سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:18 

[  19  ]

علم طبيعات ۽ ارتقا

[علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 5 آگسٽ 1955ع تي ڪئي]

 

خواتين و حضرات! هن قسم جون تقريرون توهان لاءِ نيون ناهن. جيتوڻيڪ هن سال انهن جي شروعات ۾ دير ٿي وئي آهي، پر مقصد واضح آهي. انهن جو مقصد انساني سوچ ۽ فڪر جي تناظر کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ قابل فهم بنائڻ آهي. گذريل اڌ صديءَ ۾ صرف اطلاعات ۾ واڌارو ٿيو آهي، پر حقيقي ڄاڻ ۽ علم ۾ ڪو اضافو نه ٿيو آهي. اهي اطلاع ايترا مختلف ۽ ورهايل آهن جو علم جي هڪ شاخ واري کي ٻئي جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪونهي.

اهو چوڻ زياده صحيح ٿيندو ته دنيا ڳوٺاڻن ۽ شهرين ۾ تقسيم ٿي وئي آهي، جنهن کي انگريزن جي مخصوص اصطلاح ۾ Yokles ۽ Cockneys چون ٿا. عام انگريز لنڊن وارن کي ’ڪڪڙون ڪو‘ وارو سڏين ٿا. اهو ان ڪري جو هنن کي اها خبر ڪونهي ته ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو آهي ۽ گهوڙو هڻڪندو آهي يا ڪڪڙ هڻڪندو آهي ۽ گهوڙو ٻانگ ڏيندو آهي! اهو ان ڪري ڇو ته ويچارو لنڊن وارو ڪڏهن ٻهراڙيءَ ۾ ويو ئي ڪونهي. تنهن ڪري هو اهو سمجهڻ شروع ڪري ٿو ته ڪڪڙ هڻڪندو آهي. مطلب هن کي اصل بابت ڪا خبر ڪونهي. اها ساڳي ڳالهه ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن جي آهي، هو جڏهن لنڊن جهڙي شهر ۾ اچي ٿو ته هو هتي هڪ ٻيو جهان ڏسي ٿو ۽ هن کي خبر ئي نٿي پوي ته ڪٿي پهتو آهي. انهيءَ پس منظر ۾ مون چيو آهي ته دنيا ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي آهي.

هاڻي ايترا ته شعبا ٿي ويا آهن، جو هڪ کي ٻئي جي خبر ناهي. هڪ انجنيئر کي فقط ايتري خبر آهي ته هيءَ ڪائنات هڪ مشين آهي، جنهن کي ڪل پرزن سان چالو رکي سگهجي ٿو. ان جي مقابلي ۾ هڪ ڊاڪٽر ان کي بيوقوفي سمجهي ٿو، ڇو ته هن جي نظر ۾ ڪائنات جو راز انساني هارمون ۽ غدود آهن. بس هن جي سوچ ايستائين محدود آهي ۽ ان کان ٻاهر هو ٻي ڪنهن شيءِ کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

هوڏانهن ماهر معاشيات پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته سوال فقط مڇي مانيءَ جو آهي ته اها ڪيئن تقسيم ٿئي. گذريل اڌ صديءَ جا سڀيئي ماهر اقتصاديات رڳو تقسيم تي زور ڏئي رهيا آهن ۽ پيداوار جي فڪر کان خالي آهن. هنن جو خيال آهي ته پيداوار يا اپت ايڏو وڏومسئلو ناهي، جيترو ان جي تقسيم يا ورهاست آهي. هنن جي خيال موجب روزيءَ جي اها غير منصفانه تقسيم آهي، جيڪا سڀني مسئلن جو منڍ آهي، باقي هن ڌرتيءَ تي وسائل جي ڪمي ڪانهي. انهيءَ لحاظ کان ڏسجي ٿو ته انسان، خدا ۽ ڪائنات بابت صحيح نقطئه نظر غائب آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ان بابت ڪنهن کي فڪر به ڪونهي. مطلب جيڪو علم آهي، اهو مختلف شاخن يا حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي.

دراصل انهيءَ پس منظر ۾ اسان هتي سڀني شعبن بابت ليڪچر ڪرايون ٿا ته جيئن هو حقائق کي هڪ هنڌ گڏ ڪري انهن تي سوچ ويچار ۽ هڪ اجتماعي يا گڏيل نقطئه نظر پيدا ڪن. ان لحاظ کان سائنسدان جو ڪم آهي ته هو حقائق جي ڄاڻ ڏين، پر سوچ ۽ فڪر ڪرڻ وارن يعني فلسفين جو ڪم آهي ته انهن مان نوان نتيجا اخذ ڪن. مطلب سائنسدان جا معلوم ڪيل حقائق پنهنجي ليکي ڪجهه نٿا ٻڌائن يا ڪنهن ڪم جا ناهن، جيستائين انهن کي ڪنهن ترتيب ۽ گڏيل انداز سان سوچ ويچار هيٺ نٿو آندو وڃي ۽ اهو ئي هڪ فلسفيءَ جو ڪم آهي، ٻين لفظن ۾ ان کان اڳ جو فلسفيءَ جو ڪم شروع ٿئي، توهان هر هنڌ ان مليل معلومات کي پنهنجي مطالعي هيٺ آڻيو. اهڙي معلومات گڏ ڪرڻ يا مطالعي جي ضرورت جو احساس فقط ست اٺ صديون اڳ پيدا ٿيو، بلڪه اصلي حڪم ان وقت ٿيو، جڏهن اهو ڄاڻي واڻي حڪم طور ٻڌايو ويو ۽ اهو اڄ کان تيرهن صديون اڳ جي ڳالهه آهي. ان پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته يورپ ان حڪم کي ست اٺ صديون اڳ سمجهڻ شروع ڪيو، جنهن تي هو اڄ تائين عمل پيرا آهن. اصلي حڪم تمام سادن لفظن ۾ آيو هو:

سَنُرِيْهِمْ اٰيٰتِنَا فِي الْاٰفَاقِ وَفِيْٓ اَنْفُسِهِمْ

ترجمو: اسان هنن کي پنهنجون نشانيون آسمان ۽ سندن اندر ۾ ڏيکارينداسون. هڪ ٻي آيت ۾ وري چيو ويو:

وَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ

يعني: زمين ۾ يقين ۽ ويساهه رکڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.

وَفِيْٓ اَنْفُسِكُمْ ۭ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ

يعني توهان جي اندر ۾ سڀ ڪجهه آهي، پوءِ ڇو نه ٿا ڏسو؟

اهڙيءَ طرح هڪ پورو حڪم اچي ويو ته هيءَ ڪائنات نهايت شاندار آهي، ان جي ڏينهن ۽ رات کي ڏسو ۽ جيڪي ٻيون تبديليون اچن ٿيون، اهي وڏي اهميت واريون آهن، توهان انهن جو مطالعو ڪريو. ڇا توهان ان تي غور نه ڪندا؟ مطلب ته اهڙو حڪم هڪ دفعو نه ڪئين دفعا آيو ۽ بار بار هڪ ٻئي پٺيان آيو. ان پس منظر ۾ انسان ڏسڻ ۽ جاچڻ، مشاهدي ڪرڻ ۽ حقائق گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ائين مختلف علوم گڏ ٿيڻ لڳا. مون هتي رڳو ٽي آيتون حوالي طور آنديون آهن. جيتوڻيڪ اهڙيون آيتون سون جي تعداد ۾ آهن. سڄو زور ان ڳالهه تي هو ته انسان فطرت جو مطالعو ڪري ۽ حقيقتن تائين پهچي. گذريل ٻارهن صدين کان اهو ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جو آغاز مسلمانن ڪيو، پر پوءِ يورپ وارا ان ۾ اڳڀرا ٿي ويا ۽ ان ڪم کي جاري رکيو اچن گذريل مني صديءَ کان يورپ وارا هر شعبي ۾ مهارت پيدا ڪرڻ جي مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ ايترو اڳتي وڌي ويا آهن جو هاڻي هو ان کان شڪايت ڪرڻ لڳا آهن. هوڏانهن مسلمان جڏهن ان ميدان ۾ هئا ته هو هڪ وقت گهڻن شعبن ۾ ماهر هئا ۽ اها سندن خصوصيت هئي. يورپ ۾ موجوده شعبه جاتي مهارت وري ڪيترا مسئلا به پيدا ڪيا آهن، جنهن ڏانهن آءٌ هن تقرير جي شروع ۾ اشارو ڪري آيس.

انهيءَ پس منظر ۾ اسان هنن ليڪچرن جي شروعات علم طبعي يعني في الافاق کان ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ ’انفس‘ ڏانهن اينداسون. هونئن به طبعيات کي مابعد طبعيات کان اڳ ۾ اچڻ گهرجي. آءٌ هتي اها ڳالهه ڪيترا دفعا ورجائي چڪو آهيان ته مون ذاتي طور جيتوڻيڪ شروعات مابعد طبعيات کان ڪئي، پر پوءِ طبعيات ڏانهن واپس اچڻو پيو ڇو ته مون کي اها بيوقوفي لڳي هئي. طبعيات سڀ کان اول اچي ٿي. هاڻي ان کان پوءِ آءٌ وري مابعد طبعيات کان ٻاهر ڪيئن پيو وڃي سگهان؟ گويا مون کي طبعيات کي ترڪ ڪرڻو هو! منهنجي هر شاگرد کي اها ئي صلاح آهي ته هو هيٺان کان شروع ڪري پوءِ مٿي چڙهندو وڃي. هو مٿان کان هيٺ ڪونه ٿو اچي سگهي! مابعد طبعيات کان هيٺ اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻيءَ صورت ۾ هن کي مابعد طبعيات کي بلڪل ڇڏڻو پوندو!

اڄ هتي اسان جي پروفيسر صاحب طبعيات کان آغاز ڪيو آهي، ۽ هن تمام اهم موضوع سان شروعات ڪئي آهي ۽ اهو آهي اسان جو سج جيڪو اسان کي روشني ڏئي ٿو. سج جيڪو تمام اهم آهي، ان ڪري جو اهو ڌرتيءَ جو پيءَ آهي ۽ هڪ لحاظ سان اسان جو ڏاڏو آهي، يا ائين کڻي چئو ته اهو اسان جي وڏڙن منجهان آهي. هتي سوال آهي، ته اهو ڇا جو ٺهيل آهي ۽ پاڻ ڪيئن وجود ۾ آيو آهي ۽ اهو اسان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسان سج بابت اهم معلومات حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، جيڪا بلڪل ابتدائي قسم جي آهي. اها نه جيڪا ايٽم بم ٺاهڻ واسطي گهربل هوندي آهي. انهن ابتدائي ڪلمات سان آءٌ پروفيسر صاحب جي آجيان ڪريان ٿو ۽ کيس دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجي تقرير شروع ڪري.

