سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:25 

ضميمو -  ب

تڪمله الوَردِ المُحمدي

يعني:

[‘فتح الفضل’ جي فارسي ترجمي ۾ مترجم طرفان ڪيل اضافا ۽ سمجھاڻيون.]

 

فارسي مترجم ۽ شارح :

سيد نور علي شاهه بن سيد پير محمد لکوي

 

 فارسي ترجمي ۽ تاليف جو سال:

1239ھ مطابق 1823ع

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

سپاس بيقياس مر يگانه را که بارگاه احديت او از دوگانه منزه ومبرا ست
وستايش و ثنايش مر منعمي را که از خوان يغمايش بهرياب هر بينوا ست
و درود نا معدود از ايزد ودود به محمود که صاحب مازاغ البصر وما طغيٰ ست
و بر آل خير مآل او که معين دين متين و ذي ورع  و اهتديٰ ست
و بر يارانِ او که موصوف بصدق و عدل و حيا و سخا ست
و بر اصحاب و تابعان او که در هدايت مانند ستارگان سما ست.

 

[سڀ تعريف خاص هڪ جي جنهن جي اڪيلي درگاھ آهي، اهو شريڪ کان پاڪ آهي. تعريف ۽ ثنا اُن خاص نعمت ڪندڙ لاءِ جو سندس مفت دسترخاني مان هر مُحتاج کي حصو مليو آهي. لامحدود  درود اَلله پيار ڪندڙ کان تعريف ڪيل محمد ﷺتي، جنهن جي اَکِ نه لڙي ۽ نه سرڪشي ڪيائين. ۽ سندس ڀليءَ اولاد تي، جيڪي دين سڳوري جا مدد گار، پرهيزگار ۽ هدايت وارا آهن. ۽ سندس يارن تي جنهن جي تعريف، سچ، عدل، حيا ۽ سخا سان ڪيل آهي ۽ سندس اصحابن ۽ تابعدارن تي، جيڪي هدايت ۾ آسمان جي سِتارن وانگر آهن.]

ان کان پوءِ الله جي ٻانهن ۾ گھٽ درجي وارو، اڪيلي روشني ڏيندڙ جو بندو فقير نور علي پٽ سيد پير محمد لڪعلوي حسيني رهندڙ لکي پرڳڻو جتوئي سرڪار بکر جو، اَلله ان کي معاف ڪري ۽ ان جي نفس جا عيب ڍڪي. دوستن ۽ ڀائرن کي عرض ٿو ڪري ته هن ڪتاب سڳوري ‘فتح الفضل’ ۾ مشغول ٿيڻ، جيڪو صاحبِ ولايت ۽ طبع السليم شيخ عبدالرحيم جي تصنيف آهي، جيڪو جامع معقولات وڏي مرشد سائين (سلطان اولياء) قدس سره (جي ڪامل خليفن مان هو) جو فارسي پڙهندڙن کي سمجھ ۾ نه پيو اچي، تنهنڪري جناب رشد اڪتساب، قدوة الارباب معاني، عمدہ اصحاب مباني، واقف اسرار نهاني، عارف معارف وجداني، حاوي الفروع والاصول، جامع المعقول والمنقول، مجمع البحرين، مڪمن النورين، مرجع الاخيار والاوتاد، قطب المدار والارشاد، محبوب ايزد متعال، مرغوب رسولِ خصال (تعريف ان لال جي جڏهن بيان ڪجي، ته سندس وصف ۾ درياء به حيران رهجي وڃي) مرشدنا و هادينا اليٰ الله الامجد، حضرت ميان صاحب (خواجه محبوب الصمد) ميان گل محمّد رهندڙ لواري شريف قدس سرہ الباري، شال! اسان تي سندس فيض جي درياء مان پالوٽ هجي. کين کي ڪن وڏن دوستن عرض ڪيو ته هن ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي سمجھ ۾ اچي سگهي. پاڻ جناب حضرت قدس سِرہ العنان همت ولاهنمت مهربان ٿي ان جي ترجمي ۽ ڪجھ فائدن ۽ اضافن لکڻ ۾ مشغول ٿيا ۽ نالو ان جو ‘وَردِ مُحمدي’ رکيائون. پاڻ جڏهن “عارف بالله جنهن کي جھان سڃاڻندو آهي يا جنهن سان جھان کي سڃاڻبو آهي” (ارشاد 243 تي پهتا، تڏهن) پنهنجي ربّ ڏي موٽُ واري شراب جو پيالو پيتائون، هن فاني جھان مان پنهنجو سامان ٻڌائون ۽ چئن هٿن جي زمين ۾ وڃي داخل ٿيا ۽ عاشقن جي دلين تي ائين ارمان جو داغ ڇڏيائون، جيئن ڀِتِ تي نقش رهيو. جڏهن محبوب هٿ مان ويو، ‘انالله وانااليہ راجعون’. گهڻو وقت ائين گُذري ويوِ ۽ ڳالھ ميسارجي رهي هئي. هن فقير بارگاھ عرش پناھ، قدوة الاولياء (اوليائن جو اڳواڻ)، زبدة الاصفياء والاتقياء، عالم رموز مقطعات (حروف مقطعات جي رمزن کي ڄاڻندڙ)، ڪاشف ڪنوز متشابهات (متشابهات جي کاڻين کي کوليندڙ)، محبوب ربّ البريات (مخلوقات جي ربّ جو محبوب)، مطلوب سيد المخلوقات (مخلوقات جي سردار جي مطلوب).

آنکه نگين گشته در حلقه اوليا
چو در انبيا خاتم انبيا

[جيڪو وليّن جي حلقي ۾ منڊيءَ جي ٽِڪَ آهي، جيئن نبين ۾ آخري نبي.]

چو جبريل در راهِ عرفان دليل

نبي را حبيب و خدا را خليل

[عرفان جي راھ ۾ جبريل وانگررهنما، هو نبيءَ جو پيارو۽ اَلله جو دوست آهي.]

نگين يد خاتم انبيا
کنون وارد اين خرد اوليا

[آخري نبيءَ جي منڊيءَ جي ٽِڪ جو مرتبو رکندڙ ۽ هاڻي سمجھ وارن وليّن جو سردار آهي.]

انسانيت وارو صاحب، مالڪ صفة العرفانية (معرفت جي صفت جو مالڪ)، قطبِ جھان، قيوم زمان، حضرت ميان (غوث العالم خواجه) محمّد زمان (قدس سره) الله شال! سندس عُمر ڊگهي ڪري ۽ دائمي رهي ۽ سندس مهربانين جا پاڇا اسان جي مٿان هميشہ رهن. (مون حضور ۾) عرض ڪيو ته ‘وَردِ مُحمّدي’ کي پورو ڪريو ته جيئن طالبن کي ڪلي ۽ جُزوي فائدو حاصل ٿئي. تڏهن هن فقير کي حُڪم ڪيائون ته توهان اُن کي پوري ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي،  عاشقن جي مجلس ۽ طالبن جي محفل کي سينگاريو. هن عاجز کي گھڻي وقت کان هن ڪتاب جو اهوئي خيال هيو. آخرڪار هن ڪتاب ‘فتح الفضل’ کي ‘وَردِ مُحمّدي’ جي عنوان سان لکي پورو ڪيم ۽ ان جو نالو ‘تڪملة الوَردِ’ رکيم. اميد ته مقبول بارگاه صمديت و قطبيت ۾ قبول پوندو ۽ طالبن کي فائدو ڏيندو. الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ احسان سان دوستن ۾ هيءَ اُميد ٿو رکان ته جيڪڏهن غلطي يا ڪا خطا ٿي وئي هجي ته ان کي مهرباني جي قلم سان صحيح فرمائين ۽ عيب نه ڪڍڻ فرمائين.

بپوش گر بخطائي رسي طعنه مزن
که هيچ نفس بشر خالي از خطا نبود

[جيڪڏهن ڪنهن جي غلطي ڏسين ته ٽوڪ نه ڪر بلڪ اُن کي ڍَڪِ، ڇو ته ڪو به انسان خطا کان خالي نه هوندو آهي.]

هن تاليف جي پوري ٿيڻ جو سال لفظ:  ‘ تڪملة الوَردِ حق’ مان نڪري ٿو.

                                                                   1339ھ

والله المستعان وعليہ التوڪلان

[۽ بيشڪ الله تعاليٰ کان مدد گهران ٿو ۽ اُن تي ئي ڀروسو ڪريان ٿو.]

ارشادات جو شرح

[274] اصل جي تشريح ڪندي ان کي “لاتعين” جي نقشبندي اصطلاح سان واضح ڪري ٿو ۽ وڌيڪ لکي ٿو: يعني (سالڪ) پنهنجو پاڻ کي واجب الوجود ۾ فنا ڪري سهڻن اخلاقن سان پاڻ کي سينگاري ٿو ۽ ياد حق جي حوالي ٿي وڃي ٿو. اتي سندس بشري قوتون ختم ٿي وڃن ٿيون. ڇو جو اتي

يدالله فوق ايديهم

يعني الله جو هٿ هنن جي هٿن مٿان آهي ۽ “بي يبصر و بي يبطش” يعني سالڪ هن سان ڏسي ٿو ۽ هن سان هلي ٿو. جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو.

جيئن ڪنهن چيو آهي:

چون  رسي  باصل  آيد  در نظر

اين وجود است لا تعين، اي پسر

[معنيٰ: جڏهن تون اصل (حقيقت، توڙ) تائين پهچي وئين ته توکي ائين نظر ايندو ته هي وجود ڪا شيءِ نه آهي، اي پٽڙا!]

سيد نور علي لکوي فارسي ترجمو ڪندي اڪثر هنڌن تي جتي گرهوڙي ڪنهن ڪتاب جو نالو وٺي ٿو اتي لکوي ان ڪتاب جي مصنف جي نالي جي چٽائي پڻ ڪري ٿو. جيئن ‘رشحات’ جي مصنف جو لقب “صفي الدين” لکي ٿو. جيتوڻيڪ اهو مڪمل نالو ناهي، ڇو ته اصل نالو فخرالدين علي بن حسين واعظ ڪاشفي (867ھ -939ھ) آهي.

