سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:3 

مخدوم فضل الله جو احوال تڪملہ مقالات الشعراءَ“ ۾ ملي ٿو جنهن موجب هو قلندر شهباز سان خاص عقيدت رکندڙ هو. ابراهيم خليل فارسي ۾ سندس هڪ اهڙو نظم ڏنو آهي. خانداني روايت موجب مخدوم فضل الله کنياري جي مدرسي مان فارغ تحصيل ٿيو ۽ پنهنجي استاد مخدوم محمد يوسف کان نقشبندي طريقي ۾ بيعت ٿيو جيڪو پاڻ محمد اسماعيل وسينءَ واري جو مريد هو ۽ اهو مخدوم ابراهيم مڏئي جي ٽن خاص خليفن مان هو جنهن جو ذڪر تڪلمہ مقالات الشعراءَ ۾ ملي ٿو. مخدوم فضل الله جي شاگردن مان ۽ ساڳئي خاندان مان مخدوم شفيع محمد پاٽائي (1250-1315) عالم فقيہ ۽ شاعر ٿي گذريو. سندس تصنيفات ۾ پهرين پاري الم جو تفسير ۽ قصيده برده جو منظوم سنڌي ترجمو شامل آهن جيڪي ٻئي ڇپيل آهن.

 سيوهڻ جي حوالي سان تيرهين صديءَ جو ٻيو وڏو عالم ۽ فقيہ نقشبندي سلسلي سان وابسته شيخ محمد عابد انصاري (1192-1257) آهي. جنهن سلطان الاولياء خواجه محمدزمان لُواري شريف واري جي ارشادات کي ‘ڪلمات قدسيه’ جي نالي سان عربيءَ ۾ 1240ھ کان 1246ھ جي وچ ۾ مرتب ڪيو. جيئن ته ‘ڪلمات قدسيه’ هن ڪتاب جو حصو آهي، انڪري سندس احوال الڳ ڏنو ويو آهي.

تيرهين صدي اندر نقشبندي سلسلي جو ذڪر کهڙن جي مخدوم خاندان کان سواءِ مڪمل نٿو ٿي سگھي. هن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين مخدوم عبدالرحمٰن کهڙن واري جو نالو اچي ٿو جيڪو ٻارهين صديءَ جي اوائل جو بزرگ آهي هن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ 1145ھ ۾ مسجد ۾ ٻه سئو ٻاويھ نمازين سان گڏ شهيد ڪيو ويو. هن خاندان جو سلسلو هونئن قادري هو. پر مخدوم عبدالرحمٰن جي ننڍي پٽ مخدوم احمديءَ جي پٽ مخدوم عاقل (ثالث) جي گھر ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ نقشبنديءَ جي ڌيءَ هئي. ليڪن هن خاندان مان پهريون بزرگ مخدوم عبدالخالق چوي ٿو ته آءٌ نوجوان هوس جو مون شاھ صفي الله جي ڀاڻيجي شاھ فضل الله سرهنديءَ ڏانهن رجوع ڪيو ۽ کانئس بيعت حاصل ڪيم. اهو مخدوم عاقل ثالث ئي هيو جنهن تاريخ ‘آئينه جھان نما’ جھڙو تاريخي پس منظر سان گڏ خانداني تذڪرو ٻن ضخيم جلدن ۾ 1285ھ ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ هن افغانستان جي بادشاهن احمد شاھ ابداليءَ کان وٺي سندس پٽ تيمور شاھ ۽ سندن پونيرن جا شاهي خط پڻ ڏنا آهن. احمد شاھ ابداليءَ کان وٺي سڀني حڪمرانن هن خاندان کي هڪ لحاظ سان سنڌ ۾ شريعت جي احڪامن جو اختيار حوالي ڪيو هو ۽ وقت بوقت سندن مدد ڪندا رهندا هئا. تاريخ ‘آئينه جھان نما’ ۾ اهڙن ڪيترن واقعن جو ذڪر ملي ٿو. چوڏهين صديءَ ۾ لکيل ‘تذڪره مخاديم کهڙا’ هن تاريخ جو اختصار آهي جنهن ۾ پڻ اها جھلڪ نظر اچي ٿي.

