سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:33 

[16]

مسلمانن جا سائنسي ڪارناما

لارڊ ايڪٽن (1902ع- 1834ع)

هن کي ڪيمبرج جي تاريخي مڪتبه فڪر Cambridge School Of History جو خاص رُڪن سمجھيو وڃي ٿو. هن جيتوڻيڪ ان موضوع تي تمام گهٽ لکيو پر ان جي تمام گهڻي اهميت آهي. هو نسلي طور جرمن هو. هن پيرس، ايڊنبرگ ۽ برلن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن اٽلي، روس ۽ آمريڪا ۾ گهڻو وقت گذاريو پر آخر انگلنڊ ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين.

ايڪٽن پنهنجي خيالات جي لحاظ کان نهايت بيباڪ ۽ صاف گو هو. هو تاريخ جي تعبير ۾ مذهب جو وڏو حامي هو. هن جي نظر ۾ مذهب ئي هر قسم جي مطلق العنانيت جي خلاف هو ۽ انساني ضمير جي آزاديءَ جو رکوالو هو. هو يورپ جي تاريخ ۾ اصلاحي تحريڪ Reformation جي خلاف هو.

[The Idea Of History- P. 168]

***

يورپ ۽ عربي الفاظ

يورپي ۽ انگريزي زبان ۾ عربي الفاظن بابت ويجھڙائي ۾ هڪ مڪمل ڪتاب ’يورپ عربي زبان ڳالهائي ٿو‘ (Europe Speaks Arabic) 2008ع ۾ ڇپيو آهي جنهن جو مصنف ڊاڪٽر عبدالرحيم آهي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ئي هو بينزين جي لوبان جاوي مان هجڻ جو ذڪر ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته اصل عربي لفظ ’لبان جاوي‘ هو جنهن جي معنيٰ هئي جاوا جي خوشبو. اها خوشبو جاوا ۽ سوماترا ٻيٽ ۾ هڪ قسم جي وڻ جي رس مان حاصل ٿيندي هئي. اهو لفظ پهريائين اسپيني زبان ۾ Benjui ٿيو. ڇو ته يورپ ۾ عربن جو اچڻ ۽ رهڻ سڀ کان پهرين اسپين ۾ ٿيو، جتي مسلمانن جي ست سؤ سالن کان وڌيڪ حڪومت رهي. ساڳيو لفظ پورچوگيزيءَ ۾ Beujoin ٿي پيو ۽ اٽالين ۾ Benzoino بڻيو ۽ فرينچ ۾ Benjoin ٿيو. انگريزيءَ ۾ اهو لفظ فرينچ مان آيو. اڳتي هلي اهو benzoin ٿي ويو. بلڪ شعر و شاعريءَ ۾ اهو benjamin طور به استعمال ٿيو. 1800 عيسوي ڌاري علم ڪيميا ۾ اهو benzoic acid جي نالي سان داخل ٿيو ۽ اڳتي هلي benzol ۽ benzine بلڪ انهيءَ سلسلي جا ٻيا نالا به باقاعدي استعمال ۾ اچڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هن يورپ جي ٻين زبانن اسپيني، جرمن، ڊچ، فرينچ، سويڊش، پولش وغيره ۾ عربي لفظن جي هجڻ جو گهڻو ئي ذڪر ڪيو آهي. اهو ڪتاب مڪالمي جي انداز ۾ تحرير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پهرين ڪنهن يورپي لفظ جي بڻ بڻياد بابت سوال ملي ٿو ۽ ان کان پوءِ ان جو تفصيلي جواب ملي ٿو.

Goodwood Book سلسلي جو هي ڪتاب دهليءَ مان پهريون ڀيرو 2008ع ۾ ڇپيو آهي جيڪو پڙهڻ وٽان آهي.

[Europe Speaks Arabic- P. 1078108]

***

يورپ ۾ عربي انگ

هينئر اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته يورپ ۾ موجود مروج انگ عربن جي ذريعي ئي پهتا. اهو اٽليءَ جي شهر پسا جواليو نارڊو هو جنهن پهريون دفعو 1202 عيسويءَ ۾ پهريان نو انگ 1، 2، 3، 1، 5، 6، 7، 8، 9 متعارف ڪرايا. هو وڏو سياح هو ۽ عرب ملڪن جو گهڻو سير سفر ڪيو هئائين. هن انهن کي هندي-عربي انگ ڪوٺيو هو. هن وڌيڪ اهو به لکيو ته انهن نون انگن کان واڌارو 0 آهي جنهن کي عربيءَ ۾ صفر چون ٿا ۽ انهن ڏهن بنيادي انگن سان ڪو به وڏو انگ لکي سگهجي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته هن کان اڳ يورپ ۾ رومن انگ لکيا ويندا هئا. جيئن ڪيترين ڪليسائن جي مٿان اهي اڄ به لکيل نظر ايندا آهن. اهي انگ لکڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺندا هئا ۽ انهن جو جوڙ ڪٽ ته وڌيڪ مشڪل هو مثلاً I=1، II=2، III=3، IV=4، V=5، X=10، L=50، C=100 ۽ LXXX= 80

ليونارڊو يورپ ۾ ڏهائي انگ ۽ مساوات ۽ ٻيو مول وغيره بابت به ان ڪتاب ۾ لکيو هو.

[Math Wonders Alfred Posamentier- P. 169- 328]

***

اسپنوزا (1632ع کان 1677ع)

هو يهودي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس ننڍپڻ ايمسٽرڊم ۾ گذريو. هو جلد ئي عقل پرستيءَ ڏانهن مائل ٿي ويو جنهن ڪري کيس يهودي برادريءَ مان خارج ڪيو ويو. هن جي فڪر جا ٽي مرڪزي نقطا آهن.

(1) ڪائنات جي بناوت (2) خدا جي ماهيت (3) انسان جي زندگي. هو ڪائنات کي ابدي ۽ لامتناهي سمجھي ٿو. هن جو دليل آهي ته زمان يا وقت جي لحاظ مان لاشيئيت يا عدم ائين ناقابل تصور آهي جيئن مڪان جي لحاظ سان عدم جو تصور نٿو ڪري سگهجي. خدا جي باري ۾ هو چوي ٿو ته اهو ئي آهي جيڪو هر طرف ڦهليل ۽ هر شيءِ ۾ سرايت ڪيل آهي. ائين انسان خدا جو جزو آهي. مطلب خدا هر شيءِ ۾ آهي ۽ هر شيءِ خدا ۾ آهي. خدا اهو عقل آهي جيڪو دنيا جي رهنمائي ڪري ٿو. هيءَ ظاهري دنيا خدا جو جسم آهي ۽ ڪائنات کي متحرڪ رکڻ واري توانائي هن جو ذهن آهي. ٻين لفظن ۾ جسم، ذهن ۽ روح هڪ حقيقت جا ٽي پهلو آهن. مطلب سپنوزا جي دعويٰ مطابق خدا ئي ڪائنات آهي ۽ ڪائنات جا رنگ خدا جي ذهن جي ڪارفرمائي آهن. هن فلسفيانه نظريي کي عام طور وحدت الوجود (Pantheism) چيو وڃي ٿو. Pan معنيٰ ’سڀ ڪجھه‘ ۽ Theos معنيٰ خدا. مطلب سڀ ڪجھه خدا آهي.

