سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:13 

[  10  ]

گرهوڙيءَ ۽ تصوف

علامه صاحب هي تقرير پهرين جنوري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. ان ڏينهن جو مقرر پروفيسر علي نواز جتوئي هو جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ پروفيسر هو.

معزز خواتين و حضرات! گذريل دفعي يا ان کان هڪ دفعو اڳي اسان جي فلاسافيءَ جي پروفيسر توهان کي انساني ذهن يا تصور جي اهميت بابت ٻڌايو هو. هن توهان کي ٻڌايو هو ته يونانين اوچتو هڪ صبح جو اها ڳالهه ڳولهي ورتي ته چار عنصر جيڪي هن ڪائنات جي ٺهڻ جا جز سمجهيا ويندا هئا اهي اهڙا ضروري ڪونهن، جهڙو خيال يا ذهن يا فڪر. اهڙي طرح ٻن مختلف شين يعني مادي ۽ ذهن جي الڳ الڳ سڃاڻپ جو تصور پيدا ٿيو. اهوئي اسان جي فلاسافيءَ جي پروفيسر گذريل هفتي کان اڳ توهان کي ٻڌايو.

هاڻي محترم جتوئي (پروفيسر علي نواز جتوئي) انهيءَ بحث کي اڃان به اڳتي وٺي ويو آهي. هو گرهوڙيءَ جو فڪر جنهن کي عام طرح تصوف يا صوفي ازم چئجي ٿو ان باري ۾ توهان کي ٻڌايو آهي. هو تصورات کان اڳتي وڌي وڃي ٿو ۽ توهان کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته انهن تصورات کان اڳتي هڪ حقيقت آهي. زندگيءَ ۾ وقت بوقت شيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، توهان فقط هڪ حقيقت کي نظر ۾ رکو، جيئن ئي زندگيءَ جا اقدار تبديل ٿين ٿا ته زندگيءَ جي اهميت تبديل ٿئي ٿي. جيڪا زندگي اڄ مفيد ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها اڳتي بلڪل فضول شيءِ لڳي ٿي ۽ حقيقت اڃان ڪجهه اڳتي محسوس ٿئي ٿي. اسين درجي بدرجي اڳتي وڌون ٿا. جيئن اسين اڳتي وڌون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته جيڪو ڪجهه اڄ اسين آهيون، ان کان اڳتي وڌون ٿا ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته اها زندگي نه هئي، اصل زندگي ته مون هاڻي شروع ڪئي آهي. مطلب جيئن ئي قدرون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. تيئن ئي حقيقت ۽ حقيقت جو تصور ترقي ڪندو وڃي ٿو.

هاڻي مثال طور جڏهن اسين ننڍا هوندا آهيون ته اسان کي مٺين شين، کاڌي ۽ ڪپڙن سان محبت هوندي آهي. اسين سمجهندا آهيون ته اها ئي اصل زندگي آهي. پر جيئن ئي اسين ٿورا وڏا ٿيون ٿا ته چئون ٿا ته اها ته زندگي نه هئي. ڪپڙا ۽ کاڌو پوئتي ڇڏي ڏيون ٿا. اهي ڪهڙا سٺا آهن؟ زندگيءَ جي حقيقت ان کان وڌيڪ آهي. اهڙي طرح عمر جي گذرڻ سان سوچ تبديل ٿئي ٿي ته حقيقت ۽ حقيقي زندگي مخلتف آهي. هاڻي مثال طور جڏهن حضرت عيسيٰ عه دنيا ۾ آيو. هن ٻڌايو ته جنهن کي توهان زندگي سمجهو ٿا، اها زندگي ناهي جيڪي شخص هيءَ زندگي وڃائيندا اهي ئي حقيقي زندگي حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙي طرح قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته هيءَ زندگي جنهن کي توهان زندگي چئو ٿا، اها فقط متاع آهي جيڪا حقيقي زندگيءَ جو ذريعو آهي. حقيقي جيڪا دائمي زندگي آهي اڳتي آهي. هيءَ ڪنهن به طرح زندگي نه آهي. هاڻي نُڪتو اهو آهي ته هر ڪا شيءِ ۽ اسين خود سموري ڪائنات سميت هڪ مرحلي مان ٻئي مرحلي ڏانهن ارتقا ڪري رهيا آهيون ۽ جيئن ئي مٿين درجي تي پهچون ٿا ته گذريل حقيقت نه هئڻ برابر محسوس ٿئي ٿي. اهڙي طرح مٿين درجي جي اهميت اسان جي ذهن ۾ جاءِ وٺي ٿي ۽ اسين چئون ٿا ته اڙي‘ اهائي ته زندگي آهي!

