُ بزرگ حضرت امير عليہ السلام جي احبابن مان هڪ هو، ابن زياد کيس ڦاسيءَ چاڙهي شهيد ڪيو هو ۽ هن پنهنجي زبان سان حضرت امير عليہ السلام کي به آگاهه ڪري ڇڏيو هو ۽ منتظر هو ۽ پنهنجن مائٽن کي به ٻڌائي ڇڏيو هئائين ته ابن زياد مون کي حريث جي گهر ۾ ڦاسي تي چاڙهيندو. چئن ڏينهن کان پوءِ مان ڏسان ٿو ته ٻن سوراخن مان رت ٽپڪي رهيو آهي.

چيو وڃي ٿو ته حريث جي گهر ۾ کجي جو وڻ هو. جڏهن به هيءُ بزرگ وڻ وٽان لنگهندو هو ته ان کي چوندو هو: اي وڻ! تون منهنجي لاءِ تيار ٿيءُ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ تيار آهيان، جڏهن مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي ته بقدر حيات غذا رسائج، آخري انجام جو احوال عام ماڻهن کي به ٻڌائيندو رهندو هو. ابوحامد تمار کان روايت آهي ته هڪ جمعي جي ڏينهن درياهه فرات ۾ ميثم سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ مان به سوار هئس ته اوچتو سخت طوفان لهي پيو ۽ تيز ٿيندو ويو ته ميثم ان ٻيڙي مان لهي پيو ۽ طوفان جي حالات خصوصيات تي فڪري نظر وجهندي، ٻيڙي وارن کي چوڻ لڳو ته طوفان تيز ٿيندو ويندو ۽ ٻيڙيءَ کي بند ڪري ڇڏيو ۽ هي علامتون اُهي آهن جو اڄ معاويه مري ويو هوندو. آخر ۾ اها خبر ظاهر ٿي ۽ سچ نڪتو.

 

حبيب بن مظاهر انصاري

هيءُ اڪابرين تابعين مان هو. روضة الشهداء ۾ مذڪور آهي ته حبيب بن مظاهر صاحب ڪمال و جمال هو. ڪربلا وقت پوڙهو هو ۽ حافظ القرآن هو. هر رات ۾ عشاء کان وٺي صبح تائين روزانو قرآن جو ختم ڪڍي حضرت رسالت ﷺ جن جي خدمت ۾ ايصال ثواب ڪندو هو. اڪثر وقت حضرت امير عليہ السلام سان گڏ گذاريائين. بعد ۾ حضرت امام عليہ السلام سان ڪربلا ۾ شهيد ٿي جنت ۾ پهتو.

 

رشيدي هجزي

حضرت اميرالمؤمنين علي عليہ السلام جي احباب مان هو. پاڻ سڳورن ﷺ کيس رشيد البلايا جي نالي سان سڏيو. اهو اشارو انهيءَ ڳالهه ڏانهن آهي ته امير عليہ السلام جي محبت جي جرم ۾ کيس تڪليف ده طريقي سان شهيد ڪيو ويندو ۽ کيس خبر هئي. ٻيو ته پاڻ سڳورن ﷺ کيس خوابن جي علم ۽ مشڪلات جي علم جي به تعليم ڏني هئي، ايستائين جو جنهن کي به هي چوڻ چاهيندو هو ته فلاڻي ڏينهن، فلاڻي وقت ۽ فلاڻي جاءِ تي مري ويندو ته ائين ئي ٿيندو هو.

چيو وڃي ٿو ته زياد جي پٽ کيس چيو ته ڇا توکي تنهنجي صاحب ٻڌايو آهي ته منهنجو موت ڪهڙي طرح ٿيندو؟ جواب ۾ چيائين ته هائو! مون کي ان جي تبري لاءِ زور ڀريندين، ليڪن بلڪل انڪار ڪندس ته منهنجن هٿن پيرن کي ڀڃي وڍي ڇڏيندين. ابن زياد چيو ته والله! تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. هٿن پيرن ٽوڙڻ سان گڏ گهر کان به نيڪالي ڏني ويندئي. چون ٿا ته هڪ موقعي تي هن قلم، ڪاغذ گهرائي آئنده ايندڙ واقعن جو بيان لکرايو ۽ چيائين ته زياد جي پٽ کي دروازي تي لٽڪائي اچو ته جيئن هو پاڻ کي بُري عاقبت کان بچائي. اهو جڏهن ابن زياد ٻڌو ته سخت غضب ۾ اچي حڪم ڪيائين ته سندس سر وڍي کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي.

ثابت بن بنائي

مليل باء کان پوءِ ٻه نون، درميان ۾ الف. قبيله بُنانه سان منسوب ۽ سندس ڪنيت ابوفضاله، ڄاول بدر ۾، حضرت امير عليہ السلام جو پيارو صحابي جنگ صفين ۾ شهيد ٿيو.

 

جعدة همداني

جُعَدة: جيم تي پيش ۽ عين تي زبر ۽ تاء تانيث جي آهي، همدان قبيلي مان هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کان پوءِ سندن اولاد امام حسن ﷦ ۽ امام حسين ﷦ جي خدمت ۾ رهيو ۽ آخر ۾ علي زين العابدين جن جي خدمت ڪيائين.

 

مقداد بن اسود

وصاعه بنت زبير بن عبدالمطلب سندس گهر واري هئي ۽ هيءُ شيعه علي بن ابي طالب عليہ السلام۽ بزرگ هستي هو. قديم الاسلام هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ سان غزوات ۾ شريڪ هوندو هو. صحيح ترمذي ۾ مذڪور آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو ته، ان الله تبارڪ و تعاليٰ امرني بحب اربعة و اخبرني بحبهم وهم علي ومقداد و سلمان و ابوذر(1)

ترجمه: الله تعاليٰ مون کي چئن شخصن سان محبت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هن مون کي ٻڌايو آهي ته مان انهن سان محبت ڪريان. اهي هي آهن: علي، مقداد، سلمان ۽ ابوذر رضي الله عنهم

۽ جامع صغير ۾ شيخ جلال الدين سيوطي شافعي بيان ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته:

اِن الجنة تشتاق الٰي اربعة علي وعمار وسلمان ومقداد. (2)

(ترجمو بيشڪ بهشت چئن شخصن لاءِ مشتاق آهي علي، عمار، سلمان ۽ مقداد رضي الله عنهم)

سندس مناقب لاتعداد ۽ ڳاڻاٽي کان وڌيڪ آهن. سندس وفات جو سن 33هه آهي.

 

قيس بن سعد بن عباده انصاري

هيءُ حضرت ابوتراب عليہ السلام جو دوست ۽ آزاد ڪيل غلام هو ۽ حضرت امير ﷦ کان پوءِ حضرت امام حسن عليہ السلام جن جي خاص احبابن ۾ شامل ٿيو. پاڻ جمله سادات طلس مان آهي، منجهن چار افراد هي آهن. (1) قيس بن سعد، (2) عبدالله بن زبير، (3) احنف بن قيس، (4) شريح قاضي. طلس معنيٰ آهي عرب، جن کي قدرتي طرح ڏاڙهيءَ جا وار نه هجن. چيو وڃي ٿو ته قيس ۽ سندس پيءُ سعد جي قد جي ڊيگهه ڏهه گرانٺيون هئي. انهن جي گرانٺ اسان جي ٻانهن جي برابر هئي.

سعد،سندس پيءُ ۽ سندس ڏاڏو دورِ جاهليّت يا اسلامي دور ٻنهي وقت پنهنجي قوم جو وڏو ٿي رهيو آهي. سندس دسترخوان هر عام ۽ خاص لاءِ کليل هوندو هو. قيس، حضرت
رسالت ماب جن جي نزديڪ عهديدار برائي سلاطين هو. بعد ۾ حضرت امام حسن عليہ السلام جن سان گڏ مدينہ ۾ کيس جزوي زهر ڏنو ويو ۽ معاويه جي آخري ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو.

 

حسّان بن ثابت انصاري

هيءُ حضرت جليل القدر انصار صحابن مان هو ۽ حضرت سيّد المرسلين عليہ الصلوٰة والسلام جن جو مداح هو. پاڻ سڳورن ﷺ جن معراج جي رات عرش جي قريب ياقوت احمر جي دروازه سميت محل ڏٺو، جبرئيل عليہ السلام کان دريافت فرمايائون، جنهن ٻڌايو ته اهو محل، اوهان جي امت جي شاعرن جي مرادن جو خزانو آهي ۽ ان جي ڪنجي شاعرن جي زبان آهي ۽ فرمايائون مون کي ٻڌايو ويو آهي ته اهو تحفو ڪنهن لاءِ ٿيندو. ٻئي ڏينهن صبح جو حسان ﷦ پاڻ سڳورن ﷺ جي مدح ۾ قصيده پيش ڪيو قصيده جي اول شعر ۾ ئي سندن مدح هئي. پاڻ سڳورن ﷺ داد ڏنو ۽ اها خبر فرمايائون ته: والله کنز تحت العرش مفتاحها السنة الشعرآء. اهوئي مضمون درست آهي.

 

ابوهريره رضي الله عنہ

پاڻ سڳورن ﷺ جن جو پيارو صحابي ﷦ ۽ صاحب باطن هو. صحيح بخاري ۾ مذڪور آهي ته ابوهريره بيان ڪيو ته:

حَفِظتُ مِن رسول الله ﷺ وِعَائانِ فامَّا اَحدُهُمَا فَبثَثتہٗ وَاَمَّا الآخَرُ فَلَوبَثثتُہٗ قُطِعَ هٰذَا البَلۡعُومُ. (1)

ترجمو: مون رسول الله ﷺ کان (علم جا) ٻه برتن سکيا آهن، جن مان هڪ کي ظاهر ڪري چڪو آهيان ۽ جيڪڏهن ٻئي کي ظاهر ڪريان ته منهنجي حلق کي ڪپيو وڃي.

عصام يمني مرادي

حضرت اويس قرني جو چاچو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جي زماني ۾ قطب ۽ ابدال جي نعمت سان نوازيل هو. اهڙي طرح ارباب مڪاشفات اُهو ٻڌائين ٿا ته ان کان پوءِ انهي نعمت جو شرف نالي احمد بن عطاء کي حاصل ٿيو، جو مڪہ ۽ مدينہ جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو.

 

خيرالتابعين سهيل يمني اويس قرني

اويس قرني بن عامر مرادي ٻڌائي ٿو ته سندس حيثيت اُمت ﷴيہ ۾ اهڙي طرح آهي جهڙي طرح حضرت موسيٰ جي اُمت ۾ سرخ اسود جي هئي. متقدمين اڪابرين هڪ ٻئي سان زباني گفتگو ذريعي امور حقيقت جي معلومات حاصل ڪري پنهنجي قلبي اُڃ کي تسڪين ڏيندا هئا. اهڙي طرح سڀئي انهيءَ وصف تي جنهن جو بنياد اويس رکيو، دين محمدي ﷺ جي آبياري ڪندا رهن ٿا ۽ اهو طريقو سلسله اويسيہ ڏانهن منسوب آهي.

انهيءَ متعلق سلالة السادات، صاحب ڪرامت قدوة الواصلين عارف معارف يقين، مير سعدالله سورتي در رساله اجازت نامه اش دران طريقه نوشته… ڪمال السرمد والخمول والعزلة عن الخلق والتوڪل والتسليم والجود والشفقة و الخدمة والخلق باخلاقہ ﷺ ظاهرا وباطنا واکثر ذکرهم لا اِلٰہ اِلا انت اکفني.

