سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:17 

وفي ذکر الله حيّ والغافل ميّت

[ترجمو: الله جي ذڪر ڪرڻ وارو ئي زنده آهي ۽ الله جي ذڪر کان غافل ئي مُئل آهي.]

مُلا علي قاري چوي ٿو ته ذڪر حضورِ ربّ ۽ وجدان  قلب جو نالو آهي ۽ اهو ذڪر ئي سهڻن اخلاقن جو بنياد آهي. انهيءَ ڪري جڏهن غزالي ذڪر جي مقام ۾ داخل ٿيو هو، تڏهن چيائين ته، مون پنهنجي عمر جو گھڻو حصو ڪتاب ‘وجيز’، ‘وسيط’ ۽ ‘بسيط’ ۾ ضايع ڪري ڇڏيو. (اهو وقت ذڪر کي ڏيان ها ته بهتر هو) ‘شرح صدور’ ۾ آهي ته، مرڻ کان پوءِ جڏهن الله جي هڪ دوست کي غُسل ڏنو پئي ويو. تڏهن مُرڪي رهيو هو. غسل ڏيڻ واري پُڇيو ته موت کان پوءِ به زنده آهي، تڏهن الله جي دوست چيو ته “آئون زنده آهيان ۽ هر الله جو دوست زنده آهي”.

مجنون ترم کنون که شدم آشنائي خويش

[معنيٰ:  مان تڏهن وڌيڪ چريو ٿيس، جڏهن پنهنجي حال کان واقف ٿيس.][78]

               سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن شرڪ جي پاڙ پٽجي وئي ته پوءِ جنت کان ڪابه رُڪاوٽ نه آهي، اها ڳالهه حديث جي سنّد سان (ثابت) آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: اهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ آهي:

أُولَـٰئِكَ لَهُمُ الأَمْنُ وَهُم مُّهْتَدُونَ  (82:6:7)

[ترجمو: انهن جي واسطي ئي امن ۽ سلامتي آهي ۽ اهي ئي هدايت جي رستي تي هلندڙ آهن.]

ڇاڪاڻ ته صحيح حديث ۾ شرڪ جو تفسير ظُلم سان ڪيو ويو آهي.

 

              سلطان الاوليا فرمايو: حقيقت سان واصل ٿيندڙ کي دنيا ۾ ئي جنت (مقصد ۽ مراد) مان حصو ملي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر اسم الاهي جو سُڃاتل محبوب جي صورت ۾(ظاهر ٿيڻ) شريعت جي زبان ۾ جنت آهي. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.

             سلطان الاوليا فرمايو: الله جي لاءِ اباحت (جائز ) ڪمال آهي ۽ نفساني خواهشن جي لاءِ گمراهي آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: مولوي رومي کي الله تعاليٰ خير عطا ڪندو، جنهن چيو آهي:

        کفر گيرد کاملي ملت شود

[معنيٰ: جيڪڏهن ڪو ڪامل (ظاھر ۾) ڪفر کي اختيار ڪندو ته اهو به هن لاءِ عين دين (جي رسم) ٿي پوندو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: پسنديده فائدو دين آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اهـا ڳـالهه تــڏھـن فـرمـايـائـون جـڏھـن مـون (حـضـرت سلطـان اوليـاء قدس سره جن) کان“علمِ رمّل” بابت سوال پڇيو. (وڏي مرشد سائين جو مطلب هو ته رڳو دين جي فائدي تي ئي نظر ڪر.)

              سلطان الاولياء فرمايو: غيرن ۽ ڌارين کان (پري) ڀڄ، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد تنهنجو رت پيئڻ آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: جـڏهـن ڪـو مـرد (دل جـي) سچـائـي سـان الله ڏانـهن متوجهه ٿيندو آهي، تڏهن (الله کان سواءِ) ان لاءِ (ٻيو) ڪو به قريب نه رهندو آهي ۽ الله وارن سان ئي سندس تعلق جُڙندو آهي. (۽ دنيا کان ان جي دل خالي ٿي ويندي آهي) ڇاڪاڻ ته کاڌي کان خالي ٿانوَ کي ڪتو به پسند نه ڪندو آهي. عاجز دل ئي الله جي محبت سان ڀريل ۽ دنيا جي ڍونڍ کان خالي ھوندي آھي، تنهنڪري ڪُتا ان جي ويجهو ئي نٿا وڃن.

              سلطان الاولياء فرمايو: اصل (الله) تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن لاءِ به سلامتي نه آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: اھوتڏهن ٿيندو جڏهن هو پاڻ کي بغير تعين ڏسندو يعني جڏهن پاڻ کي ڪا شيءِ نه سمجهندو، ان کي “فنا في الذات” چون ٿا ۽ ان جي نشاني اها آهي ته هو مختلف حالتن ۾ فرق ڪرڻ جي اهل نه رهندو آهي.

جيئن مولوي جامي چيو آهي:

 پيش او لطف همان قهر همان
نوش داروش همان زهر همان

[معنيٰ: ان جي اڳيان مهرباني ۽ قهر هڪ جهڙا آهن، وٽس، دوا دارون ۽ زهر برابر آهن.]

 حافظ چيو آهي:

بيا رباده    که    در   بارگاهِ  استغناء
چه پاسبان وچه سلطان چه هوشيار وچه مست.

[معنيٰ: محبت جو شراب آڻ جو بي پرواهه بادشاھ جي درٻار ۾ ڪهڙو چوڪيدار، ڪهڙو امير، ڪهڙو هوشيار ۽ ڪهڙو مست ؟ مطلب ته سندس درگاهه ۾ سڀ برابر آهن.]

 مولوي رومي چيو آهي:

هست بي رنگي اصولِ رنگها
صلحھا   باشد  اصول  جنگها

[معنيٰ: بي رنگي ئي رنگن جو بنياد آهي، جيئن صلح جو بنياد جنگ  آهي.]

چون  که بي رنگي رسي کان داشتي
موسيٰ   و   فرعون   اندر    آشتي

[معنيٰ: جڏهن تون بي رنگيءَ ۾ پُھچندين، تڏهن موسيٰ عليه السّلام ۽ فرعون کي گڏ صلح ۾ ڏسندين.]

هر که بي من  شد  همہ  ها دروست
باز جمله شد چو خود نيست دوست[79]

[معنيٰ: جيڪو(نفس) آئون (جي وڏائي) کان پاسيِ ٿيو، سڀ اُن ۾ آهي، وري اهو ئي سڀ پاڻ ٿيو، جڏهن پاڻ ڪنهن جو دوست نه آهي.]

