سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب

صفحو : 6

 

صالح مُرّي بصري

هيءُ نهايت سهڻي آواز سبب مشهور هو، ۽ مالڪ دينار جو همعصر هو.

 

محمد بن واسع بصري

پنهنجي وقت ۾ اهل بصره ۾ افضل هو ۽ مالڪ دينار جو همعصر هو.

 

ثابت البناني

پنهنجي وقت جو بزرگ ترين شخص هو ۽ اهل بصره ۾ ڪثرة الصلوٰة هو. حبيب عجمي جو همعصر ۽ ان وقت جي مشائخ مان هو.

 

شيخ اباجهيز الضرير بصري

صالح مُري بيان ٿو ڪري ته آءٌ اباجهيز ضرير جي زيارت لاءِ روانو ٿيس. سندس جڳهه شهر کان ٻاهر هئي ۽ اتي ئي پنهنجو عبادت خانو قائم ڪيو هئائين. واٽ تي مون کي محمد بن واسع، مالڪ بن دينار، حبيب عجمي ۽ ثابت بناني مليا جيڪي پڻ زيارت جي ارادي سان مون سان گڏجي هليا. ظهر جي نماز ساڻن گڏ پڙهيم. پوءِ اول مٿس محمد بن واسع ظاهر ٿيو. پڇيائين ته ڪير آهين؟ چيائين ته تنهنجو ڀاءُ محمد بن واسع. چيائين ته تون اهو آهين جيڪو اهل بصره ۾ افضل آهي. هو خاموش ٿي ويو، ان کان پوءِ ثابت بناني وٽس ويو. کانئس پڇيائين ته ڪير آهين؟ چيائين ثابت بناني. فرمايائين: انت الذي يقال انک اکثر احسن اهل البصره (تون اهو آهين جنهن کي اڪثر اهل بصره سهڻو سڏيندا آهن، هو خاموش رهيو، ان کان پوءِ حبيب عجمي اٿيو. کيس چيائين ته مَن انت (تون ڪير آهين؟) چيائين حبيب. فرمايائين ته انت الذي يقال انک احسن اهل البصره مستجاب الدعوات. (تون اهو آهين جنهن کي بصره وارا بهترين شخصيت ۽ مستجاب الدعوات چوندا آهن) ان کان پوءِ مالڪ بن دينار اٿيو. کانئس پڇيائين ته تون ڪير آهين. چيائين مالڪ. فرمايائين واهه، واهه! انت الذي يقال انک ازهد اهل البصرة (تون اهو آهين، جنهن کي اهل بصره زاهد ترين شخص سڏيندا آهن). پوءِ صالح مُري وٽس ويجهو ويو. پڇيائين ته ڪير آهين؟ نالو ٻڌايائين فرمايائين انت  الذي يقال انک احسن اهل البصرة صوتا (يعني تون اهو آهين جنهن کي اهل بصره آواز ۾ سڀ کان سهڻو سڏيندا آهن) وڌيڪ چيائين ته مان تنهنجي آواز جو مشتاق آهيان، مون کي قرآن ڪريم جون پنج آيتون ٻڌاءِ. پوءِ هن پڙهيو: يَوۡمَ يَرَوۡنَ الۡمَلآئِکَةَ لَا بُشرٰي يَومَئِذٍ لِّلمُجۡرِمِيۡنَ کان هَبَآءَ مَّنۡثُوۡرًا تائين.(1) آيت ٻڌندي ئي رڙ ڪري بيهوش ٿي ويو ۽ جڏهن هوش ۾ آيو ته وري کيس ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيائين. هن وري آيت پڙهڻ شروع ڪئي ته آيت ٻڌڻ سان وري رڙ ڪري بيهوش ٿي ويو ۽ ان ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽ سندس گهرواري ٻاهر اچي ٻڌايو ته ابوجهيز فوت ٿي ويو ۽ چيائين ته اڪثر سندس دعا اها هوندي هئي.

اللّٰهم اجهر موتي اوليائک فعلمت انکم لم تجتمعوا الا لموتہ فغسلناه و کفناه وحلليناه حلية و دفناه

(يا الله! منهنجي موت وقت پنهنجي ولين کي ظاهر ڪج (۽ سندس گهر واري چيو) ته پوءِ مون کي معلوم ٿي ويو ته اوهان جو گڏ ٿيڻ ئي سندس موت جي نشاني آهي (سندس دعا جو اثر آهي) پوءِ کيس اسان غسل ڏنو ۽ ڪفن ڍڪايو ۽ کيس دفن ڪيو.

 

ابوحمزه ثماني ازوي

سندس نالو ثابت بن دينار آهي ۽ ڪنيت ابوصفدر آهي.

امام علي رضا عليہ السلام کان روايت آهي ته، ابوحمزه، پنهنجي زماني ۾ سلمان مثل هو. ڇو جو اسان جي خاندان جي چئن شخصيتن جي خدمت ڪئي اٿس. علي بن حسين، محمد بن علي، جعفر بن محمد ۽ موسيٰ بن جعفر. هيءُ  سن  150هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

يحيٰ بن ام طويل

فضل بن شاذان کان روايت آهي ته علي بن حسين جي زماني ۾ پنجن ڄڻن کان سواءِ ٻيو ڪوبه شيعو ڪونه هو. انهن پنجن ۾ هڪ هيءُ به هو ۽ امام زين العابدين کان روايت آهي ته منهنجي پيءُ جي شهادت کان پوءِ پنجن شخصن کان سواءِ ٻيو ڪوبه شيعو ڪونه ڏٺم. اهي پنج هي آهن: ابوخالد ڪابلي، يحيٰ بن ام طويل، جبيرابن مطعم ۽ جابر بن عبدالله انصاري. حضرت امام حسين عليہ السلام جي سانحي کان پوءِ ڪافي شيعا ڦري ۽ ڀڄي ويا هئا.

 

ليث بن بختري اسدي يا مرادي

سندس ڪنيت ابومحمد ۽ ابوبصير هئي. حضرت امام محمد باقر عليہ السلام سندس شان ۾ فرمايو آهي ته اهو شخص جيڪو جنت لاءِ خشوع ۽ خضوع سان خدا تعاليٰ جي عبادت ڪري ٿو، انهن سڀن سان ليث به (جنت ۾) هوندو.

 

بريد بن معاوية عجلي

حضرت امام ناطق بحق امام جعفر صادق عليہ السلام کان روايت ڪري ٿو ته زمين جا اوتاد ۽ دين جا اعلام چار شخص آهن: (1) محمد بن مسلم (2) بريد بن معاوية (3) ليث بن بختري ۽ (4) زراره بن اعين. بريد جي وفات سن 150هه ۾ ٿي.

 

محمد بن مسلم بن رباح طايفي ثقفي ڪوفي

هيءُ امام محمد باقر عليہ السلام جي اصحاب مان هو، ڪنهن شخص عبدالله بن يعفور کان روايت ڪئي ته هن ٻڌايو ته مان امام جعفر صادق عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي کيس عرض ڪيو ته سارو وقت ڪم ڪار ۾ گذري ٿو وڃي ۽ ديني مسائل لکڻ لاءِ پهچي ڪونه ٿا سگهون. جيڪڏهن ڪو ماڻهواسان وٽ ديني مسئلي جي پڇڻ لاءِ اچي ٿو ته هڪڙو ماڻهو اسان منجهان ڀڄي (اوهان وٽ) اچي ٿو ۽ مسئلو پڇي پوءِ کيس جواب ٻڌايووڃي ٿو. ڇو ته هر مسئلي جي جواب جي اسان کي خبر ڪونه آهي. حضرت کيس فرمايو ته هر مسئلو محمد بن مسلم کان پڇندا رهو. ڇو ته هُنَ منهنجي پيءُ کان ديني مسئلا سکيا آهن. سندس وفات سن 150هه ۾ ٿي.

       

زراره بن اعين شيباني ڪوفي

هيءُ حضرت امام باقر، حضرت جعفر صادق ۽ امام موسيٰ ڪاظم عليهم السلام جن جي اصحاب مان هو. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام پنهنجي مجلس ۾ فرمايو ته لولا زرارة فقلت ان احاديث ابي ستذهب (جيڪڏهن زراره نه هجي ها ته پوءِ چوان ها ته بيشڪ منهنجي پيءُ جون حديثون ختم ٿيڻ واريون آهن.) کيس ٻه پُٽَ هئا جن جا نالا حسن ۽ حسين هئا.

 

حمزه طيار

سندس ڪنيت ابوعماره هئي. امام محمد باقر عليہ السلام، سندس وجود سبب فخر ڪندو هو.

عبدالملڪ بن اعين شيباني ڪوفي

امام جعفر صادق عليہ السلام پنهنجي اصحاب سميت عبدالملڪ جي قبر جي زيارت لاءِ خود مدينہ منوره ويو هو. امام صاحب جڏهن سندس فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي هئي، تڏهن بي شمار رحمت لاءِ دعا ڪئي هئائين ۽ فرمايائين ته عبدالملڪ جهڙو ماڻهو پيدا نه ٿيندو. کيس هڪ پٽ هو. جنهن جو نالو خريس هو. انهيءَ ڪري سندس ڪنيت ابوخريس هئي.