تقرير جي خاتمي بعد علامه صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، هينئن چيو:

خواتين و حضرات، اهو تمام دلچسپ ليڪچر هو ۽ اٽڪل مُني ڪلاڪ اندر پروفيسر صاحب ان موضوع بابت گذريل هڪ هزار سالن جي مشاهدن ۽ تجربن جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. بيشڪ انهيءَ معلومات گڏ ڪرڻ ۾ هڪ هزار سالن جو عرصو لڳي سگهي ٿو، جيڪا الائجي ڪيترن مشاهدن ۽ تجربن کان پوءِ اسان کي ملي سگهي آهي. بهرحال پروفيسر صاحب هڪ تمام اهم ڳالهه جيڪا چئي آهي ۽ جنهن تي هن زور ڏنو آهي، سا هيءَ ته اسان جي ڌرتيءَ تي هر قسم جي شڪتي يا توانائي جو مرڪز يا سهارو سج ئي آهي ۽ هن سلسلي ۾ هن سج جي توانائي جي هڪ مستقل ايڪي (Solar Constant) بابت ٻڌايو آهي اهو ايڪو توانائي جو اهو مقدار آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي هڪ چورس ميٽر کي ملي ٿو. سائنسدانن ان جو حسابن اڍائي هارس پاور ٻڌايو آهي. هاڻي ايتري گهڻي مقدار ۾ توانائي سج کان اسان کي برابر ملندي رهي آهي. ائين کڻي چئجي ته هڪ سنڀاليندڙ يا رکوالي جي حيثيت ۾ سج پنهنجي ننڍڙي ٻار کي اها قوت يا طاقت مهيا ڪري رهيو آهي.

هتي اهو به ٻڌائڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته ڌرتيءَ جو اهو رکوالو جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ به غائب ٿئي ته هيءَ ڌرتي هڪ ساعت به قائم نه رهي سگهندي ۽ اها به غائب ٿي ويندي.

سڀ کان پهرين جنهن محور تي اها ڦري رهي آهي، اها اتي سج جي ڪشش سببان هلي رهي آهي. گويا ٻيءَ حالت ۾ اها معصوم ٻار وانگر ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي ويندي. مطلب اهو سج ئي آهي، جيڪو کيس سنڀالي ويٺو آهي، بلڪه مٿس لڪڻ کنيو ويٺو آهي ته ڪيڏانهن نه وڃي. بلڪل ائين جيئن پيءَ ٻار کي جهلي ويهندو آهي ۽ کيس ٻڌائيندو آهي ته هن طرف وڃ ۽ نه ٻئي طرف! ڌرتيءَ طرفان سج جي انهيءَ تابعداري ۽ سچائي سان ڪڍ لڳڻ ڪري کيس توانائي جو پورو مقدار ملندو رهي ٿو. ان لحاظ سان سج جي ايڏي وڏي حياتيءَ جو مطلب ڌرتيءَ جي ساڳي يا برابر حياتي آهي.

آءٌ هن کان اڳ توهان کي ڪيترا دفعا علم طبعي جي حرارتي حرڪيات (Thermo Dynamics) جي اصولن بابت ٻڌائي چڪو آهيان، جيڪي هن ڌرتيءَ جي ممڪن مڪمل تباهيءَ جي پيش گوئي ڪن ٿا. تاهم هو ان وقت بابت پوري معلومات نٿا ڏئي سگهن، ليڪن ان ڳالهه جي پڪ آهي ته هن ڌرتيءَ جي زندگيءَ جو دارومدار سندس سنڀاليندڙ يا پاليندڙ سج تي آهي. پراڻي سوچ رکندڙ هن ڳالهه تي اعتبار ڪونه ٿا ڪن ۽ ان کي سائنسي حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن. هنن جو موقف اهو رهيو آهي ته اهو سج ۽ هيءَ ڌرتي اسان جي وجود جا ذميوار آهن يا اسان انهن جي ڪري وجود ۾ آيا آهيون. ان ڪري هو سج جي پوڄا به ڪندا هئا. کيس مختلف نالن جهڙوڪ اپالو ۽ سوريا وغيره سان سڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسين ان سج جو اولاد آهيون، جيڪو ڌرتيءَ جو سج يعني مالڪ آهي. مصر جا بادشاهه پاڻ کي چوندا ئي ’اکنتون‘ هئا يعني ’سج جا پٽ‘. اسان وٽ وري راجپوت پاڻ کي ’سورج ونسي‘ چون ٿا ۽ پوءِ ڪن کي وري ’چندر ونسي‘ ٿيڻ جو به خيال آيو. بهرحال ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته توهان سج کي ’سوريا‘ چئو يا ’اسور‘ چئو!

اهڙيءَ طرح توهان سج بابت مختلف ٻولين مان ٻيا به گهڻا ئي نالا گڏ ڪري سگهو ٿا. اهي سڀ الفاظ بنيادي طور ’سور‘ مان نڪتا آهن، پوءِ اهو اسور هجي، يا اهر مزد يا سيريا وغيره. لفظ ’سور’ يا سوريا مان مراد سج ئي آهي. بهرحال ائين سج مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي ۽ ائين ڪيترن ملڪن جا نالا به سندس نالي پٺيان رکيا ويا آهن. بلڪه بادشاهن به اهڙي قسم جا نالا يا لقب اختيار ڪيا آهن. هر ڪوئي پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان سج جي اولاد ثابت ڪرڻ گهرندو هو ۽ ان تي وڏو فخر ڪندو هو.

ليڪن اڄ هتي اسان کي فاضل پروفيسر اهو ٻڌايو آهي ته ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ آرام يا ننڊ ۾ ڪونه آهي ۽ ڪابه شيءِ سڪون ۾ ناهي ۽ ڪابه شيءِ ڪامل ۽ مڪمل ناهي. بلڪه اهو ساڳيو سج هر وقت پنهنجي تڪميل ۾ مصروف آهي ۽ اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري رهيو آهي ۽ سادا مرڪب بدلجي پيچيده ٿي رهيا آهن. مطلب سج جي اندر جيڪو عمل هر وقت جاري آهي، ان سبب اهو توانائي جو سرچشمو بنيل آهي.

سج جي باري ۾ اسان کي هڪ ٻي معلومات ملي آهي، جنهن مطابق سج ڌرتيءَ وانگر پاڻ هڪ ٻئي وڏي تاري ويگا طرف ڪشش رکي ٿو يا ڇڪ محسوس ڪري ٿو. سج جي ان عمل کي ’سج جو لاڙو‘ (Solar Appex) چئي سگهجي ٿو. اهو ويگا تارو پاڻ هڪ ٻي ڪهڪشان ليرا (Lyra) ۾ آهي، ۽ اسان جو سج ان طرف ڇڪجي رهيو آهي.

هاڻي اسان کي اها به خبر آهي ته هن وسيع و عريض ڪائنات ۾ هڪ تارو ٻئي تاري کان ۽ هڪ ڪهڪشان ٻئي ڪهڪشان کان هزارين نوري سال پري آهي. ٻي ويجهي ۾ ويجهي ڪهڪشان به چار هزار نوري سال پري آهي. ڀلا اهو نوري سال ڇا آهي؟ جيئن پروفيسر صاحب ٻڌايو ته نوري سال مان مراد اهو فاصلو آهي، جيڪو روشني هڪ سال ۾ طي ڪري ٿي ۽ توهان کي خبر آهي ته روشنيءَ جي رفتار موجب توهان چار هزار نوري سال واري فاصلي جو تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪيترو هوندو. اهو به ممڪن آهي ته ڪي تارا ان کان به وڌيڪ فاصلي تي هجن. انهيءَ ڪري اهو بلڪل ممڪن آهي ته انهن تارن مان نڪرندڙ روشني اڄ تائين اسان وٽ نه پهچي سگهي آهي، گويا اها ڃان پنڌ ۾ آهي.

هن ڪائنات ۾ ٻيون به ڪي عجيب و غريب حقيقتون آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. جهڙوڪ ڪشش (Gravitation) ۽ مقناطيسيت (Megnetism) جيئن اسان کي ٻڌايو ويو ته هر شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي ڪشش ۾ آهي. ان ڪري هر شيءِ حرڪت ۾ آهي. ان لحاظ کان حرڪت ۾ جيڪا ڪمي واقع ٿئي ٿي، اها مادي جي صورت اختيار ڪري ٿي. بلڪه جيترو حرڪت گهٽبي، ان نسبت سان مادو گئس جي يا پٽڙي يا نهري صورت اختيار ڪري ٿو. مطلب قدرت اهڙو حساب رکيو آهي، جو هڪ هنڌ انجنيئرنگ شاپ وانگر جڏهن ڪو عمل مڪمل ٿئي ٿو ته اهو وري زوردار ڌماڪي خيز عمل (Fissuer) جي نتيجي ۾ تمام ننڍڙن ذرڙن جي صورت ۾ ڦهلجي وڃي ٿو ۽ وري اهو عمل نئين سر شروع ٿي وڃي ٿو. اهو صحيح آهي ته ڌرتيءَ تي جيڪو مادو هينئر موجود آهي، اهو سج تي موجود نٿو ٿي سگهي. پر هڪ لحاظ کان اهو صحيح ناهي. ڌرتيءَ تي اهڙي ڪابه شيءِ ناهي، جيڪا سج ۾ نه هجي، پر اها دراصل مختلف شڪل يا صورت ۾ اتي موجود آهي. جيئن چئجي ته اسين سج جي اندر ڪونه آهيون. وڻ ٽڻ سج جي اندر ناهن. ليڪن اهو سڀ ڪجهه هڪ ڪارخاني اندر مرحلن مان گذرندو رهيو آهي، ايتريقدر جو ان جي شروعات يا آغاز جو حساب ڪتاب رکڻ مشڪل آهي.

باقي اهو ٿيو ائين ئي آهي، سڀ کان پهرين حرڪت سان شروعات ڪريو، جڏهن ان ۾ مسلسل گهٽتائي ٿيندي رهي ته سخت يا نهرو مادو وجود ۾ آيو ۽ مادو ان ريت ئي وجود ۾ آيو آهي. ان لحاظ کان ٻنهي جي حقيقت هڪڙي ساڳي آهي. جيئن اهڙي شاهدي ڪي انسان پنهنجي وجدان جي زور تي ڏيندا رهيا آهن. هاڻي عام سمجهه رکندڙ انسان به اهو سوچي سگهي ٿو ته سج ۾ حرڪت جو مقدار ڌرتيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو ۽ بي انداز آهي، ۽ ان ڪري چنڊ به سج کان روشني حاصل ڪري ٿو ته اسان جي ڌرتي به گرمي ۽ روشني ان کان حاصل ڪري ٿي. تاهم اها به حقيقت آهي ته ڌرتيءَ تي ڪي اهڙيون شيون به ملن ٿيون، جيڪي سج نه ٺاهيون آهن، يعني سج جي ڪري نه ٺهيون آهن، پر اهي ڌرتيءَ ٺاهيون آهن، يا ڌرتيءَ تي ٺهيون آهن. اصل ڳالهه آهي ته حرڪت (Motion) جي گهٽتائي سان نوان ڪارخانا وجود ۾ اچن ٿا ۽ اتي نوان عمل شروع ٿي وڃن ٿا ته نيون شيون وجود ۾ اچڻ لڳن ٿيون. ائين مادي جا نوان قسم ۽ زندگي وجود ۾ اچي وڃن ٿا. اسان پاڻ به اهڙيءَ طرح اچي هتي پهتا آهيون. ان لحاظ کان سوچيو ته وري اسان پاڻ هن ڌرتيءَ تي انهيءَ ساڳي سج جي برڪت سان الائجي ڪهڙيون نيون شيون (Material) ڳولهي ڪڍيون آهن، پر ياد رکو ته ان سڄي ڳجهارت جو ارٿ حرڪت جي گهٽتائي آهي ۽ ساڳئي وقت ان حرڪت جي لامحدود وسعت ۽ قوت آهي، دراصل اها ئي حرڪت آهي، جنهن کي اسين توانائي ڪوٺيون ٿا. اها توانائي ئي آهي، جيڪا ڦري مادي جي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ مادي کي نهري صورت ۾ رکڻ جي ذميوار آهي. پر حقيقت ۾ اهو توانائي جو اخراج (Radiation) آهي، جنهن کي ارتقا (Evolution) جي عمل مختلف صورت ڏني آهي. انهيءَ عمل سبب ئي ڪائنات ۾ حيرت انگيز نمونا نظر اچن ٿا، جن ۾ اسين انسان به شامل آهيون.

