سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 9

 

معيار چوٿون

چوٿين صدي هجري جو ذڪر

 

شيخ ابوعلي حسين محمد الاڪار

هيءُ شيخ ابوعبدالله خفيف جي احباب مان هو ۽ شيخ ابواسحاق گاذروني جو مرشد هو.

مذڪور آهي ته: شيخ حسين اڪار جڏهن گاذرون ۾ پهتو ته مشائخ صاحبان اڳيئي اتي گڏ ٿيل هئا. شيخ حسين جي پهچڻ کان پوءِ هڪ ڇوڪرو انهيءَ مجلس ۾ آيو ته انهن شيخ حسين کي ٻڌايو ته هيءُ قرآن مجيد ڏاڍو سهڻو پڙهندو آهي. انهيءَ ڇوڪري کي چيو ويو ته قرآن شريف پڙهه. هن پڙهيو ۽ شيخ وجد ۾ اچي ويو جڏهن فارغ ٿيو ته مشائخ کان گُهر ڪندي چيائين ته هن ڇوڪري کي شيراز پهچايو. پوءِ هو اتي پهتو ۽ شيخ جي صحبت ۾ رهيو.

سال 300هه ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس قبر شيخ ابوعبدالله خفيف جي روضي جي ڀر ۾ آهي.

 

طلحه بن محمد صباح نبلي

هيءُ ابوعثمان حيري جي اڪابر ساٿين مان هو. سال 302هه ۾ فوت ٿي ويو.

يوسف بن حسين رازي

سندس ڪنيت ابويعقوب هئي. شيخ ري ۽ جبال سندس زماني ۾ هئا ۽ ذوالنون مصريءَ جو مريد هو. ابوتراب نخشبي، يحييٰ معاذ رازي ۽ نظير کي سندس صحبت حاصل هئي ۽ ابوسعيد خراز جو رفيق هو. کيس جنيد سان ڪافي خط و ڪتابت هوندي هئي. امام هو پر هن طائفہ کي سندن طريقي جي ڪري مٿن ملامت ڪئي ويندي هئي. پنهنجي وفات جي وقت چيائين ته الٰهي! خلق کي تنهنجي سڃاڻ ڪرائڻ ۾ ڪافي جهُد ڪيم ۽ جيڪو ٿي سگهيو ته پاڻ به عمل ڪيم. منهنجا مالڪ! هاڻي منهنجي ڪوتاهين کي به معاف ڪج ۽ انهن کي به بخش پوءِ گذاري ويو. سندس وفات جو سال 303هه آهي.

خواب ۾ کانئس پڇيو ويو توسان ڪهڙو ورتاءُ ٿيو. چيائين ته الله سبحانہ و تعاليٰ مون کي فرمايو ته اُهي الفاظ وري چؤ. پوءِ مون ٻيهر چيا. پوءِ فرمايائين ته توکي انهيءَ ڪري بخشي ڇڏيم.

ابوالعباس سريج

سندس نالو احمد بن عمران بن سريج هو. سندس بزرگي جي نسبت، مير شافعي ڪهين سان بيان ڪئي پئي وڃي. عراق جو فقيہ هو. بغداد ۾ حضرت جنيد سان مجلس ڪندو هو ۽ ان جو صحبتي هو ۽ جڏهن وعظ ڪندو هو ته ماڻهن ۾ خوشي ۽ جذبو پيدا ٿيندو هو ۽ چوندو هو ته هن گفتگو جي ميٺاج ۽ برڪت جو سبب حضرت جنيد جون مجلسون آهن. شيخ ابوعبدالله خفيف فرمائي ٿو ته ابن سريج جي شيراز ۾ اچڻ کان اڳ عالم سڳورا صوفين کي جاهل تصور ڪندا هئا. جڏهن ابن سريج شيراز ۾ آيو ۽ صوفين جو مرتبو ۽ مقام بيان ڪيائين. پوءِ اهو شان ٻڌي انهيءَ جي وقت جي علماء ڪرام صوفين جي مقام کي سڃاتو. سال 305هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر بن عيسيٰ مطوعي

ابهري. ابوبڪر طاهر جي زماني ۾ هو ۽ ان کان بزرگ تر هو. سال 305هه ۾ فوت ٿي ويو.

شيخ ابوالقاسم بشر ياسين

پنهنجي وقت جي اڪابرين مشائخ مان هو. شيخ ابوسعيد چوي ٿو ته مان ننڍو ٻار هئس ته مون کي منهنجو پيءُ نماز تي گڏ وٺي ويندو هو. رستي ۾ پير ابوالقاسم ملندو هو. هڪ دفعي منهنجي پيءُ کان پڇيائين ته اي ابوالخير هيءُ ٻار ڪير آهي؟ ته مان نه پيو سمجهي سگهان ته هن جهان کان وڃڻ بعد اها خالي جاءِ ڪا پُر ٿيندي. مگر هاڻي پڪ ٿيم ته هيءُ اوهان جو فرزند اها سعادت حاصل ڪندو. پوءِ چيائين ته نماز کان فارغ ٿي مون وٽ اچجو. پوءِ جڏهن مان وٽس ويس ته هو هڪ مٿانهين طاق وٽ ويٺو هو ۽ منهنجي پيءُ کي چيائين ته ابوسعيد کي ڪلهي تي چاڙهه ته هو مٿي طاق تي رکيل ٽڪي لاهي کڻي اچي. پوءِ ائين ڪيوسون. ٽِڪي لاٿي سون، ٽڪي گرم هئي. منهنجي هٿ کي ٽڪي جي گرمي محسوس پئي ٿئي. پوءِ انهيءَ ٽِڪيءَ کي ٻه ٽڪرا ڪيائين ۽ ان جو هڪڙو ٽڪرو پاڻ کاڌائين ۽ هڪڙو ٽڪرو مون کي کائڻ لاءِ ڏنائين. منهنجي پيءُ چيو ته ڇا منهنجو نصيب ان ۾ ڪونه آهي؟ چيائين ته اي ابوالقاسم ٽيهه سالن کان وٺي اها ٽِڪي طاق تي رکيل آهي ۽ وعدو ورتل هو ته هيءَ ٽِڪي ان کي عطا ڪئي ويندي، جنهن جو هٿ ان سان گرم ٿئي. هاڻي اها بشارت توتي پوري ٿي. هي سال 308هه ۾ فوت ٿي ويو.

حسين بن منصور حلاج

سندس ڪنيت ابوالمغيث هئي. عمرو بن عثمان المڪي صوفي جو مريد هو ۽ جنيد بغدادي جي صحبت جو فيض حاصل ڪيو هئائين. اڪثر مشائخ سندس بزرگيءَ جو انڪار ڪندا آهن. ليڪن چند شخص مثلاً ابن عطا، عبدالله خفيف، شبلي، ابوالقاسم نصيرآبادي ۽ ابوالعباس سريج سندس قتل کي رضا نه ٿا ڄاڻن. شيخ ابوالقاسم ڪزه ڪاني (گرگاني) شيخ ابوعلي فارمدي. امام يوسف همداني ابوالقاسم بشريٰ هن سلسلي ۾ توقف اختيار ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪي حضرات کيس حلولين مان شمار ڪن ٿا. ٻين جو چوڻ آهي ته پاڻ ٻي ڪا هستي هو.

چون ٿا ته عمرو بن عثمان هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو هو. ان کي ڳجهي طور حاصل ڪري. آشڪار ڪيو هئائين. ان ڪتاب ۾ باريڪ ڳالهيون هيون. تنهن ڪري فتنو ۽ فساد پيدا ٿيو. پوءِ هن حلاج جي حق ۾ بدعا ڪئي. جنهن جو اثر ظاهر ٿيو ۽ هو قتل ٿيو.

سندس شهادت باب الطاق وٽ بغداد ۾ سنه 309هه تاريخ 24 ذيقعد بروز سومر ٿي. سندس شاگرد نالي(1).......... هو ان کي به قتل ڪيو ويو هو ته اهڙي طرح سندس ٻئي شاگرد نالي ابوالحسين کي به قتل ڪيو ويو هو.

عبدالملڪ اسڪاف

هيءُ حلاج جو مريد هو. سندس عمر هڪ سؤ ويهه (120) سال هئي. بلخ شهر ۾ شريف حمزه عقيلي سان گڏ هو.

شيخ الاسلام انصاري جو بيان آهي ته هو ۽ منهنجو پيءُ، پير فارسي، ابوالحسين طبري ۽ ابوالقاسم حنانه سڀئي شريف حمزه عقيلي وٽ گڏ هوندا هئاسون.

عبدالملڪ اسڪاف جو چوڻ آهي ته: هڪ دفعي حلاج کان پڇيم ته اي شيخ عارف ڇا آهي؟ چيائين ته اِها خبر توکي اڱاري ڏينهن پوندي. پوءِ ذي القعد جي مهيني ۾ سال ٽي سؤ نو هجريءَ ۾ کيس باب الطاق تي نييو ويو ۽ سندس هٿ ۽ پير ڪاٽيا ويا ۽ سندس اکيون ڪڍيون ويون ۽ اونڌو ڦاسيءَ تي لٽڪائي ماريو ويو ۽ پوءِ کيس ساڙيو ويو ۽ اُها رک درياء ۾ اُڇلائي وئي .