اسان جي هڪ وڏي غلطي اها آهي ته اسان فلسفي جي لفظ کي گهڻو اڳتي کڻي ويا آهيون. فلسفو حقيقت ۾ ان لحاظ کان مدد ڪري سگهي ٿو، جڏهن ان کي سائنسي يا فلسفيانه زبان ۾ منتقل ڪرڻ جو ذريعو موجود هجي هاڻي اهو ذريعو ڇا آهي؟ جنهن سان آئون پنهنجي ڀاءُ کي اهو سمجهائي سگهان ٿو. مثال طور منطق، زبان، عقل ۽ دليل جي ذريعي آئون چئي سگهان ٿو ته منهنجا دوست اچ ته بحث ڪريون، دليلن جي ذريعي آئون پنهنجي ذهن جو مقصد توهان کي سمجهايان. اهو بلڪل سمجهڻ جهڙو آهي. آئون جڏهن بحث ڪندس ته تون سمجهي ويندين ته منهنجو بحث صحيح آهي. انهيءَ کي منتقل ڪرڻ جو ذريعو چئجي ٿو. زبان کي انسانن لاءِ منتقل ڪرڻ جو ذريعو بنايو ويو آهي. انسان حيوان ناطق آهي. تنهن ڪري آئون زبان جي ذريعي پنهنجو مقصد ٻئي تائين پهچائي سگهان ٿو. انهيءَ ڪري زبان منهنجي خيال کي توهان تائين پهچڻ لاءِ منتقل ڪرڻ جو ذريعو  ٿي پئي آهي.

بهرحال فلسفو عام طرح ڳالهائڻ يا بحث جي ذريعي ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچائي سگهجي ٿو. توهان تڏهن چئون ٿا ته هي صحيح آهي ۽ هي غلط آهي. پر جيڪو ڪجهه آئون توهان تائين پهچائي نٿو سگهان، اهو فلسفي جي دائري ۾ نٿو اچي. فلسفو اهو آهي جنهن سان آئون توهان کي سمجهائي سگهان، بحث ڪري سگهان ۽ ثابت ڪريان ته آئون صحيح آهيان. هن شيءِ جو هي دليل آهي ۽ هي منطق آهي. تنهن ڪري توهان کي مڃڻ گهرجي. پر جڏهن چوان ته اهو ائين آهي ۽ هي مون ڏٺو آهي. توهان اهو ڄاڻي نه سگهندا پر مون اهو ڏٺو آهي. اهو آئون ٻڌائي ۽ نڪي سمجهائي سگهان ٿو. آئون توهان تائين پنهنجا احساس منتقل نٿو ڪري سگهان ڇو ته اهو منتقل نه ٿيڻ جهڙو مواد آهي، تڏهن اهو ٻيو ڪجهه آهي.

تصوف حقيقت ۾ زندگيءَ جي انهيءَ پهلوءَ کي پيش ڪري ٿو جيڪو اسان يڪدم ٻئي تائين پهچائي نٿا سگهون. اهو جيڪو ڪجهه مون کي نظر آيو آهي، يا جيڪو ڪجهه مون ڏٺو آهي، اهو توهان نٿا ڄاڻو. البت توهان خود ڏسي سگهو ٿا، جڏهن ان تائين پهچو ٿا، ليڪن پوءِ منتقلي وارو ذريعو  رڪجي وڃي ٿو. آئون پنهنجا احساس ۽ ذهن جون ڳالهيون منتقل نٿو ڪري سگهان. تنهن ڪري اتي منتقلي وارو ذريعو ڪونهي. اهڙي صورتحال کي باطني يا روحاني ڪيفيت سڏيو وڃي ٿو. روحانيت معنيٰ اندروني زندگي. ظاهري زندگي معنيٰ عقل، خيال ۽ منطق، جنهن جي ذريعي بحث ڪري، ٻئي تائين مواد منتقل ڪري سگهجي. تنهن ڪري فلسفو حقيقت ۾ ان تائين محدود آهي، جيڪو منتقل ٿي سگهي ٿو.

گرهوڙيءَ جي فڪر جي باري ۾ ڪنهن حد تائين، بلڪه ان کي گرهوڙيءَ جو عقيدو يا ايمان يا گرهوڙيءَ جي زندگيءَ جو طريقو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. پر وٽس ڪو فلسفو ناهي ڇاڪاڻ ته گرهوڙي ڪنهن به طرح اسان کي ثابت ڪري يا منتقل ڪري نه سگهيو آهي ته هن اها زندگي ڇو اختيار ڪئي؟ اها زندگي ڇو بهتر آهي؟ هو چوي ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو پر ٻڌائي نٿو سگهان؟ اهڙي طرح تصوف جو اهو خاص مقام آهي جيڪو فلسفي کان مختلف آهي. فلسفو منتقل ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته تصوف جو مشاهدو يا مواد منتقل ٿيڻ جهڙو نه آهي. اهو فقط هڪ مخصوص فرد جو تجربو آهي، جنهن تي توهان کي ايمان آڻڻو آهي. پر ان لاءِ بحث ڪرڻ يا ان کي واضح ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. عام ماڻهوءَ ۽ صوفيءَ جي وچ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪوبه ذريعو ڪونهي. تنهن ڪري اها هڪ ڳالهه صاف طور سمجهڻ گهرجي.