هتي اهو اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته مسلمان صوفين وٽ وحدت الوجود جو اهو تصور بالڪل ناهي جنهن مطابق هر شيءِ ٺڪر ڀتر کي خدا يا ان جو حصو سمجھيو وڃي ڇو ته ان سان اسلام ۾ خدا جي خالق هجڻ جو بنيادي تصور ختم ٿي وڃي ٿو. وڌيڪ سمجھاڻي لاءِ ڏسو اسان جو ڪتاب مڪمل شرح ابيات سنڌي- سنڌالاجي- سال 2012ع.

]20 عظيم فلسفي مترجم قاضي جاويد- ص. 125[

***

اسلام جو مغرب جي سائنسي ۽ فڪري ترقيءَ ۾ حصو

مغربي مؤرخن توڻي مفڪرن هن حقيقت جو ڪڏهن به کليءَ دل سان اعتراف نه ڪيو آهي تاهم هن سلسلي ۾ ويجھي عرصي اندر رابرٽ بريفالٽ ۽ جارج سارٽن، برٽرانڊرسل ۽ ول ڊيورانٽ گهڻي صاف گوئي کان ڪم ورتو آهي. بريفالت  برٽرانڊرسل جا خيالات اسان هن کان اڳ پيش ڪري چڪا آهيون. هتي ول ڊيورانٽ جنهن مغربي تهذيب جي ڪيترن جلدن ۾ نهايت ضخيم تاريخ لکي آهي. ان جي تحريرن مان هڪ ٻه اقتباس پيش ڪريون ٿا.

’وسطي عهد ۾ طب جي مضمون جو عظيم عالم ۽ محقق ابن سينا، ٻيو عظيم طبيب الرازي، عظيم جاگرافيدان البيروني، عظيم ترين ماهر چشم ابن الهيثم، عظيم ترين ڪيميادان جابر بن حيان. موجوده عيسائي دنيا انهن پنجن وڏن نالن کان غير واقف آهي. بلڪ اها ڳالهه وسطي عهد جي باري ۾ اسان جي لاعلمي جو ثبوت آهي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ عربن جي سائنس ۾ ڪي ڳالهيون رمزيت جي زمري ۾ اچن ٿيون، تاهم علم ڪيميا جي ميدان ۾ هنن ئي عظيم تجرباتي طريقي جو بنياد رکيو جنهن کي جديد ذهن پنهنجي لاءِ وڏو هٿيار سمجھي ٿو. جابر بن حيان کان پنج سو سال پوءِ جڏهن راجر بيڪن ان طريقي کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو ته ان لاءِ هو اسپين جي مسلمان عالمن جو ئي ٿورائتو هو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسپين ۾ اها روشني اسلام جي ذريعي ئي پهتي هئي.

]اسلام کي داستان- ول ڊيورانٽ- ص. 139[

***

محمد بن قاسم بابت مقالو- ڊاڪٽر بلوچ

هتي محمد بن قاسم بابت جنهن مقالي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جو مصنف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هو. ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترا تحقيقي مقالا حيدرآباد دکن مان شايع ٿيندڙ علمي رسالي ’اسلامڪ ڪلچر‘ ۾ شايع ٿيا هئا. ياد رهي ته اسلامڪ ڪلچر رسالي جا ايڊيٽر قرآن جي مشهور مفسر محمد مارماڊيوڪ پڪٿال جهڙا عالم هئا ۽ ان ۾ علامه عبدالله يوسف علي جهڙن جڳ مشهور اسڪالرن جا مقالا شايع ٿيندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو پهريون مقالو جيڪو اسلامڪ ڪلچر ۾ شايع ٿيو ان جو عنوان هو ’عربن جي هند ڏانهن پهرين مهم جوئي‘ The Probable Date of The First Arab Expedition to India. هيءَ مقالو ڊاڪٽر صاحب اسلامڪ ڪلچر جي ايڊيٽر جي دعوت تي ان رسالي ۾ محمد اسحاق نالي اسڪالر طرفان ساڳئي موضوع تي 1945ع ۾ ڇپيل مقالي تي تنقيد ڪندي لکيو هو ۽ اهو 1946ع ۾ شايع ٿيو هو. علامه صاحب هن مقالي جو حوالو هڪ دفعو ٻيهر به ڏنو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو اهو مقالو 1953ع جي XXVII شماري ۾ شايع ٿيو هو. ’اسلامڪ ڪلچر‘ جا اهي پرچا خصوصي اجازت تحت جانسن ريپرنٽ ڪارپوريشن لنڊن طرفان 1971ع ۾ ٻيهر شايع ٿيا.

ڊاڪٽر صاحب جي ان مقالي جو سنڌي ترجمو ’سنڌ جي تاريخ- تحقيقي مقالا‘ ۾ شامل آهي.

[Islamic Culture: The Hyderabad Quartely Review Reprint London: New York 1971]

***

عبدالرحمٰن اول

پهرين صدي هجريءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ هڪ طرف 93 هجري ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته ٻئي طرف طارق بن زياد اندلس يعني اسپين ۾ فاتح جي حيثيت ۾ قدم رکيو. ليڪن جڏهن مرڪز ۾ بنو عباس بني اُميه کان سلطنت جون واڳون زبردستي کسي پنهنجي حوالي ڪيون ته اموي خاندان جا ڪيترا فرد مختلف علائقن ڏانهن ڀڄي ويا جن ۾ خليفي هشام جو پوٽو عبدالرحمٰن شامل هو. هن 39 هجري ۾ اسپين ۾ پهچي حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترين صدين تائين سندس خاندان اندلس ۾ عاليشان حڪمراني قائم ڪئي. انهيءَ خاندان جي هڪ فرد عبدالرحمٰن ثالث 317/ 925 ۾ پاڻ خليفي هجڻ جو اعلان ڪيو. هن پنهنجي سلطنت جون سرحدون ڪافي وسيع ڪيون ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن عيسائي حڪمرانن کي شڪستون ڏنائين. هن پنهنجي دور ۾ سڀ کان طاقتور بحري ٻيڙو تيار ڪرايو جنهن ڪري بحيره روم ۾ سندس تسلط قائم هو.

اندلس مسلمانن جي دورِ حڪومت ۾ علم ادب، صنعت ۽ دستڪاريءَ ۾ بي مثال ترقي ڪئي. اهو اندلس هو جتي ابن رشد ۽ ابن عربيءَ جهڙا عالم ۽ صوفي پيدا ٿيا. جتي هنن مسجد قرطبه ۽ الحمرا جهڙيون لاجواب عمارتون تعمير ڪيون جيڪي فن تعمير جو شاهڪار نمونو آهن.

