سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب:

صفحو:2 

يورپ جي تاريخ ۾ عام  طور ۽ انگلنڊ جي تاريخ ۾ خاص طور اهو زمانو نهايت پُرآشوب هو ۽ پهرين عالمگير جنگ جي اثرات اتان جي سماج کي نئين سماجي سوچ ۽ فڪري هلچل ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. روسي اشتراڪي انقلاب جي ڪري نوان فڪري محاذ پيدا ٿي رهيا هئا، ماديت جا نوان نظريا ۽ پرچارڪ سامهون اچي چڪا هئا. 1932 ۾ انگلنڊ جي مشهور مفڪر ۽ ڊرامانگار برنارڊشا ’ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾‘ (Adventures of the Black Girl in Search of God) نالي هڪ ننڍڙو ناول لکيو جنهن ۾ هن خدا ۽ مذهب جي تصور کي زير بحث آڻيندي، ان کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، جنگ جي اثرات انساني ذهنن ۾ اڳيئي نراسيت ۽ مايوسيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي جنهن ڪري برنارڊشا جي ناوليٽ کي چڱي خاص پذيرائي ملي رهي هئي ۽ علمي حلقن ۾ ان جو وڏو چرچو هو، انهيءَ پس منظر ۾ علامه صاحب ۽ سندس گهرواريءَ اهو پڪو پهه ڪيو ته برنارڊشا جي نظريات جو علمي جواب ڏنو وڃي. آخر  هڪ ئي سال جي اندر هنن ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“  (Adventures of the Brown Girl in Search of God)  لکي منظر عام تي آندو، جيڪو 1933 ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مذهب تاريخي طور مختلف مرحلا طي يا ترقي ڪندي ڪيئن انساني ذهن جي آبياري ڪئي آهي ۽ سماجي افاديت جي لحاظ کان مذهب جو وجود ڪيئن اڻٽر آهي. بلڪ مذهب جهڙي اداري جو انساني تاريخ ۾ هر مرحلي تي طاقتور ۽ برقرار رهڻ ۽ انسان جي روحاني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ئي مذهب جو وڏي ۾ وڏو سماجي ڪارج آهي.

اهوئي زمانو هو جڏهن علامه صاحب 1934 ۾ ’جميعت المسلمين‘ نالي هڪ نئين انجمن جو بنياد وڌو. اسان جي نظر مان ان انجمن جي هڪ رپورٽ گذري آهي. جنهن ۾ علامه صاحب جو نالو ’باني‘ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ صدر طور غلام محمد جو نالو اچي ٿو. انجمن جي ڪاغذن ۾ ’مسجد ٽرسٽ فنڊ‘ جي نالي ۾ ڇهن ماڻهن جا  نالا به ڄاڻايل آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هو لنڊن ۾ مسجد قائم ڪرڻ لاءِ پڻ سرگرم هئا. علامه صاحب ۽ ساٿين هن نئين پليٽ فارم تان ڪيترين سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. جن مان هڪ ٻه قابل ذڪر سرگرمين طرف اشارو ڪجي ٿو. 1935 ۾ سعودي بادشاهه عبدالعزيز جو پٽ امير سعود پهريون دفعو لنڊن سرڪاري دوري تي آيو ته جميعت وارن خط لکي کيس جميعت جي ڪاررواين کان واقف ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان سان گڏ لنڊن ۾ مسلمانن جي لاءِ مسجد قائم ڪرڻ طرف سندس ڌيان ڇڪايو. ان خط ۾ جميعت جي اغراض و مقاصد تي روشني وجهندي ٻڌايو ويو ته لنڊن جي شهر ۾ ٽي سؤ کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا، جن ۾ شاگردن، ۽ مهمانن جو تعداد شامل ناهي پر مسلمانن لاءِ ڪا مرڪزي جڳهه موجود ناهي، جتي هو گڏ ٿي سگهن يا جمع جي نماز ادا ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ جميعت المسلمين جمع نماز جي اجتماع لاءِ ڪرايي تي ڪو هال حاصل ڪري ٿي جتي جمع نماز ادا ڪئي وڃي ٿي. جميعت جو ٻيو مقصد اهو بيان ڪيو ويو ته اها وقتاً فوقتاً ننڍا وڏا اجتماع منعقد ڪندي رهي ٿي، جتي دين اسلام جي فهم ۽ ضروري مسائل جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي.

1937 ۾ جميعت المسلمين طرفان 19 مئي 1937 تي منظور ڪيل ٺهراءَ جي ڪاپي سعودي عرب جي سفير کي موڪلي وئي، جنهن جو مقصد ڪجهه هن ريت هو:

”جميعت جو صدر ۽ ٻيا عهديدار توهان کي جميعت جي دفتر ۽ 21 مئي جي متوقع آمد تي خوش آمديد چون ٿا ۽ توهان جي استقبال جي دلي تمنا رکن ٿا، اميد ته توهان ڊورچيٽر هوٽل ۾ شرڪت لاءِ تشريف فرما ٿي اسان جي عزت افزائي ڪندا.

بهرحال اسين نهايت ادب ۽ احترام سان جيڪو اسان کي توهان جهڙي هستيءَ لاءِ اسان جي دلين ۾ موجود آهي، اهو ضروري سمجهون ٿا ته توهان جو ڌيان انهن فرسوده ۽ مدي خارج القابن طرف ڇڪايون. جهڙوڪ ’بادشاه‘ يا ’بادشاهت‘ يا شاهي ’تاج‘ وغيره. اهي القاب ڪعبة الله ۽ مسلمانن جي اڳواڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن جيڪي سراسر اسلامي تعليمات جي منافي ۽ بنيادي قدرن جي خلاف آهن، وڏي ڳالهه ته موجود دور ۾ جڏهن دنيا جي ٽين حصي کان وڌيڪ قومون پنهنجي اڳواڻ لاءِ صدر (امام) جهڙو لقب اختيار ڪيو آهي، جيڪو قرآني تعليمات سان ٺهڪي اچي ٿو، اختيار ڪيو، تڏهن مسلمانن طرفان اهڙو جاهليت جي زماني جو لقب وقت جي رفتار ۽ ترقيءَ جي خلاف پيو محسوس ٿئي، جنهن سان مسلمانن جي مخالفن کي روايتي الزامن جهڙوڪ دقيانوس ۽ رجعت پرست هئڻ جو پورو موقعو ملي ويندو.

 

علامه صاحب جون لنڊن ۾ جميعت جي پليٽ فارم تان اتي رهندڙ مسلمانن کي عيدين تي گڏ ڪرڻ ۽ هڪ مسجد جي قيام بابت آخر اهي ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ 1941 ۾ 23 مئي تي نئين قائم ڪيل مسجد ۾ پهرين نماز ادا ڪئي وئي. مسجد جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ پڻ قائم ڪيو ويو. مسجد جي قائم ٿيڻ کان پوءِ لئبرري ۽ اسلامي سينٽر جو قيام به عمل ۾ آندو ويو، اهڙيءَ طرح لنڊن ۾ رهندڙ مسلمانن جي ٻين معاشرتي ضرورتن جهڙوڪ شادي وغيره جي موقعي تي اجتماع، تدفين وغيره ۽ زڪواة فنڊ جي قيام لاءِ به گهربل قدم کنيا ويا. بلڪ عاشوره ۽ عيد ميلادالنبي تي گڏ ٿيڻ جو اهتمام پڻ ٿيڻ لڳو.