فارس بن عيسيٰ بغدادي

حلاج جو صحبت يافته هو. کيس ان کان خلافت به مليل هئي. سندس ڪنيت ابوالقاسم هئي، خراسان کان آيو هو ۽ اتان سمرقند هليو ويو. وفات تائين اتي ئي رهيو. شيخ ابوالقاسم حڪيم سمرقندي ۽ شيخ علم الهديٰ ابومنصور ماتريدي جو همعصر هو. ابومنصور جي وفات سال 335هه ۾ ٿي ۽ ٽي شخص به ان سان هئا، جن جو موت به ان کان جدا ٿيو. فارس مقبول ترين هو. سندس ملفوظات تصنيفات ۾ آندا ويا آهن.

فارس جو بيان آهي ته حلاج کان پڇيم ته مريد ڇا آهي؟ چيائين ته: ”هوالرامي باول قصده الي الله فلا يعرج حتٰي يصل“ يعني: مريد اهو آهي جنهن جو منزل مقصود الله جو قرب حاصل ڪرڻ هجي پر جيڪڏهن ان درجي تائين نٿو رسي سگهي ته پوءِ نه ڪنهن جي دستگيري وٺي ۽ نه وري ڪنهن ڏانهن متوجہ ٿئي.

ابراهيم بن فاتڪ

کيس احمد بن فاتڪ سڏيو ويندو هو. سندس ڪنيت ابوالفاتڪ هئي، جنيد ۽ نوري جي احباب مان هو. حلاج جو مريد هو.

سندس بيان آهي ته جنهن رات حلاج کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو ته انهيءَ رات الله سبحانہ و تعاليٰ کي خواب ۾ ڏٺم. عرض ڪيم ته اي منهنجا مالڪ! هي حسين سان ڇا ڪيئي. فرمايائين ته: سرِ خود مٿس آشڪار ڪيم. جيڪو خلق کي ٻڌائيندو رهندو هو، اهو کيس ڏنم. خلق کي خود آرائي پاڻ ٻڌائيندو هو.

احمد بن حسين بن منصور حلاج

هيءُ پنهنجي پيءُ جو مريد هو. عبدالله باڪويہ سندس همعصر هو.

ابوالخير حمصي

وقت جي نامور مشائخ مان هو، ڪيترا دفعا بيابان لتاڙيندي توڪل ڪندي، پيادل ڪعبة الله جي زيارت لاءِ مڪہ پهتو. سال 310هه کان پوءِ فوت ٿيو.

ابوبڪر بن شفيق

طرطوس جي مشائخ مان هڪ ڳالهه ٿو ڪري ته مون ابوالخير کان حڪايت ٻڌي، ليڪن منهنجي دل يقين نه ڪيو. پڇيم ته اها حڪايت ڪهڙي آهي. چيائين عيسيٰ بن مريم بابت مشائخ مان هڪ ٻڌايو ته من مثل قول ابوالخير محمد بن حامد کان ٻڌم ته: ”وقد ذڪر قول النبي صلي الله عليہ وسلم کيف اخاف علي اُمتي انا اولهم و عيسيٰ آخرهم صلواة الله عليهما. فقال ابن حامد ان عيسيٰ عليہ السلام ينزل ثلاث مرات يظهر في اول مرة علي الاولياء و في الثانية علي الصلحاء وفي الثالثة ينزل بيت المقدس فيراه الخلق العام“.

ترجمو: نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جو فرمان ذڪر ڪيائين ته آءٌ پنهنجي امت تي خوف ڪيئن ڪريان، جنهن جو پهريون شخص آءٌ آهيان ۽ ان جي آخر ۾ عيسيٰ عليہ السلام آهي. ابن حامد چيو ته عيسيٰ عليہ السلام ٽي دفعا دنيا تي لهندو پهريون دفعو اولياء ڪرام تي ظاهر ٿيندو ۽ ٻيو دفعو صالحن تي ٿيندو، ۽ ٽيون دفعو بيت المقدس ۾ لهندو. پوءِ کيس عام خلق ڏسندي.

حسن اطروش

بن علي بن حسن بن علي بن عمر الاشرف بن امام زين العابدين عليہ السلام سال 301هه ٽي سو هڪ ۾ ديلمان ۾ خروج ڪيائين ۽ طبرستان کان حوزه اڪثر ايندو رهندو هو. فقہ زيديہ جون تصنيفات ڪيون هئائين ۽ گيلان جي سڀني ماڻهن کي زيديہ بڻائي ڇڏيو هئائين. 311هه ۾ وفات ڪيائين.

علي مرعش

بن عبدالله بن محمد الملقب بالسليق بن الحسن بن الحسين الاصغر بن امام زين العابدين عليہ السلام سندس اولاد چئن فرقن ۾ ورهائجي وئي:

(1) سادات مازندران: هنن کي سلطنت به حاصل ٿي هئي.

(2) سادات شوشتر: سادات شوشتر انهن جي پوئين مان مير شمس الدين اسدالله معروف شاهه مير ۽ مير سيد شريف هو.

(3) مرعشيہ اصفهان: هيءُ متاخرين ۾ افضل شمار ڪيو ويندو هو. انهن مان خليفه اسدالله بزمان صفويه مشهد جو متولي هو.

(4) مرعشيہ قزوين: صفويه جي وقت ۾ سندن پوٽن مان آستانه شاهزاده حسين متولي ٿيو. بعض جو قزوين سان لاڳاپو هو. جن مان مير علاؤالملڪ مرعشي به هو.

ابوجعفر بن احمد

بن حمدان بن علي سنان، هيءُ ابوعثمان جو صحبت يافته هو. ابوحفص کي ڏٺو هئائين. سال 311هه ۾ فوت ٿي ويو.

نڪتو: چيائين ته ”تکبر المطيعين علي العصاة بطاعتهم شر من معاصيهم واضر عليهم“ يعني: فرمانبردارن جو پنهنجي فرمانبرداريءَ سان گنهگارن جي نافرمانين تي فخر ڪرڻ، اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ هاڃيڪار آهي.

نڪتو: ”جمال الرجل في حسن مقالہ وڪمالہ في صدق فعالہ“. يعني: ماڻهو جو جمال سندس سهڻي ڳالهائڻ ۾ ۽ سندس ڪمال سندس عملن جي سچائيءَ ۾ آهي.

ابوالعباس بن عطا

بن محمد سهل بن عطاء الادمي. جنيد جو مريد هو. ابراهيم مارستاني جو شاگرد هو. کيس ابوسعيد خراز بزرگ تصور ڪندو هو ۽ دوست رکندو هو. حلاج سان تعلق هئڻ سبب کيس قتل ڪيو ويو.

”سئل ابن عطا ما افضل الطاعات قال ملاحظة الحق علي دوام اوقات“ يعني: ابن عطا کان پڇيو ويو ته افضل اطاعت ڪهڙي آهي چيائين ته هر وقت حق جو ملاحظه ڪرڻ. ۽ هيءُ به چيائين ته: ”الادب الوقوف مع المستحسنات فقيل لہ وما“ معنيٰ ذالک فقال ان تعامل الله بادب سرّا وعلانية فاذا کنت کذالک کنت اديباً و ان کنت اعجمياً. ترجمو: چيائين ته ادب سڀني ڀلائين تي قائم رهڻ آهي. چيو ويو ته ان جي معنيٰ ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته ظاهر ۽ ڳجهه ۾ اللہ تعاليٰ سان ادب وارو معاملو ڪرين. جڏهن تون ائين ڪندين ته تون باادب شخص ليکيو ويندين، جيتوڻيڪ تون غير عربي هجين.

سال 309هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابومحمد جريري

سندس نالو احمد بن محمد حصين يا حسين بن محمد يا عبدالله بن يحييٰ هو. جنيد جي اڪابر احباب مان هو، جنيد کان پوءِ سندس جانشين ٿيو. قرامطه واري جنگ ۾ اُڃ جي وگهي فوت ٿي ويو. سندس وفات جو سال 317هه آهي.

هڪ درويش جو بيان آهي ته ابومحمد جريري کي نهايت خسته حالت ۾ ڏٺم. سندس حالت ڏاڍي خراب هئي.. چيم يا شيخ دعا ڪر ته اها مصيبت رفع ٿي وڃي. چيائين ته دعا ڪيم ته جواب آيو ته مان اهو ڪندس جيڪو مان چاهيان ٿو. درويش چوي ٿو ته کيس مان بار بار اهوئي چوڻ لڳس ته مون کي فرمايائين ته اي برادر! هيءُ دعا جو وقت ڪونه آهي. هيءُ وقت رضا ۽ تسليم جو آهي، مصيبت جي نزول کان اڳ دعا هوندي آهي. جڏهن مصيبت اچي ته رضا ٿي ويندي آهي.

حسن بن قاسم

بن حسن بن عبدالرحمٰن الشجري بن قاسم بن حسن بن زيد بن امام حسن عليہ السلام، سال 304هه ۾ گيلان ۽ مازندران جو فرمانروا ٿيو. سندس لقب ”داعي الي الحق صغير“ هو. سنه 316هه ۾ فوت ٿي ويو.