 

بڪر بن اعين شيباني

سندس ڪنيت ابوجهيم هئي. کيس ڇهه لائق فرزند هئا. ابوعبدالله جهيم، عبدالحميد، عبدالاعليٰ، عمر ۽ يزيد اهي سڀئي حضرت امام محمد باقر ۽ حضرت امام جعفر صادق عليهما السلام جي اصحاب مان هئا. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام سندس وفات کان پوءِ فرمايو: لقد انزلہ الله تعاليٰ بين رسولہ و امير المؤمنين علي عليہ السلام (يعني الله تعاليٰ، پنهنجي رسول ۽ اميرالمؤمنين علي عليہ السلام جي وچ ۾ کيس لاٿو.)

 

حمران بن اعين شيباني ڪوفي

هيءُ پنهنجن ڀائرن زراره ۽ ٻين وانگر مستقيم هو. کيس ٻه لائق پٽ حمزه ۽ محمد هئا. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام سندس باري ۾ فرمايو آهي ته جنتي آهي ۽ ٻي روايت ۾ فرمايو آهي ته حمران مؤمن آهي ۽ امام جعفر صادق جي زماني ۾ ئي وفات ڪري ويو.

 

هشام بن حڪم ڪندي شيباني ڪوفي

هيءُ حوالي قبيلي جو فرد هو. ڪوفي جي محلي شيبان ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پلي نپني وڏو ٿيو ۽ اتي ئي رهيو. بعد ۾ واپار جي خيال سان بغداد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ آخري عمر ۾ بغداد ۾ ئي وفات ڪري ويو. سندس دل ۾ هميشه اهل بيت جي محبت موجزن هوندي هئي. سلسله سلوڪ ۽ طريقت جي راه ۾ ٻن امامن يعني ابوعبدالله جعفر صادق ۽ موسيٰ ڪاظم عليهما السلام کان فيضياب هو.

امام صاحب سندس شان ۾ ڪافي تعريف بيان فرمائي آهي. هارون رشيد جي زماني ۾  سن  179هه ۾ جڏهن هي فوت ٿيو ۽ امام رضا عليہ السلام کي خبر پئي ته سندس لاءِ ڏاڍيون رحمت جون دعائون گهريائين ۽ فرمايائين ته مٿس خدا تعاليٰ جي رحمت هجي، جو هن اسان جي مخالفن جي شبهات کي دفع ڪرڻ لاءِ ڪافي اهتمام ڪيو هو.

 

علي بن خنيس ڪوفي

هيءُ حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جو آزاد ڪيل غلام هو. امام صاحب جن کيس اهل بهشت سڏيو هو. محمد بن عبدالله جو نفس زڪيه جي نالي سان مشهور هو. جڏهن خروج ڪرڻ جو ارادو ڪيائين ته ساڻس ساٿ لاءِ هرهڪ ماڻهو کي ترغيب ڏيندو رهيو.

داؤد ابن علي عباس، ڪيني ۽ بغض سبب کيس گرفتار ڪرائي ۽ قتل ڪرائي ڇڏيو، قتل ٿيڻ وقت ڪيترن ئي ماڻهن کي شاهد بڻائي هي چيائين ته منهنجو ورثو ۽ مال سڀ ڪجهه حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي ملڪيت آهي. امام صاحب جن کي جڏهن سندس قتل جي خبر پئي ته کيس سخت رنج پهتو ۽ غمگين ٿيا ۽ داؤد کي چيائين منهنجو ساٿي، جيڪو منهنجي مال جو نگران ۽ عيال جو خادم هو، ان کي تو ڇو قتل ڪيو؟ الله جو قسم ته حق تعاليٰ وٽ تنهنجي بخشش ۽ مغفرت جو ڪوبه رستو ڪونه آهي.

 

معاويہ بن عمار دهني

هي بحيله قبيله جي دهني شاخ مان هو. حضرت امام جعفر صادق ۽ موسيٰ عليهما السلام جو صحبت يافته هو. انهن کان روايتون ڪيل اٿس.  سن  175هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

علي بن يقطين اسدي ڪوفي

عراق جي عرب بزرگ زادن مان هو. سندس پيءُ يقطين کي تشيع سبب مروان حمار گرفتار ڪرڻ جي پٺيان هو. انهيءَ ڪري هو ڪوفي ڏانهن هليو ويو. علي کيس اتي پيدا ٿيو ۽ حضرت امام موسيٰ ڪاظم جي وقت ۾ اماميه گروهه جو بزرگوار هو ۽ امام عليہ السلام جي حياتيءَ ۾ ئي  سن  180هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

جابر بن يزيد جعفي ڪوفي

سندس چوڻ آهي ته جوانيءَ ۾ مان مدينہ منوره ۾ حضرت امام محمد باقر عليہ السلام جن جي خدمت ۾ رهيو هئس. اول جڏهن مدينہ ۾ آيس ته مون کان پڇيو ويو ته ڪٿان ۽ ڪهڙي قبيله مان ۽ ڪهڙي ارادي سان هت آيو آهين. چوڻ لڳو ته مان جعفي قبيلي مان آهيان ۽ ڪوفي کان هت علم پڙهڻ جي خيال سان آيو آهيان (امام صاحب) کانئس پڇيو ته ڪنهن کان علم پڙهندين؟ چيائين ته اوهان کان! کيس فرمايو ويو: ته پاڻ کي ڪوفي هرگز نه سڏائج بلڪ اهو ٻڌائج ته مان مدينہ جو آهيان. عرض ڪيائين ته ڇا؟ ائين ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي؟ فرمايائون ته جيڪو شخص جنهن جاءِ تي موجود آهي. اهو اتان جوئي رهاڪو آهي، جيستائين هو ٻاهر نه وڃي. پوءِ ڪتاب مون کي ڏي ۽ فرمايائون ته بني اميه جي زماني ۾ اگر ڪنهن لاءِ هي الفاظ تون ٻڌين ته منهنجي لعنت ۽ منهنجي وڏن جي لعنت توتي هجي ته تون ان جو ڪوبه ردعمل يا اظهار نه ڪج ۽ ان کان پوءِ کيس ٻيا ڪتاب ڏنائين ۽ چيائين ته هن ڪتاب کي پڙهه ۽ هن جي مضمون بابت ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ ۽ نه چئه ۽  جيڪڏهن تون منهنجي انهيءَ چوڻ جي ڪابه خلاف ورزي ڪئي ته توتي منهنجي ۽ منهنجي وڏن جي لعنت هوندي ۽ ٿيندي. پوءِ چوي ٿو ته مون ستر هزار حديثون امام باقر عليہ السلام کان سکيون ۽ انهن مان هڪ حديث به ڪنهن کي نه روايت ڪيم ۽ ڪرڻ گهران ٿو.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن جابر آنحضرت کي عرض ڪيو ته حديثن جي اسرار جو عظيم بار مون کي سخت محسوس ٿو ٿئي، مگر ڪنهن جي اڳيان اظهار ڪونه ٿو ڪريان ڪڏهن  ڪڏهن ڏسان ٿو ته اهو حديثن جو اسرار منهنجي سيني کي ايڏو جوش ۾ ٿو آڻي جو ان جي بار سان منهنجي حالت ابتر ۽ جنون وانگر ٿي وڃي ٿي. گويا ديوانگي ۾ آهيان. پوءِ کيس فرمايائون ته جڏهن تون پنهنجي حالت کي اهڙي طرح ڏسين ته پوءِ ٻاهر ويران ميدان ۾ نڪري وڃ ۽ اتي پنهنجي سيني جو جوش خالي ڪر.

مذڪور آهي ته جڏهن هشام بن عبدالمالڪ، مسند تي ويٺو. تڏهن جابر پاڻ کي ديوانو بڻائي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هشام جو حڪم پهتو ته جابر کي منهنجي اڳيان حاضر ڪريو. ڪوفي جي حاڪم، ماڻهن کان معلومات ڪئي ته ماڻهن شاهدي ڏني ته جابر ديوانو ۽ چريو ٿي ويو آهي. هشام ڏانهن اهڙي رپورٽ موڪلي وئي  ۽ جابر کي ڇڏيو ويو.

 

ابان بن تغلب بن رباح بن سعيد بڪري جريري

سندس خانداني نسبت بڪر بن وايل سان لڳي ٿي. عالم ۽ قاري هو. قرائت جي خاطر طرز سبب معروف هو ۽ امام جعفر صادق عليہ السلام کان ٽي هزار حديثون سکي ياد ڪيون هئائين. امام زين العابدين ۽ محمد باقر ۽ امام جعفر صادق عليهما السلام جن سان صحبت جي شرف هئڻ سبب هرهڪ کي سندس لاءِ محبت، عزت ۽ احترام هوندو هو.

حضرت امام محمد باقر عليہ السلام کيس هڪ هنڌ ويهي ماڻهن جا ديني مسائل حل ڪرڻ  ۽ فتويٰ ڏيڻ جو حڪم فرمايو. هن حڪم جي بجا آوري ڪئي. هيءُ حضرت امام جعفر صادق جن جي حياتي ۾ سن 141هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

عبدالله بن شريڪ عامري

هن حضرت علي بن حسين ۽ محمد بن علي عليهم السلام جون ڪيتريون روايتون بيان ڪيون آهن. هڪ ڏينهن امام محمد باقر عليہ السلام پنهنجي خاص مجلس ۾ فرمايو ته مان نزديڪ ڏسان ٿو ته عبدالله بن شريڪ عامري ڪاري پڳ پنهنجي مٿي تي ٻڌندو ۽ ان جو تُرهو پنهنجي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ پاڻ ٺيڪ ڪندو ۽ اسان اهلبيت جي خدمت ۾ چار هزار مرد ڪرار، جرار ۽ حضار سان گڏ ميدان ڪارزار ۾ اچي فاسقن ۽ شريرن سان لڙائي ڪندو، اهو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته اهي سڀ اهلبيت جي امامن ۽ شيعه اماميه جا اصولي عقيدتمند آهن، انهن ڏانهن عبدالله رجعت ڪندو.

