سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:19 

[  21  ]

ماهيگيري

[علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 9 آگسٽ 1955ع تي ڪئي]

 

خواتين و حضرات، آءٌ سمجهان ٿو ته توهان ڊاڪٽر فاروقيءَ کي نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌو آهي. اها سال 1938ع جي ڳالهه آهي مون انهيءَ موضوع تي سنڌ وارن کي اهو شوق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاگردن لاءِ شاگرد مخزن ۾ اهڙا مضمون به لکيا هئا.

مون کي ياد آهي ته جڏهن آءٌ لنڊن ۾ ليڪچر ڏيندو هوس جن جو موضوع سائنس جو فلسفو يا ذهن کي وڌيڪ بيدار ڪرڻ جهڙا موضوع هوندا هئا، تن ڏينهن ۾ هڪ وفد اچي مون سان مليو. هو چوڻ لڳا، سائين توهان جيڪي ڪجهه چئو ٿا سو سڀ ٺيڪ آهي ۽ توهان اهو سڀ نيڪ نيتيءَ سان ٻڌائي رهيا آهيو ۽ ان مان اسان گهڻو ڪجهه پرايون ٿا، پر اسين سڀ کان پهرين پنهنجي پيٽ پوڄا يعني پيٽ ڀرڻ جي باري ۾ به ڪجهه سکڻ گهرون ٿا.

توهان ڊاڪٽر فاروقيءَ جي هڪ ڳالهه تي شايد غور نه ڪيو ته سنڌ ۾ يا ڪن ٻين اهڙن ملڪن ۾ پنج هزار سالن کان وٺي زراعت ۽ کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. اها زراعت ڇا آهي! ان جو مطلب پيداوار يا اناج اپائڻ آهي، جنهن سان توهان پيٽ ڀري سگهو ٿا. ڀلا اهو اناج يا ان داڻا ڇا آهن. يعني جيڪي ڪجهه توهان پوکي تيار ڪريو ٿا. ان ۾ ٻاجهري، چانور، ڪڻڪ وغيره اچي وڃن ٿا. ڪو وقت هو جڏهن اهي سڀ فقط گاهه وانگر هئا جيڪي گاهه وانگر پاڻ ئي اڀرندا هئا. توهان ڏٺو آهي ته انهن سڀني جو داڻو گهڻو ننڍو ٿئي ٿو جيڪو شروعات ۾ ماڻهن گڏ ڪيو هوندو ۽ کائڻ شروع ڪيو هوندو. ان ريت انهن پنهنجو پيٽ قوت ڪيو ۽ حياتيءَ کي برقرار رکيو.

توهان کي خبر آهي ته جڏهن توهان کي ٿڌ لڳندي آهي ته ڏس ڏيندا آهن ته ڪُڪڙ جو شوربو وغيره استعمال ڪريو ته جيئن توهان کي گرمي لڳي. هاڻي ڇا ٿا سمجهو ته جيڪڏهن اونهاريءَ ۾ گرمي پد اڳيئي 108 آهي ته پوءِ توهان کي ڪڪڙ جو گوشت کائڻ کپي يا توهان کي ٿڌي رت وارو گوشت جنهن ۾ مڇي خاص شامل آهي، اها استعمال ڪرڻ گهرجي. هتان واضح ٿيو ته مڇي جو واپرائڻ هر لحاظ کان مناسب، صحتمند ۽ جلد هاضمي وارو آهي.

هاڻي اهو ته فطرت جو خالص فائدي وارو پهلو آهي پر اڄ اسين هتي انسان جي روزمره جي کاڌي جو جائزو وٺون ٿا. جيئن توهان اناج جي سلسلي ۾ ڏٺو ته توهان ڪڻڪ، چانور وغيره جي استعمال تي پهچي ويا، تيئن ساڳي ريت توهان جي کاڌي ۾ گوشت وغيره به هجڻ کپي. اهو توهان مڇيءَ جي صورت ۾ اپائي سگهو ٿا پر ان لاءِ توهان کي مڇي ڪلچر (Fish culture) کي ترقي وٺرائڻي پوندي ۽ اهو توهان ڪري سگهو ٿا. مثلا توهان هر قسم جي ڍنڍن ڍورن، واهن ۽ تلائن ۾ مڇيءَ جي افزائش ڪري سگهو ٿا.

هتي آءٌ جرمنيءَ جو مثال ڏيان ٿو جتي هو اسڪارپ مڇيءَ جي واهن ۽ ندين ۾ افزائش ڪن ٿا. اها اسڪارپ اسان جي ڏنڀري وانگر آهن، جنهن کي هو تمام شوق سان کائن ٿا. توهان وٽ پلي جهڙي مڇي آهي جيڪا مڇيءَ جو اعليٰ قسم آهي. ائين توهان وٽ پوپري ۽ کڳا وغيره به آهن. مطلب توهان وٽ به الائجي مڇيءَ جا ڪيترا قسم آهن ۽ توهان انهن جي به اَفزائش ڪري سگهو ٿا. شرط اهو آهي ته جيئن اَناج اُپائڻ لاءِ جهنگلي ٻوٽن مان داڻن جو انتخاب ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح توهان کي مڇيءَ جي افزائش لاءِ به ساڳئي قسم جي محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي. باقي رڳو قدرت تي ڀاڙي وهڻو نه آهي. بلڪه اها سموري ڪوشش توهان کي پاڻ ڪرڻي آهي. جيئن توهان کي ٻڌايو ويو ته مڇي بهترين غذا آهي ۽ توهان کي صحتمند رکڻ لاءِ ضروري پڻ آهي، بلڪ اها توهان جي پيٽ ڀرڻ کان سواءِ ذهني نشو و نما ۽ ذهني ڪم ڪار يعني تخليقي ڪم واسطي توهان کي تيار ڪري ٿي. ان سان توهان جا ڪيترا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته توهان کي ڪنهن سان لڙائي جهڳڙو ڪرڻو ڪونه ٿو پوي ۽ ڪنهن سان ٺڳي ڪرڻ جي به ضرورت نٿي رهي ۽ ان ريت توهان جي پيٽ جو مسئلو به حل ٿي پوي ٿو. بنيادي ڳالهه آهي پيٽ قوت جيڪڏهن اهو حل ٿي ويو ته پوءِ انسان جو ٺيڪ هجڻ گهڻو آسان آهي ڇو ته هتي توهان کي ٻَج کان سواءِ صرف پاڻي ۽ آبپاشيءَ جي سرشتي جي ضرورت پوي ٿي.

