سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:22 

”خيارکم في الجاهلية خيارکم في الاسلام

[ترجمو: جاهليت جي دور وارا ڀلا ماڻهو اسلام ۾ ڀلا آهن.]

عجيب ۽ غريب حالتن ۽ مقامن جي ڪري اهي اصلي صفتون بلڪل ختم ڪونه ٿينديون آهن، جيئن حضورﷺ فرمايو ته:

اذا سمعتم بجبل زال عن مکانہ فصدّقوه واذا سمعتم برجُل تتغيرُعنہ فلا تصدّقوا بہ

[ترجمو: جيڪڏهن توهان ٻُڌو ته جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو آهي ته ان ڳالھ کي سچو سمجھو پر جيڪڏهن توهان ٻُڌو ته مرد پنهنجي عادت بدلائي آهي ته ان کي سچو نه سمجھو.][4]

هر چند که نفس مطمئنہ گردد
هرگز ز  صفات  خود  نگردد

[معنيٰ: نفس کڻي ڪيترو به مطمئن ٿئي پر پنهنجي صفتن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو.]

نفس چون نيست در درون باقي
چه   غم   از   دشمنان  آفاقي

[معنيٰ: جڏهن نفس اندر ۾ باقي نه رهيو ته پوءِ ٻاهرين دشمنن کان ڪهڙو خطرو!]

 

             سلطان الاولياء فرمايو: مال مصيبت آهي ۽ عزت جڻيو آهي پر ناجي يعني ڇوٽڪاري وارو اهو مرد آهي، جيڪو ٻنهي کان ڀڄي.

v  آئون چوان ٿو: مرشد سائين جي مال مان مراد غير صالح  مال آهي. جيئن حديث

شريف ۾ آهي ته:

نعم المالُ الصَّالِح لِلرَّجُلِ الصَّاِلحِ

[ترجمو: سُٺو مال سُٺي مرد لاءِ آهي]

۽ عزت اهو جڻيو آهي جيڪو تنهنجي دل کي انهيءَ فڪر ۾ مشغول رکي يعني الله جي ذڪر کان غافل ڪري ۽ گناھ اهو آهي جيڪو تنهنجي دِل ۾ کُٽڪي پر جنهن توکي حق (الله) کان (پري ڪري) مشغول ڪيو، اهو تنهنجو بُت آهي.

نيست  گناهي ز  تردد  دّگر
نيست نکوئي ز دل آرام تر

[معنيٰ: شڪ ۽ ٻُڏتر کان وڌيڪ ٻيو گناھ ڪونهي، دل جي آرام ۽ سُڪون کان وڌيڪ ڪا ٻي نيڪي ڪونهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: گھڻي مال هجڻ سان غني ۽ شاهوڪاري نه آهي پر غنا اها آهي جنهن جي دل مال جي حِرص کان بي پرواھ هجي.

آئون چوان ٿو:  ان لاءِ چيو ويندو آهي:

”تونگري بدل است نه بمال“

               [آسودگي دل سان آهي، نڪي مال سان.]

حديث شريف ۾ آهي ته:

”لايملؤ جوف ابن آدم الا التراب

[ترجمو: مِٽيءَ کان سواءِ ٻي شيءِ آدم جي اولاد جو پيٽ نه ٿي ڀري].

 شيخ سعدي شيرازي چوي ٿو:

آن شنيد ستي که وقتي تاجري
در  بياباني   بيفتاد  از ستور
گفت چشمِ تنگ  دنيا دار را
يا قناعت پُرکند  يا  خاک گور

[معنيٰ: ڇا اهو ڪڏهن ٻُڌو اٿئي ته ڪڏهن ڪو واپاري جھنگل يا بيابان ۾ مال جي چرڻ واري جوءِ ۾ پُهتو هجي!. بخيل دنيا دار کي چيو ته پيٽ يا ته قناعت ڀريندي يا قبر جي مٽي پيٽ ڀريندي.]

 

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ماڻهن جي چاپلوسي ڪري، پوءِ ماڻهو ان کي ڪا شيءِ ڏين ته فقيرن وٽ اها رزق جي ڪُشادگي نه آهي. ڪشادگي اها آهي ته ان ۾ چاپلوسيءَ جو ذرو به نه هجي ۽ اهو انهن سان مِلائڻ لاءِ نه آهي.  بلڪ اهو رزق آهي، جيڪو الله تعاليٰ ماڻهوءَ کي گھرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ کان سواءِ ڏئي، جنهن ڏانهن اشارو الله تعاليٰ  جي هن فرمان ۾ آهي:

وَيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ  [ الطلاق: 3]

[ترجمو: ان کي اُتان روزي ڏيندو ، جتان گمان به نه هوندس.]

 ٻي جاءِ تي قرآن شريف ۾ آهي:

لِلْفُقَرَاءِ الَّذِينَ أُحْصِرُوا فِي سَبِيلِ اللَّهِ لَا يَسْتَطِيعُونَ ضَرْبًا فِي الْأَرْضِ يَحْسَبُهُمُ الْجَاهِلُ أَغْنِيَاءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعْرِفُهُم بِسِيمَاهُمْ لَا يَسْأَلُونَ النَّاسَ إِلْحَافًا [البقرة:273]

[ترجمو: (خيرات) انهن فقيرن لاءِ آهي جيڪي الله جي رستي ۾ (دنيا جي ڪمن ڪرڻ کان) روڪيا ويا آهن، جيڪي (روزي حاصل ڪرڻ لاءِ) زمين ۾سفر نٿا ڪري سگھن. سوال نه ڪرڻ جي ڪري ناواقف انهن کي مالدار سمجھي ٿو. تون انهن کي سندن چهري مان سڃاڻندين، اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نه ٿا ڪن.]

              سلطان الاولياء فرمايو: پراڻي ڪپڙي پائڻ ۾ فقيرن لاءِ ڪو به عار نه آهي پر جيڪڏهن الله تعاليٰ نئون ڏي ته فخر ۽ وڏائي کان سواءِ اهو پائڻ گھرجي.

آئون چوان ٿو: رسول اللهﷺ جي عادت اها ئي آهي. جيئن پاڻ سڳورن کان روايت ڪئي وئي آهي ته:

يلبس في بعض الاحيان ثيابا مفخره و في بعضها لا

[ترجمو: پاڻ سڳوراﷺ ڪڏهن سٺا ڪپڙا پائيندا هئا ۽ ڪڏهن نه پائيندا هئا.]

