سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:19 

مَا خَلَقْنَا السَّمَاءَ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا بَاطِلًا (27:38:23)

[ترجمو: اسان زمين ۽ آسمان کي ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي، تنهن کي بنا مقصد (بي فائدو) ڪونه خلقيو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو:

        ”هر کجا مي نگرم روئي ترامي بينم“

[معنيٰ: جيڏانهن ڏسان ٿو تنهنجو ئي مُنهن ڏسان ٿو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: دل کان سواءِ شعر نه چئو، ڇاڪاڻ ته هر شيءِ دل سان ئي روشن ٿيندي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: مولوي رومي چيو آهي:

دل نبا شد تن چه داند گفتگو؟
دل نبا شد تن چه داند جستجو
 

[معنيٰ: دل جو لاڙو نه هجي ته بدن گفتگو مان ڇا ڄاڻي، دل نه گھرندي هجي ته بدن جُستجو (ڳولا) ڇا ڄاڻي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: حضوري اهو آهي جيڪو الله سان گڏ هجي.

حضوري گرهمي خواهي از و غائب مشو حافظ
متي  ما تلق من  تهويٰ  دع  الدنيا  و امهلها

[معنيٰ: اي حافظ! جيڪڏهن حضور ۾ پهچڻ چاهين ٿو ته هنِ کان هرگز پري نه ٿيءُ، پر جڏهن تنهنجي ملاقات دل گھرئي محبوب سان ٿئي، تڏهن دنيا  جا سڀ ڪم ڇڏي ڏي.]

   ­            آئون چوان ٿوته: حضوري صوفين جي عرف ۾ وحدت جو مقام آهي، جيئن ڪتاب

‘ڪشف’ ۾ آهي.

مولوي رومي چيو آهي:

مثنوي  ما   دکان   وحدت    است
هر چه بيني غير واحد آن بت است
 

[معنيٰ: اسان جي هيءَ مثنوي وحدت جو دڪان آهي، واحد (حقيقي) کان سواءِ ٻيو جيڪو ڪجھ ان ۾ ڏسين، اهو بُت آهي.] 

ڪنهن هڪ عارف جو بيت آهي:

کاسئه منصور خالي  پُر پُر از او آواز شد
ورنه در مئي خانه وحدة کسي هوشيار نيست
 

[معنيٰ: منصور جي خالي پيالي مان پُرپُر (ڀريل) جو آواز آيو، ورنه وحدت جي مئي خاني ۾ ڪنهن کي هوشياري ڪونه هوندي آهي.]

فقھ وارن چيو آهي ته اصل توقف (بيهڻ) آهي. ڪتاب ‘احياءُالعلوم’ جو صاحب چوي ٿو ته ”ليس في الوجود الالله وافعالہ“ [يعني: وجود ۾ الله ۽ ان جي ڪمن کان سواءِ ٻي شيءِ نه آهي.] ان ڪري هر فعل هن جي تابع آهي. ان ڪري فلا موجود الالله“ [يعني: پوءِ الله کان سواءِ ڪو موجود ناهي] ۽ غيرالله جو مطلب آهي ته الله جي ذات کانسواءِ ٻي شيءِ بذاتہ ڪونه آهي.

 

               سلطان الاولياء فرمايو: هر وقت غفلت کان سواءِ حاضر هج، ڇاڪاڻ ته گذريل وقت ڪونه موٽندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته جيڪو گناهن کي ويجھو ٿيو، اُن

جو عقل هليو ويو، جيڪو ڪڏهن به نه  ٿو موٽي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عقل نور آهي. (مطلب ته نور ۽ گناهه گڏ نه ٿا رهي سگهن)

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

نيک  گفته  آن رسولِ نيک  راز
ذره عقلت به از صوم و نماز[99]
 

 [معنيٰ: رسول پاڪ ڪيڏي نه وڏي راز واري ڳالھ چئي آهي ته تنهنجي عقل جو ذرو نماز ۽ روزي کان ڀلو آهي.]

ز آنکه آن جوهر بود و اين دوعرض
عرض  بي تکميل جوهر شد مرض

[معنيٰ: ڇاڪاڻ ته عقل جوهر (اصل) آهي ۽ هي ٻئي (روزو ۽ نماز) عرض (پاسا) آهن، جوهر جي تڪميل کان سواءِ عرض بيماري آهي.]