ان لحاظ کان چيو ويو آهي ته ماهيگيري تمام سولو روزگار آهي بشرطيڪ توهان پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪريو ۽ ان ۾ رڳو تازي پاڻيءَ يا مٺي واري مڇي شامل نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو انگريزن وٽ ٽرائوٽ، سولمن ۽ ٻيون ڪيتريون مڇيون آهن ۽ هو انهن کي اعليٰ سمجهن ٿا پر جرمن قوم وارا اسڪارپين کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. انگلينڊ ۾ جيڪڏهن توهان ڏنڀري جو استعمال ڪندا ته هو چوندا ته توهان اهو زيان ڪيو. بهرحال ڏنڀرو دنيا جي بهترين قسمن ۾ شامل آهي.

اصل ڳالهه آهي ته مڇين جي افزائش ميون جهڙوڪ انب وغيره جهڙي آهي ۽ ائين ان ۾ هر لحاظ کان واڌارو آڻي سگهجي ٿو. توهان ڪنول جو گل ڏٺو آهي ته ڪيئن هڪ تمام ننڍي ٻج مان وڌي سهڻي صورت اختيار ڪري ٿو. بلڪل ائين توهان مڇين جي افزائش به ڪري سگهو ٿا. جنهن لاءِ ڪيترا نوان طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا.

آمريڪا جي ندين ۾ پيپل قسم جي مڇي ٿئي ٿي جيڪا پندرهن فوٽ ڊگهي ٿئي ٿي. ڇا ٿا سمجهو! توهان اهڙي مڇيءَ جي هٿرادو طريقي سان افزائش يا پالنا ڪري سگهو ٿا.

ليڪن ان جي مقابلي ۾ ڏنڀري مڇيءَ جي افزائش لاءِ باقاعدي پلان تيار ڪري سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏ ٻين جنسن کي به پالي سگهجي ٿو. اها ڳالهه آءٌ گذريل سترهن سالن کان سرڪار ۽ عوام آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. پر آهي ڪو ٻڌڻ وارو!؟

انهيءَ پس منظر ۾ آءٌ چوندس ته جيڪي هن ملڪ ۾ غذا جي مسئلي بابت سوچ ويچار ڪري رهيا آهن، انهن کي کپي ماهيگيري ڏانهن رجوع ڪن ۽ ان سان گڏ زراعت جي ميدان ۾ اناج وارن فصلن ۽ ڪپهه وغيره تي جوڳو ڌيان ڏيڻ گهرجي. مطلب ته ماهيگيري جنهن ۾ سامونڊي يا کاري جي مڇي به شامل آهي وڏي اهميت رکي ٿي ۽ اها مڇي به هر لحاظ کان لذيذ ٿئي ٿي. اسان وٽ ته سمنڊ به ويجهو آهي.

سامونڊي مڇيءَ جي مقابلي ۾ مٺي پاڻيءَ واري مڇيءَ جي افزائش تمام سولي آهي. واهن ۽ تلائن ۾ توهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا. منڇر جهڙي وڏي ڍنڍ ۾ توهان الائجي ڇا ڪري سگهو ٿا. ليڪن اسان جو ان طرف ڪو به ڌيان ڪونهي.

اڄ ڊاڪٽر فاروقيءَ توهان کي نهايت تفصيل سان ٻڌايو آهي ته دنيا ۾ مڇيءَ جي واپرائڻ جي ڇا رفتار آهي. جپاني ۽ چيني ماڻهو ٻيو ڪجهه کائين ئي ڪونه صرف چانور ۽ مڇي کائي ڄاڻن. اهو ئي سندن عام رواجي بلڪ معياري غذا جو نمونو آهي.

سنڌ ۾ ان ڳالهه جو وڏو موقعو آهي ته اناج وارن فصلن سان گڏ مڇيءَ جي طرف به ڌيان ڏنو وڃي. هاڻي جيستائين مڇيءَ جي سائنسي ڄاڻ جو تعلق آهي ته ان ۾ قدرت ڪهڙيون خوبيون رکيون آهن، اهو هڪ ڊگهو موضوع آهي. بذات خود مڇيءَ جي آنن مان ٻچن جو ڦٽڻ ۽ نڪرڻ، پالنا ۽ پرورش بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ محنت طلب مسئلو آهي. هائو، پر اهو ڪم انهن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي پهريائين پنهنجي پيٽ جو مسئلو حل ڪري چڪا آهن. ڇو ته ان کان پوءِ هو اهو تحقيقي ڪم ڪري سگهن ٿا، گويا جڏهن سندن ذهن ان ڪم لاءِ تيار هوندو.

گذريل دفعي مون توهان کي گلن ۽ ميون بابت ڪافي ڪجهه ٻڌايو هو ۽ انهن کان پوءِ مڇيءَ جي دنيا سان واسطو پوي ٿو. ان جو تقابلي ۽ گڏيل مطالعو اسان جي لاءِ قدرت جا ڪيئي راز کولي سگهي ٿو. ان کان پوءِ ئي توهان کي حياتيءَ جي عام تصور بابت ڪو فهم حاصل ٿي سگهي ٿو. هتان ڳڀ جي علم يعني (Embriology) جي شروعات ٿئي ٿي ۽ اتان پتو پوي ٿو ته ڪيئن حياتيءَ جو دائرو وڌڻ شروع ٿئي ٿو. اها هڪ نهايت دلچسپ ۽ عجيب سائنس آهي.

چون ٿا هڪ مڇي هڪ وقت ڏهه لک آنا لاهي ٿي، پر ان کان اڳ هڪ مادي نر جي قربت ڪهڙيءَ ريت حاصل ڪري ٿي يا انهن جا آنا هڪٻئي سان ڪيئن گڏجي پون ٿا. انهن ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن ويڙهه جو آغاز ٿئي ٿو. انهن جي بدني بناوت ۽ اندروني ۽ ٻاهرين وجود سان اهي ڪيئن زندهه آهن ۽ انهن جو توليدي عمل ڪيئن مڪمل ٿئي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون گهڻيون دلچسپ آهن. مثلاً مڇيون کليل اکين سان ننڊ ڪن ٿيون. اسان انسانن جي مقابلي ۾ انهن کي اکين بند ڪرڻ جي ضرورت ڪونه ٿي پوي. جتي به وڻين اتي ننڊ ڪري وٺن ٿيون جڏهن ته سندن اکيون کليل رهن ٿيون.

هتي آءٌ توهان کي ٻڌائي ڇڏيان جيڪي مهل تائين آءٌ نه ٻڌائي سگهيو آهيان ته ٻوٽن کي به اکيون آهن. اهي ڪيئن ۽ ڇو آهن، اهو سمجهڻ وٽان آهي، هر هڪ پن جي اک ٿئي ٿي ۽ اهو پن انڌو به ٿي سگهي ٿو جيئن هڪ انسان ٿي پوندو آهي.

