سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:29 

[  45  ]

عيد ۽ بامقصد زندگي

حضرات! اسان جي اها بدقسمتي آهي جو اڄڪلهه اسان جون اسلامي روايتون تيزيءَ سان گم ٿي رهيون آهن. اسلامي زندگيءَ جو طريقو اهو هوندو هو ته وڏو عالم شخص به پنهنجي لاءِ گذران جو ڪو ذريعو تلاش ڪندو هو. اهڙا هزارين شخص ملندا، جن پنهنجي گذر سفر لاءِ ڪورڪو، موچڪو يا ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪيو هو، سماجي جوڙجڪ اهڙي هئي جو هڪ غلام حبشيءَ کي به مڪي ۾ مديني جي مور جي لقب سان سڏيو ويندو هو.

اسان جا بهترين عالم، عطار، پخالي ۽ بجاج هئا. قرآن شريف جي ارشاد موجب جيڪو شخص سٺا ڪم ڪندو، اهو ئي عزت ۽ احترام جي لائق آهي. ” اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ“ (الحجرات: 13) توهان مان الله تعاليٰ وٽ اهو ئي احترام جي قابل آهي جيڪو توهان ۾ پرهيزگار آهي. سٺي عمل جي حقيقي معنيٰ اها آهي ته هڪ شخص تي جيڪي ڪجهه ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي، اها پوري ڪري. اهو ڪو مسئلو ڪونهي ته ڪنهن کي هلڪي يا ڪنهن کي اعليٰ جوابداري سونپي وئي آهي. اها ڳالهه پڻ اهم ڪونهي ته هڪ شخص جو ڌنڌو ڌوٻڪو آهي ۽ ٻئي کي بادشاهت مليل آهي، ان ۾ ڪو فرق ڪونهي ته هڪ شخص پٽيوالي جي ڊيوٽي ڏي ٿو ۽ ٻيو وائس چانسلر جا فرائض سرانجام ڏي ٿو، دراصل جيڪو شخص پنهنجي اعليٰ صلاحيتن موجب پنهنجو فرض نڀائي ٿو اهو ئي  قابل احترام آهي. جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته هو ته فقط معمولي ڪلارڪ آهي  ۽ هو ڇا ٿو ڪري سگهي ته پوءِ اهو شخص گمراهه آهي. حقيقت ۾ هو سماج جو ڪارگر فرد آهي. بشرطيڪ هو پنهنجي ذميواري کان واقف هجي، جنهن کان سواٰءِ هيءُ سڄو نظام نه هلي سگهندو.

اڄ توهان اسان جي ملڪ جون حالتون ڏسي سگهو ٿا. ڇا ڪٿي ڪا انسانيت آهي. هر هنڌ ان جي جاءِ ظلم آهي. ننڍو ملازم هجي يا وڏو ملازم هجي، ڪو به ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. جيڪڏهن توهان اليڪٽريشن کي ڪو ڪم ڏيندا ته هو بجاءِ ايمانداريءَ جي توهان کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندو. هو ڪوشش ڪري غيرقانوني فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن ڪو شخص چونڊيو ويو آهي ته ملڪ هلائي، پر جيڪڏهن اهو ساڳيو شخص ٺڳي ڪري پنهنجي غير قانوني ملڪيت ٺاهي ٿو ته پوءِ ٻنهي ٺڳن ۾ ڪهڙو فرق ٿيو. اهو اهڙو ئي ٺڳ آهي جهڙو اليڪٽريشن آهي. جيڪڏهن بادشاهه ٻين کان پئسا وٺي زندگي گذاري ٿو ته پوءِ فقير ۽ بادشاهه ۾ ڪو فرق نه آهي.

اصل نُڪتو آهي ته اسان مان ڪنهن کي به ڪا ذميواري ڏني وڃي ٿي، چاهي اهو ڀنگي هجي يا بادشاهه، انهن کي پنهنجي ذميواري بهترين نموني نڀائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو شخص سچائي سان فرض نڀائڻ نٿو چاهي ته هو ڪنهن عزت جي لائق نه آهي. جيڪڏهن هڪ حڪمران ڪنهن وقت بي ايمان ٿي پوي ٿو ۽ پنهنجا فرائض نااهلي ڪري پورا نه ٿو ڪري ته پوءِ هو ڀنگيءَ کان به گهڻو گهٽ آهي، جيڪو پنهنجي نوڪري ته سٺي نموني سان سرانجام ڏي ٿو. ان ڪري هڪ مسلمان لاءِ رزق حلال تلاش ڪرڻ فرض آهي. ”طلب الحلال فريضـﺔ عليٰ کل مسلم“ (رزق حلال جي تلاش هر مسلمان تي فرض آهي (حلال ڪمائي مان مراد آهي ته پنهنجي بهترين صلاحيتن مطابق ايمانداريءَ سان ڪمائڻ).

منهنجا ساٿيو! اچو ته ان حڪم مطابق هن ننڍڙي اداري کي مثالي تعليمي ادارو بنايون نه رڳو ان کي پاڪستان ۾ بلڪه پوري دنيا لاءِ مقابلي جي اهل بنايون. ان لحاظ کان ضروري آهي ته هتي ڪو به هڪ فرد جيڪڏهن سوچيندو ته آءٌ فقط پٽيوالو آهيان، ڪلارڪ آهيان يا آفيسر آهيان ته ان سان مقصد حاصل نه ٿيندو. اسان سڀ گڏجي ڪم ڪندڙ فرد آهيون، جيئن هڪ گهر ۾ سڀ ڀاتي گڏجي ڪم ڪن ٿا، اسان اهو ڪنهن خاص مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪريون ٿا ۽ اهو الله تعاليٰ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪريون ٿا.

اچو ته هڪ دفعو گڏجي اهو عهد ڪريون ته هتي هڪ به اهڙو شخص ڪونهي، جيڪو غير ذميوار آهي. هتي ڪو به اهڙو شخص ڪونهي جيڪو پنهنجي مطلب لاءِ ڪم ڪري ٿو. هتي ڪو به اهڙو شخص سست ۽ ڪم کان نٽائڻ وارو ڪونهي ۽ هتي ڪو به اهڙو ڪونهي جيڪو بي ايمان آهي ۽ حرام ڪمائي جي خواهش رکندو هجي. جيڪڏهن اسان اها دعويٰ عملي طور قائم ڪري ڏيکاري ته پوءِ الله تعاليٰ انهن ڪوششن ۾ مدد ڪندو ۽ اسان ان انعام جا مستحق ٿي وينداسين، جيڪا فطرت انهن تي عطا ڪري ٿي، جيڪي محنتي ۽ فرض شناس آهن.

يونيورسٽيءَ جو مقصد آهي ته آفاقي تعليم کي پوري ڪائنات ۾ پهچائجي. اسان اهو مقصد انهن ٻڌايل قانوني اصولن ذريعي حاصل ڪري سگهون ٿا.

ان کان پوءِ ئي ڪو پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ استاد سڏائي سگهي ٿو. ائين ڪرڻ سان ڏسندا ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون اسان جي تقليد ڪندي فخر محسوس ڪنديون. ليڪن اهو ضروي آهي ته توهين جيڪو عمل ڪريو، اهو مڪمل الله تعاليٰ خاطر ڪريو. پوءِ ڏسو ته توهان جو ادارو ڪيڏو نه اعليٰ مقام حاصل ڪري ٿو. جيڪي ڪجهه توهان الله تعاليٰ خاطر ڪريو ٿا اهو ان جي بندگيءَ ۾ شامل آهي. هڪ دفعي حضرت عمر فاروق رضه جن خطاب ڪري رهيا هئا ته اذان جو آواز آيو. هڪ بدوي چيو ته مومنن جا امير! اذان جو آواز اچي رهيو آهي. عمر رضه جذبات ۾ اچي چيو ته پوءِ هتي اسان ڇا پيا ڪريون؟ حقيقت ۾ الله تعاليٰ جي بندگي يا عبادت اها آهي ته جيڪي ڪجهه ڪيو وڃي، اهو مڪمل الله تعاليٰ خاطر ڪيو وڃي. سنڌ جي بزرگ شاعر لطيف چيو آهي ته “ستا سي سونهن ننڊ عبادت جن جي” اسان جي نماز جو مقصد ان کان ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. حقيقت ۾ اسان کي نماز جي حقيقي اهميت جي خبر ڪونهي. نماز کي ڇڏي ڪو اهڙو آهي جيڪو ’انّي‘ لفظ جي صحيح معنيٰ سمجهائي، جيڪو نيت ڪرڻ جو پهريون لفظ آهي جيڪو نماز پڙهڻ جي خاص مقصد کي مدنظر رکي شروع ۾ چيو وڃي ٿو. نيت جي مڪمل طريقي جو دارومدار هن جملي جي جامع سمجهڻ تي آهي. ”اني وجهت وجهي للذي فطر السمٰوات والارض“ آءٌ يقين سان پنهنجو توجه ان هستيءَ ڏانهن ڪري رهيو آهيان، جنهن آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا آهن. پر جيستائين اسان “اني” لفظ جو مطلب نه سمجهنداسين تيستائين نماز پڙهڻ جي قابل ڪيئن ٿينداسين.