]لين پول اردو ترجمو. فرمانروايان اسلام. ڊاڪٽر غلام جيلاني، ص. 41- 42[

                                    ***

ميٿيو آرنولڊ (1822ع کان 1888ع)

مشهور انگريزي اديب، شاعر ۽ نقاد. هو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ شاعري جو پروفيسر هو جتي هو ٻه دفعا پنجن سالن تائين ان عهدي تي رهيو. 1849ع کان 1857ع جي عرصي دوران سندس شاعريءَ جا پنج مجموعا منظر عام تي آيا. 1865ع ۾ هن تنقيدي مقالا (Essays in Criticism) تحرير ڪيا. جن نقاد جي حيثيت ۾ کيس شهرت جي بلندين تي پڄائي ڇڏيو. تاهم هن جي پنهنجي شاعري به ان تنقيد تي پوري نٿي بيهي. اهو ئي سبب هو جو هن اڳتي هلي پنهنجي ڪجهه شاعريءَ کي ترڪ ڪري ڇڏيو. هو آدرشيت پسند هو جنهن ڪري هو ماضيءَ جا اقدار تلاش ڪري ٿو ۽ ماديت ۽ ترقي پسنديءَ کي نٿو ساراهي سگهي. هن سلسلي ۾ هو Anarchy and culture ’ثقافت ۽ انتشار‘ ۾ پنهنجي نظريات کي پُرزور انداز ۾ پيش ڪري ٿو. هن مذهب جو به وسيع مطالعو ڪيو هو جنهنڪري ان نتيجي تي پهتو هو ته نئين انجيل New Tedament جون ڪيتريون عبارتون هرگز قابل اعتبار ناهن. هو گوئٽي کي ان ڪري ساراهي ٿو جو هو قدامت پرست هو ۽ ڪلچر سندس آدرش هو.

[World  Literature P. 33- 34]

روح اسلام- امير علي- اردو ترجمو- ص. 224

 

***

[18]

سجاڳ ۽ روشن ذهن

بادشاهه جان (1215)

هن جي انگلينڊ جي تاريخ ۾ خاص شناخت ميگناڪارٽا جي حوالي سان آهي جيڪو 1215ع ۾ ملڪ جي وڏن نوابن ۽ سردارن جي زور ڀرڻ تي کيس دستخط ڪري نافذ ڪرڻو پيو.

ميگنا ڪارٽا جنهن کي پهريون ’شاهي دستور‘ چئي سگهجي ٿو. ڪل سٺ ڀاڱن تي مشتمل هو جنهن جو مجموعي مقصد جاگيردارن (Feudals) ۽ ڪليسا جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو. ليڪن ان ۾ خاص ڳالهه اها لکيل هئي ته بادشاهه سڀني سان انصاف ڪندو ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي قانوني چاره جوئي کان سواءِ گرفتار يا بند نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ بادشاهه جان پاڻ ان دستور تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻائيندو رهيو پر سندس جانشين هينري دوم ان کي عوام لاءِ نافذ ڪيو ۽ ان تي عمل پيرا رهيو.

ميگنا ڪارٽا انگلينڊ جي قانوني تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.

]برٽش هسٽري ص 72[

***

وليم فاتح

هو نارمنڊيءَ جو ڊيوڪ هو پر هو انگريز فوج کي هيمٽنگس ۾ 1066 ۾ شڪست ڏئي انگلينڊ تخت جو مالڪ بنيو. ان ڪري هن کي نارمن چيو ويندو هو. اڳتي هلي نارمن انگلينڊ تي زبردست حڪمراني قائم ڪئي. نارمن ئي اسڪاٽلنڊ کي پڻ فتح ڪيو.

وليم پاڻ سخت حڪمران هوندي به انصاف پسند هو. جڏهن 1087ع ۾ هو اوچتو گهوڙي تان ڪرڻ بعد مري ويو ته سندس پٽ وليم روفس تخت جو وارث بنيو. اهي نارمن ئي هئا جن پنهنجي حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪرڻ خاطر پوري ملڪ ۾ هر هنڌ ڪوٽ ۽ قلعا (Castle) تعمير ڪرايا جيڪي عام طور ڪنهن مٿانهين جڳهه تي ٺاهيا ويندا هئا جن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي هو.

نارمن جيئن ته اصل ۾ فرينچ ئي هئا تنهن ڪري هنن فرينچ رسم و رواج کي زور وٺرايو ۽ فرينچ ٻوليءَ کي مقدم رکيو. مرڻ کان پوءِ وليم کي انگلينڊ جي شهنشاهي ديول ويسٽ مسٽرايبي ۾ دفن ڪيو ويو.

]برٽش هسٽري- ص 53[

***

بادشاهه جارج (1660-1727)

جارج نسلي طور جرمن هو، پر جڏهن جيمس ٻئي رومن ڪئٿولڪ مذهب ترڪ ڪري، انگليڪن بنجڻ کان انڪار ڪيو ته راڻي ايني بادشاهه بنجي وئي. ان جي اوچتي موت سبب تخت جو وارث جارج بنجي ويو. هن کي انگريزي ڪو نه ايندي هئي تنهن ڪري هو پنهنجي وزيرن سان فرينچ ۾ ڳالهائيندو هو. جارج پهرئين کان پوءِ جارج ٻيو ۽ پوءِ جارج ٽيون تخت تي ويٺا. انهن جي خاندان کي هينوور حڪمران سڏجي ٿو. جارج ٽئين جي دور ۾ امريڪا 1776ع ۾ آزاد ٿيو ۽ 1789ع ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو.

جارج ٽيون دائم المريض هو بلڪه مٿس ديوانگيءَ جا دورا به پوندا هئا. آخرڪار مستقل بيماريءَ سبب سندس پٽ کي نگهبان طور مقرر ڪيو ويو جيڪو جارج ٽئين جي 1820ع ۾ موت تائين حڪم احڪام جاري ڪندو رهيو.

[British History- P. 148]

***

مئڪبيٿ (Macbeth)

مئڪبيٿ انگريزي ٻوليءَ جي وڏي ۾ وڏي ڊراما نگار شيڪسپيئر جو لکيل ڊرامو آهي. اهو سندس خزينه ڊرامن ۾ نهايت اهم آهي جيڪو 1606ع ڌاري تحرير ڪيو ويو. مئڪبيٿ تاريخي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل ڊرامو آهي. مئڪبيٿ اسڪاٽلينڊ جو 1040ع کان 1057ع تائين حڪمران هو. مئڪبيٿ پاڻ ڊنڪن کي ماري تخت حاصل ڪري ٿو ۽ ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي هو پاڻ به قتل ٿي وڃي ٿو. مئڪبيٿ کي تاريخي ڊراما نويسيءَ جو عمدو مثال سمجھيو ويو آهي.

مئڪبيٿ ۾ هڪ هنڌ هي سٽون ملن ٿيون.

“Here’s the smell of  the blood still,

All the perfumes of Arabia will not swetten this little hand!”

(هتي اڃان تائين رت جي نه ختم ٿيندڙ بوءِ آهي، عرب مان آندل ڪيتري به خوشبوءِ ڇو نه هجي، اها ان هٿ کي پاڪ صاف نٿي ڪري سگهي).

هن سٽ مان پتو پوي ٿو ته شيڪسپيئر جي زماني تائين خاص طور انگلينڊ عربن جي ٺاهيل عطر کان چڱيءَ طرح واقف هو جو ان جي ايڏي تعريف ڪئي اٿائين.