اها اک ڪيئن پيدا ٿئي ٿي؟ ان لاءِ توهان کي الله جي روشنيءَ تحت پنهنجي دل ۾ غور و خوض ڪرڻو پوندو. ڇو ته فرمايو ويو آهي:

اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ  (سورة النور: 35)

الله ئي آسمانن ۽ زمين جو نور يا روشني آهي.

ليڪن هي تمام وڏو بحث آهي.

هتي اهو عرض ڪري ڇڏيان ته اهو بحث انهن لاءِ آهي جن پهريائين پنهنجي پيٽ جو بندوبست ڪيو آهي، يعني ان فڪر کان واندا ٿيا آهن. ڇو ته ٿئي ائين ٿو ته جڏهن توهان پيٽ جي معاملي سان نبري چڪا آهيو ته پوءِ توهان جو ذهن اها گهربل خوراڪ حاصل ڪري ٿو، جنهن سان توهان اعليٰ منزلن جو سفر شروع ڪريو ٿا ۽ آسمان ۽ عرش جون ڳالهيون ڪريو ٿا. فقط ان صورت ۾ توهان پاڻ کي هڪ سٺي انسان طور ڏسڻ لڳو ٿا ۽ خدا جي اعليٰ مخلوق ۾ پاڻ کي شمار ڪريو ٿا. مطلب تڏهن توهان هن زميني يا مڇيءَ واري زندگيءَ کان مٿي اڀري اچو ٿا. هتي منهنجو مطلب مڇيءَ جي زندگيءَ جي تحقير ڪرڻ ڪونهي ڇو ته توهان ڏٺو ته ان جي زندگي به هڪ عجوبو ۽ ڪارنامو آهي. منهنجو مطلب صرف ايترو آهي ته مڇي ۽ انسان ۾ وڏو فرق آهي. ليڪن اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته ائين ڇو چيو ويو آهي ته ادا، هو پنهنجي مڇيءَ مانيءَ وارو آهي.

آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته اهو مڇي مانيءَ وارو ئي خدا جي خوبصورت تخليق کي صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ۽ پرکي سگهي ٿو. اسان هن مهل تائين غذا ۽ خوراڪ جي مسئلي بابت ڳالهايو، پر جڏهن پهريائين اهي توهان کي ميسر ٿيندا ته پوءِ ئي توهان وڌيڪ پيش رفت ڪري سگهو ٿا ۽ اهو ئي توهان جو پهريون قدم هوندو. هاڻي الله جو نالو وٺي ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي ماهيگيري يعني فش ڪلچر کي اختيار ڪريو. شال الله توهان جو ساڻي ٿئي.

[  22  ]

اسلامي ڪئلينڊر

(وقت جي جدول)

 

هيءَ صدارتي تقرير علامه صاحب جن 28 آگسٽ 1955ع ۾ سينيٽ هال ۾ ڪئي، ان موقعي جي مقرر بيگم نقوي هئي.

 

خواتين و حضرات! توهان مون سان اتفاق ڪندا ته بيگم نقويءَ اسان کي ڪئليندر بابت مڪمل معلومات ڏني آهي. جيئن توهان ٻڌو ته انسان وقت جي ماپ لاءِ ڪيترائي قسم ۽ طريقا معلوم ڪيا آهن. ڪو وقت اهڙو هو جو فقط ڪنهن واقعي جي ذريعي وقت معلوم ڪيو ويندو هو. ان زماني جي ماڻهن کي ٻيو ڪوبه علم ڪونه هو ته ڪيئن وقت جو تعين ڪجي. ان کان پوءِ سج ۽ چنڊ هر وقت انهيءَ راند ۾ شامل رهيا. اهي انسان جي زندگيءَ لاءِ وقت ماپڻ ۾ مدد ڪندا رهيا آهن. جنهن کي اسين وقت سڏيون ٿا.

توهان ٻڌو ته سج وارو ڪئليندر ۽ چنڊ وارو ڪئلينڊر جيڪي شمسي ڪئلينڊر ۽ قمري ڪئلينڊر سڏبا هئا. چيني، ۽ هندن کي ڇڏي يهودين کي قمري نظام هو جنهن تي مهينا ڳڻيندا هئا. اهي قمري نظام مطابق مهينو ڳڻيندا هئا ۽ پوءِ وڌايل مهيني جو پويون ڏينهن ڳنڍيو ويو. موسم جي تبديلي جيڪا ڪجهه ڏينهن جي نقصان سان اچي ٿي انهيءَ کي Intercalary وڌايل ڏينهن وارو مهينو چئبو آهي. سنڌي ۾ توهان انهيءَ کي ’اڌڪ‘ چئو ٿا يعني جيئن هندو ڳڻين ٿا جيڪي هڪ وقت اڌ مهينو شامل ڪن ٿا. چيني 30 ڏينهن شامل ڪن ٿا ۽ تمام خاص طريقي سان ڪن ٿا. مصري ۽ يهودي وري وڌيڪ خاص طريقي سان موسم کي ٺيڪ ٺاڪ ڪن ٿا. اهو ان ڪري جو هڪ نقطئه نظر موجب چنڊ مطابق ڳڻپ ۾ نقص آهي. جيئن ته اهو موسمن جي رفتار مطابق ڪونهي جنهن ڪري ان کي ٺيڪ ڪرڻو پوي ٿو. ٻئي نموني سان اهو ممڪن ڪونهي. جيئن بيگم نقوي ٻڌايو ته توهان جو مسلم ڪئلينڊر تمام آسان آهي. هڪ هاري به ڳڻي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هيءُ ڏسي ٿو ته چنڊ اچي ٿو ۽ وڃي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته هڪ مهينو پورو ٿيو.

