سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:12 

[  9  ]

نئين تعليمي سال جي آمد

[علامه صاحب هيءَ تقرير نئين سال جي شروع ٿيڻ جي مناسبت سان پهرين جنوري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪئي]

پيارا دوستو ۽ ساٿيو، اسان جي اڳين ملاقات کي پورو هڪ سال ٿي ويو آهي. جڏهن آءٌ چوان ٿو ته سال گذري ويو آهي ته اسان مان گهڻن کي پتو ئي ناهي ته اهو ڪيئن گذري ويو. انهيءَ پوري عرصي ۾ ڌرتيءَ پنهنجي چوڌاري هڪ چڪر(طواف) سواءِ هڪ سيڪنڊ ضايع ڪرڻ جي ٻارهن مهينن ۾ پورو ڪيو آهي. ڌرتيءَ جو اهو عمل هڪ طويل عرصي کان بار بار جاري ۽ ساري آهي.

ٿورو ان ڳالهه تي سوچيو ته حواسن کان عاري اهو جسم جيڪو بظاهر مرده آهي جنهن کي اکيون ناهن ۽ ڪو عقل ناهي ۽ پنهنجي ڪا سوچ ناهي، اهو مشين وانگر ڦري پيو. بلڪ پنهنجي پيءَ سمان سج جي چوڌاري سواءِ هڪ سيڪنڊ ضايع ڪرڻ جي گردش يا طواف پيو ڪري. آخر اهو ڪيئن ممڪن آهي ۽ ڪيئن پيو ٿئي؟ ڇا ڪنهن ماڻهوءَ ان تي غور ڪيو آهي ته آخر ڌرتيءَ جهڙو مرده جسم نهايت پابنديءَ سان سج جي چوڌاري ڪيئن پيو ڦري،  جو ان سڄي عمل ۾ هڪ سيڪنڊ به هيڏانهن هوڏانهن ڪونه ٿو ٿئي. اهو ڪيڏو نه حيرت انگيز عمل آهي.

وقت جي پابنديءَ لاءِ به هڪ قسم جي شعور جي ضرورت آهي. اسان پاڻ کي عقل جا مالڪ سمجهون ٿا، اسان کي اکيون آهن، اسين هلي گهمي سگهون ٿا، اسان اداري جا مالڪ آهيون ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ڌرتيءَ جا ڌڻي آهيون. ليڪن پوءِ به اسان کان وقت جي لحاظ سان ڪلاڪن ۽ منٽن جي پابندي ڪونه ٿي ٿئي، مگر ڌرتي ٻارهن مهينا چڪر ڪاٽيندي هڪ سيڪنڊ به ضايع نٿي ڪري.

گذريل ست سؤ سالن جو حساب ڪتاب رکندي اسان کي معلوم ٿيو آهي ته ڌرتيءَ جي ان حرڪت دوران هڪ سيڪنڊ به هيڏي  هوڏي نه ٿيو آهي

ڌرتيءَ کي آخر ڪنهن اهڙو پابند ڪيو آهي. اها ڪيئن ۽ ڪنهن جي حڪم تحت ڦري رهي آهي، بلڪ ان کي ڪير ٿو حرڪت ڪرائي؟ اها ڪهڙي قاعدي قانون جي پوئواري ڪري ٿي. اسان کي اهڙن سوالن تي سوچ ويچار ڪرڻ جو وقت ڪونهي. پر اهڙا انسان پڪ سان ٿي گذريا آهن جن انهن مسئلن بابت اسان کان وڌيڪ اوک ڊوک ڪئي آهي. جيئن بزرگ شيخ سعدي چيو آهي.

ابروباد و مه و خورشيد و فلک درکار ند

تا تو نا ني  بکف آري و بغفلت  نخوري

هه   از  بهر تو  سرگشته  و  فرمانبردار

شرط  انصاف نباشه که تو فرمان نبري

معني: بادل، هوا، چنڊ، سج ۽ آسمان سڀ پنهنجو ڪم پيا ڪن ته جيئن توکي مانيءَ جو ڳڀو ملي سگهي ۽ تون اهو غفلت سان نه کائين. اهي سڀ جو سڀ تنهنجي واسطي فرمانبردار آهن ۽ گردش پيا ڪن. اهڙيءَ صورت ۾ اهو انصاف نه چئبو ته تون پاڻ فرمانبرداري نه پيو ڪرين.

هر شيءِ قانون پٽاندر ڪم ڪري رهي آهي ته پوءِ تون اڪيلو نابري وارڻ وارو ڪيئن ٿيو آهين جيڪو قانون مطابق هلڻ جي نٿو ڪري. آخر تون ڇو قانون سان جنگ جوٽي آهي ۽ خوامخواه ويٺو ٿو ڦڏو فساد ڪرين! جيئن چيو ويو آهي.

وَكَانَ الْاِنْسَانُ اَكْثَرَ شَيْءٍ جَدَلًا (۱۸:۵۴)

ترجمو: سڀني شين ۾ انسان ئي گهڻو جهڳڙالو آهي.

 وري چيو ويو آهي:

فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ  (۱۶: ۴)

ترجمو: پوءِ هو ظاهر ظهور جڳهڙو ڪندڙ آهي.