اسان هڪ لحاظ کان هن ڌرتيءَ تي ارتقا جي آخري صورت آهيون. ليڪن اسان ساڳئي وقت جيترو ڌرتيءَ جو حصو آهيون. اوترو ان کان ٻاهر به آهيون. تاهم اسان مٽيءَ منجهان آهيون ۽ مٽيءَ تي رهون ٿا ۽ اسان جي زندگي به انهيءَ ڌرتي تي آهي. هڪ لحاظ سان اسان جو وجود هن ڌرتيءَ سان وابسته آهي ۽ اسين ان ڌرتيءَ سان گڏ ختم به ٿي وينداسون. ڀلا، اهڙي به ڪا شيءِ آهي جيڪا ڌرتيءَ سان گڏ ختم نه ٿيندي. في الحال اها ڳالهه هڪ وهم يا وسوسن کان وڌيڪ ناهي. هن سلسلي ۾ اسان نفسيات دانن کي پوءِ تڪليف ڏينداسون ۽ کانئن پڇنداسون ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، يا ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڌرتيءَ سان گڏ فنا نه ٿيندي. في الحال اسان طبعي دنيا اندر مادي بابت ڳالهائي رهيا آهيون. اڳتي هلي اسان انهن حضرات کي تڪليف ڏينداسين، جيڪي ذهن يا انساني اندر جي ڳالهه ڪن ٿا، جنهن ڏانهن مون ’و في انفسڪم‘ تحت اشارو ڪيو هو. ظاهر آهي ته اهي ٻيا حقائق ئي هوندا. هينئر اسان جي دلچسپيءَ جو مرڪز علم طبعيات آهي ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته توهان کي ان جي مطالعي ڏانهن راغب ڪري سگهجي ۽ هيءَ ان جي شروعات ٿي سگهي ٿي. توهان پاڻ مشاهدو ۽ مطالعو ڪريو ته مادو ڪيئن غائب ٿئي ٿو. توهان جيڪي هتي ويٺا آهيو، اسڪول وارن ڏهاڙن ۾ پڙهيو هوندو ته ميڻ بتيءَ جي ٻرڻ ۽ ڳرڻ سان ڪابه شيءِ مادي طور ختم نٿي ٿئي. (مادو توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، پر فنا نٿو ٿئي) اسان کي اهو تجربو چڱي طرح ياد آهي جيڪو اسان ميٽرڪ ڪرڻ کان به اڳ ۾ سکيو هو. اهي حقائق ياد رکڻ جهڙا آهن، فطرت جو ان لحاظ کان مشاهدو تمام ضروري آهي. توهان ڪهڙي به مضمون جا شاگرد هجو، جنهن ۾ تاريخ، هجي يا انجنيئرنگ، پر توهان کي خدا جي تخليق جو مطالعو ۽ مشاهدو ضرور ڪرڻ کپي. ٻيءَ صورت ۾ توهان جي تعليم اڻپوري هڪ طرفي رهجي ويندي ۽ توهان وٽ شين جو ادراڪ صحيح نه هوندو، پر جيڪڏهن توهان اهو صحيح صورت ۾ حاصل ڪندا ته اهو دلچسپي جو باعث ٿيندو.

ان لحاظ کان علم طبعيات نهايت دلچسپ مضمون آهي، جيئن جيئن توهان ان جي تجربن کان آشنا ٿيندا تيئن تيئن توهان تي خدا جي تخليق جا راز ۽ اسرار کلندا ويندا. ان ڪري هن اڄوڪي ليڪچر کي صرف طبعيات جو هڪ ليڪچر سمجهي نظر انداز نه ڪجو، بلڪه ان کي الله جي فطرت جي شاندار پهلوءَ جي مطالعي جو درجو ڏجو. اڄ جيڪو توهان کي نهرو مادو نظر اچي رهيو آهي، اهو ائين هرگز نه هو. هيءَ ڌرتي خود انهيءَ صورت ۾ ڪونه هئي. انهيءَ اها صورت گهڻو پوءِ حاصل ڪئي. انهيءَ ڪري اها هڪ ڏينهن وري پنهنجي اها صورت وڃائيندي. اهو توهان هڪ تجربي جي صورت ۾ لئبارٽريءَ ۾ ڪري سگهو ٿا ته سخت يا نهرا مادا ڪيئن غائب ٿي وڃي ٿا يا پنهنجي شڪل بدلائن ٿا. انهيءَ پس منظر ۾ شيڪسپيئر چيو هو:

’جيڪي ڪجهه توهين ڏسو ٿا هڪ ڏينهن بادلن وانگر ڪڪر بنجي گم ٿي ويندا ۽ ڪا قابل ذڪر شيءِ باقي نه بچندي‘.

اهو سمورو هڪ تجربي ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ڪيئن ٺوس مادا پاڻيٺ ۽ گئس ۾ تبديل ٿين ٿا ۽ گئسن کي ڪيئن حرڪت ۾ آڻي سگهجي ٿو، جنهن سان بجلي جهڙي توانائي حاصل ٿئي ٿي.

هاڻي دنيا هئڊروجن بم ٺاهڻ جي قريب آهي، ان ڪري ايٽم جي سائنس نهايت دلچسپ آهي. هئڊروجن جو ايٽم جيڪو آخري يا ابتدائي ڇيڙي تي آهي، توهان ان کي ٽوڙڻ جي اهليت حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان مادي کي بلڪل بنيادي صورت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي آهي. اها ڳالهه هڪ لحاظ سان نهايت دلچسپ آهي. توهان کي اندازو آهي ته انهيءَ ظاهري ننڍڙي رت ۽ گوشت واري جسم سان توهان ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آهيو. ڀلا آخر اسين ڇا جا ٺهيل آهيون. هڪ لحاظ کان اهو ئي ڪجهه جيڪي سج ۾ آهي، ورنه اسان جو مادو ڪٿان آيو. ان جي ڪنهن ٻئي هنڌان اچڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اسان لاءِ اها ڪيڏي نه عجيب ۽ دلچسپ صورتحال آهي جو اسان جيڪو ڪجهه آهيون، پر ان جو مادو اهو ساڳيو آهي، جيڪو سج ۾ آهي يا ڌرتيءَ ۾ آهي.

هاڻي ان قسم جو مطالعو ڪيڏو نه شاندار ۽ مزيدار آهي. توهان ان کي طبعيات سڏيو ٿا،آءٌ ان کي مذهب ۾ داخل سمجهان ٿو ڇو ته اهي مسلمان ئي هئا، جن ان کي ان درجي تي پهچايو. اڄڪلهه ڪي حضرات سائنس ۽ مذهب ۾ مخالفت جو تصور پيدا ڪري رهيا آهن. آءٌ کين عرض ڪريان ٿو ته اهڙو ڪهڙو خراب مذهب آهي، جيڪو سائنس جي خلاف آهي، منهنجو چوڻ آهي ته توهان جو مذهب خود سائنس آهي! آءٌ هميشه چوندو رهيو آهيان ته مسلمانن جي مسجد فقط عبادتگاهه ناهي پر اها تجربيگاهه پڻ آهي. اهو ان ڪري جو توهان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته سوچيو ۽ سمجهو، ڏسو ۽ مشاهدو ڪريو ۽ خدا جي فطرت جو مطالعو ڪريو. اهو توهان جي مذهب جو حصو آهي. گويا اهو به توهان جو مذهب آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو توهان منهنجي حقيقتن يا آيتن کي ان ريت سڃاڻي سگهندا. هن آيت ۾ اهو ئي ته آيل آهي.

بسنزيهم آياتنا في الآفاق و في انفسکم، حتيٰ يتبين لهم انـﮣ الحق.

معنيٰ: اسين هنن کي آسمان ۾ ۽ سندن اندر ۾ نشانيون ڏيکارينداسين تان جو مٿن حقيقت واضح ٿي پوندي.

مطلب جيستائين توهان تي حق واضح ٿئي تيستائين توهان کي مشاهدو ۽ تجربا ڪرڻا آهن. آءٌ گذريل ڪيترن سالن کان ان حقيقت کي ورجائي رهيو آهيان. قديم زماني ۾ هر مذهب ۾ عبادتگاهه جو هڪ جامد تصور هو. پر توهان کي هڪ نئين حڪم سان نوازيو ويو آهي ته تجربيگاهه به عبادتگاهه ٿي سگهي ٿي. تڏهن ته سواليه انداز ۾ چيو ويو؟

اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ       

ترجمو: توهان ڇو ڪو نه ٿا ڏسو؟

منهنجا پيارا شاگردؤ! اڄ توهان طبعيات جو مطالعو ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ روزگار لاءِ ڪري رهيا آهيو. پر ڇا اها ڳالهه شرم جو باعث ناهي؟ خاص طور انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سائنس ۽ مذهب جي مخالفت ۾ يقين نٿا رکن. ڇو ته توهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير اها ڳالهه ڪري يا چئي سگهي ٿو.

هتي مون کي اهو ٻڌائڻ ڏيو ته نه رڳو طبعيات، نباتيات، حياتيات يا ٻي ڪا سائنس جڏهن توهان ان جو مطالعوڪري رهيا آهيو ته ائين سمجهو ته توهان ڪو مذهبي فريضو ادا ڪري رهيا آهيو، تڏهن ته سواليه انداز ۾ فرمايو ويو!

اَفَلَا تَتَفَكَّرُوْنَ   (الانعام- 50)

يعني: توهان غور ۽ سوچ ويچار ڇو نه ٿا ڪريو؟

يا جيئن هڪ ٻي آيت ۾ آهي.

و في الارض آيات اللموقنين.

يعني: هن زمين ۾ ويساهه ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن.