 مولانا جامي چيو آهي:

غرض از جام دفع حر و برد است
ندارد ميل زينت  هرکه مرد است

[معنيٰ: ڪپڙي جو مقصد سردي ۽ گرميءَ کان بچڻ آهي. مرد اهو آهي جيڪو زينت ۽ سينگار ڏانهن لاڙو نه ڪري.]

     سلطان الاولياء فرمايو: خدا جي طالب لاءِ مناسب نه آهي ته ماڻهن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڪري ۽ انهن جي تعريف يا  گلا سان پنهنجي دل ۾ خلل وجھي پر پنهنجي دل جو انهن ڏانهن لاڙو نه ڪري ۽ انهن کان منهن موڙي ڇڏي.

آئون چوان ٿو: قرآن شريف ۾ آيو آهي:

وَإِذَا سَمِعُوا اللَّغْوَ أَعْرَضُوا عَنْهُ وَقَالُوا لَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ سَلَامٌ عَلَيْكُمْ لَا نَبْتَغِي [5] الْجَاهِلِينَ [القصص:55]

[ترجمو: اهي جڏهن بيهودي ڳالھ ٻُڌن ٿا ته اُن کان مُنهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن. اوهان تي سلام هجي اسان کي جاهل نه ٿا گھرجن.]

اگر    گويند   زراقي و سالوس
بگو هستم دو صد  چندان ميرو
 و گر از  خشم دشنامي  دهندت
دعاکن خوش دل وخندان  ميرو

[معنيٰ: جيڪڏهن هو توکي گھٽ وڌ چوي، چئو ته آهيان. ڀلي کڻي ٻه سئو دفعا  چوي پر تون هليو وڃ. جيڪڏهن دشمن تو کي ڪاوڙ مان گاريون ڏي ته کيس دعا ڪر خوشدليءَ سان کلندو هليو وڃ.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سچو مُريد اهو آهي جيڪو پنهنجو ارادو ڇڏي مُرشد جي ارادي تي هلي ۽ مُرشد اهو آهي جيڪو خدا جي ارادي تي راضي رهي.

v  آئون چوان ٿو: حافظ شيرازي چيو آهي.

 ميل من سوئي وصال وقصد او سوئي فراق
ترک کام خود  گرفتم تا  بر آيد کام  دوست[معنيٰ: منهنجو لاڙو هن ڏانهن وصال جو آهي پر هن جو ارادو فراق جو آهي. مون پنهنجو مطلب ڇڏيو آهي ته جيئن دوست جو مقصد (مراد) هٿ اچي.]

هن ۾ حافظ جي تائيد ملي ٿي ته جيڪڏهن ان سان مان خوشيءَ ۾ راضي آهيان ته ان سان مان نقصان ۾ به راضي آهيان. ‘مواهب اللدنيہ’ ۾ آهي ته، سچي عاشق جي وصف اها آهي ته هو ان شيءِ کي پسند ڪري، جنهن کي سندس محبوب پسند ڪري ٿو ۽ جيڪا شيءِ ان (محبوب) کي ناپسند آهي ته هو به ان کي ناپسند ڪري.

             سلطان الاولياء فرمايو: اسان وٽ ڪنهن به قسم جو تڪلّف نه آهي.

آئون چوان ٿو: اها ڳالھ ان وقت فرمايائون جڏهن ڪنهن سائل ٻوڙ ۽ مانيءَ جي باري ۾ پُڇيو پر (مرشد) سائين فرمايو ته جيڪا شيءِ مُيسر ٿئي، اها سُٺي آهي. اسان وٽ تڪلف ڪونهي. اهڙي طرح حديث شريف ۾ آهي ته :

”التکلّف شوم انا واتقياء امتي برئي من التکلّف

[ترجمو: تڪلف (اجايو ڏيک ويک) خراب آهي. آئون ۽ منهنجي امت جا متقي تڪلّف کان پري ۽ بيزار آهن.]

 ۽ قرآن شريف ۾ آهي:

وَمَا أَنَا مِنَ الْمُتَكَلِّفِينَ  [ص:86]

[ترجمو: آئون تڪلف ڪندڙ نه آهيان.]

رسول اللهﷺ جي عادت هوندي هئي ته جڏهن ڪنهن بيبيءَ جي گھر ايندا هئا ته پُڇندا هئا ته کاڌي جي ڪا شيءِ آهي؟ پوءِ جيڪڏهن طبع موافق کاڌو مليو ته کائيندا هئا پر جيڪڏهن نه ته فرمائيندا هئا ته مون کي روزو آهي.

 

              سلطان الاولياء فرمايو: طِب جو مقصد آهي صفائي پوءِ اها سِڱي لڳرائڻ سان ٿئي يا جُلاب  ۽ دوا سان حاصل ٿئي. هن زماني ۾ اهڙو حاذق ۽ هوشيار طبيب نه آهي، جيڪو مريضن جي حال مطابق دوا تجويز ڪري.

v  آئون چوان ٿو: اسان جي زماني جو حاذق حڪيم ڳاڙهي سون (ڪبريت احمر) وانگر آهي، پوءِ جيڪو ائين ڪونهي، سو حاذق حڪيم به نه آهي.

حديث شريف ۾ آهي ته:

کلمة الحڪمة ضالت الحکيم

[حڪمت يعني ڏاهپ حڪيم جي وڃايل شيءِ آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ٻين طريقن جي انتها هن نقشبندي طريقي جي ابتدا آهي. ڇاڪاڻ ته سماع ، رقص ۽ اهڙي طرح چلا ڪڍڻ هڪ قسم جا حيلا آهن. ليڪن دل جو فائدو (الله جي يادگيريءَ ۾) حرڪت کان سواءَ ٻيو ڪونه آهي. ٻين طريقن جي اها انتها آهي پر نقشبندي طريقي جو اهو پهريون قدم آهي. پهريون سڀني طريقن جي خلاف آهي، اهي پهريون پنهنجي طرف کان شروع ڪندا آهن، پوءِ آفاق کان پوءِ نفسن کان، پوءِ انهن جي اِنتها پهريون نقشبنديه تي ٿي پوندي آهي، پوءِ سوچ ڪريو. حديث ۾ به اُهو آهي جنهن کي نقشبندي ترجيح ڏين ٿا. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته:

”مصحف المؤمن صدره

[ترجمو: مؤمن جو مصحف (قرآن) ان جو سِينو آهي.]

 ان پهرين قدم سان ئي گھڻن ڪيفيتن ۽ عجيب مقامن جو فيض حاصل ٿيندو آهي. پهريان قلبي ذڪر ۽ سلطان الاذڪار، ياد ڪرد، نگھداشت،[6] دائمي حضوري، حال ۽ مقام جي خوشي، جذبو،انهن مرشدن مان جيڪو ڪامل مرشد آهي، اهو ٻنهي جذبي ۽ سلوڪ کي گڏ ڪندڙ آهي. ائين ‘مبدا المعاد’ ۾ پڻ آهي. پوءِ سوچ ڪر.