تا تو خود را پيش وپس داري گمان
بسته  جسمي  و  محرومي  ز جان

[معنيٰ: جيستائين تون پاڻ کي اڳيان پويان هجڻ واروگمان رکين ٿو، تيستائين پنهنجي جسم کي ٻڌل ۽ پاڻ کي جان کان محروم سمجهه.]

زير و بالا پيش و پس وصفِ تن است
بي  جهتها  ذات  جان  روشن  است

[معنيٰ: هيٺ ۽ مٿي، اڳيان ۽ پويان هجڻ (انساني) بدن جي تعريف آهي، ليڪن طرف کان سواءِ فقط روح روشن آهي.]

هن ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته تعين ۽ تميز کان سواءِ ان ڳالهه جو ڄاڻيندڙ ٿي. ڇاڪاڻ ته معنيٰ ذات ۽ حُڪم جو محل آهي، تعين نه هجڻ جي ڪري معنيٰ تي حڪم نه لڳائبو. ائين ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.

 ڪتاب ‘سراج المصلي’ ۾ آهي:

قلندر شدن قرب لاهوتي است
مقام  قلندر   خراباتي   است

[معنيٰ: قلندر ٿيڻ لاهوتي جو قُرب آهي، قلندر جو مقام خراباتي آهي.]

هن (قلندري مقام) تي سالڪن جا قدم گھڻي تفاوت وارا آهن، انهن مان تمام ٿورا ماڻھو ان حقيقت جي راز تائين پهچن ٿا يعني تعين کان بلڪل نڪرڻ. ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته غيب جي خبر “هويت” آهي. جنهن جو نڪي اثبات ڪندا آهن ۽ نڪي ان کان وڌيڪ گھرندا آهن. ڪتاب ‘رشحات’ ۾ آهي ته اِطلاق (لاڳاپي) جي قيد کان اها ذات  مطلق آهي، پوءِ  اُنهيءَ ذات کان سواءِ هر شيءِ معلوم ڪري سگھجي ٿي، پر ان (جي ڪيفيت) کي علم ۽ ادراڪ جي ذريعي نه ٿو سمجهي سگهجي.

               سلطان الاولياء فرمايو: مُريد لاءِ حُجت فقط سندس مُرشد آهي. حديث شريف ۾آهي ته ڪن اصحابن سڳورن ؓ  ‘توريت’ جي مطالعي جو شوق ڏيکاريو، جنهن تي حضرت رسول الله ﷺ جن ناراض ٿيا.

آئـون چـوان ٿـو ته: اهـا حـديث شريـف ‘مـشڪـاة شريف’ ۾ آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ حضور ڪريم ﷺ جن جا هي الفاظ آهن:

اتهاکون انتم کما تهوکت اليهود و النصاريٰ

[ترجمو: توهان ائين هلاڪ ٿيڻ چاهيو ٿا، جيئن يهودي ۽ نصارا هلاڪ ٿيا.]

ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي ته “التهوڪ” جي معنيٰ مٿو ڦرڻ ۽ حيران ٿيڻ آهي.

هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته جيئن عبادت ۾ شرڪ حرام آهي، تيئن هدايت جي دليل وٺڻ ۾ به حرام آهي. پوءِ جيڪو“فنا في الله” جو ارادو رکي ٿو، ان کي اول مُرشد ۾ فنا ٿيڻ گهرجي ۽ مُرشد کان سواءِ ٻي جي ڳالهه مان دليل نه وٺي. انهيءَ ڪري ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ جو صاحب فرمائي ٿو ته سمجھاڻي مُرشد جي فعل مان ئي وٺڻ گھرجي ۽ عادات ۽ عبادات ۾ ان کي ئي “امام” بنائجي. جيستائين مُريد، مُرشد جي گواهيءَ سان الهام جي مرتبي کي نه پهچي، تيستائين مُرشد جي خطا کي پنهنجي صواب (درست) کان ڀلو سمجهي. ڇاڪاڻ ته مُرشد اُن وقت “مُجتهد” جي مقام تي فائز ھوندو آهي، جنهن تي ڪابه ملامت نه آهي. (مطلب ته مُجتهد تي اجتهاد جي غلطي ۾ ملامت ڪرڻ جائز نه آهي.)

آن را که  در  سرائي    نگار    ست[80]
فارغ است از باغ بوستان تماشا لاله زار

[معنيٰ: جنهن جي گھر ۾ محبوب آهي، اهو باغ، گل ۽ گلزار (ساوڪ) جي سوچ کان فارغ آهي.]

الله تعاليٰ مولوي روميءَ کي جزاءِ خير عطا ڪري . جنهن چيو آهي:

علم نقلي با دم قطب زمان
چون  تيمم  باوجود  آب دان

[معنيٰ: نقلي علم “قطب زمان” (وقت جي مُرشد) جي موجودگيءَ ۾ ائين سمجھ، جيئن پاڻيءَ جي غير موجودگيءَ  ۾ تيمم!]

ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ به اهڙيءَ طرح آهي. نماز، روزو ۽ ٻيون سڀئي عبادتون “صاحبِ زمان” جي اجازت کانسواءِ ڪو سُٺو نفعو نه ٿيون ڏين.

(هر دور ۾ انهيءَ  صاحبِ زمان جي ثبوت لاءِ) مولوي رومي چيو آهي:

تا قيامت آزمائش  دائم است
پس بهر دوري ولي قائم است

[معنيٰ: قيامت تائين اھو امتحان جاري رهندو، مطلب ته هر دور ۾ ھڪ ولي ضرور هوندو آهي.]

هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته نوَن نوَن احوالن جي حقيقت ڪڏهن جمال ۾ ۽ ڪڏهن جلال ۾ هوندي آهي. قديم ۽ جديد (احوالن) جو جهڳڙو حيراني ۽ هلاڪت جو سبب آهي. تنهن ڪري ڪنھن عارف چيو آهي ته صوفي “ابن الوقت” (وقت جو پٽ) يا “ابوالوقت” (وقت جو پيءُ) هوندو آهي.

 هن مضمون ۾ هن مسڪين (گرهوڙي) جو شعر آهي:

يخالفُ قواعد العصر و مکان
پسر وقت باشد خبر هر زمان

[معنيٰ: زمان ۽ مڪان جا قاعدا مختلف هوندا آهن، وقت جو پُٽ اهو آهي (جيڪو) هر زماني جي خبر ڏيندو آهي.]

سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ (وقت جي حالتن تي هي پهاڪو ڏنو ويندو آهي.) جنهن جو مضمون هي آهي ته تعريف حاضر (موجود) جي لاءِ هوندي آهي. اصول فقھ ۽ ان جي فروع ۾ آهي ته ضرورت اباحت (مباح) جي علت آهي ۽ علت اطاعت ۽ تابعداري جو بنياد ۽ مدار آهي. ايستائين جو امام اعظم (ابوحنيفه) فرمايو آهي ته جنهن اسان جي اصل (ماخذ يا دليل) کي نه ڄاتو، تنهن لاءِ جائز نه آهي ته اسان جي فِصل (اجتهادي مسئلن) کي اخذ ڪري ۽ بيشڪ نفس جي معرفت  پنھنجي فائدي ۽ نقصان وارين شين کي معلوم ڪرڻ جو نالو فقھ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪنھن عارف جو قول آهي ته تيستائين مرد صديق نه چئبو، جيستائين هزار دوست سندس باري ۾ شاهدي ڏين ته اهو زنديق آهي. بيشڪ انهن جو قول سچو آهي، پر ظاهر وارن جي (چوڻ تي) محمول( دارومدار) آهي. پوءِ انهن جي (سٺي) ۽ سچي قول چوڻ ڪري انهن جي مخالفت ڪرڻ خراب آهي. (پر انهن جي چوڻ جي ڪري) احڪامن جو جاري ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي صحيح نه آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته جڏهن ماڻهو معرفت جي انتها تي پهچندو آهي، تڏهن ماڻهو ان کي پٿر هڻندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان جون ڳالهيون ماڻهن جي عقل جي حد کان ٻاهر هونديون آهن. تنهنڪري ماڻهو ان کي چريو يا ڪافر سمجهي پٿر هڻندا آهن. امام غزالي جي ٻئي ڪتاب ‘اصول الاربعين’ ۾ آهي ته [81] عارف جو ڪلام جمهور جي مخالف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته عارف حقيقت جي جهان ۾ هوندو آهي، وهمي، خيالي ۽ صورتن جي جهان ۾ ڪونه هوندو آهي. مطلب ته اهو ائين آهي جيئن مسافر پنهنجي وطن کان ٻاهر وارن رهاڪن سان ڳالهائيندو آهي، سندس ڪلام جي اها نشاني آهي جو ان جو ڪلام اجمالي (اشارن وارو) ۽ انتها تي نظر رکڻ وارو هوندو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: هن مقام جو صاحب ڪڏهن ڪڏهن (ظاهري) صفائي کي ويسر ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. پوءِ انهيءَ کي (دنيا جي) ڪمائي ۽ ڪاٺين جي وڪڻڻ (يعني واپار جو) مڪلف (ذميوار) ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ هن مقام جي صاحب کي عملن ۽ ورد وظيفن وارن تي قياس نه ڪبو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن ايندڙ وقت واري صورت مان حقيقت تائين پُهچندو آهي.(جيئن ڪنهن ايندڙ کي چئجي ته) “خربوزه بخور” (تون گدرو کاءُ ) “ترا بفاليزه چه کار” (تنهنجو گدري جي واڙيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي) چوڻ وارن جو چوڻ بيشڪ صورت جي حقيقت کان جدا ۽ پري نٿو ٿئي. (صديق کي زنديق چوڻ وارو قول) ان تي محمول آهي، (ڇاڪاڻ ته) جيڪو دنيا کان نه نڪتو آهي سو معراجيت (بلنديءَ جي انتها) تي تابعداريءَ سان ڪامياب نه ٿيو آهي. ورنه (ھن ڳالھه ۾) ڪو به شڪ نه آهي ته ڪيترن ڪاملن جي دنيا آخرت وانگر آهي. انهن مان شيخ (احمدي سرهندي) مجدد الف ثاني قدس سره به هڪ آهي ۽ آخرت ۾ حقيقتون صورتن سان قيد نه هونديون آهن.

(حڪايت آهي ته) حضرت ذوالنّون مصري، حضرت خواجه بايزيد بسطامي ڏانهن (ڪنهن ماڻهوءَ جي ذريعي) پيغام موڪليو ته تون (ڪيستائين) جهنگ ۾(غفلت جي ننڊ ۾) سمهندين، حالانڪ قافلو روانو ٿي ويو آهي. پوءِ (حضرت سلطان العارفين خواجه) بايزيد، (بسطامي قدس سره) جن جواب ۾ چوائي موڪليو ته مرد اهو آهي جيڪو سڄي رات سمهي ٿو، مگر صبح جو اُتي ئي پھچي وڃي ٿو، جتي قافلي جي منزل هوندي آهي. پوءِ جڏهن اهو جواب شيخ ذوالنون ٻُڌو، تڏهن چيائين ته اسان جو ڀاءُ (سلطان العارفين خواجه بايزيد) اهڙي (روحاني) مقام تي پهتو آهي، جتي ٻيو ڪو به نه پهچي سگهيو آهي.

پرا   گنده   که  آن  اند  زير  فلک
که هم دو توان خواند شان هم ملک

[معنيٰ: آسمان هيـٺان ڪيترائي اهڙا (اولياء) آهن، جو ملائڪ به انهن جو شان بيان ڪن ٿا.]

              سلطان الاولياء فرمايو: گهڻو ذڪر ڪندڙ جيڪو نسبت جو صاحب ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ وارو آهي، اهو پنهنجي راز جي جذب سبب ۽ پنھنجي دل (کي ذڪر ۾) گم ڪرڻ سان مرفوع سند موجب شريعت جي تابعداري ڪندڙ آهي. اهو عشق ۽ محبت جي پَرَن سان اُڏامندو آهي، عقل ڪونه هلائيندو آهي ۽ طريقت سالڪن وانگر ۽ شريعت زاهدن وانگر آهي ۽ نسبت جي شرح هنن (قصيده برده جي) بيتن ۾ بيان ڪيل آهي:

اَقسمت بالقمر المنشق ان لہ
من قلبہ نسبة مبرورة القسم

[ترجمو: آئون چيريل چنڊ جو قسم کڻان ٿو ڇو ته ان جي چيرجڻ جي نبي ڪريمﷺ جي قلب مبارڪ سان نسبت آهي ۽ اهو منهنجو سچو قسم آهي.][82]

نسبت جو نتيجو هن بيت ۾ ظاهر ڪيل آهي:

سبحان الله ما وحيءَ بِمُکتسب
وَّلا  نبيّ  عليٰ  غيب   بمُتهم

[معنيٰ: پاڪ آهي الله تعاليٰ جيڪو نبيءَ کي ڪمائي سبب نبوت عطا نه ٿو ڪري ۽ نه ڪنهن نبي تي غيب جي خبر ڏيڻ جي تهمت لڳائي سگهجي ٿي.]