جيتوڻيڪ علامه صاحب ۽ سندس گهر واري لنڊن جهڙي عالمي مرڪز ۾ هڪ قسم جي آدرشي زندگي گذاري رهيا هئا ۽ اهو آدرش هو، تعليم ۽ تبليغ. تاهم هو سنڌ جي حالتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيا هئا. پهرين اپريل 1936 تي جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي هڪ الڳ صوبي جي حيثيت اختيار ڪئي ته هنن جي ذهنن ۾ سنڌ جي سجاڳي ۽ ان ۾ تعليم جي اهميت ٻين سڀني ڳالهين تي حاوي ٿي وئي. انهيءَ مقصد ۽ مشن سان علامه صاحب گهر واري سميت اپريل 1938 ۾ ڪراچي پهتو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي ۾ وائيس پرنسپال جو عهدو خالي هو، سو علامه صاحب بورڊ کي لکت ۾ پنهنجي ارادي کان واقف ڪيو. ليڪن ڪن مخصوص حالتن سبب سندس اهو خواب پورو ٿي نه سگهيو. 1940 ۾ علامه صاحب ڪراچي ۾ پيسٽونجي عمارت ڪرايي تي وٺي ان ۾ ڇوڪرن لاءِ رهائشي تعليم ۽ تربيت  (Boarders) واري تصور مطابق آغاز ڪيو ۽ ان جي مئنيجر يا مهتمم طور ذميواريون محمد مرتضيٰ قاضيءَ جي حوالي ڪيون. مرتضيٰ قاضي اصل ۾ هندستاني هو پر جيئن ته سندس هڪ ڀاءُ اڳيئي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو، هو پاڻ به اچي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو. ان دوران سندس واسطو علامه صاحب سان پيو جنهن کان پوءِ هو علامه صاحب جو وڏو معتقد بنجي ويو ۽ علامه صاحب جو به مٿس گهڻو اعتماد هو. 1940 کان 1950 تائين مرتضيٰ قاضيءَ ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل خطن ۾ جيڪي هاڻي ڇپجي چڪا آهن، انهيءَ ڳالهه جي چڱيءَ ريت خبر پوي ٿي، ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران علامه صاحب جمع نماز کان پوءِ ليزلي ولسن مسلم هاسٽل (جناح ڪورٽس هاسٽل) ۾ جڏهن ليڪچر ڏيندا هئا ته طالبعلمن کان سواءِ علمي پياس رکندڙ شهر جا افراد اچي گڏ ٿيندا هئا. علامه صاحب جي انهن علمي ۽ فڪري تقريرن جي شهرت جلدي علمي حلقن ۾ ڦهلجي وئي. اهوئي هنڌ هو، جتي اي.ڪي.بروهيءَ جهڙا مستقبل جا دانشور سندس تقريرون ٻُڌي ساري عمر لاءِ معتقد ۽ مريد بنجي ويا، جو ان کان پوءِ هو علامه صاحب کي هميشه ’روحاني پيءُ‘ جي لقب سان مخاطب ٿيندو هو.

جي.ايم.سيد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جڏهن سنڌ جو وزيرِ تعليم هو ته هن سنڌ ۾ الڳ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي جنهن ۾ هن علامه قاضيءَ کي ميمبر رکيو هو، ليڪن سندس لکڻ موجب اها ڪاميٽي ڪا پيش رفت ڪري نه سگهي، ڇو ته ان جا هندو ميمبر سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام جا مخالف هئا.

علامه صاحب جي جي.ايم.سيد توڻي قاضي مرتضيٰ ڏانهن خطن مان اندازو ٿئي ٿو ته 1940 کان 1947 تائين پسٽونجي هائوس کي ڪورٽ آف وارڊس ۽ بورڊرن جي تعليم و تربيت لاءِ استعمال ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران علامه صاحب ۽ سندس گهر واريءَ جو موسم ۽ طبيعت جي تبديلي خاطر هندستان جي پهاڙي تفريح گاهه شملي جي ڀرسان سولن ۾ ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ڇو ته ڪافي خط اتان لکيل ملن ٿا. انهيءَ عرصي دوران علامه صاحب جي وڌ ۾ وڌ قربت جي.ايم.سيد سان معلوم ٿئي ٿي ۽ ان کان علاوه سندس دوستن ۽ معتقدن جو حلقو هو جن سان سندس خط و ڪتابت ملي ٿي. اهو زمانو هو جڏهن جي.ايم.سيد سنڌ جي سياست ۾ نهايت سرگرم هو ۽ 1940 ۾ لاهور ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ٿي چڪو هو، 1936 ۾ بمبئي کان سنڌ جي آزاديءَ بعد متحده هندستان ۾ قائم ٿيندڙ پاڪستان جي تناظر ۾ سنڌ جي مستقبل جو اهم سوال درپيش هو.

آخر 1943 ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ مدلل ٺهراءُ پاس ڪيو ته ان جو محرڪ جي.ايم.سيد هو، جي.ايم.سيد ڏانهن علامه صاحب جي لکيل خطن جي مجموعي ۾ جنهن کي هن ’ساهڙ جا سينگار‘ نالي سان 1970 ۾ منظرِ عام تي آندو هو، اهو تسليم ٿو ڪري ته هو ان کان اڳ ۾ خاص طور ان زماني ۾ علامه صاحب جي زير اثر هو. بلڪ جيئن هڪ خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ وقت علامه صاحب جي.ايم.سيد کي مشهور ڪتاب  Primer of Poli tics پڙهڻ جي به صلاح ڏني هئي. بهرحال 1943 جي ٺهراءُ ۾ علامه صاحب جي فڪري ڪاوش شامل هئي جنهن جو اعتراف جي.ايم.سيد پاڻ ڪيو آهي.

علامه صاحب جي خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته جنوري 1947 ۾ يعني پاڪستان ٺهڻ کان جلدي پوءِ آڪٽوبر 1947 ۾ طبيعت جي ناسازيءَ سبب هڪ دفعو وري پاڻ لنڊن وڃي چڪو هو. 12 جنوري 1948 ۾ مرتضيٰ ڏانهن لکيل خط مان پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٿيندڙ فسادن ۽ خونريزيءَ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي ان صورتحال لاءِ انگريز حاڪمن کي ذميوار ٺهرائي ٿو. هو چوي ٿو ته انگريز جنهن هندستان تي 150 سال حڪومت ڪئي، اهو ان جي حڪمرانيءَ ۽ تعليم و تربيت جو نتيجو آهي جو اڄ حالتون انهيءَ حد تي پهتيون آهن. علامه صاحب جو دليل آهي ته جيڪڏهن اولاد ناخلف ۽ نااهل ثابت ٿئي ته ان لاءِ سندس والدين ذميوار آهن، جو انهن پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي.

علامه صاحب جي خطن مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ٻي عالمگير جنگ جي اثرات سبب انگلنڊ جي معاشي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي هئي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته جيڪو گهر اڳ 700 پائونڊ ۾ ملي سگهيو ٿي، هاڻي 3000 ۾ به ڪونه ٿو ملي. انهيءَ ساڳي خط ۾ سنڌ جي سياسي حالتن تي به سخت مايوسي ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ڪاش سنڌ ۾ حالتون رهڻ جوڳيون هجن ته جيڪر اسين صبحاڻي سنڌ روانا ٿيون. 23 فيبروري 1948 ۾ لکيل خط ۾ هندو- مسلم ڪشيدگيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو. اسان گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ صلاحون ۽ مشورا ڏنا، پر اسان جي ڪنهن نه ٻڌي، اٽلو اسان کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو، انهيءَ ڪري اسان سوچيو ته ڀڄي پري ٿجي.

انهيءَ ساڳئي خط ۾ مرتضيٰ قاضيءَ کي پارت ڪئي اٿس ته ’هائوس‘ کي ڪنهن به صورت ۾ هتان وڃڻ نه ڏج. ڇو ته اسين واپس اچي سنڌ ۾ هڪ اهڙي علمي درسگاهه قائم ڪرڻ گهرون ٿا، جنهن ۾ صحيح معنيٰ ۾ نئين نسل کي تعليم ۽ تربيت يافته بنائي سگهجي.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وارن سالن دوران علامه صاحب جو سنڌ کان ٻاهر رهڻ هتان جي حالتن کان عدم اطمينان ظاهر ڪري ٿو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سياسي ڪشيدگيءَ ۽ باهمي چپقلش واري ماحول کان هر صورت پري رهڻ گهري پيو. ان جو سبب سندس حساس طبيعت ۽ مزاج ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو اظهار پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پيدا ٿيل حالتن مان ٿئي ٿو. جولاءِ 1948 ۾ لکيل خط ۾ هڪ هنڌ مخاطب ٿيندي لکي ٿو:

’توکي خبر آهي ته آءٌ سياست کان ڪيترو پاسو ڪندڙ آهيان پر پوءِ الائجي ڇو مون کي خوار ڪيو وڃي ٿو.‘

هن خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته انگلنڊ ۾ رهڻ دوران کيس پنهنجي وطن جو ڪيڏو اونو هو، ان جي گذريل حالتن تي کيس ڪيتري تشويش هئي. ليڪن اوتري ئي تشويش کيس ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ انگلنڊ ۾ رهڻ دوران لاحق هئي، جو چوي ٿو ته اڄ مشرق توڻي مغرب ۾ انسانيت سخت پريشانيءَ جي عالم ۾ مبتلا آهي. علامه صاحب جا اهائي اعليٰ ظرفي ۽ فڪري همت هئي جو هو هر وقت انسانيت ۽ بين الاقوامي سطح جي سوچ رکندڙ هو.