        ياد رهي ته  عروج ۽ نزول، فنا في الله ۽ بقا بالله وغيره جو فيض، حال جو حاصل ڪرڻ ۽ مقامن جو وصال ٿيڻ آهي، جنهن جو مدار سندن قوت ۽ استعداد مطابق آهي. جنهن جي انتها الله تعاليٰ کان سواءِ ڪير نٿو ڄاڻي. اهي ئي الله تعاليٰ جي مرضي مطابق پنهنجي نفسن کي اطمينان ۽ دلين کي صبر ڏيارين ٿا ۽ الله جي رضا جي شراب جو ڍُڪ پي پنهنجي ذوق مطابق شرح صدر ۽ لذت حاصل ڪن ٿا. ۽ اهو اعليٰ مرتبو آهي، جنهن کي “جمع الجمع” جو مقام چيو ويندو آهي. شيخ علي قاري چوي ٿو ته، جمع الجمع جو مقام اعليٰ مرتبو آهي، جيڪو رضا ۽ تسليم سبب قضا جي قلم سان جاري ٿئي ٿو. ۽ امامن جي نرميءَ جي شوق تي انهن جا سينا کوليائين.

“به بين تفاه ت  راه از کجا است تا بکجا”

[معنيٰ: ڏسو ته سهي، هن راھ جو پنڌ هن کان ڪيترو گھٽ يا وڌ آهي!]

v  آئون چوان ٿو: بيت:

نقشبنديہ   عجب   قافله   سالار انند
که  برند  از ره  پِنهان بحرم قافله را

[معنيٰ: نقشبندي بزرگ قافلي جا عجيب اڳواڻ آهن، جيڪي قافلي کي حرم تائين ڳجھي رستي تان وٺي وڃن ٿا.]

طاعتي   گر   کند   اين  طائفه   را  طعن
قصورحاش لله که بر آرم بزبان اين گله را
 

[معنيٰ: جيڪڏهن ملامت ڪرڻ وارو هن جماعت تي ڪوتاهي جو طعنو هڻي، ته به آئون هرگز زبان تي اها گلا نه آڻيندس.]

همہ شيران جھاد  بسته اين  سلسله اند
روبه از حيله جان بگسلد اين سلسله را

[معنيٰ: جھان جا سڀئي شينهن هن سلسلي ۾ ٻڌل آهن، لومڙي حيلي بهاني سان هن سلسلي کي ڇا ٽوڙيندي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: سلوڪ جي واٽ تي سالڪ مٿان جيڪي احوال ايندا آهن، انهن احوالن جي ڪري سالڪ کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي ۽ نااميديءَ کان پوءِ پهچڻ جي اُميد حاصل ٿيندي آهي.

v  آئون چوان ٿو: ‘مڪتوبات احمديه’ ۾ آهي ته مُريد لاءِ مناسب آهي ته هن صفت سان متصف ٿئي. جيئن قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

حَتَّىٰ إِذَا ضَاقَتْ عَلَيْهِمُ الْأَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ وَضَاقَتْ عَلَيْهِمْ أَنفُسُهُمْ وَظَنُّوا أَن لَّا مَلْجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلَّا إِلَيْهِ  [توبھ:118]

[ترجمو: تانجو جڏهن مٿن زمين باوجود ويڪري هئڻ جي تنگ ٿي ۽ سندن جان به مٿن تنگ ٿي ۽ سمجھي ويا ته الله کان (بچائڻ واري) ٻي ڪابه پناھ جي جاءِ نه آهي، مگر ان ڏانهن (رجوع ڪرڻ سان) ئي پناھ ملندي.]

 اهڙي طرح هڪ شاعر چيو آهي:

وصل عريان است نامِ نا اميدي  در مثال
نظر کردن نامرادي خويش را جام  وصال

[معنيٰ: اصلي وصل نالو ئي آهي نا اميدي ( هر شيءِ کان خالي هجڻ) جو، تون پنهنجي نا مرادي تي وصال جي پيالي جھڙي نظر رک.]

وگر مراد  تو اي دوست نا مرادي ما است
مراد خويش  دگر باز مي نخواهم خواست

[معنيٰ: اي دوست جيڪڏهن تنهنجي مراد اسان جي نامرادي آهي ته آئون  پنهنجي مراد کي ٻئي دفعي ورجائڻ نٿو چاهيان.]

 

            سلطان الاولياء فرمايو: حياتي ۽ دنيا ٻئي فاني آهن، ڪنهن جي لاءِ انهن ٻنهي سان تعلق جوڙڻ مناسب نه آهي، پوءِ بيشڪ سياڻو اُن سان تعلق نه رکندو آهي. جنهن جو وُجود ٻن عدمن جي وچ ۾ فنا ٿي ويندو آهي، مثلاً عدم (ڪجھ به نه) ۽ ڪامل زندگي اُها فنا کان بعد حاصل ٿيندي آهي. ان ڪري الله سبحانہ وتعاليٰ عدم کي يعني موت کي حياتيءَ کان اڳي بيان فرمايو َآهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

خلق الموت والحيٰوة (الملڪ:2)

[ترجمو:(الله تعاليٰ) موت کي پيدا ڪيائين، پوءِ حياتي کي پيدا ڪيائين.]

حديث شريف ۾ آهي ته:

مُوتُو قَبلَ اَن تمُوتوا

[ترجمو: مرڻ کان اڳ مرڻ.]

  الله تعاليٰ فرمايو آهي:

قُلْ مَتَاعُ الدُّنْيَا قَلِيلٌ   [النسآء: 77]

ترجمو: اي حبيب! تون چئو ته دنيا جي زندگي ٿوري آهي.]

  ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:

كُلُّ شَيْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُ [ القصص: 88]

[ ترجمو: الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ ٻي هر ڪا شيءِ فنا ٿي ويندي.]

قدسي حديث ۾ آهي:

ان العبد ينبغي لہ ان يحب الله اذ هو المحبوب الموجود و الباقي في کل وقتہ وحين انا الموجود فطلبني تجدني

 [يعني:بيشڪ ٻانهي کي جڳائي ته هو الله سان محبت ڪري، پوءِ هو هر وقت الله کي پنهنجو محبوب ئي لهندو. بيشڪ مان موجود آهيان، پوءِ جيڪو به منهنجي طلب ڪندو، ته مون کي لهندو.] 