آخر انسان ئي ڇو مسلسل جهڳڙو ۽ نافرماني ڪري ٿو؟ هو آخر ائين ڇو ٿو سوچي ته هن کان مٿي ٻيو ڪو ڪونهي، ايتري قدر جو هو خدا جي هستيءَ کي به نٿو مڃي. هوڏانهن کيس اها به ڄاڻ آهي ته جڏهن خدا گهري ٿو ته ڪنهن شيءِ لاءِ صرف ’ڪُن‘ جو امر ڪري ٿو ۽ اها شيءِ ٿي پوي ٿي.

اِنَّمَآ اَمْرُهٗٓ اِذَآ اَرَادَ شَـيْـــــًٔا اَنْ يَّقُوْلَ لَهٗ كُنْ فَيَكُوْنُ  فَسُبْحٰنَ الَّذِيْ بِيَدِهٖ مَلَكُوْتُ كُلِّ شَيْءٍ وَّاِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ (۳۶ : ۸۲،۸۳)

ترجمو: بيشڪ ان جو حڪم هلي ٿو جڏهن هو ارادو ڪري ٿو ڪنهن شيءِ جو ته چوي ٿو ان کي ته ٿيءُ ته ٿيو پوي. پوءِ پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ آهي هر شيءِ جو مڪمل اختيار آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ!

اهو سڀ ڪجهه قرآن ۾ آيل آهي پر ڪير ٿو ان تي سوچي، شايد ڪوبه نه! اهڙيءَ طرح پورا ٻارهن مهينا گذري ويا آهن ۽ پورو هڪ سال اڳ اسين هتي گڏ ٿيا هئاسين ۽ اڄ وري گڏ ٿيا آهيون. ڇا اسان ان لاءِ شڪر گذار آهيون؟ ڇا اسان اهو شڪر ادا ڪيو آهي ته اسان زنده آهيون. بلڪ اسان پورو سال سلامتيءَ سان گذاريو آهي ۽ ڪوبه خراب واقعو پيش نه آيو آهي۔ قرآن ۾ فرمايو ويوآهي:

اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ

ترجمو: اي دائود جي اولاد، شڪر ادا ڪريو ليڪن منهنجي ٻانهن مان تمام گهٽ شڪر گذار آهن.

اهو سڀ ڪجهه اسان جي سامهون ٿي رهيو آهي. پر پوءِ به اسان مسلسل جهڳڙي ۽ لڙائي کان نٿا مڙون ۽ ٻيو ڪجهه نه پيا ڪريون. ڇا اسان ڪڏهن ان طرف سوچيو به آهي ته اسان کي ڪجهه ڪرڻو آهي. ڇا اسان تي ڪو فرض عائد ٿيل آهي؟ ڇا اسان کي ڪنهن شيءِ جي حفاظت ڪرڻي آهي؟ ڌرتيءَ جي هن ننڍڙي ٽڪري تي جنهن کي اسان ’سنڌ‘ سڏيون ٿا، جنهن تي اسان ڄاوا آهيون، اسان جي حوالي آهي، ان جي سنڀال ڪريون. اسان مان جيڪو به هن ڌرتيءَ تي رهندڙ آهي ان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو جنهن لاءِ کيس مالڪ سائين پيدا ڪيو آهي ته هو اها ذميواري پوري ڪري. ان سلسلي ۾ گويا اسان هڪ عهد ڪريون ٿا ته آءٌ هيءُ ڪم ڪندس، تون هي ڪندين ۽ هو هينئن ڪندو. اهڙيءَ طرح هر هڪ پنهنجي لاءِ ڪو ذمو کڻي ٿو پوءِ ڀلي اهوڪم ڪيڏو به ننڍو ڇو نه هجي. پر هتي سوال آهي ته اهو ننڍڙو ڪم جيڪو هن پنهنجي ذمي ڪيو آهي ڇا هو ان بابت سوچي ٿو ته واقعي هو اهو ڪم يا فرض نباهي رهيو آهي.

اسان هڪ لحاظ سان پنهنجي مٿان اهو ذمو کنيو آهي ته اها ننڍڙي جڳهه، جنهن  کي اسان ڏسون ٿا، ان کي ڪار آمد بنائينداسون. ٻين لفظن ۾ اسان هن صوبي جي ٻارن کي پاڙهينداسين ۽ ان کي جيترو ممڪن ٿي سگهي سرسبز ۽ خوشحال بنائينداسون. ليڪن اسان تي هر وقت ٻي سوچ غالب آهي ته آءٌ  فقط پنهنجي روزي ڪمايان. ڇا واقعي آءٌ پنهنجي روزي ائين ڪمايان ٿو؟ پر اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن آءٌ صحيح نموني سان پنهنجو ڪم ڪريان. ان صورت ۾ منهنجو ڪم ڪهڙي نوعيت جو آهي. اهو رڳو اهو نه آهي ته ڪجهه دير اچي ويهان ۽ ڪجهه لکي جان ڇڏايان بلڪه منهنجي نيت ۽ ارادو اهو هجڻ کپي ته مان جيڪو ڪم ڪريان اهو نتيجي خيز ۽ مفيد هجي. مون کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته جيڪو ڪم آءٌ ڪريان پيو اهو ضروري ۽ گهربل هو ۽ ائين ئي ڪرڻ گهربو هو.

