سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:17 

[  17  ]

ڇا مذهب ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي؟

 

]سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ 28 نومبر 1954 تي تقريري مقابلي بعد علامه صاحب جي ڪيل تقرير[

 

خواتين و حضرات، توهان مون سان اتفاق ڪندا ته اهو دلچسپ ۽ خوشگوار بحث مباحثو هو، هر مقرر کي پورو موقعو ڏنو ويو هو ته جيڪي سندس دل ۾ آهي ان جو پورو پورو اظهار ڪري، اسان جا ڪيترا اهڙا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن جن کي ڳالهائڻ ۽ پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو گهربل موقعو نٿو ملي جنهن جو سبب سندن ڳالهائڻ تي ڪجهه پابنديون پڻ آهن، ان جي باوجود اڄ جي مقررن  پنهنجي اندر جون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ هنن اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندن ذهن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون گهر ڪري ويٺل آهن، انهن مان گهڻن ترقيءَ تي زور ڏيڻ بجاءِ مذهب تي زياده زور ڏنو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو وڌيڪ بهتر ٿئي ها جيڪڏهن هو اصل موضوع جي مناسبت سان لفظ مذهب جي اصلي مفهوم ۽ ان جي همھ گير پهلوئن کي آڏو رکن ها.

هاڻي ڏيڍ ڪلاڪ کن تقريرن ٻڌڻ کان پوءِ توهان مون کان اها اميد نٿا ڪري سگهو ته آءٌ ان موضوع تي وڌيڪ ڊگهي تقرير ڪري توهان جو وقت سيڙايان. هڪ تعليمي نفسيات دان جي حيثيت ۾ اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته انساني ذهن کي تمام گهڻي وقت تائين متوجه نٿو رکي سگهجي. اهوئي سبب آهي جو مقرر ڀلي ڳالهائيندو رهي، پر ٻڌندڙ يا حاضرين ڪجهه وقت کان وڌيڪ توجه نٿا ڏئي سگهن، انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ کي چند وضاحتن ۽ ڪجهه اشارن ڪناين تائين محدود رکندس.

سڀ کان پهرين جيڪڏهن اسان مذهب بابت لغوي لحاظ سان يا فلسفيانه نقطئه نظر کان ڳالهائڻ شروع ڪنداسين ته ان لاءِ تمام گهڻو وقت گهرجي. ليڪن ٿوري وقت اندر جيڪو اسان کي ميسر آهي، اسان ان جي لغوي مفهوم ۽ اصطلاحي معنيٰ کي به پوريءَ طرح واضح نه ڪري سگهنداسين. البت جيستائين ان جي فلسفيانه تشريح جو تعلق آهي ته ان لاءِ ڪيئي ڪلاڪ گهُرجن. بهرحال اسان مذهب جي عام مروج معنيٰ جيئن هر ڪوئي ان کي سمجهي ٿو، ان سان شروعات ڪنداسين، اسان مذهب کي هڪ انساني علم جهڙوڪ فلسفي، سائنس، آرٽ يا ٻئي ڪنهن علم جي شاخ وانگر سمجهڻ سان آغاز ڪنداسون، ڇو ته اسان وٽ ان کي سمجهڻ جو ٻيو ڪو طريقو ڪونهي، مجموعي طور اهو به انسان جي ڪاوش جو هڪ نتيجو آهي، اهو به انسان جي ارتقا سان گڏ وجود ۾ آيو آهي، ان جو مثال ائين آهي جيئن آرٽ وسيلي بذات خود آرٽ جي تاريخ بيان ڪئي وڃي ۽ اهو به هڪ قسم جو علم ۽ فن آهي.

توهان اهو ضرور ٻڌو هوندو ته افلاطون پنهنجي مشهور تصنيف ’رياست‘ ۾ اهو لکيو آهي ته اتي شاعرن جي گنجائش نه هوندي، اها عجيب ڳالهه آهي ته جنهن سرِزمين هومر جهڙو شاعر، يورپيڊڊس ۽  سافوڪلس جهڙا ڊرامانويس پيدا ڪيا جيڪي اڄ به خاص طور مطالعي جي ڪشش رکن ٿا، تن لاءِ افلاطون جي رياست ۾ ڪا جڳهه ڪونه هئي، هن جو چوڻ هو ته شاعر اخلاقيات تي برو اثر وجهن ٿا، تنهنڪري هنن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، هن سلسلي ۾ قرآن شريف جو فرمان هن ريت آهي:

وَمَا عَلَّمْنٰهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنْۢبَغِيْ لَهٗ ۭ (69:36)

معنيٰ: اسان (هن (محمّد ﷺ ( کي شاعري ڪونه سيکاري آهي ۽ اها هن کي ڪونه ٿي سونهي.

هڪ ٻي سورة الشعراءَ ۾ وري هينئن فرمايو ويو آهي:

وَالشُّعَرَاۗءُ يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَ  (224:26)

معنيٰ: شاعرن جي پيروي گمراهه ماڻهو ئي ڪندا آهن.

هن عظيم ڪتاب ۾ اهي ڪافي سخت الفاظ آهن ۽ ڪتاب به اهو جنهن جي اسان سڀ تعظيم ڪريون ٿا.

ظاهر آهي ته هيءَ ڳالهه فنونِ لطيفه ۾ سڀني کان وڌيڪ لطيف فن يعني شاعري بابت قرآن ۾ ملي ٿي، ويجهي دور ۾ ٽالسٽاءِ جهڙي اديب يورپ ۾ مروج آرٽ تي سخت تنقيد بلڪ ان جي مذمت ڪئي هئي. هو اهڙي آرٽ جي افاديت کان نااُميد ٿي چڪو هو. ليڪن اها به حقيقت آهي ته اهڙي قسم جي تنقيد آرٽ ۽ خصوصاً شاعريءَ خلاف گذريل اڍائي هزار سالن کان ملي ٿي، تاهم اها به حقيقت آهي ته قرآن طرفان شاعري خلاف اهڙي راءِ جنهن مطابق شاعرن جا پوئلڳ گمراهه آهن، مشاعرا هرهنڌ ۽ هر دور ۾ ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به عام جام ٿي رهيا آهن.

توهان ڏسندا ته قرآن شريف جي ان راءِ جي باوجود ۽ افلاطون ۽ ٽالسٽاءِ جي راين جي موجودگيءَ ۾ مشاعرا هميشه منعقد ٿيندا رهيا آهن ۽ اها ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي، هاڻي سوال آهي ته ائين ڇو آهي؟ ڇا اها راءِ صرف شاعري خلاف آهي؟ مان مٿي هڪ مثال پيش ڪري رهيو آهيان، حالانڪ اها به حقيقت آهي ته قرآن شريف ۾ شعر و شاعريءَ بابت هينئن پڻ فرمايو:

وَالشُّعَرَاۗءُ يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَ  (224:26)

يعني: بيشڪ شاعريءَ (خاص قسم جي) ۽ دانائي آهي.

هاڻي جيڪڏهن ڪا اهڙي شاعري به آهي جنهن ۾ دانائي آهي ۽ ان دانائي کي قرآن خيراً اڪثير يعني وڏي ڀلائي ڪوٺيو آهي ۽ اهو به حڪم ڏنو آهي ته ان جي تلاش ڪريو جتي به اها ملي، ان لحاظ کان ته شاعري به ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿي، هاڻي جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ساڳي شيءِ سٺي به آهي ته خراب به!

هتي اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته اها ڳالهه سڀني انساني تخليقن سان لاڳو آهي، اهي ڪنهن وقت مفيد به آهن ته ٻيءَ گهڙي نقصان پڻ آهن، اهي ڪڏهن مدي خارج، فضول ۽ ڪنهن به ڪم جون نٿيون رهن. اسان کي خبر آهي ته انسانذات ارتقا جا مرحلا طي ڪندي رهي آهي ۽ اها هڪ هنڌ ٽڪيل ناهي. هاڻي ان لحاظ کان انساني ڪاوشن جو جائزو وٺڻ گهرجي ته پهرين اهي ڇو وجود ۾ آيون، هينئر اهي ڪهڙي حالت ۾ آهن ۽ اهي مفيد آهن يا نقصانڪار!

انهي لحاظ سان اسين شايد اهو به چئي سگهون ٿا ته اهڙو به دور هو جڏهن فلسفو ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ هو، شايد هينئر سائنس لاءِ به ڪو ائين چوي ته اها ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. اهڙيءَ طرح اسين ڪجهه به چئي سگهون ٿا ۽ ڪوبه نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ۽ اهو ٿي سگهي ٿو غلط به نه هجي. دراصل اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو ادارو يا ڪاوش ڪنهن خاص وقت تي ڪو ڪارج به پورو ڪري رهيو هو، يا محض رنڊڪ بنيل هو. شاهه ولي الله ان خيال جو آهي ته معمولي رسم به هڪ قسم جو حجاب يا پردو آهي، افلاطون وري چوي ٿو ته رسم ئي ان لحاظ کان بهترين انتخاب آهي ته ان سان انساني ٻار سٺيون عادتون پرائي سگهي ٿو. تاهم اها ڳالهه به صحيح آهي ته اهڙي رسم ڪڏهن ڪڏهن رنڊڪ به بنجي وڃي ٿي، بلڪ مرده رسم وڏي رڪاوٽ جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي.

هتي آءٌ توهان جو ڌيان ان طرف ڇڪائيندس ته هر انساني ادارو ترقي ڏانهن گامزن آهي، ۽ اهو لازمي طور اڳتي وڌندو رهي ٿو، ان لاءِ لازم آهي ته اهو انساني ضرورتن ۽ وقت جي گهُرجن سان ٻٽ تي هلندو رهي. صرف ان صورت ۾ اسان اهو فيصلو ڪري سگهنداسون ته اهو ادارو ڪمائتو آهي يا مورڳو رستي جي رڪاوٽ آهي.

هاڻي ان لحاظ کان جڏهن اسين مذهب جهڙي اداري جو جائزو وٺون ٿا ته ڪوبه ان ڳالهه سان اتفاق ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو ته مذهب جي اوائلي صورت موجوده دور ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي سگهي ٿي، مان نٿو سمجهان ته توهان مان ڪوئي ان حقيقت جو انڪار ڪري سگهندو، قديم مذاهب توهان سندن رسم و رواج مان ئي پرکي سگهو ٿا، مثلاً ذات پات جي رسم کي ڏسو. ڇا توهان سمجهي سگهو ٿا ته قديم زماني جي اها رسم موجوده زماني ۾ چڱي چئي سگهجي ٿي؟ ظاهر آهي ته جواب نفيءَ ۾ آهي، هاڻي اچو ته مذهب کي هڪ نظريي، يقين ۽ ويساهه جي صورت ۾ ڏسون.

ڇا اسان کي اهو يقين آهي ته ويساهه يا عقيدي کانسواءِ گذارو ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ان ڪري اسان کي پهريائين مذهب مان جان ڇڏائڻ گهرجي ڇو ته اهو خود هڪ رڪاوٽ آهي، پر سوال آهي ته ڇا توهان ائين ڪري سگهو ٿا. شايد نه! ڇو ته توهان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ويساهه جو هئڻ ضروري آهي، ان ڪري ته توهان جو هر عمل ڪنهن نه ڪنهن ويساهه تي ٻڌل آهي. ان صورت ۾ توهان ڇا ڪندا! ان جو آءٌ هڪ مثال ڏيان ٿو، توهان ٻڌو آهي ته هتي ڪنهن سوراخ ۾ نانگ آهي، ظاهر آهي ته توهان ان صورت ۾ پنهنجي آڱر ان سوراخ ۾ هرگز نه وجهندا، ڇو ته توهان سمجهو ٿا ته ان ۾ نانگ آهي، جيتري وڌيڪ پڪ توهان کي ڪنهن حقيقت يا ڳالهه بابت هوندي، توهان ان ويساهه موجب ضرور عمل ڪندا، هتان پتو پيو ته انساني عمل جو دارومدار انسان جي پنهنجي يقين يا ويساهه آهي.

قديم دور ۾ انسان جو عقيدو پڪو پختو ڪونه هو ۽ ان ڪري هو هر هڪ قسم جي گومگو مرده ۽ خاموش حالت ۾ گذاريندو هو. هن کي اها پڪ ڪونه هئي ته ڪيڏانهن وڃجي، هو ٻن باهين جي وچ ۾ هو، غير مطمئن ۽ شڪ واري حالت ۾ هو ، اهڙي صورتحال ۾ عقيدو هن لاءِ مثبت ضرورت بنجي پيو هو ڇو ته هو عقيدي کان سواءِ ڪو ڪم نٿي ڪري سگهيو، ان ڪري هن لاءِ عقيدو يا ويساهه ضروري ٿي پيو، اهڙيءَ طرح پوءِ ايمان ۽ يقين هر وقت انسان جي اهڙي ضرورت ٿي پيو، جنهن کانسواءِ هو زنده نٿي رهي سگهيو. اتي اهو سوال پيدا ٿيو ته انسان آخر ڇا ۾ عقيدو رکي ٿو. ان جو مثال آءٌ هن ريت ڏيان ٿو، اڄ کان ڏهه سال اڳ اسان هن حال ۾ فاشزم کي انسانيت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته ان جو خاتمو ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت توهان مان ڪي ان راءِ سان متفق نه هجن، پر هاڻي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته فاشزم واقعي انسانيت لاءِ وڏو خطرو هو ۽ هينئر ان جو خاتمو به اچي چڪو آهي، ڀلا فاشزم ڇا ڪري رهيو هو؟ مختصر طور ائين چئجي ته اهو اسان کي ٽي هزار سال پوئتي ڌِڪي رهيو هو جڏهن انسان پنهنجي نسلي برتريءَ کي خون ۽ خاندان سان ڳنڍي رهيو هو ۽ هڪ قوم کي ٻي قوم مٿان فوقيت ڏيارڻ جو سبب بنجي رهيو هو، اهو ائين آهي جيئن يهودي قوم جي دور ۾ کانئس اڳ وارين ڳالهين کي خراب چيو ويندو هو، اهڙيءَ طرح قبائلي ۽ نسلي متڀيد واري زماني ۾ هر نسل پاڻ کي مٿانهون سمجهندو هو. ان لحاظ کان جيڪڏهن فاشزم کي ٻنجهو نه اچي ها ته خبر ناهي اڄ اسان ڪٿي هجون ها. جرمن قوم جا فرد چون ها ته ڌرتيءَ تي اسين ئي رت جي لحاظ کان اعليٰ ۽ برتر آهيون ۽ باقي انسان ڌوڙ مٽي آهن.