ترجمو: هو دائمي گمنامي ۽ خلق کان تنهائي واري زندگي گذاريندو هو، سندس مزاج ۾ توڪل، تسليم ۽ سخاوت ۽ شفقت ۽ خلق جي خدمت واريون وصفون هيون اخلاق ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروي ڪندڙ هو. ظاهر ۽ باطن ۾ اڪثر سندس ذڪر هيءُ هوندو هو:

لآ اِلٰہَ اِلاَّ اَنۡتَ اَکۡفِنِي.

سَنَد

قَدۡ وَصَلَ الۡفَيۡضُ اِلٰهِيۡ اِليٰ اَشۡرَفِ الۡمَوۡجُوۡدَاتِ صَاحِبِ مَقَامِ الۡمَحۡمُوۡدِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ مُصۡطَفيٰ ﷺ، وَبِہٖ اِلَي الۡاِمَامِ عَلِيّ بۡنِ اَبِيۡ طَالِب ٍ کَرَّمَ اللهُ وَجۡهَہٗ وَبِہٖ اِلٰي قُطُبِ الۡاَقۡطَابِ اَوَيۡسِ بۡنِ عَامِر قَرۡنِيّ وَبِہٖ اِليٰ مُوۡسيٰ بۡنِ يَزِيۡدَ وَبِہٖ اِبۡرَاهِيۡمَ وَبِہٖ اِلَي الشَّفِيۡقِ الۡبَلَخِيۡ وَبِہٖ اِلٰي حَاتِمِ الۡاَصَمِّ وَبِہٖ اِلٰي تُرَابِ النَّخۡشَبِيۡ وَبِہٖ اِلٰي حُسَيۡنِ الۡبَازِ يَارِ وَبِہٖ اِلٰي اَبِيۡ اِسۡحٰقَ الۡگاذُرُوۡنِيۡ وَبِہٖ اِلٰي ابي عُمَرَ الۡاِصۡطَخۡرِيۡ وَبِہٖ اِلٰي اَبِيۡ مُحَمَّدِ جَعۡفَرِ وَبِہٖ اِلٰي اَبِيۡ عَبۡدِاللهِ مُحَمَّدِ بۡنِ الۡخَفِيۡفِ وَبِہٖ اِلٰي حُسَيۡنِ الۡبَازِيَارِ وَبِہٖ اِلٰي اَبِيۡ اِسۡحَاقِ الۡگَاذُرُوۡنِيۡ وَبِہٖ اِلَي الشَّيۡخِ دَانِيَالِ الۡمُسۡخِيۡ وَبِہٖ اِلَي الشَّمۡسِ الدِّيۡنِ وَبِہٖ اِليٰ رُڪُنِ الدِّيۡنِ وَبِہٖ اِلٰي غَوۡثِ الثَّقُلَيۡنِ جَلَالِ الۡمِلَّةِ وَالۡحَقِّ الۡحَسَنِيۡ وَبِہٖ اِلٰي تُرَابِ اَقۡدَامِهِمۡ سَعۡدُاللهِ وَبِہٖ اِلٰي مَسۡعُوۡدِ الۡاِسۡفِرَايِنِيۡ وَبِہٖ اِلٰي قُطُبِ الۡاَقۡطَابِ وَلِيّ اَمۡرِنَا السَّيِّدِ عَبۡدِالشَّڪُوۡرِ دَائِمِ الۡحُضُوۡرِ وَبِہٖ اِلٰي تُرَابِ اَقۡدَامِهِمۡ سَعۡدِاللهِ.

غوث المتاخرين سيد محمد نوربخش پنهنجي تصنيف شجره اوليآء ۾ لکي ٿو ته: ”اويس قرني المجذوب قدس سره هوالذي وصفہ رسول الله ﷺ بولايتہ وقال اني لاجد نفس الرحمٰن من جانب اليمن.

ترجمو: پاڻ فرمايو ته: اويس قرني قدس سره مجذوب هو. جنهن جي تعريف رسول اڪرم ﷺ جن فرمائي ۽ اويس قرني بعض راتين لاءِ چوندو هو ته هذه ليلة الرڪوع (يعني هيءَ رڪوع جي رات آهي) ۽ وري ڪا رات بيٺي آه و زاريءَ ۾ گذاريندو هو ۽ اهڙي طرح وري ڪڏهن چوندو هو ته هذه ليلة السجود (يعني هيءَ سجدي جي رات آهي) ۽ عشاء جي نماز کان وٺي صبح تائين سجدي ۾ رات گذاريندو هو) ۽ چوندو هو ته مان ساري رات هڪ سجدي ۽ هڪ رڪوع ۾ گذارڻ جي طاقت رکان ٿو ۽ حسرت سان چوندو هو ته ڪاش! ازل کان وٺي ابد تائين هڪ ئي رات هجي ته مان هڪ ئي رڪوع ۽ هڪ ئي سجدي ۾ اها رات بسر ڪريان. چيو وڃي ٿو ته اويس جي والده به صاحب نفس هئي ۽ هڪ ڏينهن اويس پنهنجي ماءُ کان اجازت گهري ته مون کي جيڪڏهن اجازت ڏين ته مان پنهنجي پيغمبر (ﷺ) جي زيارت ڪري اچان. چيائين ته ڀلي وڃ. مگر جيڪڏهن پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي جڳهه تي موجود نه هجن ته ترسي نه پئج، بلڪ جلدي واپس هليو اچج. انهيءَ شرط موجب جڏهن اويس مديني ۾ پهتو ته پاڻ سڳورا ﷺ موجود ڪونه هئا. اويس واپس هليو آيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن پنهنجي گهر ۾ تشريف فرما ٿيا ته هڪ نئين نورانيت جو اثر محسوس ڪيائون، دريافت ڪرڻ تي کين ٻڌايو ويو ته هڪ اٺ سوار شخص آيو هو. پنهنجو نالو اويس ٻڌائي پيو وري واپس هليو ويو. پاڻ فرمايائون ته اِهو نور ان جوئي هديه آهي جو رکي ويو.

منقول آهي ته قيامت جي ڏينهن ستر ملائڪ اويس جي شڪل ۽ صورت ۾ هوندا، جيڪي کيس پنهنجي حلقه ۾ وٺي بهشت ڏانهن روانا ٿي کيس پهچائي ايندا ته جيئن کيس مخلوق سڃاڻي نه سگهي، ڇو ته دنيا ۾ به هن مخلوق کان روپوشي اختيار ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح جو ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي ته ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي قيامت ۾ به سندس پرده داري کي قائم رکيو ويندو.

سرور ڪائنات، فخر موجودات، افضل الصلوٰت واڪمل التحيات عليہ وآلہ فرمايو آهي ته منهنجي اُمت ۾ هڪ اهڙو شخص آهي جنهن جي شفاعت سان قبيله ربيعه ۽ مضر جي ٻڪرين ۽ رڍن جي وارن جي برابر گنهگارن کي بخشيو ويندو. انهيءَ زماني ۾ انهن کان وڌيڪ ڪنهن به عرب قبيله ۾ رڍون، ٻڪريون ڪونه هيون.

روايت ۾ آهي ته حضور اڪرم ﷺ جن وفات وقت فرمايو ته منهنجو پيراهن اويس قرني کي ڏجو. کيس منهنجا سلام پهچائجو ۽ منهنجي اُمت لاءِ دعاءِ شفاعت ڪرڻ جو به پيغام پهچائجو. جڏهن صحابه ﷦ عرض ڪيو ته اوهان جي پيراهن (لباس) جو حقدار ڪير آهي. فرمايائون ته اويس!

پاڻ سڳورن ﷺ جن جي رحلت کان پوءِ خليفه ثاني ۽ مرتضيٰ علي عليہ السلام جڏهن ڪوفه ۾ پهتا ته حضرت فاروق ﷦ نجد وارن(1) کان پڇيو ته ڪو قرن جو ماڻهو آهي ته ماڻهو مڙي آيا. کانئن اويس قرني بابت دريافت ڪيائين ته ان جو ڪنهن کي ڪو ڏس پتو آهي. انهن مان ڪنهن ٻڌايو ته اسان کي پوري طرح ته خبر ڪونه آهي، البته هڪ اويس نالي شخص ديوانو آهي، ۽ وادي ۾ اٺ چاريندو آهي. مستانگي ۾ هوندو آهي. ماڻهو کانئس وحشت سبب دور ڀڄندا آهن. سندس خوراڪ رُکي خشڪ ماني ۽ ماءُ سان گڏ کائيندو آهي. حضرت فاروق ﷦ پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ جڏهن اتي پهتو ته ڏٺائين حضرت اويس نماز ۾ مشغول هو. جڏهن نماز پوري ڪيائين ته پاڻ اڳتي وڌي آيا ۽ سفيدي نور واري نشاني سندس هٿ تي ڏٺائون جنهن نشاني بابت پاڻ سڳورن ﷺ خبر ڏني هئي.

 سندس هٿ کي چميائون ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جا سلام پهچايائون ۽ پيراهن پيش ڪندي کيس اُمت جي شفاعت لاءِ دعا جي درخواست ڪيائون. حضرت اويس چند قدم پري ٿي سجدي ۾ ڪِري پيو ۽ چوڻ لڳو ته يا الله! ايستائين پاڻ سڳورن ﷺ جو موڪليل پيراهن ڪونه ڍڪيندس، جيستائين سندن اُمت کي نه بخشيندين. غيبي خطاب ٿيو ته لباس ڍڪ اسان تنهنجي سفارش تي ڪجهه ماڻهن جي مغفرت ڪري ڇڏي. دعا ۾ مشغول ئي رهيو ته فاروق ﷦ سندس مٿي تي اهو پيراهن رکندين چيو ته پاءِ! سجدي کان مٿو کڻي چيائين ته هرگز پيراهن نه پهريان ها، جيستائين ساري اُمت کي نه بخشايان ها. هاڻي به قبيله ربيعه ۽ نضر جي ٻڪرين جي ڌڻ جي وارن جي برابر اُمت جي ماڻهن کي بخشيو ويو آهي. فاروق ﷦ جڏهن اهو شرف ڏٺو. چوڻ لڳو ته ڪير آهي جو مون کان هيءُ خلافت وٺي. چيائينس ته اڇلي ڇڏ! پوءِ جنهن کي وڻندي اهو کڻندو. فاروق ﷦ کيس چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي زيارت لاءِ ڇونه آئين. چيائين ته توهان پاڻ سڳورن کي ڏٺو آهي. چيائين ته هائو! جنهن ڏينهن پاڻ سڳورن ﷺ جو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو ته اوهان سندن چهرو مبارڪ ڏٺو هو. چيائين هائو! پوءِ اوهان اتباع سنت ڇونه ڪيو ۽ پنهنجو وات سڳورو کولي ڏيکاريائين ته سندس وات ۾ هڪ ڏند به ڪونه هو ۽ چيائين ته انهيءَ گمان ۾ ته الائي ڪهڙو ڏند شهيد ٿيو آهي. مون سڀني ڏندن کي ٽوڙي ڇڏيو. فاروق﷦ دعا لاءِ عرض ڪيو، چيائين ته مان دعا ڪندو آهيان، اَللهُمَّ اغفر للمؤمنين اگر مؤمن آهين ته توکي فائدو رسندو. ورنه ڪونه! عرض ڪيائين ته وصيت فرماءِ! چيائين ته اي عمر! تون خدا تعاليٰ کي سڃاڻين ٿو. چيائين هائو! فرمايائين ته بس، ٻئي ڪنهن کي به نه سڃاڻ! چيائين ته وڌيڪ (وصيت) ڪر. فرمايائين الله تعاليٰ توکي سڃاڻي ٿو. چيائين ته هائو فرمايائين ته اهوئي بهتر آهي ته توکي الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه سڃاڻي. حضرت فاروق ﷦ ڪا شيءِ سندس اڳيان نذرانه طور پيش ڪئي. پاڻ ﷦ پنهنجي کيسي مان ٻه درهم ڪڍي، ڏيکاريندي چيو ته هيءُ مون کي اُٺن چارڻ جو معاوضو مليو آهي. جيڪڏهن اوهان ضمانت ڏيو ته هن درهمن جي خرچ ٿيڻ کان اڳ مون کي موت نه ماريندو ته مان نذرانو وٺان، ورنه هي ٻه درهم مون لاءِ ڪافي آهن. فرمايائين ته تڪليف معاف ڪجو قيامت قريب آهي ۽ آخرت جي سامان جي فڪر ۾ لڳل آهيان. چون ٿا ته ان کانپوءِ اويس قرني ﷦ اهڙو گم ٿي ويو جو کيس ڪنهن به نه ڏٺو، مگر آخري عمر ۾ سن 3 رجب 37هه ۾ حضرت علي ﷦ جي رفاقت ۾ جنگ صفين ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو.