هاڻي توهان چوندا ته تصوف ڇا آهي. اهو ڪهڙو عجيب تصور آهي ته هيءَ زندگي حقيقي نه آهي. مون توهان کي ڪيترا دفعا اڳ ٻڌايو آهي ته هي زندگي حقيقي نه آهي. اهو اڄڪلهه جي عام ماڻهوءَ سان بحث ڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو. جڏهن اسين زندگي جي قدرن بابت سوچيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته هي شيءِ يا هوءَ ڳالهه فضول آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آئون زنده رهڻ ڇو ٿو چاهيان. آخر اهڙي زندگيءَ جو ڪهڙو فائدو آهي؟ ٻين لفظن ۾ ڪيترن ئي قدرن کي آئون خارج ڪري ڇڏيان ٿو. آئون چوان ٿو ته انسان کائڻ پيئڻ لاءِ زنده نٿو رهي ڇاڪاڻ ته اهو کائڻ پيئڻ اهميت جي لائق نه آهي، ڇو ته ڪپڙا پائڻ يا ڏيکاءُ ڪرڻ لاءِ ماڻهو زنده نٿو رهي سگهي، ڇو ته ان ۾ ڪهڙو عقل آهي. انسان ان سان ڪيترو وقت زنده رهي سگهي ٿو. ان ڪري زندگيءَ جا ڪيترائي قدر آءٌ ڇڏي ڏيان ٿو. بهرحال اهو صرف صوفي طريقي سان ناهي ته آئون هڪڙن قدرن کي ڇڏي ٻين نون کي اختيار ڪري سگهان ٿو پر بحث مباحثي جي ذريعي به آئون ائين ڪري سگهان ٿو ته هي قدر فضول آهي. هي قدر جنهن کي توهان اهم سمجهو ٿا اهو بلڪل غير اهم آهي. هن شيءِ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ۽ هن مان ڪجهه حاصل ٿيندو. اهڙي طرح اسين ڪيترن قدرن کي پوئتي ڇڏيندي ڪندي، اعليٰ کان اعليٰ قدرن ڏانهن وڌندا رهون ٿا. جيئن اسان جي ارتقا ٿيندي رهي ٿي، تيئن اسان جا قدر تبديل ٿيندا رهن ٿا. اسان ڪنهن شيءِ جي عزت ڪئي ۽ ڪا شيءِ اسان کي پسند آئي ۽ ننڍپڻ ۾ ان سان محبت هئي. جڏهن اسين وڏا ٿياسون، اسان ان جو خيال رکڻ ته ڇڏيو پر مورڳو چئون ٿا ته اها خراب هئي. زندگي ضايع پئي ڪئي سون. ايستائين جو ڪيترائي ماڻهو جڏهن پنجاهه سالن جا ٿين ٿا، جيئن سعدي جهڙو ماڻهو جنهن کي اڄ صبح جو مون ورجايو پئي. فرمائي ٿو ته:

اي که  پنجاه رفت در خوابي،

مگر  اين  پنج  روز  در يابي.

ترجمو: اڙي (سعدي) تون پنجاهه سال غفلت ۾ وڃائي ڇڏيا، ڀلا هاڻي ته انهن باقي پنجن ڏينهن جو قدر ڪر!)

هاڻي ڇو پنجاهه سال ننڍپڻ ۾ گذري ويا، ڇاڪاڻ ته اهي قدر جن کي هن گهڻي اهميت ڏني هئي، هاڻي ڏسي ٿو ته انهن جي ڪابه قدر ڪونهي. تنهن ڪري منهنجا پنجاهه سال ننڍپڻ ۾ اجايو گذري ويا. هو چوي ٿو ته اهي ضايع ٿي ويا. ڪاش اهو آئون ڄاڻان ها ته انهن شين ۾ ڪجهه به ڪونهي، آئون انهن جي پويان نه لڳان ها. پر هاڻي مون ڏٺو آهي ته پنجاهه سالن جو ٿي ويو آهيان مون انهن قدرن کي اجايو گهڻي اهميت ڏني هئي، جيڪي بلڪل فضول هئا. بلڪل اجايا جن مان ڪجه به حاصل نه ٿيڻو هو. مون سڄي زندگي ضايع ڪري ڇڏي. سنڌ جي مرزا قليچ بيگ فرمايو آهي:

ڌوڙ دنيا، آهي فاني، ڪنهن سان ڪين نڀائي جاني

ڪئي ڪانه، قليچ ڪمائي، وئي ساري عمر اجائي

اي نادان ڪيئي ناداني

آخر ۾ ان حد تائين پهچي چئون ٿا ته اسان ڪجهه به نه ڪيو. وقت اچي ويو آهي ۽ سڄو وقت گذري ويو. ٻارن وانگر ٿورو وقت کٽمٺڙن کائڻ ۾، رانديون رونديون ڪرڻ ۾ ۽ ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن پوپٽن جي پويان ڊوڙياسين. سڀئي سال گذري ويا ۽ آخر ۾ ڏٺم ته ڪجهه به حاصل نه ٿيو. ٻئي هٿ خالي آهن. آئون ڇا کڻي وڃان پيو ۽ ڪيڏانهن  وڃان پيو. اهو احساس زيان پيدا ٿئي ٿو. هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو فقط احساس باقي رهي ٿو. اسين ڪڏهن به مطمئن نه هئاسين، اسان انهيءَ کي قبوليو ڇو ته بلنديءَ جي ڪا انتها ڪونهي، جيڪا ماڻهو حاصل ڪري سگهي. هڪڙي عام روايت آهي ته رسول الله ﷺ هر روز استغفار ڪندا هئا. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هر روز پاڻ ڪريم وڌيڪ بلنديءَ تي پهچندا هئا، جنهن تي هڪ ڏينهن اڳ هئا.

اهڙي طرح هر فرد هر روز پاڻ محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ڪا ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته اڳتي هلي ڏسي ٿو ته اڙي هيءَ ته وڌيڪ اهم آهي. هي ته اڃان وڌيڪ اهم آهي.‘ هاڻي وڃي مون حقيقت کي حاصل ڪيو آهي. ان کان اڳ آئون ڪٿي جو به ڪونه هئس. اهوئي احساس ٿيندو رهي ٿو ۽ ان جي مشڪل سان ڪا پڄاڻي اچي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسين ان کي معارج چئون ٿا يعني بلند درجا، جيڪي بلڪل ختم نٿا ٿين. اسين معارج مڪمل حاصل نٿا ڪري سگهون، انسان قدم بقدم اڳتي وڌي ٿو. جيترو بلند وڃي ٿو، اوترو ئي محسوس ڪري ٿو ته اڃان گهڻو اڳتي هلڻو آهي. جيئن هو ڏسي ٿو ته مون کي اڃان گهڻو اڳتي هلڻو آهي ۽ پوئتي ڏسي ٿو ته اڙي اهو ته تمام هيٺ هو، مون سڄو وقت ڇا پئي ڪيو.

هاڻي ٻئي ڪنهن به مذهب ۽ فلسفي سواءِ قرآن ۽ اسلام جي ان ڳالهه کي وڌيڪ واضح نه ڪيو آهي. هڪ عام چوڻي ان بلنديءَ کي نسبتاً واضح ڪري ٿي ته هڪ ماڻهوءَ جو مٿانهون ٻئي لاءِ هيٺانهون يا ”سيئات“ آهي. ”حسنات الابرار سيئات المقربين“ اهو ڇا آهي. ابرارن جون نيڪيون مقربين لاءِ اوڻايون آهن. اهي جيڪي وڌيڪ قريب آهن ڏسن ٿا ته حقيقت ۾ اهو خراب ڪم هو، جنهن ۾ اسين گرفتار هئاسون. پر حقيقت ۾ اهو خراب ڪم نه هو، رڳو ٻئي وڌيڪ سٺي عمل کان گهٽ هو. حقيقت ۾ ابرار تمام اعليٰ انسان آهن. اسان جهڙن عام ماڻهن کان ويهه هزار دفعا وڌيڪ بهتر آهن. پر انهن ابرارن جا سٺا ڪم مقربين جي اڳيان خراب آهن. ساڳيءَ طرح بهشت جي حورن کي اعراف دوزخ وانگر محسوس ٿيندو آهي.

حوران بهشت را، دوزخ بود اعراف،

از دوز خيان پرس که، اعراف بهشت است.

ترجمو: بهشت جي حورن لاءِ ته اعراف به دوزخ برابر آهي، پر دوزخين لاءِ ته اعراف (وچيون درجو) بهشت برابر آهي.