اسان هن موجوده زماني ۾ اهڙي ڪنهن به آدرش يا عقيدي کي مڃي نٿا سگهون، خدانخواسته جيڪڏهن فاشزم ڪامياب ٿي وڃي ها ته انسان جيڪي گذريل ٽن هزار سالن ۾ حاصل ڪيو آهي اهو سڀ برباد ٿي وڃي ها. اها انسانذات جي خوشقسمتي آهي ته فاشزم جو خاتمو ٿي ويو.

هاڻي ان لحاظ کان ڏسو ته جيڪي به نظريا (Isms) يورپ پيدا ڪيا آهن اهي هڪ قسم جا ويساهه يا عقيدا ئي هئا. مطلب ته انسان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو ويساهه ضروري آهي ۽ ان کانسواءِ هن جو گذارو نٿو ٿي سگهي. انهيءَ حالت کي مدِنظر رکندي اسان في الحال چونداسين ته انسان جنهن شيءِ يا ڳالهين ۾ ويساهه رکي ٿو اهوئي سندس مذهب آهي.

هاڻي جيڪي اسلام کي مڃين ٿا يا ان ۾ عقيدو رکن ٿا انهن کي مسلمان ڪوٺجي ٿو. هتي اسان لفظ مسلمان جي حقيقي معنيٰ طرف ڪونه ٿا وڃون ۽ اها ڳالهه به ڪونه ڪنداسين ته ڪير صحيح مسلمان آهي يا نه! اسان صرف ان حد تائين وڃون ٿا ته جيڪو به پاڻ کي مسلمان سڏائي ٿو پوءِ اهو ڪهڙي به ملڪ ۾ هجي ان کي مسلمان مڃون ٿا. البت انهن جي باري ۾ اسان صرف ايترو چئون ٿا يا ڄاڻون ٿا ۽ اهو هڪ وڏو راز به آهي ته انهن وٽ هڪ نظريو هو ۽ هڪ خاص قسم جو نظم و ضبط هو، جنهن کي توهان مذهب چئي سگهو ٿا ۽ انهيءَ جي ڪري هو ايترو مٿي اچي ويا يا ترقي ڪري ويا جيڪو هڪ وڏو معجزو هو. اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ان جي صحيح وضاحت نه ڪري سگهيو آهي ته اهو معجزو آخر 1370 سال اڳ عربستان ۾ ڪيئن واقع ٿيو، ڇا اهو صرف هڪ ٻار جي ڄمڻ جو واقعو هو جيڪو سڄي دنيا کي هڪ نور جي شعلي جيان منور ڪري ويو. ڪارلائل بلڪل ٺيڪ چيو هو ته اهو هڪ تمام وڏو شعلو هو جنهن جي شعاع سان غرناطه کان وٺي دهلي تائين سمورو جهان جڳمڳ ٿي ويو. انساني تاريخ ۾ اهڙي صورتحال هن کان اڳ ڪڏهن به ظهور ۾ نه آئي هئي. اهائي سچي ۽ صحيح حقيقت آهي، بيشڪ اتي هڪ خاص قسم جو عقيدو ۽ ايمان هو جنهن جي ڪري اهو عظيم الشان منظر تاريخ ۾ ظهور پذير ٿيو ۽ جنهن جي تاريخي حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. ليڪن اڄ اسان جي سامهون وري هڪ ٻيو عجيب منظر آهي ته اهي سڀ مسلمان ملڪ ترقيءَ کان دور بلڪ رو به زوال آهن، ايتريقدر جو ٻيا سڀ ملڪ هند کان گهڻو بهتر حالت ۾ آهن.

منهنجا نوجوان دوستؤ! هتي توهان کي هڪ مثال ڏيان ٿو، مهربان اهو نه سوچجو ته آءٌ ترقي يا ترقي پسنديءَ بابت ڳالهائيندس. جيئن اڄڪلهه ان اصطلاح بابت سمجهيو وڃي ٿو. ڇو ته اهو تمام ڊگهو فلسفيانه بحث آهي ته اصل ’ترقيءَ‘ جو مطلب ڇا آهي ۽ انساني ترقيءَ مان ڇا مراد آهي، اهو يقيناً هڪ پيچيده فلسفيانه بحث آهي، جنهن بابت ٿوري وقت اندر ڪجهه نٿو چئي سگهجي. آءٌ صرف ايترو چوندس ته هن سلسلي ۾ توهان پنهنجي ذهن کان ئي ڪم وٺو.

اها هڪ وڏي حقيقت آهي ته ان مختصر دور ۾ مسلمانن اهڙي ترقي ڪئي جنهن جو دنيا ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي، خاص طور علم ۽ تعليم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، لکڻ ۽ لکرائڻ جي ميدان ۾. مسلمان جڏهن اسپين ۾ هئا ته هنن کي ’ڪتابي مجنون‘ يا ’ڪتابي چريا‘ (Bibliomaniacs) ڪوٺيو ويندو هو. اهو دور هو جڏهن يورپ وارن وٽ بائبل کانسواءِ ٻيو ڪو قابلِ ذڪر ڪتاب هوئي ڪونه. انگلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪن مذهبي شخصيتن جي حياتيءَ بابت ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب موجود هئا. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي جنهن جو انڪار ڪري نٿو سگهجي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته پوري يورپ ۾ اهڙو پڙهڻ جهڙو هڪڙو ڪتاب به ڪونه هو، جڏهن ته اسپين ۾ مسلمانن وٽ ڪيئي ڪتب خانا يا لئبرريون هيون، ان جو هڪڙو مثال غرناطه ۽ اشبيله جهڙن ننڍڙن شهرن ۾ اها لئبرري آهي جنهن ۾ ڇهه لک ڪتاب موجود هئا، هاڻي ذرا ان صورتحال بابت غور ڪريو جنهن بابت اسين چئي سگهون ٿا ته ان جي پٺيان ڪو عقيدو يا ويساهه هو جنهن جي ڪري اهو سڀڪجهه ممڪن ٿي پيو هو، بلڪه ان جي ڪري عالم ۽ مصنف پيدا ٿيا، بيشمار ڪتاب لکيا ويا، انهن عالمن جي بيحد عزت افزائي ڪئي وئي، ان جي ڪري اهو ماحول وجود ۾ آيو جنهن ۾ ڪتاب کي سمجهڻ ۽ ان جي عزت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو.

انهيءَ سڄي صورتحال بابت جنهن کي مختصر طور اسين اسلامي تهذيب چئون ٿا ان جي امتيازي وصف ڪتاب لکڻ، پڙهڻ ۽ ڦهلائڻ هو ۽ انهيءَ ڪري يورپ ۾ هنن کي ڪتابي ڪپڙا جهڙو لقب عام ٿي ويو، يورپ وارا مسلمانن جي هزارين ڪتابن بابت اهو سمجهڻ کان قاصر هئا ته آخر هو انهن ڪتابن کي ڇا ڪندا، اهي ڪهڙي ڪم جا آهن، انهيءَ زماني ۾ يورپ وارن جي اها ايتري سمجهه هئي.

هاڻي جيڪڏهن ترقيءَ جو اهو معيار آهي ۽ اسلام ان معيار تي وڏي حد تائين پورو بيٺو آهي ته ان جو مطلب ٿيو ته ان قسم جي ترقيءَ لاءِ ڪو نظريو يا عقيدو ضروري آهي، هتي سوال آهي ته اڄ آمريڪا ۾ ڪيترا  اصلي ۽ تحقيقي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. آءٌ هر روز آمريڪا مان آرڊر ڏيئي ڪتاب گهرائي رهيو آهيان ته جيئن يونيورسٽي لئبرري قائم ڪري سگهجي. آءٌ آرڊر ڏيئي ٿڪجي پيو آهيان پر ڪتاب آهن جيڪي کٽڻ جو نالو نٿا وٺن.

هينئر آمريڪا ۾ ساليانو 18000 ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، انگلينڊ ۾ 10000 ۽ جپان ۾ 12000 اهو ملڪ جيڪو سٺ سال اڳ اڻڄاتل هو. انهن جي مقابلي ۾ آءٌ پاڪستاني دوستن کان پڇان ٿو ته هتي ڪيترا ڪتاب شايع ٿين ٿا. مان سمجهان ٿو اهي فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. ظاهر آهي ته اسان انهيءَ سلسلي ۾ ناڪام آهيون ۽ هاڻي اهو ڪتابي ڪم ڪنهن ٻي دنيا جي حوالي آهي ۽ هاڻي اهي ’ڪتابي مجنون‘ بنجي چڪا آهن، توهان برٽش لئبرري ميوزم هليا وڃو يا آڪسفورڊ جي بوڊلين لئبرري ۾ داخل ٿيو جتي توهان جي وڏن جي ميراث يعني ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ رکيل آهن فقط انڊيا آفيس لئبرري ۾ ٻه لک ڪتاب موجود آهن، آخر يورپ وارا بدلجي ڪيئن ڪتابي مجنون بنجي ويا ۽ اسان ڪتابن کان نفرت ڪرڻ لڳاسون، جهڙوڪ اسان جو انهن سان ڪو واسطو ئي نه هو، اهو ڪيڏو نه انقلاب يا تبديلي آهي؟!

هتي منهنجي سڄي ڳالهه جو مطلب هو ته رڳو مذهب جو نالو هئڻ ڪافي ناهي، پر اصل ڳالهه آهي ته منهنجو پنهنجو عقيدو يا ايمان ڪهڙو آهي؟ ڇا مون لاءِ اهو ڪافي آهي ته آءٌ فقط ان مذهب جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو، جنهن تان مون کي ماڻهو عام طور سڃاڻين ٿا. درحقيقت منهنجو مذهب اهو آهي جنهن ۾ آءٌ واقعي ايمان رکان ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇا لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ به منهنجو ڪو ايمان آهي يا نه؟

ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ مضمون لکيو، مون چيو ته اسان اها ڳالهه ڇو وساري ڇڏي آهي ته قرآن جو پهريون لفظ ’پڙهه‘ يعني ’اقرا‘ آهي. اهڙيءَ طرح قرآن جي ٻي سورة جيڪا نازل ٿي اها ’قلم‘ آهي، گويا ’پڙهڻ‘ ۽ لکڻ قرآن جي اصلي پيغام ۽ وڻندڙ نغمو آهي جنهن سان ان جي شروعات ٿئي ٿي، بلڪ اُتان پتو پوي ٿو ته ڇا پڙهڻ کپي ۽ ڪيئن پڙهڻ کپي. قرآن جو پورو ٽيون حصو ان تي مشتمل آهي ته علم ۾ ڪيئن اضافو ڪجي ۽ اهو ڪهڙو علم آهي جيڪو ضروري آهي، توهان کي خبر هجڻ کپي ته نبي ڪريمﷺ  جي دلپسند دعا اها هوندي هئي ”رب زدني علما“ يعني منهنجا مالڪ، منهنجي علم ۾ اضافو ڪر!

هتي آءٌ چوندس ته اها هڪ سادي حقيقت ئي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته اسان ڪهڙي چُڪ ڪئي آهي ۽ اسان ڇا ۾ غلط ويا آهيون، بلڪ اسان پنهنجي مذهب، عقيدي ۽ نظريي جي خلاف ڪم ڪندا رهيا آهيون، حالانڪ اسلام جي شروعاتي دور ۾ ائين ڪونه هو، اڄ جو سڀ مسلمان ملڪ پٺتي پئجي ويا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان ان شروعاتي ڳالهين کان ڦري ويا آهيون جن تي اوائلي مسلمان عمل پيرا هيا. فقط پاڻ کي مسلمان سمجهڻ ڪافي ناهي، حقيقت اها آهي ته اسان کي پنهنجي نظريي ۾ گهربل پڪو ويساهه نه رهيو آهي، اسان واقعي مرده ۽ ناڪاره ٿي چڪا آهيون، اسان مان گهڻا آهن جيڪي واقعي ڪا سوچ ۽ فڪر رکن ٿا. هڪ دفعي لائڊ جارج چيو هو، ’جيڪي ماڻهو ڳالهائڻ کان اڳ سوچن ٿا، اهي ئي هن ڌرتيءَ جا قابل قدر فرزند آهن‘. هاڻي ٻڌايو ته اهڙا گهڻا ماڻهو آهن جيڪي ڳالهائڻ کان اڳ سوچن ٿا، بلڪ هن جي چوڻ مطابق اسان فقط تڏهن سوچيون ٿا جڏهن اسان جي سر مٿان اچي بيهي ٿي، اسان جڏهن ڳالهائيندا آهيون تڏهن ئي سوچڻ به شروع ڪندا آهيون گويا اهي ٻئي ڪم هڪ وقت ڪندا آهيون، اهڙا تمام ٿورا ماڻهو هوندا جيڪي گهر ۾ ويهي اڳ ۾ سوچيندا هجن. اهڙا ماڻهو بلڪل ٿورڙائي ۾ آهن.

هتي آءٌ توهان سڀني کان پڇڻ گهران ٿو ته قرآن جا بنيادي ٻه اقدار ’فڪر‘ ۽ ’ذڪر‘ جن تي ايترو زور ڏنو ويو آهي، انهن بابت اسان جو هينئر ڇا رويو آهي، اها حقيقت ناهي ته قرآن ۾ ’افلاتتفکرون‘ ڪيترا ڀيرا آيو آهي. ڇا اهي نوان قدر نه هئا جن مطابق حڪم ڪيو ويو ’فانظروا‘ ’وڃو  ۽ ڏسو‘ يا سيروا في الارض‘ يعني ڌرتيءَ تي گهمو ڦرو ۽ جانچيو، مطلب دنيا ۾ هر طرف ڦهلجي وڃو ۽ شين کي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏسو.

هاڻي اهو سڀڪجهه قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي، اوائلي مسلمانن کي ان ۾ ويساهه هيو ۽ هنن ان تي عمل به ڪيو، مامون لاءِ مشهور آهي ته جتان به ٿي سگهيو. هن ڪتاب گڏ ڪيا، هن هند توڙي يونان مان ڪتاب ڪٺا ڪيا. هو تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيندو هو جڏهن کيس ڪتاب تحفي طور ملندا هئا، اڄ اسان وٽ جڏهن بهترين امريڪي دماغ يا جرمن يا انگريز اچن ٿا ته هو ڇا جي ڳولا ۾ هوندا آهن، پئسن ۽ دولت لاءِ، نه هرگز نه، بلڪ هو ڪتابن جي ڳولا ۾ اچن ٿا. هو انهيءَ جستجو ۾ اچن ٿا ته ڪٿي ڪو قديم قلمي نسخو يا ڪتاب هٿ اچي وڃي جيڪو هنن وٽ ڪونهي، اهوئي سبب آهي جو جڏهن توهان برٽش ميوزم ۾ ويندا ته اتي توهان کي ’شاهه جو رسالو‘ جو مخطوطو نظر ايندو. هنن وٽ هر اهو ڪتاب ملي ويندو جيڪو ماضيءَ جي وچين دور ۾ لکيو ويو هيو يا هينئر نئون تازو لکيو ويو آهي. هر ڪتاب جيڪو ڇپجي ٿو ان جي ڪاپي برٽش ميوزم لاءِ حاصل ڪئي وڃي ٿي. مثلاً آءٌ کڻي ڪهڙو به معمولي ڪتاب لکان پر ان جي ڪاپي هتي ضرور پهچندي، دراصل ان دور ۾ مامون اهوئي ڪم ڪري رهيو هو، دراصل پهرين ۽ ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ مسلمانن جيڪي ڪجهه ڪيو اهو اڄ يورپي ۽ امريڪي ڪري رهيا آهن، گويا اڄ هنن جو اهو ويساهه آهي جيڪو اسان وڃائي ويٺا آهيون.