 

عبدالله بن ابي يعفور

هيءُ حضرت ڪوفه جي مسجد ۾ درسِ قرآن ۽ قرائت ۾ مشغول هوندو هو. کيس امام جعفر عليہ السلام ڏاڍو پيارو رکندو هو. حضرت امام ڪاظم عليہ السلام فرمائيندو هو ته عبدالله بن يعفور، امام محمد باقر ۽ جعفر صادق عليهما السلام جن جو حواري هو. امام جعفر صادق عليہ السلام فرمائي ٿو ته: مَا وجدتُ احدا يقبل وصيتي ويطيع امري الاعبد الله بن يعفور (يعني منهنجي وصيت کي قبول ڪرڻ وارو ۽ منهنجي حڪم جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو عبدالله بن يعفور کان وڌيڪ ٻيو ڪونه ڏٺم) جڏهن هن وفات ڪئي ته امام صاحب سندس لاءِ ڪافي رحمت جون دعائون گهريون.

 

فضل بن يسار هندي

خلاصه ۾ مذڪور آهي ته هيءُ عربي ۽ خالص بصري هو ۽ جليل القدر ثقہ هو ۽ حضرت امام باقر ۽ حضرت امام جعفر صادق عليهما السلام جن جي راوين مان هو. سندس وفات جي وقت، حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام خود اتي ويا ۽ ميت کي ڏسي فرمايائون ته بخ، بخ بشر المخبتين بالجنة (يعني واهه، واهه عاجزي ڪرڻ وارو ماڻهو جنت ۾ آهي) ۽ وڌيڪ فرمايائون ته فضل منهنجي پيءُ جي دوستن مان آهي ۽ مان به کيس دوست رکان ٿو ۽ هن کي غسل به اهو شخص ڏئي، جيڪو منهنجي پيءُ جي دوستن مان هجي.

روايت آهي ته غسل ڏيڻ وقت فضل (ميت) جو هٿ سندس اگهڙ تي رکيل هو سو هٽائي نه سگهيو ويو. امام جعفر عليہ السلام جڏهن اها خبر ٻڌي ته فرمايائين:

رحم الله هو منا اهل بيت (يعني مٿس الله رحم فرمائي ۽ هو اسان اهل بيت مان هو).

ليث بن بختري اسدي يا مرادي

امام جعفر عليہ السلام کان مروي آهي ته بشر المخبتين بالجنة بريد بن معويہ العجلي و ابوبصير و ليث ابن البختري المرادي و محمد بن مسلم وزراره اربعة نجبا امناء الله علي حلالہ و حرامہ لولا هٰؤلاءِ لانقطعت النبوة و اندرست (عاجزي ڪندڙ شخص جنتي آهي، بريد بن معويه عجلي ۽ ابوالبصير ۽ ليث بن بختري مرادي ۽ محمد بن مسلم ۽ زراره چارئي نجباءَ آهن. کين الله تعاليٰ حلال ۽ حرام جي سڃاڻ ڏني آهي ۽ اهي سلسله فيض نبوت جو واسطو آهن.)

حضرت امام عليہ السلام سندن بهشتي ٿيڻ جو ضامن ٿيو آهي.

بيت جي معنيٰ

زهي دولت زهي عزو زهي يار که حاصل شد بحب آل اطهار.

آل اطهار جي حب سبب حاصل ٿئي ٿي دولت به، عزت به ۽ مددگاري به.

 

بريد بن معويہ عجلي

هيءُ حضرت امام باقر ۽ امام جعفر صادق عليهما السلام جن جو حواري هو ۽ امام جعفر عليہ السلام جن جي حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. امام جعفر صادق عليہ السلام فرمايو ته زمين جو اوتاد ۽ اعلام هي چار شخص آهن: (1) محمد بن مسلم (2) بريد بن معاويہ (3) ليث بن بختري مرادي ۽ (4) زراره بن اعين سندس ٻي روايت ۾ آهي ته هيءُ منهنجي پيءُ جا اصحاب هئا: فرمائي ٿو ته:

ان اصحاب ابي کانوا رينا، احيانا و امواتا اعني زراره، ومحمد بن مسلم، وليث المرادي ۽ بريد عجلي هٰؤلآءِ القوامون بالقسط، هٰؤلآءِ القوامون بالصدق، هٰؤلاءِ السابقون اولئک المقربون (بيشڪ منهنجي پيءُ جا اصحاب، غالب آهن ۽ مددگار آهن. حياتي، مماتي ۽ ڏک سک ۾ مددگار آهن اسان جا ۽ اُهي هي آهن زراره، محمد بن مسلم، ليث مرادي بريد عجلي ۽ اهي انصاف تي قائم آهن صدق تي ۽ اهي ئي اول آهن ۽ اهي ئي اسان جا مقرب آهن. بريد جي وفات سن 150هه ۾ ٿي.

 

شيخ عارف سيار محمد سوار

هيءُ حضرت معروف ڪرخي جو شاگرد هو. شوشتر شهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پليو نپنو ۽ انهيءَ شهر ۾ مدفون آهي. غوث المتاخرين سيد نور بخش لکي ٿو ته ”محمد بن سوار“ سوار سندس پيءُ جو نالو نه آهي، بلڪ ان جو نالو شيخ هو پر سوار جي نالي سان مشهور ٿي ويو، ”حداد“ جي وزن تي ”سوار“ جي عبارت شيخ سان نسبت رکي ٿي، جيڪو سندس پيءُ آهي. بعض جو چوڻ آهي ته هو ڪاريگري ۽ هنر جو ماهر هو. والله اعلم.

بهرحال اڪابرين اولياء زاهد، متقي ۽ عالم هو. سهل بن عبدالله تستري جي وقت ۾ ٿي گذريو.

 

 

 

 

معيار ٽيون

ٽين صدي هجريءَ جو بيان

 

امام ابوالحسن علي رضا عليہ السلام

برقلب يوسف نبي عليہ السلام، امام اٺون، سندس لقب رضا ۽ مرتضيٰ ۽ سندس ولادت جو هنڌ مدينہ منوره، بروز آچر، ڏهين ذيقعد سال 153هه آهي، جيئن ته مامون جي عهد ۾، علوين، تمام گهڻو خروج ڪيو. تڏهن فضل بن سهل ذولرياستين مامون کي چيو ته علوين مان ڪنهن هڪ معتبر شخص کي پنهنجو وليعهد منتخب ڪري ڇڏ ته جيئن اهو (فتنه) ختم ٿي وڃي. مامون ٻه سو هڪ هجري ۾ امام صاحب کي خراسان ۾ سڏرائي کيس وليعهد مقرر ڪيو ۽ ان جو نالو، درهمن ۽ دينارن جو سينگار رکيو ۽ ڪاري عَلَمَ کي جيڪو عباسين جو نشان هو. تبديل ڪري بيعت ڪري. ان کان پوءِ اهڙو عهدنامه لکي امام صاحب وٽ آندو ويو ته ان تي دستخط ڪري. امام صاحب ان (عهدنامه) جي پُٺيءَ تي هن طرح لکيو: انک قد عرفت من حقو قنا مالم يعرفه آباءک فقبلت منک عهدک اِلا ان جفر و الجامعة بدلان علي انہ لايتم.

ترجمو: بيشڪ تو اسان جي حقن کي سڃاتو پر تنهنجن وڏن ان کي نه سڃاتو پوءِ مان تنهنجو اهو عهد قبول ڪيو. مگر سلسله قطع ۽ طوق کي بدلايو وڃي ورنه اهو (فتنه) هرگز ختم نه ٿيندو. آخر رمضان المبارڪ سال 202هه يا سن 203هه ۾ کيس زهر ڏنو ويو. سندس قبر مبارڪ سناباد طوس ۾ آهي، جنهن جو هن وقت نالو مشهد شريف آهي. (1)

 

ابوالحسن علي (عريضي)

هيءُ امام جعفر عليہ السلام جن جو فرزند هو ۽ غريض ۾ ويٺل هو، بيشڪ کيس عريضي سڏيندا هئا جو عريضان سان کيس منسوب ڪندا هئا. هن کي امام محمد تقي سان بيحد عقيدت هئي ۽ جنهن ڪري امام صاحب جي پيرن مبارڪ جي جتي پاڻ سان گڏ رکندو هئو اڪثر کيس چوندا هئا، ته امام محمد تقي عليہ السلام تنهنجو وڏو ڀاءُ آهي ۽ کيس امام شمار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته تون به امامت جي دعويٰ ڪندين. چيائين ته مان به ائين ئي ڪندس مگر اول اهو آهي ۽ سندس وفات جو سن 210هه آهي.

 

حسين بن علي موسيٰ الرضا عليہ السلام

شهزاده حسين جي نالي سان مشهور آهي. سندس تربت قزوين شهر ۾ آهي.