[282] “مقام محمدي” جي تشريح ڪندي لکي ٿو: اهو “وصل عرياني” آهي. جنهن کي تجلي “ذوقي” ۽ “برقي” پڻ چون ٿا، جيئن سلطان العارفين ( خواجه گل محمد) پنهنجي ڪتاب .“وَردِ المحمدي” ۾ ان جي شافي ۽ ڪافي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

[283] “حجره” لفظ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ان مان مراد “خلوت در انجمن” آهي.

[292] مرشد جي تعريف جي حوالي سان وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: اهو تصرف هن ظاهري دل جيڪا کٻي ببي جي هيٺان آهي، توڻي اها دل جيڪا عالم ارواح سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو آشيانو اهو گوشت جو ٽڪر آهي.

[301] هتي “حقيقت محمدي” جي تشريح “تجلي ذوقي ۽ برقي” ۽ “وصل عرياني” سان ڪري ٿو.

[314] هتي هيٺين شعر جو اضافو ملي ٿو:

نه بشر گويمت اي دوست نه حور و نه پري

اين همہ بر تو حجاب ست تو چيزي ديگري

[327] خواجه ابوالمساڪين جي نالي پٺيان هي اضافو آهي: هو قيوم الزمان ميان محمد زمان جو مرشد آهي، جيڪو وري تاج العارفين ميان گل محمد جو والد ۽ مرشد آهي، جيڪو حقيقت جو والي ۽ هن حقير مولف (نور علي شاھ) جو مرشد آهي.

[342] مخدوم آدم ٺٽويءَ لاءِ اضافو ڪندي لکي ٿو: هن جي اولاد (مان خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي) جو مرشد خواجه محمد زڪي آهي. جيئن سلطان العارفين (خواجه گل محمد) پنهنجي ڪتاب ‘ورد المحمدي’ ۾ فرمايو آهي. 

[367] هن ۾ مثنوي روميءَ جي هيءَ مصرع:

عالمي خواهم ازين عالم بدر

جي تشريح ڪندي هي اضافو ڪري ٿو: انهيءَ بيروني يا خارجي عالم ۾ شوق کانسواءِ ٻي ڪا مشغولي ناهي ۽ بي سمجھ ٿيڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اتي آفاق ۽ انفس لاءِ به آرام ڪونهي ۽ اتي سڪون حاصل نٿو ٿي سگھي. ڇو ته اها اهڙي قسم جي باھ آهي، جنهن تان هزارين بهشت قربان ڪري ڇڏجن. اها اهڙي عنايت جو ڄڻ دوزخ جا طبقا هجن، پر عاشق آهن جيڪي ان جاءِ تي سندس ديدار جا بيحد مشتاق آهن ۽ ڦٽيل دلين وارا دل جي آئينن ۾ کيس پيا ڳولين ته ڪڏهن ٿا مطلق جمال جو جلوو پسن. ڇو ته اها سڄي پريشاني ان ڳالھ تي مدار رکي ٿي ته اهو مالڪ سائين پاڻ ڪنهن کي ٿو گھري يا نوازي.

[388] هن ۾ هيٺيون اضافو ملي ٿو: علم هڪ نقطو آهي ۽ ذات سمنڊ آهي، سمنڊ نقطي ۾ نٿو سمائجي سگھي. ليڪن خدا جي عنايت صوفي سان شامل حال ٿئي ٿي ته اهو سمنڊ علم جي نقطي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيئن اک جي ماڻڪيءَ ۾ شبيھ ۽ آئيني ۾ شڪل يا صورت نظر ايندي آهي مولوي روميءَ جو هي بيت ان جو شاهد آهي. والله اعلم.

علم حق در علم صوفي گم شود

اين سخن ڪي باور  بر دم شود

معنيٰ: حق تعاليٰ جو علم صوفي جي علم ۾ گم(شامل) ٿئي ٿو. پر اها ڳالھ  عام ماڻهن کي سمجھ ۾ نٿي اچي.

[411]  جڏهن ڪنهن عارف نفي کان اڳتي ڇا آهي؟ وارو سوال ڪيو ان بابت حاشيي ۾ شايد ڪاتب طرفان لکيو ويو آهي ته اهو سيد عبداللطيف يعني اهو شاھ عبداللطيف ڀٽائي هو.

[423] هن ۾ ‘فائده زائده’ کانپوءِ هي اضافو آهي: هن طريقي بابت اختصار سان اهو ئي لکڻ مناسب آهي ته جڏهن نيڪ بخت سالڪ کي پنهنجي جسم تي غلبو حاصل ٿي ويو ته ان کانپوءِ هر لطيفو جيڪا مناسبت رکندڙ آهي يا قلب جيڪو سڀني لطيفن جو آماجگاھ آهي يا لطيفو نفسي جنهن جي جاءِ دماغ جو مٿيون حصو آهي، سي سڀ رستا مٿس کلي پون ٿا. سندس وجود ٻئي وجود جيان عالم مثال جي راھ تي پرواز ڪري ٿو. پوءِ جيترو سندس ذڪر تيز ۽ گھڻو آهي اوترو سندس سير به تيز تر ٿئي ٿو. سالڪ کي وقت بوقت مختلف انوار جيڪي چمڪندڙ ٿين ٿا يا باھ جي شعلي وانگر ٻرندڙ آهن يا بلڪ ڪاري دونهي جيان آهن نظر اچڻ لڳندا آهن. سالڪ کي گھرجي ته پنهنجي نظرن کي ڄمائي رکي ۽ هن طرف ڌيان نه ڏئي. ائين چئن عناصرن مان گذري افلاڪ تائين پهچي ٿو پوءِ ڪن کي افلاڪ جو تفصيلي سير حاصل ٿئي ٿو ته ڪن کي وري مختصر حصو ملي ٿو. اهڙي طرح سير افلاڪ کان گذري عرش جي ٿنڀن تائين پهچي ٿو جنهن کي ڪرسي چون ٿا. اهو سير مٿس ڳاڙهي يا سائي رنگ ۾ منڪشف ٿئي ٿو. پوءِ وري سندس سير  کيس عرش تائين وٺي وڃي ٿو جتي مٿس اهڙا گونا گون انوار تجلي ڪن ٿا جو ڪي سالڪ هوش ۽ عقل وڃائي ويهن ٿا. خاص طور جڏهن مٿن ڪبريائي عظمت ۽ ھيبت تاري ٿئي ٿي. اتي ئي هو لا مڪان ۾ قدم رکن ٿا جتي ڇهن طرفن مان ڪو طرف ڪونهي ۽ حيراني سندن رهنمائي ڪري ٿي. ليڪن اتي قادر جي قدرت سان پير مرشد جي دستگيريءَ سان هنن لاءِ راھ پيدا ٿي پوي ٿي جنهن جي ڪا هيٺ مٿانهين ناهي. اتي آفاق جي تڪميل يا پڄاڻي ٿئي ٿي. ان کان اڳتي سير انفسي شروع ٿئي ٿو جيڪو آفاق جي مقابلي ۾ تيزي سان ظاهر ٿئي ٿو. اتي ذات ۽ صفات جي ڪاراڻ ۽ روشنائي گھٽ ٿيڻ واري ناهي ۽ سالڪ کي گھڻو ڪري اهو ئي نظر اچي ٿو. بھرحال سالڪ کي انوارن طرف ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهڻ کپي ته جيئن بشري ڪمزوريون ۽ اوڻايون آهستي آهستي فنا ٿي وڃن ۽ اتي سهڻا اخلاق پيدا ٿي پون. اتي وجود ڪڏهن هڪ خيال وانگر نظر اچي ٿو جڏهن پير ۽ خدا تعاليٰ جي ياد کان غافل ٿئي ٿو. دنيا جي حياتي تي نظر ڪونه ٿي پوي ڇو ته سالڪ جو قلب غير جي خطرن کان خالي ٿيڻ سان آئيني بنجڻ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن ذات مطلق منجهس خود بخود جلوو ۽ تجلي ڪندي جنهن لاءِ ذاتي لياقتن جو سهڻو ۽ صاف هجڻ ضروري آهي، ان کي ”ولايت صغريٰ“ چون ٿا ۽ اتي ذات جو ظهور دل جي صفائي مطابق ٿئي ٿو.

ان کان اڳتي پهرين وانگر وري عروج جو ظهور ٿيندو آهي جتي اجمال نئين طرح تفصيلي طور ظاهر ٿئي ٿو ۽ نور جا پردا آهستي آهستي هٽي وڃن ٿا ۽ ذات جو جلوو ٿئي ٿو. پر هتي اها نسبت اڳئين جي مقابلي ۾ وڌيڪ صاف ۽ روشن ٿي پوي ٿي ڇو ته دل ۾ به ايتري صفائي اچي وڃي ٿي ۽ ان کي “ولايت ڪبريٰ” چون ٿا. اتي پهچڻ کانپوءِ نزول ٿئي ٿو ۽ محقق صوفي جو ٻيهر عروج اڳي کان تمام تيز ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ۾ سڀ منزلون طئي ڪري محبوب حقيقي جي ديدار سان مشرف ٿئي ٿو. انهي کي “ولايت عليا” چون ٿا. ۽ اهو ڏينهن پنجاھ هزار سالن جي برابر آهي، ان کان بعد شين جي اصولي سير جو وارو اچي ٿو جتي ويهڻ جي جاءِ چئن سنهڙن وارن جيتري ٿي پوي ٿي. والله اعلم بالصواب.

کدام روز شود از حبيب وعده وصال

که عمر برتر از چهل شد به پنجه سال!

[معنيٰ: الائجي ڪهڙي ڏينهن محبوب سان ملڻ جو واعدو پورو ٿيندو؟ ڇو ته منهنجي عمر چاليهن کان ٽپي پنجاھ سال ٿي وئي آهي؟!]

يعني الله جو هٿ هنن جي هٿن مٿان آهي ۽ “بي يبصر و بي يبطش” يعني سالڪ هن سان ڏسي ٿو ۽ هن سان هلي ٿو. جو جلوو ظاهر ٿئي ٿو.

جيئن ڪنهن چيو آهي:

چون  رسي  باصل  آيد  در نظر

اين وجود است لا تعين، اي پسر

[معنيٰ: جڏهن تون اصل (حقيقت، توڙ) تائين پهچي وئين ته توکي ائين نظر ايندو ته هي وجود ڪا شيءِ نه آهي، اي پٽڙا!]