ماضي ۾ هڪ صحيح مسلمان هڪ قدم به بنا مقصد جي ڪونه کڻندو هو. ان جي برعڪس موجوده جديد دور ۾ ڪو به اهڙو مسلمان ڪونهي، جنهن کي تصور ۾ ڪو مخصوص مقصد هجي. هر هڪ شخص عيد ملهائڻ جو خواهشمند آهي، پر ڪو به عيد جي صحيح اهميت کان واقف ڪونهي. ڪنهن کي به خبر ڪونهي ته روزو ڇا آهي ۽ ڪنهن کي به اڇي ۽ ڪاري جي تميز ڪونهي.

جيئن مون اڳيئي چيو ته عيد معنيٰ اها جيڪا موٽي اچي تنهن ڪري هيءَ عيد وري ايندي ۽ الله تعاليٰ چاهيو ته وري ملنداسين پر اهو ائين ٿئي جو عيد جو وري اچڻ اسان کي گڏجي الله تعاليٰ جي طرفان مقرر مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ متحد ڪري. اڄڪلهه جي دور ۾ اسان جي ملڪ جون اهڙيون حالتون آهن جو عام رواجي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وئي آهي. اهو ڏاڍو عجيب آهي جو اسان گذريل چئن سالن کان پاڻ کي قائم رکيو اچون ۽ اسان جو ادارو ختم نه ٿيو آهي. اهو الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو هن هنڌ ويهي اسان هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هاڻي جيستائين عيد وري اچي، اچو ته اسان پنهنجو اجتماعي ڪوششون جاري رکون. هن ننڍڙي اداري جا انتظامي امور درست رکون ۽ سنڌ جي هن يونيورسٽيءَ کي علم جو مثالي گهر بنايون. جيڪو سڄي دنيا جي رهنمائي جون خدمتون انجام ڏي.

توهان نوجوان آهيو ۽ ڪافي توانائي سان ڀرپور آهيو. توهان جي جذبن ۾ مڪمل زندگي آهي ۽ توهان جون ڪاوشون اعليٰ معيار جون آهن. توهان هر شيءِ مڪمل ڪري سگهو ٿا. توهان پنهنجي ذهنن مان اجائي لالچ ڪڍي ڇڏيو ۽ اهڙي نموني ڪم نه ڪريو جو محسوس ٿئي ته توهان جي زندگيءَ جو مقصد پئسا ڪمائڻ آهي. اهو فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن توهان اهڙي غلط سوچ پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيندا. غلط سوچ ۽ اجايا خيال ڪڍي ڇڏڻ سان توهان پنهنجي يونيورسٽي کي دنيا ۾ اهڙو تعليمي ادارو بنائي پيش ڪري سگهو ٿا، جنهن کي ڪو مقصد آڏو هوندو. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ دل جو رابطو هجي، گڏجي ڪم ڪرڻ جو اهڙو جذبو هجي ڄڻڪ هڪ مشين جا پرزا آهيو. جيڪڏهن اهڙو ماحول قائم رهيو ته دير يا سوير ڪاميابي توهان جا قدم چمندي ۽ توهان اهو مقام محمود حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ کان هر وقت اها دعا گهرو ته اي الله! اسان کي صحيح سوچ عطا فرماءِ ۽ سٺا عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. هاڻي الله تعاليٰ توهان جو حامي ٿئي.

 

[  46  ]

 

عورتن لاءِ ووٽ جو حق

 

]علامه صاحب هي مضمون ڪنهن رسالي لاءِ لکيو هو.[

 

جڏهن کان وٺي يورپ وارا دنيا ۾ صاحب اقتدار ٿيا آهن ته قرآن شريف جي تعليمات جا پوئلڳ  ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا آهن. هڪڙا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجهه يورپ وارا ڪري رهيا آهن اهو سراسر غير اسلامي آهي ۽ مسلمانن لاءِ اهو هرگز مناسب ناهي. ٻيو گروھ انهن خيالن جو دفاع ڪري ٿو ۽ اهو ٻڌائڻ ۾ رڌل آهي ته نه هنن وٽ پڻ ڪنهن حد تائين ساڳئي قسم جون ڳالھيون آهن. ليڪن يورپ جي اصلي تاريخ بابت تمام ٿورن کي معلومات آهي. تاهم اهي ان حقيقت کان بي خبر آهن ته يورپ وارن جا اڄ جيڪي تصورات آهن يا جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن تي اهي ڪيئن پهتا آهن.

هتي هڪ خاص مثال سان وضاحت ڪجي ٿي ۽ اهو آهي مصر جي مفتيءَ جي عورتن جي ووٽ بابت فتويٰ ۽ ان راءِ بابت علامه (ابوالڪلام) آزاد جو مفتي صاحب کي جواب. هن دور ۾ اهڙي مسئلي تي خاموشي وڏي گناھ کان گهٽ ناهي. اچو ته ٿوري دير لاءِ يورپ ۾ ان تاريخي اٿل پٿل کي ياد ڪريون جنهن کي فرينچ انقلاب (1795ع) ڪوٺجي ٿو۽ جنهن يورپ کي گهري ننڊ مان جاڳائي ورتو. روسو (Rousseau) کي انهي انقلاب جو نقيب مڃيو ويو آهي، پوءِ ڀلي ان کي انقلاب جو ابو نه به چئجي! اسان مان گهڻن هن جي تصنيف ’سماجي معاهدو‘ (Social Contract) پڙهيو آهي پر ڪنهن به ان طرف نه سوچيو آهي ته آخر هن پنهنجي ڪتاب جو اهو نالو يعني معاهدو يا باهمي طئي ڪيل طريقئه ڪار ڇو رکيو، جڏهن ته يورپ ۾ بادشاھ پنهنجي احڪامن کي الاهي قانون ۽ حق سمجهي نافذ ڪندا هئا. سترهين صديءَ تائين يورپ سماجي معاهدي جي اهڙي ڪنهن به تصور کان نابلد يعني خالي هو.

وڏي ڳالهه ته ڪنهن به ماڻهوءَ سماجي معاهدي جي مضمرات تي سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو. اهو تصور ايڏو نئون ۽ عجيب غريب هو جو روسو جهڙي شريف النفس انسان کي دربدر ڪيو ويو. بلڪ هن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي وئي. ڇو ته هن اصل ۾ پيغمبر اسلام جي هڪ ننڍڙي عمل ۽ قرآن جي هڪ آيت منجهان اهو تصور اخذ ڪيو. اهو لفظ هو ’بيعت‘ جنهن ڪري سندس ذهن ۾ اهو تصور اڀريو ته سماج کي ڪنهن معاهدي يا سمجهوتي تحت هلائي سگهجي ٿو.

دنيا جي تاريخ جو اهو پهريون واقعو هو جو هڪ فاتح مفتوح ملڪ جي ماڻهن سان اهڙو معاهدو ضروري سمجهيو هو جنهن جي آڌار تي هڪ نئون يڪسان ۽ هڪ جهڙو معاشرو تشڪيل ٿي سگهي. هر هڪ فرد کي آزاد ڇڏيو ويو ته هو پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام جي نظريي سان اتفاق ڪري ۽ صرف پنهنجي مرضيءَ سان انهيءَ گروھ ۾ شامل ٿئي. هڪ سياسي ۽ سماجي معاشري جي قيام لاءِ اهو پهريون قدم هو. طاقت يا هٿيارن جو استعمال صرف تشدد کي روڪڻ لاءِ هو ڇو ته آزادانه ۽ اختيار کان سواءِ سٺو معاشرو وجود ۾ نٿو اچي سگهي. ان ڪري اسان ان ڳالهه کي هتي وري دهرايون ٿا ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اهڙو معاشرو يا سماج وجود ۾ اچي ٿو جيڪو باهمي معاهدي جو نتيجو آهي. چيو ويو ته جيڪڏهن ڪو به هن تصور سان اتفاق ڪري ٿو ته پوءِ اهو انهيءَ گروھ يا سماج ۾ شامل آهي ۽ اهو سماج هن جي ڏکين حالتن ۾ تحفظ جو ذمو کڻي ٿو.