قرآن ئي گهڻو ڪري پهريون ڪتاب آهي جنهن وقت جي نسبتي هجڻ بابت ٻڌايو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته هر ماڻهوءَ جو مختلف وقت آهي ۽ هو پنهنجي وقت کي مختلف طريقي سان ڏسي ٿو، پر اهو طريقو جنهن سان توهان وقت جو حساب ڪريو ٿا قرآن شريف فرمائي ٿو ته اهو توهان جو پنهنجو طريقو آهي. اهو هميشه ساڳي حقيقت ٻڌائي ٿو. سال جيڪي توهان ڳڻيو ٿا اهو ضروري ڪونهي ته ائين ڳڻيا وڃن يا انهن ۾ ڪا حقيقت آهي جنهن کي سال چئون ٿا. قرآن شريف ۾ آهي ته اهو سڀ مصنوعي بندوبست آهي جيڪو انسان پنهنجي سهولت لاءِ پاڻ ٺاهيو آهي. انهيءَ ۾ ڪا حقيقت ڪونهي. پر هڪ ڳالهه اهو ضرور چوي ٿو والعصر ان الانسان لفي خسر جتي يقيناً وقت کي اهميت ڏنل آهي. انسان هميشه خساري ۾ آهي، ڇو ته هن جو وقت گذري وڃي ٿو. مطلب ڪا شيءِ آهي جيڪا وڃي پئي. انسان جيڪو اڄ ننڍو سڀاڻي وچولي عمر جو ۽ ٽئي ڏينهن پوڙهو ۽ پوءِ غائب ٿي وڃي ٿو. قرآن تنهنڪري فرمائي ٿو ته انهيءَ نقطئه نظر سان وقت کي ڏسو.

اهڙي طرح انسان وڏو ٿئي ٿو جيئن سج افق تي اچي ٿو ۽ جيئن چنڊ وڌي مڪمل ٿئي ٿو. پهرين هلال وانگي پوءِ وڌي پورو ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ سنهي ليڪ ۽ پوءِ غائب ٿي وڃي ٿو.

هاڻي ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته عربن وٽ شمسي ڪئلينڊر ڪونه هو. اهي تمام قديمي آهن. انهن وٽ فقط قمري ڪئلينڊر هو ۽ اهي موسمن کي ٺيڪ ٺاڪ نٿا سمجهي سگهن. اها بلڪل غلط سوچ آهي. قرآن ڪريم جي پيغمبر نبي ڪريم ﷺ جن جي مبعوث ٿيڻ کان اڳ شمسي ڪئلينڊر هو جيڪو موسمن تي مشتمل هو. آئون ائين ڇو ٿو چوان؟ انهيءَ حقيقت جو آسان ثبوت اهو آهي ته عربن جي سال جو پهريون مهينو محرم آهي. اهي ان کي ائين چون ٿا. هاڻي اهو مقدس مهينو ۽ جڳهڙي نه ڪرڻ جو مهينو آهي. آئون ائين ڇو ٿو چوان ڇاڪاڻ ته اهو عاسور خدا سان منسوب هو. 9 تاريخ سج اڀرڻ جي تاريخ آهي ۽ جڏهن سج اڀري ٿو ته ڏينهن وڌي ٿو. ڏينهن جي وڌڻ کي عاسور جو ڏينهن چئجي ٿو. محرم جي 9 تاريخ ۽ عاسور جي ڏينهن ان کي مقدس بنائي ڇڏيو ڇو ته اهو ڏينهن سج جي جنم جو ڏينهن آهي. تنهنڪري 9 تاريخ اڄ به گذريل پنج هزار سالن کان وٺي يهودي ماڻهن لاءِ موڪل جو ڏينهن آهي ۽ اهي ان ڏينهن تي روزو رکندا آهن. اهي ان کي عاسور جو ڏينهن سڏيندا آهن. تنهنڪري ان مهيني ۾ وڙهڻ حرام قرار ڏنو ويو ۽ ٻين شين لاءِ حرام هو فقط خدا جي عبادت ۽ ذڪر لاءِ مخصوص هو. خصوصاً ”عاسور“ (عاشور) خدا يعني سج جي خدا لاءِ جيڪو 9 محرم تي ڄائو هو. اهو يقيناً ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو 9 جنوري اهوئي ڏينهن آهي جڏهن سج حقيقت ۾ اڀريو ۽ اتان کان ڏينهن وڌڻ لڳي ٿو.

جڏهن جهنگلي ٻوٽن جي ڦڪن گلن سان ٻنيون ڍڪجي وڃن ٿيون. اهو انهيءَ ڪري زرداڻ جو مهينو سڏبو آهي. هتي وري سرنهه جا ڦڪا گل نڪرن ٿا ۽ دهلاري ٿورا ڦڪا گل کڻي پنڻ وڃي ٿو ته بهار اچي وئي آهي. بسنت اچي وئي آهي. بسنت توهان کي خبر آهي ته انگريزيءَ ۾ ان کي (Charlock) چئبو آهي. گل جيڪي تيل لاءِ پوکبا آهن تنهن کي سرنهه چئبو آهي. نباتاتي علم موجب اسين ان کي (Charlock) چئون ٿا ۽ اهي گل زردا ٿين ٿا تنهنڪري هندو ان کي بسنت چون ٿا. عرب ان کي صفر چون ٿا. جڏهن ڦڪا گل پهرين نڪرن ٿا ته اها بهار جي شروعات آهي.

هاڻي جڏهن صفر پورو وڃي ٿو ته پوءِ ڪهڙو مهينو اچي ٿو؟ ربيع الاول ۽ ربيع الآخر، ربيع معنيٰ چيٽ اچي ويو. اهڙي طرح عربن جي مهينن سان موسم ٺيڪ هلي ٿي ۽ ان کان پوءِ عربن جو ڪهڙو مهينو آهي؟ جمادي الاول ۽ جمادي الثاني، مئي ۽ جون يعني خشڪ مهينا. جمادي معنيٰ آهي خشڪ. عربن جي موسم مطابق ٺيڪ نالا رکيا آهن. هاڻي توهان چوندا ته رجب المرجب ڇا آهي؟ اهو گهڻو مرجب ڪونهي اهو فقط رجب آهي جنهن جي بنياد مرجب آهي. اهو مرجب ڪونهي اهو لفظ رجب آهي جنهن جي معنيٰ آهي وڻ کي ٽيڪ ڏيڻ. جڏهن وڻ تي ميوي جو وزن وڌي وڃي ٿو تڏهن هاري ڪاٺين جا لڪڙا کڻي کجيءَ جي ڳورن ڇڳن کي ٽيڪ ڏي ٿو ته جيئن اهي ڪري نه پون. کجين جي وڻ کي ٽيڪ ڏيڻ کي رجب چئجي ٿو. اهو وقت جڏهن کجين جا وڻ پڪل ڳوري ميوي سان ڀريل هوندا آهن ته انهن کي ٽيڪ ڏبي آهي ته جيئن وڻ ڀڄي نه پوي ۽ کجيون ڪري نه پون ۽ مالڪ کي نقصان نه ٿئي.