محمد بن فضل بلخي

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي. سندس مذهب سبب متعصب ماڻهن کيس بي گناهه بلخ کان ٻاهر هڪالي ڇڏيو. پوءِ شهر فرا ۾ پهتو ۽ ڪڍندڙن تي ملامت ڪيائين.

شيخ الاسلام انصاري جو بيان آهي ته ان کان پوءِ بلخ کان ڪوبه صوفي سمرقند اچڻ لاءِ آماده نه ٿيو. کيس اتان جو قاضي مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ حج جي اراده سان اتان نڪتو ۽ نيشاپور ۾ پهتو ۽ اتي کيس وعظ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پوءِ ڪرسي تي ويٺو ۽ چيائين ته الله اکبر ولذکر الله اکبر ورضوان من الله اکبر ۽ ڪرسي کان هيٺ لهي آيو. آخر ۾ سمرقند موٽي ويو ۽ اتي ئي گذاري ويو.

مذڪور آهي ته ابوعثمان حيري ڏانهن لکيائين ته شقاوت (بدبختي) جي علامت ڪهڙي آهي، چيائين ته ٽي شيون آهن: 1-”اها آهي ته کيس علم هجي ۽ عمل جي توفيق نه هجيس. 2- ٻيو اخلاص کان محروم هجي ۽ 3- ٽيون اولياء الله جي صحبت جي برڪت کان بي بهره هجي.

ابوعثمان چيو ته محمد بن الفضل ماڻهن تي تنقيد ڪندڙ آهي. اهو به چيائين ته عجب ٿو لڳي ته ڪو ماڻهو بيابان ۽ واديون لتاڙيندي، عبور ڪري پنهنجي گهر تائين پهچي ٿو ۽ لنگهندي اتي آثار انبياء ڏسي ٿو، مگر نفس ۽ خواهشات جي واديءَ کي عبور نه ٿو ڪري سگهي ته جيئن پنهنجي دل تائين پهچي ۽ پروردگار جا آثار خود ڏسي سگهي.

سندس وفات جو سال 319هه آهي.

محفوظ بن محمود نيشاپوري

هيءُ ابوعثمان حيري جو صحبت يافته هو. ابوحفص جي احباب مان هو. ابوحفص جي پاسي ۾ ئي دفن ٿيو. سندس وفات جو سال 314هه هو.

بڪير دراج

هي ابوالحسن دراج جو ڀاءُ هو. بغداد ۾ رهندو هو ۽ سندس ڀاءُ ابوالحسن کانئس وڌيڪ فاضل، زاهد ۽ بزرگ هو. سندس چوڻ آهي ته جڏهن کان وٺي مان هن راهه (دين) ۾ قدم رکيو آهي، منهنجي مَنَ ۾ ڪڏهن به فاسد خيالات ڪونه آيا آهن.

ابوعمرو دمشقي

ابوعبدالله جلا ۽ ذوالنون جي احباب جو صحبتي هو. سال 320هه ۾ فوت ٿي ويو.

وليد بن عبدالله سقاء

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي ۽ ذوالنون جي احباب جو صحبت يافته هو. سال 320هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر واسطي

سندس نالو محمد بن موسيٰ هو. پر ابن فرغاني جي نالي سان مشهور هو، ثوري ۽ جنيد جي اولين ساٿين مان هو ۽ قوم جي مشائخ علماء مان هو. هن تصوف جي اصول بابت جيڪي نڪتا بيان ڪيا، ٻئي ڪنهن به اهڙا بيان ڪونه ڪيا آهن. اصول ۽ ظاهري علمن جو عالم به هو. کيس هڪ استاد ۽ شاگرد به هو. سندس استاد حضرت جنيد هو ۽ شاگرد ابوالعباس سياري هو. مرو شهر ۾ سال 330هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس تربت به اتي آهي.

ابوالحسين دراج

هيءُ بغداد جو هو. ابراهيم خواص جو شاگرد هو. ابوعمران مزين ۽ شيخ ابوعمرو دمشقي جو صحبت يافته هو. سال 320هه ۾ سماع ٻڌندي فوت ٿي ويو.

ابوالحسين وراق

سندس نالو محمد بن سعد هو. نيشاپور جي اولين مشائخ مان هو ۽ عثمان حيري جي احباب مان هو. سال 320هه کان اڳ فوت ٿي ويو.

عبدالله بن محمد خراز

سندس ڪنيت ابومحمد هئي، ڪيترائي سال مڪہ جي مجاورت ڪئي هئائين ۽ ابوعمران ڪبير جو صحبت يافته هو. ابوحفص کي ڏٺو هئائين ۽ بايزيد جا احباب کيس بزرگ تصور ڪندا هئا. چيائين ته: ”الجوع طعام الزاهدين والذکر طعام العارفين“ يعني: بُکَ زاهدن جو کاڌو آهي ۽ ذڪر عارفن جو طعام آهي.

يوسف بن الحسين جو بيان آهي ته عبدالله جو مَٽ مون ڪونه ڏٺو ۽ نه وري هُنَ پنهنجو مَٽُ ڏٺو. سال 320هه کان اڳ فوت ٿي ويو.

فتوت ۾ هڪ پير جو بيان آهي ته هڪ دفعي ويهن ماڻهن جي جماعت سان گڏ حج جي نيت سان ري شهر کان ٻاهر روانو ٿيو ۽ جڏهن هڪ اهڙي منزل تي پهتو جو باقي مڪہ پاڪ پهچڻ ۾ يارهن منزلون هيون ته سنگت کي چيائين ته: استودعکم الله (اوهان کي هاڻي الله جي حوالي ٿو ڪريان) چيو ويو. اي سائين ڪيڏانهن ٿا وڃو: هاڻي مڪہ مڪرمہ ته اوهان جي آڏو آهي، چيائين ته ري شهر کان هيستائين اوهان سان گڏجي ان ڪري آيس ته اوهان جي دل جيئن خوش ٿئي، مون حج جي نيت ڪونه ڪئي هئي. اوهان جي خوشي خاطر هت آيس، هاڻي وري موٽي ري وڃان ٿو ته جيئن اتان حج جي نيت ڪري وري اچان ۽ حج جي موسم ۾ اڃان پنج مهينا پيا آهن. ان شاء الله تبارڪ و تعاليٰ اوهان سان اچي ملندس.

ابوعلي رودباري

سندس نالو احمد بن محمد بن ابوالقاسم بن منصور هو. وزراء جي اولاد مان هو ۽ سندس نسبت ڪسريٰ سان ملي ٿي. هيءُ حديث جو حافظ، عالم، فقيہ، امام ۽ قوم جو سردار پڻ هو. ابوعبدالله رودباري چوي ٿو ته ابوعلي ڪاتب کي ”سيدنا“ ڪري سڏيندا هئا. سندس چوڻ آهي ته اهو شريعت کان طريقت ۾ ۽ حقيقت کان شريعت ۾ آيو ۽ بغداد ۾ جنيد، نوري ۽ ابوحمزه (حسن) مسوحي جو صحبتي هو. شام ۾ ابوعبدالله کان فيض يافته هو. اصل بغداد جو هو پر مصر ۾ مقيم رهيو ۽ مصر جا مشائخ ۽ صوفي کيس ”پيرابوعلي مشتولي“ سڏيندا هئا. سن 321هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر ڪتاني

سندس نالو محمد علي بن جعفر بغدادي هو. کيس چراغ حرم سڏيندا هئا ۽ جنيد جي احباب مان هو. سال 322هه ۾ فوت ٿي ويو.

شيخ محمد بن اسماعيل خيرالنساج

هيءُ اصل سامره جو هو ۽ بغداد ۾ رهائش اختيار ڪيائين سري سقطي جو مريد هو ۽ جنيد جو همعصر هو. نوري، ابن عطا ۽ جريري جو مرشد هو. ابراهيم خواص ۽ شبلي ٻئي سندس اڳيان توبہ تائب ٿيا هئا، ادب سبب شبلي کي حضرت جنيد ڏانهن موڪليو هئائين. بعمر صدو بيست سال در گذشته 322هه.

نقل ڪيو ويو آهي ته جعفر خلدي چيو ته خير النساج کان پڇيم ته اهو نالو توتي ڪيئن پيو؟ ٻڌايائين ته مان الله تعاليٰ سان عهد ڪيو هو ته مان تازه ڇوهارو وغيره ڪونه کائيندس. پوءِ مون هڪ ڏينهن (عهد ٽوڙيو) ۽ تازه ڇوهارو کاڌم. اوچتو هڪ شخص مون کي ڏٺو چيائين ته ”اي خير! آقا کان ڀڳل غلام آهين.“ ظاهري طور مون کي ڀڳل غلام پيو سمجهي، ڇو ته منهنجي صورت ۽ لباس اهڙي قسم جو هو. پوءِ ته ماڻهو مِڙي آيا ۽ چيائون ته تنهنجو نالو خير آهي ۽ تون ڪنهن جو (ڀڳل) غلام آهين. حيران ٿي ويس ۽ پوءِ سمجهيم ته مون کي انهيءَ عهد ٽوڙڻ جي سزا ملي آهي، جيڪو الله سان ڪيو هئم. پوءِ مون کي (ڪپڙي) اڻڻ جي جڳهه تي وٺي ويو، جتي ٻيا غلام به ڪپڙو اُڻي رهيا هئا. مون کي به اتي ڪپڙي اُڻڻ جي آڏاڻي تي ويهاريائين. مون به اهڙي طرح ڪپڙو اُڻڻ شروع ڪيو، گويا اڳ ئي آءٌ به ڄاڻندو هئس. چئن مهينن کان پوءِ وضو ڪيم. پنهنجي مالڪ جي آڏو سجدي ۾ ڪري پيس ۽ توبه ڪيم. ٻئي ڏينهن اصلي صورت ۾ آيس ۽ آزادي حاصل ڪيم. اهڙي طرح منهنجو نالو (نساج) اُڻندڙ پيو.