جوهر آن باشد که قائم با خود است
عرض آن باشد که فرع او شده است

[معنيٰ: جوهر پنهنجي قيام ۾ ٻئي جو محتاج نه آهي، عرض جوهر جي شاخ (۽ پنهنجي وجود ۾) جوهر جو محتاج آهي.]

عقل پنهان است ظاهر عالمي
صورت ما موج يا ازوي نمي

[معنيٰ: جهان ظاهر آهي پر عقل لِڪل يا ڳجھو آهي، اسان جي صورت ان جي لهر وانگر آهي يا ان جي جھڳ جيان آهي.]

هر چه صورت مي وسيلت سازدش
زان وسيلت  بحر  دور انداز وش

[معنيٰ: جنهن به شيءِ کي صورت وسيلو ٺاهي ٿي، تنهن وسيلي کي اصل حقيقت پري اڇلائي ڦٽو ڪري ٿي.]

گر زصورت برشويد اي دوستان
جنت است و گلستان  در گلستان.

[معنيٰ: اي دوست ! جيڪڏهن صورت جي قيد کان ٻاهر اچين ته پوءِ رڳو جنت آهي ۽ باغ ئي باغ آهي.]

نا  مُصّور  يا  مصوّر  گفتنت
باطل آمد بي ز صورت رفتنت

[معنيٰ: ايستائين تنهنجو(الله کي) باصورت يا بي صورت چوڻ بي معنيٰ آهي، جيستائين تون پاڻ صورت کان خالي ٿئين.]

سگ مباش و شير حق شو حق پرست
شير حق  آن ست کز صورت  برست

[معنيٰ: ڪتو نه ٿيءُ، حق جو شينهن ٿيءُ ۽ حق پرست ٿيءُ، حق جو شينهن اهو آهي، جيڪوصورت کان ٻاهر آهي.]

سهل شيري دان که صفها بشکند
شير آن  باشد که خود  را بشکند

[معنيٰ: شينهن بنجڻ سولو آهي، جيڪو وڏو شڪار ڪري ٿو، پر تون اهو شينهن ٿيءُ جيڪو پاڻ کي ڦاڙي يعني فنا ڪري.]

صائب چيو آهي:

خود  را بشکن تا شکني قلب  جهان  را
که اين فتح ميسر بشکست ديگري نيست

[معنيٰ: پاڻ کي ٽوڙ ته جهان جي دلين کي ٽوڙي سگهين، ٻئي جي ٽوڙڻ سان اها فتح ميسر نه ٿيندي.]

  

              سلطان الاولياء فرمايو: زمين جي فضيلت جي بيان ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَالْأَرْضَ فَرَشْنَاهَا فَنِعْمَ الْمَاهِدُونَ    (48:51:27)

[ترجمو: اسان زمين کي فرش بنايو آهي، پوءِ (ڏسو ته) اسان ڪهڙا نه سُٺا پکيڙيندڙ آهيون.]

   ­            آئون چوان ٿوته: هن ۾ مسڪين خاڪسار جي لاءِ تسلي آهي.

بر فرائي  شاه  بودن  بي نوا
از چه از غفلت نديدن شاه را.

[معنيٰ: بادشاهه جي قريب هئڻ باوجود غريبي غفلت جي ڪري آهي، جو هو بادشاهه کي نه ٿو ڏسي.]

 مولوي رومي چيو آهي:

چون  خلقنا  کم  شنيدي  من تراب
خاک شو و از خاک بودن سر متاب

[معنيٰ: قرآن شريف جو قول آهي ته) اسان توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، تو ٻُڌو ته پوءِ مٽيءَ ٿيءُ ۽ مٽي ٿيڻ کان مُنهن نه موڙ.]

               سلطان الاولياء فرمايو: حقيقت موجود آهي، باقي ٻيو سڀ (پاڻيءَ جي) ڦوٽي وانگر آهي، جيڪو پاڻيءَ تي پيو اچي ۽ وڃي.

حقيقت را بهر دوري ظهوري
ز اسمي بر جهان افگنده نوري

[معنيٰ: حقيقت جو هر دور ۾ ظهور آهي، هن جي نالي جو ئي جهان ۾ نور ڦهليل آهي.]