هاڻي رجب کان پوءِ شعبان آهي انهيءَ جي معنيٰ پڻ ساڳي آهي يعني کجين جا ڇڳا. شعبان کان پوءِ رمضان جو مهينو اچي ٿو جيڪو سال جو گرم ترين مهينو آهي ۽ رمضان جي معنيٰ آهي گرم. اهڙي طرح ذوالقعد ۽ ذوالحج اچن ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهن. شوال مون کي وسري ويو. شوال معنيٰ پاڻيءَ جو گهٽجڻ ۽ خشڪ ٿيڻ. شوال اهو مهينو آهي جنهن ۾ پاڻي گهٽجي ٿو. هتي ويٺل سنڌي ماڻهوءَ لاءِ آئون چوندس ته اهو ڏينهن اهو  آهي، جڏهن اسين چئون ٿا:

ڪانئرو وڻ چڙهيو، جوئر ڀيلي ڀيلي، پوءِ اسين چئون ٿا ته:

ڪانگن سنگ اڏايا، پاڻي موٽيا پوءِ.

جڏهن ڪانگ پنهنجي ٻچن کي وٺي اڏامي ٿو ته پاڻي گهٽجي وڃي ٿو، يعني موٽ کائي ٿو. اهو مهينو شوال سڏيو وڃي ٿو جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي ته پاڻيءَ جي خشڪي ٿي وئي آهي. اهڙي طرح رمضان کان پوءِ شوال اچي ٿو. پوءِ کجيون کائو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو هڪ ٻئي کي مڪون هڻو. تنهنڪري انهن چئن مهينن ۾ وڙهڻ کان منع ڪيل آهي. الله واسطي انهن مهينن ۾ نه وڙهو توهان جو پيٽ گرم کارڪن سان ڀريو پيو آهي تنهنڪري توهان وڙهڻ لاءِ تيار آهيو پر نه وڙهو. اهو حرام آهي ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم ۾! هاڻي ذوالقعد معنيٰ اهو مهينو آهي جنهن ۾ توهان ضرور گهر ۾ ويهي آرام ڪريو. توهان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. کجيون گڏ ڪيون آهن ۽ فصل گڏ ڪيو آهي تنهنڪري هن مهيني ۾ گهر ۾ رهو. هاڻي ذوالحج يعني ڊسمبر آيو آهي جيڪو ٿڌو مهينو آهي هاڻي حج لاءِ وڃو. اهو هلڻ، ڊوڙڻ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ پيارو مهينو آهي. هاڻي ريگستان ڪافي ٿڌو آهي ته جيئن مڪي ڏانهن سفر ڪري سگهجي. ياد رکو اهي سال جا سڀ مهينا موسم جي مطابق مقرر ٿيا هئا.

ليڪن پيغمبر اسلام فرمايو ته ڪئلينڊر جي باري ۾ اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر اهو توهان جو هٿراڌو بندوبست آهي. اهو توهان کي وقت جي صحيح تصور کان پري وٺي وڃي ٿو. توهان رات ۽ ڏينهن جي غلامي ڪريو ٿا ۽ توهان وساري ويهو ٿا ته سٺ سال ساڳئي نموني ۾ ڪيئن گذري ويا. لهذا ان ۾ تبديلي ضروري آهي ته جيئن توهان کي هڪ قسم جي حالتن بجاءِ تبديليءَ جو هر وقت احساس ٿيندو رهي ته هاڻي نه رڳو اهي مهينا ۽ موسمون گذري رهيون آهن، بلڪه پوري ڪائنات بدلجي رهي آهي. اها حقيقت توهان جي ڪئلينڊر کان وڌيڪ اهم آهي.

هاڻي عربن جو ٻيو مهينو آهي صفر! هاڻي توهان ٿورو غور ڪريو ته ان جي معنيٰ ڇا آهي. صفر جي معني آهي ڦڪو يا زرد. اهي ان کي زرد ڇو سڏيندا هئا؟ توهان کي ’صفراوي‘ لفظ جي خبر آهي. توهان چئو ٿا ته اها پت آهي. توهان مان جيڪو عربي نه ڄاڻندو هجي ته ان کي ان طرح سمجهايو، صفر جي معنيٰ آهي زرد، صفراءِ، معني زرد. پت جيڪا زردي هوندي آهي ماڻهو ان کي صفراءِ سڏين ٿا. ڇا توهان ٻي ٻوليءَ ۾ اهڙو لفظ ڄاڻو ٿا جنهن کي ماڻهو ڪئلينڊر ۾ زرد سڏين ٿا!

سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ’بسنت‘ جي معنيٰ آهي زرد ۽ توهان ان کي بسنت پڇمي چئو ٿا. هاڻي اها بسنت پڇمي آهي. زرد ظاهر ٿيو آهي. هاڻي اهو زرد ڇا آهي؟ عرب به چون ٿا زرد ۽ هندو به زرد چون ٿا. هر هنڌ بسنت ۽ صفراءِ لفظ استعمال ٿئي ٿو. زردي جي حقيقت ڇا آهي. اهي ماڻهو جيڪي يورپ ۾ رهي آيا آهن ۽ گلن جو نظارو ڪيو اٿن اهي زردي لفظ جي معنيٰ ڄاڻن ٿا. بهار جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي موسم کان پوءِ زردا گل نڪري اچن ٿا. سرديءَ کان پوءِ برف واري زمين تي ڪوبه گاهه ڦٽل ڪونه ٿو رهي. هاڻي برف جو وجود ختم ٿي ويو ۽ ڦڪا گل نڪري اچن ٿا. انگلينڊ ۾ ڪروڪس ۽ ڊيفوڊلس ٽڙي يا کلي پون ٿا. جيئن هڪ شاعر چوي ٿو ته ڊيفوڊلس هر طرف پکڙيل آهي. اهڙي طرح ان وقت هرڪو پنهنجن پيارن کي ياد ڪري ٿو. ڊيفوڊلس هرهنڌ اڀريل هوندا آهن ۽ اهي ڦڪا گل آهن جيڪي توهان مان ڪن ڏٺا هوندا. اسين انهن کي خاص طور وري ڏسڻ چاهيون ٿا. جيتوڻيڪ اسين چار سال اڳي ڏسي آيا آهيون پر اسين وري واپس وڃڻ چاهيون ٿا. رڳو مارچ ۾ ڊيفوڊلس گل ڏسڻ لاءِ!