اهڙي طرح معارج جي انتها ڪونهي. جيترو انسان مٿي پهچي ٿو ۽ پوئتي ڏسي ٿو ته چوي ٿو او منهنجا خدا، ڇا آئون پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيو هئس، پر هن کي خبر نه آهي ته فطرت جي تقاضا آهي ته هن کي ڪجهه نه هجڻ مان ڪجهه هجڻ طرف وڌڻو آهي، پر ڳالهه هيءَ آهي ته ڇا آئون تڪڙو وڃي رهيو آهيان يا بنا ڪنهن حساب جي هر سال وڃائي رهيو آهيان يا جيترو تيز ٿي سگهي پيو اوترو وڌي رهيو آهيان. امام غزالي رحه هن طرح وضاحت ڪري ٿو. ڪي شخص مراقبي ۾ ويهي، پنهنجي اندروني مشڪلاتن تي قابو پائڻ جي فڪر ۾ هئا. هو چوي ٿو ته اوچتو هڪ ماڻهو اتي اچي پهتو ۽ رستي جي معلومات لاءِ انهن مان هڪ ماڻهوءَ جي ڪلهي کي احترام سان ڇهي پڇڻ لڳو ته مون کي ٻڌايو ته هي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو. هو مراقبي ۾ ويٺل شخص مٿي نهاري چوي ٿو ته خدا جي واسطي مون کي ڇڏ! مون وٽ تمام ٿورو وقت آهي. اهو ٻئي ڪنهن کان پڇ ۽ هو وري مراقبي ۾ ويهجي وڃي ٿو. هو سوچي ٿو ته ڇا مون وٽ ايترو وقت باقي آهي. وقت جو احساس اهڙن ماڻهن وٽ ان حد تائين پهچي ٿو جو سوچين ٿا ته ڇا منهنجو ٻيو منٽ باقي آهي. ڇاڪاڻ ته اڃان ڪافي هلڻو آهي، ۽ اسان الله تعاليٰ سان وعدو ڪيو آهي جيڪو هر رات دعاءِ قنوت ۾ ڪريون ٿا ته ”نسعيٰ ونحفد“ اسان ڏانهس جلدي ڪريون پيا، ڪوشش پيا ڪريون، ڄڻ ته گهوڙي جي ٽپن ۽ ڇلانگن وانگر.

اسين زندگيءَ جو حقيقي روپ ڏسون به پيا پوءِ به هر روز ساڳي شيءِ دهرايون پيا. کائڻ ۽ سمهڻ، سياست بابت ڳالهائڻ، ۽ ڪنهن کي گاريون ڏيڻ، پوءِ گڏهه وانگر وڃي بستري تي ليٽي پئون ٿا. صبح جو اٿون ٿا ۽ ساڳي نيرن ۽ منجهند جي ماني کائي ۽ اجايون ڳالهيون گارگند ڪري ۽ وري بستري تي ليٽون ٿا. اهڙي طرح اهو سلسلو 60 سالن تائين هلي ٿو ۽ سٺ سالن کان پوءِ هڪ صبح جو جڏهن ملڪ الموت اچي ٿو ته سوچجي ٿو ته ڇا پڄاڻي اچي وئي. ”يقيناً“ پر مون ڇا ڪيو آهي. سڄي ڄمار بڪ ڪندي هتي اچي پهتو آهيان. مون سٺ سالن ۾ ڇا ڪيو آهي. جيڪڏهن هر ڏينهن صحيح استعمال ڪريان ها ته آئون ڪٿي هجان ها. اها آهي انسان جي حالت!