وذاک حين بُلوغ من نّبوُتہ
فليس ينکر فيهه حال مُحتلم

[معنيٰ: پوءِ خواب ۾ وحي جو اچڻ ان وقت ٿيو، جڏهن پاڻ (سڳورا ﷺ) نبوت جي وقت تي پُهتا هئا، جيئن ڪنهن عاقل بالغ جي احتلام جي حال جو انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.]

    ­            آئون چوان ٿوته: وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) (اھو) صاحبِ نسبت جي باري ۾ فرمايو آهي، جيڪو ‘شرح اربعين نووي’ ۾ موجود آهي. اهو شرح مُلاّ علي قاري لکيو آهي.

(شيخ) سعدي نسبت جي شرح ۾ چيو آهي:

اي که  از مُشک  جليسان  بقمر  بر  زده
جهت کو که دران داغ جليسائي تو نيست

[معنيٰ: چنڊ جي صحبت مان تو خوشبوءِ حاصل ڪئي پر چنڊ وارن داغن کان تون خالي آهين.]

حافظ چيوآهي:

لطيفه ايست نهاني که عشق ازو خيزد
که نام آن  نه لب لعل خط ِ زنگاريست

[معنيٰ: اهواندروني لطيفو آهي جنهن مان عشق پيدا ٿئي ٿو، اهي ڪنهن سُهڻي جا ڳاڙِها چپ، ڳل ۽ سونهن نه آهن.]

ڪتاب ‘رشحات’ ۾ آهي ته “نسبت بکار شود و بيکار نشود” يعني: نسبت ڪم سان ٿئي ٿي ۽ ڪم کان سواءِ نه ٿي ٿئي. مطلب ته ان جو اصل، ازلي عنايت ۽ قديم محبت آهي ۽ سندس ظهور ڪمال جي صحت سان ٿيندو آهي.

در ازل بوده است مارا دوستي
لا تلو موني فهديٰ  ما  انصرم

[معنيٰ: ازل ۾ اسان جي دوستي هئي، مون کي ملامت نه ڪريو، (جنهن دنيا کان) مُنهن موڙيو، پوءِ اُن ئي هدايت  لڌي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جنهن نسبت لڌي، تنھن کي ان جي حفاظت کان سواءِ ٻئي (ڪنهن) طريقي جي ضرورت نه آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو وصل کي پھتو آهي، سو اجمال (اشاري) تي ئي ڪفايت ڪندو، تنھن لاءِ تفصيلي نظر وصول کان مانع نه آهي. اسماء (الاهي) جون تجليون لامتناهي (اڻ کٽ) آهن. ذات، تجلي ۽ ظهور کان مُنزه (پاڪ) آهي. جنهن (ذات جو) عرفان حاصل ڪيو، تنھن جي (حقيقت کي بيان ڪرڻ کان) زبان گونگي ٿي وئي.

 حديث شريف ۾ آهي:

ما قل وکفي خير مما کثر والها

[ترجمو: جنهن ٿوري مان گذر ٿئي اهو ان گهڻي کان ڀلو آهي. جيڪو غافل ڪري.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: اهو قول ارشاد جي ڪفايت ڏانهن اشارو ڪري ٿو. علم حديث جي مطالعي مان هي ڳالهه حاصل ٿئي ٿي ته هر صالح عمل جنت ڏانهن پُهچائيندڙ آهي ۽ هر هڪ عمل لاءِ (جنت ۾) خاص نالي سان دروازو آهي. جيئن روزيدارن لاءِ “باب الريحان” آهي ۽ جيڪي (معصوم) ٻارن کي خوش ڪندا آهن، انهن لاءِ “باب الفرح” آهي. ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته هر هڪ علم جي طالب (شاگرد) لاءِ ضروري آهي ته هر هڪ علم جي موضوع ۽ غايت معلوم ڪري. اهو ئي علم اجمالي جو شرح آھي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: اهو حڪم زمين تي (بُک کان) ڪرندڙ تي به ايندو آهي، پوءِ ان لاءِ ماني شرط ڪونه هوندي آهي. [83]

جوع آئينه سالک راه است
شيوه   عارفان  آگاه  است

[معنيٰ: سالڪ کي رستو ڏيکاريندڙ بُک ئي آرسي آهي، عارفن جو شيوو ان کان خبرداري آهي.]

تڪليف کي ڇڏڻ بهتر آهي، پوءِ تون وقت جي حڪم سان ٿيءُ.

    ­            آئون چوان ٿوته: حضرت ابوهريره ؓ مسجد ۽ حجري جي وچ ۾، بک جي سبب کان ڪري پيو هو. دين جي شروعات ۾ (اها ڳالهه) سُٺي سَنَدَ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: مديني منوره ۾ (هڪ وڏي) عالم فاضل ابو الحسن سنڌي کي ڏٺائون ته حرف “ضاد” جي صحيح آواز ڪرڻ لاءِ  تڪرار ڪري پيو. جڏهن کيس چيو ويو ته (توهان ايڏا وڏا عالم) ضاد جو تڪرار ڇو پيا ڪريو؟ تڏهن چيائين ته آئون عجمي آهيان، مون کان ضاد جو صحيح  آواز ادا نه ٿو ٿئي. پر ڪوشش ڪرڻ واجب آهي، شايد ڪنهن وقت آسان ٿي پوي.

مطلب ته جيڪو هن امر، جنهن جو نالو “مقام محمدي” آهي. تنهن جي طلب ڪري ٿو، ان کي هن فاضل (مخدوم ابوالحسن) وارو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن حرف ضاد جي صحيح مُخرج لاءِ ادا ڪيو. الله جي رحمت مان نا اميد ٿيڻ نه گهرجي. (ڇو ته) ڪافر ئي الله جي رحمت مان نااميد هوندا آهن.

    ­            آئون چوان ٿوته: ڪنهن فراق جي سڙيل، ڪهڙو نه سُٺو چيو آهي:

شسته گردد يا نه گردد شُست شوئي مي کنم
بشنود  يا نه  شنود  من گفتگوئي مي کنم

[معنيٰ: ڌوپي صاف ٿئي يا نه ٿئي، آئون ڌوئيندو رهندس، ٻُڌي يا نه ٻُڌي آئون عرض ڪندو رهندس.]