اهو رڳو پاڻ کي سڄو ڏينهن مشغول رکڻ ناهي جيڪو ڪنهن به لحاظ کان مفيد ناهي ته پوءِ مون کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته مون ڇا ڪيو؟ مون کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ڇا مون رڳو ڏهاڙي کري ڪئي يا واقعي قابل قدر ڪم ڪيو. ڇا اسين ان طريقي سان ئي ڪم ڪار ڪندا آهيون؟

آخر هيءَ زندگي ڇا آهي ۽ ان جيئرو رهڻ مان ڇا مراد آهي؟ اڄ اسين جيئرا آهيون ۽ سڀاڻي گذاري وينداسون، اها ڪا ڳالهه ته ڪونه ٿي! ڇا اسان مان هر هڪ ويٺل سوچيو آهي ته هو اسي سالن کان پوءِ هن ڌرتي تي زنده نه هوندو! ڇو ته اها ئي وڌ ۾ وڌ  حد آهي جنهن جي پڪ يا خاطري ڪري سگهجي ٿي. بس ماڻهو جي ڪل هستي اها ئي آهي نه! پر وري سوال آهي ته هو ان زندگي ۾ ڇا ڪندو رهيو. ڇا هن پنهنجي زندگي ۾ ڪو اهڙو ڪم ڪيو جو پويان چون ته واقعي هن ٻين انسانن خاطر ڪجهه ڪيو يا خدا ڪارڻ ڪجهه ڪري ڏيکاريو يا ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪري ڏيکاري. اسين پنهنجي پويان ڪيتريون ڳالھيون ڇڏيو وڃون ٿا.  اسان منجهان تمام ٿورڙا  پنهنجي پويان اهڙو نالو ڇڏين ٿا  جن لاءِ چيو ويندو ته هائو، ابن آدم ڪنهن زماني ۾ جڏهن هن ڦرندڙ ڌرتيءَ جي گولي تي رهندو هو ته واقعي اهڙو ڪم ڪري ويو جيڪو هن جي وڃڻ کان پوءِ به يادگار آهي. يعني سندس اهو ڪم زنده آهي حالانڪ هو پاڻ مري کپي ويو آهي. اها حقيقت آهي ته اسان مان بلڪل ٿورا ۽ ورلي هن ڌرتيءَ تي ان انداز سان زندگي گذارن ٿا. اسان مان ته هلاڪو ۽ سڪندر اعظم وانگر ٻي ڪنهن ڳالهه خاطر نه بلڪه رڳو انسانيت کي نقصان رسائڻ ۽ تباھ ڪرڻ سبب ياد ڪيا ويندا ليڪن اسان جي اڪثريت کي بلڪل ياد نه رکيو ويندو. ڪو به نه ڄاڻندو ته اسين ڪڏهن هتي هياسون به يا نه ۽ جيڪڏهن هئاسون ته ڪٿي هئاسون!

بهرحال زندگي اهڙو بلڪل بي سود عمل ڪين آهي جو ان بابت سوچڻ جي ڪا ضرورت ئي محسوس نه ٿئي. بلڪل سوچ ۽ فڪر ئي قابل قدر ڳالهه آهي. اسان هتي ڇو آيا آهيون؟ اسان کي ڇا ڪرڻ جڳائي؟ پر اسان جي غلطي اها آهي ته اسان ضروري ۽ اهم ڳالهين بابت سوچيندا ئي نه آهيون. اسان کي رڳو اهو فڪر ئي رهندو آهي ته جيڪو کاڌو آءٌ کائي رهيو آهيان اهو لذيذ ۽ مزيدار هجي. بلڪ آءٌ اهو به خيال نه ڪندو آهيان ته ڪٿي اهو مون لاءِ نقصان ڪار ته نه آهي. ٻيو هر وقت هي ته اطمينان ڪرڻ گهران ٿو ته آءٌ پئسوگڏ ڪري ر هيو آهيان. ليڪن آءٌ ڪڏهن به اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته منهنجي جيئري رهڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. آخر مان هن يونيورسٽيءَ ۾ ڄاڻ لاءِ آيو آهيان؟ آخر اهو ڪهڙو مقصد آهي جنهن ڪري مون پاڻ کي هن ڪم لاءِ هتي سيڙائي رکيو آهي؟ ڇا اهو رڳو پئسا گڏ ڪرڻ واسطي آهي ۽ بس! پئسو ته ٻين ڪيترن طريقن سان ٺاهي سگهجي ٿو.

بهرحال جنهن به طريقي سان ۽ جنهن ريت به اسين هتي اچي پهتا آهيون، اچو ته هڪ ڳالهه تي متفق ٿيون ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريون ۽ اڳتي وڌون. اهو ئي اسان جو مقصد هئڻ کپي ۽ اهو مقصد آهي سنڌ يونيورسٽي! اچو ته گڏجي اها خاطري ڪريون ته هن صوبي جا ٻار علم جي روشني حاصل ڪن. ان ڏس ۾اهو ضروري آهي ته اسان هتي صحيح قدم کڻون ته جيئن ڪٿي اسان جي بي عمليءَ سبب اهو معاشرو تباھ نه ٿي وڃي. ڇا اسان کي اهو فڪر آهي ۽ اسان ان طرف سوچيون ٿا. مون کي پاڻ لاءِ اعتراف آهي ته آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سوچ کان غافل ٿي ويندو آهيان. پوءِ آءٌ پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالھين ۽ ٻين اسبابن ۾ رجهائي مطمئن ٿي ويندو آهيان. اڄ پهرين تاريخ آهي ۽ اڄ مون کي مهيني جي پگهار ملندي. اڳتي آءٌ هينئن ۽ هونئن ڪندس. پر وري به پاڻ کي ان اصل مقصد ڏانهن راغب نٿو ڪر ي سگهان ته مون واقعي ڪجهه حاصل ڪيو آهي. ڇا جنهن ڪم لاءِ منهنجي تقرري ٿي هئي ان باري ۾ مون واقعي گهربل پيش رفت ڪئي آهي. ڇا مون سنڌ جي ٻارن جي تعليم جي باري ۾ ضروري پيش رفت ڪئي آ هي يا ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان. پر جيڪڏهن ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان پوءِ هتي منهنجي رهڻ جو ڪهڙو جواز آهي.  