 

ابوجعفر محمد تقي

امام نائون، برقلب صالح عليہ السلام سندس لقب تقي، جواد ۽ مرتضيٰ هو ۽ کيس ابوجعفر ثاني به سڏيندا هئا. انهيءَ ڪري ٻه نالا ڪنيت بامام ناطق بحق امام جعفر صادق عليہ السلام جي فرمان موجب هو. سندن ولادت رمضان المبارڪ سن 195هه آهي.

قال العامل باظلم والمعين لہ الراضي به شرکاء قال البصر علي المصيبة، مصيبة الشامة بها. عامل چيو ته ظلم جو مددگار ۽ان تي راضي رهڻ وارو (ظلم ۾) شريڪ آهي. بصر چيو مصيبت جو نتيجو مصيبت آهي. چيائين ته جيڪڏهن توهان کان پڇا ڪئي وڃي ته الله تبارڪ و تعاليٰ کان خوف رکو ٿا يا نه؟ ته خاموشي اختيار ڪريو. ڇو ته جيڪڏهن چئبو ته نٿو خوف رکان ته ڪافر ٿيندو ۽ جيڪڏهن چئبو ته رکان ٿو ته ڪوڙو شمار ٿيندو.

چيائين ته مال جمع ڪرڻ ۾ چار خصلتون پيدا ٿين ٿيون؛ (1) بخل تمام گهڻو (2) ڊگهي اميد (3) حرص غالب (4) دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيڻ. سندس وفات جو ڏينهن ڇنڇر ذوالحج سن 215هه آهي.

 

حسن بن زيد

(سندس شجره) حسن بن زيد بن محمد اسماعيل جالب الحجارت بن حسن بن زيد بن امام حسن مجتبيٰ عليہ السلام. پنجويهه رمضان المبارڪ سن 205هه ۾ اهل طبرستان سندس بيعت ڪئي ۽ کيس داعي الخلق الي الحق جو لقب ڏنائون ۽ نو سال ۽ ڏهه مهينا حڪومت ڪيائين ۽ سن 225هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

حسين بن احمد

حسين بن احمد بن اسماعيل الارقط بن محمد بن امام زين العابدين عليہ السلام سال 201هه ۾ خروج ڪيائين، قزوين وغيره مان عباسين جي اهڪارن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ سندس لقب داعي الي الحق آهي آخر سن 253هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

امام علي نقي عليہ السلام

امام ڏهون، برقلب ادريس عليہ السلام، سندس ڪنيت ابوالحسن ۽ سندس لقب، نقي، هادي ۽ زڪي هو. کيس عسڪري به سڏيندا هئا ڇو ته ڪافي مُدت سامره ۾ لشڪر سان رهيو هو. سندس والده، مامون جي نياڻي هئي. سندس ولادت سن 213هه ۾ ٿي.

سندس بيان آهي ته: اسم اعظم ۾ ٽيهتر حرف آهن. انهن مان هڪ آصف بن برخيا وٽ آهي ۽ هڪ خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿوڄاڻي ۽ باقي ايڪهتر حروف مون وٽ آهن. سندس وفات 25 جمادي الآخر سن 254هه ۾ ٿي.

کيس، جعفر نالي هڪ فرزند هو، ڪتاب منتخب التواريخ ۾ مذڪور آهي ته جعفر کي هڪ سو ويهه فرزند هئا. ٻئي هنڌ لکيل آهي ته هڪ سو نو فرزند کيس هئا.

 

 

امام حسن عسڪري عليہ السلام

برقلب ابراهيم عليہ السلام ۽ يارهون امام، سندس لقب زڪي، خالص ۽ عسڪري هو. سندس ڪنيت ابومحمد هئي سندس ولادت جو ڏينهن خميس سال 231هه هو. سندس وفات جو ڏينهن اٺين ربيع الاول سال 260هه آهي. سامره ۾ پنهنجي پيءُ جي ويجهو مدفون آهي. کيس محمد مهدي کانسواءِ ٻيو ڪوبه اولاد ڪونه هو.

 

ابوالقاسم محمد مهدي

برقلب شيث عليہ السلام اماميه فرقه، جو چوڻ آهي ته هو الحجة وصاحب الزمان و المنتظر (يعني هو حجت، صاحب زمان ۽ منتظر آهي) سندس ڄمڻ جو هنڌ سامره آهي ۽ ڄمڻ جي تاريخ نصف شعبان سن 255هه آهي. ننڍپڻ واري عمر ۾ ئي علم ۽ حڪمت کيس حضرت عيسيٰ ۽ حضرت يحيٰ عليهما السلام وانگر مليل هو. سندس پنج سال عمر هئي ته پيءُ گذاري ويس، ۽ سندس پنهنجي وفات جو سن265هه هو.

مذڪور آهي ته امام صاحب جي غيابت (غائب هجڻ) جا ٻه دور آهن: (1) غيابت صغريٰ ۽ (2) غيابت ڪبريٰ. غيابت صغريٰ ۾ سفيران بعرض حاجات شيعه اچڻ ٿيو جيڪو علي بن محمد تي ختم ٿيو. پهريون انهن مان ابوجعفر عثمان بن سعيد عمري اسدي آهي ۽ پوءِ ابوالقاسم حسين بن روح بن ابي شجر ابويحيٰ آهي ۽ ابوالحسن علي بن محمد التمري جو ذڪر معيار نمبر چوٿين ۾ بيان ڪيو ويندو. غيابت صغريٰ جي مدت ٽيهتر سال آهي. غيابت صغريٰ ۽ غيابت ڪبريٰ ۾ فرق هي آهي ته غيابت صغريٰ ۾ ٽي سفير مقرر آهن. جيڪي ايندا رهندا ۽ غيابت ڪبريٰ ۾ سندن اچڻ منقطع ٿي ويندو مگر سعادتمند احباب حضرت امام صاحب جي ديدار کان مستفيد ٿيندا رهندا.

علي بن محمد پنهنجي وفات توقيعي کان ڇهه ڏينهن اڳ ظاهر ٿيندو ۽ چوندو ته امام مهدي جا لکيل جمله مڪلمات توقيع هي آهن: ياعلي بن محمد عظم الله اجرک و اجر اخوانک مابينک و بين الموت الاستة ايام فاجمع امرک ولاتتحرض احد اليوم مقامک (اي علي بن محمد تنهنجي اجر کي الله عظيم ڪيو آهي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي اجر کي به تنهنجي وچ ۾ ۽ موت جي وچ ۾ صرف ست ڏينهن آهن. پوءِ پنهنجي ڪم کي سنڀال ۽ پنهنجي مقام کان هڪ ڏينهن لاءِ به نه هَٽُ!

ڇهن ڏينهن کان پوءِ سن 265هه ۾ گذاري ويو ۽ سندس حالات و خبر منقطع ٿي ويا.

جابر انصاري کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته امام مهدي جي غيابت واري عرصي ۾ مخلوق اهڙي طرح فائدو حاصل ڪندي، جهڙي طرح سج کان فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي. يعني حقيقت هن ريت آهي ته امام صاحب جي وجود جي نور جي برڪت ۽ ڪمالات جو فيض مخلوق کي رسندو ۽ مؤمنين جي دلين تي عرفان جو ظهور ٿيندو ۽ مصيبتون دفع ٿينديون. اهڙي طرح جو سج ڪڪرن جي پاڇي ۽ اوٽ هئڻ سبب به دنيا جي تختي تي روشني جو تاب پهچائيندو رهندو آهي. امام صاحب حجاب اندر رهندي به پنهنجي فيض دنيا تي سج جي ڪِرڻن وانگر پهچائيندو رهندو. امام صاحب جي فيض جو منڪر به ائين آهي جهڙي طرح سج جي روشني جو منڪر هجي. جيئن سج جو ڪڪر جي اوٽ سبب جواب عارضي آهي، اهڙي طرح امام صاحب جو حجاب به وقتي آهي، ممڪن آهي جو بعض مؤمنين کي ان حالت ۾ به سندس رؤيت جو شرف حاصل ٿيندو رهي ۽ باطن جا انڌا ان کان بهرمند نه ٿي سگهندا هجن. مَن ڪَانَ فِي هٰذِه اَعْميٰ فَهُوَ فِي الآخِرَةِ اَعْميٰ وَاَضَلُّ سَبيْلاط (جيڪي آهي هت انڌو پوءِ اُهو آخرت ۾ به انڌو آهي بلڪ واٽ ۾ وڌيڪ گمراهه ٿيو)

علاؤالدوله سمناني جو قول آهي جو چوي ٿو ته: امام محمد پنهنجي پوشيده هئڻ واري وقت ۾ ابدال هو ۽ جڏهن قطب زمان علي بن حسين بغدادي فوت ٿي ويو تڏهن هيءُ قطب ٿيو ان کان پوءِ عثمان بن يعقوب جو سي قطب ٿيو ۽ ان کان پوءِ احمد خوردڪ ۽ نيابر کان عبدالرحمٰن بن عوف انهيءَ منصب تي ويٺو.

روايت آهي ته امام صاحب طُهر ٿيل ۽ ناف (دُن) صاف ٿيل ڄايو هو ۽ سندس جسم تي هيءُ آيت لکيل هئي: قُلْ جَآءَ الْحَقُ وَزَهَقَ الْبَاطِلُ اِنّ الْبَاطِلَ ڪَانَ زَهُوْقا. (چئه حق آيو۽ باطل ويو بيـشڪ باطل وڃڻ واروئي آهي).