۽ ڪتاب شواهد النبوة ۾ لکيل آهي ته آخري عمر ۾ جهاد جي غرض سان آذربائيجان ويو اتي وفات ڪيائين. سندس دوستن ڪفن، دفن ڪيو، ليڪن سندس ڪفن ان جي گودڙيءَ مان نڪتو، جو انسان جو هٿ جو اڻيل ڪونه هو ۽ ايتري قدر جو جيستائين ان کي ڇڪيو پيو وڃي اهو دراز ٿيندو پيو وڃي. سندس قبر اتي آهي ۽ سفيد پٿر سان جڙيل آهي ۽ زيارتي ويندا رهندا آهن، العلم عندالله.

 

سلمان فارسي ﷦

پاڻ سڳورن ﷺ جن جو آزاد ڪيل غلام ۽ خدمتگار هو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ، سلمان ﷦ جي حق ۾ فرمايو ته سلمان منّا اهل بيت يعني سلمان اسان جي اهل بيت مان آهي. سندس نسب منوچهر سان ملي ٿو، جنهن جو نالو ماهيه بن بدخشان بن اذرخش هو ۽ هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. عبدالله روايت ٿو ڪري ته مون کي سلمان ﷦ ٻڌايو ته مان هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هئس منهنجو پيءُ زميندار هو ۽ اسان باهه جي پوڄا ڪندا هئاسون، يعني اسان جو مذهب آتش پرستي هو. مون کي پنهنجي پيءُ هڪ ڏينهن زمين جي سنڀال لاءِ موڪليو ته مان رستي ۾ هڪ گرجا ڏٺو جنهن ۾ هڪ جماعت عبادت حق ۾ مشغول هئي. انهن جو طريقو مون کي ڏاڍو پسند آيو ۽ انهيءَ ملّت ۾ شامل ٿي ويس ۽ جڏهن اها خبر منهنجي پيءُ کي پئي ته اُن مون کي قيد ۾ بند ڪري ڇڏيو. مان ڪنهن طريقي سان قيد مان جان ڇڏائي قافلي سان جيڪو شام ملڪ ڏانهن وڃي رهيو گڏجي اوڏانهن روانو ٿي ويس ۽ اتي جي گرجا ۾ هڪ وڏي راهب جي خدمت ۾ رهيس. پادري فوت ٿيڻ وقت موصل ۾ رهندڙ عموريه جي راهب جو ڏس ڏنو ته هن وقت اهوئي حق جي اطاعت ڪندڙ آهي ۽ هڪ مدت انهيءَ جي خدمت ۾ رهيس. انهيءَ به وفات وقت مون کي آخر الزمان پيغمبر عليہ الصلوٰة والسلام جي ظهور جي خبر ٻڌائي ته هو عرب ملڪ ۾ ظاهر ٿيڻ وارو آهي. اتي حاضر ٿج. پوءِ حجاز ڏانهن ويندڙ هڪڙي قافلي سان گڏ حجاز ڏانهن روانو ٿيس. وادي القريٰ ۾ پهچي قافلي وارن مون کي هڪ يهودي جي هٿ وڪرو ڪري ڇڏيو. ان يهودي وري مون کي پنهنجي سؤٽ جي هٿ وڪرو ڪري ڇڏيو. پوءِ ان سان گڏجي مدينہ پهتس انهن ئي ڏينهن ۾ پيغمبر ﷺ جي آمد جي خبر ٻڌم ته قبا محله ۾ تشريف فرما ٿيا آهن، شام جي نماز وقت، قبا ۾ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ڪلمه توحيد پڙهي مسلمان ٿيس ۽ کين سمورو سربستو احوال ٻڌايم. پاڻ ﷺ فرمايو ته يهوديءَ کان پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ڪر. پوءِ مالڪ سان پاڻ ڳالهايم جنهن چيو ته آزاديءَ جي عيوض ۾ ٽي سو پودا کجيءَ جا ڦرندڙ کپن ۽ چاليهه وقيہ سون کپي. اهو احوال پاڻ سڳورن ﷺ کي عرض ڪيم. پاڻ سڳورن ٽي سو کجيءَ جا پودا اصحابن رضي اللہ عنهم کان پنهنجي هٿن مبارڪن سان گڏجي زمين ۾ لڳايا، جن سال جي اندر ڦر پيدا ڪيو ۽ انهيءَ دوران مال غنيمت ۾ بيضي جيترو سون جو ڳنڍو پاڻ سڳورن ﷺ کي مليو. پاڻ سڳورن مون کي سڏائي، منهنجي حوالي ڪيو ۽ فرمايو ته باغ جي مالڪ يهودي کي ڏئي، پنهنجي آزادي حاصل ڪر. اهڙي طرح يهوديءَ کان آزادي حاصل ڪري پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ خادم ٿي رهڻ لڳس. هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن ﷺ حضرت علي عليہ السلام کي فرمايو ته منهنجي آزاديءَ جو پروانو لکي ڇڏ حضرت سلمان فارسي جي عمر بابت ٻه روايتون آهن، هڪ روايت ۾ سندس عمر جو انگ اڍائي سو ورهيه ٻڌايو ويو آهي ۽ ٻي روايت ۾ ساڍا ٽي سو ورهيه بيان ڪيو ويو آهي. احسن الڪبار ۾ مرتضوي مناقب ۾ مذڪور آهي ته خليفه ثاني ﷦ جي وقت ۾ هڪڙي ڏينهن حضرت اميرالمؤمنين علي عليہ السلام صحابه رضوان الله عليهم جي مجلس ۾ ويٺي فرمايو ته اڄ رات خواب ۾ مون کي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته مدائن ۾ سلمان ﷦ فوت ٿي ويو آهي، تون جلد پهچي ان جو ڪفن دفن ڪر. بعض صحابه رضوان اللہ عليهم اجمعين ٺٺولي ڪندي چوڻ لڳا ته سندس ڪفن بيت المال مان کڻي ويندا؟ فرمايائون ته سلمان ﷦ ان کان بي نياز آهي. انهي وقت ان شهر ڏانهن روانا ٿيا جماعت به ٿورو پنڌ ساڻ هلي، انهيءَ دوران حضرت امير عليہ السلام نظر کان غائب ٿي ويا ۽ سلمان ﷦ جو ڪفن دفن ڪري ظهر جي نماز ۾ وري مدينہ طيبه ۾ اچي پهتا. فرمايائون ته سلمان ﷦ کي قبر ۾ دفن ڪري آيس، انڪاري ماڻهن اها تاريخ لکي ڇڏي هئي. مدت کان پوءِ خط پهتو ته فلاڻي ڏينهن سلمان ﷦ فوت ٿي ويو. اچانڪ غيب مان هڪ شخص اچي ظاهر ٿيو. سلمان ﷦ جو ڪفن دفن ڪري ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪري پوءِ غائب ٿي ويو. ڪتاب شواهد النبوة ۾ ان واقعي کي حضرت عثمان رضي الله عنه جي خلافت واري دور ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ حبيب السير ۾ شافعي جي روايت آهي ته اهو واقعو حضرت علي عليہ السلام جي دور خلافت ۾ ٿيو.

 

عمار بن ياسر

سندس پيءُ جو نالو ياسر هو ۽ والده جو نالو سميہ هو. اها ڪافرن جي تشدد سان هلاڪ ٿي وئي. پاڻ حضور اڪرم ﷺ جن جي امت جي پهرئين شهيدياڻي آهي. جڏهن پاڻ سڳورا مدينه شريف هجرت ڪري ويا ۽ ٻن يتيمن کان زمين جو ٽڪرو خريد ڪري مسجد جي تعمير ۾ مشغول ٿي ويا. ان وقت صحابه رضي الله عنهم مان هرهڪ، هڪ هڪ سِرَ ڍوئي رهيو هو، ليڪن عمار بن ياسر ٻه ٻه سرون ڍوئي رهيو هو. پاڻ فرمايائون ته آفرين آفرين اي عمار(1)

يا ويح عمار تقتلة فئة باغية

ترجمو: آفرين آفرين اي عمار! کيس باغي فرقو قتل ڪندو

يعني عمار توکي باغين جو هڪ ٽولو قتل ڪندو ۽ جنگ صفين ۾ حضرت علي عليہ السلام جي طرفان وڙهيو ۽ زخمي ٿي پيو. کيس کڻي شامياني ۾ آندو ويو. سخت زخمن جي ڪري بيتاب ٿيو، پاڻي طلب ڪيائين. سندس غلام کير جو پيالو ڀري آندو. کير جي پيالي تي الله اڪبر جي تڪبير جو نعرو هنيائين. ٿورو کير پي چيائين ته رسول الله ﷺ جن سچ فرمايو ته دنيا ۾ آخري شيءِ جيڪا تنهنجي نصيب ۾ هوندي سا کير هوندو ۽ توکي باغي ماريندا ۽ تنهنجو قتل جبرئيل ۽ ميڪائيل جي درميان ٿيندو. پوءِ ڪلمهء شهادت پڙهي گذاري ويو. رضي الله عنہ سن 37هه ۾ گذاري ويو.

 

ابي مقدام تشريح بن زيد حارثي

هن حضرت شاه ولايت کان فيض حاصل ڪيو هو. سندس عمر هڪ سو ويهه سال هئي سن 66هه ۾ گذاري ويو.

 

عبدالله مڪي

هيءُ حضور اڪرم ﷺ جن جو علمدار هو ۽ طريقت ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ اميرالمؤمنين حضرت علي عليہ السلام کان فيض حاصل ڪيو هئائين. قطب مدار آسمان ولايت شاه بديع الدين مدار جي نسبت طريقت ان تائين پهچي ٿي. اهڙي طرح سندس طيفورية الساميہ جي سلسلي جي نسبت شيخ طيفور شامي تائين پهچي ٿي ۽ ان حضرت جي نسبت يمين الدين شامي سان ۽ يمين الدين شامي جي شيخ عبدالله حامل لواء رسول الله ﷺ جن کان حاصل ڪيل آهي.

سندس ڊگهي عمر جا سبب گهٽ آهن. تعجب خيز ڳالهه آهي ته قطب مدار بديع الزمان شاهه مدار کان وٺي مير سعدالله سورتي تائين ايڏي ڊگهي ۽ طويل عرصي ۾ ٻن واسطن کان وڌيڪ ڪونه ٿيا آهن. هڪ شيخ محمود اسفرايني ۽ ٻيو سيد عبدالشڪور دايم الحضور مرشد ”مير مذڪور“ ۾ اها حقيقت رساله سيدالانبيآء کان نقل ڪئي وئي آهي.