منهنجا پيارا دوستو! جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته اهو کائڻ ۽ پيئڻ وڌ ۾ وڌ اسي سالن جي اندر گم ٿي ويندو. پوءِ ڀلي اسان رڳو سچن موتين واري قوت بخش غذا ڇو نه کائيندا هجون پر اسين ختم ٿي وينداسون ۽ ڪو به هن ڌرتيءَ تي باقي نه رهندو. انهيءَ ڪري اسان کي اهڙو ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي جيڪو اسان جي زندگيءَ جو  مقصد آهي. ٺيڪ آهي ته پگهار به ملندي رهندي ۽ کاڌو به کائيندا رهنداسين. اسين کائڻ سان جيئرا رهنداسون پر سوال آهي ته ڇا اهو ئي سڀ ڪجهه آهي جنهن لاءِ اسان کي زنده رهڻوآهي. فارسيءَ ۾ چيو اٿن :

خوردن برائي زيستن و ذکر کردن است

تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است

معنيٰ: کائڻ جيئري رهڻ ۽ حق جي يادگيريءَ واسطي آهي. پر تون سمجهين ٿو ته جيئرو رهڻ کائڻ پيئڻ واسطي آهي.

مطلب کائڻ زنده رهڻ ۽ حق جي يادگيري واسطي آهي. پر جيڪڏهن ڪم کي وساريو ويو ته پوءِ کائڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ڪو به نه! هتي آءٌ توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائيندس جيڪا ڪارلائل آندي آهي. هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪو ماڻهو ويو ۽ شڪايت ڪرڻ لڳو ته منهنجي بک ختم ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه کائي نٿو سگهان. ڊاڪٽر بار بار اها دانهن ٻڌي ٿڪجي پيو ۽ غصي وچان چوڻ لڳس: ڀلا پوءِ ٻڌاءِ ته ڪو ڪم ڪار به ڪرين ٿو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ تنهنجي کائڻ پيئڻ تي ڪو به اعتراض نٿو ڪري سگهجي. پر توکي اها ڳڻتي بلڪل ڪونهي ته تون ڪو ڪم به ڪري سگهين ٿو يا نه، توکي رڳو اها ڳڻتي آهي ته تون کائي نٿو سگهين! ان صورت ۾ کائڻ جو هڪڙو ئي مقصد آهي ته تون خدا جي هن ڌرتيءَ تي ڪو چڱو ڪم ڪري سگهين؟ هاڻي سوال آهي ته ڇا اسين هن ڌرتيءَ وانگر پنهنجي ذميواري پوريءَ ريت نباهيون ٿا؟ ڇا اسين سج ۽ ٻين گرهن وانگر جيڪي ڪائنات ۾ آهن انهن وانگر پنهنجي پنهنجي مقام تي آهيون، جيتوڻيڪ اهي سڀ بي جان جسم آهن ۽ اسين سڀ عقل سان نوازيل هستيءَ جا مالڪ آهيون. اهوئي اهو سمورو تفصيل آهي، جيڪو آءٌ چاهيان ٿو ته توهان کي ۽ پاڻ کي ياد ڏياريان ته اسان کي ان مالڪ سائينءَ جو شڪر ڪرڻ گهرجي ته اسين اڄوڪي ڏينهن يعني پهرين جنوري 1954ع تي جيئرا ۽ سلامت آهيون.

 الله تعاليٰ جي شڪر ادا ڪرڻ سان گڏ اچو ته وري سوچيون ته اسان هن اداري يعني سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون. اچو ته سڀ گڏجي هٿ  هٿ ۾ ملائي اها محنت ڪريون جنهن سان هي ادارو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ۽ سنڌ جا ٻارعلم جي روشني حاصل ڪري رهيا آهن جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اهو ڪو آسان ڪم ڪونهي پر اسان کي ان لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن هن اداري کي پوري صوبي لاءِ علم جي روشني جو مينار بنائي سگهون. اها اسان سڀني توهان ۽ منهنجي ذميواري آهي. اسان کي ان مقصد جي حصول لاءِ دل و جان سان گڏجي ڪوشش ڪرڻي آهي۽ هر اها شيءِ ڪرڻ گهرجي جنهن سان اهو سڀاڳو ڏينهن ويجهو اچي جڏهن سنڌ جي نئين نسل کي روشن ذهن چئي سگهجي. اهو تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن هي نفاق ۽ جهيڙا جهٽا، هڙتالون ۽ غير ضروري قسم جا بحث مباحثا ختم ٿي ويندا ۽ جڏهن ان جي جاءِ تي خوبصورت هم آهنگ زندگي شروع ٿيندي ۽ هر هڪ پنهنجي اصلي مقام کان واقف ٿيندو. مطلب جڏهن هو هن ڌرتيءَ وانگر پنهنجو فرض پوريءَ ريت ۽ مڪمل نظم و ضبط سان ادا ڪندو ۽ ان طرح پنهنجي جوابداري پوري ڪندو. هن زندگيءَ ۾ اسان ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪري به نه ٿا سگهون. اسان کي جيڪو ننڍو ڪم سونپيل آهي، اهو ئي اسان کي صحيح نموني ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن اهو اسان پورو ڪري ڏيکاريو ته اسان کي مطمئن ٿيڻ کپي. 

