سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:1

صوفي لاڪوفي

[علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جون تقريرون ۽ تحريرون]

(ڀاڱو ٻيو)

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ٻه اکر

سنڌي ادبي بورڊ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سال 1965ع ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ جي زندگيءَ ۾ ئي سندس تحريرن،  تقريرن ۽ خطن وغيره کي مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ علامه صاحب جا هيٺيان ساٿي ۽ سڄڻ شامل هئا:

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ        (2) ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو

(3) مسٽر شفيع محمد ميمڻ   (4) ڊاڪٽر نبي بخش قاضي

(5) مسٽر محمد ابراهيم جويو، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

تقريرن جو آخري انتخاب علامه صاحب پاڻ ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ان مجموعي ۾ ڪل پندرهن تحريرون شامل آهن، انگريزيءَ ۾ ان ڪتاب جو نالو  Casual Peeps at Sophia رکيو ويو ۽ اهو بورڊ طرفان 1967ع ۾ شايع ٿيو. سال 1968ع ۾ علامه صاحب ۽ سندس گهرواريءَ جي مشترڪ تصنيف Adventures of Brown Girl in Her Search for God کي پڻ  شايع ڪيو ويو، جيڪو پهريائين 1933ع ۾ لنڊن مان ڇپيو هو. انهن ٻنهي ڪتابن جو تعارف جناب اي.ڪي بروهي صاحب لکيو. 13- اپريل 1968ع تي علامه صاحب وفات ڪري ويو ته ان کان پوءِ هن ڪم ۾ وڌيڪ پيش رفت ڪونه ٿي سگهي.

بهرحال سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب  Adventures of Brown Girl in Her Search for God جو سنڌي ترجمو جناب سومار علي سومرو  جيڪو بورڊ پاران سال 1986ع شايع ۾ ڪيو ويو.

سال 1995ع ۾  Casual Peeps at Sophia جو سنڌي ترجمو مقدمي ۽ تشريحي حوالن سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو ۽ اهو ڪم جناب عبدالغفار سومري صاحب پنهنجي ذاتي تحرڪ جي بناءَ تي مڪمل ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو هو. سال 2015ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جي ’مرتضيٰ قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ‘ ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل خطن کي ايڊٽ ڪيو، جنهن کي 'Epistles of Divine Wisdom' جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو.

هيءُ، ان سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي عرق ريزيءَ ۽ محنت جو ڦل آهي، سندس بقول علامه صاحب جي انگريزيءَ ۾ ڇپيل توڻي اڻڇپيل تقريرن ۽ تحريرن جو مجموعو آهي. هن قسم جي مواد کي سهيڙڻ ۽ ان کي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ جو ڏکيو ڪم ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب جنهن دل جي شوق سان ڪيو آهي، اهو پڙهندڙ پاڻ چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهندا. ازانسواءِ هن ڪتاب جو تفصيلي مقدمو ڊاڪٽر صاحب جي جديد فلسفي، سماجي علوم ۽ اسلامي فڪر تي دسترس جو ثبوت فراهم ڪري ٿو. اسين هيءَ ڪاوش وڏي خوشيءَ سان شايع ڪري رهيا آهيون، اميد ته ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جي باقي اڻ ڇپيل تقريرن کي جيڪي انگريزيءَ ۾ آهن، ايڊٽ ڪري بورڊ جي حوالي ڪندا ته جيئن سنڌ جي عظيم دانشور ۽ فلسفي علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جون سڀ تحريرون سنڌ جي نئين نسل آڏو اچي وڃن.

اُميد آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي اهلِ علم حلقن ۾ پذيرائي حاصل ڪندو.

 

12- رجب المرجب 1440هه       مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘

20- مارچ 2019ع                   چيئرمئن

 

مهاڳ

 

سنڌ جي عظيم ڏاهي انسان علامه آءِ.آءِ.قاضي 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي ان کان هڪ سال اڳ 1967ع ۾ پهريون ڀيرو سندس تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو Casual Peeps at Sophia نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو، علامه صاحب جي انهن پندرهن تقريرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو تشريحي حوالن سميت 1995ع ۾ اسان جي ڪوشش جي نتيجي ۾ منظر عام تي آيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 2004ع شايع ٿيو.