 

بلال بن رباح حبشي

سندس ڪنيت ابوعبدالله آهي. مسجد نبوي ﷺ جو مؤذن ۽ ابدالن جي زمره ۾ شامل آهي. اصل هڪڙي ڪافر جو غلام هو. بلال جڏهن اسلام قبول ڪيو ته ڪافر کيس سخت ايذاء ڏيڻ شروع ڪيو. کيس پٿريلي تتل زمين تي ليٽائي ڀاري پٿر سندس سيني تي رکندو هو يا پٿريلي کردار زمين تي پٺي ڀر ليٽائي ٽنگن کان وٺي گهليو ويندو هو. انهن سختين هوندي به سندس ايمان ۾ لوڏو ڪونه آيو پنهنجي زبان سان اَحد اَحد جو نعرو هڻندو هو. حضرت ابوبڪر ﷦ ان رستي سان جڏهن لنگهيو پئي ته اَحد اَحد جي صدا جو سبب پڇڻ تي کيس ساري ماجرا ٻڌائي وئي. اها ماجرا ٻڌي انهيءَ ڪافر کي وڏي رقم ڏئي بلال کي آزاد ڪري ڇڏيائين. پوءِ انهيءَ باري ۾ حضرت ابوبڪر ﷦ جي شان ۾ هيءَ آيت نازل ٿي. فَاَمّا مَن اَعطيٰ واتّقيٰ (1)

ترجمو: پوءِ جنهن ڏنو ۽ پرهيزگاري ڪيائين

پاڻ سڳورن ﷺ جي رحلت کان پوءِ هن (بلال) شام ملڪ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، جنهن تي حضرت ابوبڪر ﷦ کيس چيو ته اتي رهي اذان ڏيندو رهه. ان کي چيائين ته جيڪڏهن تو مون کي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ آزاد ڪرايو هو ته پوءِ مون کي آزاد ئي ڇڏ. اهو ٻڌي حضرت ابوبڪر ﷦ جن روئي پيا ۽ کين اجازت ڏنائون ته ڀلي شام ڏانهن هليو وڃ. شام ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ دفعي خواب ۾ پاڻ سڳورن ﷺ بلال کي فرمايو ته اي بلال! تون مون کي ڇڏي هليو ويو آهين. مون تي زياد تي ڪئي اٿئي. صبح جو زيارت لاءِ روانو ٿي مدينہ ۾ پهتو. چند ڏينهن اڳ حضرت بيبي فاطمہ رضي الله عنها رحلت فرمائي وئي هئي. پوءِ ڏاڍو رنو ۽ چيائين ته: اي جگر گوشه رسول الله ﷺ تمام جلد وڃي ان سان ملينءَ.

مدينہ وارن کيس اذان چوڻ لاءِ زور ڏنو. مگر چيائين ته پاڻ سڳورن ﷺ جي رحلت کان پوءِ مان اذان نه چوندو آهيان. ليڪن تمام اصرار تي جيئن بانگ شروع ڪيائين ته مدينہ وارا زاروزار روئندا ڊوڙندا آيا، ان ڏينهن جي واقعي وانگر جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جي رحلت وقت مدينہ دارالحزن بڻجي ويو هو. ان کان پوءِ حضرت بلال ﷦ وري شام ڏانهن هليو ويو ۽ هر سال دمشق کان پاڻ سڳورن ﷺ جن جي زيارت لاءِ ايندو هو. دمشق ۾ ئي سن 20هه ۾ وفات ڪيائين ۽ باب صغير وٽ مدفون آهي.

حذيفه يماني

هي جليل القدر صحابي ﷦  حضور اڪرم ﷺ جن جو رازدان هو. صاحب ولايت هو. هر نبيءَ کي مخفي مددگار ۽ رازدار هوندو آهي نبي ﷺ جو رازدان هيءُ هو ۽ پاڻ سڳورا ﷺ مختلف موقعن تي نهايت اهم ۽ نازڪ ذمه دارين جي ادائيگي ۾ حضرت حذيفه ﷦ جو تعاون حاصل ڪندا هئا. مشهور آهي ته صحابه رضي اللہ عنہم شڪ شبهي واري شيءِ جي باري ۾ کانئس ئي پڇندا هئا ته هن شيءِ بابت پاڻ سڳورن ﷺ جو ڪهڙو طرز عمل هو، انهيءَ ئي مان سندس ولايت جي مرتبي جي معلومات حاصل ٿئي ٿي. حضرت شاهه ولايت خصوصيت سان سندس تذڪرو ڪندا هئا.

پاڻ سڳورن ﷺ جي رحلت کان پوءِ ڪوفي ۾ رهڻ لڳو ۽ حضرت امير عليہ السلام سان بيعت ڪيائين. بيعت ڪرڻ کان چاليهه ڏينهن بعد وفات ڪري ويو، وفات جو هنڌ مدائن آهي. مرض الموت ۾ پنهنجن پٽن صفوان ۽ سعيد کي وصيت ڪري ويا ته حضرت امير عليہ السلام سان بيعت ڪجو. پنهنجي پيءُ جي وصيت موجب حضرت امير عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي بيعت ڪيائون ۽ انهن جي خدمت ۾ رهيا، جنگ صفين ۾ شهادت حاصل ڪيائون.(1)

 

ابوسعيد بن مسيب مخزومي

مديني جي ستن فقيهن مان عبدالله بن عباس، عبدالله بن عمر، زيد بن ثابت ۽ سعد بن وقاص رضي اللہ عنہم جن جي صحبت ۾ رهيو. حضرت زين العابدين ﷦ جن جو چوڻ آهي ته: ”سعيد بن مسيب اعلم الناس لما تقدمہ من الآثار و افضلهم في بابہ“ چاليهه حج ادا ڪيائين. پنجاهه سال تڪبير اوليٰ ۾ اول صف ۾ جماعت سان کڙو ٿي بيٺو ۽ ٽي سال اذان کان اڳ ۾ مسجد ۾ حاضر ٿيو.

عبدالملڪ پنهنجي دور حڪومت ۾ کانئس نياڻيءَ جو سڱ گهريو. انڪار ڪندي چيائين ته سخت سياري جي ٿڌ ۾ سخت ٿڌو پاڻي منهنجي مٿان هاري ڪوڙا هڻو ته به راضي هرگز نه ٿيندس. آخر ڪثير بن مطلب سان جيڪو جمله علمن ۽ فقہ جو طالب هو، تنهن کي ٻن يا ٽن درهم جي مهر ۾ پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائين.

 

جرير بن عبدالله بجلي

پاڻ سڳورن ﷺ جي رحلت واري ڏينهن ايمان آندو هئائين. قال رضي الله عنہ ما حجبني رسول الله عليہ وسلم منذ اسلمت ولا رآني اِلا تبسم في وجهي.(1)

ترجمو: جنهن ڏينهن کان مون اسلام آندو آهي، پاڻ سڳورن ﷺ مون کي ڪنهن به شيءِ کان نه روڪيو آهي ۽ جڏهن به مون ڏانهن نهاريندا هئا ته منهنجي سامهون اچي مسڪرائيندا هئا.

بلند قد و قامت سان نهايت خوبصورت هو. اميرالمؤمنين عمر رضي الله تعاليٰ عنه سندس نالو ”امت جو يوسف“ رکيو هو. سن 32هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ شيخ الاسلام احمد جاميءَ جو سلسلو انهيءَ سان ملي ٿو.

 

امام ثاني ابومحمد حسن عليہ السلام

جگر رسول الله ﷺ، امام ٻيو. سندس لقب سيّد ۽ مجتبيٰ آهي. اول کان آخر تائين انهيءَ نالي جو ترجمو شبر آهي. ولادت سندس نصف رمضان ۾ ٿي. سن 30هه سندس والد (حضرت علي رضي الله عنہ) جي شهادت کان پوءِ سندس ظاهري خلافت ڇهه مهينا هلايائين پوءِ استعيفا ڏنائين. اهڙي طرح حديث: ”الخلافة بعدي ثلاثون سنة“ کي تصديق بخشيائين. هن حضرت جي رحلت سال 50هه/671ع
7 صفرالمظفر ۾ ٿي سندس قبر مبارڪ بقيع ۾ آهي.

حضرت علي عليہ السلام جن کان پوءِ سلسله محمديه، عليہ ۽ سلسلہ شاذليہ هن حضرت کان جاري ٿئي ٿو ۽ سلسلہ محمديہ ٻين حضرات کان هڪ ٻئي جي پٺيان سلسلي وار از امام قايم الي قطب الکلي سيد ابراهيم ۽ ان کان سيد اسمٰعيل وان کان سيد مسعود اسفرايني ۽ ان کان سيد عبدالشڪور دائم الحضور جن شاخون قائم ڪيون.

مير سعدالله پنهنجي سَنَدَ جي آخر ۾ لکي ٿو:

سلسله شاذليه امام خَمس کان شيخ ابي محمد (جابر) پوءِ شيخ سعيد غزواني پوءِ شيخ فتح السعودي پوءِ ابي القاسم المرواني پوءِ ابي اسحٰق ابراهيم شيخ محمود القطب زين الدين محمود القزويني، پوءِ شيخ محمد شمس الدين پوءِ تاج الدين پوءِ ابي الحسن پوءِ صوفي الفقير پوءِ شريف المدني پوءِ شريف عبدالسلام بن مشيش پوءِ قطب زمان ابي الحسن علي بن محمد الشاذلي الشريف الحسيني.

 

ٽيون امام ابوعبدالله حسين

بر قلب اسماعيل عليهما السلام، انهيءَ نالي سان موسوم، جنهن جو ترجمو شبير آهي، سيد ۽ شهيد سندس لقب آهن، سندس شهادت ۽ دفن ڪربلا معليٰ ۾ سن 61هه ۾ ٿيو.

 

عمر بن علي عليہ السلام

جنهن وقت، امام حسين عليہ السلام ڪربلا ۾ شهيد ٿيا، هيءُ مدينہ ۾ هو. پوءِ مڪي ڏانهن ويو ۽ ان کان پوءِ ڪوفي روانو ٿي ويو. ان وقت معصب بن زبير سان مختار ثقفي جي لڙائي هئي ان ۾ شهيد ٿي ويو.

سندس پُٽ نالي محمد گذاري ويو. ان کي چار پٽ پيدا ٿيا. جن مان عبدالله کي ٽي پٽ پيدا ٿيا ۽ انهن مان محمد جا ٻه پٽ رهيا، جن مان جعفر، سندس لقب المؤيد من السماء هو. ملتان ۾ اچي مقيم ٿيو. جنهن کي پنجاهه پٽ پيدا ٿيا. انهن منجهان عبدالمجيد اُچ شريف جو حاڪم ۽ عبدالله والي رياست بڻيو. اهڙي طرح سندس نسب هتي پهتو.

 

محمد حنفيہ

حضرت علي ﷦ جي اولاد ۾ حضرت حسنين عليهم السلام جن کان پوءِ هيءُ بزرگ ترين سندن فرزند هو. سندس لقب سيد التابعين ۽ ڪنيت ابوالقاسم هئي. ڪربلا جي واقعي ۾ ڪونه هو. جڏهن امام زين العابدين رضي الله عنہ، شام کان واپسي فرمائي ۽ حضرت امام حسين ﷦ جي وصايت جو دعويدار بڻيو ته بحڪميت حجرالاسود حضرت زين العابدين جي بحيثيت امام رابع بيعت ڪيائين ۽ سندس ئي ارادت ۾ پنهنجي عمر پوري ڪيائين ۽ سن 81هجري ۾ بعض جي چوڻ موجب مدينه ۾ ۽ بعض جي چوڻ موجب طائف ۾ وفات ڪيائين. جيڪي محمد حنفيہ جي امامت جا قائل ۽ سندس معتقدين هئا. انهن جو چوڻ آهي ته اهوئي مهدي موعود آهي ۽ اهو زنده آهي ۽ جبل رضوي ۾ مقيم آهي ۽ آخري زماني ۾ ظاهر ٿيندو. انهن منجهان ئي هاشميه فرقه جو چوڻ آهي ته ان جي امامت کان پوءِ سندس فرزند ابوهاشم کي امامت ملي ۽ جيئن کيس فرزند صلبي ڪونه هو تنهنڪري وصايت، محمد بن علي بن عباس کي حاصل ٿي ۽ ان کان سندس فرزند ابراهيم بن محمد ۽ ان کان پوءِ سندس ڀاء عبدالله بن محمد لقب سفاح، جو عباسي خلفاء مان هو ان کي حاصل ٿي.