تذڪره جي روايت موجب هن خاندان جا افغانستان جي حڪمرانن سان تمام سٺا تعلقات هئا. ايتريقدر جو جڏهن تيمور شاھ جو پوٽو شجاع الملڪ سنڌ تي پهريون دفعو 1219ھ ۾ حمله آور ٿيو ۽ سنڌ جا ٽالپر حڪمران جيڪي افغان بادشاھ کي اڳئي ڏن ڏيندا هئا، ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪنهن ۾ اها طاقت نه هئي جو شجاع الملڪ سان ڳالهائي سگھي. تڏهن محمد عاقل ثالث جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي پيرن ۽ مشائخن جي وفد جنهن ۾ پير محمد راشد روضي ڌڻي (وفات 1232) به شامل هو، بکر ۾ شجاع الملڪ سان ملاقات ڪري کيس واپس وڃڻ تي راضي ڪيو هو جنهن جو سال هن تاريخي جملي مان نڪري ٿو:

از لب درياءَ ز بکر باز گشت

 1219ھ

ليڪن سنڌ جي ٻين عام تاريخن ۾ هن بابت ڪو ذڪر نٿو ملي. شجاع ان کان پوءِ به ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ آيو، ميرن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي هو هر دفعي لکن رپين جي اوڳاڙي ڪري واپس ويندو هو. اهو زمانو هو جڏهن مير هڪ طرف رنجيت سنگھ کان ڊنل هئا ته ٻئي طرف انگريز کين مجبور ڪري پنهنجي مرضيءَ جا عهدناما مسلط ڪري رهيا هئا. آخري ڀيرو شجاع سال 1248/1832 سنڌ ۾ آيو  جڏهن هو لڌيانه ۾ انگريزن جو مهمان هو. سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ هو ڪيترو عرصو شڪارپور ۾ ترسي پيو. ميرن گھڻي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪيئن به ڪري ٽاريو وڃي پر آخر نوبت لڙائي تائين پهتي. 1249/1834 ۾ کرڙي واري لڙائي ٿي جنهن ۾ ميرن جو وڏو نقصان ٿيو. جڏهن صلح جون ڳالهيون ٿيون ته ميرن شڪارپور جي پير نظام الدين ۽ پير محي الدين سرهنديءَ کي پنهنجي طرفان قاصد ڪري موڪليو. آخر شجاع پنج سو اُٺَ ۽ چار لک رپيا وٺي سنڌ جي پچر ڇڏي.

کهڙن جي مخدومن منجهان مخدوم عبدالخالق شاھ فضل الله کان نقشبندي طريقي جي تلقين حاصل ڪئي ۽ کانئس پوءِ کهڙن جي مخدومن جو قادري بجاءِ نقشبندي طريقو ٿي ويو. مخدوم عاقل چوٿون جيڪو تاريخ ‘آئينه جھان نما’  جو مصنف آهي، سندس نقشبندي سلسلي بابت هڪ نهايت عالمانه تحرير ‘تلقين السالڪين’ جي صورت ۾ ملي آهي. هو ان ڪتاب جو انتساب خيرپور جي حڪمران مير علي مراد ڏانهن ڪري ٿو جنهن کيس هن ڪتاب لکڻ تي آماده ڪيو ٿو ڏسجي. هن ڪتاب ۾ هو نقشبندي فڪر جو چڱيءَ ريت احاطو ڪري ٿو جتي هو اڪابر نقشبندين جي تصنيفات جھڙوڪ بهاءُالدين نقشبند ۽ خواجه احرار جي تحريرن جا حوالا ڏئي ٿو، اتي هو امام ربانيءَ جي مڪتوبات ۽ ‘مبداءمعاد’ کان به استفادو ڪندي نظر اچي ٿو. ڪتاب جي شروعات ئي هو نقشبندين جي بنيادي يارهن ڪلمات يا اصطلاحات جي سمجھاڻيءَ سان ڪري ٿو. هو فارسي شاعري جي صوفيانه روايت جي عظيم شاعرن عطار، رومي، سعدي ۽ جاميءَ جا اشعار به آڻي ٿو. هو سنڌ جي وڏي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف جي بيت کي پڻ هڪ هنڌ حوالي طور آڻي ٿو. مطلب ته هي ڪتاب سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو. مصنف ‘تلقين السالڪين’ 1279ھ ۾ لکي پورو ڪيو ۽ پاڻ 1293ھ ۾ وفات ڪري ويو. شاھ عبداللطيف کي حضرت مولانا شاھ عبداللطيف رحمة الله عليہ جي لقب سان ياد ڪري ٿو ۽ سندس هي بيت آڻي ٿو:

مس محبت نه ٿئي، پرت پوکي نه جاءِ
بيع ڪيو بازار ۾، وڪڻي ڪين وڪاءِ
هيءَ عنايت آهي، ڪنهن سهاڳڻ سامهون

اها عجيب ڳالھ آهي ته هن علمي تصنيف جو ذڪر ”تذڪره مخادم کهڙا“ ۾ ته ڪونه ٿو ملي پر پوءِ مولانا دين محمد وفائي به ان جو ذڪر نه ڪيو آهي، بلڪ هن خاندان جي فرد مخدوم امير احمد پڻ هن ڪتاب کان باخبر نٿو ڏسجي. ‘تلقين السالڪين’ کان پوءِ مخدوم عاقل ‘گنجينہ جھان نما’ جھڙو ضخيم ڪتاب لکيو جنهن لاءِ پڻ چوي ٿو ته مير علي مراد خيرپور جي حڪمران جي کيس پٺڀرائي شامل هئي. ڪتاب جي منڍ ۾ لکي ٿو ته مون پهرين صدي هجري کان پنهنجي دؤر 1288ھ تائين جي تاريخي واقعات جو احاطو ڪيو آهي جنهن ۾ هو هر صديءَ جي صوفين ۽ مشاهيرن جو ذڪر خصوصيت سان ڪري ٿو. هن ڪتاب جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ پوري اسلامي دنيا عثمانيه سلطنت سميت وچ ايشيا ايران، خراسان، هند ۽ سنڌ جي اهم واقعن کي سرسري طور سميٽيو ويو آهي، جنهن منجھان مصنف جو عالمانه انداز واضح ٿئي ٿو. اسان کي ‘تلقين السالڪين’ ڪتاب جو هڪ اهڙو نقل مليو آهي جيڪو مؤلف جو هٿ اکري آهي جنهن تي تحقيق هلي رهي آهي.

تيرهين صديءَ ۾ مٽياري ۽ هالا علمي مرڪز طور گھڻو مشهور هئا ۽ ان ڪري اتي نقشبندي اثر به واضح نظر اچي ٿو. هدايت الله مشتاق متعلويءَ جهڙي عالم ۽ شاعر جو تعلق به شاھ عبدالرحيم مٽياريءَ واري سان هو. انهيءَ زماني ۾ آخوند اميد علي سھا جيڪو هالن جي سانوڻي علمي خاندان جو فرد هو. ان جو ذڪر وري ‘تڪملہ مقالات الشعراءَ’ جي مؤلف ابراهيم خليل چڱيءَ ريت ڪيو آهي ڇو ته هو ساڻس گھڻو ويجھو هو.

اميد علي هالائي شاھ فضل الله جي پٽ خواجه عبدالقيوم جو مريد هو. هو عمدو شاعر، نثر نويس ۽ خوش نويس هو. هو مير حسين علي خان ٽالپر حسينيءَ جو ملازم هو. سندس قابلِ ذڪر تصنيفات ‘قدسيات قيومه’ يعني پنهنجي مرشد جي فارسيءَ ۾ سوانح ۽ ملفوظات ۽ ‘قصيده برده’ جي فارسي نثر ۽ نظم ۾ سمجھاڻي ملن ٿا. ان کان سواءِ سندس هڪ ديوان ۽ ‘سفرنامه ڪلڪته’ يادگار تصنيفون آهن. اميد علي جي مرشد خواجه عبدالقيوم قنڌار ۾ 1271ھ ۾ وفات ڪئي ته هن سندس وفات جي تاريخ ‘بلغ العليٰ’ مان ڪڍي. سال 1297ھ ۾ امير عبدالرحمٰن جي وقت ۾ افغانستان ۾ سرهندين لاءِ جڏهن حالتون سخت خراب ٿي ويون ته خواجه عبدالقيوم جي پٽ (1244-1315) خواجه عبدالرحمٰن سنڌ جو رخ رکيو جتي اڳئي سندس مائٽ ۽ عقيدتمند موجود هئا. ميران شاھ اول ٽکڙائي جي استدعا تي هو ٽکڙ ۾ سال 1298ھ ۾ وارد ٿيو. ليڪن ساڳئي سال حج جي لاءِ روانو ٿي ويو ڇو ته سندس ارادو حرمين ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو هو. 1297 ۾ قنڌار مان هجرت ڪرڻ تي اميد علي هالائي نهايت پر سوز نظم لکيو، جيڪو ‘انيس المريدين’ ۾ ڏنل آهي. اميد علي ‘سها’ جو بياض جنهن ۾ قصيده برده، غزل، دعائون ۽ عمليات آهن، ڊاڪٽر بلوچ جي مخطوطات سنڌ آرڪائيوز ۾ محفوظ آهي. البت سندس ٻيا خوشخط لکيل ڪتاب ٽنڊو سائينداد جي سرهندين وٽ آهن. اميد علي‘سها’ سال 1291ھ ۾ وفات ڪئي.