پروفيسر جتوئيءَ توهان کي شريعت ۽ طريقت کان سواءِ سماجي ۽ انفرادي زندگيءَ بابت ٻڌايو. اتي وري مونجهارو ٿئي ٿو. توهان انهن ماڻهن سان ڪيئن نڀائيندؤ جن سان توهان کي رهڻو آهي. ڀلا، خدا سان ڪيئن رهندا، اتي تضاد پيدا ٿئي ٿو. ڇا توهان مڪمل خدا جي ياد ۾ گم ٿي وڃو ٿا ته پوءِ فرائض ڪٿي آهن. اسان کي ڪيترن کي کارائڻو آهي ۽ پهرائڻو آهي. زندگيءَ کي جاري رکڻو آهي. ڇا توهان پنهنجي انساني برادريءَ جون جوابداريون پوريون ڪيون آهن يا مڪمل طور مراقبي ۾ ويٺا آهيو. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪي اهڙا دور هئا جنهن ۾ زندگيءَ جي هڪ پهلوءَ کي اهميت ڏني وئي ۽ وري وقت آيو ته ٻئي کي اهميت ڏني وئي. مثال طور حضرت موسيٰ " جي دور ۾ شريعت کي اهميت ڏني وئي. اهو چيو ويو ته جيڪڏهن توهان قانون جي پابندي ڪريو ٿا، پاڙيسريءَ جو خيال رکو ٿا، چوري نٿا ڪريو، ۽ هي نٿا ڪريو ۽ هو نٿا ڪريو، ته توهان سٺا انسان آهيو. پوءِ حضرت عيسيٰ " آيو. هن فرمايو ته اهو قانون سڀ ٺيڪ آهي، پر آئون ٻڌايان ٿو ته هر شيءِ کي ڇڏي ڏيو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو، پنهنجي ملڪيت، گهر وارين ۽ گهر کي وساري ڇڏيو. اهي پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندا. آئون ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته زندگي ڪنهن ٻئي هنڌ آهي. هيءَ زندگي نه آهي، هي سڀ فضول آهي. هي فقط ڏيکاءُ آهي ۽ پوءِ هو اسان کي اندروني يعني روحاني زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اهڙي طرح سڄي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪو وقت ۽ مرحلو اچي ٿو جڏهن ٻاهرين يعني سماجي زندگيءَ کي اهميت ڏني وئي هئي ۽ ڪو وقت وري اهڙو آيو جو انفرادي زندگيءَ کي اهميت ڏني وئي. پر قرآن مجيد ۾ ٻئي پهلو مڪمل هم آهنگيءَ ۽ توازن سان گڏ آيا آهن. ان ۾ زندگيءَ جي ٻنهي پهلوئن ۾ مڪمل توازن آهي ۽ جنهن کي توهان تصوف چئو ٿا اهو مڪمل طرح ان ۾ ضم ٿي ويو آهي. اها ئي قرآن جي خوبصورتي آهي، پر اڃان تائين ڏسون پيا ته اسان جا ڪجهه مسلمائن ڀائر ان ڄار ۾ ڦاٿا پيا آهن ته طريقت شريعت کان ۽ شريعت طريقت کان بلڪل الڳ آهي. اهو ائين ڪونهي. قرآن ٻنهي کي مڪمل طور هڪ ڪري پيش ڪيو آهي. ڪابه شيءِ ڳجهه يا راز نه رهي آهي. اها ڏينهن جي روشنيءَ وانگر صاف نظر اچي پئي. ”الم نشرح“ ۽ ”والضحيٰ“ وانگر اهڙي چٽي جو ان جي وضاحت ڪري سگهجي ٿي، هر ڪو معلوم ڪري سگهي ٿو. ته ڪيئن سماجي زندگي خاموشيءَ سان انفرادي زندگيءَ ڏانهن وڃي ٿي. اهي ٻئي ڪيئن توازن ۾ آهن ۽ اهي بنا ڪنهن راز ۽ عليحدگيءَ جي. هڪ ٻئي سان گڏ جڙيل آهن، هن (پروفيسر جتوئي) شاهه عبداللطيف جي هيٺين سٽن جو حوالو ڏنو:

ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،

طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،

معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.

هي بيت سموري زندگي ۽ ان جي عنصرن جي وضاحت ڪري ٿو. ليڪن حافظ کان جڏهن شريعت جي باري ۾ پڇيو ويو ته هُن وري هي جواب ڏنو.

مباش  در  پئي  آزار و هرچه  خواهي  کن،

که در شريعت ما غير ازين گناهي نيست.

ترجمو: ڪنهن کي تڪليف نه ڏي باقي جيڪي وڻيئي سو ڪر. ڇو ته اسان جي شريعت (قانون) ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو گناهه ڪونهي.

هن کان وري طريقت جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن فرمايو:

وفا کنيم ملامت کشيم  خوش  باشيم،

که در طريقت ما کافري است رنجيدن.

ترجمو: اسان وفاداري ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ ان لاءِ ملامت ملي ٿي، پر خوش رهون ٿا. ڇو ته اسان وٽ ٻين کي رنجائڻ ڪافري يعني وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.

ڇا شريعت ۽ طريقت هڪ ٻئي کان الڳ آهن. هڪ جو تعلق انسان جي اندروني ذهني تمدن سان آهي ۽ ٻئي جو واسطو ان تمدن سان آهي جيڪو انسان سماجي زندگيءَ ۾ استعمال ڪري ٿو. هو اندروني ذهن تيار ڪري پنهنجو پاڻ کي انسان بنائي ٿو ۽ پوءِ هو سوسائٽي جي وجود سان وابسته رهي ٿو ۽ سوسائٽي کي پنهنجي وجود جي سطح تائين آڻي ٿو. اهي ٻئي شيون قرآن خوبصورتيءَ سان گڏ آنديون آهن. جيڪي ماڻهو اهو ڄاڻن ٿا ۽ قرآن کي سمجهن ٿا پر ”اکثرهم لايعقلون.“ پر ڪي ڄاڻن ٿا ته اهي ٻئي پهلو انفرادي ۽ سماجي زندگيءَ جو پهلو مڪمل هم آهنگي ۾ آندا ويا آهن ۽ ڪابه ڳجهي شيءِ نه رهي آهي. اهو سڀ منتقل ٿي سگهي ٿو.