ان کانپوءِ اسان اطمينان سان مري سگهنداسون ته اسان اهوفرض نباهيو جيڪو اسان جي ذمي هو. ڇو ته ان کان وڌيڪ ڪنهن انسان مان اميد نٿي رکي سگهجي. هو ان کان وڌيڪ ڀلا ڇا ٿو ڪر ي سگهي. هو سج چند تارن کي بدلائڻ کان ته رهيو، ڇو ته اهو فقط الله تعاليٰ ڪري سگهي ٿو. انسان کي فقط پنهنجي حصي جي ڪنڊ ڀرڻي آهي ۽ اها ڪنڊ نهايت عزت  احترام ۾ وڌ ۾ وڌ خوبصورت انداز ۾ ڀرڻي آهي. اسان کي هن مان ئي اميد آهي ۽ اهو ئي کيس ڪرڻ گهرجي.

اچو ته گڏجي ان ڏس ۾ سوچيون ۽ پهرين تاريخ جي پگهار کان وڌيڪ ان مقصد طرف ڌيان ڏيون جنهن سان اسان جي هن اداري جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿي سگهي. اهڙي طرح جڏهن هتي ڪو ٻاهريون ماڻهو اچي چوي ته هتان جي ڪم ڪندڙ ڪنهن ڪلارڪ، رجسٽرار، وائيس چانسلر کي ته ڇڏيو بلڪه پٽيوالي جي به ڳالهه نه ڪريو ڇو ته اهي سڀ پنهنجي فرض جي ادائگيءَ کان واقف آهن. هو ان فرض کي ڀليءَ ڀت نباهي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان جي اداري اهڙي نيڪ نامي حاصل ڪري ورتي ته پوءِ اها ڳالهه قابل فخر هوندي. ان صورت ۾ اسين واقعي قابل احترام ٿي پونداسين ته اسان ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي. اسان مان هر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو جو هڪ پٽيوالي لاءِ به اهو چوڻ تي مجبور ٿي پوي ته يونيورسٽي جو هر ماڻهو عزت ۽ احترام جي لائق آهي. ڇو ته هرڪوئي پنهنجو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪو به ڪنهن سان اجايو تڪرار نٿو ڪري  ۽ نه ڪنهن سان جهڳڙو ڪري ٿو. هر ڪوئي عزت ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ڄاڻي ٿو ۽ ٻين سان احترام سان پيش اچي ٿو ۽ انهن کي ان ۾ حصيدار بنائي ٿو. هر هڪ خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري ٿوته جيئن اهو عظيم مقصد حاصل ڪري سگهي جنهن تحت  هن صوبي جا چاليھ لک عوام ۽ سندن ٻار منظم طريقي سان مستفيد ٿي سگهن.

اهو ئي عمل، اها جوت يا روشني آڻيندو. جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته الله تعاليٰ جي به اها منشا آهي ته ماڻهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي اچي. هن اداري جو هر ڪارڪن پوءِ ڀلي اهو کڻي صفائي ڪندڙ انسان ڇونه هجي، ان مقصد لاءِ سرگرم آهي ڇو ته اسان مان هر هڪ پنهنجي جاءِ تي هڪ جيترو اهم آهي. جيڪڏهن صفائي وارو چڱيءَ طرح صفائي نٿو ڪري ته اسان سڀني جي ڪم ۾ رخنو پوندو. هن جو ڪم نه ڪرڻ به ائين آهي جيئن آءٌ به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيان يعني ٻنهي جي ساڳي اهميت آهي. هر هڪ کي پنهنجو ننڍو سنڍو ڪم ڪرڻو آهي. الله تعاليٰ جي نظام ۾ هر ڪنهن جي اهميت آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسين هر وقت احساس ذميواري، شڪر ۽ عزت ۽ ايمانداريءَ سان هيءَ زندگي گذاريون.

ڀلا هڪ صفائي ڪندڙ انسان (ٻهاري ڏيندڙ) مون کان ڪيئن گهٽ ٿي سگهي ٿو. هو به اهڙو چڱو انسان آهي جهڙو آءٌ! هڪ انسان جي حيثيت ۾ هو هڪ ڀاءُ وانگر آهي، ان کان نه گهٽ نه وڌ! هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو ۽ آءٌ پنهنجي حصي جو ڪم ڪريان ٿو. جيڪڏهن آءٌ پنهنجو فرض صحيح ادا ٿو ڪريان پر هو پنهنجو ڪم پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪري ٿو ته هو مون کان ڏھ دفعا وڌيڪ عزت ۽ تڪريم جي لائق آهي. بس اهو ئي فرق آهي، باقي هونئن اسان سڀئي هڪجهڙا انسان آهيون ۽ ٻين وانگر انساني مائرن ئي اسان کي ڄڻيو آهي. ڪوئي ڪنهن کان نه گهٽ آهي ۽ نه وڌ.