[Alexandar’s Introductions to Shakespear P. 158- 159]

[Books that- Changed My Life: Muhammad Tahir P. 410]

***

برٽرانڊ رسل ۽ وائيٽ هيڊ

برٽرانڊ رسل ۽ وائيٽ هيڊ مشهور انگريز فلسفي هئا. رسل 1882ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1970ع ۾ وفات ڪري ويو. هن ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي هو بنيادي طور رياضيدان هو. هن وائيٽ هيڊ سان گڏجي 13- 1910ع ڌاري رياضيات جا اصول Principals of Mathematics لکيو.

زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ هن جو فلسفي ڏانهن وڌيڪ ڌيان رهيو. 1945ع ۾ هن مغربي فلسفي جي تاريخ لکي. هو فلسفي ۾ سائنسي فڪر جو نمائندو آهي. سندس فڪر ۾ رومانيت، تشڪيڪ ۽ مابعد طبيعات جو عجيب امتزاج ملي ٿو. هن جڏهن مان عيسائي ڇو نه آهيان؟ لکيو ته ان کان پوءِ مٿس امريڪا جي يونيورسٽين ۾ پروفيسر ٿيڻ تي اهو چئي پائبندي عائد ڪئي وئي ته هو نئين نسل جي اخلاق ۽ مذهبي نظرين کي بگاڙي رهيو هو. ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ هو بين الاقوامي امن لاءِ جاکوڙيندو رهيو.

[Why I am not a Christian- Routledge London. Appendix- P. 166]

***

امام غزالي (505AH-450)

ابو حامد محمد بن غزالي خراسان جي شهر طوس ۾ پيدا ٿيو جيڪو هينئر موجوده ايران ۾ آهي. هن پنهنجي تعليم نيشاپور ۾ مڪمل ڪئي ۽ جلدئي خدادا صلاحيت سبب اسلامي دنيا جي وڏي يونيورسٽي نظاميه بغداد جو سربراهه مقرر ٿيو. وقت جي حڪمرانن ۽ اميرن نظام الملڪ طوسي، ملڪ شاهه سلجوقي ۽ بغداد جي عباسي خليفي جي درٻار ۾ کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ان وقت جي حاڪمن جي زندگيءَ کي ويجھو ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن سندس اندر ۾ بيزاري ۽ بغاوت کي جنم ڏنو. آخر 38 سالن جي عمر ۾ هو فقيراڻو ويس ڪري مراقبن ۽ مجاهدن ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ان حالت ۾ کيس پورا ڏهه سال گذري ويا. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو هو اڳتي بادشاهن ۽ اميرن سان تعلق رکڻ کان تائب ٿيو ۽ موٽي پنهنجي باڻي شهر طوس ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي هڪ مدرسو قائم ڪري نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ لڳو. پر جلدئي پنجن ڇهن سالن جي عرصي ۾ وفات ڪري ويو.

غزالي اسلامي دنيا جو وڏو مفڪر صوفي ۽ فلسفي هو. هن پنهنجي روحاني مشاهدن جو بيان المنقذ من الضلال ۾ ڪيو آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي. غزاليءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ان وقت يوناني فلسفي جي وڌندڙ اثر کي زائل ڪرڻ هو جنهن جي ڪري اسلام جي بنيادي عقيدن بابت اڪيچار شڪ شبها پيدا ٿي رهيا هئا. هن سلسلي ۾ سندس پهريون ڪتاب ’مقاصد الفلاسفه‘ آهي جنهن ۾ يوناني فلسفي کي چڱيءَ طرح سمجھايو ويو آهي سندس ٻيو ڪتاب ’تهافته الفلاسفه‘ آهي جنهن ۾ هو يوناني فلسفي کي علم ڪلام ۽ عقلي دليلن سان گهٽ ثابت ڪري ٿو.

بهرحال غزاليءَ جي شهرت جو اصلي سبب سندس ضخيم تصنيف احياءَ علوم الدين آهي جنهن ۾ هو اسلام جي بنيادي عقيدن جي اهڙي صوفيانه تشريح ڪري ٿو جنهن کي اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي آهي.

غزاليءَ جي فڪر کان يورپ به متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رهي سگهيو ۽ مشهور فلسفي ڊيوڊ هيوم تي هن جي اثرات کي تسليم ڪيو ويو آهي.

]تاريخ فلاسفه اسلام- محمد لطفي جمعه- ص. 22- 23[

***

يورپ ۾ ڪتب نويسيءَ جي تاريخ

هتي علامھ جو دليل آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج يعني علم حاصل ڪرڻ جي ترغيب قرآن شريف ئي ڏني جنهن جي شروعات ’اقرا باسم ربک الذي خلق‘ يعني پڙهڻ جي حڪم سان ٿي.

هڪ تحقيق موجب ٻارهين صدي عيسوي تائين يورپ ۾ لکيل ڪتابن جو تعداد ٻن سون کان مٿي نه هو. انهيءَ عرصي دوران جرمنيءَ ۾ پنجاهه، فرانس ۾ ڏهه، برطانيه ۾ پندرهن کان وڌيڪ ڪتابن جا نالا نٿا ملن. مشهور مصنف ڊريپر ۽ بريفالٽ پنهنجي ڪتابن ۾ ان تي گهڻي روشني وڌي آهي ته وچين دور تائين يورپ ڪيڏي اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو. تڏهن ته ان دور کي ’اونداهو دور‘ (Dark Ages) سڏين ٿا.

]يورپ پر اسلام ڪي احسان- ص. 100[

***

[22]

اسلامي ڪئلينڊر

وادي عشق بسي دور دراز است ولي

طي شود جاده صد سال به آهي گاهي

اقبال جو هي شعر ’زبور عجم‘ جي شروعات ۾ ملي ٿو، اهي ڪل ٽي شعر آهن، پهريون شعر هن ريت آهي:

مي شود پردهء چشمم پر گاهي گاهي

ديده ام هر دو جهان را به نگاهي گاهي

آخري ٽيون شعر هن ريت آهي:

درطلب کوش و مده دامن اميد ز دست

دولتي هست که يا بي مر راهي گاهي

معنيٰ: طلب يعني جستجو ۽ تلاش جاري رک ۽ اميد جو دامن پنهنجي هٿان نه ڇڏ، آخر اها دولت (عشق) ڪڏهن نه ڪڏهن راهه هلندي توکي هٿ اچي ويندي.

]شرح زبور عجم، ص 5[

***

 [24]

شاهه ولي الله ۽ اخلاقيات

هيگل (1770-1831)

 

هيگل کي ’فلسفه تاريخ‘ جو باني چيو وڃي ٿو ڇو ته اهو اصطلاح هن پهريون دفعو استعمال ڪيو، هن پنهنجا مشهور ليڪچر ان موضوع تي 1822 ڌاري پيش ڪيا، هيگل تاريخ کي ارتقائي نقطئه نظر سان ڏسي ٿو ۽ هو تاريخ کي سوچ ۽ فڪر جو عمل سمجهي ٿو، هو چوي ٿو ته تاريخدان جو ڪم صرف واقعات کي بيان ڪرڻ ناهي بلڪه انهن واقعن جي پويان ڪارفرما سوچ ۽ فڪر کي سمجهڻ آهي، ليڪن هو اهو واضح ڪري ٿو ته اها سوچ هميشه متضاد ۽ جدلياتي نوعيت جي ٿئي ٿي، تاريخي واقعا انهيءَ تضاد يا جدليات جو لازمي نتيجو آهن.