روسو کي پنهنجي نظريي جو بنياد انهيءَ ۾ نظر آيو هو ته سماج آزادانه معاشرتي عهدنامي جي نتيجي ۾ وجود ۾ اچي ٿو۽ نه طاقت يا زور جي وسيلي! هو پنهنجي انهيءَ معلومات جو اصل ذريعو يا ماخذ ڪونه ٿو ٻڌائي بلڪ چوي ٿو ته اهو ئي فطرت جو نمونو يا طريقو آهي. پراها ڳالهه تاريخ کي ابتي يا اونڌي ڪرڻ برابر آهي. ڇو ته ڳالهه  سڌي ڪجي ته فطرت پهريائين ڏاڍي سخت ۽ ڪٺور آهي ۽ آخر ۾ مهربان ٿئي ٿي. ڪو وقت هو جڏهن فطرت ۾ صرف طاقت کي عمل دخل هو. اهو ئي سبب هو جو هابس (Hobbes) سچ جو اظهار ڪندي چيو هو ته فطرت جا ڏند ۽ چنبا رت ۾ رڱيل آهن.

پيغمبر اسلام ئي ان جو سبق ڏنوته وقت اچي ويو آهي جو انسان کي وحشي هجڻ بجاءِ مٿي عقلمند تصور ڪجي، بلڪ خيال ۽ راءِ جي آزادي انسان جي مزيد ترقيءَ لاءِ ناگزير آهن ۽ انهيءَ بنياد تي هڪ نظرياتي سماج يا معاشرو قائم ڪيو.

قرآن ئي اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ مرد ۽ عورت کي الڳ حيثيت ۾ خطاب ڪيو ويو ۽ ائين انهن ٻنهي جي وجود کي تسليم ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ رومن قانون ۾ عورت کي فقط هڪ گهرو سامان جي حيثيت حاصل هئي. بلڪ حد ته اها آهي جو جديد ڪتاب به صرف He  يعني مرد جي ضمير سان ڀريل آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته ان مان She مراد به ورتي وڃي ليڪن قرآن پهريون ڀيرو معاهدي خاطر عورت جي انفرادي حيثيت کي شاهد جي طور تي تسليم ڪيو آهي.

قرآن ۾ هينئن فرمايل آهي:

يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ ...................... اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ (الممتحنـﮣ 12)

ترجمو: ”اي نبي ﷺ جڏهن تو وٽ مومن عورتون بعيت ڪرڻ اچن ۽ هن ڳالهه جو عهد ڪن ته نه هو الله سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون ۽ نه هڻنديون تهمت جا گهڙين ٿيون پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان ۽ نه بي فرماني ڪنديون ڀلي ڪم ۾. پوءِ بعيت وٺ انهن جي ۽ معافي گهر انهن لاءِ الله کان، بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.“

مطلب هتي پهريون دفعو نه رڳو عورت جي انفرادي حيثيت جو اعتراف ڪيو ويو آهي بلڪ ان کي پنهنجي اختيارڪم آڻڻ يا راءِ ڏيڻ يعني ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي. وڌيڪ اهو به ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪنهن معاهدي ۾ شامل ٿئي يا ان کان الڳ رهي، توڻي جو اهو سماج ڪنهن جي زور بازوءَ سان فتح ٿيل ڇو نه هجي.

اهو ئي سبب هو جو ابو سفيان جڏهن بيعت ڪئي ته ان جو مطلب سندس گهر واري هنده جي بعيت ڪونه هئي. هنده کي بيعت لاءِ الڳ راضپو ڏيکارڻو هو ۽ جنهن لاءِ مڙس کان اجازت جي ضرورت ڪانه هئي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ۽ انساني تاريخ ان تي شاهد آهي ته هن کي پڪ هئي ته سندس خلاف طاقت استعمال نه ڪئي ويندي. ڇو ته جيڪو فاتح هو اهو طاقت جي استعمال کي پسند نٿو ڪري ۽ صرف ۽ صرف آزادانه ۽ فرد جي پنهنجي مرضيءَ جو احترام ڪري ٿو. هن جي نظر ۾ زور زبردستي معاهدي جي روح جي خلاف آهي جنهن ۾ مرضي ۽ رضا خوشي شامل ناهي ۽ ٿورو به ان ۾ طاقت جو استعمال آهي، جيڪو سراسر نا جائز آهي. مطلب ته گهر واريءَ تي مڙس جو جبر يا زور به غلط آهي. اصل ڳالهه آهي ته جيستائين انسان مرد توڙي عورت پنهنجي مرضيءَ سان نٿو سوچي، پنهنجي مرضيءَ سان عمل نٿو ڪري تيستائين اهو ڪهڙو انسان چئبو! پيغمبر اسلام جي نظر ۾ فڪر ۽ سوچ سڀني کان اعليٰ حيثيت رکن ٿا ڇو ته انهن کي ڪنهن طاقت يا زبردستيءَ جي تابع نٿو ڪري سگهجي. اهي آزاد آهن. تڏهن ته چيو ويو آهي:

تفڪر ساعتين خير من عبادت سنين

يعني ٻن گهڙين جي سوچ ويچار ٻن سالن جي عبادت کان بهتر آهي يا

الاعمال بالنيات

يعني عملن جو ملهه سندن نيت ۾ شامل آهي  يا

نيت المؤمن خير من عملـﮣ

يعني مؤمن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي.

ڪنهن انسان تي زور زبردستي ڪري هن کان ڪو ڪم ته ڪرائي سگهجي ٿو پر جيئن ته هن جا خيال ۽ سوچون آزاد آهن ۽ جيستائين هو انهن عملن لاءِ آماده نٿو ٿئي ان جا اعمال ڪنهن ڪم جا ناهن. اسان جو نبي ڪريم ﷺ اهڙن انسانن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ته مبعوث ٿيو هو ۽ قرآن نازل ٿيو هو.

آخري نازل ٿيل ڪتاب نه رڳو عورتن کي ووٽ جو حق ڏئي ٿو بلڪ اهو گهڻو اڳتي وڃي ٿو. اهو هر عورت کي چاهي اها غريب هجي يا امير، هن کي پنهنجي لحاظ سان راڻي قرار ڏئي ٿو ۽ ساڳيءَ ريت هر مرد کي پوءِ اهو غريب هجي يا امير هن کي بادشاھ کان گهٽ نٿو سمجهي. مومن مردن ۽ مومن عورتن تي لازم آهي ته اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن ۽ عام ماڻهن کي صحيح ڪم ڪرڻ تي آماده ڪن ۽ غلط ڪمن کان بچڻ جي ترغيب ڏين.

گويا اسلام کان اڳ واري معاشري ۾ اهو چڱائي جو حڪم ۽ برائي کان بچڻ جو ڪم جيڪو صرف بادشاھ، برهمڻ ۽ راجا کي سونپيل هو سو هاڻي هن سند ذريعي هر مرد ۽ عورت کي هڪ جهڙو ڏنو ويو. اتان ئي ته معاشري ۾ انساني مساوات ۽ آزاديءَ جا مضبوط بنياد فراهم ڪيا ويا. ڇو ته اصل ڳالهه اها هئي ۽ آهي ته انساني زندگي يا بذات خود انسان فڪر ۽ خيال جي آزاديءَ کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. قرآن جو گهٽ ۾ گھٽ ٽيون حصو ان موضوع لاءِ وقف آهي ۽ اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا جيئن ابوالڪلام آزاد به چيو آهي ته قرآن ۾ عورتن جي ووٽ جي خلاف ڪا به ڳالهه نه آهي، بلڪ حقيقت اها آهي ته قرآن کان اڳ عورتن جي ووٽ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. اهو قرآن ئي هو جنهن جي ڪري دنيا ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي اهو حق مليو ۽ پيغمبر اسلام ان جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو. اڄ فرانس ۾ عورتن جي حقن بابت آواز اٿاريو وڃي ٿو، اهو سڀ ڪجهه قرآن کان پوءِ جو نتيجو آهي.

يورپ الله جي پيغمبر جنهن پاڻ سان قرآن آندو، تنهن سان گذريل پنجن صدين کان سٺو سلوڪ نه پيو ڪري ۽ شايد کيس پنج صديون ٻيون به هن جي وڇايل روحاني دسترخوان تان ذرا ميڙيندي گذري وڃن ته جيئن سندس روحاني قُوت جو ڪجهه بندوبست ٿي سگهي. هوڏانهن خود جن وٽ اهو ڪتاب يعني قرآن آهي، سي وري صرف هن بحث ۾ ڦاٿل آهن ته هيءَ شيءِ مغرب جي آهي ۽ غير اسلامي آهي، بلڪ پاڻ انهيءَ ڪتاب تي غور ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته خود اهو ڇا ٿو چوي يا ڇا ٿو ٻڌائي.