               سلطان الاولياء فرمايو: سچي طالب جو حجرو، ساڻس گڏ هوندو آهي، اهو ڪنهن خاص جاءِ  ۾ ڪونه هوندو آهي، جيتوڻيڪ اهو ظاهري مُرشد جو مڪان ئي هجي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾آهي:

شرف المکان بشرف المکين

[ترجمو: مڪان جو شرف مڪين (رهڻ واري) سان هوندو آهي.]

(الله جي نالي جو) نقشبندين وٽ مخفي ذڪر آهي. بيشڪ (ظاهري ۽) ٻاهرين جُدائي داخلي حُجري (دل سان) تعلق نه ٿي رکي.

               سلطان الاولياء فرمايو: هن باري ۾ طالب جو رستو وصل کان روڪيندڙ قيدن کان ٻاھر نڪرڻ ۾ آهي، ايستائين جو امامت، ٻانگ، واقعن جي شاهدي، قضا، فتويٰ ۽ نحو وغيره.

                سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد کي اهڙو بُت نه بنايو جنهن جي پوڄا ڪئي وڃي، پر توهين جن مشڪل علمي مسئلن ۾ محتاج ٿيو، سي اُنهيءَ (مرشد ) کان پڇو.

    ­            آئون چوان ٿوته: انهيءَ ڪري سوال ۽ جواب نه ملڻ سبب قبرن مان استرشاد

(هدايت) کي باطل چوندا آهن. حديث شريف ۾آهي:

انما العلم بالتعلم

[ترجمو: علم پرائڻ سان آهي.]

۽ ٻي حديث شريف ۾آهي:          لا تجعل قبري وثنا يعبد

[ترجمو: منهنجي مزار کي بُت نه بنائجو، جنهن جي پوڄا ڪئي وڃي.]

ڪتاب ‘فتح القدير’ ۾ آهي ته قبرن وٽ ويهڻ مڪروهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنت جي خلاف آهي. ڪن متاخرين مُئلن جي لاءِ ڪرامتون[84] ثابت ڪرڻ ۾ گهڻي ڊيگهه ڪئي آهي، جيڪا غير مسنون آهي ۽ ثابت نه آهي.

 

                سلطان الاولياءَ فرمايو: آئون توهان کي الله ڏانهن سڏيان ٿو ۽ توهان مون ڏانهن موٽو ٿا. الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَمَا عَلَى الرَّسُولِ إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ  (99:05:07)

 [ترجمو: ۽ پيغمبرن کي ته رڳو پڌرو حڪم پهچائڻ آهي.]

                 سلطان الاولياء فرمايو: توهان لاءِ ڪو به حجاب نه آهي، مگر توهان پاڻ حجاب آهيو.

حجاب راه توئي حافظ ازميان برخيز

[ترجمو: اي حافظ! تون پاڻ پنهنجي رستي جو حجاب آهين، (تنهن ڪري) تون وچان اُٿ.]

    ­            آئون چوان ٿوته: هن ڳالھه جو مطلب  آهي ته اهو تعلق جيڪو قضا  ۾ ازل کان الله تعاليٰ سان آهي، پوءِ جيڪو راضي ٿيو، انهيءَ لاءِ رضا آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: سڀئي علمي قانون قيد آهن، مقصد ۾ ڪو قانون نه هوندو آهي، پوءِ اُهي قانون فقيرن ۽ فيقهن جا هجن يا جاهل فلسفين جا هجن، سڀ بيڪار آهن.

آئون چوان ٿوته: اهڙيءَ طرح اصول (فقھ) وارن جو قول آهي ته ڪو به عام اهڙو نه آهي، جنهن کي خاص نه ڪيو ويو هجي، اهو عام به ائين اُن جي احڪامن سان خاص آهي ۽ لاالـٰہ الا الله محمد رسول الله“ 

    ­            ۾ ڪابه تخصيص نه آهي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته “نجات” جو دارومدار سنت جي تابعداري ۽ صحيح عقيدي تي آهي، ڪلمي جي معنيٰ جو تت اهو آهي، جنهن اُن کي مضبوط پڪڙيو تنهن لاءِ اهو ڪلمو هٿ جي ٺاهيل ڪتابن کان بهتر آهي. خاص ڪري توڪل ۽ ڪمائي، شادي ۽ گوشي نشيني جي مسئلي ۾.

مولوي رومي چيو آهي:

امر را و نهي  را مي بين  مدام
ني قبول انديش ني رد اي غلام

[معنيٰ: اي پٽ ! تون سدائين الله جي امر ۽ نهيءَ کي ڏس ۽ تابعداري ڪندو رهه ! ڪنهن به قبول پوڻ يا ردِ ٿيڻ جو خيال نه ڪر.]

ڪنهن عالم چيو آهي ته پنهنجي طاقت مطابق مضبوطيءَ سان (گناهن کان) بچڻ پاڻ تي لازم ڪر!

               سلطان الاولياء فرمايو: راڳ ٻُڌڻ گناهه ۽ ان مان لذت ماڻڻ ڪفر آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: راڳ جو مطلب ساز سان مُراد آهي. ڪتاب ‘بحرالرائق’ جي شاهدي مطابق سماع جي ٻُڌڻ ۾ اختلاف آهي ۽ مذهب ان جي منع ڪري ٿو. گويا پوءِ ته اختلاف (ئي) ختم ٿي ويو. بيشڪ مُرشد جي مُرشد شيخ محمّد (خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي قدس سره) الله تعاليٰ ان تي رحمت ڪري (تنهن) لکيو آهي ته مون هڪڙي ڏينهن مولود ٻُڌا، انهن جو اثر (اڃا تائين) منهنجي دل مان نه ويو آهي. تنهن ڪري توهان تي لازم آهي ته هر اُن شيءِ کان خانقاهه کي صاف ڪريو، جيڪا طريقت جي خلاف آهي. انهن شين ۾ سبق پڙهڻ به داخل آهي، اهو به خانقاهه ۾ مناسب نه آهي. خانقاهه ۾ رڳو ذڪر ۽ فڪر ئي هجڻ گھرجي.[85]

سُٺي ڳالهه هي آهي ته اختلاف کان بچڻ مستحب آهي. صوفين جو طريقو“عزيمت” کي اختيار ڪرڻ آهي، صوفي ٿورائي (۽ بچڻ) ڏانهن لاڙو ڪندا آهن، گهڻائي ۽ رخصت ڏانهن لاڙو ڪونه ڪندا آهن. پر ڳائڻ ۽ سماع جي ڇڏيندڙ لاءِ مناسب آهي ته انڪار نه ڪري. ڇاڪاڻ ته اختلاف واري شيءِ ۾ انڪار نه ڪبو آهي، جيئن ڪتاب ‘عين العلم’ ۾ آهي.