ڪالهه مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن جو هڪ پارسل مليو، مون کي ان ۾ هڪ ڪتاب ڪرنگهي وارن ساهوارن (Vertebrates) بابت مليو. جنهن ۾ انهن جي مڪمل بناوت سان گڏ ڌرتيءَ تي رهڻ سبب منجهن آيل تاريخي ڦيرين گهيرين بابت سڀ ڪجهه چڱيءَ طرح سمجهايل هو، مون اهو ڪتاب پنهنجي هڪ پروفيسر کي ڏيکاريندي چيو ڏسو ته ڪيڏو نه عاليشان ڪتاب لکيو اٿس، ڇا اسان کي پنهنجي قابليت تي شرم نه رچڻ کپي. ڇو ته لکڻ ته ڇڏيو، اسان ان کي پڙهڻ جي لائق به نه رهيا آهيون. اسان جي اڄ اها حالت آهي آخر مسلمان ملڪن کي ڇا ٿي ويو آهي اهي ڇو ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندا وڃن، ڇا اهو اسلام آهي جنهن تي اسين عمل پيرا آهيون نه اهو اسلام نٿو ٿي سگهي بلڪ ان جو اسلام سان ڪو واسطو ڪونهي.

منهنجا نوجوان دوستو! اڄ اسين هتي اهو فيصلو ڪرڻ ڪونه آيا آهيون ته اسلامي اقدار ڪيئن دائمي آهن. اڄوڪي شام جو آءٌ سڀ ڳالهيون ڪري توهان کي پريشان ڪونه ڪندس ڇو ته توهان اڳيئي ٿڪجي پيا آهيو. پر آءٌ صرف ايترو ضرور چوندس ته اهي اقدار جيڪي قرآن ڏنا ۽ انهن جي اهميت بابت ٻڌايو، انهن کي اسين پنهنجن ملڪن ۾ فراموش ڪري چڪا آهيون.

قرآن ٻڌائي چڪو آهي ته ڪابه زبردستي ’اڪراه‘ نٿي ٿي سگهي، ڪنهن کي به مذهبي اجاره داري جو حق ڪونهي، ۽ ڪوبه بادشاهه نه رهيو آهي، بلڪ قرآن انسان جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڪري چوي ٿو ته انسان کي علم حاصل ڪري پاڻ ذميوار ٿيڻو پوندو، انسان هتي آزمائش ۽ امتحان لاءِ آهي.

وَّلٰكِنْ لِّيَبْلُوَكُمْ فِيْ مَآ اٰتٰىكُمْ(48:5)

معنيٰ: بلڪ هو (الله) توهان کي ان سان آزمائڻ گهري ٿو جيڪي توهان کي ڏنو اٿس.

انسان کي هتي ڌرتيءَ تي موڪلڻ جو مطلب آهي ته هو هر وقت آزمائش هيٺ آهي، يعني اهو ڏسڻو آهي ته خاص صورتحال ۾ ڇا ٿو ڪري، ليڪن ان جو مطلب اهو به آهي ته جيڪڏهن هو آزاد يا خودمختيار ناهي ته پوءِ هن جي آزمائش ڪيئن ٿي سگهندي، هاڻي جيڪڏهن انسان جو مقدر اهو آهي ته زندگيءَ جي هر مرحلي تي هو ڪنهن نه ڪنهن امتحان هيٺ آهي ته پوءِ هن جي مقصد ڏانهن پيش قدمي به سوچيل سمجهيل ۽ صحيح قدم کڻڻ کانسواءِ ممڪن ڪونهي، انهيءَ ڪري رسول سڳوري ﷺ جن فرمايو ته انسان لاءِ سندس خون يا نسب ڪم جو ناهي، قديم زماني ۾ جڏهن انسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي تي فخر ڪندا هئا ته هو وڏي ماڻهوءَ جو اولاد آهن تنهنڪري هو پاڻ به وڏا ماڻهو آهن، اجائي ڳالهه آهي. مطلب ان ڳالهه جو هميشه لاءِ فيصلو لاءِ ٿي ويو ته ڪوبه ماڻهو فقط ان ڪري وڏو نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته هو وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهي، بلڪ ان جي بجاءِ هاڻي سندس عمل ان جي حيثيت جو تعين ڪندا.

هاڻي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهيءَ تعليم جي هوندي اڄ بادشاهه ڪٿي نظر اچن ٿا، مسلمان ملڪن ۾! اڄ تعليم ڪٿي ناهي، مسلمان ملڪن ۾! ڪٿي ڪتاب جو قدر ڪونهي، مسلمان ملڪن ۾! مذهب تي اجاره داري ڪنهن وٽ آهي، مسلمان ملڪن ۾! گويا جيڪي قرآن سيکاريو، اسين بلڪل ان جي ابتڙ وڃي رهيا آهيون، بلڪ اسان ٽي هزار سال پوئتي وڃي چڪا آهيون، اسان کي حقيقت حال جي خبر ڪونهي ۽ رڳو اسين اهو پيا چئون ته مذهب ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي بلڪ مذهب کي اسين موت جو کوهه يا اونهي کڏ سمجهون ٿا، ڀلا جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مذهب مان جان ڇڏائڻ جي ڪا صورت آهي. نه هرگز نه!!

هتي آءٌ توهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته ان بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۽ ڪو يساهيءَ کي ڇا چئجي ٿو، اقبال انهيءَ صورتحال لاءِ چيو هو:

سُن اے تہذیب حاضر کے گرفتار

غلامی سے بدتر ہے بی یقینی

ٻئي هنڌ وري چوي ٿو:

یقین پیدا کر اے غافل کہ مغلوب گمان ہے تو۔

ڪارلائل هڪ دفعي چيو هو، ’انسان جا صرف اهي دورئي ترقي جا اڳتي قدم ثابت ٿيا آهن، جڏهن هو ڪنهن عقيدي ۽ ايمان وارو هو‘. عقيدي کانسواءِ ڪابه پيش رفت نٿي ٿي سگهي.

ڀلا توهان اڳتي ٻيو قدم ڪيئن ٿا کڻي سگهو جڏهن توهان کي اها خبر ئي ناهي ته ڪهڙي طرف ۾ هلڻو آهي، اهڙيءَ طرح جڏهن توهان کي يقين هوندو ته اڳتي وڌڻ توهان لاءِ مفيد آهي، تڏهن توهان ضرور تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳندا. پر جيڪڏهن توهان کي اڳتي وڌڻ جي خبر ئي ناهي ته پوءِ ڪيئن هلڻ لڳندا، بلڪ ٿي سگهي ٿو ته توهان چُرو پُرو ئي نه ۽ ويهي رهو!

هاڻي هڪ لحاظ کان مذهب واقعي رنڊڪ يا رڪاوٽ آهي، بلڪ ان کان وڌيڪ اهو موتمار صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، خاص طور جيڪڏهن اهو مذهب غلط ۽ خراب آهي يا پراڻو ۽ بگڙيل، مدي خارج مذهب آهي، ان صورت ۾ اهو نه رڳو انفرادي سطح تي بلڪ اجتماعي طور تي موت ۽ خودڪشي آهي.

ليڪن سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي مذهب مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي، جيڪو واقعي خطري جو باعث آهي؟ ڇا اهو ٿي سگهي ٿو؟ اهوئي ته ويساهه يا عقيدو آهي، ان ڪري هر وقت اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا انسان عقيدي ۽ ويساهه کانسواءِ زندهه به رهي سگهي ٿو، اصل ۾ اهوئي مسئلو آهي، توهان مذهب کي هٿ جي اشاري سان ختم نٿا ڪري سگهو ۽ ائين ڪونه ٿا چئي سگهو ته مون کي مذهب ڪونه کپي. اهو ائين آهي جيئن شترمرغ واريءَ ۾ پنهنجو منهن لڪائي چوي ته مون کي ڪوئي نٿو ڏسي، مطلب ته اصل مسئلو اُتي جو اُتي آهي.

هڪ لحاظ کان جيڪڏهن مذهب زندگي ۽ موت جو مسئلو بنجي پوي ته پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته اهڙي مذهب يا نظريي کي ڪيئن ۽ ڇو مڃيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ڇا اوهين ڪنهن به عقيدي يا مذهب ۾ ويساهه رکڻ لاءِ تيار ٿيندا، ڇا پنهنجي زندگيءَ ۾ توهان ڪنهن هڪ ڳالهه تي بيهي اڳتي وڌي سگهندا. مطلب توهان کي صحيح صورت ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ ۾ يقين پيدا ڪرڻو پوندو، ورنه اهو موت جو کوهه ثآبت ٿيندو. توهان کي پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ خاطر هر قسم جو سوال ۽ جواب ڪرڻو پوندو. مان هِتي ڇا لاءِ آهيان؟ مان هِتي ڇا ڪري رهيو آهيان؟ منهنجي قوم پنهنجي لاءِ ڇا ڪري رهي آهي؟ ڇا اسين صحيح رستي تي وڃون پيا يا اڳيان ڪنهن کاهيءَ طرف وڌي رهيا آهيون؟ ائين ته ڪونهي ته انڌا انڌن جي رهنمائي پيا ڪن جيئن حضرت عيسيٰ عليھ السلام چيو هو، اسان کوهه ۾ وڃي رهيا آهيون، يا اسان جو ڪو رهبر ۽ رهنما آهي جيڪو اسان کي صحيح رستي ۽ صحيح رُخ ۾ وٺي وڃي رهيو آهي.

اهي سوال آهن جيڪي توهان کي هر وقت پاڻ کان پڇڻا آهن، ۽ تمام سنجيدگيءَ سان پڇڻا آهن، ۽ ان لاءِ ڪو به وقت وڃائڻو ڪونهي، اهي تمام گنڀير سوال آهن اهي ٻاراڻا سوال ڪونهن، جڏهن توهان کي انهن سوالن جو ڪو جوڳو جواب ملي وڃي، ۽ توهان انهن تي ويساهه آڻيو ته اهوئي توهان جو مذهب آهي. انهيءَ سلسلي ۾ توهان پاڻ کي ڪهڙي فرقي يا متي سان لاڳاپيل رکو ٿا، اهو بي معنيٰ اهي، ٻئي ڪنهن کي حق نٿو پهچي جو توهان جي عقيدي يا مذهب بابت ڪا فتويٰ ڏئي. مطلب وڌيڪ وقت وڃائڻ کان سواءِ توهان کي ڪو اعتقاد يا ايمان رکڻو آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي انسان کي ائين ڪرڻو پوندو، تنهنڪري ان ۾ وڌيڪ دير نه ڪريو، ڇو ته توهان ان کانسواءِ زندگي گذاري نٿا سگهو. هيءَ مختصر حياتي توهان کي ان ڪري ملي آهي ته ان کي اجاين ڳالهين، غفلت ۽ سُستي يا ننڊون ڪندي نه گذاريو. ان کان ڀڄڻ جي ڪا واهه ڪونهي يا صرف موت آهي، اڄ دنيا جون ڪيتريون قومون ڏينهن رات ماکيءَ جي مک وانگر محنت ڪري رهيون آهن، اهي هڪڙي ساعت به ضايع نٿيون ڪرڻ گهرجن. لنڊن جهڙي شهر ۾ جڏهن انفلوئنزا جهڙي بيماري ڪاهي پوي ٿي ته هنن کي صرف اهو فڪر هوندو آهي ڪيترا ڪلاڪ يا ڏينهن ضايع ٿي ويا. ڇا اسان کي اهڙو ڪو فڪر آهي؟ اسان ان تي غور ڪيو آهي ته ڪيترا ڪلاڪ يا ڏهاڙا ويهي وڃاياسين يا وڌيڪ وڃائڻ وارا آهيون، اسان هن سلسلي ۾ بلڪ بيپرواهه آهيون ۽ بغير حساب جي وقت پيا وڃايون ۽ ڪا شيءِ سکڻ ۽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، اسان اهڙي قسم جي سوالن لاءِ بلڪل تيار ناهيون.

ادارا تباهه ٿي رهيا آهن تاهم اهڙا انساني ادارا بيڪار نه هوندا آهن، انهن کي زندهه رهڻ گهرجي ۽ وقت جي رفتار مطابق هلڻ گهرجي ورنه اهي هڪ مفلوج عضوي وانگر ٿي پوندا آهن. ان صورت ۾ مُدي خارج ٿي پوندا آهن ۽ مرڻ لڳندا آهن، توهان کي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو آهي ته جيئن اهي ادارا زندگي بخش ۽ مفيد رهن.

اسان ڏسي چڪا آهيون ته آرٽ هجي يا فلسفو يا سائنس ڪيئن زوال پذير ٿيندا رهيا آهن، انسان جو هر ادارو صحيح توڻي غلط ٿي سگهي ٿو، پر اسان کي اهڙي حالت ۾ به گذارو ڪرڻو آهي، مطلب اسان کي ڪو عقيدو، ويساهه، ايمان ۽ اعتقاد رکڻو آهي، پوءِ ان کي ڪهڙو به نالو ڏنو وڃي. بنيادي ڳالهه آهي ته اهو عقيدو مثبت نوعيت يا ڪردار وارو هجي ۽ منفي طور عمل وارو نه هجي. يا رڳو نالي ۾ عقيدو نه هجي، جيئن نالي ۾ مسلمان هجڻ مان ڪهڙو فائدو؟

مسلمان ڪير هو؟ مسلمان ڪنهن کي چئجي؟ اسلام ڇا کي ٿو چئجي؟ خدا جو ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ ڇا اهو اڄ به ڪنهن ڪم وارو آهي؟ ڇا اهو اسان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، انهن سڀني سوالن جا جواب توهان جي انتظار ۾ آهن، جيڪڏهن اسين انهن جا جواب وڌيڪ وقت وڃائڻ کانسواءِ نٿا ڏيون ته اهڙو مذهب نه رڳو رڪاوٽ آهي، پر اهو اوهان جو خاتمو ڪري ڇڏيندو.