نه گردد تاز گردون نور خورکم
نيايد  رونقِ  بازار انجم

[معنيٰ: سج جو (زمين کان آسمان تائين) نور نه ٿو گهٽجي، جيڪڏهن نور گهٽجي وڃي ته ستارن ۾ رونق نه اچي سگهندي.]

 سلطان الاولياء فرمايو:

  آدم ز دنيا رفت شيث بجايش نشست

[معنيٰ: حضرت آدم ؑ جڏهن دنيا مان ويو ته حضرت شيث ؑ سندس جاءِ تي ويٺو.]

                سلطان الاولياء فرمايو: ٻانهيءَ جو ڪابينو (مهر جي رقم) ان جي مالڪ جي ذمي آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: اهو شروع توڙي آخر جو بيان ائين آهي.

ازان گفتند عامي را کانعام
که آگه نيست از آغاز و انجام

[معنيٰ: انهيءَ ڪري عام (ماڻهوءَ) کي جانور وانگر چون ٿا، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي شروعات ۽ پڇاڙيءَ کان واقف نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪعبي جي حقيقت، عظمت جي پردي کان عبارت  آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي:

پر توي حق  گر نبودي   در وجود
آب و گِل را کي ملک کردي سجود

[معنيٰ: جيڪڏهن الله تعاليٰ (آدم جي) وجود ۾ تجلي نه ڪري ها ته خالي مِٽي ۽ پاڻيءَ کي ملائڪ ڪيئن سجدو ڪن ها؟]

هينئن به فرمايائون ته[100] ڪامل انسان ڏانهن سڀئي شيون متوجهه ٿينديون آهن. پوءِ اهي طبعي هجن يا اختياري.

صورت او معني اشياء بود

[معنيٰ: هن جي صورت سان ئي شين کي معنيٰ ملي ٿي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر واري دل (دنياوي ڪمن ۾ به ) پنهنجي طريقي ۽ وظيفن کي ڪونه وساريندي آهي، بلڪ مدد ڪرڻ وارن ۽ نه ڪرڻ وارن کي سُڃاڻيندي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: شيخ سعدي چيو آهي:

من  آنيم که  حلال از حرام نه شناسم
شراب با تو حلال است و آب بي تو حرام

[معنيٰ: آئون اهو نه آهيان جيڪو حلال ۽ حرام کي نه سُڃاڻيندو هجان، شراب تنهنجي ذڪر سان حلال آهي، پاڻي تنهنجي ذڪر کان سواءِ حرام آهي.]

پوءِ جنهن “ليليٰ” کان سواءِ (ڪنهن ) ٻئي کي مباح چيو، تنهن کي سوچ ۽ عقل نه آهي.

  

              سلطان الاولياء فرمايو: شبِ برات (ڇوٽڪاري واري رات) عارفن کان مخفي ۽ لڪل ڪونه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته جنس، جنس کي سُڃاڻيندي آهي، (مطلب ته عارف به ڇُٽل آهن، انهيءَ ڪري ڇوٽڪاري واري رات کي سُڃاڻيندا آهن). باقي جيڪو الله تعاليٰ فرمايو آهي:

بَرَاءَةٌ مِّنَ اللَّهِ وَرَسُولِهِ   (01:09:10)

[ترجمو: الله ۽ سندس رسول جي (انهن مشرڪن کان) بيزاري آهي.]

اهو (فرمان) پنهنجي نشانين سبب شارع عليہ السلام جي لاءِ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو شخص چوي ته اسين عربي لُغت جي اعتبار سان مشترڪ لفظ ڳوليون ٿا ته پوءِ مشترڪ معنيٰ جو لفظ عربيءَ ۾ طلب ڪيو ويندو، جيئن “فآء” آهي جيڪو ٻن معنائن ۾ مشترڪ آهي. هڪ“فيفاء” (پوٺو) ۽ ٻيو “فيء فآء” (پاڇو) (مطلب ته فآء جو لفظ ٻنهي معنائن ۾ مشترڪ آهي)

               سلطان الاولياء فرمايو: حقيقت جي لذت چکندڙ عاشق ٻين حيلن بهانن سان نفعي وٺـڻ کي وساري ڇڏيندو آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: نسبت جي سڃاڻپ کان سواءِ ٻيو قرب آهي ئي ڪونه، ۽ اُهو قرب اعليٰ عشق آهي.