آئون چوان ٿو: قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا [فاطر:5]

[ترجمو: دنيا جي زندگي توهان کي ڌوڪي ۾ نه وجھي.]

 نبي ڪريمﷺ ارشاد فرمايو آهي ته:

کن في الدنيا کانک [7] غريب او عابر السبيل وعدّ نفسک من اصحاب القبور

[ترجمو: دنيا ۾ واٽهڙو مسافر وانگر ٿي رھ ۽ پاڻ کي مُئلن ۾ شمار ڪر.]

لو کانَتۡ دارالدنيا دام نَعيمها
لکَانَ رسول الله  فيۡهاَ  مُخَلَّدَا.

[معنيٰ: جيڪڏهن دنيا جون نعمتون هميشہ رهن ها ته رسول اللهﷺ هن دنيا ۾ هميشہ رهن ها.]

جھان وکارِجھان جملئه هيچ  در هيچ است
هزار بار من  اين  نکته کرده ام تحقيق

[معنيٰ: مون هزار دفعا هن نُڪتي تي سوچ ويچار ڪيو آهي ته دنيا جو ڪم ڪجھ به نه آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: جنهن الله تعاليٰ کي سُڃاتو اُن کي ڪو گناھ نُقصان نه پهچائيندو.

v  آئون چوان ٿو: هت مراد صغيره گناھ آهن، ڇوته ڪمال معرفت جي باوجود انبياءَ عليهم السلام ننڍن خطائن کان خالي نه آهن ۽ جڏهن ته وڏا گناھ اڻ لڀ آهن ۽ رحمت گُناهن سان تَعلُّق رکندي آهي.

قصيده برده” وارو چوي ٿو:

لعلّ   رحمت   ربّي   حين   يقسمها
تاتي علي حسب العصيان في القسم

[معنيٰ:اميد ته جڏهن رب جي رحمت ورهائبي ته مون کي پڻ ڪيل گناهن موجب(رحمت مان) حصو ملندو.]

 حافظ چوي ٿو:

رحمتش  را  تشنه  ديدم  بر گناه
عرصئه عصيان گرفتم زين سبب

[معنيٰ:مون مالڪ جي رحمت کي گنهگارن لاءِ اُڃايل ڏٺو، تڏهن ته گناهن تي پڪڙ ۾گھڻي دير لڳائي اٿائين.]

‘مصابيح’ ۾ آهي ته، مؤمن ڪبيري گناھ ڪرڻ سان ايمان مان نه ٿو نڪري، عرفان جو مطلب ايمان ڪامل آهي، جيڪو لڪل نه هوندو آهي. اهڙي طرح ‘مڪتوبات’ ۾ آهي ۽ عرفان جي معنيٰ آهي الله جي ذات ۾ يقين، اهو يقين جيڪو جذبي ۽ سلوڪ کانپوءِ حاصل ٿيندو آهي خالي لفظي يقين نه. اهو حاصل ٿيندو آهي صرِف سالڪين جي ٻُڌڻ سان ۽ ان ۾ سلسلو داخل نه ٿيندو آهي ۽ ان سان لذت حاصل ٿيندي آهي.

قرآن مجيد ۾ آيو آهي:

وَاعْبُدْ رَبَّكَ حَتَّىٰ يَأْتِيَكَ الْيَقِينُ [الحجر: 99]

[ترجمو: ۽ پنهنجي پاليندڙ جي عبادت ڪندو رھ، جيستائين تو وٽ يقين يعني موت اچي]

لَا يَضُرُّكُم مَّن ضَلَّ إِذَا اهْتَدَيْتُمْ [المائده:105]

[ترجمو: جيڪڏهن اوهين رستي تي ايندؤ ته جيڪو گمراھ آهي سو اوهان کي (ڪجھ به) نقصان نه پهچائي سگھندو!]

که مستحق کرامت گناهگارانند

[معنيٰ: گنهگار ئي ڪرامت (رحمت) جا حقدار آهن.]

حافظ شيرازي چيو آهي:

صوفي مباش مگر رندي که سرِ عشق
روزي  ازل   بمردم قلاش  مي دهند

 [معنيٰ: صوفي نه ٿيءُ پر آزاد مرد ٿيءُ ته عشق جو راز لھين، ڇو ته اهو راز شروع کان ئي مسڪين مردن کي ڏيندا آهن.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجا احوال ظاهر ڪندا آهن ۽ پنهنجي اندازي ۾ ٻين کان پاڻ کي ڌار سمجھندا آهن پر جنهن جو قلب سليم ۽ طبيعت سِڌي هوندي، ان تي هيءَ ڳالھ مخفي نه رهندي آهي ته جڏهن طالب جو تعلق دنيا جي واسطن کان ٽٽندو آهي تڏهن الله جي ذات سان قربت وڌندي اٿس. محقق ان کي حال چوندا آهن، ان وقت قيل ۽ قال جي ظاهر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

v  آئون چوان ٿو: حال ڪنهن شيءِ جو هڪڙي صفت کان ٻي صفت ڏانهن اچڻ  يا بدلجڻ آهي. جيئن نفس امَّاره مان نفس مُطمئينہ ڏانهن اچڻ يا بُرائين کان نيڪين ڏانهن اچڻ. “العقائد السنية” ۾ آهي ته، حال نالو آهي ويجھڙائپ (۽ قرب) جو، نڪي مقرب جي حڪم جو. علم، حال کان وڌيڪ شرف وارو آهي. ۽ “المواهب الاحوال مواهب عليہ سماويہ” ۾ آهي ته اهو اميرالمؤمنين علي رضي الله عنہ جو قول آهي. [8] اعتماد وارن ماڻهن کان ٻُڌو ويو آهي ته، هڪ ماڻهوءَ وڏي مرشد نور الله مضجہ وٽ چيو ته، بيشڪ ڪامل فقير ڀَنگ جا پن استعمال ڪندا آهن پوءِ دعويٰ ڪندا آهن ته اسان کي هن سان احوال زياده حاصل ٿيندا آهن. پوءِ وڏي حال واري چيو ته، اِهو الله تعاليٰ جو قُرب آهي ۽ اُن (شخص) کي ڪيئن حاصل ٿيندو؟ جيڪو روڪيل ڪمن (منع ٿيل شين) کي استعمال ڪري ٿو. بلڪ اُن کان پري رهڻ ان جي لائق آهي.

  جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

وَمَن يُؤْمِن بِاللَّهِ يَهْدِ قَلْبَهُ [التغابين64 :11]

[ترجمو: جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ته اُن جي دل هدايت واري ٿيندي.]