حديث شريف ۾ آهي:                           اختلاف امتي رحمة

[ترجمو: منهنجي امت جو اختلاف رحمت آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: اهل الله جو طريقو، عادتون ۽ رسمون ٽوڙڻ يا بي پرواهي ڪرڻ نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر مقصود تي هوندي آهي، پوءِ  ڀلي کڻي اهو سڪر ۾ ئي پُهچائي. خواجه حافظ (شيرازي) جيڪو ‘صاحب ديوان’  آهي، انهيءَ طريقي وارن مان هو. ڇاڪاڻ ته ان جو بي پرواهيءَ وارو طريقو هو.

    ­            آئون چوان ٿوته:  مولوي رومي چيو آهي:

لا  اُبالي  مر کسي را شد  مباح
کش زيان زعصيان و ز صلاح

[معنيٰ: بي پرواهي ان لاءِ ٺيڪ آهي جنهن کي نيڪي ۽ بديءَ مان ڪو نقصان نه ٿئي.[

لا  اُبالي عشق  با شد  ني  خرد
عقل آن جويد کزان سودي  برد

[معنيٰ:  بي خوف عشق هوندو آهي نڪي عقل، ڇاڪاڻ ته عقل نقصان کان بچڻ ۽ هر وقت نفعو ڳوليندو آهي. [

 خواجه حافظ چيو آهي:

عاشقِ يارم مرا با کفر و با ايمان چه کار

[معنيٰ: آئون ته يار جو عاشق آهيان، منهنجو ڪفر ۽ ايمان سان ڪهڙو ڪم؟[

              سلطان الاولياء فرمايو: کوهه (جي پاڪائي) جو علم، احڪام ۽ احوال فقيرن جو معمول آهي. (ته ڪيتري پليتي سان کوهه ناپاڪ ٿيندو يا ڪيئن پاڪ ٿيندو وغيره) تون اُن تي خبرداري رک.

    ­            آئون چوان ٿوته: ان علم جو خلاصو ھي آھي ته ماڻھو مخلوقات جي رب سان ڪامل حضوري سبب عادتن ۽ رسمن ۾ گرفتار نه ٿئي.

بنده   پير  خرا باتم  که   درويشان  او
گنج را از بي نيازي خاک برسرمي کنند

[معنيٰ: آئون اهڙي پيرمغان (فنا في الله) جو مريد آهيان. جنهن جا فقير بي نيازي جي ڪري خزاني جي مٿان مِٽي وجهندا آهن.[

 ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته عادتون ۽ رسمون  لازم سمجھڻ، ننگ ۽ ناموس جي رعايت ڪرڻ، اهي ڳالهيون شريعت جو ضد آهن. ڇاڪاڻ ته شريعت خواهشن کي پري ڪرڻ لاءِ آئي آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد جو مُريد ۾ روحاني طاقت سان تصرف ائين هوندو آهي، جيئن ملائڪ ڪندا آهن. قرآن شريف ۾ ان طاقت جو تعبير پَرَن سان ڪيو ويو آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: ‘مـڪتوبات احـمدي’ ۾ آهي ته ڪامل (مُرشد) ارشاد جي وقت الله ڏانهن  متوجهه ٿيندو آهي، هو ٻي ڪنهن پاسي توجهه ۽ لاڙو ڪونه ڪندو آهي. غير مُنتهي لاءِ همت ۽ توجهه درڪار آهي[86].

              سلطان الاولياء فرمايو: تعليم جو شرط شاگرد جي علم سان مناسبت آهي. (جيڪڏهن مناسبت نه هوندي) ته جيڪو پڙهندو سو سمجهندو ئي ڪونه! مطلب شرط کان سواءِ مشروط ڪيئن ٿيندو.

   ­            آئون چوان ٿوته: 

شرط علمي چار باشد  اي  عميم
فهم وحرص وفارغي مرشد رحيم

[معنيٰ: ]اي دوست! علم جا چار شرط آهن سمجهه، شوق، واندڪائي ۽ مُرشد (يا استاد به) مهربان هجي.[

              سلطان الاولياء فرمايو: ظالمن ۽ گنهگارن کي حقارت جي نظر سان نه ڏسو، ڇاڪاڻ ته انهن مان گهڻا ئي الله جي اڳيان عاجزي (سان) نجات جا اميدوار هوندا آهن ۽ اسان اهڙا گھڻا ڏٺا آهن.

              سلطان الاولياء فرمايو: تڪليف جو بنھ ڇڏڻ جائز اصولن مان هڪ اصول آهي، پوءِ  شريعت سان موافقت قهر توڙي مهر ٻنهي صورتن ۾ واجب آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: جڏهن وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) کان جُونءَ مارڻ جي باري ۾ سوال ڪيم، تڏهن (پاڻ مذڪوره قول) ٻُڌايائون.

 حديث شريف ۾ آهي:                کان خُلق رسول الله القرآن

[ترجمو: حضور ڪريم ﷺ جو اخلاق قرآن آهي.]

جن ڳالهين جي قرآن ۾ منع آهي، انهن ڪمن جي ڪرڻ سان ناراض ٿيندا هئا ۽ جن ڪمن سان رضا حاصل ٿئي، تن سان راضي ٿيندا هئا.

مولوي جامي چيو آهي:

ترک آزار مطلق اي خواجه
دفتر  فقراء  است  ديباچه

[معنيٰ: اي چڱا مڙس! تڪليف کي بلڪل ڇڏڻ ئي فقيريءَ جي دفتر جي ابتدا آهي.[

 

               سلطان الاولياء فرمايو: جيئن ڀڳل ٻانهن وارو ماءُ پيءُ يا دوستن جي ڪنڌ ۾ هوندو آهي، تيئن قاصر مُريد آهي، جنهن کي ماڻهو رد  ڪن ٿا، تنهن کي  مُرشد رد نه ڪندو آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: (مطلب ته) جيستائين (مُريد) پنهنجي خواهش ۽ ارادي سان (مُريديءَ مان) نه نڪري.

حافظ چيو آهي:

نيکي پير مُغان بين که چوما بد مستان
هر چه کرديم  بچشمِ کرمش  زيبا  بود

[معنيٰ: اسان جي مُرشد جي اسان چرين سان نيڪي ۽ ڀلائي ته ڏس، جو اسين جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا، ان جي ڪرم واري نگاهه سان اهو سُهڻو ۽ سُٺو ٿي وڃي ٿو.]