 عالمي خواهم ازين عالم برون

[معنيٰ: اسين اهڙو جهان چاهيون ٿا، جيڪو هن جهان کان ٻاهر هجي.]

ڪتاب ”المصباح“ جو صاحب چوي ٿو:

گر مقامِ عشق ماوائي تو شد
بر فراز نه  فلک جائي تو شد

[معنيٰ: جيڪڏهن عشق جو مقام تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٿيو ته پوءِ آسمان کان مٿي تنهنجي جاءِ آهي.]

عشق مشرک را مّوحد مي کند
که  مُحقق  را  مقلد  مي   کند

[معنيٰ: عشق مشرڪ کي موّحد ڪندو آهي ۽ مُحقق کي مُقلد (۽ تابع) ڪندو آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

پس چه باشد عشق دريائي عدم
در شکسته عقل را  آنجا  قدم

[معنيٰ: عشق ان ڪري  عدم جو درياء آهي، جتي عقل جا قدم شڪست کائيندا آهن.]

عشق  بحري آسمان بروي کفي
چون زليخا در هوائي يوسفي

[معنيٰ: عشق ايڏو وڏو ساگر آهي جو آسمان ان جي مٿان ڇولي آهي، جيئن زليخا، يوسف جي عشق ۾ شيدا هئي.]

بندگي و  سلطنت   معلوم شد
زين دو پرده عاشقي مکتوم شد

[معنيٰ: جڏهن ٻانهپ توڙي بادشاهي ظاهر ٿي ته عاشقي انهن ٻنهي پردن کان لِڪي وئي.]

مطربي عشق اين زند وقتِ سماع
بندگي   بند   و خداوندي  صداع

[معنيٰ: عشق جو قوال سماع وقت ائين چوندو آهي ته بندگي قيد آهي ۽ خداوندي مٿي جو سور آهي.]

هيچ کس را تا نگردد او فنا
نيست ره  در بارگاه کبريا

[معنيٰ: جيستائين ڪو (ماڻهو الله تعاليٰ جي ذات ۾) فنا نه ٿيندو، تيستائين ان کي الله جي درگاهه ۾ واٽ نه ملندي.]

کل   شيءِ  هالک   الا  وجہ
تانئي در وجہ او هستي مجو

[معنيٰ: هر شيءِ ختم ٿيندڙ آهي سواءِ انهيءَ ذات (وجہ) جي، ان ڪري جيڪڏهن تنهنجو منهن هن ڏانهن  ناهي ته پوءِ اجائي هستي نه ڳول.]

عشق آن  شعله است کو چون بر فروخت
هر چه  جز  معشوق  باقي  جمله  سوخت

[معنيٰ: عشق باهه جو اهو شعلو آهي جو جڏهن اهو ڀڙڪي اٿيو ته محبوب کان سواءِ باقي هر شيءِ کي ساڙي ڇڏي ٿو.]

عشق در درياء غم غمناک نيست
لعل را گر مهر نبود  باک نيست

[معنيٰ: عشق جي درياء ۾ ڪوئي غم وارو نه آهي، لعل تي جيڪڏهن مهر نه آهي ته ان جي روشني ڏيڻ ۾ ڪو ڀؤ نه آهي.]

عاشق  و معشوق توهم ذات توستِ
و اين  برونيها  همہ  آفات  توستِ

[معنيٰ: عاشق ۽ معشوق ٻئي خدا جي ذات آهن ۽ هي ٻاهريون شيون سڀ تنهنجي لاءِ (ڍڪ) مصيبتون آهن.]

هر که باغ نهان را ديده است
عشق او را عقل ببريده است

[معنيٰ: جنهن به اهو اصلي لڪل باغ ڏٺو آهي، عشق ان جي عقل کي زائل ڪيو آهي.]

دولت خود خود توباش اي مُجتبيٰ
تا  نگردي  وقت  رحلت  بي  نوا

[(معنيٰ: اي سُهڻا! تون پنهنجو خزانو پاڻ آهين، متان هتان وڃڻ مهل خالي هٿين وڃين.]