مولانا رومي چيو آهي:

ۡلُبوا المعنيٰ مِنَ الفُرقانِ و قل
لا نُفرِقُ   بَيۡنَ  اَحَاديث  الرّسُلِ
 

[معنيٰ: سڀ معنيٰ قرآن مجيد مان ڳولي هٿ ڪر، ڇو ته اسين رسولن جي ڳالهين (هدايتن) ۾ فرق نٿا ڪريون.]

درمعاني قسمت واعداد نيست
در معاني تجزيه و افراد نيست

[معنيٰ: معنيٰ ۾ انگ ۽ ونڊ (حساب) نه آهي معنيٰ ۾ جدا ۽ الڳ هجڻ جو تصور نه آهي.]

اتحاد    يار  با  ياران   خوش  است
پائي معنيٰ گير صورت دلکش است

[معنيٰ: يارن جو يارن سان اتحاد وڻندڙ آهي، معنيٰ کي مضبوط جھل (ڇو ته) صورت صرف ظاهري طور وڻندڙ آهي.]

آفت    ادراک   آن  قيل  است  قال
خون بخون شُستن محال است ومحال

[معنيٰ: سمجھ جي سڄي مصيبت قيل ۽ قال آهي، جيئن رت کي رت سان ڌوئڻ محال آهي.]

گر بصورت آدمي انسان بُدي
احمد و  بوجھل  يکسان بُدي

[معنيٰ: جيڪڏهن صرف صورت سان هرڪو ماڻهو انسان هجي ها ته احمد نبيﷺ ۽ ابوجھل برابر هجن ها.]

جمله حيوان را پئي انسان بکش
جمله انسان را  بکش از بهراش

[معنيٰ: سڀني جانورن کي هڪ انسان لاءِ قربان ڪر پر باقي سڀني انسانن کي هن ذات (انسان) لاءِ قربان ڪر.]

            سلطان الاولياء فرمايو: حقيقي مُرشد کانسواءِ ٻين تي راز جو لِڪائڻ، ظاهر ڪرڻ کان ڀلو آهي. )جيڪي) مرشد کي راز ٻڌائي پوءِ ان کي هر هڪ تي ظاهر نه ڪر.

v  آئون چوان ٿو: راز اهو آهي، جيڪوسالڪ تي حق جون تجليون، روشنيون ظاهر ڪري، مڪاشفا، عروج ۽ نزول به. پوءِ اهو سڀ ڪجھ فضيلت آهي، مرشد کان سواءِ باقي ٻين کان لڪائڻ ضروري آهي. ڪن سالڪ چيو آهي ته، ڪرامت کي ظاهر ڪرڻ خراب شيءِ آهي ۽ ٻين تي ظاهر ڪرڻ عروج کان روڪي ٿو. پوءِ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ کان بچاءِ. شريعت جي ڪيترن ڳالهين ۾ پوڻ کي ظاهر ڪرڻ بابت چيو اٿن ته، هي اُن مان آهي، جيڪو ڄاتو ويندو آهي ۽ لِڪايو ويندو آهي. جيئن ڪتاب ‘البحر’ ۾ آهي ۽  (ڪتاب) ‘در المختار’ ۾ آهي ته، هيءُ ان مان آهي، جيڪو ڄاتو ويندو آهي ۽ لِڪايو ويندو آهي.  پوءِ ان تي باطني ڳالهين جو لڪاڻ لازم ڪيئن نه آهي؟

حديث شريف ۾ آيو آهي ته :

من کتم سرّه فسوف يحصل مقصوده استعينوا عليٰ امورکم بالکتمان

[ترجمو: جنهن پنهنجو راز لِڪايو اهو جلد ئي پنهنجو مقصد حاصل ڪندو، پنهنجي رازن کي لڪائڻ سان مدد طلب ڪريو.]

مولانا رومي چيو آهي:

عارفان که راز حق دانسته اند
رازها دانستئه  و پوشيده اند

[معنيٰ: جيڪي عارف الله جو راز ڄاڻن ٿا، انهن جا ڄاتل راز پڻ لِڪل هوندا آهن.]

             سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ جي ذات کان وڌيڪ ويجھي ڪابه شيءِ نه آهي ۽ الله جي ذات کان پري به ڪا شيءِ نه آهي. اها ڳالھ الله تعاليٰ جنهن لاءِ آسان ڪري يا مشڪل ڪري. هي ان جي چئي مان آهي، جيڪو الف و النشر المرتب ۾ چيل آهي.

v  آئون چوان ٿو: الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

وَفِي أَنفُسِكُمْ  أَفَلَا تُبْصِرُونَ [ الذاريات51:21]

[ترجمو:توهان جي اندر ۾ موجود آهيان، ته پوءِ ڇو نه ٿا ڏسو.]

 ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:

أَنَّ اللَّهَ يَحُولُ بَيْنَ الْمَرْءِ وَقَلْبِهِ [انفال: 23]

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ آهي.]

  ٻي آيت ۾ آهي:

وَنَحْنُ أَقْرَبُ [9] إِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ [ق :16]

ترجمو: ۽ اسان کيس سندس ساھ جي رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون. ]

پوءِ الله سبحانہ تعاليٰ پنهنجي ٻانهي کي انتهائي ويجهو آهي، جڏهن ته ٻانهو گناھ ڪرڻ ڪري دل جي چڙهيل ڪٽ سبب الله کان پري آهي. نه ته هو ان جي ويجهو آهي.

جيئن (شيخ سعدي) شيرازي چوي ٿو:

دوست نزديک تر از من بمن است
واين عجب  تر کہ  من ازوي دوم

[معنيٰ: مون کي منهنجو دوست مون کان وڌيڪ ويجھو آهي ۽ هي عجب آهي جو مان ان کان ٻيو آهيان.]

پوءِ جڏهن الله تعاليٰ اُن کان پنهنجي ذات کي پري ڪندو آهي ته پوءِ ڪابه شيءِ اُن کان پري نه آهي. پوءِ هيئن ٿي پوندو آهي ته اُن جھڙو ڪو به نه آهي پوءِ جيڪڏهن چيو وڃي ته مُريد جي دل تي نظر وجھڻ سان ان جي دل چُرندي آهي ۽ اها دل الله تعاليٰ کي ياد ڪندي آهي ۽ ارشاد جو مقصد به اهوئي آهي ۽ انهيءَ ۾ اهو نه ذڪر ڪيائين. چيو ويو ته اهو صحبت سان حاصل ٿيندو آهي ۽ نه زباني حڪم ڪرڻ سان.  ‘مڪتوبات احمديه’ ۾ آهي الله جي ذات پري هجڻ جي ڪري نه پر وڌيڪ ويجھڙائي جي ڪري مخفي آهي. جيئن وڏي مُرشد (سلطان الاولياءِ) ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪيو جو فرمايائون ته بيشڪ هو وجود ۾ وڌيڪ ويجھو آهي ۽ وُجدان ۾ پري آهي.