اهو ڪيڏو نه غير مستحڪم رويو آهي، جڏهن اسان کي خبر آهي ته گذريل چوڏهن سو سالن کان قرآن کان سوا۽ ٻيو ڪتاب پيغمبرانه هدايت وارو موجود ئي ناهي. اهو ئي هڪ نهايت مستند ۽ معتبر ڪتاب آهي جنهن جي خاص ناقابل فراموش حقيقت اها آهي ته ان انساني تاريخ ۾ ٻي هر قسم جي حاڪمانه اقتدار ۽ اختيار کي ختم ڪري ڇڏيو. جديد مفڪرن مان هڪ اقبال ئي آهي جنهن کي ان حقيقت جو شعور آهي.

اهو اسلام ئي آهي، جنهن ۾ نبوت ان ڪمال تي پهچي ٿي، جو پنهنجي خاتمي جو اعلان خود ڪري ٿي. انهيءَ ۾ ئي اهو ادراڪ سمايل آهي ته انساني زندگي کي رسين جي سهاري تي نٿو هلائي سگهجي. مذهبي اڳواڻيءَ ۾ مورثي بادشاهيءَ کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو آهي. قرآن ۾ مستقل طورعقل ۽ مشاهدي تي زور ڏنو ويو آهي ۽ فطرت ۽ تاريخ ڏانهن هر وقت ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته اهي ئي انسان لاءِ علم ۽ معرفت جو ذريعو آهن، انهن سڀني مان نبوت جي خاتمي جي خبر پوي ٿي. مطلب ته انساني تاريخ ۾ ما فوق الفطرت اختيار جي خاتمي جي دعويٰ ۽ ان جو استعمال هر لحاظ سان ختم ٿي چڪو آهي.“

ڇا هاڻي مسلمانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته ڇو قرآن ۾ آزادي ءَ کي روحانيت سان منسلڪ ڪيو ويو آهي؟ آزاديءَ کان سواءِ روحانيت ٿي نٿي سگهي. يورپ  اڃا تائين قرآن جي ان سچائي کي محسوس نه ڪيو آهي جيئن کين ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن انسان پنهنجي الاهي منزل ڏانهن پيش رفت ڪرڻ گهري ٿو ۽ محض حيران ٿيڻ نٿو گهري ته پوءِ اڳتي وڌڻ جو فقط اهو ئي هڪ رستو آهي.

 

[  47  ]

 

سنڌي ادب ۾ جديد رجحانات

 

خواتين وحضرات! توهان هميشه وانگي هن موقعي تي ايترو ٻڌو آهي ۽ آءٌ به ذهن تي زور ڏئي رهيو آهيان ته اهي سڀ بهترين نالا ياد ڪريان، پروفيسر محبوب علي چنا تمام سٺي ڪوشش ڪئي آهي. ادب جي سموري تاريخ، ٻوليءَ جي شروعات، جديد لاڙا، پبلشرن ۽ ادبي سوسائٽين جا نالا اختصار سان ٻڌايا آهن ۽ آءٌ نٿو سمجهان ته هن ڪا شيءِ ڇڏي آهي، جيڪا ٻيو ڪو شمار ڪري ٻڌائي. هن سڀني قديم توڙي جديد ليکڪن سان انصاف ڪيو آهي ۽ ڪو هڪ به نه ڇڏيو اٿس. جو شڪايت ڪري سگهي ته هن جو نالو شامل نه ڪيو ويو آهي. اصل ۾ معجزو اهو آهي ته جيڪي ڪجهه ٻڌايو ويو آهي اهو هن چاليهن منٽن ۾ سڄي تفصيل سان ٻڌايو آهي. هن سڄو مقالو 35،36 منٽن ۾ پڙهيو آهي. تاريخ يا سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو شاگرد ڪوبه فيل نه ٿيندو، جيڪڏهن رڳو اهو سڀ ڪجهه دل ۾ ياد ڪري ڇڏيندو.

پروفيسر صاحب منهنجي لاءِ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي ته آءُ هاڻي ڇا چوان. مون وٽ چوڻ لاءِ باقي ڪجهه نه بچيو آهي. هر اها ڳالهه چئي وئي آهي. جيڪا مون کي چوڻ گهرجي. پر هڪ ڳالهه جيڪا توهان کي حيرت ۾ وجهندي، ان سان شروع ڪريان ٿو ته جيئن توهان گهر وڃو ته کلندا وڃو، بجاءِ ان جي جو سنجيده ٿي گهر وڃو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پروفيسر اڄ سنجيده ڳالهايو آهي. تنهنڪري منهنجون ڪجهه احمقانه ڳالهيون ٿي سگهي ٿو ته توهان کي متاثر ڪن ۽ جڏهن توهان گهر وڃو ته انهن بابت ڳالهائيندا ۽ کلندا وڃو.

هڪ ڳالهه اڃان تائين عجيب ٿي لڳي ته انسان ڪتاب لکڻ ڪيئن شروع ڪيا ۽ سنڌي ڪيئن ٿا چون ته اهي انسان آهن، انسان لکڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي به انسان آهن جن پڻ انسانن وانگر لکڻ شروع ڪيو. هاڻي لکڻ صرف خواهش کي بيان ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو. هر شيءِ پنهنجو اظهار ڪري ٿي حتيٰ ڪه جانور پڻ آواز ڪڍي ٿو ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري  ٿو. گوئٽي هميشه چوندو هو ته جڏهن گهوڙو هڻڪار ڪري ٿو ته اهو آواز پنهنجي مالڪ جي اڳيان بک جي اظهار لاءِ ڪري ٿو ته جيئن هن کي ڪجهه داڻو ملي يا مالڪ هن کي سواري جي ڪري پيار ڪري ٿو. گوئٽي وڌيڪ لکي ٿو ته مون کي اها ڳالهه غمگين ڪري ٿي ته گهوڙي جهڙو اصيل جانور ڳالهائي نٿو سگهي. الله تعاليٰ هن کي ڳالهائڻ جو ڇو نه ڪو مؤثر نمونو ڏنو، سواءِ ان جي جو هو فقط هڻڪي يعني هان هان هان ڪري ٿو ۽ اهڙي نموني سان رنڀي ٿو. هو بهتر آواز ڇو نٿو ڪڍي سگهي. هو وڌيڪ اصيل جانور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ گهوڙو پنهنجي مالڪ جي مرڻ بعد سندس قبر تي اچي بيٺو ۽ هن کائڻ پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ايستائين جو اتي مري ويو. تنهنڪري هن کي اصيل جانور چئجي ٿو.

منهنجو پنهنجو گهوڙو مون ڏٺو ته ڪجهه فاصلي تان هن کي فقط اشارن سان سڏ ڪبو هو ته اچي  کاڌو کائيندو هو ۽ هن جي هڻڪڻ تي ٿپڪي هڻي کيس طنبيلي ۾ ٻڌي ڇڏبو هو. منهنجو والد صاحب ٻڌائيندو هو ته سندس گهوڙو جڏهن ڪورٽ ۾ پهچائي ويندو هو ۽ جڏهن هن کي ڇڏيو ويندو هو ته هو بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي وٺي وڃڻ جي، واپس وڃي پنهنجي طنبيلي ۾ خاموش ٿي بيهندو هو. هڪ بيلجين شاعر گهوڙي تي تجربو ڪيو ۽ هن کي حساب سيکاريائين ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويو. هو جڏهن چار چوندو هو ته گهوڙو هن کي چار ڳڻي ٻڌائيندو هو. اهڙي طرح 10،9،8 ڳڻي ڏيکاريندو هو. اهڙيءَ طرح هن ۾ ايترو حس آهي، پر هو ڳالهائي نٿو سگهي. انسان کي حيوان ناطق  يعني ڳالهائيندڙ جانور چيو وڃي ٿو ۽ هن پنهنجي ٻولي گهوڙي واري هون هون هون ڪرڻ مان ٺاهي آهي.