ابوالحسن مالڪي بيان ٿو ڪري ته نزع (موت) جي وقت خيرالنساج وٽ موجود هئس. مغرب جي نمار جو وقت ٿيو ته هو بلڪل هوش ۾ اچي ويو ۽ پنهنجون اکيون پٽي پنهنجي گهرجي دروازي ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته قف! عافاک الله يعني: بيهه! معاف ڪري توکي الله. تون مون کي نماز پڙهڻ جي مهلت ڏي ته مان نماز پڙهي وٺان، ڇو ته جيئن توکي ساهه ڪڍڻ جو حڪم آهي. اهڙي طرح مون کي وقت تي نماز پڙهڻ جو حڪم آهي ۽ نماز پڙهڻ فرض آهي. پري ٿيءُ ته مان نماز ادا ڪريان پوءِ پاڻي گهرائي وضو ڪيائين ۽ نماز پڙهي سمهي پيو ۽ اکيون بند ڪيائين ۽ ساهه ڏنائين.

بنان بن محمد حمال

هيءُ اصل واسطي جو هو ۽ مصر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. حضرت جنيد جو صحبت يافته هو ۽ ابوالحسن نوري جي استادن مان هو. سال 316هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابومحمد مرتعش

سندس نالو عبدالله بن محمد هو. نيشاپوري هو. پوءِ بغداد جي شهر جي محله حيره ۾ مقيم ٿيو. ابوحفص جي احباب مان هو ۽ جنيد کي ڏٺو هئائين ۽ طريقت جو سلسله سلطان ابواسحاق گاذروني سان هئس ۽ ان جو شيخ ابوبڪر خطيب ۽ ان جو محمد عبدالله بن محمد نيشاپوري سان ۽ ان جو شيخ ابوالقاسم خطيب ۽ ان جو شيخ ادين خليفه بغدادي سان هو. ابومحمد مرتعش مسجد شونيزيہ ۾ سال 328هه ۾ گذاري ويو.

ابوعلي ثقفي

سندس نالو محمد بن عبدالوهاب هو. ابوحفص حداد ۽ حمدون قصار کي ڏٺو هئائين. نيشاپور ۾ امام و مقتدا هو. علوم شرعي کي نظرانداز ڪري علم صوفيان ۾ مشغول ٿي ويو. ابوعثمان حيري کيس بزرگ تصور ڪندو هو.سندس وفات جو سال 328هه آهي.

ابويعقوب نهرجوري

سندس نالو اسحاق بن محمد هو، مشائخ علماء مان هو. جنيد ۽ عمرو بن عثمان مڪي جو صحبت يافته هو ۽ ابو يعقوب سوسي جو مريد هو. ڪيترائي سال مڪہ ۾ مجاور ٿي رهيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. سندس وفات جو سن 330هه آهي. ”قال الدنيا بحر والآخرة ساحل المرکب التقويٰ والناس عليٰ سفر.“ چيائين ته دنيا سمنڊ آهي ۽ آخرة ڪنارو آهي ٻيڙي تقويٰ آهي ۽ انسان سفر ۾ آهي.

ابوبڪر عبدالله

بن طاهر بن حارث طائي ابهري، جبل جي اڪابرين مشائخ مان هو ۽ شبلي جو همعصر هو ابويوسف بن الحسين جو صحبت يافته هو مظفر ڪرمانشاهي جو رفيق هو. سال 330هه ۾ وفات ڪري ويو.

ابوالحسن صايغ دينوري

سندس نالو علي بن محمد سهل هو. دينور جي اڪابر مشائخ مان هو ۽ مصر هليو ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. شيخ ابوالحسن قرافي، دقي ۽ ابوعثمان مغربي جو مرشد هو. سال 330هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوعبدالله خفيف شيرازي

سندس نالو محمد بن خفيف بن اسڪفشاذ الضبي هو. شيراز جو رهواسي هو ۽ سندس والده نيشاپوري هئي. کيس شيخ الاسلام سڏيندا هئا. شيخ ابوطالب خزرج بغداديءَ جو مريد هو. رويم کي ڏٺو هئائين ۽ ڪتاني، يوسف بن الحسين مالڪي ابوالحسين مزين ابوالحسين دراج، طاهر مقدسي، ابو عمرو دمشقي ۽ ٻين ڪيترن جو پڻ صحبت يافته هو. شافعي مذهب رکندڙ هو. ابتداء ۾ هڪ رڪعت ۾ ڏهه هزار دفعا ”قل هو الله احد“ پڙهيائين ۽ فرض نماز کانسواءِ هڪ هزار رڪعتون پڙهندو هو. ويهه سال ٽاٽ جو ڪپڙو پاتائين ۽ هر هفتي ۾ ست داڻا ڊاک کائڻ تي افطار ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس لقب ”خفيف“ پيو. جنهن سال دنيا مان رحلت ڪري ويو، انهيءَ سال چاليهه چلا ڪڍيا هئائين. بادشاهه زاده هئڻ سبب چار سو عورتن سان نڪاح ڪيو هئائين. ڪمال تي پهچڻ سبب ماڻهو کيس پنهنجون ڌيئرون خوشي سان نڪاح ۾ ڏيندا هئا. دخول کان اڳ کين طلاق ڏيئي ڇڏيندو هو. چاليهه عورتون سندس خادم فراش هونديون هيون. انهن سڀني زالن ۾ صرف هڪ زال جيڪا وزير جي ڌيءَ هئي، کيس چاليهه سال پنهنجي نڪاح ۾ رکيو هئائين. انهن سڀني کان پڇيو ويو ته خلوت ۾ شيخ جو ڪهڙو حال هوندو هو؟ چيائون ته اسان کي خبر ڪانه آهي، آخر سڀني زالن گڏجي ائين چيو وزير جي ڌيءَ کي خبر هوندي، ڇو ته اها چاليهه سال سندس نڪاح ۾ رهي آهي. ان کان پڇيو ويو ته شيخ جو ڪهڙو حال آهي؟ چيائين ته پهريائين جڏهن خلوت ۾ آيو ۽ ٿورو مون کي ڏٺائين ۽ طعام جيڪو مان تيار ڪيو هو نه کاڌائين ۽ منهنجو هٿ وٺي ڇڪي پنهنجي پيٽ تي گهمايائين. ڏٺم ته سندس سيني کان وٺي ناف تائين ان جي پيٽ تي پندرهن ڳنڍيون هيون. چيائين ته اهي سڀ ڪجهه منهنجي صبر جي قليل نعمت آهي. پوءِ مون کي تنهنجي حسين صورت ۽ اهڙي طعام سان دلچسپي ڪونه آهي. پوءِ بغير کائڻ جي اٿيو هليو ويو. سال 331هه ۾ فوت ٿي ويو.

خفيف: اها جماعت آهي، جيڪا سندس اقتدا ڪندي هئي.

 

امّ محمّد

هيءَ خاتون شيخ ابي عبدالله خفيف جي والده هئي ۽ اصل نيشاپور جي هئي. رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ ساري رات جاڳي نماز پڙهندي هئي ته جيئن کيس شب قدر جي برڪت ۽ نعمت نصيب ٿئي ۽ صبح تائين نماز ۽ عبادت ۾ گذاريندي هئي. هڪ رات ام محمّد پنهنجي گهر ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ويٺي هئي ته اوچتو مٿس شب قدر جا انوار ظاهر ٿيا. پنهنجي پٽ کي سڏ ڪري چيائين ته جيڪو مان طلبيان پئي اهو هت آهي، شيخ ڀڄندو آيو،انوار ڏٺائين ۽ ماءُ جي قدمن ۾ ڪري پيو ۽ ان کان پوءِ چيائين ته هن وقت والده جو قدر محسوس ڪيم. پوءِ پنهنجي پٽ سان گڏجي سامونڊي سفر جي ذريعي حجاز مقدس ۾ پهتي.

شيخ ابوبڪر شبلي

جعفر بن يونس يا دلف جعفر يا دلف بن حجدر سندس نالو هو. سندس قبر تي جعفر بن يونس مرقوم آهي. اصلي مصري آهي پوءِ بغداد ۾ آيو ۽ خير نساج جي مجلس ۾ توبه تائب ٿيو. جنيد جو مريد هو ۽ عالم ۽ فقيہ برجسته هو ۽ مالڪي مذهب رکندڙ هو. سندس والد خليفه وقت جي هڪ خاص عهدي تي فائز هو ۽ رشحات ۾ درج آهي ته سندس والد واسطي جو حاڪم هو.