اهڙي طرح پوري ملڪ جا سڀ ننڍا وڏا پيچرا (Celandine) يعني زرد گلن واري جهنگلي ٻوٽي سان ڇانيل هوندا آهن. اهو سڀ ڪجهه علم نباتات جا ڄاڻو سمجهن ٿا. هتي ڪو علم نباتات جو ڄاڻو ويٺل ڪونهي! هتي ڪروڪس جو ڦڪو گل معنيٰ (Salfron Flower) زعفران يا ڪيسر مان ڪروڪس (Crocus) ۽ ڊيفوڊلس جيڪي باغ ۾ اڀرن ٿا. توهان کي هيءَ جمودي ڪيفيت آرام ۾ نه وجهي ڇڏي ته اها آرام واري حياتي آهي. بس هاڻي هيءَ موسم ايندي ۽ هوءَ موسم ايندي. ڀلي رمضان جو مهينو اچي ۽ سياري جا مهينا اچن پر توهان کي محسوس ٿيندو ته ڪائنات ۾ ڪجهه تبديلي آهي. شيون تبديل ٿين ٿيون ۽ اهي هميشه هڪ جهڙيون نه رهنديون. تنهنڪري اهو آسان ڪئلينڊر بنايو ويو ته جيئن هڪ عام هاري به بنا ڪنهن علم نجوم ۽ ستارن جي علم کان سواءِ مهينا ڳڻي سگهي. انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ توهان ڏينهن ۽ رات جي چڪر مان نڪرو ۽ سوچيو ته ڏينهن ۽ رات ڇا آهن! بلڪل اجايا!

هاڻي مهربان مون سان گڏ هلو! پنهنجون اکيون بند ڪري هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪريو. اهو وقت ڪجهه به ڪونهي سواءِ توهان جي ٺاهيل هٿراڌو حساب ڪتاب جي! هتي وقت جهڙي ڪابه شيءِ ڪونهي جيڪڏهن توهان هن حياتيءَ کان پوءِ واري حياتيءَ کي بنا ڪنهن سج ۽ چنڊ جي رڪاوٽ جي ڏسندا، توهان کي اهو قطعي معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪيئن اندازو ڪجي توهان کي فقط پنهنجي ڄمڻ جي واقعي جنهن کانپوءِ توهان وڏا ٿيو ٿا ۽ وقت اندر پوڙها ٿيو ٿا، باقي هونءَ وقت جو ڪو اندازو ڪونهي. اهو ئي هر انسان لاءِ وقت جو پيمانو آهي. اهو اسان جي هٿ جو ٺاهيل ٽائيم آهي جنهن کي سيريل ٽائيم چئون ٿا ۽ انهيءَ جو وجود نه رهندو. هن کي سيريل ٽائيم چئون ٿا ۽ هر فيلسوف ڄاڻي ٿو ته اهو فقط انسان جو مصنوعي ٽائيم آهي جنهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي.

هاڻي آئون ائين ڇو ٿو چوان ته ان ۾ ڪا حقيقت ڪونهي. توهان جون راتيون ۽ ڏينهن ڪجهه آهن. هاڻي جيئن مون چيو ته پنهنجون اکيون بند ڪريو ۽ مون سان گڏ هلو. ائين توهان ڪندا؟ آئون نٿو سمجهان ته توهان ائين ڪندا. مون اهڙيءَ طرح چاليهه سال ڪيو آهي پر آئون نٿو سمجهان ته توهان ائين ڪندا. آئون توهان کي ٻن منٽن ۾ ائين ڪرڻ سيکاري ڇڏيندس. پر ڪوشش ڪريو ته اهو محسوس ڪريو ته توهان جون اکيون ڪونه ٿيون ڏسن. ڪوشش ڪري ڏسو ته توهان هڪ گولي تي ويٺا آهيو جيڪو مسلسل هلي رهيو آهي. توهان ان تي هڪڙي ننڍڙي جيت وانگر چهٽا پيا آهيو. اهو گولو بنا ڪنهن رڪجڻ جي ڦري رهيو آهي، اهو چوڌاري چڪر ڪاٽي رهيو آهي ۽ جيئن ئي اهو بتيءَ جي ڪنڊ تي جيڪا هن جي اڳيان ٻري رهي آهي اتي پهچي ٿو توهان چئو ٿا ته اوندهه ٿي وئي ۽ چئو ٿا ته رات اچي وئي پر ڪا حقيقي تبديلي ڪونه آئي آهي. اهو گولو ڦري رهيو آهي ۽ توهان ان جي چوٽيءَ تي چنبڙيا پيا آهيو. اها هڪ حقيقت آهي. باقي ٻيو سڀ توهان جي پنهنجي هٿراڌو سوچ ۽ سمجهه آهي. ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

هاڻي هن وڏي گولي تي جنهن تي توهان هڪ ننڍڙي جيت وانگر چهٽيا پيا آهيو هڪ منٽ لاءِ غور ڪريو ته هي گولو مسلسل هلي رهيو آهي جنهن کي ڪا رڪاوٽ ڪونهي نڪو ڪا ٽيڪ اٿس. اهو فقط هلي رهيو آهي بنا ڪنهن رڪجڻ ۽ بنا ڪنهن سهاري جي. توهان سوچيو ته جڏهن اها ڪنڊ تبديل ٿئي ٿي ته وري سج جي روشني اچي ٿي. اهڙي طرح رات ڏينهن ٿين ٿا. اهو ڇا آهي؟ ڪجهه به نه فقط اها ڌرتي مسلسل هلي رهي آهي. اسين رسم جا پوئلڳ آهيون. جيتوڻيڪ سئيڊن جو ويچارو رهاڪو (Swedish) ڏسي ٿو ته اڃان سج ڪونه اڀريو آهي تڏهن به چوي ٿو ته هاڻي ڏينهن ٿي ويو آهي. هنن ماڻهن وٽ سياري ۾ سج فقط هڪ ڪلاڪ اڀري ٿو. ڇو ته سياري ۾ 23 ڪلاڪ رات جا ٿيندا آهن ۽ اونهاري ۾ وري هڪ ڪلاڪ رات 23 ڪلاڪ ڏينهن، تنهن هوندي به اهي ڏينهن رات سڏين ٿا. ويچاري انسان لاءِ حقيقت ڇا آهي؟ حقيقت ۾ ڏينهن رات جي ڪا حقيقت ڪونهي. توهان سج جي روشني حاصل ڪريو ٿا ۽ پوءِ اونداهي ٿئي ٿي پر ڌرتي ساڳي نموني چڪر لڳائيندي رهي ٿي، اصل حقيقت اها آهي ته توهان هڪ پن وانگر ڌرتيءَ مان پيدا ٿيا آهيو ۽ وڌي وڌي پنجن فوٽن جا ٿيو ٿا. پوءِ مون وانگر پوڙها ٿي وڃو ٿا ۽ پوءِ آهستي آهستي گم ٿي وڃو ٿا. اهوئي سڀ ڪجهه آهي. ٻي حقيقت فقط اها آهي ته اهو گولو (ڌرتي) مسلسل گهمندو رهي ٿو. ان کان وڌيڪ ڪا حقيقت ڪونهي. وقت جو وجود ڪونهي، رات ۽ ڏينهن جو وجود ڪونهي. ڪنهن به شيءِ جو وجود ڪونهي. اهو سڀ ڪجهه توهان جو پنهنجو ٺهيل آهي. ڪهڙو نه بهترين ڪئلينڊر آهي! ڪهڙو نه بلڪل ٺيڪ ڪئلينڊر آهي! منٽ ۽ سيڪنڊ جو توهان حساب ڪري سگهو ٿا. اهي توهان سان ڪهڙي چڱائي ڪن ٿا. هائو، سٺ سال پورا ڳڻيا ويا جيڪي گذري ويا. ڪئلينڊر ڇا ٿو ڪري سگهي ڀلي ڪهڙو به مڪمل هجي صحيح يا صحيح نه هجي. اهي توهان جي ڪيئن مدد ڪندا؟ ڪجهه به نه! توهان اهڙن اسڪولي ٻارن جي مثل آهيو جيڪي چون ٿا ته منهنجو ڪئلينڊر مڪمل آهي. ڀلي اهو بلڪل مڪمل هجي ۽ هڪ سيڪنڊ به ضايع نه ٿيل هجي.