طريقه محمديه عليہ الصلوٰة والسلام بوراثة خاص امام حسن عليہ السلام وارث ٿيو. اهڙي طرح مذڪور امام صاحب کان سيد ابراهيم قطب ڪلي کي حاصل ڪيو. ان طريقه جو عمل آهي. تخلقوا باخلاق الله (الله جا اخلاق پاڻ ۾ پيدا ڪريو) ۽ ان تي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جو قول، فعل ۽ حال وارد آهي ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان تي قائم رهڻ.

 

محمد بن زيد

هيءُ حسن بن زيد جو ڀاءُ هو. کيس طبرستان جي حڪومت حاصل هئي. سن 287هه ۾ قتل ٿي ويو.

يحيٰ بن حسين

سندس ڪنيت عبدالله بن قاسم الرسي بن ابراهيم طباطبا، سال 280هه معتضد جي زماني ۾ يمن ڏانهن خروج ڪيائين. کيس لقب ”هادي“ سان به سڏيو ويندو هو سن 328هه وفات ڪيائين. تقريباً ستن سالن تائين مڪہ معظمہ ۾ سندس نالي جو خطبو پڙهيو پئي ويو.

 

ابوسليمان داراني

سندس نالو عبدالرحمٰن بن احمد بن عطيه العنسي آهي. بعض کيس عبدالرحمٰن بن عطيه سڏين ٿا. هي شام جي اولين مشائخ مان هو ۽ داران جي ڳوٺ جو رهندڙ هو. جيڪو دمشق جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ هو. سندس قبر همان ۾ آهي. سندس استاد احمد بن ابي الحواري ريحانه الشام جنهن جو قول آهي ته قال لکل شيءِ صدا صدائي نور القلب الشيع.

 

داؤد بن احمد داراني

ابوسليمان داراني جو ڀاءُ ۽ سندس صحبت يافته آهي.

 

فاطمہ نيشاپوريه

هن (خاتون) جي بايزيد بسطامي ڪافي ساراهه ڪئي آهي. جيڪڏهن مڪہ پاڪ ۽ بيت المقدس ۾ هئي ته کانئس ذوالنون ڪافي سوال ڪيا (۽ مطمئن ٿي ويو) سال 223هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

ابووليد احمد

هيءُ ابي رجا جو فرزند هو. ڳوٺ داران جو رهندڙ هو، جو هرات جي نزديڪ آهي ۽ امام حنبل رحمة الله جي شاگردن مان هو ۽ سن 223هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

احمد بن ابي الحواري

هيءُ حضرت، دمشق جو رهاڪو هو. سندس ڪنيت ابوالحسن هئي ابوسليمان ۽ ابوعبدالله بناجي جو صحبت يافته هو. ابوسليمان داراني سندس مريد به هو.

سندس ڀاءُ جو نالو محمد بن ابي الحواري هو. هو به زهد ۽ تقويٰ ۾ سندس برابري رکندڙ هو. سندس پٽ جو نالو عبدالله بن احمد بن ابي الحواري جيڪو زهد ۽ تقويٰ ۾ مڃيل هو ۽ صاحب ڪرامات به هو.

احمد بن ابي الحواري جي پيءُ جو نالو ميمون هو جيڪو ڪامل ۽ عارف بالله هو. ۽ مشهور آهي ته هنن جو خاندان زهد ۽ تقويٰ ۾ بي مثل هو. ڪان الجنيد رحمة الله يقول احمد بن ابي الحواري رحانة الشام (جنيد رحمة الله جو چوڻ آهي ته احمد بن ابي الحواري شام ملڪ جي خوشبو آهي).

سندس ڪلمات هي آهن ته دنيا ڍونڍ آهي. ان تي گڏ ٿيندڙ ڪُتا آهن ۽ ڪُتي کان ڪمتر به اهو شخص آهي جيڪو انهيءَ ڍونڍ کان پري نٿو ٿئي، حالانڪ ڪُتي جي جڏهن حاجت پوري ٿي ويندي آهي ته هو ڍونڍ کان هٽي ويندو آهي، پر دنيا کي دوست رکندڙ، هرگز کانئس پري نه ٿيندا آهن.

مذڪور آهي ته ان ابوسليمان داراني سان عهد ڪيو ته مان تنهنجي فرمان جي هرگز مخالفت نه ڪندس. هڪ دفعي ابوسليمان پنهنجي هڪ مجلس ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ته احمد بن ابي الحواري آيو ۽ کيس چيائين ته تنور تپي ويو آهي. جواب نه ملڻ سبب، ٽي دفعا ساندهه چيائين ته ابوسليمان تنگ ٿي ڪري کيس چيو ته وڃ! ان ۾ وڃي ويهه! ابوسليمان ڪجهه وقت وعظ ۾ مشغول رهيو، پوءِ کيس ياد آيو ته چيائين احمد کي تلاش ڪريو. هو تنور ڏانهن ويو هو. پوءِ جڏهن کيس ڳوليو ويو ته هو تنور ۾ ويٺل هو. مگر سندس هڪ وار کي به تئه ڪونه آيو هو. سال 230هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

رابعه شاميہ

هيءَ (خاتون) احمد بن ابي الحواريءَ جي گهرواري هئي. سندس مڙس جو بيان آهي ته هيءَ مختلف حالات ۾ هوندي هئي. ڪنهن وقت عشق ۽ محبت الهٰي مٿس غالب رهندو هو ۽ ڪنهن وقت انس ۽ ڪڏهن خوف ۽ اميد جي حالت ۾ هوندي هئي.

سندس چوڻ آهي ته هڪ دفعي هڪ ٿالهي منهنجي اڳيان رکيل هئي. چيو ويو ته هن ٿالهيءَ کي مٿي کڻ پوءِ مان ڏٺو ته انهيءَ ٿالهيءَ ۾ هيءُ لکيل هو. ”اميرالمؤمنين هارون رشيد مري ويو“ پوءِ معلوم ڪيو ويو ته واقعي انهيءَ ڏينهن هارون رشيد گذاري ويو هو.

 

احمد خضرويه بلخي

هيءُ خراسان جي بزرگ مشائخ مان هو. سندس ڪنيت ابوحامد هئي. بلخ جو رهاڪو هو، ابوتراب نخشبي، حاتم اصم سندس صحبت يافته هئا ۽ ابراهيم ادهم کي ڏٺو هئائين ۽ سندس دوستن مان بايزيد ۽ ابوحفص حداد گهاٽا دوست هئا، سال 240هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

حاتم بن عنوان الاصم

هيءُ خراسان جي ممتاز مشائخ مان هو. بلخ جو رهاڪو هو. شفيق بلخي جو صحبت يافته هو. احمد خضريه استاد هو. سن 237هه ۾ بلخ جي نواحي علائقي ۾ فوت ٿي ويو.

مذڪور آهي ته هي ٻوڙو نه هو، بلڪه هڪ دفعو وٽس ڪا عورت مسئله پڇڻ آئي ته هن کان اتفاقاً ريح خارج ٿي وئي ته سندس شرمساري کي دفع ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻوڙو ڏيکاريندي، عورت کي چيائين ته (مان ٻوڙو آهيان) ڏاڍيان ڳالهاءِ جو آهستي نه ٻڌي سگهندو آهيان.

شيخ فريد الدين (پنهنجي ڪتاب) تذڪره الاولياء ۾ بيان ٿو ڪري ته اها عورت پندرهن سال زنده هئي ان وقت تائين هن پنهنجو پاڻ کي ٻوڙو ظاهر رکيو.

نڪتو: جيڪو به شخص هن طريقت ۾ اچي ته کيس جڳائي ته چئن موتن لاءِ پاڻ کي پابند رکي، (1) موت ابيض، يعني فاقه ڪشي (2) موت اسود يعني هر ماڻهو جي ايذاء تي صبر ڪرڻ (3) موت احمر يعني نفس جي مخالفت ڪرڻ (4) موت اخضر يعني گودڙي نما پوشاڪ پهرڻ.

نڪتو: شيطان جي حاميءَ چيو ته ڇا کائڻ ٿو گهرين؟ چيم موت! وري چيائين ته ڇا ٿو پهرڻ گهرين؟ چيم ته ڪفن! وري چيائين ته ڪيڏانهن وڃڻ ٿو گهرين؟ چيم قبر ۾!

نڪتو: ڪنهن شخص کانئس پڇيو ته ڪهڙي آرزو ٿو رکين؟ چيائين ته عافيت! انهيءَ شخص چيو ته اها عافيت نه آهي جو روزو رکين ٿو. چيم ته منهنجي لاءِ روزانه واري عافيت اها آهي جنهن ۾ الله جو گنهگار نه بڻجان.

نڪتو: ڪنهن شخص، ڏانهس ڪا شيءِ موڪلي ته هن قبول نه ڪئي. پوءِ کانئس پڇيو ويو ته ڇالاءِ قبول ڪونه ڪيئي؟ چيائين ته وٺڻ ۾ پاڻ کي ذليل محسوس ڪيم ۽ ڏيڻ واري کي عزت وارو محسوس ڪيم ۽ نه وٺڻ واري حالت ۾ پاڻ کي عزت وارو محسوس ۽ ڏيڻ واري کي ذليل. پوءِ عزت واري شيءِ کي اختيار ڪيم.

 

فتح بن موصلي(1)

هيءُ موصل جي بزرگ ترين مشائخ مان هو. بشر حافي سندس دوستن مان هو.