هاڻي اڄ توهان چئو ٿا ته هي آرين جي ٻولي آهي ۽ هيءَ سامي (Semitic) ٻولي آهي ۽ هيءَ فلاڻي ٻولي آهي ۽ جهڳڙو جاري آهي. پر سڀئي ٻوليون فقط ٻن پدن وارن لفظن سان شروع ٿيون. فقط هون هون ڪرڻ سان شروع  ٿيون. ڪجهه اشارا ۽ آواز ملائڻ سان ٻولي شروع ٿي، سامي (Semitic) ٻوليءَ ۾ ٻن پدن وارو لفظ ٽن اکرن جي بنياد تي جڙيو. اهڙيءَ طرح انسان جانور کان وڌيڪ ترقي ڪندو ويو ۽ وڌيڪ وڏا لفظ ٺاهيندو ويو ۽ اظهار ڪرڻ جو عمدي کان عمدو طريقو ايجاد ڪندو ويو. ان جهڳڙي جي سڄي ماجرا اها آهي ته هيءَ آريائي ٻولي آهي ۽ هيءَ غير آريائي ٻولي آهي وغيره وغيره. اها گفتگو ئي آهي، جنهن سان منجهس اعليٰ شعور پيدا ٿئي ٿو. باقي هو جانور آهي. انسان ان کان انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري اسان چئي سگهون ٿا ته ان انسان اڌ آواز ۽ اڌ اشارن سان گفتگو جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ اشارن ۽ آوازن ان کي ٽن لفظن ۾ جوڙي ڇڏيو.

اَلرَّحْمٰنُ  عَلَّمَ الْقُرْاٰنَ  خَلَقَ الْاِنْسَانَ  عَلَّمَهُ الْبَيَانَ“ (55: 1 کان 4) اهڙيءَ طرح هر شيءِ ڪنهن هنڌ تي اچي پهتي ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ شروع ڪيو حتيٰ ڪه ڪتو به ڪن اشارن جي سمجهه رکي ٿو. پر “خلق الانسان علمـﮧ البيان” جڏهن الله تعاليٰ انسان خلقيو ته هن کي بيان ڪرڻ سيکاريو ۽ بيان ٻولي ٿي پيو. اهو بيان اهڙي شيءِ آهي، جيڪو انسان کي حيوان کان بلڪل الڳ ڪري ٿو ۽ انسان حيوان ناطق يعني ڳالهائيندڙ جانور ٿي پوي ٿو. نطق هن ۾ آيو ۽ اهو نطق يعني گفتگو تڏهن اچي ٿي، جڏهن هن ۾ سمجهه وڌي ٿي ۽ جڏهن هو فطرت جو وڌيڪ مطالعو ڪري ٿو، ان کانپوءِ هو بيان ڪري ٿو، ڇو ته اهو ضروري آهي. توهان جيستاءِ ڪنهن شيءِ جو مطالعو نٿا ڪريو تيستائين اهو بيان نٿا ڪري سگهو. جيترو فطرت جو وڌيڪ مطالعو ڪندا، اوترو وڌيڪ بيان ڪري سگهندا. هاڻي ان جو مدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان فطرت جي مطالعي ڪرڻ ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي ۽ هو ڪيترو بيان ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن آرسي ۾ عڪس نٿو اچي ته اها موٽ ڪونه ڏيندي. تنهنڪري گفتگو حاصلات (Reception) جي موٽ (Refecction) آهي. حاصلات اها آهي ته جيتريون الله تعاليٰ جون آيتون فطرت  ۾ ڏسندا ۽ جيترا خالق جا ڪلما پڙهندا، اوترو وڌيڪ توهان ان جي موٽ ڏيندا. ٻيءَ حالت ۾ توهان ڪجهه به ڪري نه سگهندا، توهان ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهيو. ڪا شيءِ نه ڏسي سگهو ٿا نه ڳالهائي ۽ نه سمجهي سگهو ٿا. تنهنڪري ٻولي انهن سڀني شين جي شروعات آهي، ان تي جهيڙو اجايو آهي ته اها آريائي يا غير آريائي آهي.

هتي منهنجي دوست هڪ لفظ استعمال ڪيو. آءٌ توهان کي ان جو مثال ڏيان ٿو. توهان ديبل لفظ ٻڌو هوندو، جيڪو سنڌ جي پراڻي شهر جو نالو آهي. هن چيو ته فلاڻيون فلاڻيون شيون ديبل مان آيون. اهو ديبل لفظ سنڌ جي تاريخ ۾ سڀني ليکڪن حتيٰ ڪه عربن به استعمال ڪيو آهي، هاڻي اهو ديبل ڇا آهي، ڪنهن به ان بابت مطالعو نه ڪيو آهي ته اهو لفظ ڪٿان آيو. اسين ۽ ٻيا سڀ هن ملڪ ۾ رهون پيا، پر ڪو ٻڌائي سگهندو ته ديبل ڇا آهي؟ اهو نالو آريائي يا غير آريائي يا سامي يا خدا ڄاڻي ٿو ته ڪنهن جو آهي. اهو جهڳڙو ڄاڻو ۽ وڏن ماڻهن کي حل ڪرڻ گهرجي. هاڻي اچو ته اها آسان حقيقت حل ڪريون ته ديبل لفظ ڪٿان آيو. ڇا اهو مرد، عورت يا جناور جو نالو آهي. شهر تي اهو نالو ڪيئن پيو، هتي فقط تنهنجي ۽ منهنجي لڳي پئي آهي، پر ڪو به سنجيده شخص الله تعاليٰ جي ڌرتي جي باري ۾ اهو نٿو سوچي ته اها نه هن جي ۽ نه ڪو هن جي ابي ڏاڏي جي آهي. اها فقط ان جي آهي، جنهن هن کي ٺاهيو آهي. ”ان الارض لله“ (اها ته الله جي آهي) اچو ته ان ڌرتيءَ کي بنا ڪنهن تعصب جي ڏسون ته اها ڪنهن جي ابي ڏاڏي جي هرگز ناهي. جيئن اقبال ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن هاري ۽ زميندار وڙهي پيا ۽ ٻنهي دعويٰ ڪئي ته زمين هن جي نه هن جي آهي. پوءِ چيائون ته ٺيڪ آهي، اچو ته هلي ڌرتيءَ کان پڇون ته هوءَ ڪنهن جي آهي. جڏهن هو ڌرتيءَ وٽ ويا ۽ ڌرتيءَ کان پڇيائون. ڌرتيءَ وراڻيو ته توهان ٻئي بيوقوف آهيو. آءُ توهان جي ڪونه آهيان، پر توهان منهنجا آهيو، توهان ٻئي موٽي مون وٽ ايندا. توهان اهو وساري ڇڏيو آهي. اهو بلڪل ائين آهي اسين احمقانه ڳالهين تي هتي وڙهي پيا آهيون.

هاڻي توهان ديبل لفظ جي باري ۾ منهنجي تحقيق ٻڌو. مون ان تي مٿو هڻي هڻي معلوم ڪيو ته ديبل لفظ ’ديوبيل‘ مان نڪتل آهي. ’ديوبيل‘ معنيٰ خدا جو شهر، توهان وري چوندا ته بيل معنيٰ شهر ڪيئن ٿيو.  آءُ توهان کي اهو ٻڌائيندس ته دنيا ۾ ٻيا بيل به موجود آهن، ايران ۾ هڪ شهر آهي، جنهن کي ارد بيل چون ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي فوج جو شهر. ارد معنيٰ آهي فوج. اهو بيل لفظ فرينچ جي ”ويل“ جو ابو آهي، جنهن جي معنيٰ گهر يا شهر آهي. آئويل معنيٰ گهر ۾ موجود، توهان هتي فلاڻو وِلا (Villa) يا فلاڻو وِلا چوندا آهيو اهو فرينچ لفظ آهي. اهڙيءَ طرح ويل ۽ بيل بلڪل ساڳيا آريائي الفاظ آهن، جنهن جي معنيٰ گهر يا شهر آهي. اهو لفظ سنڌ ۽ ايران ۾ ”ويل“ جي جاءِ تي ”بيل“ استعمال ٿئي ٿو.

هاڻي ديو بيل معنيٰ خدا جو گهر ۽ جيئن مون چيو ته ارد بيل معنيٰ فوج جو شهر. قديم جرمن ديو مالا مطابق ارد جي معنيٰ موت يا تباهي وارو خدا آهي. گويا جتي به فوج آئي آهي ان تباهي آندي آهي، اهڙي طرح ارد لفظ قديم جرمن قوم ۾ موت وارو خدا سڏيو ويو. حضرات! اتان ئي ارد لفظ آيو، جنهن جي معنيٰ آهي لشڪري زبان، هاڻي توهان ڏٺو ته ٻولين جو ڪيئن نه پاڻ ۾ ربط آهي. ڏسو ته ڪٿي فرانس ۽ ڪٿي سئيڊن، ڪٿي ايران جو ارد بيل ۽ ڪٿي سنڌ جو ديوبيل ۽ ڪيئن انهن جو رشتو ڳنڍيل آهي.