فقھ جي ڪتابن ۾ آهي ته خراب واپار (واري شيءِ) سُٺـيءَ سان مليل هوندي آهي.

شيخ سعدي چيو آهي:

شيندم که  در  روز اميد  و بيم
بدان را به نيکان به بخشد کريم

 [معنيٰ: مون ٻڌو آهي ته ڊپ ۽ اميد واري ڏينهن (قيامت ۾) الله تعاليٰ گهنگارن کي نيڪن جي وسيلي سان بخشي ڇڏيندو. [

‘قصيده بُرده’ جي صاحب چيو آهي:

لِعَلَّ   رَحمَتَ   رَبِّي   حِينَ   يَقسِمُهَا
تَاتِي عَليٰ  حَسَبِ العِصيَانِ فِي القِسَمِ

 [معنيٰ: جڏهن الله تعاليٰ جي رحمت تقسيم ٿيندي، تڏهن جن جا ٿورا گناهه هوندا ان کي ٿورو ۽ جنهن جا گهڻا گناهه هوندا ان کي رحمت مان گهڻو حصو ملندو. [

               سلطان الاولياء فرمايو: شيخ مجدد الف ثاني مسڪينن ۽ غريبن واري طريقي تي زندگي گذاريندو هو. ايستائين جو سومهڻي نماز کان پوءِ جڏهن پنهنجي گهر ڏانهن ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن دروازو بند ملندو هوس. (گهر وارا انتظار ڪري سمهي رهندا هئا) پاڻ گهر وارن کي سڏ نه ڪندو هو، پر صبح تائين دروازي تي ويهي رهندو هو. وري جڏهن بادشاهن کي خط لکندو هو ته ان ۾ پنهنجي عاجزي ۽ مسڪيني اهڙي نموني سان ظاهر ڪندو هو جو عقل حيران ٿي ويندو هو، خطن ۾ سُٺي ڳالهه فرمائيندا هئا. سڀني صوفين جو ڪلام سلوڪ جي ڪمن (متعلق هوندو آهي) ۽ مشهور خطن (وانگر ڪونه هوندو آهي) [87] هو چوندو هو ته جيڪڏهن آئون پنهنجي علم جي راز کي ظاهر ڪريان، غير ته پري ٿيا، پر پنهنجا ساٿي به جيڪر مون کي ماري ڇڏين. آخري عمر ۾خلوت اختيار ڪيائون ۽ ان جي باري ۾ فرمائيندا هئا ته سڄي عمر جون اميدون ان ۾ لڌم.

آئون چوان ٿوته: (حضرت شيخ مجدد الف ثاني قدس سره جي) خطن ۾ مخلوق کان گوشه نشيني ضروري (ڄاڻايل) آهي. حضرت ابوهريره ؓ کان روايت آهي ته:

اعطاني رسول الله ﷺ وعائين من العلم فبثثت احد هما ولو بثثت الآخر لقطع البلعوم

[ترجمو: حضرت رسول الله ﷺ جن مون کي علم جا ٻه ٿانوَ عطا ڪيا، جن مان هڪڙو مون ظاهر ڪيو ۽ ٻيو ظاهر ڪريان ته منهنجي نڙي ڪٽي ويندي.]

 سچي امام (زين العابدين ؓ) فرمايو آهي:

و رب  جوهر علمي لو الوح بہ
لقيل لي انت ممن يعبد الوثنا
و لاستحل رجال مسلمون دمي

 [معنيٰ: علم جا ايترا جوهر آهن جو جيڪڏهن آئون اهي (راز ماڻهن تي) ظاهر ڪريان ته اهي مون کي ائين چوندا ته تون بُت پرستي ڪري رهيو آهين ۽ مسلمان منھنجو خون ڪرڻ حلال ۽ جائز سمجھن ھا.]

سلطان الاولياء فرمايو:

گره ز دل  بکشا  از سپهر  ياد  مکن
که فکر هيچ مهندس چنين گره نکشاد

[معنيٰ: دل جي ڳنڍ کول ۽ آسمان کي ياد نه ڪر، ڇو ته فڪر جي اهڙي ڳنڍ ڪنهن ماهر نجومي به نه کولي آهي.[

    ­            آئون چوان ٿو ته: جڏهن تنهنجي دل خالي ٿيندي، تڏهن هر علم جي لاءِ قابل ٿيندي ۽ تنهنجو عقيدو “هيوليٰ” (مادي) وانگر ٿيندو. (جيئن مادي مان ڪاريگر کي جيڪا صورت وڻيس سا  ٺاهي) تڏهن تنهنجو سير پورو ٿيندو ۽ تنهنجو غير (نڪري) ويندو ۽ تنهنجي لاءِ “امُ العلوم” (سڀني علمن جو بنياد ۽ ايماني فراست) ۽ خير ڪثير آهي.

مولوي جامي چيو آهي:

شو  هيوليٰ جمله معتقدات
بو که يا بي ز قيد و حصر نجات

[معنيٰ: سڀني عقيدن ۾ هيوليٰ ٿيءُ ته بند ۾ رهڻ واري قيد کان نجات ۽ ڇوٽڪارو لهين.]

نقشبندي طريقي وارن وٽ “ياد داشت” جو خلاصو هي آهي ته اهو بديهي دائمي علم آهي، ڇاڪاڻ ته سعادت مطلق آهي.

مولوي رومي چيو:

قرب  ني  بالا و پستي رفتن  است
قرب حق از قيد هستي رستن است

[معنيٰ: قرب هيـٺ يا مٿي، ويجهي يا پري ٿيڻ جو نالو ناهي، حق تعاليٰ جو قرب هن هستيءَ جي قيد کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي. [

بنده هستي نيست هرکو صادق است
عشق نان بي نان غذائي عاشق است

 [معنيٰ: جيڪو طلب ۾ سچو عاشق آهي اهو هستي جي قيد ۾ گرفتار نه آهي، ظاهري ماني کانسواءِ اصل مانيءَ جي محبت عاشق جي خوراڪ آهي.[

 

               سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد جنهن ڪم جو حڪم ڪري ان کي مڃڻ گهرجي، ان ڪم ۾ ئي هر قسم جي تمام آساني ۽ ڀلائي ملندس. جيئن مولوي رومي پنهنجي مُرشد شمس (تبريزي قدس سره) جو حڪم مڃيو.