مذڪور آهي ته عيدالضحيٰ جي ڏينهن هڪ ميدان وٽان لنگهي رهيو هو ته ڏٺائين ته ماڻهو قربانيون ڪري رهيا آهن. چيائين ته ”ياالله جلشانہ مون وٽ ڪابه شيءِ ڪونه آهي جو مان قرباني ڪريان صرف مان پاڻ آهيان ۽ بس“ ۽ پوءِ پنهنجي شهادت واري آڱر پنهنجي ڳچيءَ تي رکيائين ۽ ڪِري پيو ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته کيس ساهه ڪونه هو جان ڏنائين، ۽ سندس ڳچيءَ تي هڪ سائي لڪير موجود هئي.

سندس فوت ٿيڻ جو سن 220هه بشرحافي کان ست سال اڳ آهي.

 

سالم العداد

حکي انہ کان سالم العداد رضي الله من الابدال وکان يتره واتي فتح الموصلي وکان اذا سمع الآذان يتغيرلونہ ويصفر و يضطرب ثم يثب ويترک الخالوت وينشد (حڪايت آهي بيشڪ سالم عداد ابدال هو ۽ پنهنجي قوم کي ڇڏي فتح موصلي وٽ آيو).

 

 

بشر حافي(1)

سندس نالو بشر بن حارث بن عبدالرحمٰن بن حافي آهي. سندس ڪنيت ابونصر آهي. اصل مرو جو رهاڪو هو ۽ سندس پيدائش بغداد ۾ ٿي. ڳائيندڙ هو. هڪ ڏينهن حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سندس گهر وٽان لنگهيو ته ڳائڻ جو آواز ٻڌائين. ان وقت (بشرحافي) جي گهر مان سندس ٻانهي ٻاهر نڪتي. ان کان امام صاحب پڇيو ته گهر وارو، غلام آهي يا آزاد. ٻانهيءَ چيو آزاد. امام صاحب فرمايو ته تڏهن ته هيءُ گناهه جو مرتڪب ٿئي ٿو ورنه جيڪڏهن بنده هجي ها ته الله تعاليٰ عزوجل جي بندگيءَ ۾ تقصير هرگز نه ڪري ها. پوءِ سندس ٻانهي گهر ۾ اچي کيس ساري ماجرا ٻڌائي. پوءِ بشرحافي انهيءَ ئي حال ۾ پيرن اگهاڙو ڀڳو ۽ امام صاحب جي خدمت ۾ پهچي توبهه ڪيائين. پيرن اگهاڙي خدمت ۾ اچڻ سبب مٿس لقب حافي پيو. حافي بغداد ۾ مقيم هو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. سندس وفات جو سن 227هه آهي.

 

حارث بن اسد محاسبي

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي بزرگ ترين مشائخ ۽ علماء مان هو.  اهل بغداد جو استاد هو. اصل بصره جو رهاڪو هو. پوءِ بغداد ۾ رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. چاليهه سالن تائين ديوار سان پنهنجي پٺي لڳائي نه ويٺو، بلڪ گوڏا ڀَڃي هميشه ويهندو هو. کانئس پڇيو ويو ته ڇاجي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايڏي تڪليف ۾ ٿو وجهين چيائين شرم ٿو اچي ته حضرت جي مشاهده ۾ بنده ٿي نه ويهان.

قال من صحح باطنہ بالمراقبة والاخلاص. زين الله ظاهره بالمجاهدة و اتباع السنة. چيائين: جنهن پنهنجي باطن کي مراقبه ۽ اخلاق سان تندرست ڪيو ته الله تعاليٰ ان جي ظاهر کي مجاهدي ۽ سنت جي پيري سان سينگاري ڇڏيو. حضرت احمد بن حنبل رحمة الله جي وفات کان ٻه سال پوءِ هيءُ سن 243هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

ذوالنون مصري

سندس نالو ثوبان بن ابراهيم ۽ ڪنيت ابوالفيض آهي. انهيءَ نالي ۽ ڪنيت سان اختلاف ڪن ٿا، مگر اهوئي صحيح آهي ۽ ڪي کيس اخميم مصري سڏين ٿا، جتي شافعي جي قبر آهي. سندس پيءُ نوبه (حبشہ) جو رهاڪو هو ۽ قريش جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ نوبه جو شهر مصر ۽ حبشہ جي وچ تي آهي. کيس ڀائر به هئا. انهن مان هڪ ذوالڪفل جنهن جو نالو ميمون ذوالڪفل بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس لقب ذوالنون مصري هو. مالڪ بن انس جو شاگرد هو. هي ڪنهن جو چوڻ آهي ته عبارت ۾ اشارو آيل آهي ته جنيد هن علم کي ترتيب ڏنو ۽ پکيڙيو ۽ ڪتابن ۾ بند ڪيو ۽ شبلّي منبر تي چڙهي ان کي آشڪار ڪيو. جنيد چيو ته اسان انهيءَ علم کي پوشيده رکيو ۽ ڪنهن ڍنگ سان ان کي حد اندر بيان ڪيو ۽ شبلي اچي منبر تي چڙهي بيان ڪيو ۽ ذوالنون مصري وري سفر شروع ڪيو ۽ چيائين ته سفر ۾ جيڪي پهريون علم حاصل ٿيو اهو خاص ۽ عام کي ٻڌايم ۽ سفر ۾ جيڪو ٻيو علم حاصل ٿيو ان کي خاص ماڻهن کي ٻڌايم ۽ عام کي ڪونه ٻڌايم ۽ ساڳي ئي سفر ۾ مون کي جيڪو ٽيون علم حاصل ٿيو اهو نه عام کي ٻڌايم ۽ نه خاص کي ٻڌايم. فبقيت شريداً طريداً وحيداً (باقي رهيو اڪريو ڌڪاريل. گمراهه ۽ بي سود طريقو) ان کي ڇڏي ڏنم ته جيئن اهڙي طريقه علم جو دنيا ۾ وجود ئي نه رهي.

جڏهن سندس جنازي کي کنيو ويو ته سبز پکي پنهنجن پَرن سان مٿس ڇانو ڪندا هليا ۽ انهيءَ پرن جي ڇانو ۾ سڀئي ڪانڌي هلندا رهيا. جڏهن شافعي جو شاگرد مزني آيو ته ذوالنون جي جنازي کي نمايان ڪيو ويو.

مذڪور آهي هڪ دفعي ذوالنون مصري ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري رهيو هئو ته سفر ڪندڙن مان هڪ واپاريءَ جو هار گم ٿي ويو ته ٻيڙي وارن سڀني مسافرن اهو اتفاق ڪيو ته هار ذوالنون چوري ڪيو آهي. مٿس سڀني تشدد ڪيو ۽ کيس ذليل ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ ڏٺائون ته درياء مان مڇيون مٿي سطح تي نڪري آيون، هرهڪ مڇي جي وات ۾ هڪ هار هو. ذوالنون هڪڙيءَ مڇيءَ جي وات مان هڪ هار کڻي واپاري کي ڏنو. ٻيڙي ۾ سڀني جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو ته سندس پيرن تي ڪِري پيا ۽ معافي گهريائون ۽ انهيءَ ڪري مٿس ذوالنون لقب پيو.

سندس ارشادات: چيائين ته مان هڪ عورت کي ڏٺو، کانئس پڇيو ته محبت جي انتها ڪهڙي آهي؟ چيائين ته محبت کي ڪا انتها ڪونه آهي.

پڇيم ته ڇا لاءِ؟ انهيءَ ڪري جو محبوب کي ئي انتها ڪونه آهي. چيائين: دوستي انهيءَ سان رک جو تون ان کان ڦِري وڃين مگر اهو توکان نه ڦِري!

چيائين ته: دل ۾ دوزخ ۽ قرآن جو خوف ائين آهي، جيئن درياءَ ۾ پاڻي جو قطرو. کانئس پڇيو ويو ته عارف ڪير آهي. چيائين ته اهو مرد آهي جو انسان کان جدا انسان آهي. چيائين ته: ٻانهپ اها شيءِ آهي جو ٻانهو اهڙيءَ طرح هجي جو سندس آڏو الله تعاليٰ کانسواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪونه هجي.

چيائين ته: عام توبه گناهه کان توبه آهي ۽ خاص توبه غفلت کان توبه آهي.

چيائين ته: تدبير کي ترڪ ڪرڻ جو نالو توڪل آهي کانئس پڇيو ته افسوس ڪنهن تي وڌيڪ ڪرڻ کپي. چيائين ته جيڪو مرد بدخوءُ گهڻو هجي. کانئس پڇيو ويو ته دنيا ڇا آهي؟ چيائين ته اها هر شيءِ جيڪا خدا تعاليٰ جي ذات کان غافل ڪري ڇڏي. ڪنهن شخص کيس عرض ڪيو ته مون کي نصيحت ڪيو ۽ وصيت ڪيو! چيائين ته پنهنجي همت کي هٿ کان نه ڇڏ ۽ دل کي ماضي ۽ مستقبل جي چڪر يا انديشه ۾ نه وجهه يعني گذريل وقت ۽ اچڻ واري جو تصور دل مان ڪڍي ڇڏ صرف حال کي غنيمت ڄاڻ.

رحلت جي رات، پيغمبر عليہ الصلوٰة والسلام جي ستر صحابه کي خواب ۾ ڏٺائين. جيڪي چئي رهيا هئا ته اڄ رات ذوالنون ايندو، سو انهيءَ جي استقبال لاءِ آيا آهيون.