[The Idea of History, P.178]

***

ڪارل مارڪس (1818-1888)

هن جو خاندان اصل ۾ يهودي هو جنهن پوءِ پروٽيسٽٽ عيسائي مذهب اختيار ڪيو، هو جوانيءَ ۾ هيگل جي فلسفي کان گهڻو متاثر ٿيو. جرمنيءَ مان هو فرانس آيو جتي هو اينگلز دجو وست ۽ هم خيال بنجي ويو، اينگلز جو پيءَ مالدار صنعتڪار هو جنهنڪري اينگلز مارڪس جي مالي مدد ڪرڻ لڳو، 1848 ۾ مارڪس پنهنجو انقلابي نظريو ’اشتراڪيت جو منشور‘ (Communist Manifesto) جي صورت ۾ شايع ڪيو. اهو زمانو هو جڏهن هو ڳجهي ريت فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ مزدور انقلاب جي راهه هموار ڪري رهيو هو، جنهنڪري کيس جلد اتان جلاوطن ڪيو ويو ۽ ان ڪري هن لنڊن ۾ اچي پناهه ورتي. لنڊن ۾ رهائش دوران به اينگلز سندس مالي مدد ڪندو رهيو، لنڊن ۾ مارڪس برٽش ميوزم ۾ ويهي پاڻ کي تحقيق جي حوالي ڪيو ۽  Das Capital يعني ’سرمايي‘ جهڙو لاجواب ڪتاب تحرير ڪيو، ان کانسواءِ هو مختلف رسالن ۾ مضمون به لکندو رهيو، انهيءَ دور ۾ هن هندستان تي برطانوي تسلط ۽ ان جي معاشي ۽ عمراني اثرات بابت به گهڻو ڪجهه لکيو.

مارڪس هيگل جي جدلياتي نظريي جي بنياد تي پنهنجو ماديت جو نظريو پيش ڪيو جنهن ڪري کيس ’جدلياتي ماديت‘ Dialectical Materialism جو اَبو سڏيو وڃي ٿو. هو تاريخ ۽ انساني فڪر کي سماج  جي ترقيءَ سان گڏ پيدا ٿيندڙ تضادن جو نتيجو قرار ڏئي ٿو ۽ هر قسم جي مابعد طبعي قوت Metaphysical Power جو انڪار ڪري ٿو. ان لحاظ سان هو مذهب کي به انهن معاشي تضادات جي پيداوار سمجهي ٿو. هو تاريخ ۾ پيداوار جي طريقن Modes of Production کي فيصله ڪن حيثيت سان پيش ڪري ٿو، ان ڪري هن جو چوڻ هو ته سرمايه دارانه نظام Capitalism پنهنجي اندروني تضادات جي ڪري جٽاءُ نٿو ڪري سگهي ۽ ان جو لازمي نتيجو ’اشتراڪيت‘ (Communism) آهي ۽ ان ۾ ئي هو انسانيت جي نجات ڏسي ٿو. ويهين صدي ۾ مارڪس جي نظريات جي آڌار تي روس ۽ ٻين ملڪن ۾ اشتراڪي نظام قائم ڪيو ويو، پر اهو هڪ صديءَ جي اندرئي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.

[The Idea of History, p.181-183]

***

بڪل ٿامس هينري (1821-1862)

هن کي سائنسي تاريخ جو اَبو سڏيو ويو آهي، هن 1861 ۾ ’انگلينڊ جي تاريخ‘ نالي ڪتاب لکيو جيڪو هو مڪمل ڪري نه سگهيو. تاهم اهو ڪتاب جيئن جو تيئن شايع ٿيل آهي.

[Will Durant: The Greatest Minds & Ideas, P.78]

***

[26]

شاهه عبداللطيف جو فڪر ۽ عرفان

مولانا رومي

مولانا روميءَ کي سندس لاجواب تصنيف مثنوي جي ڪري عظيم صوفي شاعر ۽ مفڪر تسليم ڪيو ويو آهي. هن جو نالو محمد ۽ لقب جلال الدين هو. هو 604/ 12 ۾ موجوده افغانستان جي شهر بلخ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بهاءُ الدين وڏي علمي شخصيت هو. جنهن ڪري کيس سلطان العلما جو لقب مليل هو. عام روايت مطابق جڏهن خراسان ۾ منگولن جي حملن جو خوف وڌي ويو ته بهاءُالدين سلطان روم علاؤالدين ڪيقباد جي خواهش تي 626هه ۾ قونيه ۾ اچي مستقل قيام ڪيو. جلال الدين جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد کان علاوه برهان الدين محقق جو هٿ آهي. 630هه ۾ مولانا رومي شام جو سفر ڪيو ۽ حلب جي مدرسي حلاويه ۾ ڪجھه وقت گذاريو ۽ ان کان پوءِ هن دمشق ۾ پڻ ڪجھه وقت لاءِ قيام ڪيو. آخر 638 ۾ واپس قونيه ۾ اچي مستقل قيام ڪيائين.

مولانا روميءَ جي زندگيءَ ۾ ان وقت وڏو روحاني انقلاب آيو جڏهن سندس ملاقات 642هه ۾ اوچتو قونيه ۾ آيل درويش خدامست شمس تبريزيءَ سان ٿي. ان کان پوءِ مولانا شاعري ۽ سماع کي پسند ڪرڻ لڳو. بلڪ صوفين جي اصطلاح ۾ مٿس سُڪر جي ڪيفيت طاري رهڻ لڳي. آخر حسام الدين چلپيءَ جي مشوري سان مثنويءَ جي شروعات ٿي. مولانا خاص ڪيفيت تحت حسام الدين کي اشعار لکرائيندو ويندو هو ۽ ان ريت 26 هزار بيتن تي مشتمل مثنوي ڇهن سالن ۾ وجود ۾ آئي. مولانا روميءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ديوان شمس تبريزي آهي جنهن ۾ غزليات ۽ رباعيات آهن ۽ ان ۾ به 25 هزارن کان مٿي شعر آهن.

مثنوي روميءَ کي صوفي فڪر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ خاص طور سنڌ هند ۾ ان کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل رهي آهي. سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي اثرات کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. شاهه لطيف سُر ڪلياڻ جي ڇهن بيتن ۾ مولانا روميءَ جو نالو کڻي سندس فڪر کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هڪ بيت هن ريت آهي.

طالب قصر، سونهن سر، اندر رومي راءِ

جنين ڏٺي جاءِ، تنين ڪڇيو ڪينڪي

مثنوي روميءَ جي پهرين شعر ۽ ترجمو شاهه لطيف جي هيٺين بيت ۾ ملي ٿو.

بشنوازني چون حکايت مي کند

واز جدائيها شکايت مي کند

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري

هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجهون هڏن لئه هاري.