آخر ۾ ”تڪلمة مقالات الشعراءِ“ جي مؤلف مخدوم محمد ابراهيم خليل جو ذڪر ان ڪري ضروري آهي جو هو تيرهين صديءَ جي ڪيترن نقشبندي صوفين ۽ شاعرن جو احوال ان ڪتاب ۾ ڏئي ٿو. محمد ابراهيم پاڻ کي ڄم ۽ رهائش جي لحاظ کان سنڌي ٺٽوي ڄاڻائي ٿو. هونئن پاڻ کي هراتي، صديقي ۽ نقشبندي ڪوٺي ٿو. پنهنجي پيءُ جو نالو مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم غلام حيدر بن مخدوم عبدالڪريم بن مخدوم محمدزمان ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجو ولادت جو سال 1243ھ بيان ڪري ٿو. هن هڪ علمي خاندان ۽ شهر ۾ اک کولي جيتوڻيڪ اهو ميرن جو زمانو هو پر انگريزن جي آمد جا آثار ظاهر هئا، جو آخر سال 1259/1843 ۾ هو سنڌ تي قابض ٿي ويا.

ابراهيم کي فطري طور شاعريءَ ۽ علم ادب سان لڳاءُ هو جنهن جو ثبوت سندس شاهڪار تصنيف ‘تڪمله مقالات الشعراءَ’ آهي ۽ جيئن نالي مان ظاهر آهي ته هن اهو ڪتاب مير علي شير قانع جي ‘مقالات الشعراءَ’ کان متاثر ٿي لکيو. جنهن ۾ هو پنهنجي ويجھڙائي جي زماني جي گويا علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ پيش ڪري ٿو. هو جوانيءَ ۾ “مسڪين” تخلص ڪندو هو ۽ پوءِ “خليل” اختيار ڪيائين. سندس چوڻ مطابق پورا ٻه ديوان لکيائين. هن چوهتر سالن جي ڄمار ۾ 1317ھ ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي احاطي ۾ مدفون ٿيو.

ابراهيم خليل خانداني طور نقشبندي طريقي سان وابسته هو. هو پنهنجي پڙ ڏاڏي مخدوم عبدالڪريم لاءِ ٻڌائي ٿو ته هو شاھ صفي الله کان بيعت هو. اهڙيءَ طرح سندس ڏاڏو ۽ پيءُ به نقشبندي سلسلي سان وابسته رهيا. پنهنجي وڏي ڏاڏي محمدزمان لاءِ ٻڌائي ٿو ته هن جي هڪڙي شادي ابوالقاسم نقشبنديءَ جي پوٽيءَ سان ٿي هئي ۽ ان زماني کان وٺي سندن خاندان نقشبندي فيض سان مستفيض رهيو آهي. ابراهيم خليل پنهنجي پيءُ عبدالڪريم ثاني لاءِ لکي ٿو ته هن جي شادي مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم ابراهيم مڏئي واري جي ڌيءَ سان ٿي هئي يعني مخدوم محمد ابراهيم مڏئي وارو سندس سڳو نانو هو.

ابراهيم خليل جو اصل ڪارنامو اهو آهي ته هو تيرهين صديءَ جي مشاهيرن ۽ خاص طور نقشبندي بزرگن ۽ اوليائن بابت مستند معلومات مهيا ڪري ٿو. هو جتي شاھ صفي الله مجددي نقشبندي ۽ سندس پٽ خواجه عبدالباقي جو احوال ڏئي ٿو اتي شاھ فضل الله ۽ سندس پٽ خواجه عبدالقيوم بابت پڻ ٻڌائي ٿو. تڪمله مان ئي شيخ ابوالقاسم نقشبنديءَ سان سندس ڏاڏي مخدوم عبدالڪريم ۽ مخدوم ابراهيم مڏئي جي مٽي مائٽي جي خبر پوي ٿي. جنهن مطابق هو ٻئي پاڻ ۾ ماسات آهن. شيخ ابوالقاسم مخدوم ابراهيم مڏئي واري جو نانو آهي ۽ ابراهيم خليل جي پڙ ڏاڏي جو پڻ نانو آهي.