مولانا رومي چيوآهي:

نَحۡنُ اقرب گفت من حَبل الوريد
تو فگندي  تير فکرت  را  بعيد

[معنيٰ: الله سائين فرمايو آهي ته آئون توهان کي ساھ جي رڳن کان وڌيڪ ويجھو آهيان. تون پنهنجي فڪر جا تير پري پيو اُڇلائين.]

چون دبيرستان صوفي زانو است
حل مشڪل را دو زانو جا دوست

[معنيٰ: صوفيءَ جو مڪتب سندس گوڏا کوڙي وِيهڻ (مراقبو) آهي، هر قسم جي مُشڪل گوڏن کوڙڻ سان حل ٿي ويندي آهي.]

هر که اوگردد مراقب خويشتن
حاجتش   نبود  قيامت  آمدن

[معنيٰ: جنهن پاڻ کي مراقبي ۾ ڪيو، ان جي ضرورت قيامت کان اڳ پوري ٿي وئي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ارشاد جو مقصد صُحبت آهي، ٻيو مقصد هي آهي ته پنهنجي رضا کي مُرشد جي رضا ۾ ڇڏڻ گھرجي ۽ زباني ارشاد مان مراد مُريد ۽ مُرشد جي وچ ۾ تعين ڪرڻ آهي. اصحابي سڳورن جي زماني ۾ نبي ڪريمﷺ جي مطلق صُحبت ئي ڪافي هئي.

v  آئون چوان ٿو: مولانا رومي چيوآهي:

فقر خواهي آن بصحبت قائم است
نه زبان  دروي  بڪار  آيد نه  دست

[معنيٰ: فقر گھرين ٿو ته اهو (الله وارن جي) صحبت سان قائم آهي، اتي زبان ۽ هٿن جو ڪم نه آهي.]

چون شوي دُور از حضور اولياء
در  حقيقت گشتئه  دُور از خدا

[معنيٰ: تون جڏهن اوليائن کان پري ٿيئن، سمجھ ته حقيقت ۾ خدا کان پري ٿيو آهين.]

خاک پاکان ليسي و ديوار شان
بهتر ازعامه گل و گلزار شان

[معنيٰ: ڀلارن جي مٽي ۽ ديوار کي چٽڻ عام ماڻهن جي گل و گلزار کان بهتر آهي.]

بر  دل  خود نه گم انديشه  معاش
عيش گم نايد  تو بر درگاه باش

[معنيٰ: روزي وڃڻ جو پنهنجي دل ۾ فڪر نه ڪر. رزق ڪونه گھٽبو آهي، تون خدمت ۾ لڳو رھ.]

پيش شاهان گر حذر باشد بجان
ليک  نشکيبند   عالي   همتان

[معنيٰ: جيتوڻيڪ بادشاھ جي اڳيان ويهڻ ۾ جان جو خطرو آهي پر بلند همت ۽ صبر وارن کي پرواھ نه آهي.]

عيسيٰ روح   تو  با  تو  حاضر  است
نصرت ازوي خواه که اوخوش ناظراست

[معنيٰ: تنهنجو اصلي روح (جياريندڙ) توسان گڏ آهي، ان کان مدد وٺ اهو چڱي طرح ڏسندڙ آهي.]

زندگي   تن  مجو از  عيسيت
کام فرعوني مخواه از موسيت

[معنيٰ: زندگي عيسيٰ کان نه گھر. فرعون وارو ڪم حضرت موسيٰ کان نه وٺ.]

معجزات از بر  قهر دشمن است
بوي  جنسيت پئي دل بردن است

[معنيٰ: معجزا دشمن جي ڊيڄارڻ لاءِ آهن پر ساڳي جنس جي بوءِ دل کي ڇڪيندڙ آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: توحيد جو امر اُبتڙ آهي جيڪڏهن توحيد جي معاملي تي گفتگو ڪبي ته هر ڪونه سمجھندو ۽ ارادي واري طريقي تي ڪونه بيهندو بلڪ ماڻهو گمان ڪندا ته اهو چريو آهي.   

آئون چوان ٿو: حديث شريف ۾ آهي ته:

لا يؤمن احدکم حتيٰ يقال انہ مجنون

[ترجمو: ايستائين ڪو به مومن نٿو ٿئي جيستائين چيو وڃي ته هو چريو آهي.]

از وصالش  قرب  جستم  زآن  بعيد [10]افتاده ام
بعد خواهم جست ازوي  تا قريب افتد  وصال

[معنيٰ: مون جيترو هن جي وصال جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اوترو ان کان پري وڃي ڪِريس پر جڏهن هن کان پري ٿيڻ چاهيم ته ان جو وصال ويجھو ٿيو.]

         سلطان الاولياء فرمايو: سلوڪ جي راھ ۾ اهڙو عجيب نُقطو ۽ دقيق اشارو آهي، جو ان نُقطي کي الڳ ۽ جدا فڪر وارن کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو سمجھي. مطلب ته جيڪو هڪڙو ڪلام ٻُڌي ۽ معنيٰ ٻي وٺي.

v  آئون چوان ٿو: علم نُقطو آهي، عقل مند لاءِ اشارو ڪافي آهي.

رموز عاشقان عاشق بدانند
رموز پُختگان زنان چه دانند

[معنيٰ: عاشقن جون رمزون عاشق ئي ڄاڻن، پڪن پختن جون رمزون عورتون ڇا ڄاڻن.]

حافظ شيرازي چيوآهي:

آنکس ست  اهل بشارت  که  اشارت  داند
نکتها هست ولي محرم اسرار کجا  است

[معنيٰ: اشارن جي ڄاڻڻ وارا ئي اشارا سمجھن ٿا، نُڪتن جا اسرار آهن پر اهي  محرم راز ڪٿي آهن.!]

            سلطان الاولياء فرمايو: بادشاھ لاءِ وزير لازم آهي، جڏهن بادشاھ وٽ ڪاوڙ يا بربادي وارو ڪم آڏو ايندو آهي ته هو کيس نصيحت ڪندو آهي يا رد ڪرڻ جي صلاح ڏيندو آهي.

آئون چوان ٿو: حديث شريف ۾ آيو آهي ته:

اذا اراد الله بعبد خيراً جعل لہ وزيراً صالحاً

[ترجمو: الله سائين جڏهن ڪنهن ٻانهي سان ڀلائيءَ جو ارادو ڪندو آهي ته ان لاءِ صالح وزير (سٺو صلاحڪار) عطا ڪندو آهي.]