]شاهه جو رسالو- مفهوم ۽ سمجھاڻي- ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ص 22[

***

[27]

مغلن جو شاندار تاريخي ورثو

وائي ڪلف جان (1324ع-1384ع)

هو مشهور مذهبي سڌارڪ هو. جنهن پاپائيت ۽ عيسائيت جي مسخ چهري خلاف تحريڪ جو آغاز ڪيو. هو انساني مساوات جو سختيءَ سان قائل هو. هن جو مشهور قول آهي ته جڏهن بابا آدم زمين کيڙيندو هو ۽ امان حوا سُٽ ڪتيندي هئي ته پوءِ ڪنهن جي اعليٰ ۽ ادنيٰ، ٿيڻ جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي. هو چوندو هو ته خود حضرت عيسيٰ جا ساٿي مهاڻا ۽ ڌوٻي هئا ۽ هو پاڻ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو.

وائي ڪلف ئي بائيبل جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. هن تعليم تي گهڻو زور ڏنو. پادري ۽ وڏيرا سندس خلاف هئا. هو آڪسفورڊ به ويو پر اتي کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي.

بهرحال وائي ڪلف کان انگلنڊ ۾ مذهبي اصلاح جي تحريڪ جو آغاز ٿيو جنهن جو هڪڙو پهلو اهو هيو ته پادرين جو حڪومت ۾ حصو نه هجي ۽ ننڍا وڏا چندا ۽ ڏن نه ڏنا وڃن. وائي ڪلف جي پوئلڳن کي Lollards چيو ويندو هو. اڳتي هلي ڪو وقت اهڙو به آيو جو کين مذهبي عقيدن سبب جيئري جلايو ويو.                                                      ]تاريخ انگلستان- شعيب خان- ص. 46[

***

نانڪ، گرو (1469ع کان 1539ع)

هن ننڍپڻ کان ئي هندومت ۽ اسلام جو مطالعو ڪيو هو موجوده پنجاب جي هڪ ڳوٺ تلونڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي هو سک مذهب جو باني ٿيو. هن جي نظريات ۾ هندو مذهب توڻي اسلام جي چند ڳالهين جي ملاوت ملي ٿي. بهرحال هن جو خدا جو تصور اسلامي وحدانيت جي گهڻو ويجھو اچي ٿو. هو خدا کي ’نرنڪار‘ يعني بي صورت سمجھي ٿو. البت سک عام طور خدا جي شخصي تصور ۾ يقين رکن ٿا.

گرونانڪ جي تعليمات جو ٻيو اهم عنصر گرو يعني استاد ڪامل کان سواءِ ڪو به خدا تائين نٿو پهچي سگهي.

]فلسفهءِ مذاهب- اموليه رنجن مهاپتر- ص. 198[

***

ڪبير ڀڳت

ڪبير جو فڪر ۽ شاعري اسلام ۽ هندومت جي باهمي عمل جو نتيجو چيو ويو آهي. هن ذات پات جي امتياز ۽ فرق کي تسليم نه ڪيو ۽ هن ڀڳتي يعني خدمت جي جذبي کي عبادت جو درجو ڏنو. هو تناسخ جي عقيدي ۾ به ويساهه ڪو نه رکندو هو. هن جي نظريات تي مسلمان صوفين جو واضح اثر نظر اچي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي وقت جي صوفين سان واسطو رکندو هو. جيتوڻيڪ هو ڪجھه وقت رامانند جي صحبت ۾ رهيو پر اتي هو گهڻو ڪو نه ترسيو. آخر الله آباد جي هڪ صوفي شيخ تقيءَ جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذاريو. ڪبير جي شاعريءَ تي فريدالدين عطار ۽ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو اثر صاف معلوم ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ ڪيترا عربي ۽ فارسي لفظ ملن ٿا. ڪبير جا دوها هندي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.

]اردو غزل ۾ هندي عناصر- ص. 67[

***

محمود غزنوي (421- 388/ 1030- 997)

محمود غزنويءَ جو شمار تاريخ جي عظيم فاتحن ۽ حڪمرانن ۾ ٿئي ٿو. هو 998 ۾ غزنيءَ جي تخت تي ويٺو جنهن جي حڪمراني سندس والد سبڪتگين کان ورثي ۾ ملي. محمود پنهنجي سلطنت کي بلخ ۽ بخارا، ڪاشغر سمرقند، اصفهان، پنجاب، سنڌ ۽ گجرات تائين وسعت ڏني. هندستان انهن پيش قدميءَ جو شروعاتي سبب راجا جيپال جي وعده خلافي هئي جيڪو آخري مقابلي ۾ شڪست کان پوءِ گرفتار ٿيو هو ۽ هن کي تاوان جنگ ادا ڪرڻو هو ليڪن لاهور واپس اچڻ کان پوءِ هو نه رڳو ان وعدي تان ڦري ويو بلڪ ڀرپاسي جي ٻين راجائن سان ملي وڏو لشڪر تيار ڪيو. اهو ئي سبب هو جو محمود 1022 ۾ لاهور کي فتح ڪري اتي پنهنجي غلام اياز کي حڪمران بنائي ڇڏيو.

سلطان محمود علم پرور ۽ عالي ظرف حڪمران هو. هو عالمن ۽ شاعرن جو وڏو قدردان هو. محمود ابن سينا کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو پر هو نه آيو. هن غزنيءَ جي شهر ۾ عاليشان مدرسو ۽ ڪتب خانو قائم ڪيو. اهو سندس علم پروريءَ جو ثبوت هو جو فردوسيءَ جهڙي شاعر هن جي فرمائش تي ’شاهنامه‘ جهڙي تصنيف ڇڏي ويو. البيرونيءَ جهڙو عالم ۽ سائنسدان مرڻ گهڙيءَ تائين محمود جي درٻار سان وابسته رهيو ۽ جڏهن محمود پنجاب ۾ آيو ته البيروني ساڻس گڏ هو جيڪو پوءِ ڪيترن سالن تائين هتي مقيم رهيو ۽ سنسڪرت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏ هن هندو مذهب ۽ علم هيئت تي دسترس حاصل ڪئي جنهن جو نتيجو سندس لاجواب تصنيف ’ڪتاب ماللهند‘ يا ڪتاب الهند آهي جيڪو هن عربيءَ ۾ لکيو.

اهوتاريخ جو الميو آهي ته جڏهن انگريزن هندستان جو رُخ رکيو ته انگريز عالمن هندو مسلم تضاد کي اُڀارڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي جنهن جو وڏي ۾ وڏو نشانو هنن محمود غزنوي کي ٺاهيو ۽ سومناٿ جي حملي کي ڏندڪٿا طور هنن ايترو وڌائي پيش ڪيو جو لارڊ ايلنبرو 1842ع ۾ جڏهن افغانستان تي حملي ۾ ناڪام ٿيو ته هن پنهنجي انگريز فوجين کان اهو ڪم ضرور ورتو جو محمود غزنويءَ جي مزار جا صندل جا دراوازا پٽرائي هندستان کڻي آيو ۽ جڏهن اهي دروازا هتي پهتا ته هن پنجاب ۾ علي الاعلان چيو ته اڄ اسان هندن مٿان هڪ هزار سالن کان ٿيندڙ تاريخي ظلم جو هڪ وڏو حساب چُڪتو ڪيو آهي. هن اهو به چيو ته اهي اُهي دروازا آهن جيڪي محمود سومناٿ مان پٽي کڻي ويو هو. حالانڪ جڏهن آرڪيالاجي ماهرن انهن دروازن جو معائنو ڪيو ته اها سڄي دعويٰ غلط ثابت ٿي ۽ چيو ته اهي دروازا سومناٿ جا هرگز نٿا ٿي سگهن. صرف ان واقعي مان انگريزن جي سامراجي ذهنيت چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