 

عباس بن علي رضي اللہ عنہ

سندس لقب سقاء هو. ڪربلا واري واقعه ۾ شهيد ٿيو. سندس ئي خاندان مان نالي حسن بن عبدالله سندس مسند تي ويٺو. پوٽن منجهان علي اعرج به مشهور ۽ معروف ٿيو.

 

عون علي عليہ السلام

بحرالانساب ۾ مذڪور آهي ته حضرت امير عليہ السلام پنهنجي دور خلافت ۾ کيس حلب جو حاڪم مقرر ڪيو هو. اتان جي سلطان جي گهراڻي مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻه فرزند نالي عمر ۽ عثمان پيدا ٿيا، جيڪي حضرت امام شهيد عليہ السلام سان گڏ ڪربلا ۾ شهيد ٿيا.

 

امير عمر بن عون علي عليہ السلام

هيءُ امير عمر ولدعون علي جي نالي سان معروف هو حلب ۾ سال 95هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

امام رابع زين العابدين عليہ السلام

سندس لقب سجاد زين العابدين هو ۽ نالو علي اوسط هئس. سندس ولادت نصف جمادي الآخر سن 37هه آهي. برقلب يحيٰ نبي عليہ السلام ۽ سندس ڪنيت ابوالقاسم، ابو محمد ۽ ابوالحسين هئي. سندس وفات جو سال 12 محرم سن 94هه آهي. بقيع ۾ پنهنجي چاچي جي قبر جي ڀرسان مدفون آهي.

 

ابوالخالد ڪابلي

سندس نالو ڪنڪر يا وردان هو، اول ڪسائي مذهب ۽ محمد حنيفه جي ارادتمندن ۾ خاص هو. آخر ۾ اميرزاده امام زين العابدين جن جي خدمت ۾ رهي کانئن فيض حاصل ڪيائين. سندس ئي حڪم موجب واپس پنهنجي وطن وريو.

 

حسن سعيد

امام همام سجاد عليہ السلام جي آزاد ڪيل غلامن منجهان هو ۽ سندس خاص مددگار هو.

 

حسن بن امام حسن عليہ السلام

سندس لقب حسن المثنيٰ هو. پنهنجي وقت جي بزرگ ترين شخصيت هو. ڪربلا جي واقعي وقت نون سالن جي عمر جو هو. واقعه ڪربلا ۾ زخمي ٿي پيو ۽ سندس مامو نالي اسماء بن خارجه جنگ جي ميدان مان، کيس ٻاهر کڻي آيو. ڪجهه وقت سندس گهر ۾ مقيم رهيو ۽ بعد ۾ حضرت امام زين العابدين جي خدمت ۾ رهيو ۽ انهن وٽ ئي وفات ڪري ويو.

قَالَ بعض العلماءَ شهد واقعہ کربلا وکان يومئذ من الفرسان المعدودين و الشبهان المذکورين فاصابہ ثمان و ثمانون جراحة و وقع بين القتليٰ محملہ اسماء بن خارجہ سيد بني فرازه بالکوفة و بقي عنده عشر ثلاثة اشهر.

ترجمو: بعض عالم چون ٿا ته ڪربلا جي واقعي ۾ حاضر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪن چند گهوڙي سوارن ۽ دليرن مان هو ۽ زبردست لڙائي واقع ٿي، تانجو کيس اٺياسي زخم رسيا، پوءِ ڪوفي جي بني فرازه جي سردار اسماء بن خارجه کيس ٻاهر کڻي آيو ۽ پوءِ ان جي ئي گهر ۾ ٽي مهينا مقيم رهيو.

سندس نرينه اولاد مان هي معروف آهن: ابوعلي حسن، لقب حسن المثلث ۽ ابوعبدالله محض.

 

ابوخادم

جليل القدر تابعين منجهان آهي. ڪافي صحابه رضي الله عنهم جي صحبت کيس نصيب ٿي ۽ سندس گفتارکي مشڪلات جي ڪنجي سڏيو ويندو هو.

چوندو هو ته تو دنيا کي پنهنجو مشغلو بڻايو آهي، حالانڪ آخرت ان کان وڌيڪ ۽ تمام ڀلي آهي.

 

ڪميل بن زياد نخعي

موحد خاص ۽ اميرالمؤمنين جن جو رازدان هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن سندس باطن مٿان جيڪي اسرار الهٰي جا بار رکيا هئا، تن جو جڏهن جوش موجزن ٿيندو هو ته ان جوش جي بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ اهي راز ظاهر ڪندو هو.

نوي ورهيه جي عمر ۾ سن 83هه ۾ حجاج بن يوسف ثقفي کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو هو.

خرقه فيض حضرت علي عليہ السلام کان حاصل ڪيو هئائين. ڪڏهن حضرت جناب کان پڇندو هو ته حقيقت ڇا آهي؟ پاڻ جواب ڏيندا هئا ته تنهنجو حقيقت سان ڪهڙو واسطو؟ تنهنجو پهريون ساٿي راز آهي، پر منهنجي طرفان تو ڏانهن جيڪي به منتقل ٿئي. پڻ فرمايائين ته سوال ڪرڻ کان بچ. پوءِ فرمايائون ته حقيقت اها ڪشف آهي جيڪا بغير اشاري جي انوارالهٰي حاصل ڪري ٿي. (ڪميل) عرض ڪيو زدني بياناً وڌيڪ بيان فرمايو. فرمايائون ته محوالموهوم مع صحو المعلوم (دنيا ۾ ڄاڻ هوندي به اڻڄاڻ ٿي وڃ) عرض ڪيائين ته وڌيڪ نصيحت فرمايو! فرمايائون ته ”نور.“ عرض ڪيائين ته وڌيڪ بيان فرمايو! فرمايائون ته هتک السر بغلبة السر (يعني ڳجهه کي ڳجهه سان مِٽاءِ) عرض ڪيائين ته وڌيڪ بيان فرمايو! فرمايائون ته يشرق نور من صبح الازل فيلوح عليٰ هياکل التوحيد آثاره (صبح جي ابتدا سان اوڀر کان نور اڀري ٿو ۽ پوءِ توحيد جي سڀني آثارن تي چمڪي ٿو) قال زدني بيانا عرض ڪيائين ته وڌيڪ بيان فرمايو، فرمايائون ته اطفي السراج فقد طلع الصبح. (يعني جڏهن صبح جي روشني ٿئي ته ڏيئي (چراغ) کي اجهائي ڇڏ). شرح دين بيان ڪندڙ شيخ فاضل عبدالرزاق ڪاشي.

 

ابي سعيد حسن بن يسار بصري قدس سره (معروف حسن بصري)

سندس والده، اُم سلمه رضي الله عنها جي ڪنيز هئي، نالو حسن. ٻالپڻ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي ڪوزه مبارڪ مان پاڻي پيتو هئائين. پاڻ سڳورن کي جڏهن اها خبر پئي ته فرمايائون ته جيتريقدر هن منهنجي ڪوزه مان پاڻي پيتو آهي، اوتريقدر منهنجو علم ان کي اثر ڪندو. ام سلمه ﷦ هميشه اها دعا گهرندي هئي ته اي الله! هن کي امام ۽ خلق جو پيشوا بڻائج. هيءُ اڪابر بزرگن منجهان هو. هڪ سؤ ٽيهه صحابن کان شرف حاصل ڪيو هئائين. جن ۾ ستر بدر جا شهيد به شامل آهن ۽ حضرت علي عليہ السلام سان بيعت ڪئي هئائين ۽ ان کان ئي خرقہ خلافت حاصل ڪئي هئائين ۽ جڏهن دعا گهرندو هو ته حبيب عجمي به دامن ڦيلائي گڏ دعا گهرندو هو ۽ چوندو هو ته شرف قبوليت جو ڏٺم. فرمايائين ته ٻڪري انسانن کان وڌيڪ سمجهدار آهي، ڇو ته جڏهن به مالڪ (ٻڪرار) کيس هڪل ڪري چوڻ يا ڪنهن به جوءِ ڏانهن وڃڻ کان روڪيندو آهي ته رڪجي ويندي آهي پر انسان کي خدا تعاليٰ ڪيترائي حڪم ڪري ٿو تڏهن به اهو باز نه ايندو آهي.

فرمايائين ته انسان کي اهڙي جڳه تي موڪليو ويو آهي، جتي حلال ۽ حرام موجود آهي، پوءِ حلال جو محاسبو ٿيندو ۽ حرام سندس لاءِ عذاب بڻبو.

مذڪور آهي ته هڪ دفعي هڪ اهڙي جماعت وٽان لنگهيو جو ماڻهن جو ميڙ، کِلَ چرچي ۾ مشغول هو. فرمايائون ته مان اهڙن ماڻهن تي حيرت ٿو ڪريان جيڪي کل چرچي ۾ مشغول آهن ۽ پنهنجي حال کان بي خبر آهن.

فرمايائون ته: الله تعاليٰ دوستن ۽ مهمانن تي خرچ ڪرڻ جو حساب ڪونه وٺندو آهي، البت جيڪو پيءُ ماءُ تي خرچ ڪيو ويندو. ان جو حساب ٿيندو ۽ سندس وفات جو سن 111هه/ 729ع آهي.

بستين الطالبين ۾ حسن بصري کان روايت آهي ته: مؤمن واريون وصفون ڪتي ۾ وڌيڪ آهن: ڪتو انسان کان برگزيده آهي، ڇو ته ان جون وصفون هي آهن: (1) بک جو اظهار نه ڪندو آهي، اها وصف صالحن جي آهي. (2) ڪتي کي معين مڪان نه هوندو آهي، اها وصف متوڪلين جي آهي. (3) هميشہ ننڊ نه ڪندو آهي، اها وصف طيبن جي آهي. (4) ۽ جڏهن مرندو آهي ته ميراث نه ڇڏيندو آهي. اها وصف زاهدن جي آهي. (5) پنهنجي مالڪ جو درُ نه ڇڏيندو آهي، توڙي جو کيس ڌِڪاريو ويندو آهي اهو مقام صادقن جو آهي. (6) تنگ محل تي قانع رهي ٿو، اها خصلت متواضعين جي آهي. (7) هر حال ۾ هر شيءِ تي گذارو ڪري ٿو. مالڪ کان ٻيهر نٿو گهري اهو مقام راضي رهندڙن جو آهي. (8) ساري رات مالڪ جي وفاداريءَ ۾ ڊوڙندو ۽ شور ڪندو رهي ٿو، مگر ٿڪاوٽ جو ذڪر نه ٿو ڪري. اها وصف شاڪرين جي آهي. (9) پنهنجي مالڪ کان خوف ڪري ٿو، اهو ادب خاشعين جو آهي. (10) پنهنجي مالڪ سان رات جي سخت اونداهيءَ ۾ گڏجي هلي ٿو ۽ رستي ۾ ڄاڻ ڪرائي ٿو اها وصف عارفن جي آهي.

ڪنهن بزرگ ڪتي کان پڇيو ته اي ڪتا! تون ساري رات جاڳين ٿو پنهنجي ڀؤنڪ جي آواز سان به ماڻهن کي بيدار رکين ٿو، باقي اسر مهل جو جاڳڻ جو وقت آهي وڃي سمهين ٿو.