سيد نور علي لکوي فارسي ترجمو ڪندي اڪثر هنڌن تي جتي گرهوڙي ڪنهن ڪتاب جو نالو وٺي ٿو اتي لکوي ان ڪتاب جي مصنف جي نالي جي چٽائي پڻ ڪري ٿو. جيئن ‘رشحات’ جي مصنف جو لقب “صفي الدين” لکي ٿو. جيتوڻيڪ اهو مڪمل نالو ناهي، ڇو ته اصل نالو فخرالدين علي بن حسين واعظ ڪاشفي (867ھ -939ھ) آهي.

[282] “مقام محمدي” جي تشريح ڪندي لکي ٿو: اهو “وصل عرياني” آهي. جنهن کي تجلي “ذوقي” ۽ “برقي” پڻ چون ٿا، جيئن سلطان العارفين ( خواجه گل محمد) پنهنجي ڪتاب .“وَردِ المحمدي” ۾ ان جي شافي ۽ ڪافي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

[283] “حجره” لفظ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ان مان مراد “خلوت در انجمن” آهي.

[292] مرشد جي تعريف جي حوالي سان وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: اهو تصرف هن ظاهري دل جيڪا کٻي ببي جي هيٺان آهي، توڻي اها دل جيڪا عالم ارواح سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو آشيانو اهو گوشت جو ٽڪر آهي.

[301] هتي “حقيقت محمدي” جي تشريح “تجلي ذوقي ۽ برقي” ۽ “وصل عرياني” سان ڪري ٿو.

[314] هتي هيٺين شعر جو اضافو ملي ٿو:

نه بشر گويمت اي دوست نه حور و نه پري

اين همہ بر تو حجاب ست تو چيزي ديگري

[327] خواجه ابوالمساڪين جي نالي پٺيان هي اضافو آهي: هو قيوم الزمان ميان محمد زمان جو مرشد آهي، جيڪو وري تاج العارفين ميان گل محمد جو والد ۽ مرشد آهي، جيڪو حقيقت جو والي ۽ هن حقير مولف (نور علي شاھ) جو مرشد آهي.

[342] مخدوم آدم ٺٽويءَ لاءِ اضافو ڪندي لکي ٿو: هن جي اولاد (مان خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي) جو مرشد خواجه محمد زڪي آهي. جيئن سلطان العارفين (خواجه گل محمد) پنهنجي ڪتاب ‘ورد المحمدي’ ۾ فرمايو آهي. 

[367] هن ۾ مثنوي روميءَ جي هيءَ مصرع:

عالمي خواهم ازين عالم بدر

جي تشريح ڪندي هي اضافو ڪري ٿو: انهيءَ بيروني يا خارجي عالم ۾ شوق کانسواءِ ٻي ڪا مشغولي ناهي ۽ بي سمجھ ٿيڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اتي آفاق ۽ انفس لاءِ به آرام ڪونهي ۽ اتي سڪون حاصل نٿو ٿي سگھي. ڇو ته اها اهڙي قسم جي باھ آهي، جنهن تان هزارين بهشت قربان ڪري ڇڏجن. اها اهڙي عنايت جو ڄڻ دوزخ جا طبقا هجن، پر عاشق آهن جيڪي ان جاءِ تي سندس ديدار جا بيحد مشتاق آهن ۽ ڦٽيل دلين وارا دل جي آئينن ۾ کيس پيا ڳولين ته ڪڏهن ٿا مطلق جمال جو جلوو پسن. ڇو ته اها سڄي پريشاني ان ڳالھ تي مدار رکي ٿي ته اهو مالڪ سائين پاڻ ڪنهن کي ٿو گھري يا نوازي.

[388] هن ۾ هيٺيون اضافو ملي ٿو: علم هڪ نقطو آهي ۽ ذات سمنڊ آهي، سمنڊ نقطي ۾ نٿو سمائجي سگھي. ليڪن خدا جي عنايت صوفي سان شامل حال ٿئي ٿي ته اهو سمنڊ علم جي نقطي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيئن اک جي ماڻڪيءَ ۾ شبيھ ۽ آئيني ۾ شڪل يا صورت نظر ايندي آهي مولوي روميءَ جو هي بيت ان جو شاهد آهي. والله اعلم.

علم حق در علم صوفي گم شود

اين سخن ڪي باور  بر دم شود

معنيٰ: حق تعاليٰ جو علم صوفي جي علم ۾ گم(شامل) ٿئي ٿو. پر اها ڳالھ  عام ماڻهن کي سمجھ ۾ نٿي اچي.

[411]  جڏهن ڪنهن عارف نفي کان اڳتي ڇا آهي؟ وارو سوال ڪيو ان بابت حاشيي ۾ شايد ڪاتب طرفان لکيو ويو آهي ته اهو سيد عبداللطيف يعني اهو شاھ عبداللطيف ڀٽائي هو.

[423] هن ۾ ‘فائده زائده’ کانپوءِ هي اضافو آهي: هن طريقي بابت اختصار سان اهو ئي لکڻ مناسب آهي ته جڏهن نيڪ بخت سالڪ کي پنهنجي جسم تي غلبو حاصل ٿي ويو ته ان کانپوءِ هر لطيفو جيڪا مناسبت رکندڙ آهي يا قلب جيڪو سڀني لطيفن جو آماجگاھ آهي يا لطيفو نفسي جنهن جي جاءِ دماغ جو مٿيون حصو آهي، سي سڀ رستا مٿس کلي پون ٿا. سندس وجود ٻئي وجود جيان عالم مثال جي راھ تي پرواز ڪري ٿو. پوءِ جيترو سندس ذڪر تيز ۽ گھڻو آهي اوترو سندس سير به تيز تر ٿئي ٿو. سالڪ کي وقت بوقت مختلف انوار جيڪي چمڪندڙ ٿين ٿا يا باھ جي شعلي وانگر ٻرندڙ آهن يا بلڪ ڪاري دونهي جيان آهن نظر اچڻ لڳندا آهن. سالڪ کي گھرجي ته پنهنجي نظرن کي ڄمائي رکي ۽ هن طرف ڌيان نه ڏئي. ائين چئن عناصرن مان گذري افلاڪ تائين پهچي ٿو پوءِ ڪن کي افلاڪ جو تفصيلي سير حاصل ٿئي ٿو ته ڪن کي وري مختصر حصو ملي ٿو. اهڙي طرح سير افلاڪ کان گذري عرش جي ٿنڀن تائين پهچي ٿو جنهن کي ڪرسي چون ٿا. اهو سير مٿس ڳاڙهي يا سائي رنگ ۾ منڪشف ٿئي ٿو. پوءِ وري سندس سير  کيس عرش تائين وٺي وڃي ٿو جتي مٿس اهڙا گونا گون انوار تجلي ڪن ٿا جو ڪي سالڪ هوش ۽ عقل وڃائي ويهن ٿا. خاص طور جڏهن مٿن ڪبريائي عظمت ۽ ھيبت تاري ٿئي ٿي. اتي ئي هو لا مڪان ۾ قدم رکن ٿا جتي ڇهن طرفن مان ڪو طرف ڪونهي ۽ حيراني سندن رهنمائي ڪري ٿي. ليڪن اتي قادر جي قدرت سان پير مرشد جي دستگيريءَ سان هنن لاءِ راھ پيدا ٿي پوي ٿي جنهن جي ڪا هيٺ مٿانهين ناهي. اتي آفاق جي تڪميل يا پڄاڻي ٿئي ٿي. ان کان اڳتي سير انفسي شروع ٿئي ٿو جيڪو آفاق جي مقابلي ۾ تيزي سان ظاهر ٿئي ٿو. اتي ذات ۽ صفات جي ڪاراڻ ۽ روشنائي گھٽ ٿيڻ واري ناهي ۽ سالڪ کي گھڻو ڪري اهو ئي نظر اچي ٿو. بھرحال سالڪ کي انوارن طرف ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهڻ کپي ته جيئن بشري ڪمزوريون ۽ اوڻايون آهستي آهستي فنا ٿي وڃن ۽ اتي سهڻا اخلاق پيدا ٿي پون. اتي وجود ڪڏهن هڪ خيال وانگر نظر اچي ٿو جڏهن پير ۽ خدا تعاليٰ جي ياد کان غافل ٿئي ٿو. دنيا جي حياتي تي نظر ڪونه ٿي پوي ڇو ته سالڪ جو قلب غير جي خطرن کان خالي ٿيڻ سان آئيني بنجڻ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن ذات مطلق منجهس خود بخود جلوو ۽ تجلي ڪندي جنهن لاءِ ذاتي لياقتن جو سهڻو ۽ صاف هجڻ ضروري آهي، ان کي ”ولايت صغريٰ“ چون ٿا ۽ اتي ذات جو ظهور دل جي صفائي مطابق ٿئي ٿو.

ان کان اڳتي پهرين وانگر وري عروج جو ظهور ٿيندو آهي جتي اجمال نئين طرح تفصيلي طور ظاهر ٿئي ٿو ۽ نور جا پردا آهستي آهستي هٽي وڃن ٿا ۽ ذات جو جلوو ٿئي ٿو. پر هتي اها نسبت اڳئين جي مقابلي ۾ وڌيڪ صاف ۽ روشن ٿي پوي ٿي ڇو ته دل ۾ به ايتري صفائي اچي وڃي ٿي ۽ ان کي “ولايت ڪبريٰ” چون ٿا. اتي پهچڻ کانپوءِ نزول ٿئي ٿو ۽ محقق صوفي جو ٻيهر عروج اڳي کان تمام تيز ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ۾ سڀ منزلون طئي ڪري محبوب حقيقي جي ديدار سان مشرف ٿئي ٿو. انهي کي “ولايت عليا” چون ٿا. ۽ اهو ڏينهن پنجاھ هزار سالن جي برابر آهي، ان کان بعد شين جي اصولي سير جو وارو اچي ٿو جتي ويهڻ جي جاءِ چئن سنهڙن وارن جيتري ٿي پوي ٿي. والله اعلم بالصواب.

کدام روز شود از حبيب وعده وصال

که عمر برتر از چهل شد به پنجه سال!

[معنيٰ: الائجي ڪهڙي ڏينهن محبوب سان ملڻ جو واعدو پورو ٿيندو؟ ڇو ته منهنجي عمر چاليهن کان ٽپي پنجاھ سال ٿي وئي آهي؟!]