منهنجا پيارا دوستو! جيڪڏهن اسان ڪجهه دير لاءِ پنهنجا ننڍا غرض وساري فقط هڪ منٽ لاءِ ان طرف متوجه ٿيون ته اسان جي آڏو هڪ ٻيو اهم مقصد به آهي ۽ اهو هي آهي ته هيءَ يونيورسٽي ترقي ڪندي ته ان صورت ۾ اسان کي ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو، ان کي صحيح ۽ عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. ان لاءِ اسان کي ٻيو ڪجهه نه  فقط هڪ منٽ به پاڻ کي اهو ياد ڏيارڻو پوندو ۽ ڪجهه دير لاءِ پنهنجي پيٽ پوڄا کي پٺتي رکڻو پوندو، بلڪه اسان کي ڪنهن حد تائين پگهار ۽ ٻين ننڍين ڳالھين کي به ڇڏڻو پوندو، تڏهن اسان هن اداري سان انصاف ڪري سگهنداسين. پر اها بد قسمتي آهي ته اسان اهو سبق  ياد نٿا رکون. اسان جو اهو ئي قصور آهي ته اسان ان ڳالهه کي بلڪل وساري ويهون ٿا.

اچو ته هاڻي عهد ڪريون ته هن سال هر روز فقط ڏهن منٽن لاءِ  آءٌ اهو سبق ياد رکندس ته مون کي هن اداري جي عزت ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته مون کي ايمانداري ۽ افهام و تفهيم سان فرض ادا ڪرڻو آهي ۽ مون کي ڪنهن ٻئي جي غلطين تي نظر رکڻ بجاءِ پنهنجي غلطين کي پڪڙڻو آهي. مون کي ڪنهن ٻئي لاءِ ائين ناهي چوڻو ته هو ڪو ڪم ڪونه ٿو ڪري بلڪه مون کي  پاڻ تي نگاھ رکڻي آهي ته آءٌ ڪم پورو ڪونه ٿو ڪريان. جيڪڏهن ڏينهن ۾ فقط ڏهن منٽن لاءِ اسان پاڻ کي اهو سبق ياد ڪرائڻ ۾ ڪامياب وياسون ته بيشڪ منهنجو پيٽ ٺيڪ آهي، منهنجي پگهار ٺيڪ آهي ۽ منهنجا ٻيا معاملا ٺيڪ آهن، پر انهيءَ معاملي جو ڇا حال آهي، جيڪو منهنجي اصلي ذميداري آهي. چوويهن ڪلاڪن ۾ فقط ڏهن منٽن ۾ ان ريت احتساب ان لاءِ ڪافي آهي ته ڇا مون پنهنجو فرض صحيح نموني ادا ڪيو آهي، ان ۾ ڪا ڪوتاهي ته نه ڪئي آهي. ڇا مون پنهنجي سڀني صلاحيتن کي ان لاءِ وقف ڪيو آهي؟ ڇا مون ٻين جي ڪوتاهين تي نظر ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪمزورين کي محسوس ڪيو آهي، ڇا مون پنهجو فرض مڪمل نموني ۾ نباهيو آهي جيئن مون کي ڪرڻ کپندو هو. ڇا مان پاڻ کي پنهنجي عمل لاءِ خدا جي آڏو ذميدار سمجهيو آهي ۽ ٻين ماڻهن ڏانهن جوابداريءَ کي محسوس ڪيو آهي. جيڪڏهن مون ائين ڪيو آهي ته پوءِ گويا مون گهڻو ڪيو آهي.

اسان کي هر حال ۾ پنهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه رکڻي پوندي ته اسين هتي هڪ صوبي جي سماج جي نمائندن طور موجود آهيون ۽ ان صورت ۾ اسان پنهنجي مٿان اهڙو فرض عائد ڪيو آهي، جيڪو اسان کي سهڻي نموني سان نڀائڻو آهي ۽ شاندار طريقي سان سر انجام ڏيڻو آهي. اهو ان ڪري ضروري آهي ته جيئن ڪو ائين نه چئي سگهي ته هنن پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت پورو نه ڪيو آهي ۽ هو فقط پنهنجن مفادن جي سنڀال ڪن ٿا، بلڪه خدا جي هن ڌرتيءَ تي رهندڙن جي ڪا پرواھ ناهي. اهو سڀ کان وڏو مهڻو يا طعنو آهي، جيڪو ڪو به عزت نفس وارو شخص بردداشت ڪري نٿو سگهي.

هڪڙي شاعر ڪيڏو نه سٺو چيو آهي ته هر شيءِ ختم ٿي ويندي پوءِ اها وڻندڙ هجي يا اڻ وڻندڙ!

شب تنور گذشت و شب سمور گذشت

معنيٰ رات گذري وڃي ٿي توڻي جو توهان گرميءَ ۾ گذاريو يا سرديءَ ۾ پشم جي قالين تي سمهندي گذاريو.