علامه صاحب 1951ع کان 1958ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو، انهيءَ عرصي دوران سندس معمول هو ته پاڻ اولڊ ڪئمپس ۾ هر هفتي مختلف موضوعن تي توسيعي ليڪچر ڏيندا هئا، انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه تقريرون ٽيپ رڪارڊر تي محفوظ ڪيون ويون هيون، جن جو تعداد پنجاهه کن هو، جڏهن علامه قاضي ميموريل سوسائٽي قائم ٿي ته سوسائٽي طرفان هر تقرير کي ايڊٽ ڪري الڳ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح ڪُل شايع ٿيل تقريرن جو تعداد سورهن تائين پهچي ٿو.

ٽيپ رڪارڊر تي تقريرن کي محفوظ ڪرڻ جو ذمو ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي حوالي هو، اڳتي هلي اهڙيءَ طرح سترهن ڪيل تقريرن جي حوالي سان انهن تي تحقيق جي نتيجي ۾ محترم عبدالعزيز عمراڻيءَ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي.

جيئن ته ميموريل سوسائٽي علامه صاحب جي ٽيپ ٿيل سڀني تقريرن کي ايڊٽ ڪري ڇپائي نه سگهي، تاهم اهڙيون تقريرون ڊاڪٽر هاليپوٽي جي نگرانيءَ ۾ جيئن جو تيئن ڊاڪٽر عمراڻي لکت ۾ آڻي ڇڏيون ۽ اهڙين تقريرن جو تعداد ويهارو کن ٿيندو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن تقريرن جو سنڌي ترجمو سنڌ نيشنل اڪيڊمي طرفان ٻن ڪتابن ’اسلام جديد فڪر جي منظر ۾‘ ۽ ’اسلام  ۽ نئين جاڳرتا‘ جي صورت ۾ 1999ع ۽ 2000ع ۾ شايع ٿيو. انهن تقريرن جو اردو ترجمو حافظ محمد موسيٰ ڀٽي صاحب جي ذاتي دلچسپيءَ ۽ علامه قاضي ميموريل سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ زيرنگرانيءَ ٽن ننڍن ڪتابن ’مشاهده حق‘، ’عرفان حق‘ ۽ ’آئينه  حق‘ جي صورت ۾ منظر عام تي آيو.

بهرحال انهن سڀني ڪاوشن جي باوجود علامه صاحب جون ڪيتريون تقريرون خاص طور جيڪي سائنسي موضوع واريون هيون، انگريزي توڻي سنڌيءَ ۾ نه اچي سگهيون. سال 1999ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ، علامه صاحب جي انگريزيءَ ۾ ڪجهه وکريل وٿن کي مرتب ڪري علامه قاضي چيئر طرفان شايع ڪرايو جنهن ۾ علامه صاحب جون ڪجهه اوائلي تحريرون ۽ ڪجهه ڊائريءَ جا ورق به شامل ڪيا. هتي علامه قاضيءَ جي ڀاڻيجي جسٽس مشتاق علي قاضي کي به وسارڻ نه کپي جنهن ميموريل سوسائٽيءَ طرفان ڇپيل سورنهن تقريرن ۽ علامه ۽ سندس گهر واريءَ جي گڏيل تصنيف Adventures of Brown Girl in Her Search for God کي شامل ڪري رايل بڪ ڪمپني ڪراچي طرفان Selected speeches of Allama I.I.Kazi جي نالي سان هڪ جلد جي صورت ۾ سال 1997ع ۾ شايع ڪرايو.