صورت ظاهر فنا گردد بدان
عالم  معنيٰ  بماند  جاودان

[معنيٰ: اهو سمجھ ته ظاهري صورت هميشہ فنا ٿي وڃي ٿي، پر معنيٰ (باطن) وارو جهان هميشہ رهندڙ آهي.]

گفت  المعني هو الله شيخ دين
بحر   معنهائي  ربّ  العالمين

[معنيٰ: دين جي شيخ به ائين چيو آهي ته  الله جهانن جو پالڻهار ئي معنائن جو سمنڊ آهي.]

جمله  اطباق  زمين  و  آسمان
همچو خاشاکي دران بحر روان

[معنيٰ: زمين ۽ آسمان جا سڀئي طبقا انهيءَ وهندڙ سمنڊ ۾ هڪ ڪک يا قطري وانگر آهن.]

جز و جان را زير اندر بحر دان
تا  شوي  دريائي  بيحد و کران

[معنيٰ: پنهنجي روح يا جان کي انهيءَ بحر جو جُز ڄاڻ ته جيئن تون پاڻ اڻ کٽ سمنڊ ٿي پوين.]

معنيٰ   الله   گفت   آن   سيبويه
يولهون في الحوائج هم لديه[101]

[معنيٰ: سيبويه اڪابر به ائين ئي چيو آهي ته اسان هن جي آڏو مشڪلاتن جي وقت ۾ آزي نيزاري ڪريون ٿا ۽ هٿ ٽنگيون ٿا.]

آب  مبدل شد درين جو چند بار
عکس ماه وعکس اختر بر قرار

[معنيٰ: ٿورو پاڻي تبديل ٿيو پر چنڊ ۽ ستارن جو پاڇو ان ۾ برقرار رهيو.]

روح چون آب ست واين اجسام جو
شہ يکي جان است و لشکر پرازو

[معنيٰ: روح پاڻيءَ وانگر آهي ۽ اسان جا جسم نهر وانگر آهن، ساهه جو بادشاهه هڪ آهي، ٻيا ان جا لشڪر ۽ پَرَ آهن.]

جمله عالم زين غلط کردند راه
کز عدم ترسنده  آن  آمده  پناه

[معنيٰ: سموري جهان وارن هن ڪري واٽ وڃائي آهي، جو اهي عدم کان ڊڄن ٿا، حالانڪ عدم (نيستي) ۾ ئي سندن پناهه آهي.]

بنده هستي نيست هر کو صادق است
عشق نان  بي نان غذائي  عاشق است

[معنيٰ: جيڪو طلب ۾ سچو عاشق آهي، اهو هستي جي قيد ۾ گرفتار نه آهي، کائڻ واري ماني کان سواءِ (مقصود واري) مانيءَ جي محبت عاشق جي خوراڪ آهي.]

دل نيابي جز که در دل بردگي
اي حيات  عاشقان در مردگي

 [معنيٰ: دل کي فنا ڪرڻ کان سواءِ تون محبوب نه لهندين عاشقن جي حياتي مرڻ يا قربان ڪرڻ ۾ آهي.]

هر که او از عشق يابد زندگي
کفر  باشد  پيش او جز  بندگي

[معنيٰ: جنهن کي عشق واري زندگي نصيب ٿي، ان لاءِ ٻانهپ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪفر آهي.]

عشق آن زنده گزين کو باقي است
و از شراب جان فزايت ساقي است

[معنيٰ: اُهو زنده عشق اختيار ڪر جيڪو هميشہ رهڻ وارو آهي، جنهن ساقي جو شراب ساهه کي فرحت بخشيندڙ آهي.]

عشق آن بگزين که جمله انبيآء
يا فتند از عشق او کار اوکيا

[معنيٰ: عشق اهو اختيار ڪر جنهن مان سڀني انبيائن کي مطلب ۽ مراد حاصل ٿي.]

عاشقي گرزين سر وگرزان سر است
عاقبت   مارا  بدان  شه  رهبر است

[معنيٰ: عاشقي هِتان جي يا هُتان جي هجي، آخر ڪار اها اصل بادشاھ تائين وٺي وڃڻ واري آهي.]