اي.ڪي بروهيءَ جي هڪ خط مان اندازو ٿئي ٿو سال 1951 جي مارچ مهيني ۾ جڏهن علامه صاحب اڃان لنڊن ۾ هو ته کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن اپريل 1951 ۾ اچي اهي ذميواريون سنڀاليون ۽ ان عهدي تي هو 1958 تان فائز رهيو. علامه صاحب پاڻ لاءِ اهو خدا جي طرفان مليل موقعو خيال ڪندي يونيورسٽي کي هڪ اهڙي درسگاه بنائڻ شروع ڪيو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ ’جامع‘ (University) ڪوٺي سگهجي. هن جي نظر ۾ علم جو اهو قرآني تصور هر وقت موجود هيو، جنهن سان فرد جي زندگيءَ کي سندس ذات ۽ سماج لاءِ مفيد ۽ مڪمل بنائي سگهجي. علامه صاحب يونيورسٽيءَ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٽن سالن جي قليل عرصي ۾ ان کي صرف امتحان وٺڻ جي اداري  (Examning Body) جي بجاءِ صحيح معنيٰ ۾ سائنسي علوم ۽ انساني علوم (Humanities) جي سکيا جو مرڪز ٺاهي ڇڏيو. ان عرصي ۾ سائنس جا بنيادي شعبا جهڙوڪ طبعيات، ڪيميا، نباتيات، حيوانات، رياضي، جيالاجي، وغيره قائم ڪيا ويا جن لاءِ علامه صاحب پاڻ لنڊن جو سفر ڪري تجربيگاهن لاءِ سامان ۽ اوزار مناسب قيمتن تي حاصل ڪيا.

پهرئين ئي سال 1951 ۾ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر نبي بخش جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪيو ويو، جيڪو تازو امريڪا مان ايڊيوڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽي پاڪستان ۾ پهرين يونيورسٽي بڻجي وئي، جتي اهو شعبو قائم ڪيو ويو. مقصد هو ته استادن جي سکيا (Teaching Methodology) کي جيستائين صحيح بنيادن تي استوار نه ڪيو ويندو، ۽ انهن کي نئين نسل کي پڙهائڻ جي لائق نه بنايو ويندو، تيستائين ٻارن ۽ شاگردن جي صحيح معنيٰ ۾ شعور جي ترقي نه ٿي سگهندي.

علامه صاحب جي ذهن ۾ يونيورسٽيءَ کي اعليٰ تعليمي اداري بنائڻ جو هر وقت فڪر هو ۽ ان لاءِ شاگردن جي رهائش جو انتظام ضروري هو، شروعات ۾ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد شهر مان هندن جي لڏپلاڻ سبب خالي ڪيل هڪ اسڪول ودياليه ۾ عارضي طور قائم ڪيو ويو هو. ليڪن علامه صاحب يونيورسٽيءَ لاءِ هڪ مڪمل ۽ جديد ڪمئپس قائم ڪرڻ گهريو ٿي ۽ اُن خواب جي ساڀيان آخر کيس ڄام شوري ۾ ڦهليل وسيع جابلو ايراضيءَ ۾ نظر آئي. اها سندس دورانديش نظر هئي جنهن جو سبب خاص طور انگلنڊ جي قديم يونيورسٽين ڪئمبرج ۽ آڪسفورڊ جا مثال هر وقت هن جي آڏو هئا.

علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1951 کان 1958 تائين وائيس چانسلر جي عهدي تي فائز رهيو. پر 1958 ۾ جڏهن ملڪ ۾ پهرين مارشل لا نافذ ڪئي وئي ۽ فوج تعليمي ادارن ۾ به انتظامي طور مداخلت ڪرڻ لڳي ته علامه صاحب ان عهدي تان 25 مئي 1959 تي استعفيٰ ڏئي علحدگي اختيار ڪئي، علامه صاحب ۽ سندس گهر واري زندگيءَ جا باقي نو ۽ ڏهه سال حيدرآباد ۾ گذاريا، جتي سندن رهائش سول لائنس واري بنگلي ۾ هئي. علامه صاحب جي اهڙي فقر واري زندگيءَ جو اهو مثال هو جو جنهن گهر ۾ رهندا هئا اهو گهر سندن ملڪيت نه هو بلڪ جيئن ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو گهر سندن هڪ معتقد محمد احمد قاضيءَ خريد ڪيو هو، جنهن لاءِ پاڻ هن کي مسواڙ ڏيندا هئا. اهوئي زمانو هو جڏهن علامه صاحب يونيورسٽي مان فارغ ٿيا ته آمدنيءَ جو ڪو باقاعدي ذريعو نه رهيو هو ۽ ان پس منظر ۾ کين شاهه جي رسالي جي معياري ايڊيشن جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ طرفان حوالي ڪيو ويو، ۽ پاڻ اهو رسالو 1962 ۾ مرتب ڪري ڏنائون، جيڪو پوءِ بورڊ طرفان شايع ٿيو، اهڙي ڏکئي وقت ۾ به سندن استغنا جو عالم ڏسڻ وٽان هو.

زندگيءَ جي پوين سالن ۾ علامه صاحب ۽ سندس گهرواريءَ جون سرگرميون گهڻي حد تائين محدود رهيون. البت سندن علمي فيض جاري رهيو ۽ شام جو وٽن سندن علمي معتقد ۽ دوست اڪثر حاضر ٿيندا هئا، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بلوچ، حاجن خان جتوئي جيڪو سنڌيءَ جو پروفيسر هو. نوجوان محمد حسن ڀٽو جنهن جو والد رضا محمد ڀٽو يونيورسٽيءَ جو ٽريزر هو. اهي سڀ حضرات جيڪي علامه صاحب جي ويجهو هئا ٻڌائن ٿا ته علامه صاحب جن وقت جي پابندي ۽ کاڌي پيتي جي معاملي ۾ انتهائي محتاط هوندا هئا. ائين کڻي چئجي ته سندن اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ سڀني ۾ هڪ نظم ۽ ضابطي جو اظهار ٿيندو هو. ڪڏهن به ڪنهن ڪم جي ڪنهن کي فرمائش يا تڪليف هرگز نه ڏنائون. چون ٿا ته هڪ ڀيري اي.ڪي بروهي جيڪو ملڪ جو تمام وڏو وڪيل هو ۽ سندن خاص معتقد هو، ايلسا قاضيءَ لاءِ سون مان ٺهيل ڪو تحفو ڏياري موڪليو، پاڻ اهو مهرباني مڃيندي واپس ڪيائون.

علامه صاحب جي گهرواري ايلسا قاضي ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد 28 مئي 1967 تي انتقال ڪري وئي، جنهن جو کيس تمام گهڻو صدمو رسيو، جيئن ته علامه صاحب کي ڪو اولاد ڪونه هو، تنهنڪري سندن گهڻو وقت اڪيلائي ۾ گذرڻ لڳو، جيتوڻيڪ شام جي وقت ڪجهه دوست احباب وٽن حاضر ٿيندا هئا. پر کين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس زميني زندگيءَ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هونئن به شاهه لطيف جون هيٺيون سٽون کين گهڻو پسند هيون:

نـــڪــــي تقــــاوت ۾، نڪــي منجهه ربــــاب،

ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.

آخر 13 اپريل 1968 تي پراسرار حالتن ۾ سندن موت واقع ٿيو، جڏهن پاڻ گهر کان روانا ٿي سنڌو درياءَ جي سير خاطر اتي اچي پهتا هئا.

جيئن ته علامه صاحب جي ارادي بابت پڪي پختي خبر نه ملي سگهي آهي، ان ڪري بهتر گمان رکڻ زياده صحيح آهي.

علامه قاضي ۽ سندس گهرواريءَ جو مقبرو 1971 ۾ اي.ڪي بروهيءَ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ تعمير ڪرايو.

علامه صاحب ۽ سندس گهر واري علم جي شمع روشن رکڻ خاطر هڪ مثالي زندگي گذاري سنڌ وارن لاءِ هڪ عمدو مثال قائم ڪيو.