چوڻ لڳو ته منهنجو جاڳڻ، ستل ۽ غافل ماڻهن جي لاءِ تنبيہ آهي، شايد منهنجي آواز سبب جاڳي پون ۽ پنهنجي زبان تي الله جو نالو آڻين ۽ اسر جي وقت انهيءَ ڪري سمهندو آهيان ته متان تهجد گذار ٻانهن جي عبادت ۾ ڪو خلل پوي.

بيت

هيچ نداني که سگ را شور (غوغائي)چراست،

منع مي سازد کہ جز حق بر در ديگر مرو.

ترجمو: ڪوئي نه ٿو ڄاڻي ته ڪتي جو شور ڇا جي لاءِ آهي، منع ٿو ڪري ته حق (مالڪ) کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي در تي نه وڃ.

 

ابوبڪر محمد بن سيرين نصراني

امام معبرين و مقتداء متجرين هو. تقويٰ ۽ زهد ۾ ڪامل ۽ ڪرامات عاليه جو حامل هو. ستر اصحاب بدر ۽ ٻارهن ٻين اصحابن سڳورن کان مستفيض ٿيل هو. کيس ٽي پٽ هئا. خوابن جي تعبير ۽ عجيب حڪايتن جو نتيجو نهايت عقلمندي سان بيان ڪندو هو، جيڪي ڪرامات مثل هوندا هئا. هڪ دفعي کيس ڪنهن بزرگ شخص ٻڌايو ته سفيد ڪبوتري، مسجد جي ڪنگري تي ويٺل ڏٺم، اوچتو باز ظاهر ٿيو ۽ ان ڪبوتريءَ کي کڻي هليو ويو. چيائين ته حجاج، حضرت جعفر طيار جي نياڻي سان شادي ڪندو ۽ ائين ئي ٿيو.

هڪ دفعي ڪنهن شخص کيس ٻڌايو ته مان پاڻيءَ جي صراحيءَ منجهان پاڻي پي رهيو آهيان ته ان کي ٻه سوراخ آهن. هڪ منجهان مٺو ۽ ٻئي سوراخ مان ڪوڙو ۽ کارو پاڻي اچي رهيو آهي. چيائين ته خدا تعاليٰ کان ڊڄ ڀيڻ تي ٿو وڃين.

هڪ دفعي ڪنهن ٻئي شخص کيس ٻڌايو ته ڏسان ٿو ته زيتون جو تيل ڪري ۽ پکيڙي رهيو آهيان، چيائينس ته تو جيڪا ٻانهي رکي آهي، سا تنهنجي ماءُ آهي.

هڪ دفعي ڪنهن عورت کيس چيو ته منهنجي مٿي منجهان هڪ ٻلو نروار ٿي ڪري منهنجي مڙس جي پيٽ ۾ ويو ۽ ان جي پيٽ مان رت چوسي پي رهيو هو.

چيائين ته، اڄ رات تنهنجي مڙس جي دڪان ۾ چور آيو ۽ ٽي سونوي درهم چوري ڪري کڻي ويو.

هڪ دفعي هڪ عورت وٽس آئي ۽ چيائينس ته خواب ۾ ڏٺم ته ثريا تارو چنڊ سان گڏ لهي آيو آهي ۽ اعلان ڪندي مون کي چئي رهيو هو ته نڪري وڃو، ابن سيرين جي هيئت تبديل ڪئي وئي آهي. سندس ڀيڻ پڇيو ته اهو ڇا آهي. چوڻ لڳو ته مون کي گمان آهي ته هفتي کان پوءِ مون کي ڪو عهدو ڏنو ويندو ۽ ٿيو به ائين ئي.

 

حفصہ بنت سيرين

محمد بن سيرين جي ڀيڻ هئي. زهد ۽ تقويٰ ۾ پنهنجي ڀاء جي برابر هئي. صاحبة آيات ۽ عاليه ڪرامات هئي.

 

جابر بن عبدالله بن حرام انصاري

هي حضرت مدينه جي انهن ڇهن شخصن مان هو، جن نبوت جي يارهين سال، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي بيعت عقبہ ڪئي هئي. جليل القدر صحابه رضوان الله عنهم مان هڪ هو. حضرت محمد جعفر صادق عليہ السلام جن جو قول آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي پيروي ۾ ڪامل هن جهڙو ٻئي ڪنهن کي ڪونه ڏٺم. امام باقر عليہ السلام جن جي خدمت ۾ ساري عمر گذاريائين.

شيخ عمر ڪشي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جابر ڪاري رنگ جي پڳ مٿي تي ٻڌندو هو ۽ مسجد نبويه ۾ ويهي، ديني مسائل سکندو هو. اتي ويهي ڪڏهن ڪڏهن اوچتو بلند آواز سان نعرا لڳائيندو هو ”يا باقرالعلم!“ مدينه جا ماڻهو جڏهن اهو نعرو ٻڌندا هئا ته چوندا هئا ته هي ديوانو آهي ۽ کيس چريائپ جي بيماري آهي ۽ هذيان ۾ اهو نعرو هڻي ٿو. اهو ٻڌي هو ماڻهن کي چوندو هو ته هذيان ۾ ڪونه ٿو چوان ۽ ديوانه به ڪونه آهيان بلڪه پيغمبر سڳوري صلي الله عليہ وسلم جن مون کي فرمايو ته، تمام جلد منهنجي اهل بيت مان هڪ شخص کي تون ڏسندين، جيڪو منهنجي نالي سان هوندو، يعني منهنجو نالو ۽ ان جو نالو هڪجهڙو هوندو ۽ ان جون عادتون منهنجين عادتن وانگر هونديون ۽ قارين وانگر علم جي قراة ڪندو. سندس وفات جو سال 99هه ٻڌايو وڃي ٿو.

 

عمر بن عبدالعزيز بن مروان

معروف ۽ مشهور شخصيت آهي. مروان جو پوٽو آهي. جڏهن خلافت جي مسند تي ويٺو، المعصوم بالله جو لقب حاصل ڪيائين.

چيو وڃي ٿو ته دورِ خلافت ۾ ڏاڍو ڏُڪار پيو ۽ ٻهراڙي جا سڀ ماڻهو وٽس اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چوڻ لڳا ته بيت المال ۾ ڪافي مال موجود آهي، اها الله تعاليٰ جي ملڪيت اسان ٻانهن لاءِ آهي، سو اسان کي ڏي ته خدا تعاليٰ توکي اجر ڏيندو. اهو ٻڌي ڏاڍو رُنو ۽ مال کين ڏيئي ڇڏيائين ۽ برسات وسڻ لاءِ دعا گهريائين ۽ عرض ڪيائين ته يا الله انهن کي به اسان وانگر (سکيو) بڻاءِ. انهيءَ وقت ڪَڪر نمودار ٿيا ۽ جهُڙ بڻجي سخت برسات وسائڻ لڳا ۽ آخر ڳڙو شروع ٿي ويو ۽ عمر بن عبدالعزيز جي گهر کي شگاف پئجي ويو ۽ شگاف مان هڪ ڪاغذ ڪِري اندر آيو، جنهن تي لکيل هو ته:

هذا برائة من الله العزيز الجبار الي عمر بن عبدالعزيز من النار.

يعني: الله تعاليٰ غالب ۽ جبار جي طرف کان، عمر بن عبدالعزيز لاءِ هي دوزخ جي باهه کان ڇوٽڪاري جي (سند) آهي. انهيءَ چيو ته جيڪڏهن الله جي مدد اسان سان شامل حال نه هجي ها ته اسان پنهنجن چپن کي سندس نالي سان روشن نه ڪري سگهون ٿا. چيائين ته انهن ماڻهن مان نه ٿيو. جيڪي شيطان تي بظاهر لعنت ڪن ٿا ۽ اندر ۾ ان جا مطيع آهن.

سندس پيءُ عبدالعزيز بن مروان هو. عبدالعزيز مصر جو گورنر هو ۽ سال 85هه ۾ وفات ڪري ويو، سندس والده اُم عاصم بنت عمر بن الخطاب - رضي الله عنهم- هئي. هڪ دفعي کيس اهو ارادو ٿيو ته اهلبيت رسالت مان ڪنهن هڪ شخص کي پنهنجو ولي عهد ڪريان. اها خبر جڏهن بنو اُميه کي پئي ته انهن سندس ٻانهيءَ جي هٿان هڪ رات کيس زهر ڏياري شهيد ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو رجب سن 101هه ۾ ٿيو. سندس خلافت جو عرصو ٻه سال پنج مهينا رهيو. سندس فرزند عبدالعزيز مشهور محدثين مان هو، سن 147هه ۾ وفات ڪري ويو.

في روض الرياحين: عن بعض الصالحين قال ڪان لي ابن استشهد فلم اُره في المنام الا ليلة توفي عمر بن عبدالعزيز (رضي الله تعاليٰ عنہ) ترا آي لي تلک الليلة؟ فقلت يا بني الم تکن ميتا؟ فقال لا (ولکنني) استشهدت وانا حيّ عندالله ارزق. فقلت لہ ما جاء بک فقال نودي في اهل السماء الا لا يبقي نبي ولاصديق ولاشهيد الا ويحضر الصلوٰة علي عمر بن عبدالعزيز فجئت لاشهد الصلوٰة ثم جئتکم لاسلم عليکم.

ترجمو: روض الرياحين ۾ مذڪور آهي ته هڪ صالح بيان ڪيو ته مون کي هڪ پٽ هو، جيڪو شهيد ٿي ويو. مون کيس ان رات خواب ۾ ڏٺو، جنهن رات عمر بن عبدالعزيز ﷥ فوت ٿي ويو هو، پوءِ مون ان کي چيو ته اي پٽ! ڇا تون مري نه ويو آهين؟ پوءِ چيائين ته نه! پر مان شهيد ٿيو آهيان ۽ زنده آهيان ۽ الله وٽ رزق کائي رهيو آهيان. پوءِ کيس مون چيو ته توکي ڪهڙي شيءِ آندو آهي؟ چيائين ته آسمان کان آواز آيو ته ڪوبه باقي نه رهي نه نبي ۽ نه صديق ۽ نه شهيد، مگر حاضر ٿئي هرهڪ عمر بن عبدالعزيز جي جنازي جي نماز پڙهڻ لاءِ. پوءِ مان به آيس ته جيئن جنازي ۾ شريڪ ٿيان، پوءِ توهان وٽ آيس ته جيئن توهان کي سلام ڪريان.

 

ابي عاصم بصري

قال عبدالواحد بن زيد ابي عاصم البصري کيف صنعت حين طلبک الحجاج قال کنت في غرفتني (1)

 فدقوا علي الباب ودخلوا فدفعت لي دفعة فاذا انا عليٰ قبيس بمکة فقال لہ عبدالواحد من اين کنت تاکل؟ قال کانت تاتي الي عجوزة وقت افطاري بالرغيفتين، الذين کنت اکلها بالبصرة فقال عبدالواحد تلک الدنيا امرها الله ان تخدم ابا عاصم.

ترجمو: عبدالواحد بن زيد، ابي عاصم کان پڇيو ته جڏهن توکي حجاج طلب ڪيو ته توسان ڪيئن معامله ٿيو؟ چيائين ته جڏهن مون کي حجاج طلب ڪيو ته مان پنهنجي گهر ۾ موجود هئس پوءِ ڏسندي ڏسندي ئي آءٌ ڪجهه ماڻهو ڪڙو کڙڪائي منهنجي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ مون کي قابو ڪري وٺي ويا، ۽ مڪہ جي جبل قبيس تي هيس. پوءِ عبدالواحد کانئس پڇيو ته توکي خوراڪ ڪٿان حاصل ٿيندي هئي چيائين ته سانجهيءَ جي وقت، سامهون وارن گهرن مان هڪ تمام پوڙهي عورت اچي کاڌو ڏيئي ويندي هئي، اهو کائيندو هئس، پوءِ عبدالواحد چيو ته اي اباعاصم! هي دنيا الله تعاليٰ جي حڪم سان هلي ٿي.