    ­            آئون چوان ٿوته: حافظ شيرازي چيو آهي:

به مئي سجاده رنگين کن گرت پير مُغان گويد
که سالک  بيخبر نبود  ز راه  و رسم  منزلها

 [معنيٰ: جڏهن توکي مُرشد چوي ته مصلو شراب سان رنڱ ته رنڱي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته اهو سالڪ (عشق جي) رسمن ۽ رستن کان بي خبر نه هوندو آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

بد   نماند    بد  چو  بد   از  بهر  دوست
کفر ايمان است چوکفر از بهر اوست[88]

[معنيٰ: جيڪا خراب شيءِ دوست جي ڪري اختيار ڪجي سا خراب نه رهندي، اهو ڪفر به ايمان آهي جيڪو هن جي ڪري آهي.[

حديث شريف ۾ آهي:

لِکُلَ امريء مَا نَويٰ

[ترجمو: هر ماڻهوءَ کي اها ئي شيءِ ملندي آهي، جنهن جي هو نيت ڪري ٿو.]

ٻي حديث شريف ۾ آهي:

اِنَّ اللهَ لَاينظُرِاليَ صُورِکُم وَلِا اَليَ اَعمَالِکُم وَلاکِنَ ينظَرِ اليٰ قُلُوبِکُم

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ اوهان جي صورتن کي نه ٿو ڏسي ۽ نڪي اوهان جي عملن کي ڏسي ٿو، بلڪ اوهان جي دلين کي ڏسي ٿو.]

        عالمن جو چوڻ آهي ته بيشڪ قرآن مان شاهدي ڏبي آهي، ليڪن قرآن تي ٻي شيءِ سان شاهدي ڪونه ڏبي آهي. انسان ڪامل به ائين آهي، جيئن اڳ ۾ شيخ ابن عربي جي حوالي سان ذڪر ٿي گذريو آهي.

مولوي رومي چيو آهي:

گر  کمالم  باکمال  انکار  چيست
ورنيم کامل بس اين اقرار چيست

 [معنيٰ: جيڪڏهن ڪمال وارو آهيان ته ڪمال جو انڪار ڇا آهي ۽ جيڪڏهن ڪامل نه آهيان، بس اهو اقرار ڪهڙو آهي؟ [

کفر گيرد کاملي ملت  شود
هر چه گيرد علتي علت شود

[معنيٰ: جيڪڏهن ڪو ڪامل (ظاهر ۾) ڪفر کي اختيار ڪندو، ته به اهو صحيح واٽ  تي هلندو آهي. پر جيڪو بيمار پاڻ کائيندو اهو بيماري ئي رهندو.[

              سلطان الاولياء فرمايو: طلب جي انتها ٻن ڪمن مان هڪ تي ٿيندي آهي يا جسم تي وصول  آهي يا روح نڪرندو آهي.

دست از طلب ندارم تا کام من برآيد
يا  تن رسد  بجانان  يا جان ز تن برآيد

[ترجمو: هن جي طلب کان هٿ نه ٿو ڪڍان، پوءِ يا ته آئون محبوب وٽ پهچان يا منهنجو ساهه نڪري وڃي]

    ­            آئون چوان ٿوته:  حديث شريف ۾ آهي:

للغازي احدي الحسنين

[ترجمو: غازيءَ لاءِ ٻن نيڪين مان هڪ نيڪي ضرور آهي.]

۽ آثار ۾ آهي ته: 

من مات في طلب العلم فهو شهيد ويعلمہ الملک في قبره

[ترجمو: جيڪو علم جي طلب ۾ مري ويو سو شهيد آهي ۽ ملائڪ ان کي قبر ۾ پڙهائيندو آهي.]

(۽ ٻي حديث ۾ آهي ته)

ومن مات في طريق الحج ذاهبا اوراجعا فلہ الحج کل سنة ولاشڪ ان المظفر افضل من الشهيد قبل الظفر

[ترجمو: جيڪو حج جي رستي ۾ ويندي يا ايندي مري ويو، تنهن لاءِ هر سال حج آهي ۽ هن (ڳالھ) ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته (الله ڏانهن) ڪاميابي جي ڪوشش ڪندڙ ڪاميابي کان اڳ شهيد کان افضل آهي.]

سلطان الاولياء فرمايو:

اوحدي شصت سال سختي ديد
تا شبي روئي نيک بختي ديد

[ترجمو: اوحدي! سـٺ سالن تائين تڪليف ڏٺي يا رياضت ڪئي (تنهن کان پوءِ وڃي) هڪ رات نيڪ بختي جو مُنهن ڏٺائين.[ اهو دل جي ذڪر جو مشاهدو آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: جـڏهن مون وڏي مُـرشد سائين (سلطان الاولياء) کان سٺ سالن کان پوءِ انهيءَ ماڻيل سعادت جي باري ۾سوال پُڇيو، تڏهن پاڻ ذڪر قلبي جي بُلند مرتبي بابت ائين چيائون .ڄاڻ هجي ته دل جي گوشت واري ٽڪري ۾ پهريائين ماڻهپي جي حقيقي روشني خاطر ذڪر ضروري آهي، ان کان پوءِ “(حقيقت) محمدية” (معلوم ٿيندي آهي) ۽ ذڪر قلبي سان ان روشنيءَ جو دل ۾ لڀڻ ۽ موجود ٿيڻ جو نالو“شهود” آهي. انهيءَ ڪري مُلا علي قاري چوي ٿو ته  ذڪر حضورِ ربّ ۽ دل ۾ ان جي وجدان جو نالو آهي. هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته تعين کان سواءِ دل ۾ لذت ۽ سڪون محسوس ڪري، پر جڏهن اهو انتها تي پهچندو آهي ته اهو وجدان مظهر کان مطلق هوندو آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ      (115:02:01)

[ترجمو: اوهين جيڏانهن به مُنهن ڪندا، تيڏانهن الله جو مُنهن آهي.]

پوءِ هميشہ ڪنڌ کي جُهڪائي ان لامعين نور کي (حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر) جنهن اهو (نور) لڌو، اهو نيڪ بخت ٿيو.

”عليٰ بيض قلبک کن کانک طائره

[يعني: دل جي آني تي پکيءَ وانگر آرو پچاءِ.]

        سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن اولياء کان پُڇيو ويو ته الله (جي ذات جي ڪيفيت) ڪيئن آهي؟ (تنهن جواب ۾) فرمايو ته جوان سهڻو آهي، جنهن جي گوڏ ڳاڙهي سلوار آهي، هٿ ۾ تير ڪمان سان سوڙهي گهٽيءَ ۾ بيٺل آهي، جيڪو به ان کي نشانو بنائيندو ته اهو سندس اک کي ڦوڙيندو.

آئون چوان ٿوته: معراج واري حديث ۾ آهي ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org