گر  شود  پر نور روزن  يا  سريٰ
تون مدان روشن مگر خورشيد را

 [معنيٰ: جيتوڻيڪ تنهنجي گھر جون دريون ۽ دروازا نور سان ڀريل هجن، پر اي انسان! تون رڳو سج (حقيقي) کي روشن سمجھ.]

مدحها جز مستحق را کي کنند
ليک بر پندار گمرهه مي شوند

[معنيٰ: ساراھ جي حقدار کان سواءِ ٻي جي ساراھ ڪيئن ڪندا، پر اُهي پاڻ کي ڀانئڻ ڪري گمراهه ٿين ٿا.]

چون ز چاهي عکس ماهي را نمود
مادح   ما هست هرکه  آنرا  ستود

[معنيٰ: جيڪو دنيا جي کوهه ۾ چنڊ جو اولڙو ڏسندو، سو ان جي ساراهه سان به ڄڻ حقيقي چنڊ جو ساراهيندڙ آهي.]

تو بهر اسمي که خواهي کن ثنا
خانئه  خود  را شناسد  خود دعا

[معنيٰ: تون ڪهڙو به نالو وٺي دعا ڪر، آخرڪار اها دعا پنهنجو گھر پاڻ ڳولهي لهندي.]

چشم  را اي  چاره  جو  در  لامکان
هين بنه چون چشم کشته سوئي جان

[معنيٰ: اي طالب ! طلب جي اک کي لامڪان ۾ اٽڪائي رک، جيئن عشق ۾ ڪُٺل جي اک ساهه (معشوق حقيقي) ڏانهن هوندي آهي.]

لامکاني  مسکنت هر جا  متن
نزد عارف اين بود حب الوطن

[معنيٰ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ لامڪان آهي، جيڪو تنهنجو اصلي وطن آهي، عارفن وٽ وطن سان محبت هن جو نالو آهي (ته تون) هر جاءِ ڏانهن لاڙو نه رک.]

گر نبودي اين بزوغ اندر خسوف
ره نه  گم کردند چندين فيلسوف

[معنيٰ: جيڪڏهن اهوچمڪڻ (سج) گرهڻ ۾ نه هجي ها ته ايترا فلسفي هرگز گمراهه نه ٿين ها.]

عشقها  داريم با اين خاک ما
زانکه افتاد است در قعده رضا

[معنيٰ: اسان هن مٽيءَ سان عشق رکون ٿا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ رضا جي عادت پيل آهي.]

در شب بد رنگ بس نيکي بود
آب حيوان  جفت  تاريکي  بود

[معنيٰ: گھُگھ اونداهي رات ۾ ڪارو به وڻندڙ هوندو آهي، جيئن آب حيات ٻيڻي اونداهي ۾ ملندو آهي.]

چون   خلقنا   کم  شيندي  من   تراب
خاک شود از خاک بودن سر متاب[102]

[معنيٰ: قرآن شريف جي آيت موجب ته اسان توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ته پوءِ مٽي ٿيءُ ۽ مٽي ٿيڻ کان مُنهن نه موڙ.]

پيش حق يکه ناله ز روئي نياز
بهتر از صد ساله بودن در نماز

[معنيٰ: الله  جي دربار ۾ عاجزيءَ  واري دل سان دانهن سؤ سالن جي نماز کان بهتر آهي.]

سايئه رهبر به است در ذکر حق
يک قناعت به زصد لوتِ طبق

[معنيٰ: الله جي ذڪر ۾ مشغوليءَ کان رهبر مرشد جو پاڇو بهتر آهي، هڪڙي طعام (مرشد) تي قناعت سؤ ڀريل ٿالن کان ڀلي آهي.]

درزبان  الله  در دل گاؤ خر
اين چنين اذکار کي دارد اثر

[معنيٰ: زبان تي الله الله جو ذڪر هجي ۽ دل ۾ ڏاند ۽ گڏهه (دنيا) جو فڪر هجي، دل جي حضور کان سواءِ اهڙو ذڪر ڪهڙو فائدو ڏيندو؟]

“اذکرو الله” کار هر اوباش نيست
“ارجعي” بر پائي هر قلاش نيست

[معنيٰ: هيءَ جو قرآن ۾ آهي ته) “الله کي ياد ڪريو”، اهو هر ڪميني جو نصيب نه آهي، (ساڳئي وقت قرآن ۾ آهي ته) “اي نفس ! پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽ” اهو به سڀ ڪنهن جو ڀاڳ نه آهي جو ان طرح موٽ کائي.]