گرهوڙيءَ جا اشعار جيڪي متن ۾ آيل آهن

 

1.      هر  که  او  تابعش   بشرع  رسد
او
 اصول   الفقہ   و راه   رسد
                                  [ق : 6]

2.     اصل  الفقہ    چيست    راه نما
شاه
   آن   مرشد    ست   راه نما
                                  [ق : 6]

3.     مرد    جامع    رسد     بالاجماع
در
   ذلالت  رسد    جهل  و نزاع
                                  [ق : 6]

4.     نفس چون نيست  در درون  باقي
جمله
  اش   جمله   را  شود  ساقي
                                  [ق : 6]

5.     قبط  را خون  و سبط  را صافي
همچو
  قرآن   مضلّ  شود هادي
                                  [ق : 6]

6.     بنده   با تدبير  را بيرون  ز  دنيا   راه   نيست
سوزن عيسيٰ حجاب است جز مجرد شاه نيست
                                         [ق : 12]

7.     موافق بصادق صدق گفته اند
دگر  هر  چه باشد لغو ديده اند
                                 [ق : 34]

8.     فما  جاز  فتويٰ خلا عن دليل
اتيٰ ملزم الحڪم غير العليل
                                 [ق : 34]

9.    چو خواهي که مفتي شوي در ديار
برو   علم   من   اَينَ   قُلنا   بيار
                                 [ق : 34]

10. اين  خلاف  ز  سلف  در   تفسير
غالبش
   از   مثال   يا    تعبير
                                 [ق : 38]

11.  شرح   جائز   بمرادف   وتمثيل
ليک
 تخصيص  خطا  جز بدليل
                                 [ق : 38]

12. تبطن  وحشو  هر دو کوري بدان
دوخانه ودو کلب  سخن  عالمان
                                 [ق : 40]

13. هر  چه  بيني بشرح موجود است
شرح موجود  کشف مقصود است
                                 [ق : 41]

14. محال است حکم برذات عزيز
مگر
 چون بوجهي بگردد تميز
                                 [ق : 63]

15. راه  ما   چيست  راه  مسنوني
رابطه
 چون  برائي  بيچوني
                                 [ق : 97]

16. مگو فيض موقوف  براين  وآن
که
 مانع  بود خلق را ظن  شان
                               [ق : 226]

17. تصوف  رضا  با  چنين  و  چنان
که مقصود مطلق نه اطوار آن.
                               [ق : 226]

18. عشق   اشياء را  مُقوّم دان
ورنه هر
 شيءِ مظهر رحمان
                               [ق : 265]

19.          يخالفُ  قواعد العصر ومکان
پسر وقت
 باشد خبر هر زمان
                               [ق : 275]

20.         آيات بينّات   علم  نقشبنديان
اوهام
  باطلات خيالات بنديان
                               [ق : 303]

21. هست مغفوري  بقدر خير خواهي غافري
رحمت للعالمين شو تاز رحمت بر خوري
                                       [ق : 399]

22.         سفسطائي    نشوي  که  برهي
زين علم کوشده  حجاب شهي
                               [ق : 411]

23.         نيم  لا  ادري  هست  نيم  دگر
انما 
   العلم   عند   الله  نگر
                               [ق : 411]

24.         پيش  از  تمام  کار  اگر بر کردي
هر   چه   کردي   تمام   شر  کردي
                               [ق : 446]

 

تعليقات فتح الفضل

تشريحي حوالا

 

ص 1: جوڳي پنهنجي جوءِ وئا.............. اڌ ڪُــٺــا  آرام لــــئـــه.

هي گرهوڙي صاحب جو پنهنجو چيل بيت آهي ۽ قلمي نسخن ۾ ان ريت ملي ٿو. اسان وٽ جيڪو 1318ھ ۾ لکيل قلمي نسخو آهي، ان ۾ هي بيت سڀ کان اول آهي. ليڪن ڊاڪٽر دائود پوٽي ان کي سر رامڪلي ۾ ٻئي نمبر تي رکيو آهي. ياد رهي ته ڪلام گرهوڙي کي سرن ۾ ورهائڻ جو ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي جو آهي، اصل نسخن ۾ ائين نه آهي.

        ڪلام گرهوڙي_ دائود پوٽو،ص 262،

        ڪلام گرهوڙي_ قلمي سال 1318ھ/ 1900ع ص229

ص1: مُصحف المؤمن صدره

هن حديث يا قول بابت ڪا خبر پئجي نه سگھي.

ص1: ان الڪلام لفي الفواد..................علي الفواد دليلا

هن عربي شعر بابت خبر نه پئجي سگھي ته ڪنهن جو آهي، البت اهو ساڳيو شعر امام غزاليءَ جي تصنيف “الاقتصاد في الاعتقاد” ۾ پڻ ملي ٿو.       

                                                     علم الڪلام – اردو- ص86

ص1:      هر زمان  گر .................. لباس را چه خلل

هي شعر شاھ ولي الله جي مشهور تصنيف “همعات” ۾ هن ريت ملي ٿو:

دم بدم گر  شود  لباس  بدل

مرد صاحب لباس را چه خلل

هو ان جو مطلب هينئن ٻڌائي ٿو ته اصل ڳالھ الاهي عنايت آهي. پوءِ اهو جذبو ۽ تاثير جنهن کي ملي ان لاءِ ڪنهن خاص ماڻهو يا نسل جو قيد ناهي.                        

همعات اردو - ص 48

ص1: زورا

هي ڪتاب جلال الدين دوّاني (830_908ھ) جي تصنيف آهي، هو نائين صدي هجريءَ جو مشهور عالم معقولات ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. هن سموري تعليم شيراز ۾ مڪمل ڪئي، سندس والد به وڏو عالم هو. سندس علمي شهرت جي ڪري وقت جي حاڪمن وٽ پڻ گھڻي مقبوليت هئي ۽ هو فارس جو قاضي القضات مقرر ٿيو. هو ڪيترن ڪتابن جو شارح آهي، جن ۾ شرح تجريد، شرح مطالع ۽ شرح عضدي قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ هن اشراقي فلسفي شيخ شهاب الدين جي ‘هياڪل النور’ جي ‘شرح هياڪل النور’ نالي سان لکي. فارسي ۾‘اخلاق جلالي’ سندس تصنيف آهي. جنهن جوانگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا ڇپيل آهي.‘زورا’ چند صفحن تي مشتمل هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جنهن لاءِ ‘شرح زورا’ ۾ دواني پاڻ لکي ٿو ته جڏهن هڪ رات هو دجله درياءَ جي ڪناري تي ترسيل هو ته هن حضرت عليءَ ﷦رضه کي خواب ۾ ڏٺو ۽ ان کان بعد هن هي رسالو عربيءَ ۾ لکيو ۽ عقيدت وچان حضرت عليءَ جي روضي اندر وڃي پڙهيو. رسالي جو موضوع الاهيات آهي. جيڪو 872/1467ع ۾ لکيو ويو. رسالي جي عبارت نهايت دقيق آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪجھ وقت کان پوءِ دوانيءَ کي پاڻ خيال آيو ۽ ان جي شرح ٻن حصن ۾ لکيائين. پهريائين ‘شرح خطبه الزورا’ ۽ پوءِ ‘شرح رساله الزورا’ لکيائين.

علامه قاسمي صاحب لکي ٿو ته ٺٽي جي ڏهين صديءَ جي عالم مخدوم نعمت الله زورا جي مفصل شرح عربيءَ ۾ لکي آهي. جنهن جو قلمي نسخو وٽس موجود آهي ۽ پاڻ ان تي عربيءَ ۾ مقدمو ۽ حواشي لکي ڇڏيا اٿس، ليڪن هي ڪتاب ڇپجي ڪونه سگھيو آهي. ڊاڪٽر محمد ادريس ٻڌايو ته انهيءَ عربي شرح جو هڪ نقل سندس ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

سبع رسائل _ ميراث مڪتوب تهران 2001

فتح الفضل، سنڌي، ص 5

ص1: ڪلي مشڪڪ

منطق جي ابتدائي ڪتابن مطابق ڪلي ھڪ تصور آهي جيئن انسان، گهوڙو وغيره اها ڪلي جيڪا پنهنجي جزئيات ۾ هر لحاظ کان برابر هجي، ان کي “ڪلي متواطي” چون ٿا، پر جنهن ڪلي جي جزئيات ۾ برابري نه هجي، بلڪ ڪجهه فردن ۾ اها گھٽ ۽ ڪن ۾ وڌ هجي ته ان کي “ڪلي مشڪڪ” چئبو آهي. مثلاً سفيد هجڻ هڪ ڪلي آهي ۽ ان ڪري هر سفيد شيءِ ان جو فرد آهي. پر اها اڇاڻ مختلف شين ۾ اڇي هجڻ جي باوجود گھٽ وڌ ٿي سگهي ٿي، جيئن آسماني برف بلڪل اڇي هوندي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ هاٿيءَ جا ڏند گھٽ اڇا هوندا آهن. مطلب هن ڪُليءَ جا افراد سفيديءَ ۾ هڪ ٻئي جي برابر نه آهن، ان ڪري ان کي “ڪلي مشڪڪ” چئبو. ائين بهادري به ڪلي آهي پر اها ڪن ماڻهن ۾ گھٽ ۽ ڪن ۾ وڌيڪ آهي ته ان کي پڻ “ڪلي مشڪڪ” جو مثال چئبو. اهڙيءَ طرح شين جو وجود هڪ ڪلي آهي ۽ ان ۾ الله تعاليٰ توڻي ٻيون سڀ شيون شامل آهن، ليڪن الله تعاليٰ جو وجود اوليٰ ۽ مقدم آهي پر ان جي مقابلي ۾ شين يعني ممڪنات جو وجود گھٽ درجي وارو آهي، ان ڪري هن کي “ڪلي مشڪڪ” چيو ويندو.

هتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته هڪڙو وجود عدم جي مقابلي ۾ آهي ۽ ٻيو “واجب” يا واجب الوجود آهي. جيڪو پنهنجي وجود ۾ ٻئي ڪنهن جو محتاج ناهي ۽ اها صرف ۽ صرف الله تعاليٰ جي صفت آهي. منطقي حضرات ان جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چون ٿا مثلاً خدا تعاليٰ جي اسمن جون صفتون جھڙوڪ ٻڌڻ، ڏسڻ، ڄاڻڻ، رحم، انتقام وغيره سڀ انسان (ممڪن) ۾ موجود آهن، پر الله تعاليٰ جي وصفن ۾ اهي ۽ ٻيون سڀ جو سڀ اصلي ۽ جٽادار يعني “واجب” آهن. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڪي محقق منطقي حضرات الله تعاليٰ يعني واجب الوجود جي باري ۾ “ڪلي” جي ان تصور کي جائز نٿا سمجھن. جن ۾ هڪ لحاظ کان مجدد الف ثاني به اچي وڃي ٿو. هو دفتر دوم جي مڪتوب اول ۾ لکي ٿوته، وجوب ۽ وجود جيتوڻيڪ ٻئي حق تعاليٰ جون ڪمالي صفتون آهن پر هو انهن صفتن کان ورا (مٿانهون) آهي. اڳتي چوي ٿو ته، اها ذات اسان جي تصورات ۽ ادراڪات، محسوسات ۽ معمولات، مشاهدات ۽ مڪاشفات سڀني کان وريٰ ثم ورءَ الوريٰ يعني بلڪل الڳ ، نرالي، جدا ۽ مختلف آهي.

انهيءَ ساڳي مڪتوب ۾ اڳتي چوي ٿو، جيئن ته اهي ظاهري عالم ممڪن لاءِ وجود ثابت ڪن ٿا ۽ واجب تعاليٰ لاءِ به وجود ثابت آهي، تنهنڪري هو ٻنهي کي ساڳي ڪلي (وجود جا فرد) سمجھن ٿا يعني تشڪيڪ واري قاعدي موجب الله تعاليٰ جي وجود کي اوليٰ ۽ مقدم سمجھن ٿا پر ممڪن کي ان ريت سندس ڪمالات ۾ شريڪ ڪن ٿا. حالانڪ الله تعاليٰ شين سان ڪنهن به قسم جي هڪجھڙائي کان پاڪ ۽ برتر آهي.

ڪلي مشڪڪ جي مختصر سمجھاڻي خواجه گل محمد پڻ “الورد المحمدي” ۾ ڏني آهي، خواجه گل محمد جي تشريح  لاءِ ملاحظو ڪريو. ضميمو- الف

مڪتوبات اول، دفتر دوم، محي الدين ابن عربي، حيات و آثار ص - 276

ص1:  فالتعينات ظلال الاسماء لاعينها

ابن عربيءَ ۽ مجدد الف ثانيءَ جا نظريا

ابن عربيءَ جي فڪر جو وڏو حوالو سندس اهو قول آهي: “سبحان من اظهر الاشياءَ وهوعينها” يعني پاڪ آهي اها ذات جنهن پاڻ کي شين (مخلوقات، مظاهر) ۾ ظاهر ڪيو ۽ انهن جو عين آهي.

انهيءَ ڪري ابن عربيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو خالق ۽ مخلوق جي عينيت جو قائل آهي. ليڪن ساڳئي وقت ۾ سندس هڪ ٻيو مقولو آهي: “الاعيان ماشمّت رائحة الوجود” يعني اعيان (ثابته) وجود جي بوءِ نه سنگھي آهي. ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته خدا (واجب) وجود جي لحاظ کان عين ٿي سگھي ٿو پر ذات جي لحاظ کان اهو غير ئي آهي، ڇوته وجود واحد آهي.

امام رباني پڻ چوي ٿو ته ذات واحد آهي ۽ اها خدا جي ذات آهي. هيءَ ڪائنات يا مخلوقات ان ذات جي اسماء ۽ ذات جو مظهر يا پرتوو آهي. انهيءَ ڳالھ کي سمجھائيندي هو چوي ٿو ته ان جو مثال آئيني ۾ صورت جو عڪس يا اولڙو آهي. اصل صورت يا شيءِ پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم دائم آهي ۽ آئيني ۾ ان جو عڪس يا پرتوو آهي.

امام ربانيءَ جو زور هن ڳالھ تي آهي ته آئيني ۾ نظر ايندڙ عڪس يعني ظلّ آهي، اهو اصل يعني عين هرگز ناهي. هتي سوال آهي ته ڀلا انهن ٻنهي ۾ ڪهڙي نسبت يا تعلق آهي؟ امام رباني ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته هي عڪس نه ته اصل سان متحد يعني گڏيل آهي ۽ نه وري اصل نزول ڪري ان عڪس يا ظلّ ۾ آيو آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ هو چوي ٿو ته خدا جي ذات يعني واجب پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ هيءَ ڪائنات يا مخلوق يعني ممڪن جو ان سان نه اتحاد آهي ۽ نه عينيت. انهيءَ ڪري هو چوي ٿو ته هي ظاهري تعينات يعني مخلوق فقط ظلال آهن ۽ انهن جو ظلي وجود آهي. اهو سڄو فڪر انهيءَ قول ۾ سمايو ويو آهي ته “فالتعينات ظلال الاسماءَ لاعينها” يعني تعينات (شيون) فقط پاڇا آهن ۽ اهي (حقيقت جو) عين ناهن.

وڌيڪ وضاحت لاءِ ڏسو مڪتوبات، 126 دفتر اول ۽ 44 ۽ 45 دفتر سوم. مڪمل شرح ابيات سنڌي جو مقدمو: ابن عربيءَ ۽ مجدد الف ثانيءَ جو فڪر ص 85کان 118

ص2: يادداشت

هن مان مراد حق سان حضور جي هميشگي واري نسبت جو قائم ٿيڻ آهي.  هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نقشبندي طريقي جا ڪُل بنيادي اصول يارهن آهن، جن مان اٺ خواجه عبدالخالق غجدوانيءَ کان منقول آهن. باقي ٽي اصطلاح خواجه بهاءَالدين نقشبند ڏانهن منسوب آهن. پهريان اٺ هن ريت آهن(1) هوش دردم (2) نظر برقدم (3) سفر دروطن (4) خلوت درانجمن (5) ياد ڪرد (6) باز گشت (7) نگاه داشت ۽ (8) ياد داشت. باقي ٽي هي آهن: (1) وقوف زماني (2) وقوف عددي ۽ (3) وقوف قلبي. گويا “ياد داشت” نقشبندي طريقي جو آخري مرتبو يا درجو آهي، جنهن سان سالڪ جو واسطو پوي ٿو. خواجه عبدالخالق غجدواني چوي ٿو ته هن کان مٿي يا اڳتي ڪوئي مرتبو ناهي. مطلب ته اهو مرتبو حقيقي فنا ۽ ڪامل بقا کان سواءِ حاصل نٿو ٿئي، جڏهن هروقت ۽ هرلمحي سالڪ جو توجھ صرف ذات خداونديءَ ڏانهن قائم رهي ۽ دنيا جا ٻيا هرقسم جا خطرا ۽ وسوسا انهيءَ راھ ۾ آڏو رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه بنجن.

رساله قدسيه ۾ آهي ته “ياد داشت” مان مراد مشاهدو ۽ فاني ٿيڻ آهي ۽ حقيقت ۾ اهوئي ذڪر خفي آهي. ياد داشت جي سمجھاڻي مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿي.

              عمدة السلوڪ - زوار ص245،  رساله قدسيه ، تعليقات ص151 ۽ 228

                                                         مڪتوب 27 ۽ 290 دفتر اول

 ص2: تلويح

جيد عالم سعدالدين تفتازاني(722ھ_ 792ھ) جي فقہ حنفيءَ جي اصولن بابت مشهور تصنيف آهي ۽ ان جو پورو نالو ‘التلويح اليٰ ڪشف حقائق التنقيح’ آهي، جيڪا دراصل تنقيح الاصول جي شرح آهي. ڪتاب جو موضوع اصول فقہ آهي. تلويح جو حوالو مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿو. هي ڪتاب اردو ۾ ‘التصريح’ جي نالي سان ترجمو ٿيل آهي.

ظفر المحصلين، ص 155، التصريح اردو لاهور 1427ھ ،

مڪتوب 8، دفتر اول

ص2: هدايہ

فقہ حنفيءَ جو مشهور بنيادي ڪتاب آهي، جنهن جو مصنف علي لقب برهان الدين آهي. هو اصل ۾ فرغانه جي هڪ ڳوٺ مرغينان جو هو. هو 511ھ ۾ ڄائو ۽ 593ھ وفات ڪري ويو.

        مصنف جي لکڻ موجب هن مختصر ‘قدوري’ ۽ ‘جامع صغير’ کي آڏو رکي، پهريائين ‘هدايةالمبتدي’ نالي ننڍو ڪتاب فقہ جي موضوع تي تصنيف ڪيو. ان کان پوءِ کيس خيال آيو ته انهيءَ ڪتاب جي شرح ‘ڪفاية المنتهيٰ’ نالي سان لکجي، جيڪا چون ٿا ته هن اسي جلدن ۾ لکي پوري ڪئي. آخر ۾ وري ان شرح جو اختصار ڪيائين، جيڪو تيرهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيائين ۽ ان جو نالو ‘هدايہ’ رکيائين.

        هدايہ کي اسلامي دنيا ۾ خاص طور ايشيا ۾ غير معمولي مقبوليت حاصل ٿي. اهو ڪتاب نه صرف نصاب جو لازمي جز بنجي ويو، بلڪ سرڪاري سطح تي پڻ فيصلن ۾ مرڪزي اهميت اختيار ڪري ويو. ايتريقدر جو اڻويهين صديءَ ۾ وارن هيسٽنگز جي دور ۾ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو

هدايہ جون ڪتيريون شرحون لکيون ويون آهن، جن ۾ ‘فتح القدير’ جنهن جو مصنف علامه ابن الهمام آهي. تنهن کي وڏي اهميت ملي. اهڙيءَ طرح ‘النهايه شرح هدايه’ جنهن جو مصنف بدرالدين عيني آهي تنهن کي پڻ خاص حيثيت حاصل آهي. هدايه اردو ترجمي سان موجود آهي.