آئون ويهن سالن کان وٺي هن جاءِ تان دانهون ڪري رهيو آهيان ته آهي ڪو جيڪو اچي سکي! ڪو پڇڻ چاهي ٿو؟ ڪنهن کي اها اُڪير آهي، جو معلوم ڪري ته زندگي ڳُجهه کان سواءِ ڇا آهي جنهن کي عام طور تصوف (Mysticism) ڪوٺجي ٿو. رومي فرمائي ٿو ته هتي هڪ قلعو هو، جنهن جا سڀ دروازا بند هئا. توهان ان ۾ داخل نٿي ٿي سگهيا ۽ ڏسي نٿي سگهيا ته بادشاهه جي ڪمرن ۾ ڇا آهي. پوءِ ”انا فتحنا لک فتحا مبينا“ ان جي ڪنجي ڏني، جنهن سان توهان سڀئي دروازا کولي سگهو ٿا ۽ ظاهر ڏسي سگهو ٿا ته ڇا پيو آهي ۽ ڪوبه ڳجهه نه رهيو آهي. اهو ”والضحيٰ“ يعني ڏينهن جي چٽيءَ روشنيءَ جيان آهي. ڇا ڪير پڇندو ته ڪيئن؟ مون کي اڃان تائين ڪوبه ماڻهو نه مليو آهي جنهن پڇيو هجي، جڏهن آئون مغرب توڻي مشرق اچان وڃان ٿو. آئون چوندو آهيان ته آهي ڪو، جيڪو پڇي! اهي چون ٿا ته توهان ڇو پيا مشرق ۽ مغرب ۾ گهمو. آئون چوندو آهيان ته آهي ڪو ماڻهو هتي جيڪو پڇي؟

گوهر دارم صاحب نظرمي جويم.

يعني مون وٽ موتي آهن، پر قدردان ٿو ڳوليان.

ڇا ان لاءِ ڪا مارڪيٽ آهي؟ علي اڪبر شاهه (ان وقت جامع عربيه هاءِ اسڪول جو پرنسيپال) هتي ويٺو آهي؟ ڇا هتي ڪا مارڪيٽ آهي؟ نه مارڪيٽ هتي آهي ۽ نه هتي آهي. انهيءَ سامان جي وڪري لاءِ ڪابه جاءِ ڪونهي. ”پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران“ اهو سڀ ڪجهه آهي. قرآن کان پوءِ ڪو راز نه رهيو آهي. هاڻي ڪابه ڳجهي حقيقت نه رهي آهي. انهيءَ جي ضرورت ڪونهي، هر لفظ منتقل ڪري، سمجهائي سگهجي ٿو ڇو ته اهو فلسفو ٿي پيو آهي، جيڪو ٻئي تائين منتقل ڪري سگهجي ٿو، هر ڳالهه بلڪل صاف ۽ واضح آهي. جڏهن کان ”الم نشرح“ ۽ ”والضحيٰ“ نازل ٿي آهي، ان کان پوءِ ڪابه مخفي شيءِ نه رهي آهي، سڀ دروازا کليل آهن. بادشاهه جا سڀ خزانا ظاهر آهن، جيڪي هر شخص لاءِ هن کولي ڇڏيا آهن. ڇا ڪو وڃي اهي ڏسندو؟ ڪوبه تيار ڪونهي، صبح کان شام تائين ساڳي نيرن ۽ منجهند جي ماني ۽ اجائي ڪچهري ائين هر ڏينهن گذرندو ٿو وڃي، جڏهن آخري گهڙي اچي ٿي ته هو گذاري وڃي ٿو. حالانڪه انسان جي شاندار زندگي سندس اڳيان آهي. پر هو خواب ۾ آهي، هو سمهندي ۽ اجايون ڳالهيون ڪندي وقت گذاري پيو، ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڪري. اهو ڪنهن به نه پڇيو آهي ته زندگيءَ جو راز ڇا آهي؟ ڇا توهان وٽ ان جي باري ۾ ڪو جواب آهي؟ هائو! آءٌ ايترو هي چئي سگهان ٿو.

آدمی کو بھی میسر نہیں انسان ہونا

انسان ٿيڻ لاءِ وقت گهرجي، پر وري چوي ٿو ته هن کي ته ملائڪ کان به مٿي ٿيڻو آهي، انهيءَ لاءِ ته پڇا ئي ڪونه ٿي ڪئي وڃي. قرآن کي ته ان معاملي ۾ نه سمجهيو ويو ۽ نه ٻڌو ويو آهي. توهان سمجهو ٿا ته اسان ڄاڻون ٿا پر نه! توهان ان کي نه پڙهيو آهي ۽ نه ئي ان جي اوهان کي خبر آهي. جيڪڏهن توهان ان کي پڙهو ته ان ۾ ڪيتريون ئي آيتون آهن، ۽ هر سٽ ۾ زبردست خزانو سمايل آهي. عجيب خوبصورتي آهي، جنهن کي توهان ڏٺو ئي نه آهي.