انهيءَ ماڻهوءَ جي رات به  گذري وڃي ٿي جنهن تنور جي ڀرسان ويهي رات گذاري يا ٻيو جنهن پشم جي شال ۾ ويڙهي گذاري. ٿي سگهي ٿو ته تنور جي ڀرسان ان کي خراب ننڊ آئي هجي ۽ هن چند ڪلاڪ ننڊ ڪئي هجي. ليڪن ٻنهي رات گذاري ڇڏي! پر سوال آهي ته هنن ٻنهي رات ۾ ڇا ڪيو؟ فرض ڪريو ته جيڪو تنور جي ڀرسان ستو پيو هو سو رات جو ٽين وڳي اٿي ويٺو ۽ کيس خيال آيو ته انهيءَ خالق کي ويهي ياد ڪريان، جنهن هن کي پيدا ڪيو آهي ۽ دعا گهرڻ لڳو هجي ته اي مالڪ سائين، منهنجي مدد ڪر، مون کي اها طاقت ڏي ته اهو ڪم ڪريان جنهن سان تون راضي ٿئين. مان سمجهان ٿو ته اها ’شب تنور‘ واري رات ان ’شب سمورا‘ واري رات کان هزار ڀيرا بهتر آهي خاص هن ٻئي شخص کان جيڪو سڄي رات گڏھ وانگر ڦوڪون ڏيئي سمهي رهيو ۽ هڪ پل لاءِ به نه جاڳيو. مطلب ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته مون کي سوادي ۽ ذائقي وارو کاڌو نصيب ٿيو يا مون سٺا ڪپڙا پهريا يا معمولي ڪپڙن ۾ گذارو ڪيو. وڌيڪ قابل توجه ڳالهه اها آهي ته مون ڇا ڪيو يا ڇا ڪرڻ گهرجي يا مون ڇا حاصل ڪيو؟

ياد رکو، اسان جا اهي سال ۽ مهينا ڳڻپ ۾ ڪونه ايندا. اهي ته هن ڌرتيءَ جا ڏهاڙا يا سال آهن. اهو سال ته هن ڌرتيءَ جو هڪ چڪر آهي. جڏهن اسين 1953ع کان پوءِ 1954ع چئون ٿا ته ان جو مطلب ٿيو ته ڌرتيءَ هڪ چڪر پورو ڪيوآهي ۽ اهواسان نه ڪيو آهي! انسان جي عمر ۽ سال اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪريون ٿا ان مطابق ڳڻيا ويندا. باقي ان جو ڪو مقصد نٿو نڪري ته انهيءَ عرصي ۾ ڌرتيءَ هڪ چڪر پورو ڪيو ۽ 1954ع نمودار ٿيو. اهو ته ڌرتيءَ پنهنجو فرض پورو ڪيو پر جيڪڏهن مون انهيءَ عرصي دوران ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ اهو مون لاءِ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. اهڙا سٺ سال گذري ويا ۽ مون ڪجهه به نه ڪيو. پوءِ اهڙن سالن جي ڳڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي جيڪي فقط ڌرتيءَ جي ڦيرن جي نشاندهي ڪن ٿا. مان اهو سمورو وقت زنده رهڻ بجاءِ مئل ئي هوس جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي کل اندر جيئرو هوس. مان ته پٿر وانگر بلڪل بيحس ۽ بي جان هوس.

مون ڇا ڪيو؟ آءٌ ڌرتيءَ مان آيس ۽ بنا ڪم ڪار جي هليو ويس. اهو هڪ باعزت انسان کي نٿو سونهي. انسان هتي ان لاءِ نه آيو آهي ته فقط جهڳڙا ڪري يا نفرت ۽ نفاق پکيڙي. هو ته ڪنهن اعليٰ ۽ ارفع مقصد لاءِ آيو آهي. هو اهڙو ڪارنامو ڪري جنهن لاءِ کيس هميشه ياد رکيو وڃي. پوءِ ڀلي اهو تڪليفن ۽ دک درد ۽ ڏکن سان ڀرپور هجي.

اسين امام حسينرضه کي ياد ڪريون ٿا ۽ عيسائي وري حضرت عيسيٰعه کي ياد ڪن ٿا. اسين ائين ڇو ٿا ڪريون ڇاڪاڻ ته انهن تڪليفون سٺيون ۽ ڏک ڏاکڙا بردداشت ڪيا. ان ڪري اسين کين ياد ڪريون ٿا. يعني تڪليفون بذات خود خراب ناهن. هر سال اسين امام حسينرضه کي ياد رکون ٿا ڇاڪاڻ ته هن تمام گهڻيون مصيبتون بردداشت ڪيون. حضرت عيسيٰعه کي عيسائي ان ڪري ياد ڪن ٿا جو هن کي ٻه هزار سال اڳ صليب تي چاڙهيو ويو ۽ تڏهن کان وٺي هو کيس ياد ڪن ٿا.  