ظفر المحصلين - ص 160- 162

[ارشادات ۽ فرمودات]

         ذڪر

نقشبندي سلسلي جي باني خواجه بهاءَالدين نقشبند جي ارشادات کي سندس خليفي خواجه محمد پارسا “فمنِ تلڪ الڪلمات القدسيه” جا عنوان ڏيئي ‘رساله قدسيه’ جي نالي سان مرتب ڪيو ۽ انهن جي تشريح پڻ ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته سڀني عبادتن جو مقصد ۽ مطلب ذڪر خداوندي يعني ياد الاهي آهي. مسلمانيءَ جو بنياد ڪلمه “لا الہٰ الاالله” آهي ۽ اهوئي ذڪر خداوندي آهي ۽ ٻيون سڀ عبادتون ان ذڪر جي تائيد ۾ آهن. اڳتي چوي ٿو، ذڪر جي حقيقت جو مطلب سموري خلق سان لاڳاپا ٽوڙي الله تعاليٰ جي محبت اختيار ڪرڻ آهي. رساله قدسيه جي تشريح ڪندي خواجه پارسا ذڪر جي باري ۾ هي بيت نقل ڪيو آهي، جيڪو اڳتي هلي نقشبندي سلسلي ۾ خصوصي اهميت اختيار ڪري ويو ۽ اڪثر نقشبندي سلسلي جي مڪتوبات ۽ ملفوظات وغيره ۾ حوالي طور اچي ٿو.

ذکر گو ذکر تا ترا جان است
پاکي دل ز ذکر رحمٰن است

[معنيٰ: ذڪر ڪر ذڪر ، جيستائين ساھ ۾ ساھ اٿئي، دل جي پاڪائي مالڪ مهربان جي ذڪر سان ئي آهي.]

ذڪر کي سڀني صوفي سلسلن ۾ مرڪزي اهميت حاصل آهي، ليڪن نقشبندي ان کي خاص اهميت ڏين ٿا. هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته سلطان الاولياء جي اقوالن تي مشتمل ٻي مختصر تصنيف ‘رساله ابراهيميه’ آهي، جنهن جو مؤلف ابراهيم ساند آهي ۽ هن پڻ اهي قول شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي هدايت موجب گڏ ڪيا هئا. ان ۾ ڪل 72 مقولات آهن. ان جو پهريون مقولو پڻ ذڪر بابت آهي. هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ‘مقولات تصوف’ جي نالي سان ڇپيل آهي.

‘رساله قدسيه’ جا ڪيترا قلمي نسخا پڻ سنڌ ۾ موجود رهيا آهن ۽ عالمن ۽ صوفين جي مطالعي هيٺ رهيو آهي.

[رساله قدسيه فارسي، 144 کان 160، مقولات تصوف- سنڌي، ص 60، فهرست مخطوطات ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص 242، سراج العاشقين، ملفوظات خليفو محمود نظاماڻي، ص188، توفيق الطالبين، خليفو گل محمد هالائي، ص54]

           بغير عرض ۽ ڪيفيت جي موجود آهي.    

علم ڪلام موجب عرض ان ممڪن کي چئجي ٿو جيڪو بذات خود قائم يعني وجود نه رکي سگھي، جيئن هر قسم جو رنگ جھڙوڪ اڇو ۽ ڪارو يا گرمي ۽ سردي يا مٺو ۽ کٽو وغيره مطلب ته عرض جسم يا جوهر سان قائم هوندو آهي يا ان جو محتاج آهي. جوهر جو مثال انساني روح آهي. ترتيب جي لحاظ کان هيٺ جسم، ان کان پوءِ عرض ۽ ان کان مٿي جوهر آهي.

متڪلمين چون ٿا ته الله تعاليٰ جو وجود بغير جسم، بغير عرض ۽ بغير جوهر آهي. اهڙيءَ طرح سندس صفتون ڏسڻ، ٻڌڻ، حيات، علم، ڪلام، قدرت ۽ ارادو وغيره انساني صفتن وانگر ناهن يعني انهن جي ڪيفيت معلوم ناهي. مطلب ته باقي سڀني شين لاءِ جسم، عرض ۽ جوهر جو هجڻ ضروري آهي، پر هن جي ذات انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي. ٻين لفظن ۾ سندس ذات ۽ صفات ۾ ڪو شريڪ ناهي.

                                                          علم الڪلام - اردو، ص39  ۽ 40

        انا الموجود................. سوائي لم تجدني

هي شعر مشهور “دعاءَ سرياني” جو پهريون بند آهي ۽ ان جا ٻيا به ڪيترائي بند آهن. هن دعا جو هڪ ٻيو بند شاھ ولي الله جي تصنيف ‘انفاس العارفين’ ۾ پڻ ملي ٿو. هر بند جي ٻي سٽ ۾ فاطلبني تجدني جي وراڻي ملي ٿي.

تجدني في سواد الليل عيني
قريباً منڪ فاطلبني تجدني

[معنيٰ: اي ٻانها! تون مون کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڳولي سگھندين، تون مون کي گھڻو ويجھو آهين، پوءِ تون مون کي گھر ته مون کي ڳولي لهين!]

هڪ حديث قدسي جنهن ۾ حضرت دائود  عليہ سلام سان خطاب آهي ان جا الفاظ هن ريت آهن:

                            الامن طلبني وجدني ومن طلب غيري لم يجدني

سنڌ ۾ هن دعا جي مقبوليت جو ثبوت اهو آهي ته اِها ڪيترن ئي ڪتبخانن ۾ قلمي صورت ۾ ملي ٿي. اسان کي دعا سرياني عربي متن پنجابي منظوم ترجمي سان ڇپيل ملي آهي، جنهن ۾ ڪل 44 بند آهن.

 [انفاس العارفين اردو، ص 275، مرموزات اسدي در مرموزات دائودي، ص180

[فهرست مخطوطات ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص 296، دعا سرياني، لاهور.] 

        موت جي وقت ذڪر

خواجه بهاءُالدين نقشبند جي ‘رساله قدسيه’ ۾ ڄاڻايل آهي ته مسلمانيءَ جو بنياد “لاالہٰ الاالله” آهي ۽ ٻيون سڀ عبادتون نماز، روزو، زڪاة ۽ حج وغيره ان جي تاڪيد واسطي آهي. اصل مقصود ذڪر آهي ۽ ذڪر جي حقيقت اها آهي ته ٻي هر شيءَ کان ڌار هجي پر رڳو محبت الاهيءَ سان ڳنڍيل هجي. ‘رساله قدسيه’ موجب سڀني عبادتن جو آغاز توڻي انجام ذڪر خداوندي آهي. اها سعادت جن کي نصيب ٿئي ٿي، اهي جڏهن هي جھان ڇڏين ٿا ته مٿن الله تعاليٰ جي محبت جو غلبو هوندو آهي.

 رساه قدسيه- اردو، ص37

           اوليائن سان جھڳڙو ڪندڙ

هن ارشاد کي خواجه عبدالله انصاري هرويءَ جي هن مناجات واري بند جي روشني ۾ ڏسڻ سان مطلب واضح ٿئي ٿو:

الهٰي چيست اينکه دوستان خود را کردي که هرکه ايشان را شناخت تو را يافت و تا تورا نيافت، ايشان را شناخت. بغض اين طائفه سم قاتل است وطعن ايشان حرمان ابدي است. يعني: ياالاهي! هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جيڪا پنهنجي دوستن کي عطا ڪئي اٿئي جو جيستائين ڪو توکي نٿو سڃاڻي، تيستائين تنهنجي دوستن کي به نٿو سڃاڻي پر جيڪو انهن کي سڃاڻي ٿو ته توکي به سڃاڻي ٿو. اي موليٰ! تون جنهن کي پاڻ وٽان تڙڻ گھرندو آهين، ته ان کي اسان جو مخالف ۽ دشمن بنائي ڇڏيندو آهين. انهن سان دشمني زهر قاتل آهي ۽ انهن تي ٺٺولي هميشہ لاءِ محرومي آهي. هيءَ مٿين عبارت مڪتوبات 106 دفتر اول ۾ ملي ٿي ۽ سلطان الاولياء جو ارشاد انهيءَ مطلب کي سادن لفطن ۾ بيان ڪري ٿو.

مڪتوب 106، دفتر اول

           مڪتوبات زڪيه

شيخ محمد زڪي (بن شيخ محمد حنيف بن شيخ عبدالاحد “وحدت” بن خواجه محمد سعيد بن حضرت مجدد الف ثاني) جي والد شيخ محمد حنيف جي زندگيءَ جو احوال مقامات معصومي ۾ ملي ٿو. شيخ محمد زڪي خواجه حنيف جو وڏو پٽ هو. هو محمد نقشبند ثاني بن خواجه معصوم کان بيعت هو. سلوڪ جي تعليم پنهنجي ڏاڏي شيخ وحدت ۽ پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين.  شيخ محمد زڪي جا اهي مڪتوبات اڃان تائين قلمي صورت ۾ آهن. هن وقت پاڪستان ۾ نقشبندي سلسلي جي وڏي ڄاڻو جناب اقبال مجدديءَ سان جڏهن هڪ ملاقات ۾ مون ‘مڪتوبات زڪيه’ بابت سوال ڪيو ته چيائين ته لاهور ۾ کيس هڪ هنڌ سُجھن ٿا. ليڪن ڪافي ڪوشش کان پوءِ ٻڌايائين ته هينئر اهي مڪتوبات اتي پڻ اڻ لڀ آهن.

‘فردوس العارفين’ جو مؤلف لکي ٿو ته خواجه ابوالمساڪين شيخ محمد يعني سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جو مرشد شاھ زڪي الله سان ملڻ خاطر سرهند ويو هو.

هو وڌيڪ لکي ٿو ته شاھ زڪي الله ٻيو دفعو جڏهن حج لاءِ وڃي رهيو هو ته هو ٺٽي ۾ منزل انداز ٿيو ته خواجه محمد سندس استقبال ڪيو ۽ شاھ زڪي الله ٺٽي ۾ سندس خانقاھ تي ڪجھ ڏينهن ترسيو. شاھ زڪي الله حج تي وڃڻ وقت خواجه محمد کي چيو ته اسان جڏهن واپس اچون ته توهان سرهند اچجو، آخر خواجه محمد سرهند پهچي ويو جتي ڪجھ وقت رهڻ بعد شاھ زڪي الله کيس خلافت ۽ اجازت سان سرفراز ڪري دهليءَ  ۾ خواجه محمد زبير سان ملڻ جي هدايت ڪئي. خواجه محمد ان کان به خلافت ۽ اجازت حاصل ڪري واپسيءَ ۾ ملتان کان ٿيندو ٺٽي پهتو.

ارڙهين صدي سنڌ ۾ انهن مڪتوبات جي موجودگيءَ بابت گرهوڙيءَ جو بار بار حوالو ظاهر ڪري ٿو ته نقشبندي فڪر سنڌ جي علمي حلقن ۾ گھڻو مقبول هو.