مان جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪريان ٿو ته گهڻا مون کي چريو سمجهن ٿا. آءٌ اهو سڀ ڪجهه هينئر نه پر چاليهن سالن کان پيو چوان. آءٌ اهڙن ماڻهن سان مخاطب ٿي چوندو آهيان ته ذرا توهان پاڻ تي به غور ڪريو. ڇا توهان جي ذهني حالت صحيح آهي. دراصل انهن ان مسئلي تي ايترو غور و فڪر نه ڪيو آهي. تنهن ڪري آءٌ چوندو آهيان ته توهان پنهنجي تياري ڪريو ۽ پوءِ اچو ته ويهي ان مسئلي تي ڳالهايون. ان کان اڳ ڳالهائڻ اجايو آهي. منهنجو چوڻ آهي ته منهنجي چاليهن سالن جي محنت کي به ڪجهه داد ڏيو. ڀلا، جيڪڏهن ڏهن توهان جو ان ڳالهه تي زور آهي ته آءٌ چريو آهيان ته پوءِ آءٌ چوندس:

افسوس کز قبيله مجنون کسي نماند

ترجمو: افسوس اهو آهي جو مجنون جي قبيلي مان ڪوبه باقي نه رهيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته اهڙن عاقلن مان ڪو هڪ منهنجي گهر واريءَ سان اوچتو مليو ۽ کيس چيائين ’توهان جو مڙس چريو مُلان آهي‘. هن وراڻيس هو چريو ملان ناهي، البته ملان ضرور آهي. انهيءَ ڪري جڏهن عبدالقادر سان هڪ ڏينهن چاءِ پي رهيو هوس ته مون کيس هي شعر پڙهي ٻڌايو.

طفلان شهر بي خبر انند مجنون ما

يا نيز مجنون هنوز سزاوار سنگ نيست.

ترجمو: يا ته شهر جا ڇوڪرا اسان جي مجنونءَ کان بي خبر آهن، يا وري مجنون پاڻ (ايترو چريو نه ٿيو آهي) اڃان تائين پٿرن سان مارڻ جي لائق نه ٿيو آهي.

اهو شعر ٻڌي ويچارو عبدالقادر پشيمان ٿيڻ لڳو. سو ائين به ٿيندو آهي ته ڪڏهن چريو ماڻهو صحيح ڳالهه ڪندو آهي، ۽ سياڻو ماڻهو اجاين خيالن ۾ ڦاٿل هوندو آهي.

الله جي فطرت يا ٻين لفظن ۾ هن ڪائنات جو مطالعو ڪرڻو آهي. حسين فطرت جي مشاهدي سان پنهنجي روح ۽ ذهن کي حسين بنائڻو آهي ۽ ان جو مطلب پئسو ڪمائڻ يا گڏ ڪرڻ هرگز ناهي. ان کي سستو سمجهي خريد و فروخت جو نه سوچيو. بلڪه اصل ۾ اهو سودو انهن ٻنهي ڳالهين کان مٿي آهي. ان کي پئسن عيوض وڪڻڻ مقدس مذهبي امانت ۾ خيانت برابر آهي.

منهنجي توهان کي وينتي آهي ته خدا جي واسطي اڳتي وڌو، سکو ۽ پرايو، سچ جي اها ساڃهه پيدا ڪريو، جيڪا مسجد جي ڪنڊ ۾ ويهي وقت وڃائڻ کان بهتر آهي. آءٌ جڏهن اهو چوان ٿو ته منهنجو حوالو يا سند قرآن ئي آهي. بلڪه توهان هڪ مسلمان جا ٻار آهيو، تنهنڪري آءٌ ان ريت ڳالهائي رهيو آهيان. علم طبعيات جو مطالعو ڪريو ڇو ته ان سان توهان خدا جي نزديڪ ٿي ويندو، جنهن جو توهان کي اڳيئي حڪم مليل آهي. ڇا ڪنهن مذهب ۾ هنن سٽن کان وڌيڪ طاقتور پيغام آهي؟

”اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ“

ترجمو: بيشڪ آسمان ۽ ڌرتيءَ جي تخليق ۾ ۽ ڏينهن رات جي تبديليءَ ۾ عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ نشانيون آهن.

اجهو قرآن جو اهو پيغام آهي. ڇا اڄڪلهه ڪوبه ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ ڇا توهين سمجهو ٿا ته مڪتب ۽ مدرسي ۾ اها تعليم ڏني وڃي ٿي! اهي ويچارا، انهن ڳالهاين جي ويجهو ئي نٿا وڃن. اها ڳالهه سمجهي توهان پاڻ هن ڏس ۾ ڪوشش ڪريو!

 

[  20  ]

علم نباتيات جي اهميت

 

[علامه صاحب هيءَ تقرير 12 آگسٽ 1955ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ توسيعي ليڪچرن جي سلسلي ۾ ڪئي]

 

خواتين و حضرات، گذريل دفعي جڏهن پاڻ هتي مليا هئاسون ته مون هڪ مشهور شخصيت لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر هن کي ان محفل ۾ نه ڏسي سگهيو هوس. مون جڏهن ٻين کان پڇا ڪئي ته خبر پئي ته هو ناچاق هو ۽ ٻئي ڏينهن اوچتو سندس انتقال ٿي ويو. اهو شخص هو قاضي ميان اختر جهونا ڳڙهي جيڪو اسان وٽ اسلامي تاريخ جو پروفيسر هو. هو تمام وڏو عالم هو ۽ پنهنجي مضمون جو وڏو ماهر هو.

گذريل هفتي جڏهن اسان مليا هئاسين ته اسان ’سج‘ جي باري ۾ ڳالهايو هو ته اهو ڇا جو ٺهيل آهي. اسان چيو هو ته تارا مادي (Matter) کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب آهن. وري اهي تارا ترقيءَ جي مختلف حالتن ۾ آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن مان ڪي سفيد ڪي پيلا، ڪي ڳاڙها ۽ ڪي ٻيءَ طرح آهن. هاڻي جيستائين اسان جي سج جو تعلق آهي ته اهو سفيد تاري جي حرڪت گهٽجڻ سبب ڳاڙهو لڳندو آهي ۽ منجهانئس مادو بلڪل ابتدائي حالت ۾ جنم وٺي ٿو. اهو ئي مادو هو جنهن مان اسان جي هن ڌرتيءَ جنم ورتو ۽ هڪ لحاظ کان اسان به ان مان آهيون. اهو ڌرتيءَ جو مادو ئي ته آهي، جنهن مان اسان کي هر قسم جي شڪتي جهڙوڪ گرمي ۽ روشني ملي ٿي ۽ ان تي ئي ڌرتيءَ جي زندگيءَ جو دارومدار آهي. هڪ لحاظ سان ڌرتي سج جو ٻالڪ آهي ۽ اها سج جي چوڌاري ڦري به پئي ۽ ان ڪري مٿس سج جو حڪم هلي ٿو يا اها سج جي تابعداري ڪري ٿي.

اهي سڀ ڳالهيون اسان گذريل دفعي ڪيون هيون ته سج ڪيئن مادي جو بنياد رکي ٿو ۽ جنهن کي اسان معدنياتي مادو ڪوٺيون ٿا، اهو ڌرتيءَ تي پهچڻ سان سخت يا ٺوس شڪل اختيار ڪري ويو. پوئين ڀيري اسان ان موضوع تي روشني وڌي هئي.

اڄ هتي توهان کي نباتيات جو پروفيسر ڪجهه وڌيڪ ٻڌائيندو. هو اهو ٻڌائيندو ته ٻوٽا ڇا مان ٺهيل آهن؟ يا اهي ڪيئن پيدا ٿين ٿا ۽ انهن مان وري ٻيا ڪيئن اڀرن ٿا؟ هتي لفظ ٻيهر پيدا ٿيڻ يا اُڀرڻ (Reproduction) نئون آهي، جنهن بابت اسان نه ٻڌو آهي. ان ريت زندگيءَ جو تحفظ (Preservation) به نئين ڳالهه آهي. انهن موضوعن تي ڊاڪٽر اسلام روشني وجهندو ۽ خاص هو وري اڀرڻ جي سمجهاڻي ڏيندو.  ان کان پوءِ اسان ان ڳالهه تي غور ڪنداسون ته سج جي معدنياتي مادي جي جدا ٿيڻ کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي اسان غير رسمي طور ڪهڙي ترقي ڪئي آهي. ڇو ته پنهنجي ابتدائي شڪل ۾ مادي جا اهي ايٽم يا اڻا سج ۾ ئي جنم وٺن ٿا، جيڪي پوءِ هتي ڌرتيءَ تي اچڻ بعد معدنيات جي صورت وٺي بيٺا.

هاڻي ان کان اڳ جو آءٌ پنهنجي جاءِ وٺان، استادن ۽ خاص طور شاگردن کي چوندس، جيڪي اڳتي هلي استاد بنجڻ وارا آهن ته هنن ليڪچرن کي معمولي تقرير بازي نه سمجهو. مون پروفيسر صاحب کي گذارش ڪئي آهي ته هو موضوع کي جيتري قدر ٿي سگهي سولو ڪري سمجهائين. اسان شروعات ۾ ان کي وڏي عالمانه سطح جي ڳالهه ڪري نه کڻون بلڪه ڪوشش ڪريون ته اصل موضوع کي سمجهي سگهون ته زندگي ڇا آهي يا اها جيئن آهي، ان بابت ڪو فهم حاصل ڪري سگهون. زندگي اها آهي جيڪا توهان ۽ اسين گذاري رهيا آهيون. اسان سج سان فقط شروعات ڪئي ڇو ته اهو هڪ اهڙو منڍ آهي، جنهن مان ڌرتيءَ جو جنم ٿئي ٿو. توهان ڏسندا ته هر قسم جي زندگي هن ڌرتيءَ تي آهي ۽ ڌرتيءَ سان ئي انهن جو جياپو آهي، پر آخر ۾ انهن جو سمورو دارومدار سج تي آهي.

اسان جو سمورو مقصد زندگيءَ کي سمجهڻ آهي، ان کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪو به مقصد ڪونهي. جيڪڏهن توهان اهو سمجهي ورتو ته زندگي ڇا آهي ته پوءِ توهان سڄي زندگيءَ جي تصور بابت ڪجهه سوچي سگهندا؟ بلڪه توهان کي پنهنجي ٻالڪپڻ کان ڪجهه سمجهه اچڻ لڳندي. پر جيڪڏهن توهان کي پاڻ کي زندگيءَ بابت ڪا سمجهه ناهي ته پوءِ توهان پنهنجي اولاد کي هزارين لکين روپيا خرچ ڪريو، تڏهن به ڪجهه سمجهائي نه سگهندا. هنن تقريرن جو به اهو ئي مقصد آهي ته زندگيءَ بابت اها سمجهه حاصل ڪري سگهجي باقي انهن جو مقصد نصابي ڪتابن ۾ ملندڙ معلومات ڏيڻ ناهي. سو سڀ کان پهرين زندگيءَ کي سمجهڻ جي شروعات ڪريو.