بهرحال انگريزي سامراجي مؤرخن جي ذهنيت کي هندستان جي جديد تاريخدان شريمتي روميلاٿا پر چڱيءَ طرح وائکو ڪيو آهي. هن هندستان جي وسطي عهد جي تاريخ کي جديد تحقيقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ سومناٿ بابت هن هڪ الڳ ڪتاب لکيو آهي. هن سلطان محمود بابت فارسي ۾ لکيل روايتي تاريخن جي مطالعي سان گڏ مقامي شاهدين جن ۾ سنسڪرت ۽ جيني ٻولين ۾ لکيل ڪتبن ۽ ٻين لوڪ روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. انهن جي آڌار تي هن جو چوڻ آهي ته فارسي مؤرخن جو انداز مبالغه آميز ۽ درٻاري آهي ۽ هنن خوامخواه محمود جي حملن کي وڌائي مجاهد اسلام طور پيش ڪيو آهي. هن جي راءِ آهي ته ان وقت تاريخ نويسيءَ جو اهو ئي ڍنگ مروج هو. سومناٿ تي حملي بابت روميلا جو چوڻ آهي ته اها ڪا غير معمولي ڳالهه نه هئي ۽ نه ڪو ان ۾ مذهبي عنصر شامل هو. ان جو سبب اهو هو ته تاريخي ۽ روايتي طور مندر ئي ڌن دولت ۽ وقت جي بادشاهه جي طاقت جو نشان سمجھيا ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو نه رڳو محمود سومناٿ تي حملو ڪيو ۽ پاڻ سان گهڻي دولت کڻي ويو پر اها به حقيقت آهي ته محمود کان بعد خود مخالف هندو راجائن ان تي حملو ڪري ڦُرلٽ ڪئي. روميلا ايترا ٻيا به ڪيترا مثال ڏنا آهن ته ڪيئن مالوه جي پرمار راجا چالوڪيه جي راجا طرفان جين ڌرم وارن لاءِ ٺهرايل مندر ۽ مسلمانن لاءِ تعمير ڪرايل مسجد کي تباهه ڪيو هو.

روميلا وڌيڪ چوي ٿي ته سومناٿ جي تباهي بابت ان وقت جا سنسڪرت ڪتبا يا ته بلڪل خاموش آهن يا انهن ۾ ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. اهڙيءَ طرح هن جو چوڻ آهي ته گجرات ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ مقامي ٻولين ۾ جيڪو لوڪ ادب دستياب ٿيو آهي ان ۾ الٽو محمود غزنويءَ جي ساراهه ملي ٿي. آخر ۾ روميلا ان نتيجي تي پهچي ٿي ته مسلمان تاريخ نويسن جذباتيت کان ڪم وٺندي محمود کي اسلام جو هيرو بنائڻ خاطر ان جي حملن کي وڌائي بيان ڪيو آهي. خاص طور تاريخ فرشته جي مصنف ته حد ڪري ڇڏي آهي.

لاهور ۾ محمود جي حڪمرانيءَ جي هڪ سڪي جي نشاندهي ڪندي روميلا لکي ٿي ته ان تي هيءَ عبارت ملي آهي.

او اڪتم ايڪم محمدا وقار نرپتي محمود

سنسڪرت ۾ ان عبارت جو مفهوم آهي ته خدا هڪ آهي ۽ ٻيو جهڙس ڪونهي. محمد ﷺ هن جو اوتار آهي ۽ محمود بادشاهه آهي.

سنسڪرت ۾ هن عبارت مان محمود جي وسيع ظرفي بلڪل ظاهر آهي. اها به تاريخي حقيقت آهي ته محمود جي لشڪر ۾ ڪيترا هندو وڏن عهدن تي هئا ۽ غزنيءَ ۾ هندن جو وڏو واپار هلندڙ هو.

هندستان جي تهذيب ۽ تاريخ کي يورپي مؤرخن ۽ اسڪالرن ڪيئن پنهنجي مخصوص نقطهءِ نظر موجب پيش ڪيو آهي، ان باري ۾ روميلا لکي ٿي.

’ارڙهين صديءَ ۾ وليم جونز ۽ اڻويهين صديءَ ۾ مئڪس مُلر هندستاني تهذيب کي مڪمل طور تي هندو ڌرم ۽ سنسڪرت جي عينڪ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان نظريي جا سرغنه اهي ٻه انگريز آهن جن ٻُڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جي ڪارنامن کي به هندو مذهب جي ماتحت ڪري ڇڏيو ۽ اسلام کي هڪ ڌارئي مذهب جي حيثيت ۾ پيش ڪيو. اسلام بابت مغربي دانشورن جي تعصبي رويي بابت چوڻ آهي ته نو آبادياتي نقطهءِ نظر جي تشڪيل ۾ انگريز مصنفن جو اهو تاريخي تعصب درحقيقت صليبي جنگين جي پيداوار آهي. جنهن جي ڪري مغرب وارن وٽ مسلمانن جو هڪ ظالم ۽ وحشي هجڻ وارو تصور آهي ۽ ائين اسلام بابت به سندن اها راءِ رهي آهي.

[Early India, Romila Thapar, Penguin Books, 2002]

سومناٿ روميلا تهاپر، ترجمه رياض صديقي فکشن هائوس لاهور 2007

***

ظهيرالدين بابر (1483- 1530)

هندستان ۾ مغل سلطنت جو باني عمر شيخ مرزا جي گهر وسطي ايشيا جي شهر فرغانه ۾ پيدا ٿيو. بابر جو پيءُ ان ننڍي رياست جو حڪمران هو. بابر ننڍي عمر ۾ ئي بهادري جا جوهر ڏيکارڻ لڳو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ هن سمرقند تي قبضو ڪيو ليڪن ازبڪن جي سردار  شيبانيءَ بابر کي سمرقند مان ڀڄائي ڪڍيو. ان کان پوءِ بابر ڪابل جو رُخ رکيو جتي هو ڪابل تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

بابر جون اکيون هينئر هندستان ۾ کُتل هيون ۽ خاص طور پنجاب جون حالتون کيس حملي ڪرڻ تي آماده ڪري رهيون هيون. 1520 ۾ هو سيالڪوٽ پهتو ۽ جلد ئي هن پنجاب ۾ پنهنجا قدم مضبوط ڪري ورتا. آخر 1526 ۾ هو پاڻي پٽ جي ميدان تي هندستان جي افغان حڪمران ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هڪ سال بعد بابر جو راجپوت سردار راڻا سنگها سان سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ بابر فتح ياب ٿيو.

بابر آگري کي پنهنجو دارالحڪومت بنايو ۽ مضبوط حڪمرانيءَ جو بنياد رکيو. بابر پڙهيل ڳڙهيل ۽ هڪ تجربيڪار سپهه سالار هو. جنهن جو ثبوت سندس خودنوشت سوانح ’تزڪ بابري‘ آهي جيڪا هن ترڪي زبان ۾ لکي. بابر خانداني طور نقشبندي سلسلي سان وابسته هيو ۽ بابر جي دل ۾ به ان سلسلي سان وڏي عقيدت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن مشهور نقشبندي صوفي خواجه عبيدالله احرار جي ڪتاب جو ترڪي زبان ۾ منظوم ترجمو ڪيو جيڪو تازو ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. بابر فقط چار سال هندستان تي حڪومت ڪئي ۽ 1530 ۾ وفات ڪري ويو. ليڪن هو دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم شهنشاهيت جيڪا ٽي سو سال قائم رهي ان جو اعزاز ڏانهس وڃي ٿو.