خدا رحمت کند اين عاشقان پاک طينت را.

شل خدا تعاليٰ اهڙن پاڪ صفت عاشقن تي ٻاجهه ڪري.

 

فڪر:

علامه قاضي ويهين صديءَ جو عالمي سطح جو مفڪر ۽ دانشور هو جيئن هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن ۽ تقريرن مان واضح ٿيندو ته هن جو فڪر نهايت وسيع ۽ جامع هو، جيڪو سڀني همعصر علومن جو احاطو ڪري ٿو. هن جي فڪر ۾ مذهب، فلسفي ۽ سائنسي علوم جهڙوڪ طبعيات، ڪيميا، هيئت، نباتيات، حياتيات، ارضيات سان گڏ سماجي علوم اخلاقيات، سماجيات، سياسيات، اقتصاديات، تعليم، تاريخ، تقابل اديان ۽ بانيان مذاهب وغيره بابت نهايت عالمانه بحث ملي ٿو ۽ هر اهم نڪتي بابت هو پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري ٿو. سندس تقريرن ۾ اسان کي هنن سوالن جا جواب ملن ٿا. هيءَ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي؟ سائنس ۽ مذهب ان باري ۾ ڇا ٿا چون؟ سائنس ۽ مذهب جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، زمان و مڪان جي ڪهڙي حقيقت آهي؟ تاريخ جو علم اسان کي ڇا ٿو سيکاري ۽ تاريخ جو صحيح ادراڪ ڪهڙو آهي؟ مذهب ۽ اخلاق انسان لاءِ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا. جديد دور جا فڪري رجحان قوم پرستي، اشتراڪيت ۽ لامذهبيت يعني سيڪولرزم انساني تاريخ کي ڇا ڏئي سگهيا آهن؟ انسان جي زندگيءَ ۾ علم ۽ تعليم جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ علم ۽ تعليم مان ڇا مراد آهي يا انهن جو ڪهڙو مقصد آهي؟ مختلف مذهبن جو انسان جي اصلاح ۽ سڌاري ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ ڇا مذهب شروع کان هڪ آهي جيڪڏهن هائو ته ان جي ارتقا ڪيئن ٿي آهي؟ ڪائنات يا انسان ڪيئن ارتقائي مراحل طي ڪيا آهن، مشهور مصلح ۽ مفڪر انسانذات کي ڇا ڏئي سگهيا آهن. انساني تهذيب جي ترقيءَ ۾ اسلام ۽ قرآن جو ڪهڙو حصو آهي. ڇا اهو عارضي هو ۽ ختم ٿي چڪو آهي. انسانيت جو سياسي، معاشرتي، اخلاقي مستقبل ڪهڙي قسم جو آهي. ڇا مذهب انساني ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي؟ ڇا تصوف، ادب ۽ فنون لطيفه جو انساني زندگيءَ ۾ ڪو مثبت ڪردار آهي.

اهي ۽ اهڙا ٻيا بيشمار سوال آهن جيڪي هنن تقريرن جو موضوع آهن، ظاهر آهي ته انهن سوالن جا جواب سموري انساني تاريخ جي مفڪرن ۽ دانشورن جي علمي ۽ فڪري ڪاوشن جي روشنيءَ ۾ ڏنا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو انهن تقريرن ۾ دنيا جي سڀني وڏن مفڪرن اڳواڻن، رهبرن، مصلحن، مشاهيرن، فلسفين ۽ دانشورن جي فڪر جي جهلڪ ملي ٿي.

 

علامه صاحب هن ڪتاب جي پهرين تقرير ’پيغمبرِ اسلام‘ جي عنوان تحت انسان جي ڇهه هزار سالن جي تاريخي تناظر کي بيان ڪندي چوي ٿو ته اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته پيغمبرِ اسلام جي آمد کان اڳ دنيا ۾ مڪمل اونداهي ڪونه هئي. جيئن عام طور بيان ڪيو وڃي ٿو. ان جو مثال هن ريت آهي ته اوڀر ۾ گوتم ٻڌ ۽ اولهه ۾ حضرت عيسيٰ جي تعليمات سبب ڪافي ڪجهه روشني هئي. ليڪن حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ جو مثال ’نورٌ علي نور‘ يعني روشني مٿان روشني آهي. مطلب هن جي روشني ٻين سڀني تي غالب پئجي وئي. تنهنڪري اهي دور اسان کي نسبتاً اونداها نظر اچن ٿا.

علامه صاحب انساني تاريخ جي مطالعي جي آڌار تي اهو نتيجو قائم ڪري ٿو اهو ان شخصيت جو ڪمال هو جنهن انسانيت جا ابدي اقدار متعارف ڪرايا ۽ اهي آهن انساني مساوات ۽ برابري، احترام انسانيت، قانون جي بالادستي وغيره. ڇا ان شخصيت کان اڳ ڪو اهو تصور ڪري سگهيو ٿي ته سڀ انسان برابر آهن. عربيءَ کي عجمي تي ۽ عجميءَ کي عربيءَ تي ڪا فضيلت ڪونهي. ڪو غلام نه رهندو سڀ انسان آزاد ڄاوا آهن ۽ آزادي انهن سڀني جو هڪجهڙو حق آهي، علامه صاحب جو دليل صاف ۽ سادو آهي ته جيڪڏهن توهان کي انساني تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي ته ٻڌايو، ورنه ان حقيقت جو اعتراف ڪريو ته اهو سڀڪجهه ان شخصيت جي اثرات سبب آهي.

علامه صاحب نهايت واضح لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته اهي سڀ تصورات پيغمبرِ اسلام جي آمد کان پوءِ ممڪن ٿي پيا جن جو سرچشمو الهامي ڪتاب قرآن آهي. سڀ سائنسي ۽ سماجي علوم ان الهام ۽ تعليمات جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا. هاڻي جڏهن اهي سڀ تصورات ان الهام يا انقلاب جو نتيجو آهن جن کان پيغمبرِ اسلام جي ڪري انسانيت واقف ٿي ۽ اڄ ان تي عمل پيرا آهي ته پوءِ ان سچائيءَ کي قبول ڪرڻ ۾ عذر ۽ بهانو ڇو؟ ان جو جواب علامه صاحب هن طرح ڏنو آهي ته يورپ جا مفڪر ۽ دانشور هن حقيقت کي گهڻو لڪائن ٿا بلڪ ان حد تائين جو هو بدديانتيءَ جا مرتڪب ٿيا آهن. ليڪن ساڳئي وقت علامه صاحب جو چوڻ آهي ته يورپ جي ممتاز مفڪرن مان البت پوئين دور ۾ گوئٽي (1749 کان 1832) ۽ انگريز دانشور ڪارلائل (1795 کان 1881) سرفهرست آهن جن تاريخ ۾ پيغمبرِ اسلام جي ڪردار کي گهڻو ڪجهه ساراهيو آهي.

جيئن هنن تقريرن مان معلوم ٿيندو ته دنيا جا ٻيا مفڪر هڪ طرف علامه صاحب ڪارلائل جو اڪثر ذڪر ڪري ٿو، تنهن ڪري اچو ته ڏسون ته هو پاڻ هن سلسلي ۾ ڇا ٿو چوي.

’پيغمبرِ اسلام بحيثيت هيرو‘ مشهور انگريز دانشور ڪارلائل جو فڪر انگيز مقالو آهي، جيڪو هن 8 مئي 1840 تي پيش ڪيو هو جنهن ۾ هو چوي ٿو:

هاڻي اهو دور اچي پهتو آهي جڏهن ڪنهن انسان کي خدا تصور ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهجي، پيغمبرِ اسلام جي شخصيت جي باري ۾ هو واضح لفظن ۾ چوي ٿو:

A silent-great soul, he was one of those who can not but be in earnest, whom nature herself had appointed to be sincere.

هو نهايت عظيم ۽ خاموش روح وارو انسان هو، هن ۾ سچائي ۽ خلوص کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو، فطرت هن کي سراپا سچائي ۽ صداقت جي علامت طور موڪليو هو، جنهن جو هو اعليٰ نمونو هو.

اڳتي چوي ٿو:

The word of such a man is a voice direct from nature’s own heart. Men do and must listen to that as to nothing else, all else is wind in comparison.