زندگيءَ بابت اهو ٿورو ڪجهه سمجهڻ کان پوءِ توهان نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ سولي نموني ۾ پاڻ سمجهائڻ شروع ڪريو ته جيئن هو پاڻ زندگيءَ بابت ڪجهه سمجهي سگهن. تڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙا فرد پيدا ٿيندا، جيڪي واقعي قابل قدر هوندا. پر جيڪڏهن توهان کي زندگي بابت ڪا سمجهه ناهي ته پوءِ توهان جانور کان گهٽ نه آهيو. ان صورت ۾ اڳتي وڌڻ جو ڪهڙو امڪان ٿي سگهي ٿو. سو مهربانوءَ، هن تقريرن کي ان لحاظ سان سنجيده ٿي وٺجو ۽ وڏي سچائي ۽ محبت سان انهن تي غور ڪجو، رڳو ڪمي بيشي ڳولڻ تي ڌيان نه ڪجو ته هن ۾ هينئن ڪونهي ۽ هينئن ناهي.

مون پنجٽيهه سالن کان وٺي نباتات جو مطالعو جاري رکيو آهي، پر مان سمجهان ٿو آءٌ اڃا شروعات پيو ڪريان. مون کي ٻوٽن جي حياتيءَ بابت ڪا خبر ڪونه هئي. مون جيترو به پڙهيو پر آخر ۾ خبر پئي ته ننڍي کان ننڍي ٻوٽي ۾ به اڃا الائجي ڪيترا ڳجهه ۽ رزا سمايل هئا. منهنجي ڄاڻ انهيءَ گلاب جي گل بابت بنهه ٿوري هئي، جنهن لاءِ مون کي ايڏي ڪشش هئي. ساڳئي وقت مون کي اهو به احساس هو ته آءٌ سموري دنيا ۾ جيڪي به ٻوٽا آهن، تن بابت ڄاڻ حاصل ڪري نٿو سگهان، ڇو ته مون کي زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪم ڪرڻا آهن. مطلب ته ان ريت هزارين لکين ٻوٽا مون لاءِ اڻ ڄاتل هئا. مون کي انهن جي حياتيءَ بابت ڪا خبر ڪونه هئي ته اهي ڇو ۽ ڇا لاءِ آهن ۽ اهي ڪيئن پيا وقت گذارين. جيتوڻيڪ مون پنهنجي حياتيءَ جا لڳ ڀڳ چاليهه سال ان راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيا هئا. پر ان جو ڪهڙو فائدو! انسان جي زندگي مختصر آهي ۽ فن يا آرٽ اڻ کٽ آهي. توهان ڪيترو ڄاڻي ڪيترو ڄاڻيندا. البته هڪڙي ڳالهه آهي ته توهان زندگيءَ جي خاص ڳالهه يا راز کي ته ڄاڻو ته جيئن توهان پنهنجي زندگيءَ جو ڪو رخ متعين ڪري سگهو ۽ اهو خاص طور نوجوانن لاءِ لازمي آهي. اجهو منهنجو نقطئه نظر اهو ئي آهي. ان ڪري مهرباني ڪري توهان نهايت سنجيدگيءَ سان هنن ڳالهين کي هينئين سان هنڊايو. انهن ڳالهين کي ڪلاس روم جو ليڪچر ڪري نه سمجهو ته هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيو يا ائين چوندا وتو ته واهه جو ليڪچر هو، ڇا ته انگريزي هئي. اهي ڳالهيون ڪنهن ڪم جون ناهن. اصل ڳالهه انگريزيءَ سٺي هجڻ جي ناهي يا انهن اصطلاحن سان واقعي توهان کي علم نباتات سمجهه ۾ اچي ويو. اصل ڳالهه مقصد کي سمجهڻ آهي ته اهو توهان کي حاصل ٿئي ۽ اهو توهان کي محبت ۽ عقيدت سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو. ان کان علاوه اهو ڪنهن فائدي جو ناهي. هاڻي آءٌ ڊاڪٽر اسلام کي چوندس ته هو پنهنجي تقرير جو آغاز ڪري.

تقرير ختم ٿيڻ بعد علامه صاحب هن ريت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

خواتين و حضرات! ايتري تقرير ٻڌڻ بعد هرڪوئي ضرور وقفي جو سوچي ٿو ڇو ته هو مسلسل ذهني طور مشغول هو.ڊاڪٽر اسلام توهان کي ٻيهر پيدائش Reproduction جي سائنسي سمجهاڻي ڏني. آءٌ ڪن ڳالهين تي وڌيڪ روشني وجهندس، جيڪي منهنجي علم ۾ آهن. توهان ڀلي پاڻ سان اها سائنسي ڄاڻ گڏ رکو، جيڪا هن سلسلي ۾ مفيد ناهي. اسان بهرحال گلن جي سائنسي مطالعي جي ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون. جيتوڻيڪ اسان بلور وارو شيشو کڻي گلن کي ڏسڻ وياسين ۽ پاڻ انهن جي معلومات ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سون ۽ ان ۾ اسان کي مزو پڻ آيو. گلن جي حياتيءَ کي سمجهڻ جو اهو ئي طريقو هو. ٻيهر پيدائش جي پيچيده عمل بابت گفتگوءَ کان اڳ اسان هڪ سادي حقيقت تي غور ڪريون ٿا. اها هيءَ ته ٻيهر پيدائش جنس سان ئي ممڪن آهي. ان جي توهان کي خبر آهي. پر تخليق کان اڳ اها پنهنجي وجود کي محفوظ ۽ سنڀالي رکي ٿي. هڪ ننڍي کان ننڍو ٻوٽو به ائين ڪري ٿو. ليڪن ان ڳالهه جا ٻه پاسا آهن. هڪ ان شيءِ جو پنهنجو ذاتي تحفظ آهي ۽ ٻيو سندس جنس جي بقا آهي. اسان هتي صرف اهو ٻڌو ته اها پنهنجي ساڳي جنس کي پيدا ڪري ٿي ته جيئن سندس فنا ٿيڻ کان پوءِ اها جنس قائم رهي. توهان پاڻ به ائين ڪريو ٿا. اهو صحيح آهي ته جنس جي بقا جو اهو ئي طريقو آهي، پر ان کان اڳ ۾ پنهنجي ذات جو تحفظ  (Self- preservation) اچي ٿو.

هتي سوال آهي ته هڪ ننڍڙو ٻوٽو پنهنجي وجود جو تحفظ ڪيئن ٿو ڪري. هن کي ڪير ٿو کارائي ۽ هو اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿو ڪري؟ اتي اسان وري ان سج ڏانهن رجوع ڪريون ٿا، جيڪو ان کاڌي جو سبب بنجي ٿو. جيئن اسان کي خبر آهي ته ٻوٽي جا ساوا پن اتان ئي قوت حاصل ڪن ٿا. مطلب ته پن جي ساواڻ واري خليي ۾ گويا ’سائو سج‘ سمايل آهي، جنهن کي ڪلوروفل (Chlorophyl) چون ٿا ۽ ان جي ڪري ئي نشاستو ۽ ڪاربوهائڊريٽ ٺهن ٿا. توهان کي نشاستي ۽ کنڊ جي ته خبر آهي. انهن کي ئي ڪاربوهائڊريٽ ڪوٺين ٿا. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ سائي پن جي ڪري ممڪن ٿئي ٿو. توهان پٽاٽي کي جڏهن زمين مان کوٽي ڪڍو ٿا ته توهان ان کي نشاستي سان ڀريل ڏسو ٿا. ڀلا پٽاٽو ڇا آهي؟ اهو صرف پاڻي ۽ نشاستي جو مرڪب آهي، جيڪو سج جي گرميءَ ڪري ٺهي تيار ٿئي ٿو. مطلب ته پٽاٽو سڌو سنئون سج مان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿو، جنهن جا ذميوار سندس ساوا پن آهن.

هتي مون توهان کي اهو ڪونه ٻڌايو ته اهو ڪائنات ۾ سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيندو رهيو ۽ ان جو ڪهڙو بنيادي ڪارڻ هو. ٿي سگهي ٿو  توهان مان گهڻن خليي (Cell) بابت ڪجهه نه ٻڌو هجي. پر هينئر توهان کي اها خبر پئي ته سج جي ڪري ئي مادو وجود ۾ اچي ٿو يا ٻين لفظن ۾ سج ئي مادي جو ڪارڻ آهي ۽ اهو مادو وري ايٽمن جو ٺهيل ٿئي ٿو. سج جي اندر ٿيندڙ عمل کي تابڪاري (Radio Activity) چيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ عمل سبب ئي مختلف ايٽم وجود ۾ اچن ٿا. وري هڪ ايٽم جي اندر اليڪٽرانن جي مٽ سٽ يا گهٽ وڌائيءَ سان مختلف ايٽم ٺهندا ۽ ڊهندا رهن ٿا.

مطلب ايٽم ئي هن ڪائنات جو هڪ بنيادي جزو آهي، پر اهو هن ڌرتيءَ تي پنهنجي ظاهري صورت سان موجود نه آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ايٽم جي مرڪز ۾ پروٽون ۽ ان جي چوڌاري هر وقت گردش ڪندڙ اليڪٽران سج ۽ ڌرتي يا ٻين گرهن جي گردش جو هڪ ننڍو مثال پيش ڪن ٿا. هوڏانهن اها به حقيقت آهي ته ڪنهن ايٽم جي ساخت جو دارومدار اڳي پوءِ اليڪٽران جي تعداد جي گهٽ وڌائي تي آهي. ڪائنات ۾ هر قسم جو مادو انهن ايٽمن مان ئي جڙي ٿو، جنهن جي شروعات هيڊروجن سان ٿئي ٿي ۽ اليڪٽران جي تعداد وڌڻ سان نوان ايٽم جڙن ٿا.

جيتوڻيڪ سج ۾ ايٽمن جو وجود تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر سج محض ايٽمن جو مجموعو ته ناهي، حالانڪه ايٽم ته اتي ئي پيدا ٿيا هئا. ٻئي طرف اسان جي زندگيءَ جو بنيادي جزو جيڪو معدنيات کان پوءِ اچي ٿو اهو وري نامياتي (Organic) نوعيت جو آهي. غير نامياتي ۽ نامياتي کان بعد خليو (Cell) آهي، جيڪو پنهنجي ساخت جي لحاظ کان گهڻو پيچيده آهي. ائين کڻي سمجهو ته خليو هڪ قسم جو ننڍڙو زنده ايٽم آهي. خليي جي اندر پروٽوپلازم اهڙي طرح موجود آهي، جيئن ايٽم ۾ اليڪٽران ۽ ان جو مرڪز به آهي، جنهن کي تحرڪ جو باعث سمجهيو ويو آهي. پر جڏهن علم طبعي ۾ اسان مرڪز (Nucleus) جو تصور ڪريون ٿا ۽ اهو جڏهن ايٽم کان ڌار ٿئي ٿو ته ايٽم جي ٽٽڻ جو آغاز ٿي وڃي ٿو.