                                         مقامات معصومي_ جلد ٽيون ص 301 ۽ 302،

                                         فردوس العارفين_ اردو ص 34 ۽ 35 

           اَلاَ کلُّ شيءِ ما خل .............. لا محالة زائل

هي شعر مشهور عرب شاعر لبيد بن اسود الباهلي جي قصيده جو مطلع آهي جيڪو اسلام کان اڳ يعني جاهلي شاعر آهي. هن کي پنهنجي شاعريءَ تي ايڏو ناز هو جو اهو قصيدو ڪعبة الله جي ديوار تي ٽنگي ڇڏيو هئائين. چون ٿا ته ٻي ڪنهن شاعر کي مجال نه ٿي جو پنهنجي ڪنهن شعر کي وڌيڪ بهتر سمجھي ۽ ان جي مقابلي خاطر اچي. ليڪن جڏهن قرآن جي سورة علق “اقرا باسم ربڪ” نازل ٿي ۽ اها ان قصيده جي مقابلي ۾ لڳائي وئي ۽ جڏهن لبيد اچي اهي آيتون پڙهيون ته چئي ڏنائين ته بيشڪ هي مخلوق جو ڪلام ناهي. ان کان پوءِ هو اسلام تي ايمان آڻي مسلمان ٿيو.رسول الله ﷺ کي لبيد جو اهو شعر تمام گھڻو پسند هو جو حديث جي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو. پاڻ سڳورا لبيد کي جاهلي شاعرن طرفان چيل هجويه اشعارن جي جواب لکڻ لاءِ فرمائش ڪندا هئا.

تذڪرة الشعراء - دولتشاه سمرقندي فارسي، ص19

  الڪفر اول الطريق

“ڪفر طريقت” جو اصطلاح امام ربانيءَ ‘مبدامعاد’ ۽ ‘مڪتوبات’ ۾ استعمال ڪيو آهي. مڪتوبات ۾ چوي ٿو ته ان مان مراد اهو مقام آهي، جتي سالڪ کان سڪر جي غلبي سبب شطحيات (خلاف شرع ڳالهيون) سرزد ٿين ٿيون.                      

مبدا معاد _ اردو، ص134 ۽ مڪتوبات 95، دفتر دوم

           حسان ما قد راينا..................حسنا اذا ما زدتہ نظرا

هن عربي شعر بابت خبر پئجي نه سگھي ته ڪنهن جو آهي، ليڪن هن جي ٻي مصرع مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ ملي ٿي.

                                                مڪتوبات37، دفتر دوم

          ڪفر _ ڪشف اللغات

ڪشف اللغات جو مصنف عبدالرحمٰن احمد سور آهي. هن لغت ۾ مصنف تصوف جي اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مختصر سمجھاڻي ڏني آهي. جيڪا هن تصوف جي بنيادي ڪتابن جھڙوڪ شرح گلشن راز، شرح فصوص الحڪم ۽ اصطلاحات عبدالرزاق ڪاشيءَ ۽ ٻين لغتن جي وڏن ڪتابن جي مدد سان تيار ڪئي آهي. گرهوڙي صاحب اڪثر هن تشريحي لغت مان حوالا ڏئي ٿو. ڪشف اللغات 1874ع ۾ ٻن جلدن ۾ مطبع ثمرهند لکنوءَ مان ليٿو تي ڇپيل آهي. اسان هن ڪتاب ۾ ان جا ئي حوالا ڏنا آهن. 

ڪشف اللغات، ص162 ۽ 163

    وکلت امري الي.................. وان شاءِ اتلفا

هي چار اشعار مشهور نقشبندي صوفي خواجه عبيدالله احرار جي ملفوظات ۾ ملن ٿا. انهيءَ ملفوظات جو مؤلف مير عبدالاول آهي، ان ملفوظات جا حوالا توفيق الطالبين ترجمو ڪنوزالمعرفت ۾ به ملن ٿا ۽ اها خليفي محمود فقير ڪڙيي واري جي ملفوظات آهي. جنهن جو مؤلف گل محمد هالائي آهي. مطلب خواجه احرار جي اها ملفوظات سنڌ ۾ موجود هئي.

                                          احوال و سخنان خواجه عبيدالله احرار، ص 236 

                                          توفيق الطالبين ترجمو ڪنوز المعرفت ص37

   اٺو پهر  آڙاهه  جي............... ڪا ماڳ ڍوئي مڪڙي.

هي بيت شاھ عبداللطيف جي رسالي جي سر سريراڳ ۾ ملي ٿو، جتي ان جي پهرين سٽ ۾ لفظ “گُھر” جي بجاءِ “گرھ” ملي ٿو ۽ ان جي معنيٰ آهي گريو يعني سخت اوسيئڙو يا انتظار.

ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته گرهوڙي صاحب کي شاھ لطيف جي شاعري گھڻو پسند هئي، بلڪ هو پهريون عالم صوفي آهي جيڪو شاھ جي شاعريءَ کي صوفيانه شرح واسطي سَند طور استعمال ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪلام گرهوڙيءَ ۾ ڪيترائي بيت شاھ جي رسالي مان آيل آهن يا ان جي تتبع تي چيل ملن ٿا.                   

   شاھ جو رسالو_ شاھ جو ڪلام ، ص200

                                                    ڪلام گرهوڙي - دائود پوٽو، 1956ع

          صائب مرزا (وفات 1066/ 1656)

هو تبريز ايران ۾ پيدا ٿيو ۽ جهانگير جي وقت ۾ هندستان آيو، جتي شاهي دربار سان وابسته رهيو، پر آخر شاھجهان جي دؤر ۾ مشهد واپس هليو ويو. هو بنيادي طور غزل جو شاعر آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي تصوف جي چاشني موجود آهي. گرهوڙي صاحب سندس ڪيترا اشعارحوالي طور آندا آهن. 

                                                                   ديوان صائب، تهران 

Persian literature in the Indo Pak subcontinent p -72

    احمد بن عطاء شاذلي

احمد بن محمد بن عبدالڪريم عطاءَ الله جنهن کي اسڪندري به چون ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس واسطو مصر جي اسڪندريه سان هو. هو 655 ۾ ڄائو ۽ 709ھ ۾ وفات ڪري ويو. هو تفسير، حديث، فقہ ۽ اصول جو وڏو عالم هو. سندس تعلق مالڪي مسلڪ سان هو.

تصوف ۾ هو ابوالعباس مرسيءَ کان شازلي طريقي ۾ بيعت هو، جيڪو مغرب جي ملڪن ۾ گھڻو مقبول آهي، سندس ڪيتريون تصنيفون آهن جن مان لطائف المنن ۾ پنهنجي مرشد جا مناقب بيان ڪري ٿو. ٻيا ڪتاب هن ريت آهن ‘التنوير في اسقاط التدبير’ جنهن جو حوالو پڻ گرهوڙي ڏئي ٿو. ٻيا ڪتاب مفتاح الفلاح في الذڪر، التحفة في التصوف، ڪيفية السلوڪ ۽ ڪتاب الحڪم آهن. هن آخري ڪتاب جو اردو ۽ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي، سنڌيءَ ۾ ترجمو عبدالجبار صديقيءَ جو ٿيل آهي جيڪو 1991ع ۾ ڇپيل آهي.

التحفة في التصوف_ عربي، ص11_12

            سپردم  بتو مايه.......... کم وبيش را.

هي فارسيءَ جي وڏي شاعر نظامي گنجوي ( وفات 530- 619ھ) جو شعر آهي جيڪو سندس مثنوي ‘شرف نامه’ مان ورتل آهي. ساڳي مثنويءَ ۾ سندس ٻيو شعر هن ريت آهي:

نياوردم از خانه چيزي نخست
تو داري همہ چيز من چيز تستهي ٻئي شعر سنڌ جي صوفيانه روايت خاص طور ملفوظات ۾ هي اشعار عام جام ملن ٿا.

 مڪتوبات اول دفتر دوم ۾ پڻ هي بيت ملي ٿو.

                           ڪليات نظامي گنجوي_ مثنوي شرفنامه ص 695

             محصول الاصول

ڪتاب جو پورو نالو ‘المحصول في علم الاصول’ آهي. امام فخرالدين رازي (544_606ھ) جي تصنيف آهي. هو شافعي مسلڪ جو پيروڪار هو. سندس سڀ کان مشهور تصنيف ‘تفسير ڪبير’ آهي، جنهن کي غيرمعمولي مقبوليت حاصل رهي آهي سندس تصنيفات جو تعداد سؤکن آهي.                                           

                حدائق الانوار في حقائق الاسرار - اردو ترجمو ساڻھ علوم - ص22  

     لِڪُلّ امرِي مَّا نَويٰ

هي حديث جا لفظ آهن، جيڪي حضرت عمر بن الخطاب رضه جي روايت سان ملن ٿا. پوري حديث هن ريت آهي: انّما الا عمال بالنيات و انّما لکلُ لامري مانوي فمن کانت هجرتہ اليٰ الله ورسولہ فهجرتہ اليٰ الله ورسولہ ومن کانت هجرتہ لدنيا يعيبها اؤ امراة يتزوّجها فهجرتہ اليٰ ماهاجراليہ. [معنيٰ: بيشڪ عملن جو دارومدار نيت تي آهي ۽ ماڻهوءَ کي اها شيءِ ملندي جنهن جي هو نيت يا ارادو ڪري ٿو. پوءِ جنهن الله ۽ ان جي رسول لاءِ هجرت ڪئي ته ان کي الله ۽ ان جي رسول واري هجرت (مقصد) حاصل ٿي پر جنهن دنيا ۽ ڪنهن عورت سان نڪاح واسطي هجرت ڪئي ته پوءِ ان لاءِ هجرت جو مقصد به اهوئي آهي.]

ياد رکڻ گھرجي ته گرهوڙي صاحب اڳتي هلي هن حديث جو باربار حوالو ڏنو آهي. 

         مختصر صحيح مسلم_ عربي، رقم حديث 1080،ص 302 

          ناجي جماعت

هي اصطلاح امام ربانيءَ مڪتوبات ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ان مان سندس مراد اهل سنت وارا آهن.