 عقلمندن وٽ ٻئي محتاج آهن. بادشاھ عقل جو محتاج آهي ۽ وزير بخت جو محتاج آهي. اهڙو گھٽ ماڻهو هوندا آهن، جنهن ۾ ٻئي شيون گڏ هجن.

شه  سليمان  آصف چون  وزير
نور بر نور است عنبر بر عنبير

[معنيٰ: جڏهن بادشاھ حضرت سليمان آهي ته آصف (بن برخيا) جھڙو وزير آهي. مطلب ته نور تي نور عنبر تي عنبير آهي.]

شاھ محمود و وزيرش چون اياز
باعث  خو بيست  بي حد  دراز

[معنيٰ: جڏهن بادشاھ سلطان محمود هجي ۽ وزير اياز هجي، تڏهن اها ڳالھ بيحد  وڏي خوبي جو سبب آهي.]

شاھ چون موسيٰ چون هارون وزير
نه چون فرعون و چون هامان نابصير

[معنيٰ: جڏهن بادشاھ حضرت موسيٰ هجي ته وزير حضرت هارون هجي. ليڪن بادشاھ فرعون جھڙو ۽ هامان جھڙو ناسمجھ وزير نه هجي.]

دل بود  بادشاھ تو عقل تو وزير
اي  چنين شاه و وزيري را بگير

[معنيٰ: دل تنهنجي بادشاھ هجي عقل تنهنجو وزير هجي اهڙي بادشاھ ۽ وزير کي وٺ.]
 

             سلطان الاولياء فرمايو: بيت:

اَحَبَّ قَلۡبۡي وَمَادَريٰ بَدَني
وَلَوۡ دَريٰ مَا قَامَ فاالسّمنيۡ

 [معنيٰ: منهنجي دل وڃي عشق ۾ ڦاٿي پر منهنجي بدن کي خبر نه پئي، جيڪڏهن بدن کي سمجھ هجي ها ته کائي پي ٿلهو نه ٿئي ها!]

v  آئون چوان ٿو: هي بيت شبلي جو آهي. هن ائين تڏهن چيو جڏهن ماڻهن شبليءَ کان محبت جي دعويٰ بابت پُڇيو ڇو ته هو بدن ۾ سڻڀو (ٿلهو) هو. مڪتوبات ۾ آهي ته “ياد ڪرد” واري حالت ۾ آرام ۽ قرار ڪونه هوندو آهي پر جڏهن “ياد داشت” وارو مقام حاصل ٿيندو آهي، تڏهن ان بي آرامي ۽ بي قراري مان ڇوٽڪارو ملندو آهي. ان ڪري کيس سگھوئي “حق اليقين” حاصل ٿيندو آهي، پوءِ جڏهن وٽس دوست وجود سان گڏ حاضر هوندو آهي، تڏهن کيس ان وقت تڪلف سان به نه ڇڏيندو آهي، ڇوته اتي قرار نه اچڻ جي صورت ئي ڪونهي. بلڪ هتي عشقِ مجازي جي خلاف (ان وقت) وڌيڪ قرب لاءِ عدم جميعت غالب ٿيندي آهي.

آنرا   که     در     سرائي نگار  است
فارغ از باغ بوستان تماشائي لاله زار است

[معنيٰ: جيڪو پاڻ محبوب جي محل ۾ آهي، اهو باغ  بُستانن جي تماشي کان واندو آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ماڻهو سمجھن ٿا ته الله جي محبت آسان شيءِ آهي. هو اهو نٿا سمجھن ته ان کان وڌيڪ سخت ۽ ڏکي شيءِ ڪابه نه آهي پر جنهن لاءِ الله آسان ڪري.

v  آئون چوان ٿو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

أَمْ حَسِبْتُمْ أَن تَدْخُلُوا الْجَنَّةَ وَلَمَّا يَأْتِكُم مَّثَلُ الَّذِينَ خَلَوْا مِن قَبْلِكُم مَّسَّتْهُمُ الْبَأْسَاءُ وَالضَّرَّاءُ [البقرة:214]

[ترجمو: ڀلا اوهان کي هيءُ خيال ڪيئن آيو آهي ته اوهين جنت ۾ داخل ٿيند‎‎ئو، هوڏانهن اوهان تي انهن جھڙي حالت پيش نه آئي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي گذري ويا، انهن کي سختي ۽ تڪليف سان مُنهن ڏيڻو پيو.]

هرکه عاشق شد اگر چه نازنين [11] عالم است
نازکي که راست  آيد  بار مي بايد  کشيد

[معنيٰ: جيڪو عاشق ٿيو ڀلي کڻي جھان جو نازڪ حسين هجي پران کي هاڻي عشق جي ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻي پوندي.!]

نقل: حضرت ذوالنون مصريءَ کان نقل ڪيو ويو آهي ته پاڻ هڪڙي هيڊي رنگ واري ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جنهن جو بدن ڪمزور هو. حضرت ذوالنون ان شخص کان پُڇيو ڇا تون عاشق آهين؟ همراھ جواب ڏنو ته هائو. وري کانئس پڇيائين ته تنهنجو معشوق ويجھو آهي يا پري؟ چيائين ويجھو آهي، هميشہ منهنجي گھر ۾ آهي ۽ مون سان  محبت ڪندڙ آهي بلڪ منهنجي نظرن جي اڳيان حاضر آهي. بزرگ چيو ته پوءِ اهو فراق ۽ جدائي ڪيئن ٿي؟ چيائين ته تون عاشقن جي احوال کان غافل آهين. بيشڪ ان حالت جي بدلجڻ  جو ڊپ وصال جي قُرب واري اُميد کان وڌيڪ سخت آهي.

چون فراقش ياد  مي آيد ز مو بار يڪ  تر گردم
چو روزي وصل ياد  دارم شوم در حال آن فربه

[معنيٰ: جڏهن هن جو فراق ياد پوي ٿو ته وار کان سنهو ٿي وڃان ٿو پر جڏهن هن جو وصل ياد پوي ٿو ته تندرست توانو ٿي پوان ٿو.]

حافظ شيرازي چيوآهي:

پرسيدم   از    طبيبي  احوال   دوست
گفتا في قُربِها عذاب وفي بُعدها سلامته

[معنيٰ: مون طبيب کان دوست جو احوال پُڇيو، چيائين ته ويجھڙائي ۾ عذاب آهي ۽ پري هجڻ ۾ سلامتي آهي.]