مطلب ته ابراهيم خليل ڏاڏنگ توڻي ناننگ ۾ نقشبندي طريقي سان لاڳاپيل هو تنهنڪري پنهنجي خاندان، رشتيدارن ۽ ان زماني جي ٻين نقشبندي بزرگن بابت مختصر مگر مفيد معلومات ڏني اٿس. تڪمله ۾ هيٺين نقشبندي بزرگن ۽ مشاهيرن جو احوال ملي ٿو. محمد هاشم ٺٽويءَ جي اولاد مان سندس پوٽي مخدوم ابراهيم مڏئي وارو، ان جي پٽ عبداللطيف کان سواءِ لُواري درگاھ جي بزرگن مان سلطان الاولياء جي والد ميان عبداللطيف ۽ ميان گل محمد ۽ خواجه محمد سعيد توڻي ان درگاھ جي عقيدتمندن منجھان جھڙوڪ ‘فردوس العارفين’ جو مصنف بلوچ خان ۽ ‘مرغوب الاحباب’ جي مؤلف نظر علي ٽالپر بابت پڻ تفصيل ڏنو اٿس.

سرهندي خاندان منجهان خواجه عبدالباقي جي پٽ خواجه عمر توڻي سندس پوٽي ناصرالدين جانان جي مختصر احوال سان گڏ سندس شاعري مان ڪجھ نمونا پيش ڪري ٿو.

تڪمله جي شروعات هو احمد خان نظاماڻيءَ سان ڪري ٿو. جيڪو شاھ صفي الله جو خاص خليفو هو ۽ جنهن جو ذڪر ‘عمدة المقامات’ ۾ پڻ ملي ٿو. اهڙيءَ طرح هو اميد علي ‘سها’ هالائي جو تفصيلي احوال ڏي ٿو جيڪو خواجه عبدالقيوم جو مريد هو ۽ مرشد جي ملفوظات ‘قدسيات قيومه’ مرتب ڪئي اٿس. ابراهيم خليل جو چوڻ آهي ته هن پاڻ ان ملفوظات لکڻ ۾ اميد علي جي مدد ڪئي هئي. تڪمله ۾ سيوهڻ جي پاٽائي خاندان مان مخدوم فضل الله پاٽائي، شڪارپور مان پير نظام الدين سرهندي جو احوال به ملي ٿو.

جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو ته سنڌ ۾ ٻارهين صديءَ اندر نقشبندي سلسلي جي آمد شروع ٿي ۽ پهريائين سنڌ جا عالم ۽ بزرگ دهلي ۽ سرهند وڃي فيضياب ٿي آيا جن جو مثال پهريون نقشبندي صوفي مخدوم آدم نقشبندي ۽ ان کان پوءِ مخدوم ابوالقاسم ۽ خواجه ابوالمساڪين آهن جن جو تعلق ٺٽي سان هو. ان کان پوءِ سندن ذريعي هي سلسلو ڦهلجڻ لڳو ۽ خواجه ابوالمساڪين جيڪو مخدوم آدم نقشبنديءَ جو پوٽو هو. جنهن کان اهو فيض لُواريءَ درگاھ جي باني سلطان الاولياء خواجه محمد زمان کي مليو. ان جو تفصيلي احوال اڳ ۾ گذري آيو.