گذريل ڏينهن هڪ موقعي تي مون چيو هو ته جڏهن آءٌ اٽليءَ ويو هئس ۽ اتي مون اطالوي تقرير ٻڌي. مون پنهنجي پاڻ کي چيو ته آءٌ جهڙو سنڌ ۾ آيو آهيان. ڊاڪٽر سورلي هتي اسان کي پنهنجي گهڻي علم مان ڪجهه ٻڌائڻ آيو هو ۽ مون هن کي ٿورو ان حقيقت کان آگاهه ڪيو  ۽ چيومانس ته توهان پاڻ کي سمجهو ٿا ته توهان ئي آسماني مخلوق آهيو. پر جڏهن آءٌ جواني ۾ اٽليءَ ۾ هيس ۽ هڪ اٽليءَ واري جي گفتگو ٻڌم ته سمجهيم ته سنڌ ۾ اچي ويو آهيان. هن موصوف چيو مسٽر قاضي! اهو وري ڪيئن؟ مون هن کي اها سٽ ٻڌائي جيڪا انگريزيءَ ۾ محاوري طور استعمال ٿيندي آهي. انگريزيءَ ۾ پهاڪو آهي ته يعني ’نيبل ڏسي پوءِ مرو‘ اطالوي زبان ۾ آهي ته ود ئي نيپل پوءِ موري. (Viday Napoly a Poy Mori) مون چيو ته هتي a سنڌي جي ’۽‘ جي هم آواز آهي، Poy سنڌيءَ ۾ پوءِ ۽ Mori سنڌيءَ وارو ’مر‘ آهي.

بس مون کيس چيو ته آءٌ نيپل ۾ نه پر سنڌ ۾ آهيان.

مطلب ماڻهو پاڻ کي اجايو تمام اوچو سمجهڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته آءٌ هيءُ آهيان ۽ هو ههڙو آهي، پر آخر ۾ اسين ڏسون ٿا ته ٻوليون اهڙيون ڳنڍيون پيون آهن جو اهي هڪ حقيقت محسوس ٿين ٿيون. سچ اهو آهي ته بابل جي شهر ۾ سڀ گڏ رهندا هئا. پوءِ جڏهن بابل جو زوال آيو ۽ مختلف ٻولين ڳالهائن وارا الڳ ٿي ويا تڏهن به اهي ساڳئي انساني خاندان جا فرد ڏسڻ ۾ آيا، سو فقط ’ديبل‘ لفظ به انهن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اهي تلاش ڪري رهيا هئا ته ٻولي ڪٿان شروع ٿي. هتي فقط هڪ لفظ نموني طور پيش ڪيو ويو آهي پر اهڙا سوين هزارين مثال ٻڌائي سگهجن ٿا. اهڙي طرح مون توهان کي ٻڌايو ته ڪٿي ديبل ۽ ڪٿي ايران جو ارد بيل ڪٿي فرانس جو ويل ۽ ڪٿي سئيڊن جو ارد يعني موت جو خدا ۽ ڪٿي توهان جي اردو ٻولي!

مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مون حوالو ڏنو هو ته ”ارد“ جرمن ٻوليءَ ۾ ’فرد‘ اچاربو هو ۽ جرمن جي بادشاهه کي ’فرد آنند‘ (Ferdenand) چيو ويندو هو، هاڻي جرمن جو “فرد” حقيقت ۾ ارد آهي ۽ آنند معنيٰ آرام آهي. اهو ارد آنند يا فرد آنند جي معنيٰ آهي فوج جي آرام جي جاءِ يا شهر اهو جرمن ٻوليءَ ۾ ائين آهي ۽ ان ۾ ڪو تعجب ڪونهي.

پر ان کان وڌيڪ تعجب ۾ وجهندڙ لفظ آرياڻي آهي، جيڪو لطيف استعمال ڪيو آهي ۽ توهان سڀني پڙهيو آهي. اهو لفظ آريانه مان نڪتل آهي جيڪو آرين جو اصلي نالو يا آرين جو اڳواڻ يا شرفاءُ جو نالو آهي. اهي آريا اتر بلوچستان ۽ ڏکڻ ايران سان واسطو رکن ٿا هاڻي ڏسڻو آهي ته اصل حقيقت ڪيئن آهي ۽ اها ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪيئن آخري صورت اختيار ڪئي. باقي حقيقت کي سمجهڻ کانسواءِ جهڳڙو ڪرڻ هڪ شريف انسان جو ڪم نه آهي. اسين ٻوليءَ جي لغت ۽ اصليت معلوم ڪرڻ طرف نٿا سوچيون، ڇو ته اهو ڊگهو طريقو آهي. پر آءٌ تمام هڪ ننڍو مثال ڏيان ٿو ته انهن حقيقتن بابت وڙهڻ جي بجاءِ انهن تي سوچيو. جيئن مون چيو ته هزارن انسانن هزارين ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏيا آهن، فقط اها تحقيق ڪندي ته ديبل ڪٿان آيو.

هاڻي توهان جي ديول به ساڳي شيءِ آهي، ديول ۾ ماڻهو عبادت لاءِ ويندا آهن. ديول ۾ ماڻهو عبادت لاءِ ويندا آهن. اها ديول ڇا آهي! ساڳي شيءِ ديو ويل ديو معنيٰ خدا ۽ ويل معنيٰ گهر يعني خدا جو گهر فرينچ ٻوليءَ ۾ خدا کي ’ڊيو‘ چئيو آهي ۽ اهو ڊيو ٻيو ڪجهه نه پر ديو آهي.

توهان کي تعجب ٿيندو ته اهو ڊيو ۽ ديو يعني ’خدا‘ سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ’ڏيو‘ مان نڪتل آهي. ڏيو مان مراد آهي روشني ڏيندڙ تنهنڪري انهن انکي ڊيو ۽ ديو يعني خدا ڪوٺيو. هاڻي اهو ”ڏيا“ لفظ عربي لفظ ”ضياءُ“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ پڻ روشني آهي.

توهان يونان جي خدا ”جپيٽر“ بابت ٻڌو آهي. اهو فقط ڊيو پيدر جو بگاڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدا جوپيءُ. اهڙي طرح ڊيو پيدر بگڙجي جپيٽر ٿي پيو. اها ٻوليءَ جي ڊگهي تاريخ آهي. مون کي سڄو ڏينهن لڳي ويندو توهان سان ڳالهائيندي ۽ هڪ هڪ لفظ سمجهائيندي، اهو سمجهائيندي ته توهان جا لفظ، ٻوليون ۽ ادب ڪيئن جڙيا پيا آهن.

پر حضرات! اهو اندازو نٿو ٿي سگهي، جيستاءِ انسان جون اکيون بند ٿيل آهن، هو انڌي وانگر هلي ٿو. جيتوڻيڪ شيون ڏسي ٿو، پر انهن جو مطالعو نٿو ڪري. الله تعاليٰ جي ڌرتي هن جي اڳيان آهي، جيترو هو وڌيڪ ڏسندو، اوترو وڌيڪ رد عمل ڏيکاريندو. جيترو هو وڌيڪ جذب ڪندو، اوترو وڌيڪ موٽ ڏيندو. جيڪو ٻين تائين حقيقتون پهچائي ٿو، ان کي شاعر چيو وڃي ٿو، ان کي ليکڪ چيو وڃي ٿو، ان کي صاحب علم چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو جيڪي ڏسن ٿا، اهو اسان نٿا ڏسي سگهون. هن ۾ اها اندروني خواهش آهي، جيڪا ٻين کي ٻڌائي ٿو.

جيڪي مون ڏٺو آهي اهو جيڪڏهن توهان ڏسو ها ته توهان ڄڻ اهو ٻڌايو ها، جيڪو آءٌ ٻڌايان پيو. پر اهو توهان نه ڏٺو آهي.

”جيڪي ڏٺو هو مون ڀينر اوهان نا ڏٺو هو“

آخر ۾ اهو تعين ٿئي ٿو. آخر ۾ اهو ان تي منحصر آهي ته الله جي ڪيتري مخلوق توهان بنا ڪنهن مطالعي جي ڏٺي آهي ۽ توهان ڪيتري روشني جذب نه ڪري سگهيا آهيون. ان صورت ۾ توهان ڪيئن ان جي موٽ ڏئي سگهندا. جڏهن توهان ڪورا آهيو ۽ موٽ ۾ عڪس ڪيئن ٿا ڏئي سگهو. اهڙا شخص جيڪي موٽ ۾ اهي عڪس ڏين ٿا ۽ انهن کي ظاهر ڪن ٿا. تن کي مصنف، شاعر، آرٽسٽ ۽ جماليات جو پارکو چئجي ٿو. هو انهن لاءِ تخليق ڪري ٿو ۽ ان کي ئي علم ادب چئجي ٿو.