هن پهريائين انابت ۽ توبہ، وقت جي معروف مشائخ محمد خير جي اڳيان ڪئي. شبلي، جنيد جي عزيزن مان هو. تنهن ڪري ادب ۽ لحاظ جي رعايت ڪندي شبلي کي جنيد ڏانهن روانو ڪيو.

”في طبقات السلمي انہ خراساني الاصل بغدادي المنشاء والمولد اصلہ من اسروشنہ من فرغانہ ومولده (کما قيل) سامره“ يعني: طبقات سلمي ۾ مذڪور آهي ته هو اصل خراساني هو بغداد ۾ ڄائو نپنو ۽ وري مذڪور آهي ته اصل اسروشنہ فرغانه جو هو ۽ سندس ڄمڻ جو هنڌ، جيئن چيو ويو آهي ته سامره هو.

جنيد جو چوڻ آهي ته ”لا تنظروا الي ابي بکرالشبلي بالعين التي ينظر بعضکم اليٰ بعض فانہ عين من الله تعالي“ يعني: ابوبڪر شبلي ڏانهن انهيءَ اک سان نه نهاريو جهڙي طرح توهان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا آهيو، ڇو ته سندس اک الله تعاليٰ جي اکين مان (هڪ) آهي.“

پڻ فرمائي ٿو ته: ”لکّل قوم تاج و تاج هذا القوم الشبلي“ يعني: هر قوم لاءِ هڪ تاج هوندو آهي ۽ هن قوم جو تاج شبلي آهي. ماه ذوالحج سال 334هه ۾ ستاسي سال جي عمر ۾ گذاري ويو.

بڪير دينوري جو بيان آهي ته سندس موت جي گهڙي ۾ مان وٽس موجود هئس ۽ نماز جو وقت آيو، چيائين ته مون کي وضو ڪرايو، مون کيس وضو ڪرايو. سندس ڏاڙهيءَ مبارڪ ۾ مون کي خلال ڪرڻ وسري ويو. زبان سان ڳالهائي نه پئو سگهي ۽ پوءِ منهنجي هٿ کي وٺي، پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ جي وچ ۾ آندائين ته خلال ڪر ۽ ان وقت ئي سندس ساهه پرواز ڪري ويو. جڏهن هڪ بزرگ اهو ٻڌو ته چيائين ته شبلي پنهنجي عمر جي آخري گهڙي تائين به آداب شريعت کي نه ڇڏيو.

بڪير وڌيڪ بيان ٿو ڪري ته شبلي وٽ سندس وفات واري ڏينهن موجود هئس ۽ هو سمهيل هو کيس ويهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي وهاريم ۽ هڪ ميت جو جنازو اتان لنگهيو. شبلي چيو ته سڀاڻي مون سان به اهائي ڪار ٿيندي. مان جامع مسجد ڏانهن ويس نماز کان فارغ ٿي موٽي آيس. ڏٺم ته شبلي فوت ٿي چڪو آهي. چيائون ته فلاڻي ڳوٺ ۾ هڪ صالح شخص آهي جو ميت کي غسل ڏيندو آهي، ان کي وٺي اچ پوءِ پرهه ڦٽي جو انهي صالح جي گهر وٽ پهتس ۽ آهستي در کڙڪايم اندران آواز آيو ته ”شبلي گذاري ويو“ ۽ پوءِ ٻاهر آيو، ڏٺم ته اهوئي شخص آهي. کانئس پڇيم ته توکي شبلي جي وفات جي خبر ڪيئن پئي؟ چيائين ته اي نادان! انهيءَ وقت خبر پئي جڏهن شبليءَ چيو ته سڀاڻي ساڻس اها ڪار ٿيندي.

مذڪور آهي ته هڪ شخص شبليءَ کان پڇيو ته سو درهم تي ڪيتري زڪواة ڏيڻ گهرجي؟ چيائينس ته تنهنجي لاءِ پنج درهم ۽ منهنجي لاءِ ٻه سو پنج درهم. انهيءَ شخص عرض ڪيو ته منهنجي لاءِ پنج ڇو ۽ توهان جي لاءِ ٻه سو پنج ڪيئن؟ فرمايائون ته ٻه سو درهم ايثار ڪرڻ ۽ پنج درهم زڪواة ڏيڻ. پڇيائين ته اهو ڪنهن جو مذهب آهي چيائين ته اهو مذهب ابوبڪر جو آهي.

ابراهيم بن شيبان ڪرمانشاهي

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. علائقي جبل جو شيخ هو. ابوعبدالله مغربي ۽ ابراهيم خواص جي احباب مان هو. سال 337هه ۾ وفات ڪري ويو.

ابوسعيد اعرابي

سندس نالو احمد بن محمد هو، اصل بصره جو هو ۽ مڪہ پاڪ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين. حرم جو شيخ هو ۽ جنيد، عمروبن عثمان، نوري، مسوحي، ابوجعفر حفاد ۽ ابوالفتح حمال جو صحبت يافته هو. سندس وفات سال 340هه يا 341هه ۾ ٿي.

سندس چوڻ آهي ته الله تعاليٰ بعض پنهنجي دوستن جا اوصاف دشمنن کي ڏيندو آهي ته جيئن انهن صفتن جي ذريعي دوستن سان مهرباني ڪن، جن جي هو لائق هوندا آهن.

شيخ ابوبڪر طمستاني

هيءُ فارس جو هو، شبلي ۽ ابراهيم دباغ شيرازيءَ جن جو تربيت يافته هو. شبلي کيس بزرگن ۾ شمار ڪندو هو ۽ سندس تعظيم ڪندو هو.

فارس ۾ جڏهن کيس ڪو اطمينان حاصل نه ٿيو ته مشائخ وقت کان پنهنجي اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ خراسان روانو ٿيو.

نيشاپور ۾ آيو ۽ اتي سن 340هه کان پوءِ گذاري ويو.

سندس قول آهي ته الله تعاليٰ دنيا کي ڪارخانه حڪمت بنايو آهي ۽ هر فرد پنهنجي استعداد ۽ ڪشف مطابق نصيب حاصل ڪري ٿو ۽ چيائين ته وصل بي فصل آهي، جڏهن وصل ايندو آهي فصل ظاهر ٿيندو آهي ۽ چيائين ته عقلمند شخص اهو آهي، جيڪو بقدر ضرورت ڳالهائي ۽ ضرورت کان وڌيڪ نه ڳالهائي. ۽ چيائين ته زندگي موت ۾ آهي، يعني نفس جو موت دل جي حياتي آهي. سندس سال وفات 340هه آهي.

ابوالخير تيناتي الا قطع

سندس نالو حمّاد هو، غلام هو. تينات جو رهندڙ هو. تينات هڪ ڳوٺ هو جيڪو مصر کان چند ميل پنڌ تي هو يا ولايت مغرب جي مصيصه نالي هڪ هنڌ تي هو ۽ هيءُ ڪپڙو اُڻڻ جو ڪم ڪندو هو. ڪوبه نه ڄاڻندو هو ته ڪيئن ٿو اُڻي ڇو ته ٻنهي هٿن کان معذور هو. شينهن سندس مطيع هو. ابوعبدالله جلاد ۽ جنيد جو صحبت يافته هو. سال 341هه ۾ فوت ٿي ويو.

”قيل لہ ان السباع انس بک قال نعم الکلاب تانس بعضها ببعض“ يعني: کانئس پڇيو ويو ته ڇا توسان جهنگلي جانور هِري مِري ويا آهن؟ چيائين ته هائو! ڪتا به هڪ ٻئي سان ٺهيل هِريل هوندا آهن.

سندس قول آهي ته پنهنجي عمل کي پاڻ ظاهر ڪرڻ رياء، ڏيکاء آهي ۽ پنهنجي حال کي خود ظاهر ڪرڻ تڪبّر آهي.

مذڪور آهي ته هن اهو عهد ڪيو هو ته هر اها شيءِ جيڪا زمين مان اُڀري پيدا ٿئي ٿي، ان ڏانهن هٿ به نه ڊگهو ڪندس ۽ نه ان مان ڪجهه کائيندس. ليڪن هڪ دفعي کانئس اهو عهد وسري ويو ۽ هن ميوي دار وڻ ڏانهن هٿ ڊگهو ڪري ان مان ڪجهه پَٽي حاصل ڪري کائي ڇڏيو. فوراً کيس عهد ياد آيو، پوءِ جو ڪجهه سندس هٿ ۽ وات ۾ هو ڪڍي ٻاهر اُڇلايائين. اوچتو سپاهي آيا ۽ کيس پڪڙي، حاڪم آڏو وٺي ويا ۽ ٻين چورن ۽ ڌاڙيلن سان گڏ هن کي به شامل ڪيائون ۽ حڪومت جي قانون مطابق ٻين سان گڏ هن جو به هٿ ۽ پير ڪپيائون. پوءِ الله تعاليٰ کي عرض ڪيائين ته ياالله! منهنجي هٿ خطا ڪئي جو ڊگهو ٿي ميوو پٽيائين، ليڪن منهنجي پير ته خطا ڪونه ڪئي. حاڪم کيس ان وقت سڃاتو ۽ نادم ٿيو ۽ پنهنجي گهوڙي ڏنائيس ۽ چيائين ته افسوس آهي جو غلط ڪيو اٿم. چيائين ته تو غلط ڪونه ڪيو آهي، ڇو ته منهنجي هٿ خطا ڪئي هئي، ان جي سزا ڀوڳيائين.