تيرهين صديءَ ۾ سنڌ اندر نقشبندي سلسلو وڏي پيماني تي ڦهليو ۽ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن سکن جي ظلمن ڪري سرهندي خاندان پشاور، ڪابل ۽ قنڌار ۾ ٽڙي پکڙي ويو، تڏهن وري ان خاندان جا افراد ڪابل ۽ قنڌار مان حج جي ارادي سان سنڌ ۾ اچڻ لڳا. آخر تيرهين صديءَ ۾ ڪيترا خاندان سنڌ اندر مستقل سڪونت اختيار ڪري ويا. جيتوڻيڪ نقشبندي سلسلي جا وڏا بزرگ ٻارهين صديءَ ۾ ٿي گذريا پر هڪ لحاظ سان تيرهين صديءَ ۾ نقشبندي سلسلو پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڪن حلقن پاران ان عرصي دوران ڪي علمي اعتراض به اٿڻ لڳا. هن سلسلي ۾ اسان کي اهڙو مواد ملي ٿو. انهن اعتراضن يا سوالن جا علمي جواب لُواري شريف جي پنجين گادي نشين خواجه محمد سعيد (1264 - 1324ھ) جي هڪ رسالي جي صورت ۾ ملن ٿا. اها هڪ عمدي تحرير آهي، جنهن ۾ هو نهايت عالمانه انداز ۾ بحث ڪري جواب ڏئي ٿو. ان ڪتاب جو نالو آهي ‘رفع الظنون السيئة عن الائمة العلية’ يعني عالي مقام بزرگن بابت غلط گمانن جي اصلاح، انهن مان ڪي خاص سوال هن ريت آهن:

1. طريقه عاليه قادريه سڀني طريقن کان افضل آهي ڇو ته شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو قول آهي ته “قدمي هٰذه عليٰ رقبة ڪل ولي” يعني منهنجو هي قدم هر ولي جي گردن مٿان آهي. ان باري ۾ توهان ڇا ٿا چئو؟

2. نقشبندي بزرگ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي فضيلت جو اقرار ڇو نٿا ڪن ۽ پاڻ کي اصحابي سڳورن کان به بهتر ڄاڻائن ٿا، جيئن مجدد الف ثانيءَ جي ڪن مڪتوبات مان اهو گمان نڪري ٿو ان جي ڪهڙي وضاحت آهي؟

3. نقشبندي زباني ذڪر کان پاسو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته قلبي ذڪر جو غلبو پوري جسم تي ظاهر ٿيندو آهي، بلڪ جيڪڏهن قلبي ذڪر غالب ٿئي ٿو ته انساني جسم جو هر وار ذڪر ڪندو آهي، ان جو ڪهڙو دليل آهي؟

4. نقشبندي قول ۽ فعل ۾ پاڻ کي هر حال ۾ سنت جو پوئلگ ٻُڌائن ٿا، پوءِ مجدد الف ثانيءَ جي هن قول جو ڪهڙو شرعي دليل آهي ته آءٌ پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي وجود جي بقايا مان آهيان؟

خواجه محمد سعيد جي مٿين ڪتاب ۾ هنن ۽ ٻين سوالن جا نهايت علمي انداز ۾ مدلل جواب ڏنل آهن ته انهن الزامن ۾ ڪيتريقدر حقيقت آهي. ٻي ڳالھ ته هن کان اڳ به اهي سوال اٿاريا ويا آهن. هن سلسلي ۾ هو سموري صوفي ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پنهنجو نقطئه نظر واضح ڪري ٿو جيڪو پڙهڻ وٽان آهي.

 اهڙيءَ طرح انهن سوالن جا مختصر جواب ۽ سمجھاڻي مخدوم فضل الله پاٽائي جي طرفان پڻ هڪ ننڍي عربي فارسي رسالي ۾ ملن ٿا. هن ڳالھ ڪرڻ جو مقصد هو ته جيڪڏهن نقشبندي طريقي جي مٿان ڪي علمي اعتراض يا سوال اٿاريا ويا ته انهن طرفان تسلي بخش وضاحت پڻ پيش ڪئي وئي جو اهو معاملو اڳتي نه وڌيو، جنهن ڪري نقشبندي طريقو جيڪو ٻين سڀني طريقن کان بعد ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو، اهو ان ريت پنهنجي لاءِ خاص مقام ۽ جڳھ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بلڪ اسان کي ڪيترا اهڙا بزرگ نظر اچن ٿا جيڪي قادري، سهروردي توڻي نقشبندي طريقت ۾ نه صرف بيعت ٿيل هئا بلڪ هو ساڳئي وقت انهن ٽنهي سلسلن ۾ يا ان کان به وڌيڪ سلسلن ۾ بيعت ڪندا هئا. مطلب ته جيئن مٿي جائزي ۾ ڏٺو ويو ته ڪيترا نقشبندي صوفي اجازت يافته هئا ۽ اهڙي اجازت به ڏيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org