موسمون بلڪل ٺيڪ اچن ٿيون جيئن گذريل سال آيون هيون. مڪمل ڳڻپ مان هڪ سيڪنڊ به ضايع نه ٿيو آهي جيئن مون توهان کي ٻڌايو ته ڪئلينڊر معنيٰ وياج جو ڪتاب رکڻ. يهودي وياج خور هوندا هئا تنهنڪري اهي ڪئلينڊر ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندا هئا. اهڙي طرح ٿي سگهي ٿو ته توهان به ڪو اهڙو وياج جو ڪتاب رکيو هجي ۽  چوندا ته هيترو نقصان ٿيو ۽ هيترو فائدو ٿيو. اهو لکندا هوندا. هيترو ڏنو ويو. هيترو اڃان ڪونه مليو آهي ۽ هيترو ڪونه ملندو. ان کي ليڪ ڏيئي ڇڏيندا. توهان ان ڪئلينڊر بابت ضرور لکندا جيڪو توهان چاهيو ٿا. پر حقيقت اها آهي ته فقط ٻه شيون آهن. هڪ ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري رهي آهي نڪو ڏينهن آهي نڪا رات آهي ۽ نڪو سال ۽ نڪو مهينا آهن. ٻيو توهان جيڪي انهيءَ تي چهٽا پيا آهيو ۽ وڌي رهيا آهيو ۽ پوءِ مرجهائجي ختم ٿي وڃو ٿا.

ڌرتي به عجيب طرح بغير ڪنهن ٽيڪ جي قائم آهي فقط هڪ وعدو ڪيل اٿس ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي ۽ ان جو وجود باقي نه رهندو. اها هڪ يقيني حقيقت آهي، جنهن کي سائنس ثابت ڪيو آهي. اها سائنس جنهن کي توهان ٿرموڊائنامڪس (Thermodynamics) چئو ٿا. اهڙي طرح توهان جي ڪئلينڊر بابت شماريات ٿرموڊائنامڪس جي ٻئي قانون مان ٺاهيل آهي. توهان جون اهي عجيب مصنوعي وقت جون بناوتون سڀ ختم ٿي وينديون، بهرحال آئون توهان کي ٻڌائيندس ته وقت نوٽ ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.

خواتين و حضرات! توهان کي اهو طريقو آئون ٻڌايان ٿو جيڪو گهڻو مددگار ٿيندو جڏهن توهان ختم ٿيڻ تي هوندا. ماضيءَ ۾ هيءَ اها اڻ ٻڌل گفتگو سمجهڻ کپي، جيڪا ننڍپڻ ۾ جڏهن آءٌ ڇوڪرو هئس. بلڪه جڏهن آئون ڪجهه به ڪونه هئس. پر جيئن آئون چوان ٿو ته پهريائين (نطفة امشاج) فقط ٻن خلين جو ميلاپ ٿيو، ٻيو ڪجهه به نه هو. حياتيءَ جا ٻه سيل (Cell) جن مان آئون ننڍڙو ٻار پيدا ٿيس. هر شيءِ ڏانهن ڏٺم، بلڪل وڻن جي پنن وانگر! پوءِ آئون وڌڻ شروع ٿيس. ڇا آئون ان واڌ ۾ شعوري طور پاڻمرادو ان منزل تي پهتس جيڪا مون حاصل ڪئي آهي. جيڪڏهن مون پاڻ حاصل ڪئي آهي ته پوءِ منهنجو ڪئلينڊر ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪو قائم رهندو، پر مون کي پتو پيو آهي ته انهيءَ ٽائيم جو وجود ڪونهي جيڪو هميشه رهي، چاهي آئون ختم ٿي وڃان ۽ دنيا جا سڀ ڪئلينڊر ختم ٿي وڃن. البت مون هڪ ٺوس حقيقت حاصل ڪئي آهي جيڪا رهندي، اهوئي صحيح ڪئلينڊر آهي ته معلوم ڪجي ته آئون ڪيترو وڌيو آهيان، ڌرتيءَ ڪيتري واڌ کاڌي آهي. انسان ۽ انسانيت ڪيترو واڌ کاڌي آهي. اهوئي ڪئلينڊر آهي ٻيو ڪوبه ڪئلينڊر ڪونهي. سڀئي مصنوعي انتظام آهن جيڪي توهان ٺاهيا آهن ۽ جن تي توهان عمل پيا ڪريو اهي توهان سان گڏ ختم ٿي ويندا، جيڪي بلڪل مصنوعي آهن. اهو توهان تي منحصر آهي. مثال هڪ هندو جوڳيءَ وانگر هڪ مهيني لاءِ ساهه بند رکي آئون ڏسان پيو ته سج اڀري پيو ۽ ڏسان پيو ته سج غروب ٿئي ٿو، تڏهن آئون چوندس ته هڪ ڏينهن پورو ٿيو.