 

سعيد بن ابي عروبہ

اهل دين ۽ ڪامل يقين وارو بزرگ هو. ڳالهه ٿو ڪري ته حجاج بن يوسف ثقفي پنهنجي عهد دوران هڪ دفعي مڪہ ۽ مدينہ جي وچ تي ترسيل هو، پنهنجي دربان کي چيائين ته ڪو ماڻهو پيدا ڪر ته هو مون سان گڏ منجهند جي ماني کائي ۽ جڏهن انهيءَ جي آڏو دسترخوان وڇايو ويو ته هڪ بدوي جبل کان نڪري آيو. ان کي حجاج چيو ته اچ ۽ هٿ ڌوئي صاف ڪري مون سان گڏ ماني کاءُ. چيائين ته تنهنجي دعوت بهتر آهي يا ان جي بهتر آهي، جنهن کي دوست رکان ٿو. پڇيائينس ته اهو ڪير آهي. چيائين ته خدا تبارڪ و تعاليٰ جنهن مون کي روزي رکڻ جي دعوت فرمائي آهي. مون روزو رکيو آهي. چيائين ته هن سخت گرميءَ ۾؟ جواب ڏنائين ته هن کان سخت ۽ ڏاڍي گرميءَ ۾ روزا رکيا اٿم. چيائين ته اڄ افطار ڪر، سڀاڻي رکج. جواب ۾ چيائين ته جيڪڏهن تون ضمانت ڏين ته مان سڀاڻي تائين جيئرو رهندس ته پوءِ ائين ڪريان. چيائين ته مان ائين نٿو چئي سگهان. البته طعام ڏاڍو لذيذ آهي. جواب ۾ چيائين ته مان تنهنجو لذيذ طعام چاهيان ٿو ۽ نه طعام کي پچائڻ وارو. البته عاقبت جي بهتري چاهيان ٿو.

 

سيدنا محمد بن ابي بڪر بن قحافه تيمي قريشي

سندس والده جو نالو اسماء بنت عميس هو. هوءَ اصل ۾ حضرت جعفر بن طيار جي گهر واري هئي. حضرت جي شهادت کان پوءِ ساڻس سيدنا ابوبڪر ﷦ شادي ڪئي. حجة الوداع واري سال ۾ ان مان محمد پيدا ٿيو. جڏهن ابوبڪر﷦ گذاري ويو ته ساڻس حضرت علي عليہ السلام شادي ڪئي ۽ حضرت امير عليہ السلام ئي سيدنا محمد جي پرورش ڪئي ۽ تربيت ڏني، حضرت امير عليہ السلام پنهنجي عهد ۾ کين مصر جو گورنر مقرر ڪيو ۽ پوءِ کيس حضرت معاويہ جي لشڪر شهيد ڪيو. حضرت امير مٿس ڏاڍو رُنو ۽ فرمايائين ته کان عبدالله صالحاً ولنا صالحاً.

يعني الله جو صالح ٻانهو هو ۽ اسان لاءِ به صالح پٽ هو.

سيدنا قاسم بن محمد بن ابي بڪر﷦

هي حضرت امام زين العابدين جو ساٿي ۽ سادات تابعين مان هو ۽ مدينہ منوره جي ستن فقيهن مان هڪ فقيہ هو. يحييٰ بن سعيد جو قول آهي ته مدينہ منوره ۾ مون اهڙو ماڻهو نه ڏٺو، جنهن کي قاسم تي فضيلت هجي. مالڪ بن انس ﷦ جو قول آهي ته قاسم امت جي فقهاء مان هڪ فقيہ آهي. کيس سالم بن عبدالله تي فوقيت آهي. قاسم، حضرت امام زين العابدين جو ماسات آهي.

سن 101هه ۾ وفات ڪيائين جو سندس عمر ٻاهتر سال هئي. امام باقرسندس نياڻو هو ۽ امام جعفر صادق سندس ڏهٽو هو.

 

اصبغ بن نباتہ الحنظلي المجاشعي ڪوفي

هيءُ حضرت امير عليہ السلام جي خاص ساٿين ۽ مددگارن مان هو. شرط الخميس جي جماعت مان هڪ هو. اصبغ کان ڪنهن پڇيو ته حضرت امير مان توکي ۽ تنهنجي ڇوڪري کي ڪهڙو فائدو رسندو آهي. چيائين ته مان انهيءَ سان اهو شرط ڪيو آهي ته اسان توسان گڏ راه حق ۾ مجاهده ڪريون ٿا پوءِ قتل ٿيون يا ڪاميابي حاصل ڪريون ته ساڻس اهو شرط ڪيو اٿم ۽ کين ضامن وڌو آهي ته انهيءَ جي عيوض ۾ اسان کي بهشت ۾ وٺي ويندين. خميس انهيءَ لشڪر کي چوندا آهن، جنهن جا ويهه حصا هجن. مقدمہ، نساق، قلب، ميمنہ ۽ ميسره.

حضرت قنبر

غلام خاص باب شبير ۽ شبر جڏهن هن کي حجاج لعين وٽ آندو ويو ته کائنس حجاج پڇيو ته علي بن ابي طالب عليہ السلام جي تون ڪهڙي خاص خدمت ڪندو هئين. جواب ۾ چيائين ته کيس مان وضو ڪرائيندو هئس. چيائين ته وضو کان پوءِ ڇا پڙهندو هو. جواب ۾ چيائين ته هيءَ آيت:

فَلَمَّا نَسُوۡا مَا ذُکِّرُوۡابہٖ فَتَحۡنَا عَلَيۡهِمۡ اَبۡوَابَ کُلِّ شَيۡءِط حَتّٰي اِذَا فَرِحُوۡا بِمَا اُوتُوۡا اَخَذۡنٰهُمۡ بَغۡتَة فَاِذَا هُمۡ مُبۡلِسُوۡنَ فَقُطِعَ دَابِرُ الۡقَوۡمِ الَّذِيۡنَ ظَلَمُوۡاط وَالۡحَمۡدُ لِلهِ رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ. (1)

ترجمو: پوءِ کين جيڪا نصيحت ڪئي وئي، پوءِ انهيءَ کي جڏهن وساريائون تڏهن مٿن هر شي جا دروازا کولي ڇڏياسون. ايتريقدر جو جيڪو کين ڏنو ويو هو ته انهيءَ تي جڏهن ڏاڍا خوش ٿيا، تڏهن اوچتو کين پَڪڙيوسون. پوءِ اهي انهيءَ مهل مايوس ٿي ويا. پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پَٽي وئي ۽ سڀ ساراهه الله جهانن جي پالڻهار لاءِ آهي.

حجاج چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها آيت اسان جي ئي شان ۾ تاويل ڪئي پئي وڃي ۽ اسان سڀني کي ظالم ڄاتو ٿو وڃي. قنبر جواب ۾ چيو ته هائو! حجاج کيس چيو ته جيڪڏهن تنهنجي سِسِي وڍي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ چيائينس ته تون ظالمن جي ٽولي ۾ شمار ٿيندين ۽ مان مظلومن ۾. پوءِ کيس شهيد ڪرايائين.

 

 

ٻيو معيار

 

ٻي صدي هجريءَ جو بيان

 گذريل معيار اول ۾ چئن پير طريقت ۽ سندن خليفن جو احوال بيان ٿي چڪو آهي. هاڻي ٻي صدي جي بزرگن ۽ صاحب طريقة جو ذڪر، سلسلو، حليو ۽ اعمالن، اذڪارن، خاص مقام، زماني ۽ ڏينهن جو بيان ڪيو پيو وڃي ته جيئن مطالعو ڪندڙ ۽ طالب تحقيق سندن سلاسل، اذڪار ۽ اعمال کان واقف ٿي مستفيض ٿين. ٻارهن امامن مان چار امامن جو ذڪر معيار اول ۾ بيان ٿي چڪو آهي. باقي ٽن امامن جو ذڪر سندس احباب سان گڏ هن معيار ۾ ڪيو پيو وڃي ۽ باقي پنجن امامن جو ذڪر سندن احباب سميت ان شاءالله معيار نمبر 3 ۾ بيان ڪيو ويندو.

ان کان اڳ هتي حضرت قدوة الواصلين سيد سعدالله سورتي شافي و ڪافي جو قول عربي عبارت سان جيڪو سندس رساله مان نقل ڪيو ويو آهي، تبرڪ ۽ معلومات لاءِ درج ڪريون ٿا: ”يقول الفقير محمد سعدالله لما سئلت بيان في الهند اشتهر من خانواده اربع عشر وقد تلقط بها هٰؤلاءِ القطب الاکبر في اجازة والاذن الانوار اردت ان اکتب ما يکشف عنها علي الوجہ الاخضر مع زيادة ما تکثر فيہ تعاليٰ..... قد ذکر بعضهم انها التوسلات بالامام الحسن و الحسين والحسن البصري و کميل بن زياد و العشرة المبشرة لٰکن الاکثر الاشهر ان الحسن البصري بعد ما اخذ الطريقة العلية من امام الاولياء علي ابن ابي طالب کرم الله وجهہٗ اولها الي عبدالواحد بن زيد فتفرعت منہ خمسة 1. زيديہ 2. عياضيہ 3. ادهميہ 4. هبيريہ 5. چشتيہ. واليٰ حبيب عجمي فاتشعبت منہ تسعة (1) حبيبيہ (2) ڪرخيہ (3) سقطيہ (4) جنيديہ (5) طوسيہ (6) سهرورديہ (7) گاذرونيہ (8) طيفوريہ (9) فردوسيہ. فهذه اربعة عشر خانواده ولها سلاسل قد تجمع في واحدة منها اکثر من واحدة من الخانوادات.

ترجمو: فقير محمد سعدالله کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته چوڏهن سلسله طريقت هندستان ۾ مشهور آهن ۽ انهن جي اجازت ۽ حڪم سان قلب اڪبر مقرر ڪيو ويندو آهي. پوءِ ان جي وضاحت اوهان جي سامهون لکان ته جيئن ان ۾ ڪابه ڪمي پيشي نه ٿئي، ڪن جو چوڻ آهي ته انهن جي توسل و نسبت امام حسن ۽ حسين و حسن بصري ۽ ڪميل بن زياد سان آهي ۽ پوءِ عشره مبشره پر اڪثر اهو مشهور آهي ته اهو سلسله عاليه حسن بصري جي واسطي سان حضرت امام الاولياء حضرت علي ڪرم الله وجهہ سان ملي ٿو. پهريائين اهو عبدالواحد بن زيد تائين پهچي ٿو ان کان پوءِ پنجن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو: 1. زيديه 2. عياضيه 3. ادهميه 4. هبريہ 5. چشتيه ۽ حبيب عجمي تائين پهچي ٿو. ان کانپوءِ نون شاخن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو: (1) حبيبيه (2) ڪرخيہ (3) سقطيه (4) جنديه (5) طوسيه (6) سهرورديه (7) گاذورنيه (8) طيفوريہ (9) فردوسيه. پوءِ اهي چوڏهن سلسله طريقت جڏهن ڪل گڏ ٿي هڪ ٿين ٿا ته کين خانوادات چيو ٿو وڃي.

هن معيار ۾ پنجن طريقن جي بزرگن جو احوال بيان ٿيل آهي، اهي هي آهن: چشتي، زيدي، ڪرخي، عياضي ۽ اڌهمي.