ڏسو مڪتوب 94، دفتر سوم

 

             لطيفن سان مناسبت

امام ربانيءَ کان اڳ جي صوفين وٽ صرف ٽن لطيفن قلب، روح ۽ سر جو ذڪر ملي ٿو، ليڪن امام ربانيءَ جي پنهنجي ڪشف موجب انساني بدن ۾ پنج لطيفا آهن ۽ سندس تحريرن ۾ لطيفن جو نهايت تفصيلي ذڪر ملي ٿو. لطيفي جي اها معنيٰ ڪشف اللغات ۾ ملي ٿي، جتي وضاحت ڪندي چوي ٿوته، اهو اهڙو اندروني اشارو آهي، جنهن سان اها معنيٰ واضح ٿئي ٿي، جيڪا هونئن عبارت يا لکڻ سان سمجھ ۾ نٿي اچي.  لطيفن جي وڌيڪ سمجھاڻي خاطر خواجه گل محمد جي ضميمي – الف ۾ تشريح ملاحظه ڪريو.

مڪتوبات 09 ۽ 206 دفتر اول 

             نهي صد دسته ريحان........... جز نکهت گل

هيءُ شعر مولانا جاميءَ جي مشهور مثنوي ‘يوسف زليخا’ مان ورتل آهي. مڪتوبات ۾ هي شعر ٻين ٻن شعرن سان گڏ ملي ٿو. 

                                                  ڪليات جامي، هفت اورنگ_ ص 375

                                                  مڪتوبات دفتر اول، ص 353

             والنهاية الرجوع الي البداية

هي الفاظ اصل ۾ جنيد بغداديءَ کان پُڇيل ان سوال جو جواب آهن ته “ما النهاية” يعني سلوڪ جي انتها ڇا آهي؟ پاڻ چيائين: “النهايت هي الرجوع الي البدايت” يعني انتها تي پهچڻ جو مطلب آهي ته وري شروعات ڪجي.

بهرحال هي قول خواجه نقشبند کان پوءِ نقشبندي طريقي ۾ بنيادي اصول جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن پاڻ چيائين، اسين نهايت کي بدايت (شروع) ۾ درج ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ وصول الي الله يعني الله تائين پهچڻ سڀني طريقن جو مول متو آهي، پر نقشبندي چون ٿا ته اهو جذبو يا محبت جيڪا سلوڪ ۾ ٻين طريقن جي منتهي حضرات کي آخر ۾ نصيب ٿئي ٿي، ان سان اسين شروعات ڪريون ٿا.

مڪتوبات ۾ هن قول جو بار بار حوالو ۽ سمجهاڻي ملي ٿي، اهڙيءَ طرح گرهوڙي صاحب پڻ هيءُ قول ڪيترن طريقن سان ورجائي ٿو.

       مڪتوب 89، دفتراول، مڪتوب 80، دفتر دوم، عمڌہ السلوڪ ص 248

    مراقبو ٻليءَ کان سکڻ گهُرجي

هيءَ مشهور مقولو آهي جيڪو نقشبندي حضرات جي تصنيفات ۾ ملي ٿو. ڪتاب رشحات ۾ جنيد بغداديءَ جي حوالي سان اهو ذڪر ملي ٿو ته هن مراقبي جو طريقو ٻليءَ کان سکيو. ڇو ته اها شڪار پڪڙڻ وقت اهڙي خاموش هوندي آهي جو سندس ڪو به عضوو ته ڇا وار به حرڪت نه ڪندا آهن.

                                                             رشحات عين الحيات، ص216

    عليٰ بيض  قلبک............. الاحوال فيک  تولد

هيءُ بيت نقشبندي حضرات وٽ گھڻو ملي ٿو، جو انهيءَ ۾ پڻ مراقبي جي ڪيفيت جو بيان ڪيو ويو آهي.

                          رسائل نقشبنديه، ص126،  عمدة السلوڪ، ص247

            عالمِ خلق، عالمِ امر کان افضل آهي

             هي بحث مڪتوبات ۾ به ملي ٿو.                   مڪتوب 260 ، دفتر اول

    دلا تاکي درين................ طفلان خاکبازي.

توئي  آن  دست پرور............. بيرون از اين کاخ

مولانا جاميءَ جا هي اشعار سندس مشهور مثنوي”يوسف زليخا“ مان ورتل آهن.

                                                            هفت اورنگ، ص580

             مُئل ماڻهن جي ڳالھ ٻُڌندا ۽ کين ڏسندا آهن

نقشبندي حضرات وٽ عالمِ ارواح يعني روحن سان ملاقات يا گفتگو توڻي ڪشفِ قبور بابت خاص طور گھڻو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ڪنهن حد تائين ساڻن مخصوص آهي. اسان جي پنهنجي دور ۾ نقشبندي صوفي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي تحريرن جي ياداشتن ‘فضل ڪبير’ کي هن سلسلي ۾ ملاحظو ڪرڻ گھرجي.

فضل ڪبير_ طباعت 1428ھ/2007ع

    مرقات

احاديث جي مشهور مجموعي مشڪواة جي مصنف جو نالو محمد ابوعبدالله آهي. هو تبريز جي تاريخي شهر سان وابسته هو، سندس مقبول ترين تصنيف ‘مشڪاة المصابيح’ آهي جنهن ۾ صحاح سته کان علاوه حديث جي ٻين ڪتابن مان حديثون پڻ آندل آهن. هن سال 737ھ ۾ وفات ڪئي.

مشڪواة جي شرح جيڪا نورالدين علي بن سلطان محمد هروي جيڪو علي جي نالي سان مشهور آهي جي لکيل آهي. هتي گرهوڙيءَ جو اشارو ان ڏانهن آهي. مشڪواة جون ٻيون به ڪيتريون شرحون آهن جن ۾ شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل “ اشعة اللمعات” ڪيترن جلدن ۾ آهي.

ظفر المحصلين، ص140

        خواجه ابو المساڪين ٺٽوي جا حضرت سلطان الاولياءَ ڏانهن خط

اهڙن پنجن خطن جا نقل “فردوس العارفين” جي مؤلف بلوچ خان ڏنا آهن. جيڪي خواجه ابوالمساڪين، سلطان الاولياء ڏانهن حرمين مان وڃي لکيا هئا. مخدوم آدم نقشبندي جي مزار جي زيارت ۽ سلامن پهچائڻ جو ذڪر مڪتوب پنجين ۾ ملي ٿو.

فردوس العارفين_ اردو، ص 57

           اصل مطلوب اسم ذاتي آهي.

نقشبندي فڪر موجب اسم ذات تائين پهچڻ ئي ولايت آهي، مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ ان جي سمجهاڻي ملي ٿي. سلطان الاوليا جي هن سنڌي بيت ۾ پڻ اهو فڪر سمايل آهي:

ڇڏي عالم امڪاني، وڃي رس وجوب کي
الو لاية   وصول  الاسم  اُٿي  پُڇ  اوطان

شرح ابيات سنڌي“ ۾ گرهوڙي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو  ته وليءَ مان مراد اهو شخص آهي جيڪو وجوبي اسم تائين پهچي، پوءِ اهو مجاهدي ذريعي هجي يا جذب جي ڪيفيت وسيلي هجي.!

                                   مڪمل شرح ابيات سنڌي.ص  27 ۽ 28

  مڪتوبات احمديه ۾ قلب ۽ بدن ۾ اندروني ڪدورتون جو حوالو

مبتدي ۽ منتهيءَ جو فرق مڪتوب 99 دفتر اول ۾ ملي ٿو.

مڪتوبات دفتر اول، مڪتوب 99

             علم ذاتي فقط الله لاءِ آهي

امام ربانيءَ جي تحريرن ۾ اهو خاص نڪتو آهي، جيڪو اڪثر بحث هيٺ آيل آهي.

هن لاءِ ڏسو معارف لدنيه جي معرفت 17، ص37

    التوحيد اسقاط الاضافات

مشهور مقولو آهي جيڪو عطار جي هيٺين ٻن مشهور مثنوين “اسرار نامه” توڻي “الاهي نامه” ۾ ساڳيءَ ريت ملي ٿو.

نکو گوئي نکو گفته است در ذات
که التوحيد  اسقاط  الاضافات

اسرار نامه ص2 - الاهي نامه ص15

    محصول الاصول

حوالو اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

 

             فاضل چلپيءَ جو بيضاوي تي حاشيو

مشهور مفسر عبدالله بيضاوي (وفات 685ھ) جو تفسير انوارالتنزيل واسرارالتاويل تمام گهڻو مشهور آهي جيڪو درس نظاميءَ ۾ داخل آهي.

ظفرالمحصلين، ص 220

             ان الله صانع کل صانع وصنعتہ

 معجم ابن عساڪر [الحديث - 122]

             الصدق طمانية

مڪمل حديث هن ريت آهي ان الصدق طمانية و ان الکذب ريبة يعني سچائي دل جو يقين آهي ۽ ڪوڙ شڪ ۾ وجھندڙ آهي. اِها حديث مرفوع آهي ۽ حسين بن علي کان روايت ٿيل آهي، جيڪا مصابيح ۾ به ملي ٿي. مرفوع ۽ موقوف جي گرهوڙي پاڻ وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

ارشاد الطالبين ص، 11

             الاشباه والنظائر

هن ڪتاب جو مصنف زين العابدين بن ابراهيم عرف ابن نجيم آهي جيڪو 926ح ۾ قاھرہ ۾ پيدا ٿيو ۽ 970 ۾ وفات ڪري ويو. سندس تصنيف جو موضوع فقہ حنفيءَ جا اصول آهن. هن جون ڪيتريون شرحون لکيون ويون آهن سنڌ جي فقيہ ۽ عالم مخدوم عبدالواحد سيوھاڻي ان تي حاشيو لکيو آهي.

                         ظفرالمحصلين، ص182 - فتح الفضل، قاسمي ص 48

             جامع الرموز

هن کي شرح قهستاني به چون ٿا جنهن جو مصنف شمس الدين خراساني قهستاني آهي. هن 962ھ ۾ وفات ڪئي. اصل ۾ اها نقايه جي شرح آهي، نقايه کي فقہ حنفيءَ ۾ بنيادي اھميت يعني متن واري حيثيت حاصل آهي ۽ ان جو مصنف عبدالله سعود حنفي آهي. جامع الرموز جا حوالا مڪتوبات ۾ پڻ ملن ٿا.

 تحفة المتخصص ص 198مڪتوب 32، دفتر اول

          من لم تنہ صلاتہ عن الفحشاء

هيءَ حديث طبرانيءَ جي معجم الڪبريٰ ۽ ان کان سواءِ امام احمد جي ڪتاب الزهد ۾ پڻ ملي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org