جڏهن سندس جنازودفن ڪرڻ لاءِ کنيو پئي ويو ته رستي ۾ مؤذن جي اذان ٻڌائين ۽ پنهنجي شهادت واري آڱر کي مٿي ڪيائين ته ماڻهن سمجهيو ته شايد زندهه آهي. جنازو هيٺ رکيائون ۽ ڏٺائون ته سندس آڱر مٿي اُڀي بيٺي آهي. هر طرح سان هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون مگر سندس آڱر هيٺ نه ٿي سگهي ۽ سندس پيشانيءَ تي سبز رنگ ۾ هن ريت لکيل هو:

هذا حبيب الله مات بسيف الله في حبيب الله (هيءُ جو پيارو آهي ۽ الله جي ترار سان مري ويو آهي. هيءُ الله جو پيارو آهي).

ٻئي ڏينهن سندس قبر تي هن طرح لکيل ڏٺو ويو. جيڪو انسان جي هٿ جو لکيل هرگز ڪونه هو. ذوالنون حبيب الله من الشوق قتيل الله (ذوالنون الله جو پيارو آهي ۽ ان جي شوق ۾ قتل ٿيل آهي) ۽ جڏهن به ان لکيل فقره کي ڊاهيو ويو ته وري، وري لکجي پيو اچي.

سندس فوت ٿيڻ جو سن 245هه آهي.

نڪتو: ذوالنون کان پڇيو ويو ته مريد ڇا آهي ۽ مراد ڪيئن آهي چيائين: المريد يطلب والمراد يهرب (مريد طلب ڪندڙ آهي ۽ مراد پڄندڙ آهي).

شيخ الاسلام انصاري فرمائي ٿو ته مريد، سو هزار نياز سان طلب ڪري ٿو ۽ مراد سو هزار ناز سان پڄي ٿي.

نڪتو: ۽ هيءُ به فرمائي ٿو، التفکر في ذات الله جهل والاشارة اليہ شرک و حقيقة المعرفة حيره. ترجمو: الله جي ذات ۾ سوچڻ جهل (ناداني) آهي ۽ انهيءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ شرڪ آهي ۽ معرفة جي حقيقت جاچڻ حيرانيءَ ۾ وجهندڙ آهي.

 

شيخ ابوتراب نخشبي

سندس نالو عسڪر بن الحسين آهي. چيو وڃي ٿو ته عسڪر بن محمد بن الحصين آهي. خراسان جي ممتاز مشائخ مان هو. کيس علم، مروت، زهد ۽ توڪل حاصل هو. ابوحاتم عطار بصري ۽ حاتم اصم بلخي جن جو صحبت يافته هو. سندس استاد ابوعبدالله جلا ۽ ابوعبيد بسري هو.

سندن چوڻ آهي ته: عارف اهو آهي جنهن کي ڪا شيءِ مائل نه ڪري ۽ هر شيءِ ان جي اڳيان روشن هجي.

چيائين ته: عبادت با منفعت کانسواءِ کيس ڪابه شيءِ سندس دل کي سڪون ميسر نٿي ڪري سگهي.

چيائين ته: جڏهن ٻانهو، حق سبحانہ تعاليٰ کان منهن موڙيندو آهي ته سندس آخري عمر اولياء حق تعاليٰ جي شان ۾ پنهنجي زبان، طعنه، انڪار ۽ ردّ سان دراز ڪندي گذرندي آهي. آخري عمر ۾ صحرا ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته بادسموم سبب گرم هوا لڳڻ سبب خشڪ ٿي ويو. هڪ پورو سال پيرن تي بيٺو رهيو. ساهه ڪونه هئس. سن 245هه جو واقعو آهي.

 

عبدالله بن حاضر

يوسف بن الحسين جو مامو هو. ذوالنون جي وقت جي مشائخ مان هو.

 

ابوعبدالله النباجي

سندس نالو سعيد بن زيد هو. ذوالنون مصري جي زماني ۾ ممتاز مشائخ مان هو. احمد بن ابي الحواري جو استاد هو.

 

محمد بن حسن جوهري

سندس ڪنيت ابوبڪر هئي. اهل بغداد مان هو ۽ ذوالنون مصري جو شاگرد هو.

 

ابوحاتم عطار

ابوتراب نخشبي جي وقت ۾ هو. ابوسعيد خزار ۽ جنيد سندس استاد هئا.

 

طاهر مقدسي

شام جي بزرگ ۽ قديم اڳواڻن مان آهي، ذوالنون مصريءَ رح کي ڏٺائين ۽ يحيٰ جلا سان صحبت اختيار ڪئي هئائين. شبلي يا ذوالنون مصري ان کي شام جو شيخ چون ٿا.

 

 ابويعقوب زيات

جنيد جي ارادتمندن مان هو.

 محمد بن منصور طوسي

عثمان بن سعيد الدارمي، ابوالعباس مسروق، ابوجعفر، حداد مهين، ابوسعيد ۽ جنيد جو استاد آهي.

 ابومحرز

ذوالنون مصري جو ساٿي هو. شيراز جي نواحي علائقي جو رهندڙ هو. پنهنجو احوال بيان ڪندي چوي ٿو ته: نسا (شهر) کان لڏي (شهر) شيراز ۾ مقيم ٿيس ۽ قايد سلطان جي تابعداري ۾ رهيس. مگر سندس اقوال ۽ افعال مون کي ناپسند لڳا. باطن ۾ سندس شان کان نفرت ڪندو رهيس ظاهري طور خاموش رهيس. ايتري ۾ آواز آيو قايد جو ڪمربند گم ٿي ويو آهي. هر ڪنهن کي جاچيندا ڏسندا، جڏهن مون وٽ پهتا ته ڏٺائون ته اهو ڪمربند منهنجي چيلهه کي ٻڌل آهي. مان کين چيو ته مون کي ته خبر ئي ڪونه آهي. قايد چيو ته اهو ڏوهه چوريءَ کان به وڌيڪ آهي. پوءِ سزا ۾ مون کي رستي تي بيهاري نشاندهي ڪري ڇڏيائون. پوءِ جيڪو به اتان مون وٽان لنگهي پيو ته مون تي ملامت ڪندو لنگهندو پئي ويو. پوءِ مون ائين خيال ڪيو ۽ سمجهيو ته باطن جي انڪار جي سزا ظاهري اکين سان ڏسڻي پئجي وئي آهي..

 ابو عبدالله بن جلاء

هيءُ احمد بن يحيٰ جلاء، اصل بغدادي هو. برامله ۽ دمشق ۾ اچي رهيو. ابوتراب نخشبي جو شاگرد ۽ انهيءَ جوئي صحبت يافته هو.

 ابراهيم بن عيسيٰ

هيءُ معروف ڪرخيءَ جو صحبت يافته هو، اصفهان ۾ سن 243هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

سري بن مغلس سقطي

سندس ڪنيت ابوالحسين هئي. حضرت جنيد رحمة الله جو مامو هو. اڪثر اهل بغداد جو استاد هو ۽ شيخ معروف ڪرخيءَ جو شاگرد هو ۽ حارث محاسبي ۽ بشرحافي جو مجلسي هو. سندس وفات جو سن 253هه مطابق 867ع هو.

نڪتو: وفات وقت حضرت جنيد ﷦ کي نصيحت ڪيائين ته: اياک و صحبة الاشرار ولا تقطع عن الله بصحبة الاخيار (تولاءِ لازم آهي ته شريرن جي صحبت کان پاسو ڪرين ۽ الله تعاليٰ جي نيڪ بندن جي صحبت کان غافل نه ٿج). ۽ انهن سان سدائين رهه. بداية المعرفة تجريد النفس للتفريد الحق (معرفت جي ابتدا حق تعاليٰ جي وحدانيت لاءِ نفس کي ڪاٽڻ آهي)

نڪتو: من تزين للناس بما ليس فيہ سقط من الله عزوجل (جنهن ماڻهن لاءِ انهيءَ شيءِ سان ڏيکاءُ ڪيو. جيڪا منجهس نه آهي، اهو الله تعاليٰ جي نظرن ۾ ڪري پوندو.)

سقطوي طريقو: ان ڏانهن ئي منسوب آهي. هي العزلة والتوڪل وعدم قبول من خرافات الدنيا و الصيام و القيام والافطار بعد ثلاثة ايام بکسرات جز سالوها من بيوت الناس لکسر النفس واکثرذکرلهم هو الغني (يعني تنهائي، توڪل، دنيا جون اجايون شيون قبول نه ڪرڻ، روزا، رات جو عبادت، ماڻهن کان ورتل ونڊ تي ٽئين ڏينهن افطار ڪرڻ، ڪسر نفس لاءِ ماڻهن کان پري رهڻ ۽ اڪثر سندن ذڪر ”هو الغني“ آهي.

 

ابوحفص زڪريا يحيٰ هروي

حضرت احمد بن حنبل رحمة الله کيس پنهنجي ابدالن ۾ شمار ٿو ڪري. ابوسعيد زاهد جو چوڻ آهي ته: مون زڪريا کي ڏٺو آهي هو صديقن مان آهي. سندس وفات 255هه ۾ ٿي.

 

يحيٰ بن معاذ رازي

سندس ڪنيت زڪريا ۽ لقب وعظ آهي.