ابوعلي مشتولي

سندس نالو حسن بن موسيٰ آهي. ابوعلي ڪاتب ۽ ابويعقوب موسيٰ جو مريد هو. مشتولي هڪ ڳوٺ جو نالو هو. جيڪو مصر شهر کان تقريباً ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو. سندس وفات جو سال 340هه آهي.

شيخ ابوالعباس دينوري

سندس نالو احمد بن محمد هو. يوسف بن الحسين جوصحبت يافته هو ۽ عبدالله خراز، جريري، ابن عطا ۽ رويم کي ڏٺو هئائين. کانئس پڇيو ويو ته الله تعاليٰ کي تو ڪهڙي طرح سڃاتو. چيائين ته مون مالڪ کي عجز ۽ انڪساري ذريعي سڃاتو ۽ معرفت حاصل ڪيم. سمرقند ۾ سال 340هه ۾ فوت ٿي ويو.

جعفر حذاء

هيءُ جنيد جو صحبت يافته هو. شبلي سندس فضيلت جو قائل هو۽ بندار بن الحسين کيس شبلي تي فوقيت ڏيندو هو. سال 341هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوالقاسم حڪيم

سندس نالو اسحاق بن محمد بن اسماعيل هو ۽ ابوبڪر وراق جو مريد هو. سال 341هه ۾ وفات ڪري ويو.

ابوالعباس سياري

سندس نالو قاسم بن القاسم بن المهدي هو ۽ احمد بن سيار جو ڏهٽو هو ۽ اهل مرو مان هو ۽ ابوبڪر واسطي جو مريد هو. ان جي صحبت ۾ رهي درجي تي پهتو. امام صنفي جو چوڻ آهي ته انهيءَ جي خاندان کي سياريه سڏيندا آهن. هيءُ سال 342هه ۾ فوت ٿي ويو. سندس قبر مرو ۾ آهي.

ابوالقاسم طباطبا

بن محمد بن اسماعيل ابراهيم طباطبا سندس نالو آهي. مصر جي معزز اڪابرين مان هو. انهيءَ علائقي جي طالبان جو رئيس هو. پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو جهاد ۾ گذاريائين. زهد ۽ تقويٰ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. سال 345هه ۾ فوت ٿي ويو.

سندس فرزند ابومحمد عبدالله: سردار، عالم فاضل صاحب گفتار هو ۽ کيس ڪافي ملڪيت، جائداد ۽ زمين هئي ۽ بيشمار خادم رکندڙ هو. مصر ۾ رهندڙ هو ۽ سندس شان ۾ سندس بزرگي بابت خواب ۾ ارشاد نبوي ﷺ صادر ٿيو ته ”اذا فات زيارتي فارزقہ ابي عبدالله بن احمد طباطبا“. يعني: جڏهن توکان منهنجي زيارت فوت ٿي وڃي ته ابوعبداللہ بن احمد طباطبا جي وڃي زيارت ڪر.

ابوبڪر مصري

سندس نالو محمد بن ابراهيم هو. ابوبڪر دقي ۽ قرافي جو مرشد هو ۽ زقاق ڪبير جو مريد هو. جنيد ۽ نوريءَ جو صحبت يافته هو. سال 345هه ۾ ابوبڪر عطوفي سان گڏ وفات ڪيائين.

ابوبڪر عطوفي

سندس نالو محمد بن علي بن حسين بن وهب عطوفي هو ۽ جنيد جو مريد هو. سال 345هه ۾ رمله ۾ وفات ڪري ويو.

ابوالحسن زاهد

هيءُ عليه طائف جو بزرگ هو. سال 345هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابومزاحم شيرازي

سندس بيعت شبلي ۽ جنيد سان هئي، سندس وفات سال 345هه ۾ ٿي. هو جڏهن معرفت بابت وعظ ڪندو هو ته مشائخ ئي خائف ٿي ويندا هئا.

مذڪور آهي ته هو ابوحفص جي زيارت جي لاءِ ويندو رهندو هو. ابوحفص ۽ سندس جماعت وٽ خيراتي چند درهم آيا هئا. جماعتين چيو ته انهن سان اسان پنهنجيون پوشاڪون پاڪ ڪنداسون. ابوحفص چيو ته اهو ته اسان ڪري ڇڏيو آهي، البته هاڻي پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريون. انهيءَ گفتگو ۾ مشغول هئا ته هڪ شخص اتي آيو چيائين ته پهريائين پنهنجو پاڻ کي ڌوئو ۽ پوءِ پوشاڪون پهريو. اهو شيخ ابو مزاحم هو جو فارس کان اچي پهتو هو. چيائين ته اگر اهو ابومزاحم آهي ته مان ان کي سڃاڻيندس ته هن به مون کي ڏٺو هوندو. ان وقت ابومزاحم آڏو آيو ۽ جڏهن اهو ڏٺائين ته سلام ڪيائين ۽ ڪپڙو مٿي تي رکي ڪم ۾ لڳي ويو.

نڪتو: ابوالحسين قوشنجي جو قول آهي ته: ”مَن ذل في نفسہ رفع الله قدره ومن عزّ في نفسہ اذلّہ الله في اعين عباده“ يعني: جنهن پنهنجي نفس کي مات ڪيو، الله تعاليٰ ان جي درجي کي بلند ڪيو ۽ جنهن پنهنجي نفس ۾ غرور آندو ته الله تعاليٰ کيس پنهنجي بندن جي نظر ۾ ذليل ڪيو.

حسين بن محمد موسيٰ سلمي

سندس پيءُ جو نالو شيخ ابوعبدالرحمٰن سلمي هو. اڪابرين مشائخ مان هو. ابوعبدالله منازل ۽ ابوعلي ثقفي جو صحبت يافته هو ۽ شبليءَ کي ڏٺو هئائين. مذڪور آهي ته جڏهن عبدالرحمٰن کي پٽ ڄائو، تڏهن پنهنجي ساري ملڪيت کي ڪجهه وڪڻي ۽ ڪجهه صدقو ڪري ڇڏيائين. ماڻهن کيس چيو ته توکي پٽ ڄائو آهي، انهيءَ لاءِ ڪجهه بچائي رکين ها. چيائين ته جيڪڏهن صالح ٿيندو ته وهو يتولي الصالحين، يعني اللہ تعاليٰ نيڪ ماڻهن جو مددگار آهي، پر جيڪڏهن مفسد ٿيو ته مان سندس فساد ۾ مددگار ٿيڻ نٿو گهران. سال 348هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابراهيم بن يوسف بن محمد زجاجي

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. سندس والد ابوعمر زجاجي هو ۽ ابوحفص جي اڪابر احباب مان هو. طريقت ۾ ملامتي سلسلو رکندڙ هو ۽ خلاف نفس صاحب مذهب هو.

ابوعمرو زجاجي

سندس نالو محمد بن ابراهيم هو، کيس ابراهيم به چيو ويو آهي. اصل نيشاپوري هو ۽ ابوعثمان حيري، جنيد، رويم ۽ خواص جو صحبتي هو. تقريبًا سٺ حج ڪيا هئائين. ابوعمرو، جنيد کي ٻڌائي پيو ته مڪہ پاڪ ۾ هئس ۽ مشائخ وقت جهڙوڪ ڪتاني، ابوالحسن، مزين ڪبير ۽ صغير ۽ ٻيا به ڪيترا حلقو ٻڌي ويٺا هوندا هئاسين ۽ وچ ۾ ابوعمرو زجاجي ويهندو هو. سندس وفات جو سال 348هه آهي.

مذڪور آهي ته حج جي وقت ۾ وٽس هڪ عجمي آيو ۽ عرض ڪيائين ته مان حج پورو ڪيو آهي ۽ مون کي برائت (ڇوٽڪارو) وٺي ڏي، ڇو ته مون کي دوستن اوهان لاءِ چيو آهي ته هو (ڇوٽڪارو) ڪرائي ڏيندو آهي. سندس سادگي ۽ صدق ڏسي ساڻس مزاح طور زمزم ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيائين هوڏانهن وڃ اتي پهچي هيئن چئه.

يارب اعطني البرائة يعني: اي ربّ! مون کي ڇوٽڪارو عطا ڪر. ٿوري دير کان پوءِ اهو عجمي واپس موٽي آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو. جنهن تي سبز حروف ۾ لکيل هو ته: هذا برائة فلان بن فلان من النّار.

ابوالحسن صوفي علي بن حسن بن سهل قوشنجي

ابو عثمان حيري کيس عالم مثال ۾ ڏٺو ۽ سندس وفات جو سن 348هه آهي.