ڪارلائل چوندو هو ته اها ڪيترو نه بهترين نظارو آهي، جو الله تعاليٰ جو هيءَ آسمان تارن سان ڀريو پيو آهي. پر ان جو ڪو به نوٽيس نه ٿو وٺي. پر جڏهن ڪو مصور تصوير ٺاهي ٿو ان ۾ نيري رنگ جو آسمان ٺاهي ٿورو وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏي ٿو ته هرڪو اُن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته اڙي! هيءُ ته آسمان آهي. اهو به اهڙي انداز سان ڄڻڪ هن آسمان ڏٺو ئي ڪونهي. اهو ائين ڇو آهي! ڇاڪاڻ ته هڪڙو انسان ٻئي انسان جي ئي زبان سمجهي ٿو. اهو جيڪو هو نٿو ڏسي سگهي، اهو هو ٻئي جي معرفت ڏسي ٿو. پر جڏهن هن ڏٺو ته هن شخص اهو آسمان ڏٺو آهي ته اتي همدردانه فطرت پيدا ٿئي ٿي. هو هڪ مصور جي تصوير ڏسي ٿو، پر خدا جي ٺاهيل تصوير نٿو ڏسي، جيڪا هن لاءِ تمام وڏي آهي. پر هڪ ٻيو شخص آهي، جنهن هڪ شعر جي خوبصورت سٽ لکي آهي، هو ان کي سمجهي سگهي ٿو ۽ ڪو وقت اهڙو اچي ٿو، جو اسان پريشانيءَ ۾ آهيون. ان وقت اسان کي انهن حضرات جون چيل سٽون ذهن ۾ اچن ٿيون ۽ انسان محسوس ڪري ٿو ته منهنجي لاءِ نئين دنيا نڪري پئي ٿئي. مون الائجي ڪيترا دفعا اهي سٽون پڙهيون آهن، جيڪي موت ۽ زندگيءَ جي فلسفي بابت چيون ويون آهن. آءٌ اڃان تائين درد جي دارونءَ طور ضرورت وقت لطيف جون هيءَ ٽي سٽون پڙهندو آهيان.

الا اينءَ م هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾

جسو زنجيرن ۾، راتيان ڏيهان روءِ

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا

آءٌ هن خوفناڪ پڃري ۾ آءٌ بند آهيان ۽ اهو معلوم ڪونهي ته ڪٿي آهيان. آءٌ ڪيئن هن آسمان جي هيٺيان اچي قابو ٿيو پيو آهيان. ڇا هيءُ قيد خانو نه آهي؟ هيءُ پڻ گوئٽي وانگي چوي ٿو ته ڪائنات يا فطرت کي آءٌ ڪٿي پهچندس. توهان مون کي ٻڌي ڇڏيو آهي. مون کي خبر نه آهي ته ڪيئن آيس. خبر نه آهي ته ڪٿي آهيان، مون وٽ روشني نٿي اچي، جڏهن ته مون کي وڌيڪ روشنيءَ جي ضرورت آهي ته جيئن آءٌ معلوم ڪريان ته ڇو آيس ۽ ڪٿي آهيان، آءٌ مرڻ کان اڳ ڪجهه ڪري وٺان. اهو سڀ ڪجهه لطيف ٽن سٽن ۾ مارئيءَ نالي هڪ ڇوڪريءَ جي روپ ۾ چوي ٿو:

الا، اينءَ م هوءِ جيئن آءٌ مران بند ۾

جسو زنجيرن ۾ راتيان ڏينهان روءِ

”پهرين وڃان لوءِ پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“

راتيون ۽ ڏينهن اچن پيا پر هيءُ قيد خانو آهي، ڪنهن کي به خبر ڪونهي ته ڪيئن آياسين ۽ ڪيڏانهن وينداسين.

قرآن شريف فرمائي ٿو ” وَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ“ (102:2) هتي به ساڳيو تصور پيش ڪيو ويو آهي ته ايستائين نه مرو، جيستاءِ توهان کي معلوم ٿي وڃي ته موت کان اڳي توهان هتي ڇو آيا آهيو. مرڻ کان اڳ اهو معلوم ڪري وٺو ته توهان هتي ڇا جي لاءِ آيا آهيو. اهو موت ڇا آهي! هر روز ٻڌون ٿا ته ڪالهه فلاڻو ۽ اڄ فلاڻو گذاري ويو. پر آءٌ چاهيان ٿو ته انهن کي اهو معلوم ڪرڻ گهربو هو ته اهي ڇو آيا ۽ ڪيڏانهن وڃن پيا. اها ڪهڙي نه افسوس ۽ رحم جوڳي ڳالهه آهي ته اسان اهو معلوم ڪرڻ کانسواءِ هليا وڃون ٿا ته اسين هتي ڇو آياسون. اهي ٽي سٽون ان جي وضاحت ڪن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اهي سٽون صبح ستين بجي کانوٺي هڪ بجي تاءِ جهونگاريندو آهيان ۽ روئندو رهندو آهيان.

الا اينءَ م هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾

جسو زنجيرن ۾ راتيان ڏيهان روءِ

پهرين وڃان لوءِ پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا

حضرات! سنڌيءَ ۾ جديد رجحانات جو ڪو وجود ڪونهي. ٿورو ڪجهه شروع ٿيا هئا، جيڪي ازخود ختم ٿي ويا. پنجن سالن ۾ هڪ ڪتاب به نه لکيو ويو آهي، جنهن ۾ آءٌ ڏسان ته ڪنهن شخص اهڙا خيالات پيش ڪيا آهن، جيڪي پڙهڻ جي لائق آهن، ليڪن اهو توهان سڀني لاءِ لازم آهي ته قدرت يا فطرت جو مطالعو ڪريو ۽ پنهنجي دلين کي احمقانه حرڪتن کان پاڪ ڪريو، ان لاءِ پنهنجون راتيون ۽ ڏينهن روئي گذاريو (راتيان ڏينهان روءِ)، ان وسيع ۽ خوبصورت زندگيءَ کي سمجهو ۽ آئيني وانگي ان جي موٽ ڏيو. اهو ئي توهان سڀني کي ڪرڻو آهي. ماضيءَ جي صاف سٿرن رجحانن کي ڌيان ۾ رکو. باقي اسان وٽ ڪو رجحان ڪونهي. بلڪه اسان جي چوڌاري موت جو پاڇو ڇانيل آهي. اسان وٽ ٻيو ڪجهه نه فقط موت چوگرد آهي.

هتي ڪو به شخص تخليقي لحاظ سان نٿو سوچي ۽ نه وري محسوس ڪري ٿو، نه ئي اصلي خوبصورتيءَ کي تخليقي انداز ۾  حقيقت بيان ڪري ٿو. اصل ۾ اهو ڪرڻو آهي، جنهن کي علم ادب، شاعري ۽ آرٽ چئجي ٿو. جيستائين اهو نٿو اچي، تيستائين باقي سڀ شرم جهڙي ڳالهه آهي، ڪوشش ڪري ڪائنات جي شين کي ڏسو ۽ محسوس ڪريو. الله تعاليٰ جي قدرت ۽ فطرت توهان جي اڳيان آهي. سج کي ڏسو ته اهو ڪهڙي نه شاندار نموني سان اڀري ٿو. ڏسو ته لهڻ مهل ڪهڙي نه انهيءَ جي لالاڻ آهي. توهان سج کي ڪڏهن اڀرندي ۽ لهندي ڏٺو آهي. توهان اهو ڪڏهن بيهي ڏٺو آهي اهو ته الله تعاليٰ جي بهترين رنگ جو نمونو آهي. توهان ڪيئن لکي سگهندا، جڏهن ته توهان ڪنهن شيءِ کان متاثر نه ٿيا آهيو.