سال 2015ع ۾ جڏهن منهنجي ڪوشش جي نتيجي ۾ علامه صاحب جي انگريزي خطن جو مجموعو  Epistles of Divine Wisdom سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو ته انهيءَ ڳالهه جو شديد احساس ٿيو ته علامه صاحب جي شايع ٿيل توڻي اڻ شايع ٿيل تقريرن ۽ تحريرن کي گڏ ڪري ’صوفي لا ڪوفي‘ (ڀاڱو ٻيو) جي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي. اها جستجو هلندڙ هئي ته ڊاڪٽر عمراڻيءَ سان ملاقات جي صورت پيدا ٿي، جنهن وڏي قرب ۽ محبت وچان ٽيهن ئي ٽيپ ٿيل تقريرن جون ڪيسٽون ۽ ٻاويهن تقريرن جو انگريزيءَ ۾ ابتدائي مسودو اهو چئي منهنجي حوالي ڪيو ته هاڻي اهو ڪم توهان جي ذمي آهي، هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته انهن ٽيپن مان سورهن ايڊٽ ٿي ڇپيل آهن، باقي ايڊٽ ٿيل ناهن ۽ اڃان تائين مسودي جي صورت ۾ آهن، تاهم ڪي ٽيپ اهڙا آهن جن ۾ آواز صحيح ڪونهي. هن بعد ٻئي مرحلي ۾ اسان جو ارادو آهي ته باقي انگريزي تقريرن کي ايڊٽ ڪري Casual Peeps at Sophia, Part-II  جو ٻيو ڀاڱو شايع ڪرايو وڃي.

هاڻي هن مجموعي ۾ ڪل ايڪهٺ تقريرون ۽ تحريرون موجود آهن. جن مان جيئن اڳ ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڊاڪٽر عمراڻيءَ ٽيهارو کن تقريرن جو ترجمو ڪيو هو، ليڪن اهو ترجمو گهڻي اصلاح طلب هو. هينئر اسان انهن سڀني جي ترجمي کي اصل سان ڀيٽي درست ڪري نئين صورت ڏني آهي، اهڙيءَ طرح باقي ٽيهارو تقريرن جو ترجمو اسان پاڻ ڪيو آهي.

علامه صاحب علم جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هو جنهن ڪري سندس تقريرن جو پس منظر به ايتروئي وسيع ۽ عريض آهي، انهيءَ صورتحال جي پيش نظر اسان جتي ضروري سمجهيو آهي، تقريرن جي پويان حاشين جي صورتن ۾ واڌارا ۽ حوالا ڏنا آهن، جنهن سان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اميد ته ’صوفي لاڪوفي‘ جو هي ٻيو ڀاڱو پهرين وانگر مقبوليت ماڻيندو ۽ سنڌ جي نئين نسل جي ذهني اوسر ۽ ارتقا ۾ رهنما ڪردار ادا ڪندو.

آخر ۾ آءٌ ڊاڪٽر عبدالعزيز عمراڻي جي شڪريي ادا ڪرڻ کان  سواءِ رهي نٿو سگهان، جنهن جي اعتماد ڪري هي علمي ڪشالو ممڪن ٿي پيو، آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي لائق سڪريٽري مسٽر الهڏتي وگهيي ۽ چيئرمن محترم جميل الزمان جو ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي ترجيحي طور شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪيو.

 

1 سيپٽمبر 2018ع                                       عبدالغفار سومرو

بمطابق 19 ذوالحج 1439هه

اسلام آباد

 

مقدمو

 

سوانح:

علامه آءِ.آءِ.قاضي يعني امداد علي ولد امام علي قاضي 9 اپريل سال 1886 حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، جنهن جو تعلق سنڌ جي تاريخي علمي شهر پاٽ سان هو ۽ پاٽ جا انصاري مشهور هئا، امام علي قاضي ان وقت حيدرآباد ۾ اسپيشل مئجسٽريٽ جهڙي اهم سرڪاري عهدي تي فائز هو. هو پاڻ علمي مزاج رکندڙ شخصيت هو ۽ سرڪاري نوڪريءَ دوران سندس گهر جيڪو ٺوڙهي جي چاڙهيءَ تي هو، علمي محفلن ۽ مشاعرن جو مرڪز هو. 1874 ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سندس سربراهيءَ ۾ ٿيل هڪ اهڙي مشاعري جي روئداد ان وقت ڪراچيءَ مان نڪرندڙ فارسي اخبار ’مفرح القلوب‘ ۾ شايع ٿيل آهي. ان ڪاروائي جو حوالو ’ديوان فاضل‘ جي مقدمي ۾ ملي ٿو جنهن ۾ اهو ذڪر موجود آهي.

هڪ پڙهيل ڳڙهيل والد جي حيثيت ۾ امام علي پنهنجي پٽ امداد عليءَ جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن خصوصي توجه ڏنو. آخوند عبدالعزيز کي ان مقصد لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنهن ذهين امداد تي وڏو توجهه ڏنو، اندازو آهي ته سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ خانگي طور مڪمل ڪرڻ بعد نوجوان امداد سنڌي ٻوليءَ ۾ فائنل جو امتحان 1904 ۾ پاس ڪيو، وري هڪ سال بعد 1905 ۾ هو بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ هن اعليٰ تعليم خاطر علي ڳڙهه جو رخ رکيو، جيڪو ان وقت سنڌ- هند جي مسلمانن جي تعليم لاءِ واحد علمي مرڪز هو. پر خبر نٿي پوي ته هو علي ڳڙهه ۾ ڇو پنهنجي تعليم جاري رکي نه سگهيو، ليڪن سال کن پوءِ هو اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي ماروٽ ايم.اي.حافظ سان گڏ انگلنڊ روانو ٿي ويو، جتي هن مشهور علمي درسگاهه لنڪنز اِن ۾ داخلا ورتي جتان 1911 ۾ کيس بار.ايٽ.لا جي ڊگري ملي.

لنڊن ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ نه رڳو برطانوي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جي مٿان سج نه لهندو هو، پر اهو صحيح معنيٰ ۾ علمي ۽ سائنسي مرڪز به هو، علامه صاحب پنهنجي طبيعت جي اقتضا موجب ان صورتحال جو فائدو وٺندي مختلف سماجي ۽ سائنسي علمن ۾ اڪتساب فيض ڪيو. معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ هن ادب ۽ آرٽ، تقابل اديان ۽ مذاهب کان علاوه خالص سائنس مضمونن جهڙوڪ طبيعيات، نباتيات، حياتيات، ارضيات ۽ علم هيئت وغيره ۾ پڻ چڱي خاصي  استعداد ۽ اهليت حاصل ڪري ورتي. بهرحال اها عجيب ڳالهه آهي ته هن ايترا سال علمي جستجو ۽ علمي ڪشالي ڪرڻ جي باوجود ڪنهن هڪ مضمون ۾ به ڊگري يا سَنَدَ حاصل نه ڪئي جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هن جو مقصد ڊگري حاصل ڪرڻ نه هو بلڪ هن جو مقصد علم کي علم خاطر پرائڻ هو.

اهو 1908 جو ذڪر آهي جو لنڊن ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي ۽ سيد امير علي جهڙو عالم فاضل ۽ دانشور ان جو صدر مقرر ٿيو. ان ڳالهه ڏانهن علامه صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ اشارو ڪيو آهي ته تڏهن کيس لنڊن مسلم ليگ جي سيڪريٽري جي عهدي لاءِ خط لکي چيو ويو، جيڪو وٽس محفوظ آهي، پر هن اهو چئي انڪار ڪيو هو ته هو پاڻ اڃان زيرِ تعليم آهي ۽ پاڻ کي ايڏي عهدي جي ذميوارين لاءِ اهل نٿو سمجهي.