هيڏانهن وري خليو آهي جيڪو پروٽوپلازم جي چوڌاري ويڙهيل آهي ۽ ان جو به هڪ مرڪز (Nucleus) آهي، پر جيئن اسان چيو اهو تمام پيچيده نوعيت جو آهي، جنهن کي اسان نامياتي پڻ ڪوٺيو. مطلب ته خليو (Cell) ئي زندگي جو بنيادي جزو آهي، جنهن کي ٻئي لحاظ سان زندگي جو ايٽم چئي سگهجي ٿو. ان ريت اسان ايٽم کان اڳتي وڌي آيا آهيون. ان کي اسان حياتيءَ وارو ڪوٺيون ٿا، جيڪو پهريائين نامياتي هيو. ڀلا، اسين حياتي يا زندگي ڇا کي ٿا چئون. اهو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن قسم جو کاڌو کائي ٿو. ان کي هضم ڪري ٿو ۽ ائين پنهنجو وجود قائم رکي ٿو يا وري ختم ٿي وڃي ٿو. کاڌي يا غذا جو اهو ئي ڪم آهي، جيڪو جسم ۾ هضم ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ ٻيهر پيدائش جو عمل (Reproduction) آهي.

هتي وري سوال آهي ته ڀلا خليو پنهنجي بلڪل ابتدائي شڪل ۾ ڪيئن جنم وٺي ٿو. اها ڄاڻ تمام اهم آهي. ڊاڪٽر اسلام ڪجهه اڳتي وڌي توهان کي جنسي تخليق (Sexual Reproduct) بابت ٻڌايو. تاهم هن ٻيهر پيدائش (Reproduction) جي باري ۾ بلڪل ابتدائي ڳالهيون ٻڌايون آهن ۽ ان کي سائنسي زبان ۾ ميلاپ (Combination) چئبو آهي ۽ اهو دراصل خليي جو هيٺان تري کان ڀاڱن ۾ وراهجڻ آهي، جنهن مان مراد اصل خليي جو هيٺان تري کان ڀاڱن ۾ وراهجڻ آهي، جنهن مان مراد خليي جو پنهنجو وجود قربان ڪرڻ آهي. اها خليي جي تخليق آسان ابتدائي تقسيم آهي. اتي جنسي عمل جو ڪو واسطو ڪونهي.

خليي جي اها تقسيم يا وراهجڻ جو مثال ائين آهي، جيئن سج مان ڌرتيءَ جو ڌار ٿيڻ يا اڃان اڳتي هڪ ايٽم جو فقط چار يا پنج يا وڌيڪ اليڪٽران سان وجود ۾ اچڻ يا جيئن ٻڌايو ويو ته پروٽان جي چوڌاري اليڪٽرانن جو گڏ هجڻ. هر هنڌ بنيادي جز جو وڌيڪ جزن ۾ تقسيم ٿيڻ نظر اچي ٿو. ائين هر خليو پنهنجو وجود قربان ڪري هڪ نئين مڪمل خليي کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو. ان ۾ به اهو ساڳيو عمل ظهور پذير ٿئي ٿو.

اتي پهچڻ سان توهان جو واسطو جيوڙن يا بيڪٽريا (Bacteria) سان  پوي ٿو، جيڪي هڪ قسم جا مرڪب خليا آهن. انهن کي اڪثر خوردبين سان ڏسي سگهجي ٿو. ان قسم جا خليا تقسيم ٿيڻ بعد ٻين خلين کي جنم ڏين ٿا، جن جو تعداد لکن ڪروڙن ۾ ٿي سگهي ٿو. خورد خليي منجهان اهڙيءَ طرح ٻين خلين جي پيدائش ٿيندي رهي ٿي. نباتيات ۽ حياتيات جي خلين ۾ ان لحاظ کان ڪو فرق ناهي. اهي فقط زنده خليا آهن. حيوان جي سطح انهن کان مٿي آهي. آءٌ هتي ابتدائي سطح جي خلين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ۽ ان وقت تائين جنسي عمل جو ڪو سوال پيدا نه پيو ٿئي. ان خليي کي اصلي يا قديم (Primitive) خليو چئي سگهجي ٿو، جيڪو زندگيءَ جو مُنڍ آهي. اهو ئي آهي، جيڪو تقسيم ٿيڻ سان ٻين وڌيڪ خلين جي جنم جو باعث بنجي ٿو.

هاڻي اسين نباتيات جي طرف اچون ٿا، جنهن ۾ پڻ پيدائش جا لکين ڪروڙين نمونا آهن. تاهم ڪنهن به گل جي پيدا ٿيڻ جو ڪو باقاعدي نظام نه آهي ۽ نه وري ڪو اها خبر پوي ٿي ته اهو زنده آهي يا ڪو خاص عمل ڪري رهيو آهي يا منجهس ڪا سوچ آهي يا ٻيا ڪهڙا عمل کانئس سرزد پيا ٿين. هتي آءٌ توهان کي هڪ مثال ڏيئي سمجهائيندس ته ڪهڙين حالتن يا ماحول جي ڪري گل قاصدي (Dandelion) جي پيدائش ٿي آهي. توهان انگلينڊ ۾ ڪنهن به پاسي وڃو ته توهان کي ڌرتيءَ تي اهي گل نظر ايندا. ان جو ٻج ايڏو نرڄو ٿئي ٿو، جو ان مان جان ڇڏائڻ مشڪل آهي. هڪڙو ٻج ئي ڦوٽهڙي لاءِ ڪافي آهي. اهو ننڍڙو پيلي قسم جو گل ٿئي ٿو. ان تي ٻج ئي ڦوٽهڙي لاءِ ڪافي آهي. اهو ننڍڙو پيلي قسم جو گل ٿئي ٿو. ان تي ٻج جهجهي انداز ۾ ٿين ٿا ۽ ان جي مٿان اڏامندڙ ڇٽي ٿئي ٿو، جيڪا انهن ٻجن کي هوا جي زور تي هڪ هنڌان کڻي ٻئي هنڌ پهچائي ٿي ۽ ڪيترن ميلن جي فاصلي تي پهچڻ سان اتي وري ٻيا ساڳئي قسم جا گل پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.

اهو قدرت جو ڪمال آهي، جنهن ان گل کي اهڙي ڇٽيءَ سان نوازيو آهي، جنهن ڪري اهو ڌرتيءَ تي جتي ڪٿي آسانيءَ سان پهچي ۽ ڦهلجي وڃي ٿو. اهو گل انگريزن ۽ عربن کان پوءِ آسٽريليا وارا به پاڻ سان کڻي ويا ۽ اتي وڃي ان جو نسل پوکڻ لڳا، جتان اهو وڌيو ۽ ويجهيو. اهو گل ڏاڍو عجيب آهي ۽ ان بابت هڪ ننڍو ڪتاب به موجود آهي، آءٌ چاهيندس ته منهنجا دوست استاد ان جو مطالعو ڪن،جيتوڻيڪ اهو ڪو سائنسي ڪتاب ڪونهي. پر اهو پنهنجي ليکي زبردست ڪتاب آهي. اهو رومانويت سان ڀرپور آهي، پر شاعري به ناهي. مطلب اهو پڙهڻ سان تعلق ٿو رکي، پر انهيءَ ڪتاب ۾ ٻين هزارين ۽ لکين ٻوٽن جي ذهانت بابت خبر چئجي وڃي ٿي ته اهي ڪيئن زندگي گذارين ٿا. اهي ڪيئن پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪيئن گڏجي رهن ٿا. اهڙن سوچ رکندڙ ٻوٽن کي توهان شايد جيئرا ٻوٽا ڪوٺڻ لڳندا. انهن سڀني ڳالهين جو ان ننڍڙي ڪتاب ۾ احاطو ڪيو ويو آهي. زندگي ۽ گل ڪنهن به ريت گهٽ اهميت وارا ناهن. بهرحال اهو شاعري ۽ شعور وارو ڪتاب آهي، اهو جڏهن توهان جي هٿن ۾ ايندو ته اوهان ان کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهندا.

اها حقيقت آهي ته هر ٻوٽو پنهنجي جنس جي بقا واسطي پنهنجو علحيده نظام رکي ٿو. بنيادي طور اهو مٺاڻ ۽ نشاستي جو ذريعو آهي. ان ۾ اندر جيت پيدا ٿين ٿا، جيڪي نئين ڄاول جيتن کي پري ٻئي هنڌ منتقل ڪن ٿا ته جيئن اهي اتي هڪ نئين ٻوٽي کي جنم ڏين.

گلن جو انهيءَ نموني ۾ هزارين طريقن سان هن ڌرتيءَ جي مٿان ڪٿي جو ڪٿي انهن جو نسل تيار ٿئي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون سوچ ۽ مشاهدي سان تعلق رکن ٿيون، جن سان اسان کي انهن جي زندگي ۽ طريقي جي خبر پئجي سگهي ٿي. هر ٻوٽي کي خبر آهي ته هو ٻئي ٻوٽي جي ڪيترو ويجهو هجي جو منجهس ٻج پيدا ٿي سگهي ۽ اهو سج جي ڪيتري گرمي جذب ڪري جو ٻج کي نقصان نه پهچي ۽ اهو انهيءَ حالت ۾ ڌرتيءَ جي ڪنهن ٻئي حصي تائين پهچي نشو و نما حاصل ڪري سگهي. هر ٻوٽي ۾ اهي ڳالهيون نظر اچن ٿيون، جن کي سندس پيدائشي ذهنيت ڪوٺي سگهجي ٿو.

اهي ڳالهيون ٻڌي توهان ضرور مون لاءِ چوندا ته ڀلا هي چريو ماڻهو آخر ڪهڙي نئين ڳالهه ٿو ڪري. آخر انسان به ته گهري ٿو ته جيترا ٻار هو پيدا ڪري سگهي اوترا ضرور ڪري! قرآن چوي ٿو ته توهان لاءِ هي زمين ڦهلائي وئي آهي ته جيئن توهان ان تي ڪي چڱا ڪم ڪري ڏيکاريو. ٻيو ڪم آهي ته وڌ کان وڌ ٻار پيدا ڪري وڃو. آخر ان ۾ ڪهڙي چريائپ آهي!

انسان کي خاص طور ان جبلت (؟) سان نوازيو ويو آهي، پر اها ته قديم ترين حيثيت رکي ٿي. آخر ٻوٽا به ته ساڳي ڳالهه ڪن ٿا. هتي جيئن مون اڳي ٻڌايو ته ٻه ڳالهيون قابل غور آهن. هڪڙي ته ڪيئن پنهنجي ذات جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ بيوقوفا نه طور ان طريقي لاءِ ائين سمجهيو ويو آهي. ٻار پيدا ڪرڻ به پنهنجي جنس پيدا ڪرڻ آهي. اهي ٻئي ڳالهيون آهن، جيڪي هر شيءِ هن دنيا ۾ ڪري رهي آهي. ان ۾ جانور ٻوٽا ۽ انسان شامل آهن. انهيءَ ديوانه وار پيداوار جي عمل ۾ اهي ٽئي شامل آهن. ذاتي تحفظ ۾ به اهو عنصر شامل آهي. پر انهيءَ ٽِڪاڻ کي سمجهو ته سهي! مختصر لفظن ۾ ان جو مطلب آهي ته دنيا جي جنهن ۾ ڪنڊ ۾ آءٌ هجان ته اتي منهنجو نسل يا پيداوار هجي، خاص طور ان کان اڳ ۾ جو آءٌ مري ختم ٿي وڃان.