آخر ۾ مون کي اهو چوڻ ڏيو ته اڄڪلهه وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري، وقت پنهنجي پوري رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ۽ توهان ان جي دز ۾ گُم ٿي رهيا آهيو، ان کان وڌيڪ سادي ۽ سولي حقيقت ٻي نٿي ٿي سگهي، مان توهان جو ڪافي وقت ورتو آهي، بلڪ پورا پنجويهه منٽ ڳالهايو اٿم، هاڻي منصف حضرات تقريري مقابلي ۾ نتيجن جو اعلان ڪندا، الله جي توهان تي رحمت هجي.

 

[  18  ]

 

سجاڳ ۽ روشن ذهن

 

علامه صاحب هي افتتاحي تقرير 20 جولاءِ 1955ع تي موڪلن جي اختتام کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي سيشن جي شروعات تي استادن کي مخاطب ٿيندي ڪئي. هي تقرير ان وقت جي سينيٽ هال اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ڪئي هئائون.

 

خواتين و حضرات!  توهان کي خبر آهي ته اڄ اسان جي واپسي جو شروعاتي ڏينهن آهي. تنهنڪري مون سوچيو ته پڙهائي جي شروع ڪرڻ کان اڳ اسين هتي گڏجاڻي ڪريون. مون کي ڄاڻ آهي ته هتي ڪيترائي استاد ۽ شاگرد آهن جيڪي هتي سکڻ آيا آهن ته ڪيئن وڌيڪ اثرائتي نموني سان پڙهائجي. ڇاڪاڻ ته اهي اڳي ئي پڙهائڻ جو ڪم پيا ڪن ۽ اسان مان اڪثر پيشه ور استاد ۽ سڄي زندگي استاد ئي ٿي رهيا آهن.

هاڻي هتي ٻه شعبا آهن. هڪ حقيقت آهي ته هر استاد شاگرد رهيو آهي ۽ هر شاگرد گهٽ يا وڌ هڪ استاد آهي. اهو توهان لاءِ ٿي سگهي ٿو ته هڪ نئين ڳالهه هجي پر اها حقيقت آهي ته ڪوبه استاد جيڪڏهن اهو شاگرد نه آهي ته اهو استاد سڏائڻ جي لائق ئي ڪونهي ۽ هر شاگرد پنهنجي طريقي سان هڪ استاد آهي. هو ڪنهن نه ڪنهن کي سڄو وقت سيکاري پيو. هو ٻيو ٿي ئي نٿو سگهي. توهان سيکارڻ ٻاراڻي وقت کان شروع ڪيو آهي. تنهنڪري اسان زندگيءَ ۾ ٻه پارٽ ٿا ادا ڪريون. اهي آهن استاد ۽ شاگرد. فقط هڪ ڳالهه افسوس ۽ بدقسمتيءَ واري آهي جو ڪجهه اسان مان ڪنهن لحاظ کان نڪو استاد آهن ۽ نڪو شاگرد آهن. مون کي اها ڳالهه حضور ڪريم ﷺ جن جو قول ياد ڏياري ٿي ته انسانيت ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي. عالم و متعلم وباقيها همج استاد ۽ شاگرد کانسواءِ فقط انبوهه آهي، جيڪو توجهه لائق ڪونهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته استاد ۽ شاگرد جي اها معنيٰ ڪنهن مهذب دنيا کان نه پر صحرائي دنيا جي ذرائع کان حاصل ٿي. نه فقط ايترو پر پڙهڻ ۽ سکڻ جو پيغام ۽ آواز به انهيءَ طرف کان آيو. ان کان اڳ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونه هئي. اسان کي خبر ڪونه هئي ته پڙهڻ يا لکڻ به ڪو وڏو هنر آهي. ڪنهن به شخص ان جي طرف تمام ٿورڙو به ڌيان ڪونه ڏنو جيستائين ان صحرا جي علائقي مان پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ آواز نه آيو.

پر هڪ سوال جيڪو مون کي گذريل ٽن ڏينهن کان پريشان ڪري رهيو آهي اهو آهي ته مون کي هڪ شخص ڪراچيءَ ۾ چيو ته اسين مئل انسان آهيو ۽ ٻئي وري درست ڪندي چيو ته اسين سُتل انسان آهيون. جڏهن آئون چوان ٿو ته مئل ۽ ستل جيئن يوناني عام طرح چوندا هئا ته توهان ستل يا مئل چئو. پر عملي طرح ان ۾ تمام ٿورو فرق آهي.

آئون پاڻ کان سوال پڇان ٿو. ڇا واقعي اسين ننڊ ۾ ستل آهيون ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسان مان مشڪل سان ڪنهن پنهنجي پاڻ کان پڇيو هوندو ته ڇا اسين ستل آهيون! جيڪڏهن هاڻي آئون چوان ته هتي اسان مان ڪيترائي ستل آهن ته توهان اعتبار ڪونه ڪندا. پر اڪثر اسان مان ستل آهن. اها افسوس جي ڳالهه آهي. مون فقط ڇهه مهينا اڳ هڪ مشهور انگريز شخصيت کان سوال ڪيو هو جيڪو پاڻ کي فلسفي جو ڊائريڪٽر چئي رهيو هو. مون هن کان پڇيو ته توهان کي ڪيترا ماڻهو روشن ذهن وارا ۽ سجاڳ مليا آهن. هو يورپي هو. ظاهر آهي ته انگريز هو جيڪو استنبول، ايران ۽ آمريڪا ويندو رهندو هو. هن انسانيت ۽ زندگيءَ جي بابت سڄي عمر ڪتاب پڙهيا آهن. هن کي طبيعيات تي مهارت حاصل هئي. هو هاڻي انگلينڊ ۾ ۽ خاص طور آڪسفورڊ ۾ هو. هن جو جواب هو ته: ڪل ”اٺ“ ماڻهو. منهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ۽ سڀني ملڪن ۾ جن ۾ هالينڊ، فرانس ۽ جرمني ۾ جتي آئون ويو آهيان. هو انهن سڀني ملڪن ۾ ويندو رهندو آهي ۽ انگلينڊ ۾ پڙهائيندو آهي. هن چيو ته مون هن کان عمدو سوال پڇيو آهي. مون چيو ته مهرباني ڪري مون کي پڪ ڏيو ته توهان سان ڪيترا سجاڳ ۽ روشن ذهن وارا ماڻهو مليا آهن. هن وري آڱرين تي ڳڻي مون کي ٻڌايو ته فقط ”اٺ“ مرد ۽ عورتون، باقي ٻيا سڀ ستا پيا آهن.

اسان کي اکيون آهن پر ڪوبه اسان مان اهو نٿو ڄاڻي ته اهي ڪيئن وجود ۾ آيون. اهي ڪهڙو مقصد انجام ڏين پيون. انهن جو عمل ڪيترو محدود آهي. ويچارا ڪن تمام ٿورو ۽ نزديڪ فاصلي وارو آواز ٻڌن ٿا پر اکيون ٿورو وڌيڪ پري تائين ڏسي سگهن ٿيون. ڪنهن به اسان مان اهو معلوم نه ڪيو آهي ته اهي ڇا جي لاءِ آهن. اهي ڪيئن وجود ۾ آيون ۽ ڪيترو وقت ان تائين پهچڻ ۾ لڳو ۽ آخر اهي ڇا ٿيون ڏسن. ڇا اهو ڀروسي جوڳو آهي. جيڪڏهن اسين انهن جي شاهديءَ تي ڪم ڪريون ته ڇا اسين رهنمائي حاصل ڪنداسين يا گمراهي حاصل ڪنداسين. هتي اسين سڀ ويٺا آهيون پر ڪنهن به اهو پاڻ کان نه پڇيو آهي.

بدقسمتيءَ سان اکين کان نٿو پڇيو وڃي. فقط پيٽ ۽ پيٽ جي پوڄا جاري آهي ۽ ويچارو پيٽ پڻ مسلسل ڪجهه حاصل نٿو ڪري سگهي! هو وڌيڪ حاصل نٿو ڪري سگهي. هاڻي جيڪڏهن مون وٽ وقت هجي ته توهان کي سمجهايان ته اهي اکيون ڪيئن وجود ۾ آيون ۽ اهي ڇو چٽو نٿيون ڏيکاري سگهن. انهن سان توهان اهو ڪجهه نٿا ڏسي سگهو، جيڪو ڀروسي جوڳو ۽ سفارش ڪرڻ جي قابل هجي. توهان مون تي اعتبار نه ڪندا پر اهو ڪجهه آهي جيڪو توهان کي ۽ مون کي حاصل آهي. اسان جي چمڙي ڇو نٿي ڏسي فقط هي ٻه سوراخ ڇو ٿا ڏسن ۽ اهي ڇا ٿا ڏسن. هٿ ڇو نٿا منهنجي اکين وانگر ڏسن؟ منهنجو دماغ هن شريف ماڻهو وانگر ڇو نٿو ڏسي جنهن کي هڪ اک آهي؟ يونانين جي چوڻ موجب سڀئي تارا اکيون آهن. اهو هڪ جسم آهي جنهن ۾ سڀ (تارا) اکيون آهن، پر اسان ۾ سڀئي اکيون نه آهن. ڇا آئون اکيون بند ڪندس ته منهنجا هٿ  ڪا شيءِ ڏسندا ۽ ائين ڇو نٿو ٿئي؟ اهو ائين ڇو ٿيو جو ڏسڻ لاءِ مون کي اکين جا ٻه سوراخ حاصل ٿيا ۽ ڇو نه هٿ ۽ منهنجي مٿي جو پويون پاسو ڏسي سگهي ٿو؟ ڇا هتي اکين سان به اهو حال آهي. اسان انهيءَ بابت نٿا ڄاڻون.

هتي اسين يونيورسٽي هال ۾ ويٺا آهيون ۽ ڪيترائي عالم آهن، اسين ڏسون ٿا ته اسان مان ڪيترائي ننڊ ۾ هلن پيا ۽ ڪيترائي اسان مان ڄمڻ کان مرڻ تائين ننڊ ۾ هلن پيا، ننڊ ۾ هلندڙ!

هاڻي هڪ ماڻهو ننڊ ۾ هلي پيو ۽ ٻيا ننڊ ۾ هلندڙ ماڻهو اچي انهن کي ليڪچر ڏين ٿا. اهو ڪهڙي قسم جو ليڪچر هوندو ۽ ڪهڙي قسم جا حاضرين هوندا. حاضرين ۽ مقرر ننڊ ۾ آهن ته اهو بلڪل  فضول آهي. اسين تمام گهڻو ڳالهايون ٿا ۽ زبان کي سندس حد کان وڌيڪ استعمال ڪريون ٿا پر ٻڌون گهٽ ٿا ۽ ڏسون گهٽ ٿا ۽ اهو ٿورو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ به تمام ٿورو ڏيکاري ۽ ٻڌائي ٿو. اسين ننڊ ۾ هلندڙن کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهيون.

آئون هتي استادن کي مخاطب آهيان جيڪي پڙهائڻ ويندا نه رڳو سکڻ! اهي ڇا سيکاريندا جڏهن ته اهي ڪجهه نٿا ڄاڻن. اهي پنهنجي وجود جي باري ۾ مڪمل اونداهيءَ ۾ آهن ۽ سڄي ڪائنات جيڪا هنن جي چوڌاري آهي. ان بابت پڻ انهن کي اها خبر نه آهي ته هو وجود ۾ ڪيئن آيا آهن. انهن کي خبر نه آهي ته اهي هاڻي ڪٿي ويٺا آهن. جيڪڏهن آئون چوان ته هنن جو وجود هڪ مک جيڪا ڪمري جي ڇت تي چهٽيل آهي، ان کان وڌيڪ ڪونهي ته توهان چوندا ته توهان عقل کان ٻاهر واري ڳالهه ٿا ڪريو. پر اها حقيقت آهي ته مک ڇت تي ويهي رهي ٿي ۽ اسين چئون ٿا ته اها ڇو نٿي ڪري. جڏهن ڪوريئڙو ڇت تي ويٺو آهي ۽ هن جو مٿو هيٺ لٽڪي رهيو آهي پر اهو به نٿو ڪري. ڪورويئڙو ته اهو ويهڻ جو بندوبست ڪري ٿو وڃي، ڇا اسين ٻئي نموني ڪري سگهون ٿا.

هاڻي آئون توهان مهربان جيڪي هتي ويٺا آهيو توهان تي ڇڏيان ٿو ته توهان مان ڪيترا اهو محسوس ڪري رهيا آهن ته جنهن گولي تي توهان ويٺا آهيو اهو لڳاتار هلي رهيو آهي ۽ تمام تيزيءَ سان هلي پيو. توهان ننڍڙي بال تي ويٺا آهيو ڄڻ ته مکين وانگر مٿا هيٺ ۽ پير مٿي اٿو پر تڏهن به ڪرو ڪونه ٿا. توهان مان ڪيترا هاڻي ان ڳالهه کي محسوس ڪن ٿا. توهان اهو ڪونه ٿا سوچيو ته توهان هن مضبوط ميدان تي پنج فوٽ ڊگهي قد ۽ گوشت واري جسم سان پاڻ کي تمام وڏو اهم سمجهو ٿا ۽ اهو سٺ سالن تائين قائم رهي ٿو ۽ هر قسم جون اٽڪلون ڪري تيزيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿو پوءِ ان کي هضم ڪري يا نه ڪري! اها انسانيت جي عام سمجهه آهي. ڇا انسان کي سجاڳ چئي سگهجي ٿو جنهن کي اها خبر ڪونهي ته اهو ڇا آهي ۽ ڇا پيو ڪري. اهو ڪيئن رات جو ڪيئن سمهي ٿو ۽ صبح جو ڪيئن جاڳي ٿو ۽ وري رات جو سمهي ٿو ۽ صبح جو سجاڳ ٿئي ٿو. تان جو سندس پڄاڻي اچي ٿي. اها ڪهڙي قسم جي انسانيت آهي؟ توهان استاد آهيو ۽ هتي هي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پيا آهن ۽ انهن اهي ڇڏي ڏنا آهن. اهو ئي انهن پويان ڇڏيو آهي، اهو ڪافي آهي جيڪڏهن توهان استعمال ڪريو. اهو رڪارڊ اٽڪل ٽيهه هزار کان به وڌيڪ انسان توهان لاءِ ڇڏي الله ڄاڻي ٿو ته ڪيڏانهن ويا آهن. اهي ڪٿان آيا هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. انهن هي رڪارڊ فقط اسان جي استعمال لاءِ ڇڏيو آهي. تنهنڪري ان ريگستان واري انسان چيو ته پڙهڻ ۽ لکڻ وڌيڪ قائم رهندڙ آهي. توهان گهڻو وقت قائم ڪونه رهندا. پر توهان جي تصنيف قائم رهندي. تنهنڪري لکو ۽ پڙهو اهو ئي رستو آهي ته استاد پنهنجي لاءِ فقط هڪ شيءِ جي دعا گهري گذريل چوڏهن سئو سالن کان ٻين کي سيکاريندو اچي ٿو جن کي ڄاڻ نه آهي. هو اڃان به وڌ کان وڌيڪ علم سکڻ جي دعا گهري رهيو آهي. تنهنڪري جيئن مون چيو ته مان استادن ۽ شاگردن سان مخاطب آهيان. هڪ پيغام جنهن پڙهڻ ۽ لکڻ جو رواج آندو. ٻي شيءِ جيڪا هن آندي جنهن جي باري ۾ توهان خواب ۾ به نه ڏٺو هوندو. اها آهي جنهن جي باري ۾ آئون ڳالهايان پيو ته اهو آهي سجاڳ ۽ نڪو ستل. اهو ڪيترن ئي لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو. ”انما الاعمال بالنيات“ انسان جا عمل ان جي نيت جي حساب سان جانچيا ويندا. يا نيت المومن خير من عملہ يعني مومن جي نيت سندس عمل کان بهتر آهي. هن جي نيت عمل کان وڌيڪ قدر واري آهي. عمل جي ڪابه حيثيت ڪونهي. مون چيو ته اسان ننڊ ۾ پيا ڳالهايون ۽ ننڊ ۾ پيا هلون. اسان لڳاتار پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال ننڊ ۾ هلندي گذاريون پيا. چند منٽ به سجاڳ ڪونه آهيون جيستائين اسين هتان هليا وڃون ٿا. هر حال ۾ پنهنجي ذهن کي سجاڳ ڪريو، جيڪو اسين نٿا ڪريون.