عهد ڪيو هئائين ته جنهن وقت مان بالغ ٿيس ته انهيءَ وقت پنهنجون ڪجهه شيون درويشن کي خيرات ڏيندس، ڇاڪاڻ ته عبادت ۾ خلل خوراڪ جي ڪري پوندو آهي يا دوزخ جي باهه جي انديشي جي ڪري. پوءِ رڻ پٽ ۾ بالغ ٿيو. تنهن ڪري پنهنجي گوڏ کي لاهي ٻٻر جي وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ته جيئن ڪنهن درويش کي ڪم اچي.

چيائين ته توبہ اها آهي ته وري ان گناهه جو ذڪر ئي نه ڪري ذڪر ڪري ته حلاوت نه لهي.

کانئس پڇيو ويو ته توڪل ڇا آهي؟ چيائين ته جيڪو ملي ته کائي خوش ٿئي ۽ نه ملڻ تي غمگين نه ٿئي.

چيائين ته شيخ جي فوت ٿيڻ ڪري هرات آيس. انهيءَ ڪري اتي رهي پيس. چيائين ته کجين جي باغ کان قبرستان وڃي رهيو هئس. هڪ عورت قبر جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ چئي رهي هئي ته ماءُ جو جگر بي مثل هوندو آهي. سندس انهيءَ ڳالهه جي ڪري منهنجو حال اهو ٿيو آهي. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ گهرجي ڀرسان کيس دفن ڪيو ويو ۽ قبر تي مريدن خانقاهه قائم ڪئي ۽ گهر جي مٿان چار صوفي مجاور رهندا هئا، جن جو مقصد هو ته هڪ ٻئي جي پويان ان جي پاسي ۾ دفن ٿين.

ابومحمد جعفر

بن محمد بن نصير خلدي. خلد بغداد شهر جو هڪ محلو هو. تڏا ٺاهيندو هو جنيد جو مريد هو ۽ ابراهيم خواص، (رويم) نوري، سمنون ۽ حريري جو صحبت يافته هو. شيخ ابوالعباس نهاوندي جو پير هو. سندس قبر شونيزيه ۾ سري ۽ جنيد جي قبرن جي ڀرسان آهي. سندس وفات جو سال 348هه آهي.

سندس قول آهي ته ”الفتوة احتقار النفس وتعظيم حرمة المسلمين“. ترجمو: پنهنجي نفس کي حقير سمجهڻ ۽ مسلمانن جي تعظيم و احترام ڪرڻ ئي جوانمردي آهي.

جعفر بن نصير خلدي خواص جو بيان آهي ته مان بيت المقدس ۾ موجود هئس ته ڏٺم ته هڪ شخص جنهن کي عبا ويڙهيل هئي، اوچتو آسمان ڏانهن نگاه ڪري چيو ته جيڪڏهن مون کي تون دوست رکين ٿو ته مون کي ملائي ۽ فالوده کاراءِ ورنه مان تنهنجي گهر جون سڀئي شمع (قنديلون) ٽوڙي ٽڪر ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو سمهي پيو ٿوري دير کان پوءِ هڪ شخص آيو جنهن کي هڪ ٿانو ۾ ملائي ۽ فالوده هو. سو ان شخص کي کائڻ لاءِ ڏئي ويو. پوءِ پاڻ کاڌائين ۽ باقي بچيل طعام لاءِ چيائين ته پنهنجي فرزند کي کاراءِ، هو ٻاهر آيو. کانئس پڇيم ته هي ڪير آهي، چيائين ته نه سڃاتم ته (ڪير) آهي. البته مون کي هڪ ماڻهو ڏئي ويو. منهنجا فرزند، ڪجهه ڏينهن کان وٺي ملائي ۽ فالوده جي طلب ڪري رهيا هئا ۽ پوءِ ميسر ٿيو، اوچتو غيبي آواز آيو ته وڃ! اهو فلاڻي شخص کي کاراءِ ۽ باقي هيءُ فرزندن کي ڏي ڇو ته هيءُ انهيءَ جي لاءِ توکي ڏنو ويو آهي.

ابوبڪر بن دائود دينوري

هيءُ شام ملڪ جو رهاڪو هو ۽ ابن جلا جو صحبت يافته هو.

سندس قول آهي ته معده طعام جو محلات آهي. جيڪڏهن ان ۾ حلال رزق وجهندين ته تو منجهه نوراني طاقت پيدا ٿيندي ۽ منجهس شبهي واري (مال وجهڻ جي حالت) ۾ حق کان پري ٿي ويندين ۽ جيڪڏهن حرام (مال وجهندين) ته گناهن ۾ غرق ٿي ويندين. پورا سو سال زنده رهيو ۽ دينور ۾ سال 350هه ۾ گذاري ويو.

بندار بن الحسين

بن محمد بن مهلب شيرازي، سندس ڪنيت ابوالحسن هئي ۽ شيراز (بازجان) جو هو. سندس قبر به اتي ئي آهي. شبلي جو مريد هو، جعفر حداد جو صحبت يافته هو ۽ ابوعبد اللہ خفيف جو مرشد هو. سندس وفات جو سال 353هه هو.

ابراهيم بن دائود قصار رقي

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي. جنيد ۽ ابوعبدالله جو همعصر هو. سندس عمر تمام ڊگهي هئي. سال 326 ۾ فوت ٿيو. هو متقين جو قبلو ۽ صوفين جو ڪعبو هو.

قصو بيان ڪيل آهي ته هڪ درويش ڪنهن واديءَ مان لنگهيو پيو وڃي ته شينهن مٿس حملو ڪرڻ چاهيو ۽ جڏهن شينهن جي سندس پوشاڪ تي نظر پئي ته شينهن هيٺ ڪنڌ ڪري هليو ويو ۽ پوءِ درويش جڏهن پنهنجي جبي تي نظر وڌي ته ڏٺائين ته سندس جبه ۾ ابراهيم جي خرقي جي چتي لڳل هئي ۽ سبيلُ هو. پوءِ سمجهيائين ته اها ان جي برڪت هئي.

چيائين ته ڪفايت شعاريءَ ۾ سڪون آهي. زياده طلبي ۾ رنج ۽ پريشاني آهي. چيائين اهو راضي آهي. جيڪو سوال نٿو ڪري.

ابوعبدالله تروغبدي

سندس نالو محمّد بن محمد الحسين هو. طوس جي مشهور مشائخ مان هو ۽ ابوعثمان حيري جوصحبت يافته هو. سندس وفات جو سال 350هه آهي.

”قال طوبٰي لمن لا يکن لہ وسيلة اليہ غيره.“

يعني: چيائين ته ان کي مبارڪ هجي جنهن کي ان (مالڪ) کان سواءِ ان ڏانهن ٻيو ڪوبه وسيلو ڪونه هجي.

”قال ترک الدنيا للدنيا جمع الدنيا.“

يعني: چيائين ته جنهن دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ دنيا کي ترڪ ڪيو، گويا ان گهڻي دنيا ۽ دولت جمع ڪئي.

چيائين ته الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي ٻانهي کي ان جي وسعت موجب معرفت عطا ڪئي آهي ۽ انهيءَ ئي مطابق معرفت جي مصيبت ۾ به مبتلا ڪيو آهي ته جيئن اها مصيبت، معرفت ۾ سندس حفاظت ڪندي رهي.

چيائين ته بغير ڪنهن امتياز جي مخلوق جي خدمت ڪر، ڇو ته اها خدمت تنهنجي لاءِ سودمند، برڪت ۽ شان واري آهي. پوءِ سڀني حقدارن جي خدمت ڪر ته تون پنهنجي مراد کي حاصل ڪرين ۽ مقصد تنهنجي هٿن کان نه وڃي.

شيخ ابواسحاق شامي

هيءُ بزگزيده بزرگ هو ۽ سندس قبر شام ملڪ ۾ عڪہ شهر ۾ آهي ۽ شيخ علو ممشاد جي احباب مان هو ۽ هو وري شيخ هبيره بصري جي احباب مان هو ۽ اهو وري حذيفه مرعشي جي احباب مان هو ۽ اهو وري ابراهيم ادهم جي احباب مان هو.

ابواسحاق شامي، ڳوٺ چشت ۾ پهتو ۽ خواجه ابواحمد ابدال، جيڪو قديم چشتي مشائخ مان هو، ان وٽ پهتو ۽ سندس صحبت ۾ رهي تربيت حاصل ڪيائين.