يوسف ابن حسين رازي جو بيان آهي ته علماء، حڪماء ۽ مشائخ جي زيارت لاءِ هڪ سو ويهه شهرن جو سير ڪيم مگر وعظ تي يحيٰ بن معاذ رازي کان وڌيڪ قادر ڪنهن کي به ڪونه ڏٺم.

قال انکسار العاصي، احب الي من صولة المطيعين (چيائين ته گنهگار جي عاجزي، فرمانبردارن جي فخر کان وڌيڪ افضل آهي.) چيائين ته: زاهد دنيا جا غريب آهن ۽ عارف، آخرت جا غريب آهن.

يحيٰ بن معاذ کي چيو ويو ته: ڪي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته اسان انهيءَ مقام تي پهتا آهيون جو هاڻي اسان کي نماز جي ضرورت نه آهي، چيائين ته کين چئو ته توهان دوزخ ۾ پهتا آهيو.

 نڪتو: ۽ چيائين: صدق المحبة العمل بطاعة المحبوب. (محبت جي سچائي، محبوب جي اطاعت جي عمل ۾ آهي).

 نڪتو: چيائون ته حق تعاليٰ جنهن کي دوست رکندو آهي، ان جي دل کي پاڻ ڏانهن مائل ڪندو آهي، ڇو ته جنهن کي ڪو دوست رکندو ته دل به ان کي دوست رکندي آهي.

نڪتو: چيائين ”محبت جي حقيقت اها آهي ته ٻئي جي نيڪي تي خوش نه ٿئي ۽ ٻئي جي جفا تي رنج نه ٿئي.

نڪتو: ۽ سندس اهو به چوڻ آهي جيڪو دوست کي دوست ڪري نه ڏسي ته اهو دوست ئي نه آهي. سندس وفات نيشاپور ۾ سال 258هه ۾ ٿي.

 

خلف بن علي

شيخ العارفين يحيٰ بن معاذ جن جو صحبت يافته هو.

سندس چوڻ آهي ته هڪ دفعي يحيٰ جي مجلس ۾ موجود هئس، هڪ شخص وجد جي حالت ۾ اچي ويو. ٻين شيخ کان پڇيو ته ڇا ٿي ويو. چيائين ته الله تعاليٰ جي وحدانيت جو وعظ ٻڌائين ته سندس دل تي الله تعاليٰ جي وحدانيت جو ڪشف ٿيو. انسانيت جي صفت کان محو ٿي ويو.

 

ابوعبدالله محمد بن ادريس شافعي (امام شافعي)

تيرهن سالن جي عمر ۾ حرم شريف ۾ اعلان ڪيائين ته: سَلوني مَاشئتم مون کان مسئلو پڇيو جيڪو توهان چاهيو! ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ فتويٰ لکڻ شروع ڪيائين. احمد بن حنبل کي کائنس ٽي سو هزار حديثون پهتيون ۽ طريقت جو فيض حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جن کان کيس حاصل ٿيل هو. سفيان ثوري فرمائي ٿو ته: شافعي جي عقل کي جيڪڏهن ڪو وزن ڪري ته نصف جهان جي عقل کان به هن جي عقل جي وزن جو پُڙ ڀاري ٿيندو. هارون رشيد کي ڪنهن ڀڙڪايو ته شافعي قرآن شريف جو حافظ ڪونه آهي. پوءِ هارون رشيد، آزمائش خاطر کيس رمضان شريف ۾ امامت جا فرائض انجام ڏيڻ لاءِ امر ڪيو. پوءِ هو هر روز هڪ سيپارو حفظ ڪندو هو ۽ رات جو تراويح ۾ پڙهندو هو. اهڙي طرح ساري رمضان المبارڪ ۾ تراويح پڙهايائين ۽ پورو قرآن شريف ختم ڪيائين. امام حنبل رحمة الله جي مذهب ۾ نماز کي ڄاڻي واڻي ترڪ ڪرڻ وارو ڪافر ٿي ويندو آهي ۽ شافعي مذهب ۾ ائين ڪونه آهي. اهو صرف عذاب جو مستحق آهي. هڪ دفعي امام شافعي، امام حنبل رحمة الله کان هيءُ مسئلو پڇيو ته اوهان وٽ عمداً نماز ترڪ ڪرڻ وارو ڪافر ٿي ويندو آهي ته ان جي مسلمان ٿيڻ جي ڪهڙي صورت آهي. جواب ڏنائين ته نماز ادا ڪري. امام شافعي چيو ته ڪافر جي ته نماز ئي درست ڪونهي ته امام احمد حنبل خاموش ٿي ويو. مذڪور آهي ته امام صاحب جي والده زاهده هئي. اڪثر ماڻهو وٽس امانتون رکندا هئا. هڪ دفعي ٻن ماڻهن، ڪپڙن سان ڀريل صندوق وٽس امانت رکي. ڪجهه ڏينهن بعد انهن مان هڪ شخص آيو ۽ اها صندوق کڻي ويو ۽ وري ڪجهه عرصي بعد ٻيو شخص آيو، جنهن اها صندوق طلب ڪئي (والده کيس ٻڌايو ته اها صندوق تنهنجو ساٿي کڻي ويو) ان چيو ته اسان جو اهو شرط هو ته جڏهن ٻئي گڏجي صندوق وٺڻ اچون، پوءِ ڏج (پوءِ منهنجي غيرموجودگي ۾ صندوق) ڇو هڪ کي ڏني اٿئي. اهو ٻڌي والده ڏاڍو عاجز ٿي وئي. ايتري ۾ شافعي مڪتب مان آيو، جو ان وقت ڇهن سالن جو هو. پنهنجي والده کان ساري ماجرا ٻڌائين. پوءِ ان شخص کي چيائين ته تنهنجي امانت موجود آهي ۽ پنهنجي شرط موجب تون پنهنجي ساٿيءَ کي وٺي اچ ۽ امانت کڻي وڃ. پوءِ هو لاجواب ٿيو ۽ شرمندو ٿي موٽي ويو.

هي سال 150هه ۾ امام ابوحنيفه جي وفات واري ڏينهن ڄائو ۽ سال 204هه ۾ فوت ٿي ويو.


(1) القرآن 25: 23-22

(1) امام سڳوري جي شهادت متعلق تاريخ ۾ اختلاف رهيو آهي. کين هارون رشيد جي قبر جي ڀرسان دفنايو ويو، ڇو جو جڏهن امام علي رضا عليہ السلام ”سنا آباد“ آيا هئا ته اتي پنهنجي قبر جي نشاندهي فرمائي هئائون جتي اڳ ۾ هارون رشيد جي قبر هئي امام صاحب انهيءَ جي ڀرسان ليڪو ڪڍي فرمايو ته هن جڳهه تي مون کي دفن ڪيو ويندو.

(1)  اصل متن ۾ فتح بن شخرف تحرير آهي. جيڪو غلط آهي- هيٺ ڏنل احوال فتح موصلي جو آهي. ان ڪري عنوان کي درست ڪيو ويو آهي. ڏسو نفحات الانس صفحو 181. اردو ترجمو پروگيسو بڪس لاهور.

(1) محمد حنيف عبدالمجيد جي شرح اسماءالحسنيٰ ۾ ڪتاب التوابين للعلامة مقدسي صفحو 226 جي حوالي سان بشر بن حافي جو قصو سندس زباني هن طرح ڄاڻايل آهي:

”هڪ بزرگ حضرت بشر بن حافي رحمة الله تعاليٰ کان پڇيو ويو ته توهان جو الله وٽ مقبوليت جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، ان ڪري جو اوهان ماڻهن ۾ ائين مشهور آهيو. جيئن ڪو نبي سڳورو هوندو آهي. تنهن تي هن وراڻيو: ”اهو محض الله رب العزت جو فضل آهي، ان ۾ منهنجو ڪو ڪمال ڪونهي، آءٌ ته هڪ گنهگار ۽ عياش طبيعت جو ماڻهو هئس. هڪ دفعي رستي تان گذرندي هڪ ڪاغذ تي نظر پئي. مون اهو کڻي ڏٺو ته ان تي بسم الله الرحمٰن الرحيم لکيل هو. مون ان کي صاف ڪري پنهنجي کيسي ۾ رکيو ان وقت مون وٽ صرف ٻه درهم هئا. اهائي منهنجي ڪل ملڪيت به هئي. مان عطر واري وٽ ويس ۽ کانئس ”غاليه“ خوشبو خريد ڪيم (غاليه خوشبو مشڪ، عنبر، عود ۽ دهن سان ملائي ٺهندي آهي) اها خوشبو ان ڪاغذ جي ٽڪر تي ملي ڇڏيم. پوءِ ان رات جڏهن ستس ته خواب ۾ ڪنهن چوڻ واري چيو ته:

يا بِشر بن الحارث! رَفعتَ اسمَنَاعَنِ الطَّرِيقِ وَطَيَّبتُہ لاَءُ طَيّبَنَّ اسمَکَ فِي الدُّنيَا وَلاٰخِرَةِ.

ترجمو: اي بشر بن حارث! تو اسان جي نالي کي رستي تان کڻي صاف ڪري معطر ڪيو آهي. اسان تنهنجي نالي کي دنيا ۽ آخرت ۾ معطر ڪنداسين. پوءِ کيس بزرگي عطا ٿي.

طبقات صوفيه ۾ سندس نسب هن طرح لکيل آهي: بشرن الحارث بن عبدالرحمٰن بن عطا بن هلال بن هامان بن عبدالله المعروف حافي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com