لنڊن ۾ علم جي تحصيل خاطر هو ان وقت جي ٻن وڏن عالمن ٿامس آرنولڊ ۽ پروفيسر ايل.ٽي.هاب هائوس سان گهڻو واسطي ۾ رهيو، ٿامس آرنولڊ لنڊن واپس اچڻ کان اڳ پهريائين علي ڳڙهه ۽ پوءِ لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ استاد رهي چڪو هو جتي هو علامه اقبال جو استاد هو. اهڙيءَ طرح ايل.ٽي.هاب هائوس لاءِ علامه صاحب پاڻ هڪ تقرير ۾ ٻڌايو آهي ته هو عمرانيات جو فاضل استاد هو ۽ علامه اقبال ۽ پاڻ ان جا ليڪچر گڏ ٻڌندا هئا ۽ هو تڏهن کان هڪ ٻئي کان واقف ٿيا هئا.

ياد رهي ته اهوئي زمانو هو جڏهن علامه اقبال به انگلنڊ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آيل هو، بلڪ هو 1905 ۾ لنڊن پهتو ۽ ڪيمبرج جي ٽرينٽي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1907 ۾ هن اتان بي.اي.آنرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ علامه صاحب کان ٽي سال اڳ 1908 ۾ لنڪزان مان بار.ايٽ.لا ٿيو، اقبال پنهنجي استاد ٿامس آرنولڊ جي هدايت موجب تحقيقي مقالو لکي ميونخ جرمنيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سَنَدَ به حاصل ڪئي ڇو ته ان زماني ۾ انگلنڊ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪونه ڏني ويندي هئي.

لنڊن ۾ رهائش دوران علامه قاضيءَ جو واسطو جرمن ڇوڪريءَ ايلسا سان قائم ٿيو، جيڪو 1910 ۾ شاديءَ جي صورت ۾ بدلجي ويو. ايلسا جي خانداني پس منظر طور ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هن جو پيءُ وقت جو مشهور موسيقار هو، ۽ اهو خاندان تازوئي جرمنيءَ کي خيرباد چئي اچي لنڊن ۾ مقيم ٿيو هو، جيئن اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو ته ايلسا کي قدرت گهڻين صلاحيتن ۽ خوبين سان نوازيو هو. هو ساڳئي وقت شاعره، مصوره، مصنفه به هئي ته موسيقيءَ سان به کيس وڏي رغبت هئي. مطلب ته هوءَ هر لحاظ کان علامه صاحب جهڙي شخصيت سان هم رفيق ٿيڻ جي اهل هئي جيئن اڳتي هلي سندن باقي زندگيءَ مان ثابت ٿئي ٿو.

اها خبر پوريءَ ريت نه پئجي سگهي آهي ته شادي ڪرڻ بعد ۽ بار ايٽ.لا ٿيڻ کان پوءِ علامه ۽ ايلسا قاضي ڪڏهن سنڌ لاءِ روانا ٿيا، ليڪن 1 مارچ 1913 تي ايلسا قاضيءَ جو پنهنجي سهري امام علي قاضي ڏانهن لکيل اهڙو پوسٽ رڪارڊ موجود آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪجهه عرصو سنڌ ۾ رهڻ بعد لنڊن لاءِ روانا ٿي چڪا هئا. سال 1914 ۾ پهرين عالمگير جنگ شروع ٿي وئي ۽ ان ڪري لڳي ٿو ته جنگ جي خاتمي 1918 تائين هو ٻئي لنڊن ۾ هئا. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ سال 1919 ۾ هو ٻئي سنڌ واپس پهتا. ان موقعي تي سندن آمد جي مناسبت سان ٽنڊي آغا جي ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ جو فارسيءَ ۾ لکيل قطعو ملي ٿو، جنهن جو سندن خاندان سان پراڻي نيازمنديءَ وارو رستو هو.