جماليات معنيٰ احساس، جيڪڏهن اسان کي فطرت الاهي جو احساس ڪونهي ته پوءِ اسين ڪيئن ان جي موٽ ڏئي سگهنداسين. اسان ان کي ڪيئن جذب ڪري سگهنداسين يا اسان سمجهي سگهنداسين يا ان تي سوچ ويچار ڪري سگهنداسين، گذريل ڏينهن توهان کي هتي هڪ محترم ٻڌايو هو ته زندگيءَ جي خاصيت آهي ته هضم ڪرڻ ۽ وري پيدا ڪرڻ ساڳيو طريقو ذهني ۽ روحاني زندگيءَ ۾ آهي، اها ساڳي هڪجهڙائي توهان جي زندگيءَ ۾ سڀني شعبن ۾ ڪم ڪري ٿي. اهو جذب ڪرڻ ۽ وري پيدا ڪرڻ وارو حقيقي طريقو جيستائين نٿو جاري ٿئي تيستائين اهو هڪ اهڙي ٻار مثل آهي، جنهن اڃا جنم نه ورتو آهي، اسين چئون ٿا ته هيءَ تصوير آهي. ڇا هن کي ڪا زندگي آهي. هي شاعري آهي. ڇا اها زنده شاعري آهي، ڇا اها توهان کي زندهه رهڻ جي قابل بنائي ٿي. جيڪڏهن اها توهان کي زنده رهڻ ۾ مدد نٿي ڪري ته پوءِ اها شاعري ڪونهي. اهو احمقانه مرده ڪم آهي، بس هڪ شخص هلي نه هلي رينگٽ واري ڪار پيو ڪري. هو رديف ۽ قافيه ۽ ٻيو اهڙو رينگٽ لڳايو ويٺو آهي، پر ان ۾ ڪا به شاعري ڪونهي.

مهربان! تيستائين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، جيستائين آفاقي قانون جي پوئواري نه ٿيندي. توهان اهو تڏهن حاصل ڪندا، جڏهن الله تعاليٰ جي خوبصورت فطرت کان متاثر ٿي ان کي جذب ڪندا. ان کانپوءِ ئي توهان ليکڪ ۽ شاعر ٿي سگهو ٿا. جڏهن توهان پنهنجي ذهن کي ڏسڻ، ڄاڻڻ ۽ احساس واري انداز ۾ آڻيندا. فقط تڏهن ئي قدرتي خوبصورتي جذب ڪري سگهندا، ۽ توهان جيترو وڌيڪ جذب ڪندا، اوترو وڌيڪ ان جي موٽ ڏيندا ۽ توهان دنيا کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيندا جيئن لطيف ڪيو. توهان هن جي هر سٽ پڙهو. مون فقط هن جون ٽي سٽون پڙهيون آهن، پر اهي ئي سٽون منهنجي بيان ڪرڻ جي وس کان ٻاهر آهن. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن انهن کي لکيو ڪونهي، هن اهي چيون آهن، جڏهن هو پنهنجي وجود کان الڳ هو ۽ جڏهن اسين به پڙهون ٿا ته پاڻ کي پاڻ کان الڳ محسوس ڪريون ٿا.

ڪارلائل چوندو هو ته منهنجي لاءِ مرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مون دماغ سان هڪ لفظ به نه لکيو اهي. هر لفظ منهنجي خون مان گذريو آهي، جيڪو ڪجهه وڌيڪ عرصي لاءِ قائم رهندو. اهو يڪدم ختم ڪونه ٿي ويندو. اهو مون دماغ سان نه لکيو آهي، پر دل سان لکيو اٿم. اهڙيءَ طرح لطيف ۽ اقبال جو هر لفظ ائين آهي.

آءٌ چوان ٿو ته عام خيال دل جي رت مان گذري، دل جي لالاڻ حاصل ڪري اسان وٽ پهچن ٿا، تڏهن اسان اهي محسوس ڪرڻ کانسواءِ پڙهي نٿا سگهون. مون جڏهن لطيف جي هڪ سٽ پڙهي ته توهان ڏٺو ته هتي ڪيترو تحرڪ اچي ويو هو. توهان جيڪڏهن ڪا به سٽ مون کي پڙهڻ لاءِ چوندا، توهان ڏسندا ته توهان ۾ تحرڪ اچي ويندو، توهان جي دل تحرڪ ۾ اچي ويندي ۽ ان جي موٽ ڏيندي.

سڪي جان ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏئي

جاڳي ستيس جن لاءِ، سي آيا تان نه اٿياس

ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي!

توهان انهن سٽن کي پڙهندا وڃو ۽ جيڪڏهن توهان کي روئڻ نٿو اچي ته پوءِ توهان پٿر جا ٺهيل آهيو. توهان رئو ان ڪري ٿا جو هن جي دل ۽ هن جو روح ڳالهائي ٿو. هن خدائي جمال محسوس ڪيو هو ۽ هن اهو پاڻ ۾ جذب ڪيو هو. سنڌي علم ادب وجود ۾ نه ايندو، جيستائين اهو طريقو نه اختيار ڪيو ويندو، جيڪو زنده ۽ قائم آهي. ٻيو ڪو طريقو علم ادب پيدا نه ڪري سگهندو، جيڪو پڙهڻ جي لائق هجي ۽ جنهن کي لافاني چئي سگهجي. توهان زندهه تڏهن رهندا، جڏهن ڪا تخليق ڪندا. اهڙيون شيون تخليق ڪندا، جيڪي دنيا ٻڌڻ چاهيندي، جنهن لاءِ اهي سنڌي سکندا. مون ٿوري  جرمن ٻولي سکي ته جيئن گوئٽي کي پڙهي سگهان. مون ٿوري گهڻي عربي سکي ته آءٌ قرآن پڙهي سگهان ۽ ٻيو ڪجهه نه! تنهنڪري هڪ شخصيت اهڙي آهي، جنهن کي الڳ پاسي تي نٿو ڪري سگهجي. آءٌ آمريڪين کي، انگريزن کي، جرمنن کي، فرينچن کي مشورو ڏيندس ته اڻڄاڻائي ڇڏيو!

جيڪڏهن توهان واقعي اصليت تائين پهچڻ چاهيو ٿا ته سنڌي پڙهو، ڇاڪاڻ ته توهان وٽ لطيف ڪونهي. تنهنڪري توهان هن کي سنڌيءَ ۾ پڙهو. ٻي زبان ۾ توهان هن کي پڙهي نٿا سگهو، ڇو ته هن جي شاعري ترجمو نٿي ڪري سگهجي. اها ترجمي کان بالا آهي.

ڏري ۽ ڏاري، سٽ سورن جي سسئي،

پييائي پنهل لاءِ، نرمل نهاري،

پريتڻو پاري، مارڳ ۾ منڌ مئي.

ڇا اهڙي ڪا هڪ سٽ ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿي، مون ان کي 1928ع ۾ پڙهيو ۽ ان بابت لکيو هو. مان هينئر ستر سالن جو آهيان ۽ دنيا جو گهڻو ادب پڙهيو اٿم، پر اهڙيون چار سٽون مون ڪٿي ڪونه پڙهيون آهن. تنهنڪري هڪ شخص جي ڪري ٻولي زنده ٿي پوي ٿي. توهان پڻ لطيف وانگر جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تخليق ڪري سگهو ٿا ته پوءِ اها نه صرف قائم رهندي پر ماڻهن کي مجبور ڪندي ته ان کي پڙهن. حضور ﷺ جن جي ڪري عربي زنده ٿي پئي، جيڪا هونئن ڪوبه نه پڙهي ها. گوئٽي جرمن ٻولي کي زنده ڪيو، جنهن کي ڪو پڙهڻ گوارا نه ڪندو هو ۽ لطيف سنڌيءَ کي پڙهڻ لاءِ قائم رکيو ۽ هاڻي ڇو نه ٻيو لطيف توهان مان پيدا ٿئي ۽ دنيا کي مجبور ڪري ته سنڌي پڙهن. پر ان لاءِ شرط آهي جيئن مون چيو آهي. باقي ٻيءَ طرح ممڪن ڪونهي. هتي سچ ۽ سونهن هميشه قائم آهن، جيترو وڌيڪ توهان سچ ۽ سونهن جو ذوق رکندا اوترو ڪجهه وڌيڪ دنيا کي ڏئي سگهندا ۽ دنيا توهان جي قدمن هيٺيان هوندي ۽ توهان وٽان سکندي. تنهنڪري ڪوشش ڪري الله تعاليٰ کي سندس تخليق ۾ ڏسو ۽ ان کي جذب ڪريو.

جڏهن توهان اها تخليق ڏٺي ۽ ان کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو ته پوءِ توهان زنده انسان آهيو ۽ حيوان ناطق کان بلڪل مختلف آهيو. توهان خود ان خدائي تخليق جو حصو آهيو. ڪوشش ڪري ائين ٿيو. ان کان وڌيڪ آءٌ ڇا ٿو چئي سگهان. الله تعاليٰ جي توهان تي رحمت هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org