امام حسين رضه گهڻو ڪجهه سَٺو ۽ بردداشت ڪيو پر ان سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو ته جيڪو حق ۽ سچ خاطر ۽ خدا جي راھ ۾ ’مصائب ۽ آلام‘ بردداشت ڪري ٿو، اهو سڀني ماڻهن لاءِ ’شهداءَ الناس‘ يعني انسانن لاءِ گواهي بنجي ٿو تڏهن ته هو شهيد آهي ۽ کيس شهيد چون ٿا. يعني هو هڪ اهڙو شاهد آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ڪا ٻي وڏي هستي آهي. هو دراصل ان ڳالهه جو شاهد آهي ته هيءَ زندگي اسان کي ڪنهن وڏي ڪارنامي خاطر مليل آهي جنهن کي ’شهادت‘ چئجي ٿو ۽ آءٌ پنهنجي زندگي ان ڪري قربان ڪريان ٿو ته جيئن اهو مقصد حاصل ٿئي. هو ان اعليٰ مقصد خاطر ئي شهيد ٿئي ٿو جنهن لاءِ توهان ۽ اسين هتي آهيون. ’شهيد‘ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مطلب ڪونهي. مهربانو! ان ڪري اڄ آءٌ هتي ڪو ليڪچر ڏيڻ ڪونه آيو هيس. منهنجو هتي اچڻ جو مقصد هو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪجي ته هن وري اسان کي اها مهلت ڏني ته اسان گڏجي ڪم ڪيون. اسان اهو عرصو گڏجي هڪ گهر ۾ رهياسين ۽ ٻارهن مهينا هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪيوسون. آءٌ چاهيان ٿو ته اسان وري هٿ ۾ هٿ ڏيئي کيس اهو عرض ڪريون ته اسان کي زندگيءَ جا ٻيا ٻارهن مهينا عطا ڪري ۽ اتي موڪلڻ کان مهلت ڏئي جتي هو اسان کي موڪلي سگهي ٿو ۽ ساڳئي وقت اسان کي استطاعت ڏي ته گڏجي ڪم ڪريون. ايمانداري ۽ جان فشانيءَ جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر هر وقت ڪوشان رهون. اسان کي هر وقت پيٽ پوڄا کان پناھ ۾ رکي ۽ خواهشن جي خيال کان نجات ڏي. بلڪ اسان کي اهو خواب ۽ خيال ڏي جنهن جي خاطر اسان هتي جمع آهيون ۽ اهو مقصد حاصل ڪري ڏيکاريون. آخر سنڌ جا عوام سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڇا ٿا چاهن يا ڪهڙي توقع ٿا رکن؟ اهو ئي ته يونيورسٽي سندن نئين نسل واسطي ڇا ڪري رهي آهي ۽ ڇا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ سندن آڏو ڪهڙو مقصد آهي. هڪ غريب هاري زمين کي کيڙي اسان کي کاڌو مهيا ڪري ٿو. ويچارو پخالي اسان لاءِ پاڻي کڻي اچي ٿو۽ هڪ رازو اسان جو گهر اڏي ٿو. اسان جيڪي شيون ڪم آڻيون ٿا يا اسان کي انهن جي ضرورت پوي ٿي ته اهي هزارين انسان تيار ڪن ٿا ته جيئن موٽ ۾ اسان سندن اولاد کي تعليم ڏئي سگهون. اهو گويا هڪ قسم جو قرض آهي، جيڪو اسان کي موٽائڻ گهرجي. پر جيڪڏهن هو اسان لاءِ سڀ ڪجهه ڪن پيا ۽ اسان هنن لاءِ ڪجهه نٿا ڪريون ته پوءِ ٻڌايو ته وڌيڪ معزز ڪير چئبو۽ عزت جو حقدار ڪير آهي؟ اهي يا اسين! جيڪڏهن هو اناج اپائڻ بند ڪن ته جيڪر اسين بک مري وڃون ۽ اهي جيڪڏهن پاڻي پهچائڻ بند ڪن ته اسان اڃ مري وڃون. مطلب جيڪڏهن هو اسان لاءِ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ته اسان جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري اسان کي هر صورت ۾ اهو قرض لاهڻو آهي. اسان لاءِ اهو وڌيڪ عزت وارو مقام آهي ته اسين نه رڳو پنهنجي باري ۾ سوچيون پر ان کان وڌيڪ ان ڪم بابت سوچيون جنهن جو ذمو اسان پاڻ تي کنيو آهي.

مون کي اميد آهي ته اسان سڀ الله تعاليٰ طرفان مليل هن نئين سال ۾ جيڪو هاڻي شروع ٿيو آهي محنت ڪنداسين. شال اهو مالڪ اسان کي اهو موقعو عطا ڪري ته اسان گڏجي با وقار طريقي سان ڪم ڪري اهڙو اعليٰ مثال قائم ڪريون جو سنڌ جو عوام ائين چئي سگهي ته هن نئين اڀرندڙ اداري واقعي پنهنجو مقام حاصل ڪيو آهي ۽ ان جي ڪارڪنن پنهنجي فرض ادائگي پوري ڪئي ۽ هنن وقت کي ضايع نه ڪيو!    

منهنجا ساٿيو، مون کي توهان کان ۽ پاڻ کان اهو ئي ڪجهه گهرجي جيڪڏهن توهان مون سان سهڪار ڪندا ته اسان ضرور ڪجهه حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي پونداسين. ان لاءِ لازمي آهي ته توهان مان هر هڪ اهو پڪو پختو ارادو ڪري ڇو ته ٻي صورت ۾ اهو نا ممڪن ٿو لڳي. توهان مان هر هڪ اها نيت ڪري ته ان جو هي ادارو ترقي ڪري ۽ ڪنهن به قسم جي بد ديانتي کي پنهنجي دماغ ۾ جاءِ نه ڏئي.

خدا توهان جو ساڻي ٿئي. مهرباني!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org