اهو قطعو هن ريت آهي:

واردِ هندوستان شد بعد از مدت مديد

صاحبِ خلقِ عميم و باحيا و نيک خو

همچو نرگس چشم ما بر راه آن بوده مدام

لشکر کآخر غنچهء دل گشت وا از ديد او

روز روز عيد گشته، شب برات شب شده

غُل مبارکباد، باشد بر زبان هر چار سو

چون مرا ديده پريشان در خيالِ خويش غرق

زانکه پئي تاريخ آندم مي نمودم جستجو

بهرسال آمدش پس گفت اين هاتف ’مدد‘

نور دل فرزند گلزار نشاط افزا بگو

1338هه

قطعه تاريخ تشريف آوري جناب فضائل مآب صاحب حلم و حيا منبع جود و عطا مظهر مڪارم خفي و جلي مسٽر امداد علي قاضي بار ايٽ لا از لندن بوطن خود.

از: ڊاکٽر ميرزا مدد علي بيگ مدد تنده آغا حيدرآباد سند.

سنڌ ۾  پهچڻ بعد علامه صاحب والد جي نقشِ قدم تي هلندي سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ هو ٽنڊي محمد خان ۾ سول جج طور مقرر ٿيو، 1921 ۾ برطانوي سرڪار کيس خيرپور رياست جي انتظامي صلاحڪار ڪائونسل جو گهرو ميمبر مقرر ڪيو، اها ٽن ميمبرن تي مشتمل ڪائونسل هئي جنهن جو سربراهه مسٽر هيلي فاڪس هو ۽ ٻيو ميمبر مسٽر ليواني هو. اها ڪائونسل ان ڪري جوڙي وئي هئي جو ان وقت خيرپور رياست جو حڪمران مير علي نواز ’ناز‘ جيڪو وڏو شاعر ۽ عشق باز هو، انگريزن جي نظر ۾ رياست هلائڻ جو اهل نه هو، هن کي رياست جو صرف نالي ۾ امير تسليم ڪيو ويو هو باقي انتظام هن ڪائونسل جي حوالي هو.

علامه پنهنجي گهر واريءَ سوڌو اٽڪل اٺ سال خيرپور رياست جي هوم ميمبر طور فرائض سرانجام ڏنا. اهوئي زمانو هو جڏهن ٻئي مير علي نواز جي سنڌي، اردو شاعريءَ کان متاثر ٿيا، 1924 ۾ علي نواز ’ناز‘ جي هڪ غزل جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ايلسا صاحبه ڪيو ۽ ان بابت مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف بابت عاليشان مقالو انگريزيءَ ۾ علامه صاحب لکيو جيڪو انگلينڊ پوٽئري ريويو سوسائٽي کي موڪليو ويو، ان مقالي کي ڇپجڻ کان پوءِ ايڏو معياري قرار ڏنو ويو جو ان جي نتيجي ۾ علامه صاحب کي ان سوسائٽي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 1928 ۾ علامه صاحب ’فلاسافر ڪير آهي‘ (Who is a Philosopher) جي عنوان تحت هڪ ننڍو مضمون انگلنڊ جي فلاسافيڪل سوسائٽي جي جرنل ۾ ڇپجڻ لاءِ لکي موڪليو. ان جي نتيجي ۾ علامه صاحب کي سوسائٽيءَ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. خيرپور ميرس ۾ علامه صاحب ۽ سندس گهر واريءَ جيڪو عرصو گذاريو، اهو سندن مزاج مطابق نه هو، جنهن جو هڪ سبب گهڻي گرمي هئي جيڪا سندن برداشت کان ٻاهر هئي. ان زماني ۾ علامه صاحب جا ڪجهه لکيل خط مليا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته هو خيرپور کان ٻاهر اسسٽنٽ سيشن جج بنجڻ لاءِ درخواست ڏئي چڪو هو. پر جيئن ته اهڙي ڪا جاءِ خالي نه هئي، تنهنڪري سندس نالو آئيندي لاءِ فهرست ۾ رکيو ويو.