ذکر حق پاک است چون پاکي رسيد
رخت   بر  بندد   برون   آيد    پليد

[معنيٰ: الله جو ذڪر تڏهن پاڪ آهي، جڏهن پاڪائي تي پُهچي. ان وقت پليتي پري ٿيڻ جو سامان ٻڌي رواني ٿئي ٿي.]

لطف از حق است ليک اهل تن
در نيا  بد  لطف بي  پرده  چمن

[معنيٰ: هر مهرباني الله جي طرفان آهي پر ظاهر وارا پردي کان سواءِ نه ٿا ڏسن.]

خوئي کن بي شيشه ديدن نور را
تا  چو شيشه  بشکند  نبود  عما

[معنيٰ: نور کي چشمي (ظاهري عينڪ) کان سواءِ ڏسڻ جي عادت پيدا ڪر ته جيڪڏهن چشمو ٽٽي پوي ته انڌو نه ٿئين.]

اين خودي را صرف کن اندر خدا
تا    نماني   همچو  ابليس   جدا

[معنيٰ: پنهنجي هستي کي الله جي هستي ۾ فنا ڪر ته شيطان وانگر الله جي رحمت کان تڙجي پري نه ٿئين.]

گم  شوي  در ذات  آسائي ز خود
جمله را يک رنگ بيني نيک وبد

[معنيٰ: جيڪڏهن تون الله جي ذات ۾ گم ٿيندين، ته پنهنجي هستيءَ کان آجو ٿيندين، ان کانپوءِ چڱي خواھ بڇڙي شيءِ کي هڪ ئي رنگ ۾ ڏسندين.]

آنچه خوفِ ديگران  آن امن تُست
بط قوي در بحر مرغ خانه سُست

[معنيٰ: جيڪو ٻين لاءِ خوف جو سبب آهي، اهو تنهنجي لاءِ امن ۽ سلامتي آهي، جھڙيءَ طرح طاقتور بدڪ لاءِ پاڻي ان جو آرامده گهر آهي.]

اوست ديوانه که ديوانه  نشد
اين عسس را ديد درخانه نشد    

[معنيٰ: اهو چريو آهي جيڪو ديوانو نه ٿيو. هن فقط چوڪيدار کي ڏٺو، پر دل جي گهر ۾ جهاتي نه پاتائين.]

دست  در ديوانگي  بايد ز دن
واز خرد جاهل همي بايد شدن

[معنيٰ: ديوانگي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ هڻڻ گهرجي ۽ ظاهري عقل جي بجاءِ اڻڄاڻ ٿيڻ گهرجي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: دنياوي حياتي چئن طبيعتن (خلطن) جو صلح آهي، تنهنڪري عارف ڪامل جي طبيعت دنيا سان لاڳاپو نه رکندي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: حقيقي حياتي ٻانهي ۽ ربّ جي وچ ۾ صُلح جو نالو آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ  (22:58:28)

[ترجمو: الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿيا.]

ٻيءَ جاءِ تي ارشاد آهي:

وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ  (05:93:30)

[ترجمو: ستت ئي تنهنجو ربّ توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.]

سلطان الاولياء فرمايو: حديث شريف ۾ آهي: من لم يسئل الله يغضب عليہ و من اهل المحبتہ من يترک السؤال الحب الغضب الا لهي لان الغضب لايکون بدون التوجهه الي المغضوب عليہ التوجهه المحبوب هو المطلوب”

[ترجمو: جيڪو الله کان سوال نه ٿو ڪري، الله تعاليٰ انهيءَ تي ناراض ٿئي ٿو ۽ محبت وارن مان جيڪو محبت جي ڪري سوال ڇڏي ٿو، ان تي به الله ناراض ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن تي به ڪاوڙ توجهه کان سواءِ ڪونه ٿيندي آهي ۽ محبوب جو توجهه ئي مطلوب آهي.]