پر آخر ڳالهه ڇا آهي؟ آخر ماڻهو ڇو ٻار پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ مرڻ چاهي ٿو. اڄ منهنجي هڪ ننڍي ڀيڻ آهي. ان کي به انهن تڪليفن ۽ سورن کي منهن ڏيڻو پوندو. اڳتي هلي ان کي به اهي مهينا ڪاٽڻا پوندا. اڳتي هڪ تڪليف ده عمل آهي. هڪ ماڻهوءَ جي زندگي ٻارن پالڻ ۾ ٿي گذري وڃي ٿي. اڄ هڪڙو ٻار آهي، صبحاڻي ٻيو ايندو وغيره. ان دوران ڪيتريون بيماريون به لاحق ٿيو وڃن. ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود عورتن جو سڱ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. اهي تڪليفون هن کي ضروري سهڻيون آهن.

جيتوڻيڪ ٻار ڄڻن ۽ نپائڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، پر اهو سڀ ڪجهه عورت جي فطرت ۾ شامل آهي، پر اهو ڇا ٿو ڏيکاري. ان لحاظ سان فرد جي انفرادي زندگيءَ بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. شايد هن جي پنهنجي زندگي ناڪافي آهي. شايد اها ايڏي ڊگهي يا گهڻي ناهي. ان ڪري هو پنهنجي لاءِ ڊگهي يا وڏي حياتي جي تمنا رکي ٿو. هو سڀ ڪجهه ان مختصر زندگيءَ ۾ نٿو ڪري سگهي، جيڪا کيس ملي آهي. هو هزارين سالن جي زندگي طلبي ٿو ۽ ان لاءِ هو اهو ڪم ڪري ٿو.

جيئن مون شروعات ۾ پنهنجو مرحوم دوست لاءِ ٻڌايو. مون هن لاءِ اهو ڪونه چيو ته خدا هن تي رحمت ڪري. ڇا توهان کي اها خبر پئي. مون واقعي ايئن ڪونه چيو. بلڪه مون چيو ته شال الله هن جي نيڪ مقصد ۾ اڳڀرائي ڪري. اها سلامتي يا رحمت (Peace) اهڙي ڳالهه ناهي جنهن لاءِ ايڏو ڊگهو سفر اختيار ڪجي سو به اڪيلو نه بلڪه مجموعي طور. دراصل هڪ فرد، يا ٻوٽو يا انسان هر وقت ان ڪوشش ۾ آهي ته جيئن سندس حياتي ان منزل ڏانهن برابر اڳتي وڌندي رهي. خاص طور جڏهن هو اهڙي ڪم (Mission) آهي، جيڪو انفرادي حيثيت کان مٿي آهي، بلڪه اڪيلي لاءِ اهو سخت تڪليف ده آهي. ان ڪري هو چاهي ٿو ته سندس ٻار يا اولاد هجي، جن کي هو پالي نپائي وڏو ڪري. هو گهري ٿو ته هن جي پويان ڪو هجي يعني هن جو ڪو پونيئر هجي. قديم مذاهب ۾ اهو ايڏو ضروري هو جو جنهن عورت کي ٻار نه ٿئي ته ان کي محبت لائق نه سمجهيو ويندو هو. اهڙي عورت پوري قبيلي ۾ وڌ ۾ وڌ قابل نفرت هوندي هئي. هندن ۾ ته اهو عقيدو به هو ته جنهن مرد کي پٽ جو اولاد نه هو ته اهو سرڳ ۾ ڪونه ويندو. بلڪه اهو سدائين نرڳ ۾ هوندو. مطلب ته ان ريت هڪ فرد لاءِ زندگيءَ جي واڌ ويجهه ۽ پنهنجي پويان ڪنهن کي ڇڏي وڃڻ جيڪو سندس ڪم ڪار کي جاري رکي تمام ضروري هو.

انهيءَ پس منظر ۾ آءٌ هتي هڪ مخصوص لفظ ڏانهن اشارو ڪريان ٿو. ڇا توهان منهنجو اشارو سمجهو ٿا. هتي مولوي طاهر ويٺو آهي. اهو شايد منهنجو اشارو سمجهي سگهي. ان لفظ جي معنيٰ آهي، غير يا ٻيو يا ڌاريو، يعني جيڪي ڪجهه اڃان ظاهر ٿيڻو آهي ۽ هڪ لحاظ کان جيڪي گذري رهيو آهي. يا اڳتي مقدر ۾ آهي. اسين اهو سڀ ڪجهه هن ويهن سالن جي مختصر عرصي واري زندگيءَ ۾ ڪرڻ وارا آهيون، جيڪا ٻي زندگي آهي. انهيءَ ٻي زندگيءَ جو مقصد ٻي ڌرتي تي هجڻ ناهي. بلڪه ٻي زندگيءَ جو مطلب آهي، ته جنهن جو مستقبل طي ٿيڻو آهي ۽ جنهن جو فيصلو هن حال يا موجوده زندگيءَ ۾ نٿو ڪري سگهجي. ڇا توهان سوچيو آهي ته جيڪڏهن سج جي ايٽم ۾ اهي معدنياتي جزا نه هجن ها جيڪي پوءِ ٻين گرهن ڏانهن ڦهلجي ويا يا انهيءَ معدني مادي جي ڪري اهو خليو يا جيوگهرڙو وجود ۾ نه اچي ها ته اسين ڪٿي هجون ها!

انهيءَ صورتحال ۾ ٻوٽي جو اهو ننڍڙو خليو ڪيڏو نه خوش هوندو ته کيس اهو انسان مطالعو ڪري رهيو آهي، جنهن کي هن جنم ڏنو آهي. هاڻي هر مشاهدو اسان کي ٻوٽن سان نرميءَ جو برتاءُ ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ نه سختي جيڪا اسان مان ڪن جي عادت آهي. اسان کي ٻوٽن سان پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي.

هيءَ ڪائنات اسان کي مذهبن جي تقابلي مطالعي جي دعوت ڏئي ٿي. منهنجي خيال ۾ توهان کي ان ڳالهه جو احساس آهي. ان ڪري گويا مان هن موضوع کان ٻاهر نٿو ڳالهايان. هن سلسلي ۾ آءٌ فقط ذهن کي آماده ڪندڙ چند اهڙن نقطن، حوالن ۽ ڪن ننڍن غلط فهمين جي ذڪر تائين پاڻ کي محدود رکندس ته جيئن توهان کي اهو احساس ٿئي ته مذهب اسان جي زندگيءَ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.

انهيءَ ڏينهن جڏهن آءٌ هن حال مان ٻاهر نڪتس ته هڪ ڪاوڙيل نوجوان اچي منهنجو دڳ جهليو ۽ چوڻ لڳو ته سائين، توهان هيڏي ساري تقرير ۾ مسجد جو ڪو ذڪر نه ڪيو. مون کيس چيو تون مون کي اهو ٻڌاءِ ته مون جيڪي ڪجهه چيو تو اهو سمجهيو! ڇو ته مون جيڪي ڪجهه نه چيو، انهيءَ جي باري ۾ مون کي پوريءَ ريت احساس آهي. پر ان کان سواءِ ٻيون جيڪي سوين شيون چيون يا جن جو ذڪر ڪيم، انهن جي باري ۾ توکي ڪو پتو پيو، جن بابت توکي ان کان اڳ ڪا خبر نه هئي. مون ڏٺو آهي ته اها به هڪ حالت آهي، جڏهن ماڻهو ٻاهران تيار ٿي ايندو آهي ته رڳو اهو ويهي معلوم ڪجي ته ڳالهائيندڙ ڪهڙين ڳالهين بابت ڪجهه نه ڪڇيو! ان صورت ۾ هن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو آهي، بلڪه هو پاڻ سان زهر کڻي ٻاهر نڪرندو آهي. هو ڪجهه به جذب ڪري نه سگهندو آهي!

هوڏانهن هڪ ننڍڙو ٻوٽو پنهنجي وت آهر سج مان روشني يا گرمي حاصل ڪري ٿو ۽ پاڙ جي ذريعي ٿورو پاڻي! هو ڪابه شيءِ زيان نٿو ڪري. هو تمام ٿورو کاڌو بلڪه نه برابر استعمال ڪري ٿو ۽ وڌي گلن جي صورت ۾ خوشبوءِ پيدا ڪري ٿو. ان جي مقابلي ۾ انسان جي ڇا حالت آهي. ڪيڏي بدبوءِ وارو مادو خارج ڪري ٿو. پر ويچارو گل اهڙين غليظ شين کي ڀاڻ جي صورت ۾ کاڌي طور ڪم آڻي ٿو. توهان منهنجي ڳالهه سمجهو ٿا.

مطلب اهو گلاب جي گل وارو ٻوٽو اهو ڀاڻ کاڌي طور استعمال ڪري توهان کي بهترين خوشبو ڏئي ٿو. ڇا اهو هن مالڪ سائين جو معجزو ناهي؟ هو ڪجهه به ضايع نٿو ڪري، هن مان ڇا ڇا نه ملي ٿو؟ ويندي فروٽ سالٽ جهڙي شيءِ به ان مان حاصل ٿئي ٿي. حالانڪه هو پاڻ فروٽ سالٽ ڪونه ٿو کائي! ڏسو ته سهي هو ان شيءِ مان پنهنجي غذا حاصل ڪري ٿو، جنهن کي توهان رد ڪري اڇلايو ٿا ۽ هو توهان کي عطر ۽ خوشبويون ٿو ڏئي.

امام غزاليءَ جو هڪ نقل آهي، جنهن کي آءٌ هتي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. هو چوي ٿو هڪ ڏينهن هڪڙو وڏي بزرگ شڪل وارو انسان ڪٿان گذريو ۽  اتي ويجهڙائيءَ ۾ ويهي پاڻ کي فارغ ڪيائين. ان جي بدبوءِ چڱي خاصي ڦهلجي وئي، جيڪو اتان لنگهي سو نڪ تي رومال رکي پيو گذري. غزالي چوي ٿو ته اهي ماڻهو مڙي ان شخص وٽ آيا. تڏهن اهو شخص ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ڇو ته هو اڃان تائين اتي بيٺو هو. اهي شيون چوويهه ڪلاڪ اڳ سٺين ڀاڄين ۽ ميون جي شڪل ۾ موجود هيون. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ۽ ڇو ٿو ٿئي! دراصل ٻوٽن ۽ ڀاڄين ۾ اهو اخراج ان ڪري نٿو ٿئي جو هو سج مان اهڙيون شيون حاصل نٿا ڪن.

ان جي وضاحت اها آهي ته ٻوٽي جا ننڍڙا پن سج مان صرف توانائي حاصل ڪن ٿا، جن تي هو زنده رهن ٿا ۽ اهي ئي توهان لاءِ طاقت ۽ قوت جو ذريعو بنجن ٿا. جيتوڻيڪ توهان انسان به سج جي روشني ۽ اس جي ڪري زنده آهيو. اهو ان ريت ته توهان جو کاڌو انهن ساون پتن، گلن ۽ ڀاڄين جهڙوڪ پٽاٽا وغيره تي آهي، جيڪي خود نشاستي ۽ ڪاربو هائڊريٽ جو ذخيرو آهن، جيڪي ڪلوروفل ۽ سج جي گرمي توڙي ڪاربان وغيره ڪري وجود ۾ اچن ٿا.