بيشڪ اهڙي انسان جو هر قول فطرت جي سيني مان سڌوسنئون جنم وٺي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هر انسان اهڙي آواز يا سڏ ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي مجبور محسوس ڪري ٿو، تڏهن انسان صرف اهوئي آواز ٻڌي ۽ سمجهي ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻيو هر آواز هوا جي سوساٽ وانگر بيڪار آهي. ڪارلائل اسلام جي صحيح معنيٰ الله اڪبر جي تهه تائين پهچي وڃي ٿو. تڏهن ته چوي ٿو:

That all these idols and formulas were nothing, miserable bits of wood, that there was one God, in all over all, and he must leave all idols, and look to Him. That God is great, and that there is nothing else great! He is the Reality, wooden idols are not-real, He is is real. He made us first sustains us yet, we and all things are but the shadow of Him, a transitory garment veiling the Eternal splendor. Allah Akbar, God is great and then also Islam, That we must submit to God. That our whole strength lies in resigned submission to Him, whatsoever He do to us. For this world, and for the other! The thing He sends to us, were it death and worse than death, shall be good, shall be best, we resign ourselves to God. If this be Islam, says Goethe, do we not All live in Islam.  P- 291 

”اهي بت ۽ قصا ڪهاڻيون حقيقت کان خالي ڪاٺ جا پُتلا ۽ هٿ جا گهڙيل افسانا آهن. ڇو ته صرف هڪ خدا آهي جيڪو سڀني جو خدا آهي ۽ ان ڪري اسان کي سڀني بُتن کي ڇڏي صرف ان هڪ خدا ڏانهن رجوع ڪرڻو آهي. بيشڪ صرف اهو خدائي عظيم آهي ۽ ٻي ڪابه شيءِ سندس برابري نٿي ڪري سگهي. اهوئي حق حقيقي آهي، اهي ڪاٺيءَ مان ٺهيل بوتا جُڙتو ۽ غير حقيقي آهن. بيشڪ اهوئي حق آهي جيڪو موجود آهي، هن ئي اسان کي پهريائين خلقيو ۽ اڃان تائين اسان جو پالڻهار آهي. اسين توڻي ٻي سموري مخلوق هن جو پاڇو يعني مظهر آهيون. اسان کي عارضي پوشاڪ پهريل آهي، پر پردي پويان هن جو  ابدي شعاع آهي. بيشڪ اهو الله بلند ۽ بالا آهي يعني ’الله اڪبر‘- اسلام جو مطلب به الله جي مرضيءَ آڏو سر جهڪائڻ يا تسليم ڪرڻ آهي. اسان جي سموري قوت ۽ طاقت جو مدار هن جي مرضيءَ کي مڃڻ ۾ سمايل آهي، اسان کي هن جي رضا تي راضي رهڻو آهي پوءِ ڀلي هو ڇا به ڪري! ان جو تعلق هن دنيا سان هجي يا ٻي دنيا سان، هو موت کي موڪلي يا ٻي ڪا شيءِ ان کان به وڌيڪ، اها اسان لاءِ بهتر آهي ۽ ان ۾ اسان جي بهتري آهي، اسان کي هر حال ۾ هن جي حڪم آڏو سر جهڪائڻو آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو اسلام آهي، جيئن گوئٽي سمجهيو آهي، ته پوءِ ڇا اسين سڀ اسلام کي مڃڻ وارا نه آهيون؟

آخر ۾ هو ٻڌائي ٿو ته محمد (ﷺ) الله جو رسول ڇو آهي؟

That Muhammad’s whole soul, set in flame with this grand Truth voushsafed him, should feel as if it were important and the only important thing, was very natural. That Providence had unspeakably honored him by revealing it, passing him from death and darkness, that he therefore was bound to make known the same to all creatures, this is what was meant by Muhammad is the Prophet of God? This too is not without its true meaning. P- 292

”انهن حالتن ۾ جڏهن محمّد (ﷺ) جي روح مٿان ان اعليٰ سچائي جي روشنيءَ جو پرتوو پيو ته هن فطري طور ان جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ اهو واقعي هڪ قدرتي امر هو. اها قدرت جي هن جي مٿان ناقابل بيان فياضي هئي جنهن جو کيس احساس ٿيو ۽ جنهن کيس اونداهي ۽ اوجهڙ کان محفوظ رکيو. بيشڪ اها ايڏي وڏي حقيقت هئي جنهن جو اظهار هن کي پوري دنيا جي آڏو ڪرڻو پئجي ويو. هن جو اهو قول ’محمّد (ﷺ) الله جو نبي آهي يعني ’محمدّ رسول الله‘ آهي مان اهائي مراد آهي، ان جو اهوئي حقيقي مطلب آهي.“

اهي آهن اهي الفاظ جن جي ڪري علامه صاحب ڪارلائل کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ بار بار هن جا حوالا ڏئي ٿو.

هن ڪتاب جي هڪ ٻي تقرير ’انساني حقن جو ڏهاڙو‘ ۾ پهريائين جتي علامه صاحب خطبه حجة الوداع جي حوالي سان اهو واضح ڪري ٿو ته انساني حقن (Human Rights) جو تصور اسلام ڏنو، اتي هو پاڻ نبي ڪريم ﷺ جي ذات سان والهانه عشق جو جواز هن طرح پيش ڪري ٿو:

’منهنجا دوستؤ، منهنجا ڀائرو، منهنجا شاگردؤ، آءٌ هينئر اصل حقيقت ڏانهن واپس اچان ٿو، يعني انهيءَ سرچشمي يا ماخذ جو نالو کڻان ٿو، جيڪو آءٌ بار بار دهرائيندو رهان ٿو، شايد جنهن جو نالو ٻڌي توهان ٿڪجي پيا هوندا. پر آءٌ ان نالي سان بيحد پيار ۽ محبت ڪريان ٿو ڇو ته منهنجي حياتيءَ لاءِ اهو نالو آبِ حيات آهي، آءٌ اهو نالو کڻندي ڪڏهن به ڪونه ٿو ٿڪجان، ۽ اهو آهي محمّد ﷺ. بلڪه آءٌ ان شخصيت جو ذڪر سامعين حضرات جي سامهون ايترا دفعا ڪري چڪو آهيان جو هو چئي سگهن ٿا ته مون کي ٻئي ڪنهن جي خبر ئي ڪونهي. هائو، ٻڌي ڇڏيو. مون وٽ ڪو اسٽالن ڪونهي، ڪو روسو، ڪو والٽيئر ڪونهي. بس ائين سمجهو ته آءٌ انهيءَ نالي وٺڻ تي مجبور آهيان. منهنجو ان شخصيت کان سواءِ گذارو نٿو ٿئي. آءٌ سچ ٻڌائڻ تي مجبور آهيان، ڀلا آءٌ ڇو تاريخ کي مسخ ڪريان ۽ ڪوڙ ڳالهايان جيئن منهنجا پيارا انگريز ۽ جرمن دوست ڪندا رهيا آهن. انهيءَ ڪري آءٌ تيرهن سؤ سال پوئتي هليو وڃان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته هو ئي انهن سڀني ۾ تمام وڏي ۽ عظيم شخصيت آهي.‘

سورة اللهب‘ ۽ ’سورة اعليٰ‘ جي سمجهاڻي ڏيندي علامه صاحب قرآن فهميءَ جو اعليٰ ثبوت ڏنو آهي، سڀ کان پهرين هو ٻڌائي ٿو ته هر انسان جو فڪر سندس ماحول ۽ ذهني سطح سان مطابقت رکي ٿو. قرآني اعلان جي باوجود ته سڀ انسان برابر آهن، قومون قوم پرستي يا نسل پرستي جهڙوڪ جرمن ان مرض ۾ مبتلا آهن ته ان مان سندن ذهني پستي ۽ انتشار جي خبر پوي ٿي، انسان مسلسل ترقي ڪندو رهيو آهي، اهوئي سبب آهي جو حضرت موسيٰ کي جڏهن هڪ هزار سال گذري ويا ۽ حضرت عيسيٰ تشريف فرما ٿيو ته هن جي تعليمات ۾ اڳي کان وڌيڪ عمدا احڪام مليا. موسوي شريعت ۾ ظاهري عمل جي مثبت ۽ منفي هئڻ تي زور هو پر عيسيٰ جي تعليم ۾ ذهانت ۽ محسوسات جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو اسان جي مذهب ۾ اها ڳالهه اڃان وڌيڪ اڳتي وڌي ٿي ڇو ته هينئر وڌ ۾ وڌ اهميت نيت جي آهي. علامه صاحب جو چوڻ آهي ته قرآن هڪ خالص روحاني طريقي جي ابتدا ڪري ٿو اهو قديم زماني جي معتقدات کي عام نٿو ڪري، قرآن جي هر آيت ان تي شاهد آهي ته اهو الفاظ سان گهٽ ۽ معنيٰ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. اهو قرآن ئي هو جنهن جامد بت جو خاتمو ڪيو ۽ انجي بجاءِ زندهه خدا جو تصور ڏنو، قرآن ئي سڀني مروج نمونن کي دفن ڪرڻ لاءِ چيو ۽ سارو زور عمل جي نيت تي رکيو، نيت جنهن جي ڪا ظاهري ضرورت ناهي، بلڪ اها معنيٰ ۾ سمايل آهي وڌيڪ چوي ٿو:

”قرآن دراصل روحانيت جو ڪتاب آهي، ۽ ان لحاظ سان اهو معنيٰ ۽ مفهوم کي عمل جي ظاهري صورت ۽ شڪل تي ترجيح ڏي ٿو. ان ڳالهه جو غير مسلم به اقرار ڪن ٿا، ته قرآن انسان جي اندر جي وڌ ۾ وڌ همت افزائي ڪري ٿو ۽ ظاهري رسم و رواج کي گهٽ اهميت ڏئي ٿو. ايتري حد تائين جو عبادت لاءِ ڪنهن عبادت خاني جو هجڻ ضروري ناهي، نڪو ان لاءِ ڪنهن مقرر مذهبي اڳواڻ جي ڪا حاجت آهي، ڪي خاص ريتيون رسمون ڪونهن، بلڪ انهن جي ڪا ٿوري پتي به اسلام ۾ ڪونهي، جيڪي اڳين مذهبن ۾ هيون.“

علامه صاحب جن جي فڪر جو ماحصل يا ٻين لفظن ۾ هنن تقريرن ۾ جنهن نڪتي تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو ويو آهي، اهو هي آهي ته جديد دنيا ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ،، علم ۽ سائنس جو بنياد الهامي ڪتاب قرآن شريف جي ڪري آهي. هن لاءِ هو اسان کي تاريخي پس منظر ۾ وٺي وڃي ٿو ته ڇا قرآن کان اڳ اهڙو ڪو ڪتاب هو جنهن پڙهڻ لکڻ جي ڳالهه ڪئي هجي. اها حقيقت سڀني کي معلوم آهي ته قرآن ئي اهڙو ڪتاب آهي جنهن جي شروعات پڙهڻ جي حڪم سان ٿي آهي. اهڙيءَ طرح علامه صاحب وڏي دعويٰ سان چوي ٿو ته جديد سائنس جو بنياد به قرآن جي ڪري آهي هونئن ته قرآن ۾ ڪيتريون آيتون آهن، پر هن آيت جو خاص طور بار بار ذڪر ڪري ٿو:

اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ- (آل عمران: 190)

علامه صاحب جو چوڻ آهي ته قرآن کان اڳ واري دنيا يا ان زماني ۾ اهڙو ڪو ڪتاب ٻڌايو جنهن ۾ اهڙو واضح حڪم ڏنو ويو هجي ته وڃو ۽ خدا جي فطرت جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪريو. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته فقط اهو هڪڙو الهامي ڪتاب ئي آهي، جنهن مشاهدي جي باقاعدي دعوت ڏني آهي، بلڪ ان کي فرض قرار ڏنو آهي، مسلمانن ان حڪم جي بجا آوري ڪندي مشاهدي (Observation) جو طريقو اختيار ڪيو، جنهن مان سائنسي مشاهدي جو طريقو وجود ۾ آيو، ان ڪري علامه صاحب چئي ٿو ته سائنس مسلمانن جي ڪري وجود ۾ آئي ۽ اها ان قرآني حڪم جو نتيجو آهي.

 

’علم طبعي- الله جي فطرت جو مطالعو‘، مسلمانن جا سائنسي ڪارناما ’حياتيءَ جي اوسر‘، ’سائنس جو بنيادي تصور‘، علم نباتيات، سائنس ۽ فلسفو، لازمي تعليم‘، جهڙين تقريرن ۾ ان نڪتي کي نهايت عالمانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

’علم طبعي- الله جي فطرت جو مطالعو‘، ۾ علامه صاحب جو زبردست استدلال هن ريت آهي:

”اڄڪلهه گفتگو هلي رهي آهي ته مذهب سائنس جي خلاف آهي، آءٌ توهان کان پڇڻ گهران ٿو ته الائجي ڪهڙو مذهب سائنس جي خلاف آهي، پر توهان جو مذهب سائنس آهي، اهو مون سؤ دفعا دهرايو هوندو ته مسلمانن لاءِ تجربيگاه  (Laboratory) عباتگاه جي حيثيت رکي ٿي. قرآن شريف ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته سوچيو، غور و فڪر ڪريو، تجربا ڪريو، مشاهدا ڪريو ۽ الله تعاليٰ جي ڪائنات ۽ فطرت ڏسو. جيڪڏهن الله تعاليٰ کي ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اهو طريقو آهي، آءٌ اهي آيتون لکي کڻي آيو آهيان.

سَنُرِيْهِمْ اٰيٰتِنَا فِي الْاٰفَاقِ وَفِيْٓ اَنْفُسِهِمْ حَتّٰى يَتَبَيَّنَ لَهُمْ اَنَّهُ الْحَقُّ ۭ (حٰم سجده: 53)

گويا جيستائين توهان حق ۽ سچ حاصل نٿا ڪريو، تيستائين تجربا ڪندا رهو.

منهنجا ٻچا توهان کي شرم اچڻ گهرجي ٻئي ڪنهن کي نه! ٻيو ڪو چئي سگهي ٿو ته مذهب سائنس جي خلاف آهي، پر توهان کي ائين چوڻ نه گهرجي.

 

هڪ ٻي تقرير ’لازمي تعليم‘ ۾ ان موضوع کي اڳتي وڌائيندي آخري راءِ ڏيندي چوي ٿو:

مذهب توهان کي سائنس ڏئي ٿو ۽ سائنس توهان کي مذهب ڏئي ٿي پر توهان ان کي ابتو رکو ٿا، مذهب ڪائنات ۾ زندگيءَ جي هلت چلت جو نالو آهي، سائنس اسان کي فقط اهو ڏئي سگهي ٿي جيڪو سائنسدان حاصل ڪيو آهي، سائنس کي ان کان وڌيڪ اڃان حاصل ڪرڻو آهي جيڪو ان وقت تائين حاصل نه ڪيو آهي پر اسان اڳيئي ان کي ايمان طور قبول ڪيو آهي. اسين ان کي جاري رکيو اچون ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي پاڻ کي مطمئن ڪريون ٿا ۽ تسليم ڪريون ٿا ته جيڪي اسان کي ان اٿارٽيءَ ڏنو آهي، اهو حقيقت ۽ سچ آهي، اسان فقط ان جي پوئواري ڪندي حقيقتن تي پهچي ويا آهيون!

ايمان ۽ ان جو فلسفيانه بنياد‘ ۾ هن استدلال کي وڌيڪ اپٽار سان پيش ڪيو ويو آهي.

 

’ڪائنات، انسان ۽ زندگي‘ جي عنوان تحت تقرير ۾ علامه صاحب ان بنيادي سوال سان شروعات ڪري ٿو ته اسان ڪيئن وجود ۾ آيا آهيون ۽ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اسان جي ڪهڙي حيثيت آهي. پهرين ته اسان جا حواس درجي بدرجي اسان کي حاصل ٿيا آهن، ۽ ٻيو اهو ته حواسن جي ذريعي جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، اهو ڪيتريقدر قابل اعتبار آهي. مثلاً اسان جيڪي ڪجهه اکين سان ڏسون ٿا  ڇا اسين انهن جي شاهديءَ تي اعتبار ڪريون ٿا ته اسين صحيح رهنمائي حاصل ڪري رهيا آهيون. يا گمراهي! آخر اسان جي جسم ۾ اهي ٻه سوراخ يعني اکيون صرف ڇوٿيون ڏسن، اسان جي جسم جو باقي ڪوبه حصو يا هٿ اکين وانگر ڇو ڪونه ٿا ڏسن.