آئون هڪ محترم کي روزانو قرآن پڙهندي ٻڌندو آهيان، جيڪو منهنجي گهر جي سامهون رهي ٿو، صبح جو چئين بجي اٿي ٿو ۽ جيترو ٿي سگهيس ٿو ته زور سان پڙهي ٿو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهي ٿو. اها هن جي قرآن سان محبت آهي جو ان کي پڙهي ٿو، پر آئون چاهيان ٿو ته ان جي پنجن سٽن لاءِ فڪر ڪري، پنج سٽون سمجهي ته اهي هن لاءِ ڪافي ٿينديون. دنيا جا سڀ راز مٿس کلي پوندا، سڀئي تصوف جون دريون کلي پونديون. هن لاءِ وڌيڪ راز نه رهندو، اهو منهنجو فلسفو آهي. پر مهربان! ڪوشش ڪري قدرن جو معيار تبديل ڪريو. زندگيءَ بابت مختلف انداز ۾ سوچيو جيئن هينئر ان بابت سوچيو پيا. اها عجيب شاندار ۽ خوبصورت آهي. الله تعاليٰ جو وڏو تحفو آهي ته اهي ساهه کڻڻ وارا دم ڪيئن استعمال ڪجن. جانور مان انسان ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ ڏهه منٽ ڪافي آهن، وڌيڪ وقت جي ضرورت ڪونهي. ٻيءَ حالت ۾ پنجاهه هزار سال به جانور کي انسان ۾ تبديل نٿا ڪري سگهن، فرق ڏسو، وقت استعمال ڪريو نه ڪه وقت گذاريو. وقت گذارڻ ائين آهي ڄڻڪ هڪ ندي بنا استعمال جي وهي رهي آهي، پر انهيءَ زندگيءَ جي وهڪري مان ٿورو استعمال ڪريو. هڪ منٽ لاءِ ٿورو الڳ ٿي ڏسو ته ان ۾ ڪهڙي خوبصورتي آهي. فقط جمالياتي نظر سان ڏسو، ٻي ڳالهه کڻي ڇڏيو. توهان جي اڳيان عاليشان ڪائنات آهي. جيئن امام غزالي رحه فرمايو آهي جيڪو مون گذريل ڏينهن دهرايو هو ته انسان جڏهن تارا ڏسي ٿو ۽ سوچي ٿو ته اهي روشنيءَ وارا ننڍا ننڍا ٽٻڪا آهن. هو فرمائي ٿو ته ڇا اهو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪو هو سوچي ٿو ۽ جيڪڏهن هو فقط اهو سوچي ٿو ته پوءِ هو انسان نه آهي. هڪ ڪتو ساڳيو نظارو ان ريت ڏسي ٿو ته پوءِ هو انسان نه آهي. جڏهن ڪاراڻ ۾ ڪتو تارا کڙندي ڏسي ٿو ته ڪئو ڪئو ۽ ڪوڪاٽ ڪري ٿو. چوندا ڪتي کي لڳا هئا اُمڙ تڏهن تارا ڏسي  ڪئو ڪاٽ ٿي ڪيائين. اها نئين ڳالهه ڪونهي، ايترو ڪتو به ڏسي ٿو. پر انسان ساڳيو آسمان ڏسي ٿو، جيڪو ڪتو ڏسي ٿو ته ڇا هو انسان جو ٻار چئبو! حالانڪه ڏهن منٽن جي سوچ هن کي ان ڪائنات ۾ وٺي وڃي سگهي ٿي، جڏهن ڏهن منٽن کان پوءِ ڏسندو ته هيءَ عجيب ڪائنات ڇا آهي. ڇا ان جي باري ۾ ڪنهن سوچيو آهي. هي ڪو راز يا مام ڪونهي. آءٌ صاف سائنس پيو ڳالهايان. تنهنڪري اهو قدم بقدم سڀ الم نشرح آهي. اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ كَان فَارْغَبْ تائين پڙهو ۽ پڇو؟ اڃان تائين آءٌ ساڳيو عرض ڪندو اچان. ڇا توهان هڪ ٻئي کان پڇو ٿا، جنهن جي باري ۾ توهان نٿا ڄاڻو. خدا اسان کي ٻه چپ ۽ هڪ زبان ڏني آهي. جيڪڏهن اکيون نٿيون ڪم ڪن ته ڀلي پر وات ته ڪم ڪري، پڇو پر پڇو به نٿا. اسان سواءِ اجاين ڳالهين ۽ گفتگوءَ جي ٻيو ڪجهه نٿا ڪريون. توهان جي مهرباني جو مون کي صبر سان ٻڌو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org