چشتي خاندان؛ هن جڳهه تان چشتي وجود ۾ آيو ۽ چشت، هرات جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. سلوڪ چشتي جي روش هي آهي ته شهرن ۾ وڃي مخلوق کي الله جلشانہ جو نالو سيکاريندا آهن. دنيا ۽ اهل دنيا کان بي نياز رهندا آهن ۽ هميشه رياضت ۾ هوندا آهن ۽ مسڪينن سان ميل جول رکندا آهن. فقيرن کي، اميرن تي ترجيح ڏيندا آهن ۽ فقيرن جا هٿ، پير خود ڌوئيندا آهن ۽ کين پنهنجي هٿن سان کاڌو کارائيندا آهن. ”اي طريقہ ترک الدنيا و اسبابها والاجتهاد في الرياضة والذکر بالجهر من النفي والاثبات والجلا رفع الاخظ کا تعلعة وسماع الغنا من الغير لهو تمت.“

خواجه ابواحمد ابدال چشتي

هيءُ فرسنانہ جي سلطان جو پٽ هو. شريف خاندان مان هو ۽ سندس پيءُ علائقي جو حاڪم هو. سلطان جي ڀيڻ نهايت نيڪ، پرهيزگار ۽ صالحه هئي. شيخ ابواسحاق شامي وٽس ايندو هو ۽ ان وٽ ئي ماني کائيندو هو. هڪ دفعي ان صالحه کي چيائين ته تنهنجي ڀاءُ کي پٽ پيدا ٿيندو، جنهن جو عظيم شان هوندو. البته تون پنهنجي ڀاڄائي جي غذا جي حفاظت پاڻ ڪج، جيئن ايام حمل ۾ سندس پيٽ ۾ ڪا حرام يا شبهي واري شيءِ نه وڃي ۽ اها پوڙهي، پرهيزگار عورت، شيخ جي چوڻ موجب پاڻ پنهنجي هٿن سان چرخي ۾ سُٽ ڪتي، انهيءَ جي آمدني مان پنهنجي ڀاڄائي کي خوراڪ مهيا ڪري ڏيندي هئي. آخر سال 260هه ۾ خواجه ابواحمد پيدا ٿيو ۽ انهيءَ صالحہ عورت ان جي به پنهنجي گهر ۾ حلال رزق سان تربيت ڪئي.

ڪڏهن ڪڏهن شيخ ابواسحاق ايندو هو ۽ ٻالپڻ جي عمر ۾ خواجه کي ڏسندو هو. چوندو هو ته جڏهن هيءُ ڇوڪرو، وڏو ٿيندو ته پنهنجي خاندان جو بزرگ شخص ظاهر ٿيندو ۽ جڏهن خواجه ويهن سالن جي عمر جو ٿيو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ شڪار جي ارادي سان جبلن ۾ ويو ۽ اتان پنهنجي خادمن ۽ اهلڪارن کان جدا ٿي ويو ۽ جڏهن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته ڏٺائين ته چاليهه شخص رجال الله جبل ۾ بيٺا آهن. انهن ۾ شيخ ابواسحاق به موجود آهي. اهو حال ڏسي هو گهوڙي تان هيٺ لهي آيو ۽ شيخ کي پيرين پيو ۽ مجلس کان پوءِ پنهنجو گهوڙو ۽ هٿيار وغيره اتي ڇڏي ڏنائين ۽ گودڙي پهري انهن سان گڏ روانو ٿي ويو ۽ ان بعد سندس پيءُ ۽ اهلڪارن سندس ڏاڍي ڳولا ڪئي، مگر هو ملي نه سگهيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ معلوم ٿيو ته هو شيخ ابواسحاق سان گڏ فلاڻي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. سندس پيءُ اهلڪار موڪليا ته کيس وٺي اچو، ساڻس هر قسم جا حيلا هلايائون نصيحتون ڪيائون ۽ کيس بند ڪيائون ته به ان کي واپس آڻي نه سگهيا، آخر سندس پيءُ ان جون ڪرامتون ڏسي توبہ ڪئي. سال 355هه ۾ فوت ٿي ويو.

علي بن بندار

بن الحسين صوفي، صيرفي، نيشاپوري. سندس ڪنيت ابوالحسن هئي. نيشاپور ۾ عثمان حيري ۽ محفوظ جو صحبتي هو ۽ سمرقند ۾ محمد فضل بلخي سان، بلخ ۾ محمد ۽ حامد سان، جرجان ۾ علي جرجاني سان، ري ۾ يوسف بن الحسين سان، بغداد ۾ جنيد، رويم، سمنون، ابن عطا ۽ جريري سان، شام ۾ طاهر مقدسي، ابن جلا ۽ ابوعمر دمشقي سان، مصر ۾ ابوبڪر مصري، ابوبڪر دقاق ۽ ابوعلي رودباري سان سندن صحبت ۾ رهيو هو. ساري جهان جا مشائخ ڏٺا هئائين. سال 359هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر دقي

سندس نالو محمد بن دائود دمشقي هو. چون ٿا ته اصل دينوري هو پوءِ شام ۾ آباد ٿيو. ابوعلي رودباريءَ جو هم عصر هو. زقاق ڪبير جو مريد هو. جنيد کي ڏٺو هئائين ۽ ابوبڪر مصري جو صحبتي هو. هڪ سو ويهه (120) سال جي عمر ۾ سال 359هه ۾ گذاري ويو.

ابوبڪر شبهي

سندس نالو محمد بن جعفر شبهي هو. وقت جي ممتاز مشائخ مان هو ۽ نيشاپور ۾ شيخ عثمان حيري جي صحبت حاصل ڪئي هئائين. سال 360هه کان اڳ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر مفيد

محمد بن احمد بن ابراهيم. هي جرجر شهر جو برگزيده امام هو. جنيد ۽ يوسف بن الحسين کي ڏٺو هئائين ۽ ابوعثمان حيريءَ جو صحبت يافته هو. سال 364هه ۾ وڏي ڄمار ۾ گذاري ويو.

ابوعمرو اسماعيل بن نجيد

بن احمد سلمي، شيخ ابوعبدالرحمٰن سلمي جي ماءُ جو ڏاڏو هو ۽ ابوعثمان حيري جي خاص مريدن مان هو. جنيد کي ڏٺو هئائين. سال 365هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابو عبدالله مقري

سندس نالو محمد بن احمد بن محمد هو. يوسف بن الحسين، عبدالله خراز رازي، مظفر ڪرمانشاهي ۽ ابن عطار جريري جو صحبت يافته هو. سال 366هه ۾ گذاري ويو.

ابومحمد راسبي

سندس نالو عبدالله بن محمد راسبي بغدادي هو. جنيد کي ڏٺو هئائين ۽ ابن عطا، جريري ۽ جنيد جي مريدن جو صحبت يافته هو. سال 367هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابوبڪر قطيعي

هيءُ بغداد ۾ حافظ ۽ امام هو. حديث جي علم ۾ هيءٌ عبدالله بن احمد بن (حنبل) جو شاگرد هو. جنيد کي ڏٺو هئائين. سال 368هه ۾ فوت ٿي ويو.

ابراهيم بن ثابت

سندس ڪنيت ابواسحاق هئي، جنيد جو صحبت يافته هو، ان کان شيخ ابومحمد جعفر بن محمد نصير الخلدي، ان کان شيخ ابوالحسن، ان کان بنان بن محمد حمال صحبت حاصل ڪئي. سندس استاد ابوالحسن هو. سال 369هه ۾ گذاري ويو.

شيخ عبدالله رودباري

سندس نالو احمد بن عطا هو. شام جو شيخ هو ۽ صور شهر جو ويٺل هو. صور شهر درياهه جي ڪناري تي هو. سندس قبر به اتي هئي، پوءِ درياهه جي نذر ٿي وئي. سندس وفات جو سال 369هه آهي.

ابوسهل صعلوڪي

سندس نالو محمد بن سليمان صعلوڪي الفقير هو. وقت جو امام ۽ علوم شريعت ۾ وحيد زمان هو ۽ شبلي، مرتعشي ۽ ابوعلي ثقفي جو صحبت يافته هو ۽ ابوالحسن قوشنجي ۽ ابونصر الصفار نيشاپوريءَ جو رفيق هو.

شيخ ابوعبدالرحمٰن بيان ٿو ڪري ته سماع بابت ابوسهل کان مسئلو پڇيو ويو. چيائين ته ”يستجب لاهل الحقايق ويباح لاهل العلم ويکره لاهل الفسق والفجور“. يعني: اهل حق لاءِ مستحب آهي ۽ اهل علم لاءِ مباح آهي ۽ فاسقن فاجرن لاءِ ناجائز آهي. سال 369هه ۾ نيشاپور ۾ گذاري ويو.

حسن بن حمزه بن علي معروف مرعشي

سندس نالو حسن بن حمزه بن علي بن عبدالله بن محمد بن الحسن ۽ لقب سليق بن حسين الاصغر هو ۽ طبرستان ۾ رهندڙ هو ۽ مشهور مرعشي هو. وقت جي برگزيده بزرگن ۽ فقيهن مان هو ۽ پوءِ بغداد آيو ۽ اتي ئي گذاري ويو. سندس وفات جو سال 358هه آهي.

ابوبڪر فاليزبان

هيءُ بخارا جو برگزيده بزرگ هو. جنيد کي ڏٺو هئائين. سندس عمر طويل هئي ۽ شيخ عمودي کي به ڏٺو هئائين.

ابوالحسن حصري

سندس نالو علي بن ابراهيم بن علي بصري هو. بغداد ۾ رهندڙ هو. شبليءَ جو مريد هو. سندس وفات جو سن 371هه هو.

ابوالقاسم نصرآبادي

سندس نالو ابراهيم بن محمد بن محمويه هو. نيشاپوري هو. ابراهيم شيبان جو مريد هو. شبلي ۽ واسطي کي ڏٺو هئائين. ابوعلي رودباري، مرتعشي ۽ ابوبڪر طاهر ابهريءَ جو صحبت يافته هو. سال 372هه ۾ فوت ٿي ويو.


(1)  اصل متن ۾ نالي جي جڳهه تي ڪجهه به لکيل نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com