اسين جاگرافي ڄاڻون ٿا، اسين شمسي نظام بابت ڄاڻون ٿا. ڌرتي ڪيئن وجود ۾ آئي ۽ ارتقائي مرحلي ۾ انسان ڪيئن پيدا ٿيو اهو اسين ڄاڻون ٿا تنهن هوندي به اسين ڪجهه به نٿا ڄاڻون. هر روز ننڊ ۾ هلون پيا. اسين انهن شين ڏانهن ڌيان نٿا ڏيون. اهو سڀ ڪجهه آنرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ سکيو وڃي ٿو. اها جڏهن آنرس جي ڊگري حاصل ڪريون ٿا پر لفظ آنر (Honour) جي اسان کي خبر ڪونهي. اسان بي اي جي آنرس ڊگري حاصل ڪري ان تي عمل ڪريون. بس آنرس جي ڊگري ڪافي آهي. اها آنر ڇا آهي؟ اسان جيڪا آنر حاصل ڪئي آهي؟ آنر لاءِ اسان جي ذهن ۾ ڪهڙو تصور پيدا ٿيو آهي. ڇا اسين عزت وارو ورتاءُ ڪريون ٿا. ڇا اسان پاڻ کان پڇيو آهي ته عزت واري نموني پيش اچون. ڪوبه اهو سوال نٿو ڪري. هو فقط ڄاڻي ٿو ته مون کي آنرس جي ڊگري ملي آهي. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نٿو ڄاڻي.

تنهنڪري توهان جي نيت جنهن سان ڪم ڪريو ٿا اهائي آئون چوان ٿو تمام اهم آهي، جيڪا توهان کي ٿورو ڪجهه سجاڳ رکي ٿي نه فقط سجاڳ پر ٿورو وڌيڪ بهتر شيءِ جيڪا سجاڳ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. آئون هي قدم ڇو پيو کڻان ۽ مون کي اڳتي وڌڻ کپي. هر شيءِ جو مقصد هئڻ گهرجي. پر ننڊ واري شخص وٽ مقصد ڪونه آهي هو ننڊ ۾ آهي.

هڪ عورت ننڊ ۾ اچي ٿي، ميڪبيٿ نالي سان (Macbith) اها عورت سڀ گلاس ۽ گهڙيال ميز تان هٽائي ڇڏي ٿي. هوءَ نٿي ڄاڻي ته هوءَ ڇا پئي ڪري. هوءَ ٺيڪ ٺاڪ هلي پئي ۽ ٺيڪ ڳالهائي پئي پر سڀ ننڊ ۾ ڪري پئي تنهنڪري ميڪبٿ عورت وانگر اسين سڄي زندگي ائين گذاريون پيا. اسين جيڪڏهن ڪوبه هڪ عمل جانچينداسين ته معلوم ٿيندو ته اهو ڪو واقعي قابل عزت ڪونه هو، پوءِ به اسين عزت وارا انسان ۽ آنرس جي ڊگريءَ وارا آهيون. اها آهي اسان جي حالت!

هتي جيئن مون چيو ته استادن سان مخاطب آهيان جيڪي ٻين کي وڃي سيکاريندا. استادوء!  پاڻ کي سيکاريو ۽ ٿورو ڪجهه سجاڳ ٿيو. پاڻ کان پڇو ته هتي آئون ڇا آهيان. آئون سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڪورس پيو ڪريان. آئون سيکارڻ وارو بيچلر ٿيندس، آئون سيکارڻ وارو ڊاڪٽر ٿيندس. آئون ڇا سيکاريندس جڏهن ته آئون ڪجهه به نٿو ڄاڻان. اهو چوڻ جو ڪهڙو فائدو ته آئون سيکاريندس جڏهن ته آئون پنهنجي باري ۾ نٿو ڄاڻان. مون کي اهو شعور ڪونهي ته ڌرتي هلي رهي آهي. مون کي اهو شعور ڪونهي ته هڪ ڳرندڙ گيس مان منهنجو وجود هڪ معدني جسم ۾ آيو آهي. اهومعدني جسم ڳالهائي پيو. اهو معجزو آهي. پر اهو معدني معاملو آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي. آئون هن ڌرتيءَ تي ڪونه ٺاهيو ويو هئس پر ڌرتيءَ مون کي ٺاهيو آهي. اهي ڳرندڙ گئس منهنجا ابا ڏاڏا آهن. انهن مون کي ٺاهيو آهي. آئون خاڪ آهيان خاڪ ڳالهائي پئي. انهيءَ کان وڌيڪ ڪا معجزي جهڙي ڳالهه آهي ته مٽي پئي ڳالهائي! ڀلا، مٽيءَ ڪيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو. مٽيءَ ٻه اکيون ۽ ٻه ڪن پيدا ڪيا. اهو سڀ هن ڌرتيءَ جي گولي جي مٽي آهي. توهان پنهنجي زندگي ڌرتيءَ کان سواءِ ٻئي هنڌ ڏسو پيا. ڇا توهان چنڊ يا سج تي يا ڪنهن ٻئي هنڌ رهي آيا آهيو. نڪو چنڊ ۽  نڪو سج تي پر هن چرندڙ گولي تي جيڪا مسلسل هڪ مخصوص رفتار سان پنهنجي جاءِ تي سال ۾ ويچاري سج جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. ان تي مک وانگر اسان چهٽيا پيا آهيون بنا ڪنهن معلومات جي اسان هن ڌرتيءَ مان ٻن ٽنگن وارن جانورن يا مٽيءَ مان ڳالهائيندڙ يا جيڪو توهان نالو ڏيو ڪيئن وجود ۾ آيا آهيون. بهرحال اسان ڌرتيءَ مان ئي آهيون ۽ ڌرتيءَ تي چهٽيا پيا آهيون. پر انهن ڳالهين کان وڌيڪ خراب ڪهڙي ڳالهه آهي؟

اسان جا ماهر ماڻهو خاص ڪري علم رياضي ۽ طبعي ۽ مڪينڪس جا عالم مثال طور برٽرانڊ (سِل) ۽ وائيٽ هيڊ، ۽ هر بهترين رياضيدان ۽ طبيعات جي ماهر کي پڪ آهي ته هڪ ڳالهه ٿيڻي آهي ۽ ٿيندي. ليڪن اسين اها ڳالهه جيڪا ان ريگستاني انسان جيڪو نبي هو ۽ امي هو ان تي اعتبار ڪونه ڪنداسين ڇو ته ريگستاني ماڻهو سواءِ ڏند ڪٿا ڪهاڻين جي ٻيو ڇا ٻڌائيندو. پر هاڻي اهي ڪهاڻيون برٽرانڊ (Bertrand)  ۽ وائيٽ هيڊ (White head) ۽ سڀني رياضيدانن کان ٻڌون ٿا ته ٿرمو ڊائنامڪس جي ٻئي قاعدي (Second law of thermodynamics) مطابق هي ڌرتي ختم ٿي ويندي.

هاڻي هڪ شيءِ جيڪا گئس جي وجود مان پيدا ٿي آهي اها هڪ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ختم ٿيڻي آهي. اهو طبعي اصول جيڪو سئو سالن کان وجود ۾ آهي ان تي اختلاف نه آهي. هاڻي جنهن ڌرتي پيدا ڪئي جنهن تي اسين ننڍڙن جيتن وانگر چنبڙيا پيا آهيون ان جي نظام شمسيءَ کي سمجهي ڇڏيو آهي؟ هاڻي نظام شمسيءَ کان به وڏي دائري جو تصور ڪريو جتي توهان داخل ٿيندا ۽ ڪيئن نظر ايندا. هي جيڪو وڏي ڪائنات جو نظام آهي ۽ جنهن تي اسين چهٽيل آهيون ۽ اهو مسلسل ڪنهن دائري (Space) اندر هلي رهيو آهي اهو هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو جيڪو ان جو مقدر آهي ۽ جنهن لاءِ اسين خلقيا ويا آهيون. ان پيدا ٿيڻ جو مقصد ڇا هو جڏهن ته چند سالن کان پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ختم ٿي وينداسين.

تخليق جي آخر ڪا ضرورت ته هئي جيئن چند سال اسان جا ابا ڏاڏا رهيا ۽ هڪ ڏينهن اسين به ختم ٿي وينداسين. مٽيءَ مان انسان کي ٺاهيو ويو آهي ۽ پوءِ مٽيءَ ۾ گم ٿي ويندو. پوءِ توهان ڪٿي هوندا. توهان ڇو آيا. سڀني جي پيدا ٿيڻ جو مقصد ڇا هو. اهو سجاڳ رهڻ جو فقط هڪ تصور آهي. اهو بلڪل سجاڳ ٿيڻ نه آهي. اهو بلڪل مختلف نموني جو آهي. اهو فقط سجاڳ ٿيڻ لاءِ ڪوشش جي شروعات آهي جيڪا فقط عام جسماني وجود آهي، نڪو غير طبعي يا طبعي کان اعليٰ يا ڪا روحاني جيئن اسان آهيون. بلڪ بلڪل جسماني روزمره جي مادي حقيقت جيئن جاگرافي، علم بدن ۽ علم طبعي جيڪو عام مادي معلومات ڏي ٿو. اسان گئس مان يا ان کان اڳ روشنيءَ مان ڪيئن وجود ۾ آياسون. توهان جون اکيون، ڪن ۽ ڪيئن ڳالهائيندڙ جانور ٿياسين ۽ هڪ ڏينهن هيءَ ڌرتي سڀني جيتن سان گڏ ختم ٿي ويندي. اڄ ڇا پئي ڪري؟ سج جي چوڌاري پئي هلي. ڪٿي به ڪونه ٿي رڪجي ۽ هڪ ڏينهن ڌماڪو ٿيندو ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. يعني ٿرموڊائنامڪس جو اصول ڪم ڪندو ظاهر ٿيندو ۽ اهائي ابتدا ۽ انتها آهي.

اسين استاد آهيون ۽ سيکاريون پيا، پڙهون ۽ پڙهايون پيا، پاڻ کي پروفيسر ۽ ڊاڪٽر استاد سڏايون پيا. اهوئي سڀ ڪجهه سوچيون پيا. پر جيئن چيو ته نيت ٿورو ڪجهه سجاڳ ڪري ٿي ته آئون اهو ڇو پيو ڪريان.

هاڻي اهو اسين پنهنجي پاڻ کان ڇو نٿا پڇون ته يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ ۽ پڙهڻ ڇو شروع ڪيو آهي. اهو جائز سوال آهي جيڪو پاڻ کان اسين پڇي سگهون ٿا. ڇا ائين نٿا ڪري سگهون جيڪڏهن اسان سٺا عزت وارا انسان آهيون ته هڪ ڳالهه جو جواب اسان کي مخلصانه ڏيڻو پوندو. اسين هتي ڇا لاءِ ۽ ڪهڙي مقصد جي لاءِ آيا آهيون. سيکارڻ ۽ سکڻ لاءِ صحيح آهي. پر اها حقيقت ڇا آهي جنهن جي ڪري اسين سکڻ ۽ سيکارڻ آيا آهيون يا اها فقط شرم جهڙي ڳالهه آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسين پاڻ سان ڪوڙ پيا ڳالهايون. پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائڻ تمام خراب ڳالهه آهي. توهان ٻئي ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائي ان کي دوکو ڪونه پيا ڏيو پر توهان پاڻ کي دوکو پيا ڏيو. آئون هتي آيو آهيان! سکڻ.

روزگار خاطر مون ڪراچيءَ ۾ چار ڏينهن ليڪچر ڏنو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو آئون تمام جذبات ۾ ڀريل آهيان. هتي مون فقط هڪ نقطو پيش ڪيو. مون چيو ته هڪ ريگستان جي عظيم انسان ٻن شين کي الڳ رکيو آهي. هن فرمايو ته توهان مرد ۽ عورتون پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻه شيون ياد رکو. پهريون فرض جيڪو توهان مرد ۽ عورت جي ذمي ڪريان ٿو اهو آهي طلب العلم فريضة علي کل مسلم و مسلمة پهرين شيءِ هن سيکاري ته هر هڪ جو اهو فرض آهي ته علم معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سکجي نڪي ٻئي مقصد لاءِ. فقط ان لاءِ ته آئون ڇا آهيان ڪٿي آهيان ۽ ڇا پيو ڪريان. ان ريگستاني انسان جيڪو امي هو توهان ۽ اسان سڀئي جيڪي هن جا پوئلڳ آهيون، انهن کي ان فرض لاءِ پابند ڪيو. ٻيو واضح فرض پاڻ فرمايائون ته: ”طلب الحلال فريضة علي کل مسلم هر مسلمان تي حلال رزق حاصل ڪرڻ فرض آهي. هاڻي علم جي طلب ۽ حلال جي طلب ٻه مختلف فرض ٿي پيا. انهن ۾ ڳانڍاپو ڪونهي. اهو اڄڪلهه سڄي دنيا جو مسئلو ٿي پيو آهي. تنهنڪري مون پنهنجي رفيقن کي ڪراچيءَ ۾ چيو ته منهنجا امريڪي ۽ برطانوي دوستو! توهان انهن ٻنهي کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. توهان سکڻ کي ڪمائڻ سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. توهان ان شيءِ جي بنياد کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، توهان جا اراده خراب ۽ گندا آهن. توهان جي مقصد ۾ ڪو فهم ڪونهي. توهان ان جي بابت چٽا نه آهيو. يقيناً توهان چئو ٿا ته جسم ۽ روح کي گڏ رکڻو آهي پر روح جو مادي وجود ڪونهي. جسم کي گڏ رکڻ پر اهو گهڻو وقت گڏ رهي نه ٿو سگهي.