آئون چوان ٿو: انهيءَ ڪري چيو اٿن ته:

ضَربُ الحبيب زبيب

[يعني: دوست جي مار ڊاک يعني مٺي آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

        آنچه عين لطف باشد بر عوام[103]

قهر  شد  بر  عشق  کيشان  کرام

[معنيٰ: جيڪا شيءِ عام مخلوق جي لاءِ راحت جو سبب آهي، اها برگزيده عاشقن جي لاءِ قهر جو سبب آهي.]

ذلت وخواري را چو شکر مي خورند

خار  غمها  را  چو  اشتر  مي  چرند

[معنيٰ: اهي ذلت ۽ خواري کي کنڊ يا مٺاڻ وانگر کائين ٿا ۽ غم جي ڪنڊن کي اُٺ وانگر لذيذ سمجھي چرن ٿا.]

برگ بي برگي ترا چون برگ شد

جان باقي چون بحق شد مرگ شد

[معنيٰ: بي سرو ساماني قوت جو نشان ٿي. جان تڏهن باقي بالله ٿي جڏهن دنياوي موت ٿيو.]

هر  چه  آن  بر تو  کراهيت  بود

چون حقيقت بنگري رحمت بود

[معنيٰ: جيڪا شئي تنهنجي لاءِ ظاهر ۾ خراب آهي، جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏسين ته اها تو لاءِ رحمت  آهي.]

باغ  سبز عشق، کوبي منتها  است

جز غم وشادي درو بس ميوها است

[معنيٰ: عشق جي سرسبز باغ جي انتها نه آهي. غم ۽ خوشيءَ کان سواءِ ان ۾ گهڻا ئي ميوا آهن.]

رنج وشادي جود واحسان حادث است

حادثان  ميرند  حق  شان وارث است

[معنيٰ: غم ۽ خوشي، سخاوت ۽ احسان فاني آهن. اهي سڀ ختم ٿيندڙ آهن، صرف الله جي ذات باقي ۽ سڀني جي وارث آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن بادشاهه فقير کي چيو ته ڪهڙي سبب ڪري دروازن تي دربان کي رکيو اٿوَ؟ تڏهن فقير جواب ڏنو ته هن ڪري ته جيئن ڪُتا اندر نه اچن.

        هڪ بادشاهه ڪنهن فقير کي چيو ته توهين ڪير آهيو؟ فقير جواب ڏنو ته اسان اهڙي قوم آهيون، جن دنيا ۾ نقصان کائي آخرت کي پسند ڪيو آهي ۽ اسان اُن سان نفرت رکون ٿا، جيڪو آخرت جو نقصان ڪري ٿو.

               سلطان الاولياء فرمايو: دنيا کي ڇڏڻ ايستائين بيڪار آهي، جيستائين الله جو عشق نه هجي.

نيست با خلقِ جهان کار مرا

[معنيٰ: منهنجو جهان جي مخلوق سان واسطو نه آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: حڪايت ڪندا آهن ته جڏهن فرعون غرق پئي ٿيو. تڏهن جبرئيل ؑ کيس پراڻو خط ڏيکاريو(جنهن ۾ لکيل هو) ته “اهو ان ٻانهي جو بدلو آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ سان سرڪشي ڪري، تنهن کي ٻوڙيو وڃي.” پوءِ (هن واقعي مان) فتويٰ وارن (مفتين) ۽ فقيرن کي ڊپ ڪرڻ گهرجي ته اهي فتويٰ کان ڀڄن. *

   ­            آئون چوان ٿو: ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته صحابي سڳورا ؓ چئن شين کان پري ڀڄندا هئا، هڪ امامت، ٻيو امانت، ٽيون فتويٰ ۽ چوٿون وصيت. ڪتاب ‘درالمختار’ ۾ آهي ته جيڪو شخص انبيائن جي باري ۾ ڪا ڳالھ ڪري ٿو، تنهن جي توبهه جو معاملو الله وٽ آهي، مطلب ته اهڙي خرابي جيڪا توکي پاڻ ۾ نظر نٿي اچي خدا توکي ان کان بچائي.

               سلطان الاولياء فرمايو: اسان جي نظر ماڻهوءَ جي طلب تي آهي نسب تي نه آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org