تاريخ 13 جولاءِ 1927 تي علامه صاحب ڏانهن انگريز مسٽر هڊسن جو هڪ لکيل خط ملي ٿو، جنهن جو موضوع اهو آهي ته علامه صاحب کانئس اهو پڇي رهيو ته هو خيرپور رياست جي ايگزيڪٽو ڪائونسل جي هوم ميمبر جي حيثيت تان استعفا ڏيڻ گهري ٿو. ڇو ته سندس فيصلن جي مير علي نواز ناز پاران مخالفت ٿي رهي آهي. ان خط مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته علامه صاحب هوم ميمبر جي حيثيت ۾ پنهنجي کاتي ۾ انتظامي لحاظ سان ڪابه مداخلت برداشت نٿي ڪئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو هو جو کيس ڌمڪيون به مليون هيون.

ياد رهي ته ان وقت خيرپور رياست جو انتظام مير علي نواز ناز جي اڍنگي روش ۽ شاهه خرچين سبب تباهه ٿي چڪو هو ۽ ٽن ميمبرن تي مشتمل ڪائونسل ٺاهي وئي ته جيئن حالتن کي سڌاري سگهجي. علامه صاحب ان ڪائونسل تي هوم ميمبر هو، جڏهن ته ٻه ٻيا ميمبر انگريز هئا.

تاريخ 15 جولاءِ 1927 تي لکيل خط ۾ علامه صاحب کي ٻڌايو ويو ته ڪمشنر صاحب جي راءِ آهي ته قاضي صاحب ايتري جلدي استعفا نه ڏئي. ٻيو ته سرڪار قاضي صاحب جي ڪيل انتظامي ڪم کي ساراهي ٿي. ليڪن جيڪڏهن هو استعفا ڏئي ڇڏيندو ته سرڪار کيس ڪونه روڪي سگهندي. اهڙي صورتحال ۾ علامه صاحب ڪجهه وقت لاءِ موڪل وٺي رياست کان ٻاهر هليو ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ واپس اچي نوڪريءَ تي چڙهيو. بهرحال 1929 ۾ علامه صاحب خيرپور رياست جي هوم ميمبريءَ تان استعفا ڏيئي ڇڏي ۽ حيدرآباد هليو آيو. جتي هن ضلع ٿرپارڪر جي پبلڪ پراسيڪوٽر جي عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

1929 ۾ 18  آگسٽ تي علامه صاحب ’ڪردار‘ جي موضوع تي ٿيوسافيڪل هال ڪراچيءَ ۾ زبردست ليڪچر ڏنو، جيڪو صوفي لا ڪوفي جي پهرين ڀاڱي ۾ شامل آهي.

پبلڪ پراسيڪوٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي علامه صاحب گهڻو وقت سنڌ  ۾ ڪونه رهي سگهيو ۽ پاڻ ۽ سندس گهر واريءَ محسوس ڪيو ته هنن جو سنڌ ۾ رهڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. ان ڪري ٻنهي وري 1931 ۾ لنڊن جو رخ رکيو، ۽ پاڻ کي تعليمي ۽ فڪري سرگرمين لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. اهو زمانو هو جڏهن هن پاڻ مختلف علمي مرڪزن ۾ وڃي باقاعدي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا ۽ مسلم سوسائٽي برطانيه جي ٽن معزز ميمبرن ۾ هو شامل هو. ان سوسائٽي جو صدر انگريز لارڊ هيڊلي هو ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جو چيئرمن ڊبليو.بي.باشر پڪارڊ هو. اسان جي نظر مان هن سوسائٽيءَ جي 33-1932 جي پهرين رپورٽ گذري آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر هفتي خميس ڏينهن علامه قاضي 45 بيسٽ روڊ، لنڊن ۾ اسلام جي موضوع تي گفتگو ڪندا هئا، جنهن جو مقصد اسلامي تهذيب ۽ فڪر جي سمجهاڻي هوندو هو. اهڙيءَ طرح جمع جي ڏينهن اسڪس هال، اسٽرينڊ، لنڊن ۾ علامه صاحب جمعه نماز کان پوءِ خطاب ڪندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org