قرآن شريف فرمائي ٿو ته اهو ڏينهن جنهن ڏينهن ملائڪ هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجون اختيار هلائيندا ته اهو ڏينهن پنجاهه هزار سالن جو هوندو ۽ اهو ڏينهن جڏهن اهي قبرن مان اٿندا ته اهو ڏينهن به پنجاهه هزار سالن جو هوندو. اهو پنجاهه هزار سالن وارو ڏينهن ڪيئن ڳڻبو. سوال پيدا ٿئي ٿو ته وقت جي حقيقت ڇا آهي؟ ڪئلينڊر جي حقيقت ڇا آهي ۽ اسان جي زندگيءَ جي حقيقت ڇا آهي؟ دراصل اهو ئي سمجهڻ جو نقطو آهي ۽ نڪو شمارياتي ڪئلينڊر. اصل ۾ اها حقيقت يا شيءِ حاصل ڪرڻي آهي، جنهن سان توهان هن سرڪش ڌرتي جا لوڏا سهي سگهو، باقي اها ڦري رهي آهي ۽ ڦرندي رهندي ۽ آخر هڪ ڏينهن گم ٿي ويندي جنهن کي نه ڪا مدد نه ڪا ٽيڪ ۽ نه ڪو سهارو ڏنل آهي. اسين ننڍڙن جيتن وانگر ان جي مٿان چهٽا پيا آهيون. ان ڪشادي جڳهه تي جتي تمام وڏو فاصلو آهي تارن، چنڊ ۽ سج جي وچ ۾!

اسان ڪئلينڊر جو نالو ڇو ڏيون ٿا. گل اهي کڻي موسمي آهن يا غير موسمي آهن، سڀئي شمار ٿين ٿا. گل اچن ۽ وڃن ٿا. بهار اچي ٿو ۽ اونهارو وڃي ٿو. سرءُ اچي ٿي ته پويان سيارو اچي ٿو ۽ سيارو وڃي ٿو. اهڙي طرح سال بسال ائين ٿئي ٿو. اڄ اسان ايڪويهه سالن جي ڄمار ۾ آهيون. سڀاڻي ٽيويهه سال ۽ ان کان پوءِ چوويهه سالن جي ڄمار جا ۽ پوءِ اسين غائب ٿي وڃون ٿا. ڀلا، اهڙي ڳڻپ جو ڪهڙو فائدو جڏهن ته اسين انهيءَ گم ٿيندڙ گهڙيءَ جو استعمال ڪونه ٿا ڪريون نڪو سال جو؟

واديء عشق بسي دور   دراز است ولي،

                               طي شود جاده صد ساله به آهي گاهي.  (اقبال)

معنيٰ: عشق جي وادي تمام گهڻي ڏورانهين آهي، پر اهو سئو سالن جي پنڌ وارو رستو به نيٺ روئڻ رڙڻ سان هلي پورو ٿئي ٿو.

سئو سال ڪنهن شيءِ حاصل ڪرڻ کان سواءِ گذري وڃن، پر هڪ وقفي ۾ سئو سالن وارو سفر طئي ٿي وڃي، پر اها هڪ گهڙي جيڪا سچ ۽ حقيقت جي فڪر ۾ گذري، جنهن کي ڪنهن سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪونهي. ٿي سگهي ٿو ته اها زندگيءَ بابت اهڙي معلومات ڏئي وجهي، جيڪا کين دفعا ان کان وڌيڪ دائمي هجي، جنهن کي توهان ٽائيم چئو ٿا.

مهربان! جيڪڏهن توهان هن پوڙهي ماڻهوءَ کان ڪو سبق حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان 24 ڪلاڪ مان فقط پنج منٽ سوچيو. هن ڌرتيءَ تي سفر ڪندي سمجهو ته ڪو حقيقي ڏينهن ۽ رات نه آهي. اهو سڀ توهان جو پاڻ ٺاهيل آهي. توهان جي ڏينهن ۽ رات بلڪل مصنوعي شيءِ آهي جنهن کي ڪو وجود ڪونهي. اهو توهان ايجاد ڪيو آهي ۽ اها سڀ ڪجهه توهان جي سمجهه آهي ۽ ٿوري وڌيڪ سمجهه ان کي گم ڪري ڇڏيندي. اهڙي ڪابه شيءِ رات ۽ ڏينهن جي نالي سان ڪونهي ۽ وقت جهڙي ڪابه شيءِ ڪونهي، جڏهن توهان ان کي سمجهندا.

جڏهن توهان حقيقت جي قريب ويندا ته اهي حقيقتون سج جي روشنيءَ وانگر صاف نظر اينديون پر توهان کي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. ايترو ڪم جيترو توهان شمارياتي ڪئلينڊر لاءِ ڪريو پيا اوتروئي توهان کي متحرڪ ڪئلينڊر لاءِ ڪرڻو پوندو جيڪو مڪمل حرڪت آهي. انهيءَ ۾ شماريات جهڙي ڪابه شيءِ ڪونهي. ان جو مطلب حقيقت کي حرڪت جي ذريعي حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا تبديليءَ کي  محسوس ڪرڻ سان آهي ته تبديلي ضروري شيءِ آهي ۽ سڀ شيءِ ڦري رهي آهي. اها گهڙي فقط ورهائي وئي آهي جنهن کي اسين وقت سڏيون ٿا. انهيءَ جي حقيقت چرپر (Movement) کان وڌيڪ ڪونهي. اها چرپر مصنوعي طريقي سان ورهائي وئي آهي جنهن کي اسين سيريل ٽائيم چئون ٿا. اهوئي سڀ ڪجهه آهي. اهو تحرڪ مصنوعي طريقي جي ذريعي ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ڪابه حقيقت ڪونهي. تنهنڪري شمارياتي ڪئلينڊر مطابق بهار جي موٽي اچڻ ۽ سياري جي موٽي اچڻ جهڙي دلبي ۾ نه اچو. اهي موسمون اينديون رهنديون، پر هڪ ڏينهن انهن جي موٽي اچڻ کان اڳ اسين گم ٿي وينداسين. اسان لاءِ انهن جي وڌيڪ واپسي ڪونهي. ان سلسلي ۾ توهان ڪيترين موسمن کي ڳڻيندا. بهار لاءِ ترسڻ ته ڊيفوڊلس جهڙا خوبصورت گل اچڻ وارا آهن. هاڻي جون وارا گل ايندا. انتظار جاري رهندو. ٽي مهينا گلن جا ۽ ٽي مهينا ڊيفوڊلس جا ختم ٿيڻ کان پوءِ سال پورو ٿيندو. اسين وري ٻي بهار ۽ ٻي سرءُ جو انتظار ڪرڻ لڳنداسون.

تنهنڪري خواتين و حضرات! انهيءَ ٽائيم کي هوش سان ڏسو ته انهيءَ جي ڪا حقيقت ڪونهي. حقيقت فقط ايتري آهي ته توهان ڌرتيءَ تي ڪيتري وقت تائين آهيو، جڏهن ته ڌرتي حقيقت ڪونهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org