علامه صاحب چوي ٿو ته ڇا اسان کي اهو احساس آهي ته انسان جي حيثيت ڪنهن اهڙي جيت جڻيي کان وڌيڪ ناهي جيڪو ڌرتيءَ جي گولي سان چنبڙيل آهي ۽ اهو گولو پنهنجي پوري رفتار سان ڦري رهيو آهي. انسان جو مثال بلڪل اهڙو آهي جيئن ڪا مک ڀت تي لڙڪي پئي هجي ۽ ان جو مٿو هيٺ يا اُبتو هجي. پر اها مضبوطيءَ سان چهٽيل آهي ۽ ڪِري ڪونه ٿي، ڇا اسان جي حيثيت اها ڪونهي! ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان جي عمر اهڙي حالت ۾ سٺ ستر يا وڌ ۾ وڌ هڪ سؤ سال آهي، جيڪو پڻ سج جي چوڌاري ڌرتيءَ جي چڪر ڪاٽڻ جو عرصو آهي، انهيءَ دوران اسان جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. ڇا ان اُبتي حالت ۾ لٽڪيل اهڙي انسان کي سجاڳ يا بيدار ذهن جو مالڪ چئي سگهجي ٿو؟ ٻين لفظن ۾ جنهن کي اها خبر ڪونهي ته هو ڇا آهي ۽ ڇا پيو ڪري؟ هو رات جو ڪيئن سمهي پيو ۽ صبح جو ڪئين سجاڳ پيو ٿئي جيستائين سندس پڄاڻي اچي!

بلڪ اسين چئون ٿا ته هي اسان جو نظام شمسي آهي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته ڌرتي ڪئين وجود ۾ آئي ۽ اسان ارتقائي مرحلا ڪيئن طي ڪيا. ڇا اسين اهو ڄاڻندي سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتو آهي يا اسان اهو سڀڪجهه ڄاڻندي به ڪجهه نه ڄاتو آهي. علامه صاحب هن سوال جو جواب ڏيندي چوي ٿو ته اسان بلڪل ستل آهيون، دراصل اسان ننڊ ۾ پيا ڳالهايون ۽ ننڊ ۾ پيا هلون. اسان پنهنجي سٺ ستر سالن جي عرصي واري زندگيءَ ۾ ڪجهه گهڙيون يا ڪجهه منٽ به جاڳيل ۽ بيدار نه آهيون، مطلب اسين ننڊ ۾ هلندڙ کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهيون.

علامه صاحب جي هيءَ سموري تقرير هڪ حديث جي عاليشان تشريح آهي جيڪا هو پاڻ پيش نه ڪري سگهيو آهي، پر لڳي ٿو ته سندس شعور ۾ آهي، جنهن جي اسان هتي نشاندهي ڪريون ٿا.

الناس ينا موا واذا ماتو فانتبهو

يعني انسان ننڊ ۾ آهن پر جڏهن مرندا ته سجاڳ ٿيندا.

 

علامه صاحب جي خالص سائنسي ڄاڻ ۽ سوچ جو مظاهرو ’حياتي جي اوسر‘ ۽ ’سائنس جو بنيادي تصور‘ ۾ ملي ٿو، جتي هن ان ڳالهه تي روشني وڌي آهي ته ڪائنات ۾ زندگي ڪيئن وجود ۾ آئي، يا بلڪ هو اسان جو نظام شمسي ڪيئن وجود ۾ آيو؟ سج ۽ ڌرتيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، هيءَ ڌرتي يا ان تي مادو ڪيئن وجود ۾ آيو يا سج جي ڪري مادو ڪيئن وجود ۾ آيو؟ زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو آهي، اتي ئي علامه صاحب ان مزيدار حقيقت جو انڪشاف ڪري ٿو ته جيڪڏهن ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، جيئن عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته پوءِ سج اسان جو ابو ڏاڏو آهي ڇو ته ڌرتيءَ جو وجود ۽ مٿس هر عمل جو ڪارڻ سج آهي. سائنسي نظريي موجب ڌرتيءَ جي گولي جي ٿڌي ٿيڻ سبب مادي جون ٽي صورتون گئس، پاڻيٺ ۽ ٺوس ظاهر ٿيون. هاڻي هڪ طرف ايٽم وجود ۾ اچي چڪا هئا جيڪي اليڪٽران ۽ پروٽان تي مشتمل هئا ته ٻئي طرف خليه (Cell) جيڪو پڻ ايٽم سان مشابهت رکندڙ هو ڇو ته ان جو به هڪ مرڪز يا نيوڪليئس ٿئي ٿو ۽ ان جي چوڌاري پروٽو پلازم هوندو آهي، اڄڪلهه پروٽوپلازم جي بجاءِ سائٽو پلازم ۽ سيل جي مرڪز يا نيوڪليئس جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. سائٽو پلازم هر وقت حرڪت ۾ آهي ان ڪري کيس جيو يا حياتيءَ وارو چئجي ٿو. اهو ان حرڪت سبب ئي آهي ته اهو معلوم نٿو ڪري سگهجي ته نيوڪليئس ڪهڙي هنڌ آهي. هن تقرير ۾ هڪ هنڌ علامه صاحب چوي ٿو:

’اچو ته سڀ کان پهريائين هن حقيقت کي تسليم ڪريون ته رڳو اسين انسان زنده ناهيون، بلڪ حقيقت اهاآهي ته هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مرده يا غير ذي حيات ناهي، جيڪڏهن ڪائنات ۾ ترتيب ۽ ترڪيب نه هجي ها ته ايٽم به ڪونه ٺهن ها ۽ نه وري انهن مان وڌيڪ ٻي ڪنهن نموني ۾ ڪا ڪم جي شيءِ وجود ۾ اچي ها جيئن پاڻي وغيره. جيئن توهان کي ٻڌايو ويو ته اهو پهريائين تابڪار مادي مان گئس جو پيدا ٿيڻ هو ۽ بلڪل هڪ نئين نرالي شيءِ جو ظهور جنهن کي حياتي يا جيوت چئجي ٿو (قرآن جي آيت يخرج الحي من الميت مان ڪن اهڙي مراد ورتي آهي).

ساڳي تقرير ۾ اڳتي چوي ٿو:

’آءٌ هر وقت ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهيان ته ڪوبه اڪيلو ايٽم ترتيب ۾ هجڻ کان سواءِ ظاهر نه ٿيو آهي. هن سلسلي ۾ ڪاربان جي ايٽم جو مثال اسان جي سامهون آهي، جيڪو هڪ ٻئي سان يعني پاڻ ۾ اڻ کٽ شڪلين ۾ ملي نامياتي (Organic) مرڪب جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.

هتي پنهنجي ٻيو ڪو عقلي دليل نظر نٿو اچي بلڪه اهوئي ته قدرت جي مرضيءَ مطابق اها ڌرتي ئي آهي جنهن مان سڀڪجهه پيدا ٿيو آهي، قرآن پاڪ جي لفظن ۾ اها ڌرتي توهان جي مقابلي ۾ گهٽ معجزو نه آهي.

علامه صاحب ٻئي هنڌ قرآني آيت ”وَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا“ يعني الله توهان کي ڌرتيءَ مان نباتات وانگر اپايو آهي، جي جيڪا سمجهاڻي ڏني آهي، ان کي پڻ هن پس منظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي.