هڪ شخص ڊاڪٽرن بابت گهڻو فڪرمند هو. مون چيو ته بادشاهه جارج سٺ سالن کان وڌيڪ زنده نه رهي سگهيو. مون کي چڱي طرح ياد آهي. آئون هُتي رهي آيو آهيان. ڪيڏا نه بهترين انتظامات ڪيا ويا هئا. سڄو ڪمرو آڪسيجن سان بهترين نموني رکيو ويو. نوي يا اسي ڊاڪٽر ۽ سڀ انگلينڊ جون نرسون حاضريءَ ۾ هيون پر هو سٺ سالن کان وڌيڪ زنده رهي نه سگهيو. هن لاءِ سڀني قسمن جا کاڌا، ڊاڪٽر ۽ گيس موجود هئا ۽ سموري مدد پهتل هئي ۽ محل خود حاضري ۾ هو. پر سٺ سالن کان مٿي نه رهي سگهيو. تنهنڪري توهان ان کان وڌيڪ اميد نٿا رکي سگهو. پوءِ ان ڪمائڻ ۽ سکڻ جو ڪهڙو فائدو! توهان فقط ٿورا پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ سکو ٿا.

حضرات!  آئون لفظن جي استعمال کان گهٻرائيندو نه آهيان ڇو ته ڦندڦير مون ڪونه سکي آهي، آئون اهو صاف چوندس ته اهو ڏهه هزار دفعا وڌيڪ جسم فروشي کان خراب آهي. جسم فروشيءَ جي باري ۾ هڪ سنڌي شاعر چيو آهي ته:

”جيسلميراڻين جس جي الله ڪارڻ لنڊيون“

اهي جسم جو وڪرو ڪري صدقو ڏين ٿيون بجاءِ سندن جسم جي خوراڪ جي ته پوءِ اهو به بهتر آهي. پر هتي توهان پنهنجي اعليٰ شيءِ يعني ذهن يا روح کي جسم جي خوراڪ لاءِ وڪڻو ٿا. هاڻي ڪهڙو وڌيڪ خراب عمل آهي. يقيناً پهريون نه آهي. اهو ٻئي جي مقابلي ۾ گهٽ  اعتراض جوڳو آهي.

اڄ سڄي دنيا جا مسئلا انهن ٻنهي کي ملائي ڇڏڻ ڪري ٿيا آهن. پوءِ اهو آمريڪا، انگلينڊ يا پاڪستان ڇو نه هجي. ڪنهن کي به ڪا صحيح سوچ ناهي ته انسان کي ڇو علم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪمائڻ جو مطلب ڇا آهي. ٻنهي کي تمام ٻاراڻي بيوقوفانه نموني ۾ ڳنڍيو ويو آهي. جيڪڏهن توهان کي ان جي تاريخ ٻڌائبي ته اهي ڪيئن گڏيا ويا ته توهان پاڻ کي ان جو خود ذميوار محسوس ڪندا. اهو علم حاصل ڪرڻ ڪيئن ڪمائڻ جو ذريعو ٿيو ۽ ڪيئن بگاڙ پيدا ٿيو. مون توهان کي ٻڌايو ته چوڏهن سئو سال اڳ علم حاصل ڪرڻ ۽ ڪمائڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪونه هئي. خاص ڪري علم حاصل ڪرڻ جو تصور اهو ڪونه هو. ڪتاب ڪونه هئا، لکڻ جو رواج ڪونه هو. ڪنهن ڪا تصنيف ڪونه لکي هئي. پر جڏهن ڪتابن لکڻ جو رواج پيو ته انهن ان تي تنقيد ڪئي. جيئن مون چيو ته سَوَ ڪتاب لکندي هزارن تائين پهچي ويا. ٻن صدين کان پوءِ هڪ بيهودي ڳالهه پيدا ٿي. اها ڪهڙي هئي؟ شروعاتي ڏينهن ۾ عوام جو حاڪم جيڪو تمام باشعور ۽ پڙهيل هوندو هو ۽ عوام جي رهبري ڪندو هو. هو ڪنهن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ انتظار نه ڪندو هو. هو خود رهنمائي ڪرڻ جي قابل هو. اها حالت تبديل ٿي ويئي. ملڪ جو حڪمران هڪ جاهل الهڙ ٻار مقرر ڪيو ويو. جڏهن اها حالت مسلمانن ۾ پيدا ٿي ته پوءِ ان جو متبادل ڇا ٿيو. ان جو حل اهو هو ته جڏهن قانوني مسئلو يا اهڙي حقيقت جو فيصلو ڪرڻو پوندو هو ته پوءِ اهو فيصلو ڪو ٻيو ڪندو هو، بجاءِ ان ٻار جي، جيڪو سلطاني ڪرسي يا خلافت واري مسند تي ويٺل هو. نتيجو اهو نڪتو جو فقيهن جو طبقو پيدا ٿيو، جنهن شخص قانون سکيو هو، ان ڄاتو ته مون کي سٺو وظيفو ملندو ۽ سلطان منهنجي راءِ معلوم ڪندو ته ڪهڙو صحيح آهي ۽ ڪهڙو غلط آهي. تنهنڪري هر ڪنهن فقه سکڻ شروع ڪيو ته جيئن پئسو ڪمائجي ۽ سلطان جي قريب رهجي. ڇاڪاڻ ته سلطان خود جاهل آهي. هن کي قانوني معاملن ۾ ٻين کان راءِ معلوم ڪرڻي آهي. جيئن قديم سماج ۾ ٿيندو هو. هُتي هڪ قانون گو هوندو هو ۽ اهو لفظ ٻولي جي لغت مان ٽن هزار سالن کان گم ٿي ويو آهي. آئون ان جي سڄي تاريخ نٿو ٻڌائي سگهان. پر ان قانون گو جي وڏي تاريخ آهي. سڀ ماڻهو ان هڪ ماڻهو وٽ ايندا هئا ۽ چوندا هئا ته تون اسان جو قانون گو آهين. اسان کي ٻڌاءِ ته هن نقطي لاءِ ڪهڙو قانون آهي. اسان جا ابا ڏاڏا ان تي ڪيئن عمل ڪندا هئا ۽ اسين ڪيئن عمل ڪريون. ان ماڻهو کي قانون گو چيو ويندو هو.

هاڻي جڏهن سلطان ٻيو ڪجهه نه پر ٻار هوندو هو ته قانون گو شروع ٿيو. سلطنت کي فقيهن جي ضرورت هئي ۽ اهي سلطان کي ويجهو هوندا هئا ۽ انهن کي اختيارات هوندا هئا، ايتري حد تائين جو سلطان کي ڏاڙهيءَ مان وٺي چوندا هئا ته هيءُ غير قانوني ڪم آهي ۽ توهان غلط پيا ڪريو. اهڙي نموني سان هر ملڪ جي وڏي حاڪم کي به درست ڪندا هئا. اهڙي طرح قانوندانن جو طبقو پيدا ٿيو جنهن پراڻي روايت کي بگاڙيو جتي ڪمائڻ مڪمل طرح علم کان الڳ هو. جتي حڪومت جو سربراهه بلڪل علم سان روشناس هو. ٻي حالت ۾ ان ڪرسي تي ويهڻ جو هو لائق ڪونه هو. اهو سڀ علم سياست ۾ تبديل ٿي ويو ۽ بگڙيل صورت پيدا ٿي پئي.

وري اهڙو وقت به آيو جو غزالي رح فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن ڪو عالم سلطان جي دربار ۾ وڃي ٿو ته هو ڌڪاريل آهي، هو عالم نه آهي. غزالي رح اهو به فرمائين ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن مسجد ۾ بتيءَ لاءِ تيل سلطان موڪلي ٿو ته ان مسجد ۾ نماز پڙهڻ جائز ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهو پئسو حرام ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. تنهنڪري اهڙو پئسو ڪٿي به استعمال لاءِ جائز ڪونهي. اها نئين صورتحال پيدا ٿي هئي.

اهو رواج هزار سالن تائين جاري رهيو ۽ ماڻهن لکڻ ۽ پڙهڻ ان لاءِ شروع ڪيو ته پئسو ڪمائجي. ائين کڻي چئجي ته خراب مقصد لاءِ جسم فروشي ڪئي ويئي. ان کان اڳ ڇا هو؟ ان کان اڳ اسان وٽ ڪتاب هئا، جيڪي وڏن عالمن لکيا آهن. جيڪي يا ته ويچارا ڌوٻي هئا يا پخالي يا بنجارا!  هڪ طرف اهي وڏا عالم هئا ٻئي طرف بجڪو ڪلهي تي رکي بازار ۾ ڪپڙو وڪڻڻ ويندا هئا. هي صبح کان ٻارهين بجي تائين وڪرو ڪندا هئا پوءِ گهر اچي علم حاصل ڪرڻ جو سوچيندا هئا ته ڪٿي به علم جي روشني هجي ته حاصل ڪجي.

روشني حاصل ڪريو نه ڪي پيٽ ڀرڻ لاءِ پئسا حاصل ڪريو، گوتم ٻڌ به ساڳيا لفظ چيا ته ڇا اها ساڳي زندگي آهي. اها آئون ڪٿان حاصل ڪريان. هيءَ شهزادين واري زندگي محل ۾ ڪيترو وقت ماڻيندس. لطيف وري سسئي جي زبان ۾ جنهن پنهنجو گهر ڇڏيو فرمائي ٿو ته:

”متيون موٽڻ سنديون ڪاڪيون ڪين ڏيوم.“

هوءَ چوي ٿي ته آئون وينديس ۽ ڏسنديس جبلن ۾ ڳولينديس ۽ جتي به هوندو ته ڏسنديس. پرواهه نه آهي جيڪڏهن موت ڏانهن اچي ويو. موت ضرور ايندو ۽ اسان جو سفر ٻئي طرف نه پر موت آهي. توهان ڪڏهن پاڻ کان پڇيو آهي ته انسان جي منزل ڪهڙي آهي. موت! هر روز اسين ڪيڏانهن وڃون پيا! موت کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن وينداسين. اسان جي منزل ڪلڪتي يا بمبئي ڏانهن ڪونهي. سو موت اهڙو يقيني آهي جهڙو ان جو نالو آهي، پوءِ ان جو متبادل ڇا آهي؟

اچو ته ڏسون ته جيڪڏهن موت کان پوءِ ڪا زندگي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن موت کان پوءِ زندگي هجي، ان کي ڏسڻ گهرجي. ان لاءِ ئي علم سيکاريو ۽ حاصل ڪيو وڃي ٿو. اڄڪلهه يورپ، آمريڪا، پاڪستان ۽ هندستان اهو ساڳيو گند ڪيو آهي ۽ مسلمان سلطانن ۽ فقيهن واري خراب ۽ پوئتي پيل روايت شروع ڪئي آهي. هڪ ماڻهو جيڪو ڄاڻي ٿو ته جنهن وٽ طاقت ۽ پئسو آهي ان جي درٻار ۾ آجيان ڪئي وڃي ٿي ۽ سلطان ان کان سواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهي. اها روايت شروع ٿي ويئي جنهن سڄي دنيا کي بگاڙي ڇڏيو آهي. هاڻي ڇا سيکاريو ويو آهي ۽ علمي مسئلو ٽن سئو سالن کان جاري آهي. جڏهن ته لکين عالم پيدا ٿي چڪا آهن پر ويچارا سقا ۽ پخالي غائب ٿي ويا آهن. هاڻي اهي ٻئي شيون رلجي پيون آهن. هاڻي سرڪار چوي ٿي ته ماڻهن کي نه پڙهايو، ڇو ته اسان وٽ نوڪريون ڪونه آهن. عملي مسئلا پيدا ٿين پيا ۽ هر سرڪار هر هنڌ ماڻهن تي زور ڀري پئي ته علم نه پڙهو، نوڪريون ڪونهن. هينئر مسئلو آهي ته اهي ڪيئن پاڻ ۾ ملي سگهن ٿا ته نوڪري به ڪجي ۽ علم به حاصل ڪجي. ڪنهن به سوسائٽيءَ ۾ هر شخص جو فرض آهي ته روزگار ڪمائي پوءِ هن جي ڪم جي نوعيت ڪهڙي به هجي، کڻي اهو صفائي سٿرائي وارو ڪم هجي. اهو پڻ بهترين ڪم آهي. جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻئي بهتر ڪم جي لائق نه آهيان ته مون کي صفائي جو ڪم ڪرڻ گهرجي. آئون ميدان صاف ڪري ڪهڙو نقصان ڪري رهيو آهيان. تنهنڪري ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ کان الڳ آهي.

علم حاصل ڪرڻ سجاڳ ماڻهن لاءِ آهي ته ڄاڻن ته اسان ڪٿي آهيون ۽ ٿورو سجاڳ ٿيون ۽ سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ زندگيءَ ڏانهن هلون نه ڪي موت ڏانهن. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ زندگي هجي جيڪا اسين نٿا ڄاڻون. هتي ٻه منزلون آهن. هڪ زندگي ڏانهن ۽ هڪ موت ڏانهن. موت ڏانهن، ته يقيناً هلون پيا پر ڪنهن کي خبر آهي ته هتي هڪ ٻي منزل به آهي جنهن جو اسين قدر ڪونه ٿا ڪريون ۽ انهيءَ رستي جي معلومات کان سواءِ مري ٿا وڃون.

محترم! اهي جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جن سڄي ڄمار ڪجهه علم حاصل ڪيو آهي انهن ڄاتو آهي ته هتي ڪا شيءِ آهي جيڪا شايد انسان کي موت کان بچائي سگهي ٿي ۽ هن کي ان زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي جيڪا هو نٿو ڄاڻي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪوشش ڇو نه ڪجي ۽ پوءِ موت ڇو؟ اهو جيڪڏهن توهان نوجوانن کي سيکاري سگهو ٿا ته پوءِ توهان ضرور سٺو ڪم ڪريو پيا. پر توهان اهو سيکاري نٿا سگهو جيستائين توهان اهو خود نٿا ڄاڻو. ڪوبه ماڻهو جيڪو ڄاڻي نٿو اهو ٻئي کي ڪيئن سيکاري سگهي ٿو؟

اي پسر بکوش به روزي پدر شوي،

تاراه بين نه باشي کي راهبر شوي.