 

              سلطان الاولياء فرمايو:  جيڪڏهن طالب جي طلب جو مقصد سچو آهي ته ڪجھ حصو دنيا ۾ حاصل ڪندو ۽ ڪجھ نزع جي حالت ۾ نه ته مرڻ کانپوءِ يقيني حاصل ڪندو. اهو مقصد الله تعاليٰ جو قُرب آهي ۽ الله تعاليٰ جي قرب جي ڪا حد مقرر نه آهي. هر هڪ تي اهو قرب ظاهر ٿيندو آهي.

ذوق اين مئي نشناسي بخدا تا نه چشي

[معنيٰ: هن شراب جي لذت  تيستائين نه سمجھندين، جيستائين ان کي نه چکندين!.]

v  آئون چوان ٿو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَالَّذِينَ جَاهَدُوا فِينَا لَنَهْدِيَنَّهُمْ سُبُلَنَا [العنکبوت: 69]

[ترجمو: ۽ جن الله جي راھ ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪئي، تن کي اسين ضرور پنهنجا رستا ڏيکارينداسون.]

گر   نشايد  بدوست  ره  بردن
شرط ياري ست در طلب مُردن

[معنيٰ: جيڪو دوست  ڏانهن وڃڻ جو رستو نٿو ڄاڻي ته پوءِ ياري جو شرط يار جي طلب ۾ مرڻ آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: جنهن الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيا خطرا پنهنجي دل تان ميساريا، اهو فقيرن جي ٽولي ۾ داخل ٿيو.

v  آئون چوان ٿو: اهي ڪهڙا خطرا آهن جن ڏانهن مُرشد سائينءَ جو اشارو آهي. اهي خطرا هي آهن. (گناھ) اهو آهي جيڪو تنهنجي دل ۾ کُٽڪي.

غير خدا  هر چه  پرستند  هيچ  نيست
بي دولت است آنکه به هيچ اختيارکرد

[معنيٰ: جيڪي خدا کان سواءِ پوڄين ٿا اهو ڪجھ به نه آهي، اها دولت  تڇ آهي جيڪي اختيار ڪن ٿا.]

از حادثات در صف آن صوفيان گريز
گر  بود  غم  کنند  ز نابود  شادمان

[معنيٰ: اهڙن صوفين جي ڳالهين کان پري ڀڄ، ڇو ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪجھ هوندو آهي ته غم ڪندا آهن، نه هوندو اٿن ته خوش ٿيندا آهن.]

            سلطان الاولياء فرمايو: فقر جا طريقا گھڻا آهن جنهن به طريقي ۾ هلندا ته مقصد تائين پُهچندا.

آئون چوان ٿو: حضرت علي سائين رضه فرمايو ته :

”من طلب شيئاَ جدّ وجد

[يعني: جنهن طلب ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته ان کي لڌائين (اها شيءِ حاصل ڪيائين)].

توڙي جو طلب ۾ مري ويو، اهو شهيد ٿي مئو ۽ قيامت جي ڏينهن طلب ۽ حبّ جي ڪري اوليائن جي جماعت مان اُٿاريو ويندو.  جيئن حديث شريف ۾ آهي ته:

من احبّ قوماَ فهو منهم

[ترجمو: جيڪو جنهن قوم سان محبت ڪري ٿو ته پوءِ ( قيامت ۾) اهو انهن سان گڏ هوندو.]

            سلطان الاولياء فرمايو: ڪي فقير گُمان ڪن ٿا ته ذڪر ۾ ڪنڌ جو ڌوڻڻ مقصود آهي پر ائين هرگز نه آهي. بلڪ سيني جو آواز، ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ قرار يا  آرام جو نه هجڻ  يا سماع جي وقت وجد اهو شروعاتي [12] حال آهي، جيڪا ڪچائي آهي ۽ محققن (پڪن صوفين) وٽ غلط آهي.

v  آئون چوان ٿو: سنڌي بيت جي هيءَ مصرع ان ڳالھ تي دليل آهي:

سڄڻ جي سارين نڪي رونِ نه چونِ ڪي

مولانا رومي چيو آهي:

راه فاني گشته  راه  ديگر است
زانکه هوشياري راه ديگر است

[معنيٰ: فنا حاصل ڪرڻ وارو رستو ٻيو آهي ۽ هوشياري وارو رستو ٻيو آهي.]

عارف  آن  باشد  که او فاني بود
هرکه فاني نيست عارف کي بود

[معنيٰ: عارف اهو آهي جيڪو فاني ٿي چڪو هجي، جيڪو فاني نه آهي اهو عارف ڪيئن سڏبو؟]

             سلطان الاولياء فرمايو: فقير لاءِ اهو سامان ڪافي آهي جيڪو جيڪڏهن ڇڏي ڏئي ته دل ۾ کُٽڪو نه ٿئيس. جيڪڏهن کڻيس ته نه ٻَڌي (ايترو ٿورو هجي) .انهن ٻنهي کان وڌيڪ هلاڪت آهي.

آئون چوان ٿو: حديث شريف ۾ آيو آهي ته :

نجي الخففون وهلک المثقلون

[ترجمو: هلڪي بار وارا ڇوٽڪاري وارا ٿيا ۽ ڳري بار وارا هلاڪ ٿيا.]

           سلطان الاولياء فرمايو: اهو ٿورو جيڪو پُورائو ڪري، ان گھڻي کان ڀلو آهي جيڪو غافل ڪري.

آئون چوان ٿو: دنيا جو سامان طالوت جي نهر وانگر آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

إِنَّ اللَّهَ مُبْتَلِيكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنْهُ فَلَيْسَ مِنِّي وَمَن لَّمْ يَطْعَمْهُ فَإِنَّهُ مِنِّي إِلَّا مَنِ اغْتَرَفَ غُرْفَةً بِيَدِهِ [بقرة:249]

 [ترجمو: بيشڪ الله اوهان کي هڪ نديءَ سان آزمائڻ وارو آهي، پوءِ جيڪو ان مان پاڻي پيئندو سو منهنجو نه آهي ۽ جيڪو نه پيئندو اهو منهنجو آهي. مگر اهو جنهن پنهنجي هٿ سان (رڳو) هڪ لپَ ڀري پيتي.]

حُجَّة الاسلام امام غزالي فرمايوآهي ته دنيا جو سامان ست شيون آهن. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوَاتِ مِنَ النِّسَاءِ وَالْبَنِينَ وَالْقَنَاطِيرِ الْمُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْأَنْعَامِ وَالْحَرْثِ ذَ‌ٰلِكَ مَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا [آل عمران:14]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org