ڀلا هاڻي اچو ته ڏسون ته علامه صاحب ڊارون جي نظريهء ارتقا (Theory of Evolution) بابت ڇا ٿو چوي. علامه جو خيال آهي ته ارتقا جي نظريي جا ابتدائي خدوخال مسلمان سائنسدان اڳيئي پيش ڪري چڪا هئا. البت ڊارون ڌرتيءَ تي ڪيترن ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ وڃي حقائق گڏ ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو. ان حد تائين ڊارون جي سائنسي مهم جوئي قابل تحسين چئي سگهجي ٿي، ليڪن ’حياتيءَ جي اوسر‘ واري تقرير ۾ علامه صاحب ڊارون جي ان نتيجي بابت جنهن موجب هو انسان کي باندر جي ترقي يافته شڪل سمجهي ٿو. هڪ سوال جو جواب ڏيندي چوي ٿو ته اسان ۽ يونان وارن جي تمدن ۾ اهوئي فرق آهي، هو چون ٿا ته باندر ئي انسان آهي ته پوءِ ڇا اسان انهن جي نقاليءَ ۾ انسان کي ’باندر انسان‘ چئون؟ اڳتي وضاحت ڪندي چوي ٿو:

دراصل باندر پنهنجي سطح تي رهيو ۽ خليي  (Cell) جو سفر اڳتي جاري رهيو، هتي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيئن نئين شڪل نمودار ٿئي ٿي ته اڳين شڪل (نوع) جو تعلق باقي نٿو رهي ۽ هاڻي توهان هن نئين شڪل يا نوع کي ٽوڙي مروڙي ائين ڪونه ٿا چئي سگهو ته اها ساڳي ڳالهه آهي ۽ اهو عمل به ساڳي نوعيت جو آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته تقريباً اهو علمي اعتراض جيڪو علامه صاحب ڊارون جي انسان ۽ باندر جي ظاهري مشابهت بابت ڪيو هو، علم حياتيات جي جديد ماهرن پڻ ڪيو آهي، فرينچ سائنسدان ڊاڪٽر ماريس بُڪيل پنهنجي ڪتاب (What is the origin of Man) ۾ جيڪو 1976 ۾ منظرِعام تي آيو. هن طرح رقمطراز آهي.

In Darwn’s day, the theory was pushed to extrems, with researches claiming to have proof that man was descended from the apes. An idea that, even today, no responsible paleontologist is able to demonstrate. There is obviously a very wide gap, however, between the conept of man’s descent from the apes (a theory that is totally untenable), and the idea of transformations of the human form in the course of time (which has been fully proven). The confusion between the two reaches its hight when they are merged together. With very filmsy arrangements under the banner of the word ‘Evolution’. This unfortunate confusion has caused certain people wrongly to imagine that since the word is used in reference to man, it must mean that, ipso facto, man’s origin may be traced to the apes’.

(Page 170)

ترجمو: ڊارون جي ئي زماني ۾ سندس نظريي کي ڪي انتهاپسند محقق ان حد تائين کڻي ويا جو اها دعويٰ ڪرڻ لڳا ته وٽن اهو ثبوت آهي ته وڏو باندر (جنهن کي پڇ ڪونه ٿئي) ئي انسان جو پيش رو آهي. ليڪن اهو اهڙو وائڙو خيال آهي جنهن کي موجوده دور جا ذميدار ماهر ارضي سائنسدان مڃڻ لاءِ تيار ناهن. اصل ڳالهه آهي ته باندر جو انسان جو پيش رو هجڻ وارو تصور هڪ لحاظ کان بلڪل ناقابل فهم آهي، ۽ ٻيو ته انسان جو تمام ڊگهي عرصي دوران تبديلين ذريعي موجوده شڪل و صورت تائين پهچڻ پوري ريت ثابت ٿيل حقيقت آهي. تاهم ٻنهي ڳالهين کي ملائڻ سان انتها درجي جي غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي ۽ ان لاءِ تمام ڪمزور دليلن جو سهارو وٺي ارتقا (Evolution) جهڙي لفظ ۾ ويڙهي پيش ڪيو وڃي ٿو. اهو بدقسمتيءَ سان ان جو نتيجو آهي جو ڪي ماڻهو انسان بابت ان لفظ ارتقا جي استعمال سبب اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيا آهن ته واقعي انسان گوڙيلا باندر مان نڪتو آهي يا اهو سندس پيش رو آهي. (انسان جو بڻ بڻياد، ص 170)

هنن تقريرن ۾ ان موضوع تي بار بار روشني وڌي وئي آهي ته نه رڳو ڪائنات جي پر انسان جي تخليق به ارتقائي مرحلا طي ڪيا آهن هن سلسلي ۾ علامه صاحب قرآن شريف جي هيٺين آيتن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو:

(1) وَيُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ (19:30): هوئي مرده کي زنده  مان ۽ زنده کي مرده مان ٻاهر ڪڍي ٿو.

(2) وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاۗءِ كُلَّ شَيْءٍ حَيٍّ  (31:21): اسان هر شيءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪئي.

(3) وَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا (17:71): الله توهان کي ٻوٽن وانگر ڌرتيءَ مان ڦٽايو.

(4) خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ (14:55): هن انسان کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو.

(5) خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ (7:32) : هن انسان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو.

علامه صاحب جو چوڻ آهي ته مجموعي طور هنن آيتن ۾ انساني تخليق جي مرحلن جي چڱيءَ ريت نشاندهي ڪئي ويئي آهي. مولانا رومي شاهدي ڏيندي ان حقيقت کي نهايت خوبصورتيءَ سان چند سٽن ۾ سموهيو آهي:

از جمادي مردم و نامي شدم

وزنما مردم، به حيوان برزدم

مردم از حيواني و آدم شدم

پس چه ترسم کي زمردن کم شوم

حملهء ديگ بميرم از بشر

تا برآرم از ملائک پر و سر

بار ديگر از ملک قربان شوم

آنچه اندر وهم نآيد آن شوم

معنيٰ: مان جمادات مان فنا ٿيڻ بعد نباتي ٿيس

نباتات مان فنا ٿي وري حيوان ٿيس

مان حيوان مان فنا ٿي پوءِ انسان ٿيس

پوءِ آءٌ ڇو ڊڄان ته مرڻ بعد ختم ٿي ويندس

بلڪ ٻيهر جڏهن بشريت مان فنا ٿيندس

تڏهن ملائڪن وانگر مٿو ۽ پَرَ هوندا

ليڪن جڏهن اها ملائڪن واري حالت قربان ڪندس

تڏهن آءٌ اهو ٿي پوندس جيڪو منهنجي خيال کان ٻاهر آهي.

 

ذهن ۽ جسم‘ جي عنوان هيٺ علامه صاحب هڪ لحاظ کان فلسفي جي بنيادي مسئلي ’روح ۽ مادي‘ يا آدرشيت ۽ ماديت جي مسئلي کي جديد سائنس ۽ نفسيات جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري ٿو. هو پهريائين اهو واضح ڪري ٿو ته ڪائنات خود وحدت آهي ۽ ان ڪري نامياتي کي غير نامياتي کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. بلڪ هڪ سطح تي حياتي مئل کان گهڻو پري ڪونهي. شايد ٻنهي ۾ ڪا واضح حدبندي مشڪل ڪري سگهجي اهو وڌ ۾ وڌ هڪ ڏاڪي کان ٻئي ڏاڪي يا هڪ سطح کان ٻي سطح تائين پهچڻ جو معاملو آهي. بلڪ اسان ڏسون ٿا ته غير نامياتي بتدريج نامياتي ٿي پوي ٿو ۽ اهو وري هڪ نئين شڪل به اختيار ڪري وٺي ٿو. اڳتي اهڙي سطح به اچي ٿي جو نباتات کي حيوانات کان ۽ حيوانات کي انسانيت کان صحيح معنيٰ ۾ الڳ نٿو ڪري سگهجي. ليڪن اتي اهي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي وري نئين شڪل ۽ روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا، جنهن  کي ظهور (Emergence) ڪوٺن ٿا.

هاڻي جيستائين ذهن جي ڪنهن عمل جو تعلق آهي ته ان لاءِ ٻن ڳالهين کي سمجهڻو پوندو، علم ڇا آهي ۽ عمل ڇا آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ٻنهي ۾ ايڪو آهي، حقيقت اها آهي ته علم عمل کانسواءِ ڪونهي. ان جو مثال اسان جي پنهنجي اعصابي نظام  (Nervous System) ۾ ملي ٿو. ڇو ته جڏهن به دماغ کي ڪنهن شيءِ جو علم ٿئي ٿو ته ان بابت مناسب عمل جو ظهور ٿئي ٿو جنهن کي (Reflex Action) چئجي ٿو، پر جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته معنيٰ اعصابي نظام ۾ ڪا خرابي آهي. ان جو سادي ۾ سادو مثال توهان جي وات ۾ ڪنهن زهريلي شيءِ جو داخل ٿيڻ آهي. توهان ڏٺو هوندو ته ان کان اڳ جو توهان کي واقعي اهو علم ٿئي ته توهان جي وات ۾ ڇا آهي، توهان فوري طور ٿوڪي ڪڍي ڇڏيو ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org