 

قطعي جو ترجمو

آهه هيءُ نسخه معيار طريقت،
منجهه بيان آ سالڪن سڳورن.
توفيق عمل سان طئي ڪرائين ٿا راهه،
نه طاقت رکان ٿو بنا تن جي دلخواه.
ٽڪره دل کي ٿا ڪن ڪيمائي،
سالڪن جي سلوڪ جي ڏين ٿا آگاهي.
ڏيئي ڄاڻ پوري رکائين ٿا عارفن سان،
بنائين ٿا گداگر کي صاحب جاهه.
قطره لطف الهٰي سان ٿيم بيشڪ،
بحمدا لله هرجاءِ منجهه افواه.
نه جهليم تاب تنهن جو هنيائون نعره حق،
مگر هو شان تعاليٰ الله الله.

 

طاؤس يماني

هي حضرت اڪابرين اولياء مان هو. تاريخي ڪتاب يافعي ۾ سندس لاءِ هن طرح بيان آهي: طاؤس بن ڪتيمان اليماني جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز خلافت جي مسند تي ويٺو، تڏهن ان ڏانهن هيءُ جملو لکي موڪليائين ته آن اردت يکون عملک خيرا اکلہ فاستعمل اهل الخير. يعني: تون پنهنجي عملن جي بهتري گهرين ٿو ته ڀلائي وارن کي مقرر ڪر. عمر بن عبدالعزيز چيو ته مون کي اهائي نصيحت ڪافي آهي. طاؤس يماني، ابن عباس ۽ ان جهڙن کان علم حاصل ڪيو هو. دوران حج هو اوچتو فوت ٿي ويو. ان وقت جو حاڪم هشام بن عبدالملڪ به حج ڪرڻ آيو هو. جنهن جنازي جي نماز پڙهائي. مذڪور آهي ته جنازي جي نماز تي خلق جو ايڏو ته هجوم هو، جو جنازي کي ٻاهر آڻڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. آخر مڪہ جي امير پنهنجي سمورن ملازمن جي مدد سان خلق کي پاسي ڪري، جنازي کي ٻاهر آندو. جنازي سان گڏ هلڻ وارن ۾ اڪثريت سادات ۽ شرفاء جي هئي. عبدالله بن حسن بن حسين بن علي بن ابي طالب به سندس جنازي جي کٽ کي ڪلهو ڏنو. بي انتها هجوم سبب ماڻهن جي مٿن جا پٽڪا هيٺ ڪِري پيا ۽ ڪيترن ماڻهن جي پٺين جون چادرون ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويون. سندس وفات جو سال ذوالحج 105هه آهي.

 

امام خامس محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب عليہ السلام

هي حضرت محمد باقر عليہ السلام جي نالي سان مشهور آهي. سندس ڪنيت ابوجعفر آهي. سندس جسم، ناف کان مٿي تائين، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي جسم مبارڪ سان مشابهه هو ۽ امام حسين سان ناف کان وٺي ننهن تائين. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي جسم مبارڪ سان مشابهه هو ۽ حضرت باقر عليہ السلام جو جسم پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جي ساري جسم مبارڪ سان مشابهه هو، ان ڪري کيس محمد ثاني جي لقب سان سڏيندا هئا ۽ برقلب شيث عليہ السلام هو.

سندس والده اُم حسن بنت امام حسين عليہ السلام هئي. پاڻ حسني ۽ حسيني هو. سندس ولادت سن64 هه ۾ ٿي.

منقول آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن حضرت جابر انصاري کي ڏسي فرمايو ته اي جابر! سڀني اصحابن ۾ تنهنجي عمر ڊگهي آهي.

جابر ﷦ انصاري آخري عمر ۾ نابين ٿي ويو هو (هڪ دفعي ڪنهن شخص جي آهٽ ٻڌي) چيائين ته ڪير آهي؟ فرمايائين ته آءٌ محمد بن علي بن حسين بن علي آهيان. عرض ڪيائين ته مان توهان مٿان قربان وڃان ٿورو اڳڀرو اچو. جڏهن امام صاحب، وٽس ويو ته سندس هٿن کي چميائين ۽ سندس پيرن چمڻ جي به خواهش ظاهر ڪيائين. امام صاحب پري هٽي بيٺو ۽ جابر ﷦ عرض ڪيو ته حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جو چوڻ مون کي ياد آهي. جو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم فرمايو هو ته يا جابر لعلک يبقي حين يلقي رجلا من ولدي يقال لہ محمد بن علي بن حسين لهب لہ النور الحکمة فاقرا مني السلام.

يعني: اي جابر! شايد تون ان وقت (جيئرو) هجين ۽ منهنجي اولاد مان هڪ شخص سان تنهنجي ملاقات ٿئي، جنهن جو نالو محمد بن علي بن حسين هوندو. سندس (چهره) ۾ نور ۽ حڪمت جا نشان هوندا. کيس منهنجا سلام چئج!

مذڪور آهي ته جابر، امام صاحب کي عرض ڪيو ته ڇا اوهين نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جا وارث نه آهيو. فرمايائين ته هائو. وري چيائين ته ڇا اوهان جي دعا سان مرده زنده ۽ ڪوڙهه برص وارا شفاياب نه ٿيندا آهن. فرمايائين ته هائو! پوءِ دعا لاءِ عرض ڪيائين. پوءِ جابر سندن ويجهو آيو، ته انهيءَ سندس اکين تي پنهنجو هٿ مبارڪ ڦيريندي يا ڪافي جو لفظ چيو. ايتري ۾ سندس ديد بحال ٿي وئي ۽ ڏسڻ لڳو. وري ٻيهر سندس اکين تي هٿ مبارڪ ڦيريائين ته جابر ﷦ جي ديد غائب ٿي  وئي. پوءِ کيس امام صاحب فرمايو ته جيڪڏهن تون گهرين ته تنهنجي ديد قائم ٿئي ۽ تون ڏسڻ لڳين. پوءِ تنهنجو حساب الله سائين وٽ آهي ۽ جيڪڏهن تون نابين رهڻ گهرين ته پوءِ تون بي حساب بهشت حاصل ڪندين. پوءِ جابر ﷦ نابين رهڻ پسند ڪيو.

فرمايائين ته ماڻهن جا مصائب اسان جي مٿان عظيم آهن. اگر بيان ٿا ڪريون ته مڃڻ وارا ڪونه آهن، اگر بيان نٿا ڪريون ته درست منزل تي اسان کانسواءِ کين ڪوبه پهچائي ڪونه سگهندو.

فرمايائين ته پنجن قسمن وارن ماڻهن سان قرابت نه ڪج: (1) بکيو، جيڪو لقمه جي لالچ ۾ توکي وساري ويهندو. (2) بخيل جيڪو گهرج جي حالت ۾ توکان پري ٿي ويندو. (3) ڪوڙو جيڪو ڀروسي جوڳو نه هوندو آهي. (4) بيوقوف، جنهن جي نيڪي به نقصانده هوندي آهي. (5) قاطع صلة الرحم (مائٽن سان تعلقات ٽوڙڻ وارو) جو سندس پڇاڙي چڱي نه ٿيندي آهي.

صحيح قول موجب سندس وفات جو سال ۽ تاريخ 23 صفر 114هه آهي. مذڪور آهي ته ابراهيم بن وليد پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي کين زهر ڏنو هو، پوءِ شهيد ٿي ويو. سندس قبر مبارڪ حضرت امام حسن عليہ السلام جي ڀرسان آهي. باقريه شيعه فرقو کيس آخري امام سمجهي ٿو ۽ امامت مٿس ختم ۽ آخري زمانه ۾ واپس اچڻ جو عقيدو رکي ٿو.


(1) ترمذي هن حديث کي غريب ڄاڻايو آهي. جامع ترمذي جي حديث 2572 ۾ ثلاثہ جو لفظ آهي ۽ مقداد جو نالو ڪونه آهي.

(2) تفسير ابن ڪثير ص169ج1- مجمع الزائد ص117-118ج9.

(1) صحيح بخاري

(1) صحيح هي آهي ته پاڻ يمن وارن کان پڇيائون ڇاڪاڻ ته ”قرن“ يمن جو شهر آهي، نه نجد جو. ڏسو مسلم حديث: 2542.

(1) بخاري حديث: 447/2812 متن ۾ حديث جا لفظ واضع ناهن

(1)  سورة اليل آيت: 5

(1)  مدائن جو علائقو بغداد کان چاليهه ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي. هن ئي علائقي ۾ سيدنا سلمان فارسي ﷦ جي مزار اقدس مرجع خلائق آهي. جنهن سان گڏ رسول الله﷣ جن جا ٻه اصحابي سڳورا حضرت حذيفه بن اليمان ۽ حضرت جابر بن عبدالله رضوان الله عليهم اجمعين جون قبرون موجود آهن. اهي قبرون پهريائين اتي موجود ڪونه هيون. جتي زير زمين پاڻي اچڻ سبب ٻه دفعا حضرت حذيفہ بن اليمان شاهه عراق ( فيصل اول) کي خواب ۾ قبرون منتقل ڪرڻ لاءِ چيو. شاهه عراق مسلسل ٻن راتين تائين ساڳيو خواب ڏٺو پر سمجهي نه سگهيو- پوءِ  ٽئين رات حضرت حذيفه ﷦ مفتي اعظم عراق نور السعيد پاشا کي خواب ۾ اچي ساڳي ڳالهه دهرائي- اها ڳالهه مفتي صاحب شاهه عراق سان ڪئي، ته هن کيس هڪدم مزارن جي منتقلي لاءِ فتويٰ جاري ڪرڻ جو عرض ڪيو. فتويٰ ۽ شاهي فرمان سڀني اخبارن ۾ نه رڳو شايع ٿيا، بلڪ اها خبر پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي. آخر 24 ذوالحج سومر جي ڏينهن 1922ع ۾ لکين انسانن جي موجودگيءَ ۾ مزارن کي کوليو ويو. معلوم ٿيو ته حضرت حذيفہ بن اليمان﷦ جي قبر اطهر ۾ پاڻي اچي چڪو آهي، ۽ حضرت جابر بن عبدالله﷦ جي مزار ۾ نميءَ جا آثار هئا. حالانڪه دجله اتان تقريباً چار فرلانگ پري هو. سڀني ملڪن جي سفيرن عراقي حڪام بالا، مذهبي رهنمائن ۽ شاهه عراق جي موجودگيءَ ۾ پهريائين حضرت حذيفه﷦ جي جسد مبارڪ کي ڪرين جي ذريعي زمين تان ڪجهه اهڙي طرح مٿي کنيو جو مقدس جسد ڪرين سان گڏ رکيل اسٽريچر تي پاڻهي رڙهي آيو. پوءِ ڪرين کي اسٽريچر کان الڳ ڪري شاهه فيصل، مفتي اعظم عراق، وزير ترڪي، ولي عهد مصر شهزاده فاروق ڪلهو ڏئي شيشي جي تابوت ۾ رکيو. ساڳيو عمل حضرت جابر بن عبدالله﷦ جي نعش سان ڪيو ويو. انهن عظيم المرتبت صحابين جي ڪفن ۽ حجرن مبارڪ کي ڏسي لڳي ئي نه پيو ته ڪو کين 1400 سال اڳ دفن ڪيو ويو آهي. ان کان وڌيڪ اهو ته سندن اکيون مبارڪ کليل هيون. جن ۾ ايتري ته چمڪ هئي جو جنهن به کين چتائي ڏٺو ٿي ته سندن اکيون کيريون پئي ٿي ويون. 

(1) متن ۾ ”حجني“ آهي، جيڪو غلط آهي، درستيءَ لاءِ ڏسو صحيح مسلم شريف حديث:2475- صحيح بخاري حديث:2871. پڻ ترجمو به درست ڪيو ويو.

(1) معنيٰ جي اعتبار سان لفظ ”غرفتي“ صحيح معلوم ٿئي ٿو.

(1) سورة الانعام آيت: 44-45

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com