معنيٰ: اي پٽڙا، ڪوشش ڪر ان کان اڳ جو پيءُ ٿئين. جيستائين رستو معلوم نه ڪيو اٿئي ته پوءِ رستي جو اڳواڻ ڪيئن ٿيندين!

پهرين توهان خود رستو ۽ روشني حاصل ڪري ان کي محفوظ ڪريو ۽ پوءِ پنهنجي سڀني ڀائرن کي وٺي هلو. انهيءَ لاءِ توهان استاد سڏيا وڃو ٿا. ان کان اڳ توهان شاگرد آهيو پوءِ ڇو نه توهان ڊاڪٽر يا ان کان به وڏا هجو. توهان تيستائين فقط شاگرد جيڪي سچ کان ناواقف هجن ۽ جن اڃان ڪجهه نه حاصل ڪيو آهي، انهن ۾ شمار آهيو.

راتيون ۽ ڏينهن توهان کي حاصل ٿين ٿيون. رات جو ڪوبه ماڻهو ڪم نٿو ڪري. رومي چوي ٿو ته پنهنجو وقت گفتگو ۾ ضائع نه ڪريو، وڃو ۽ ڪجهه ڪريو ۽ ڪجهه حاصل ڪريو. تنهنڪري سکڻ سڀ ڪجهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسين ستا پيا آهيون اسين ڪمائڻ خاطر علم کي گندو پيا ڪريون. بس! اسان پنهنجن سياستدانن، ملڪ ۽ خود پاڻ لاءِ مسئلا پيدا پيا ڪريون.

هڪ هندستاني ليکڪ لکيو آهي جيڪو مون کي ياد آهي ته 1906، 1907 يا 1908ع جو آهي، اسان سوشالاجيءَ جي ڪلاس ۾ پڙهڻ آيا هئاسين. پروفيسر هاب هائوس (Hobhouse) کيس الله امان ۾ رکي، هو ويٺو هو ۽ هن ڪنهن به شاگرد سان نٿي ڳالهايو. تنهنڪري اسان پڇيو ته سائين ڪهڙي پريشاني آهي. هن چيو ته چڱو مهربانو!  آئون توهان کي پڙهائڻ آيو آهيان، هيءُ رسالو منهنجي هٿ ۾ آهي. اهو انهن رسالن مان هڪ هو. هن ۾ هڪ مشرقي ماڻهو لکيو آهي ته ”مغرب ۾ زندگيءَ جي ناڪاميابي“ تنهنڪري اسان کي ڏسڻو آهي ته مشرق يا مغرب ۾ ماڻهو پنهنجي زندگي ناڪام پيا گذارين. آئون تمام وائڙو ٿي ويو آهيان. آئون سنجيدگي سان سوچڻ چاهيان ٿو ته هن مهربان جيڪو الزام اسان تي مڙهيو آهي ته اسان مغرب ۾ ناڪام زندگي گذاري رهيا آهيون ته ڏسون ته مشرقي ماڻهو ڇا ٿو چوي ته جيئن اسين هن کان سکي سگهون. بشرطيڪ هن وٽ ڪا سکڻ جهڙي شيءِ آهي. پر اڄڪلهه زندگي جي ناڪاميابي مشرق توڙي مغرب ٻنهي ۾ آهي. آئون پنهنجي شاهدي ڪونه ٿو ڏيان. آئون اڄڪلهه جي هڪ وڏي انگريز ماڻهوءَ جي شاهدي ڏيئي رهيو آهيان، جيڪو حقيقت ۾ اڪثر انگريزن کان وڌيڪ سوچ وارو ماڻهو هو ۽ هن چيو ته مون ٻنهي کنڊن ۾ فقط اٺ ماڻهو سجاڳ ڏٺا آهن. آئون انهن کي ننڊ ۾ ستلن سان نٿو شامل ڪريان ڇو ته ستل سلامت شخص آهي جڏهن هو ننڊ ۾ ستل آهي. پر جيڪڏهن هو رات جو ننڊ ۾ هلي ٿو ته هو خطرناڪ شخص آهي. هو پنهنجو مٿو ڀڃائي ۽ ٻيو نقصان به ڪري سگهي ٿو. هو ماچس جي تيلي کڻي ٻئي ڪنهن جي گهر کي باهه ڏيئي سگهي ٿو. اهو سڀ هو ننڊ ۾ ڪري ٿو. پوءِ هن تي ڪير الزام هڻندو ۽ هن کي ڪيئن سزا ڏيئي سگهجي ٿي. جڏهن ته اهو چوي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه مون ننڊ ۾ ڪيو آهي. اسين ننڊ ۾ هلندڙن کي سزا ڏيون پيا جيڪي سجاڳ ڪونه آهن. مهربان! انهن کي سزا ڏيئي جيلن ۾ نه موڪليو. اهي فقط ننڊ ۾ هلندڙ آهن. جيڪو ڪجهه اهي قتل، چوري ۽ مارڻ جون وارداتون ڪن پيا اهي ننڊ ۾ هلندڙن وانگر ڪن پيا. اهي سجاڳ ڪونه آهن.

هاڻي جيستائين ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ توهان جي نيت صحيح نه آهي ته پوءِ توهان جي عمل جو قدر ڪونهي، اهو عمل وڌيڪ خراب آهي. تنهنڪري پنهنجا ذهن صاف رکو. مسلمان حقيقت کان واقف آهن ته جڏهن نماز پڙهڻ وڃن ٿا ته انهن لاءِ نيت جو صاف هجڻ ضروري آهي. اها نيت ڇا آهي. نيت معنيٰ پهرين پنهنجو ذهن صاف رکو. توهان هتي بيٺا آهيو ته پوءِ توهان اها نماز ڪونه ٿا پڙهو. پهرين ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته نيت ڪرڻ، اهو ڄاڻو ته توهان هتي ڇو آهيو ۽ ڪنهن جي اڳيان بيٺا آهيو. توهان جي ان عمل جي نيت ڇا آهي. نماز ڇا آهي ۽ ڪهڙي طرح اهو عمل ڪريو ٿا. ٻيءَ حالت ۾ نيت کان سواءِ نماز ڪونهي. نه فقط نماز پر هر شيءِ نيت کان سواءِ ڪنهن قدر جي لائق ڪونهي. نيت المؤمن خير من علمه

تنهنڪري پنهنجو ذهن صاف رکو، انهن ٻنهي شين کي الڳ ڪريو جن مونجهارو پيدا ڪيو آهي. علم حاصل ڪريو سکڻ خاطر ته جيئن توهان سيکاري سگهو نڪي ڏيکاءُ خاطر. ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان خود نٿا ڄاڻو ۽ رڳو پڙهائڻ جو نمونو ڪريو ٿا ته پوءِ توهان پنهنجي پاڻ سان ڪوڙ پيا ڳالهايو. جڏهن توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو ته پوءِ ڪيئن پڙهائيندا. اهڙي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي سواءِ ان جي جيڪا هو ڄاڻي ٿو. جنهن ڪا شيءِ ڏٺي آهي اهائي هو ڏيکاري سگهي ٿو.  اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کي ڪيئن ڏيکاري جنهن جي باري ۾ هن کي خبر ئي ڪونهي ته اها ڪٿي آهي. تنهنڪري انهن ڄاڻو ماڻهن منجهان ٿيو جن ڏٺو آهي ۽ جن کي ”عين اليقين ۽ علم اليقين“ آهي. جيستائين توهان کي علم اليقين نه آهي ته ڪيئن پڙهائيندا. پوءِ توهان کي عين اليقين اچڻ گهرجي. اها توهان جي پنهنجي نظر آهي. پوءِ توهان حق اليقين حاصل ڪريو ٿا. اهي سڀئي يقين ۽ عقيدي جا مرحلا توهان کي پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪرڻا آهن. علم اليقين، عين اليقين، ۽ حق اليقين. انهن سڀني درجن مان توهان کي گذرڻو آهي.

هي سڀ توهان لاءِ فقط ڳالهيون آهن. جڏهن توهان هن هال مان ويندا ته سمجهو ته مون ڪنهن ڳالهه لاءِ نه چيو هو. آئون ڄاڻان ٿو ته اهو مون سان چاليهه سالن کان ٿيندو اچي ٿو. اها ڪا نئين ڳالهه ۽ نئون تجربو ڪونهي، توهان مان ڪجهه کلندا ۽ ڪجهه وڏا سائنسدان چوندا ته هڪ ڪلاڪ ضايع ٿي ويو. پر مون تي اعتبار ڪريو توهان پاڻ کي ٺڳيو پيا ٻيو ڪنهن کي نه! موت توهان کي جاڳائي ٿو ان وقت محسوس ڪريو ٿا ته اهو سڀ پاڻ سان دوکو هو. اهو خراب قسم جو دوکو جيڪو انسان پاڻ سان ڪري ٿو. توهان پاڻ کي نيم خوابي ۽ نيم بي هوشي (هپناٽائيز) ڪريو پيا ان شيءِ لاءِ جيڪا حقيقت نه آهي، ته پوءِ پڙهائيندا ڪيئن؟

پڙهائڻ تمام وڏو هنر آهي. اهي جيڪي ڄاڻن ٿا سي پڙهائي سگهن ٿا. ڳالهيون ڪندڙ ڪونه پڙهائي سگهندا. هاڻي توهان وڃي نوجوان، معصوم ۽ هر لحاظ کان پاڪ نسل جي رهبري ڪندا جيڪي ان جي لائق آهن. توهان انهن جا ذميدار ٿيندا. اهي امانتون يعنيٰ معصوم ٻار انهن هٿن ۾ ويندا، جيڪي صاف نه آهن ۽ جيڪي پاڻ کي ۽ سڄي دنيا کي پنهنجي مقصد ۾ دوکو پيا ڪن. اها ڪهڙي قسم جي تربيت آهي. اها ڪهڙي قسم جي زندگي توهان جي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آهي. مون کي افسوس آهي جڏهن آئون آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ وڃان ٿو ته ڏسان ٿو ته ساڳي حقيقت جاري آهي. وقت بنا ڪنهن سمجهه جي لڳاتار گذري رهيو آهي. چاليهه سال مون يورپ ۾ ساڳي راند ڏٺي آهي.

مون انهن کي صاف صاف چيو ته اها زندگي نه آهي، پر جيئن مون توهان کي ٻڌايو ته منهنجي انگريز دوست چيو ته اٺ سجاڳ ماڻهو مون کي مليا آهن. اها ساڍن چئن ڪروڙ ماڻهن جي سراسري آهي. انهن ۾ انگريز، ڊچ، فرينچ، آمريڪي ۽ جرمن آهن پر پاڪستاني ڪونهن. اهو سجاڳ ۽ ڄاڻو ماڻهن جو سيڪڙو آهي. تنهنڪري اهو علم حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.

مون چيو ته هڪ عظيم معلم جنهن هن جديد دنيا کي ڪتابن ۽ تصنيفن وارو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي فقط هڪ دعا هئي ”رب زدني علماً“ آخري وقت تائين به کيس طالب العلم واري طلب هئي. طلبوالعلم من المهد الي اللحد يعني پينگهي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو. اهو هن جو فرمان هو. علم حاصل ڪريو چاهي اهو ڪٿي به هجي. ڌرتي تمام ننڍي آهي. هن ڌرتيءَ کان ٻاهر ڪافي ڪجهه آهي جيڪو ڏسي ۽ مطالعو ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري سکو جيڪو ڪجهه توهان سکي سگهو ٿا.

سوال آهي ته پاڻ فرمائي ٿو ته ”پڙهه“ پر هڪ شرط سان جيڪو مسلمانن ۽ يورپين ٻئي درجي تي رکي ڇڏيو آهي، يورپين ۽ آمريڪين مسلمانن کان ٻئي نمبر جو علم حاصل ڪيو. اهو ڇا هو؟ ”اقراء باسم ربک الذي خلق“ پڙهه ان هستيءَ جي نالي سان جنهن سڀ ڪجهه پيدا ڪيو. توهان ان لاڳاپي ۽ ڳانڍاپي کان سواءِ ڇا پڙهندا. پڙهو انهيءَ طاقت کي جيڪا هر هنڌ آهي. اها طاقت ڪهڙي آهي! اهو اسان کان معلوم ڪونه ٿيندو. ان جي تخليق اها آهي ته فطرت کان خدا جي فطرت ڄاڻڻ. انهيءَ لاءِ مطالعو ڪري اهو حاصل ڪجي ته انسان ڪيئن وجود ۾ آيو ۽ ان جي پويان ڪهڙي طاقت هئي. تنهنڪري اهو پهريون شرط آهي ته: اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ “.

اڄڪلهه سڄي دنيا انهيءَ ربط سان علم حاصل نٿي ڪري جيڪو ان هستيءَ جي ڄاڻ لاءِ پڙهجي جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ٻي حالت ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. توهان جي مهارت ۽ مختلف سائنسي علوم ڪم نٿا ڪن. انهن سڀني کي ان طاقت سان ڳنڍڻ گهرجي جنهن سڀ ڪجهه ٺاهيو ۽ خلقيو آهي. اها اسان کي خبر ڪونهي ۽ اهوئي اسان کي معلوم ڪرڻو آهي.

هاڻي ”باسم ربک الذي خلق“ لاءِ مسلمان ڪٿي به نظر نٿا اچن. بسم الله لاءِ وضو يعني پاڪائي ضروري آهي. هر سورة جي شروع ۾ بسم الله لکي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هر قراءَت جو مقصد باسم ربک الذي خلق هو. تنهنڪري بسم الله الرحمان الرحيم آيو ته جيئن مهربان ۽ رحم واري جي نالي سان شروع ڪجي. هاڻي اها بسم الله اڄ آئون توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته اڄ پهريون ڏينهن ۽ ڪتاب جو پهريون صفحو توهان جي شروعات ڪرڻ جو آهي. توهان ان کي صاف ۽ سچي مقصد سان پڙهو جنهن لاءِ پاڻ فرمائن ٿا تهلله دين الخالص“. الله تعاليٰ ٻيو ڪجهه نه پر خالص ۽ سچي عمل کي قبول ڪري ٿو.