هاڻي ڏسو ته ان ننڍڙي ٻوٽي توهان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي! هن کي خبر هئي ته انسان پيدا ٿيندو ۽ هن جو جياپو مون سان وابسته هوندو. هو مون منجهانئي اسري ۽ اڀري رهيو آهي، تنهن ڪري مون کي هن جي کاڌي جو بندوبست ڪرڻو آهي. مون کي پنهجني اولاد جي قرباني ڏيڻي آهي. توهان کي خبر آهي ته جيڪو ٻوٽو ڪلوروفل نٿو رکي، اهو سج جي روشنيءَ مان فائدو نٿو وٺي سگهي ۽ ان ڪري اهو هڪ مفت خور جيت (Perasite) آهي. اهو پنهنجي ليکي زنده رهي نٿو سگهي، يعني هو پنهنجو کاڌو تيار ڪري نٿو سگهي. هو ٻين جي کاڌي تي زنده رهي ٿو. انهيءَ بابت اسان جي پروفيسر صاحب توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌايو.

ڳالهه هينئن آهي ته جيوڙي يا ڪينئين (Parasite) ۽ اهو سائو مادو ڪونه ٿو ٿئي. ان ۾ ڪلوروفل ڪونهي. تنهن ڪري اهو کاڌو ٺاهي نٿو سگهي يا سج مان اهو ڪجهه حاصل نٿو ڪري سگهي. اها ئي ڳالهه مون توهان کي ٻڌائڻ گهري ٿي. باقي مسجد واري سوال بابت مون ڪٿي ٻئي هنڌ گهڻو ڪجهه چيو آهي. مون اقبال جي حوالي سان پنهنجي انهيءَ نوجوان دوست کي اهو سمجهائڻ ٿي گهريو ته ڇو مون مسجد يا مندر بلڪه عبادت گاهه جو ذڪر نه ڪيو آهي. هن کان اڳ ۾ هر قوم کي عبادت خانو هيو، پيغمبر اسلام کي جڏهن مخالفن چيو ته توهان به سڀ ڪجهه اهو چئي رهيا آهيو، جيڪي هن کان اڳ پيعمبر چوندا آيا آهن ته پاڻ فرمايائون ته مان توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ست فرق ٻڌائي سگهان ٿو، جيڪي مون کي ڏنو ويو ۽ ان کان اڳ وارن کي نه مليو. انهن ستن مان آءٌ فقط هڪڙي ڳالهه توهان کي هتي ٻڌايان ٿو ۽ اها هئي ته عبادت لاءِ ڪو مقام يا جڳهه مقرر نه ڪئي وئي آهي. يعني سموري روءِ زمين کي سجدي گاهه يا مسجد قرار ڏنو ويو ۽ آءٌ ان تي هلندي گهمندي ۽ اٿندي ويهندي. عبادت ڪري سگهان ٿو. گويا انسان جو هر ڪم عبادت ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. اقبال ويچارو رسول الله ﷺ جي ان حڪم کي پنهنجي هڪ شعر جي سهڻن لفظن ۾ ادا ڪري ڇڏيو آهي.

ان راز کان واقف ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته هن لاءِ مسجد ڪهڙي آهي. لطيف ٿو چوي:

ستا سي سونهن، ننڊ عبادت جن جي

يعني جنهن ماڻهوءَ جو هر عمل ۽ قول خدا جي لاءِ آهي، انهن جو سمهڻ به عبادت آهي. اهي ننڊ ۾ به سهڻا ٿا لڳن ڇو ته هو خدا جي عبادت پيا ڪن. اهي پنهنجي خالق ۽ مالڪ کان جدا ناهن، توڻي جو سُتل آهن. انهن جي عبادت ڪنهن عبادت گاهه تائين محدود ناهي. هو جتي به آهن ته خدا جي عبادت پيا ڪن. اهي هن کان ڪنهن به مهل پري يا الڳ ناهن. هو ڏينهن ۽ رات جو هڪڙو پهر يا گهڙي به کانئس دور نه آهن. بلڪه هو هڪ سيڪنڊ به هن کانسواءِ جي نٿا سگهن. اها آهي اها حقيقي زندگي جيڪا هو گذاري رهيا آهن. انهن لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ اهو ئي ’سج‘ آهي، جنهن سبب هو زندگي گذاري رهيا آهن. مان هتي جيڪي ڪجهه توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، اهو منهنجي سٺ سالن جي زندگيءَ جو نچوڙ آهي. تاهم مان توهان تي پنهنجي علمي برتري ڄمائڻ ڪونه آيو آهيان، پر توهان کي اهو سمجهائڻ جي هر ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته زندگي ڇا آهي. توهان کي ان زندگيءَ کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻو آهي، جيئن توهان کي اها ملي آهي، ان کي امانت طور ۽ نهايت سچائي سان قبول ڪيو. ٻيءَ حالت ۾ اها توهان لاءِ وبال ۽ مصيبت بنجي پوندي.

هر قسم جا الفاظ جيڪي ٻڌجن ٿا، سي سڀ موٽ به کائن ٿا. جيستائين توهان انهن کي پيار ۽ محبت سان نه ٻڌا ۽ ان سان گڏ خدا جو شڪر ادا نه ڪندا ته اهي توهان جي روح کي ڪيئن روشن ڪندا. بلڪه توهان ڪوشش ڪري ٻين کي به اها روشني پهچائڻ جي نيت ۽ ارادو ڪريو، خاص طور نوجوانن کي اها ڳالهه ضرور سمجهڻ کپي. مون کي ڀلي توهان بيوقوف سمجهو يا اڻ ڄاڻ چئو! پر جيڪي ٿورو گهڻو آءٌ ٻڌائڻ يا سيکارڻ گهران ٿو، اهو ضرور سکو ۽ آءٌ به توهان کان اهو ٿورو ڪي گهڻو سکڻ لاءِ تيار آهيان. اهڙي پڪي ارادي سان آءٌ ضرور ڪجهه سکي وٺندس. پر جيڪي ڪجهه سکڻو آهي، ان کي غذايا کاڌي وانگر هضم ڪريو، جيئن هڪ ٻوٽو سج جي تپش مان سڀ ڪجهه حاصل ڪري ٿو. توهان کي ذهني خوراڪ به اوتروئي گهربل آهي، جيتري جسماني خوراڪ کپي ٿي. توهان ان کي جذب ڪرڻ تي زنده آهيو. ورنه توهان جو خاتمو ٿي ويندو. ياد رکو، ذهن کي ان جي پنهنجي خوراڪ کپي ٿي، جنهن کانسواءِ اهو بک ۾ مري ختم ٿي ويندو.

مطلب اسان توهان کي اها ذهني خوراڪ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن توهان ان تي نشو و نما حاصل ڪري سگهو ۽ اها واڌ ويجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ تخليق جو عمل جاري رکي سگهو. تخليق جو اهو عمل ايندڙ نسلن ڏانهن به منتقل ٿئي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهو ننڍڙو ٻوٽو پنهنجو ڪم پوريءَ طرح سرانجام ڪري. ان ڪري توهان کي پڻ حصي جو ڪم ضرور ڪرڻو آهي. هيءَ زندگي پوري زندگيءَ جي پڄاڻي يا انت ڪونهي. ان لحاظ کان مون جيڪي ٻڌايو اهو سڀ ڪجهه مذهب ۾ شامل آهي. اهو ٻوٽو ئي توهان کي ٻڌائي ٿو ته آئنده واري زندگي تمام اهم آهي ۽ اها بهتر زندگي اڃا اڳتي اچڻ واري آهي. اهو اصلي درخت اڃان تائين وجود ۾ نه آيو آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪي توهان ان ريت معلوم يا ڪٺو ڪري رهيا آهيو، توهان جي ذهن کي اها خوراڪ پهچائيندو ۽ توهان جي ذهني نشو و نما کي برابر وڌائيندو رهندو ۽ جيڪڏهن توهان کي عمدو ذهن مليل آهي ته ضرور تخليق به ڪندو. اهو ئي سبب آهي جو اسين هتي گڏ ٿيون ٿا ۽ توهان کي هتي اچڻ جي تڪليف ڏيون ٿا ۽ ان ريت ڄڻ توهان جو وقت ضايع ڪريون ٿا. اهڙي مرحلي تي اسان جهڙا پوڙها هڪ کان ٻي ۽ ٻي کان ٽين ڳالهه ڪن ٿا. جيڪي شايد اهڙيون وڻندڙ نٿيون ٿي سگهن. اسان جون اهي ڳالهيون مسلمانن جي ان ڪتاب واسطي به آهن، جنهن کي هنن ڇڏي ڏنو آهي يا پاسي تي رکي ڇڏيو آهي. ليڪن ان لاءِ به سچي نيت ۽ ارادي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن توهان ان مان مستفيض ٿيڻ چاهيو ٿا. اسان به هتي انهيءَ نيت سان اچون ٿا ته توهان کي ڪجهه ٻڌائي سگهون، ان ڪري ته اسان پنهنجي عمر ۽ تجربي جي آڌار تي جيڪي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻون ٿا. ان ۾ توهان کي حصيدار ڪري سگهون. اهڙيءَ ريت اڳتي هلي توهان وري پنهنجي پويان ايندڙن کي ڪجهه ٻڌائي سگهو ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڇڏي وڃو. توهان کي پنهنجي ٻارن جي نه فقط جسماني بلڪه خوراڪ ذهني جو به بندوبست ڪرڻو آهي. هاڻي هڪ ٻي نئين شيءِ به اچڻ واري آهي ۽ جڏهن هڪ مرد ۽ خاتون توهان کي نفسيات بابت ٻڌائيندا ته توهان کي خبر پوندي ته توهان روايتي ايٽم ۽ خليي (Cell) کان اڳتي گذري هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿيا آهيو. پر اڃان اهو ڏينهن نه آيو آهي. تنهن ڪري ان جو صبر سان انتظار ڪريو ۽ تيستائين سمجهڻ ۽ جذب ڪرڻ، هينئين سان هنڊائڻ ۽ غور و فڪر ۾ پاڻ کي رڌل رکو ته آخر هيءَ زندگي ڇا آهي. توهان جيڪڏهن ائين ڪيو ته فقط ڇهن مهينن بعد ئي توهان کي اها روشني ملي چڪي هوندي ۽ توهان پاڻ کي روشن دماغ محسوس ڪندا. مطلب مسلسل جذب ڪندا رهو ۽ مسلسل ڄاڻ حاصل ڪريو ۽ وساريو نه! محبت سان ان کي حاصل ڪريو ۽ پنهنجي ذهن کي ان مطابق ڦيرايو! ٻوٽن بابت اهو رجحان ڪافي آهي ۽ ان سان گڏ خدا جي تخليقي عمل بابت پڻ ان ۾ گهڻو ڪجهه آهي. ليڪن اها فقط ابتدا آهي. مان سمجهان ٿو مان توهان کي ڪافي ٿڪائي چڪو آهيان ۽ ان ڪري مون کي بس ڪري ويهڻ گهرجي. شل الله پاڪ توهان سڀني تي پنهنجو رحمتون نازل ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org