توهان هتي ۽ هاڻي ذهن کي تيار ڪريو ته آئون ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ علم حاصل نه ڪندس پر ان رب جي نالي سان جنهن اقراءَ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جنهن سان ”اقراء باسم ربک الذي خلق“ جو علم حاصل ٿئي. جيستائين ان نموني سان مطالعو نٿا ڪريو تيستائين پنهنجو وقت پيا ضايع ڪريو. توهان پنهنجو پاڻ کي ۽ هر ٻئي ماڻهوءَ کي منجهايو پيا. توهان هزار مسئلا پيا پيدا ڪندا ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪندا پر حل ڪونه ٿيندا ڇو ته انهن جو بنياد ئي غلط آهي. اهي بنيادي ۽ تاريخي اعتبار کان غلط آهن. اهي ٽارين کي درست ڪرڻ سان ڪيئن درست ٿيندا. ٿڙ جي علاج سان فائدو ڪونه ٿيندو. توهان کي ان جي علاج لاءِ پاڙ جو علاج ڪرڻو پوندو. جيڪو بنياد کان خراب هجي ان جي مٿاڇري جي علاج سان ڇوٽڪارو حاصل ڪونه ٿيندو. توهان کي ان جي بنياد جو علاج ڪرڻو پوندو. ان کي خوراڪ ڏيئي علاج ڪبو. جڏهن پاڙ جو علاج نٿو ڪيو وڃي ته ٽاريون ڪيئن ٺيڪ ٿينديون.

انسان هزار مسئلا پاڻ پيدا ڪيا آهن ۽ مختلف اقتصادي مسئلن جي پرچار ڪري خود چئي رهيو آهي ته هي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح هو خود غلط آهي ۽ هن جي سڄي زندگي غلط طريقي تي گامزن آهي. هن سڄي منظر کي غلط سمجهيو آهي جنهن ۾ هو رهي ٿو. انهيءَ ڪري هو ڪو مسئلو حل نٿو ڪري سگهي. اهو ڪو مسئلو ڪونهي ته ڪو اڇو يا ڪارو يا ڪهڙو به ماڻهو آهي. اهو سڀ رڳو ڏيکاءُ آهي ۽ آمريڪا جي سڄي دولت به ان کي حل نٿي ڪري سگهي. انگلينڊ جو دٻدٻو جيڪو هن وقت ختم ٿي ويو آهي اهو به حل ڪري نه سگهندو.

مون توهان کي ٻڌايو هو ته هڪ يا ٻه دفعا جڏهن آئون اڃان ڇوڪرو هئس ته انگلينڊ ويو هئس. مون اتي چانهه پيتي جڏهن ان وقت ڪوبه چانهه پيئڻ لاءِ خريد نه ڪندو هو ۽ اڄ چانهه جو پائوڊر پيئن ٿا جيڪو اڳي ڪوبه ماڻهو نه پيندو هو. اهو ڇا ٿي ويو آهي. پنجاهه سالن ۾ ڪيڏي تبديلي آئي آهي جنهن ۾ انگلينڊ نئون لڳو ٿي. ماڻهو اهڙن تجربن مان پيا گذرن جيڪي هنن اڳي ڪڏهن نه ڏٺا نه ٻڌا. اهو ڇا ٿي ويو آهي؟ هزارين ڳالهيون ٻڌائين ٿا. هي ٿي پيو آهي هو ٿي پيو آهي، جنگ لڳي آهي، هاڻي انگلينڊ وٽ وڌيڪ پئسو ڪونهي. سامونڊي طاقت به هٿن مان هلي وئي آهي. اهي سڀ فضول ڳالهيون آهن. انگلينڊ کي اخلاقي قدر هئا جيڪي هن وڃائي ڇڏيا آهن. ان جو نتيجو انگلينڊ ڀوڳي پئي. اهڙي طرح اسين به آهيون، پر اسين ڇا پيا ڪريون!

اهو به ڪو وقت هو، جڏهن اندلس جي امير عبدالرحمٰن جي دولت سموري يورپ کان وڌيڪ هئي. اها تاريخي طور تحقيق ٿيل ثابت حقيقت آهي. ائين ڇو هو؟ پوءِ ڀلا اها دولت ڪيڏانهن وئي؟ ڪٿي آهي اهو عبدالرحمٰن، هن جا پونيئر ۽ ڪٿي آهن اهي مسلمان؟ ڇا ٿي ويو؟ اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو ٿي چڪو آهي. اها ئي تاريخ آهي، جيئن مون چيو ۽ ائين ٿيندو رهندو!

اصل ڳالهه آهي ته بنيادي مسئلن بابت ڪوئي نٿو سوچي، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي جڏهن اهي اکيون ئي ناهن، جيڪي ڏسي سگهن. ڇا جيڪي پاڻ سجاڳ ناهن ۽ ستل آهن،اهي ڪجهه ڪري سگهن ٿا. سڀ کان پهرين اکيون گهرجن، جيڪي ڏسن، اهي عام اکيون ڪونه ٿيون ڏسن. اسان اهو سڀ ڪجهه توهان کي ٻڌائينداسين، جڏهن توهان ڪلاسن ۾ اچي ويهندا. آءٌ اچي توهان کي ٻڌائيندس ته اهي عام اکيون ڇا ٿيون ڪن ۽ انهن جو ڇا ملهه آهي؟ اهي ته ٻن نقطن کان وڌيڪ ڏسي ڪونه ٿيون سگهن، سي به جڏهن سج جي سامهون آهن؟ اها آهي اها صورتحال پر اها ڳالهه ئي الڳ آهي.

هاڻي آءٌ هڪ تمام سنجيده مسئلي طرف ٿو اچان ته توهان پنهنجي ذهنن کي هر قسم جي منافقيءَ کان ڌار ڪريو ۽ غلط خيالن کان پرهيز ڪريو. پهرين صاف سٿرا ذهن ڌاريو. ان کان پوءِ پاڻ کي مخاطب ٿيو ۽ چئو ته اسين علم جي گهر ۾ علم پرائڻ آيا آهيون. تڏهن توهان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهندا، ۽ ٻين کي سيکاري سگهندا. اهو ئي اسان جو فرض آهي ته معصوم ٻارن جي ان طرح رکوالي ڪريون. ڇا اسان جو ڪم هنن کي خراب ڪرڻ آهي؟ ڇا اسان جو ڪم هنن جون حياتيون برباد ڪرڻ آهي ته جيئن هو ڪنهن سڙيل وڻ وانگر ڪو ڦل ڏيئي نه سگهن يا اسان جو ڪم هنن ۾ اها صفائي ۽ سچائي پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان هو ڪجهه سوچي سمجهي سگهن. انهن کي اهو ڪجهه سيکاريو، جيڪو توهان کي به اڃا حاصل نه ٿيو آهي. توهان آخر ڇا هلي ڪندا. بار بار پاڻ کان اهو سوال پڇو!

مون هميشه پنهنجن ساٿين کي پئي چيو آهي، پوءِ اهي ڀلي يونيورسٽيءَ کان ٻاهر هجن ته وڃو ۽ وڃي دعا گهرو ۽ سچي دل سان دعا گهرو. ان طاقت کان جنهن کي توهان ان لائق سمجهو ٿا، جنهن توهان کي ان وجود جي نعمت سان نوازيو آهي. اهو ئي خدا ئي نور آهي، جيڪو اسان کي روشني ڏئي ٿو، ڇو ته اها ئي هڪڙي روشني ته آهي، جيڪا رستو ڏيکاري ٿي، دعا گهرو ۽ روئو ۽ زاري ڪريو ۽ ان مالڪ کان پنو! ڇو ته اهو گهرڻ کان سواءِ ڪونه ٿو ملي.

گهرڻ کان سواءِ ڪابه شيءِ نٿي ملي. اهڙيءَ طرح جڏهن دعا گهري توهان پنهنجي ذهن کي هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ صاف ڪيو آهي ۽ توهان ۾ مقصد لاءِ وفاداريءَ جنم ورتو آهي ته پوءِ توهان يقيناً پاڻ کي دوکي ۾ نه رکندا. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ، منهنجا دوستو، آءٌ توهان کي پڪ ڏياريان ٿو ته توهان نه رڳو پنهنجا پر پراون جا به مسئلا حل ڪري سگهندا، جيڪي ويچارا هينئر اوندهه ۾ پيا ٿاڦڙن. مون کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي ته هن باري ۾ امريڪي يا انگريز يا جرمن ڇا پيا چون. مون سڀني کي ڏٺو آهي، مان هنن سان گڏ گذاريو آهي، ڏينهن نه بلڪه سالن جا سال! مان هنن کي پنهنجن پنجن آڱرين وانگر سڃاڻان ٿو.

هر هنڌ اونده آهي ڪٿي به روشني ڪونهي. اهي گمراهه آهن، انهن پاڻ کي پريشانيءَ ۾ وڌو آهي ۽ دنيا کي به پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي. اهو فقط سندن جهالت جي ڪري ۽ سندن بيوقوفين ڪري ٿيو آهي، جيڪي ڪجهه هو سکيا آهن ۽ ان ۾ سندن ڪوڙ، ٻچاپڙائي ۽ ڌنڌي ۾ چالبازي شامل آهي. هو اهي شيون آساني سان ڇڏي سگهن ٿا جيڪڏهن دنيا ۾ ٿورو وڌيڪ روشني هجي ها. پر هو سمجهن ٿا ته سڄي دنيا اونداهيءَ ۾ آهي. اهي مڃن ٿا ته اهي ڄڻ ته ننڊ ۾ هلن پيا. جيڪو هنن ۾ وڏو آهي اهو انهن کي پراڻين شين طرف آماده پيو ڪري ۽ اهوئي هو ڪن پيا. ان کي هو ڊپلوميسي ۽ حڪومت جو نالو ڏين ٿا. اها نڪو حڪومت نه ئي ڊپلوميسي آهي. اها هڪ اهڙي بيوقوفانه شيءِ آهي جيڪا هڪ شريف انسان جي وقار کان هر صورت گهٽ آهي.

اسان ان تي پڻ ڳالهائينداسين جڏهن تاريخ پڙهنداسين، پوءِ هڪ ڏينهن اسين توهان کي ٻڌائينداسين ته اصلي يا مثالي بهادري ڇا آهي ۽ دنيا لاءِ ڇوٽڪارو فقط ذهني بهادريءَ ۾ آهي نڪو ڊپلوميسيءَ ۾. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن علم سياست جا شاگرد اهو معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندا. هر مضمون ان نموني سان اسان پڙهائينداسون جيڪڏهن توهان سکڻ لاءِ آماده آهيو ته پوءِ انهن سڀني وحشيانه قسم جي شين کان پنهنجو ذهن پاڪ رکو.

آئون اهو ڇو ٿو چوڻ چاهيان!  ڇاڪاڻ ته هر بسم الله کان پهرين اعوذ بالله من الشيطان الرجيم ضرور چئجي. جيئن ئي اها شيءِ توهان جي ذهن تي حڪمراني ڪري ٿي ته شيطان توهان جي دماغ مان نڪري وڃي ٿو. پوءِ بسم الله الرحمان الرحيم جو وقت اچي وڃي ٿو. سو اڄ بسم الله الرحمان الرحيم جو ڏينهن آهي پر اهو ڪوبه چوڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. هاڻي اڄ اسين ڪوبه ڪم نٿا ڪريون ۽ گهر وڃڻ گهرون ٿا. گهر وڃي الله تعاليٰ کان دعا گهرون ٿا ته اسان جا ذهن پاڪ ٿين، عمدو ۽ عظيم ڪم ڪن جيڪو توهان هن وقت ڪري رهيا آهيو. توهان کي موقعو ملي ته دنيا جي رهنمائي ڪريو. اهو ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. حضرت ابراهيم " دعا گهري هئي، جيڪا توهان پنهنجي تعليم وارن ڪتابن ۾ ليڊرشپ تحت پڙهندؤ. پر هنن کي ان جي خبر ڪونهي. حضرت ابراهيم " کي خبر هئي. جڏهن هن چيو تهوجعلنا للمتقين اماما اي الله اسان کي پاڻ تي ضابطو ڪندڙ امام بناءِ. اسان کي صف اول جو امام بناءِ ته انهن جي اڳتي رهبري ڪجي. اها امامت توهان وٽ ايندي، پنهنجو ذهن پاڪ ڪري علم حاصل ڪريو. اوهان جي لاءِ اهو ئي بهتر آهي.

جڏهن رات شروع ٿئي ٿي ته ڪوبه مطالعو نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري ڏينهن ختم ٿيڻ کان اڳ سکو. ٻين جي رهنمائي ڪريو. جن کي ضرورت آهي نه رڳو پاڪستان جي. آئون جڏهن ڏسان ٿو هر هنڌ اونداهي نظر اچي ٿي. اهي وڏا ماڻهو جيڪي توهان کي امداد ڏين ٿا انهن جي توهان امداد ڪري سگهو ٿا. پئسي جي امداد هڪ هٿ جي به مدد نٿي ڪري سگهي. ٻي ڪنهن امداد جي ضرورت ڪونهي. اها امداد توهان پئسي جي بدلي ۾ ڪري سگهو ٿا. پر ٻين جي امداد ڪريو نڪي هرڪو توهان جي امداد ڪري.

تنهنڪري جيڪڏهن الله مهربان ٿيو ته پنهنجو پاڻ کي دنيا جي امامت لاءِ تيار ڪريو. ان لاءِ شرط اهو آهي ته پنهنجي ذهن کي مڪمل طرح پاڪ رکو. پاڪائي ۽ خالص نيت توهان جي ذهن جي حڪمراني ڪري ته اسين علم حاصل فقط ڄاڻ لاءِ ڪريون ٿا نڪي پئسا ڪمائڻ لاءِ، اها خراب جسم فروشي آهي جيڪا بند ٿيڻ کپي.

مون کي اميد آهي ته اسين وري توهان جي ڪلاسن ۾ ملنداسين ۽ مختلف مضمونن فزڪس کان سوشالاجي جي باري ۾ الڳ الڳ ملندا رهنداسين ۽ توهان جي رهنمائي ڪندا رهنداسين. تنهنڪري آئون پنهنجي استاد ڀائرن کي جيڪي هن طرف ويٺا آهن، چوندس ته جيستائين اسين نه ڄاڻنداسين، تيستائين سيکاري ڪونه سگهنداسين. اسان کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي ڇا پڙهائڻو آهي. ڪهڙي مقصد لاءِ پڙهائڻو آهي. مقصد ۽ نيت صاف هوندي ته هيءَ گندگي نڪري ويندي جيڪا هزار سالن کان موجود آهي. ميراڻ جيڪا جمع ٿي وئي آهي انهيءَ کي مهٽي ختم ڪريو جنهن اسان جي ذهن کي گندو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي توهان تي الله تعاليٰ جي رحمت هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org