بابر کان پوءِ همايون تخت نشين ٿيو. هو پڻ اهل علم هو. علم هيئت سان کيس خاص دلچسپي هئي. هو پاڻ شاعر به هو سندس شعر ملن ٿا.اهڙي طرح همايون کان پوءِ اڪبر جيتوڻيڪ پاڻ اڻ پڙهيل رهجي ويو. پر هن ان جي تلافي تمام وڏن اهل علم حضرات کي پاڻ وٽ جمع ڪرڻ سان ڪئي. هن جي زماني ۾ هندن جي ڪيترن ڪتابن جا ترجما ٿيا. هو پاڻ علمي مناظرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. جهانگير جو علمي ذوق سندس خودنوشت سوانح ’تزڪ جهانگيري‘ مان صاف ظاهر آهي. شاهجهان جي تخليقي ذوق جو عظيم الشان مظهر تاج محل آهي جيڪو فن عمارت سازي آرڪيٽيڪچر جو دنيا ۾ لاثاني عجوبو آهي.

شاهجهان جي پٽن مان دارا شڪوه ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي. سندس پهرين تصنيف سڪينة الاوليا آهي جنهن ۾ هو ميان مير سيوهاڻيءَ جي سوانح پيش ڪري ٿو. هن اسلامي تصوف ۽ ويدانت جو گهرو مطالعو ڪيو هو. هن صوفين جي مشهور شطحيات کي حسنات العارفين ۾ گڏ ڪيو آهي ۽ ’مجمع البحرين‘ ۾ تصوف ۽ ويدانت ۾ مستعمل اصطلاحن جي مشترڪ معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ئي ڪوشش سان اپنشدن جو فارسي زبان ۾ پهريون ترجمو ٿيو. شاهجهان جو ٻيو پٽ اورنگزيب عالمگير خود علمي شخصيت هو. مشهور روايت موجب هو قرآن جي خطاطي ڪندو هو. لاهور جي ميوزيم ۾ ڏانهس منسوب هڪ اهڙو قرآن اڃان تائين موجود آهي.

مغل خاندان جون شهزاديون نهايت اعليٰ تعليم يافته هيون. انهن ۾ ڪي خاص طور بابر جي ڌيءَ گلبدن بيگم همايون جي ڀيڻ جنهن ’همايون نامه‘ لکيو . اهڙيءَ طرح شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا جنهن شاهه جهان جي قيد ۾ ست سال خدمت ڪئي، تنهن خواجه معين الدين چشتيءَ اجميريءَ جي سوانح فارسيءَ ۾ مونس الارواح نالي سان لکي. هن وفات بعد پاڻ کي دهليءَ ۾ نظام الدين اوليا جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ڪرايو. هتي علامه صاحب جيڪو هيٺيون شعر

بجز سياهه نپوشد کسي مزار مرا

که قبرپوشي غريبان همين گياه است

زيب النساءَ جو ڄاڻايو آهي، اهو دراصل جهان آرا جي قبر جي ڪتبي تي لکيل آهي جيڪو سندس آهي.

آخري مغل حڪمران بهادر شاهه ظفر اردوءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر ۽ شاعرن جو وڏو قدردان هو. سندس درٻار سان غالب ۽ ذوق جهڙا استاد شاعر وابسته هئا.

]مضامين غلام رباني- انجمن ترقي اردو- ص۔ 149[

***

راجا رام موهن راءِ ’تحفة الموحدين‘

برطانوي سامراج جي نمائندن بنگال ۾ پيرن کوڙڻ کان پوءِ عيسائي مذهب جي تبليغ شروع ڪري ڏني ته هتان جي عوام کي عيسائي بنايو وڃي. ارڙهين صديءَ جي آخري چوٿائي ۾ راجا رام موهن راءِ انهن حالتن جي مقابلي خاطر ’برهمو سماج‘ تحريڪ جو آغاز ڪيو. هن هندومت ۾ ڪثرت پرستيءَ جي عقيدن کي عقلي طور رد ڪيو ۽ ’ابدي ۽ بي صورت خدا‘ جي عقيدي ۾ ويساهه رکڻ تي زور ڏنو. هن مطابق اهو ئي خدا خالق ۽ هن ڪائنات کي به پالڻ وارو آهي. راجا رام عيسائيت جي تثليث واري عقيدي کي رد ڪيو، البت ان جي اخلاقيات کي درست قرار ڏنو. هن هندومت جي بنيادي عقيدن آواگون، بيوه سان شادي، اڇوتن جي وجود ۽ بت پرستيءَ جي ڀرپور مخالفت ڪئي. موهن راءِ مطابق هندن جا مذهبي ڪتاب اپنشد وغيره وحدانيت جي تعليم ڏين ٿا. هن سلسلي ۾ هن ڪيترا ننڍا وڏا ڪتاب لکيا جيڪي پوري هندستان ۾ ڦهلايا ويا.

اهو برهمو سماج جي روشن خياليءَ جو اثر هو جو رابندر ناٿ ٽئگور ۽ چندرسين جهڙا ماڻهو هن تحريڪ سان وابسته نظر اچن ٿا. ٽئگور جي گيتا نجليءَ ۾ هن جي تعليمات کي چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو.

]فلسفهءِ مذاهب- ص. 168[

زيب النساءَ (1048ع- 1117ع)

هوءَ اورنگزيب جي وڏي ڌيءَ هئي ۽ سندس ماءُ جو نالو دلرس بانو بيگم هو. تذڪرن موجب هن عربي فارسيءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي. هوءَ وڏي علم پرور خاتون هئي ۽ ڪيترا عالم ۽ فاضل ساڻس رابطي ۾ رهندا هئا. جن مان ملا سعيد اشرف مازندراني کي سندس استاد جي حيثيت حاصل هئي.

انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هوءَ شاعره ۽ وڏي سخن فهم ۽ سخن شناس هئي. ليڪن ديوان مخفي جيڪو شايع ٿيل آهي، ان جو ڏانهس انتساب بلڪل صحيح ناهي. غلام علي آزاد ’يد بيضا‘ ۾ هن جا فقط ٻه شعر نقل ڪري ٿو ليڪن ديوان بابت ڪو به اشارو نٿو ڏئي. ماثرالامرا ۾ پڻ اهڙو ڪو اشارو نٿو ملي حالانڪ هو پاڻ شاعر هو. اهڙيءَ طرح زيب النساءَ ۽ عاقل خان جي معاشقي بابت روايت جنهن مطابق عاقل خان جو ديڳ ۾ لڪڻ ۽ اورنگزيب جي خوف کان ٻاهر نه نڪرڻ ۽ عشق کي لڪائڻ خاطر موت قبولڻ به بلڪل جڙتو قصو آهي. جنهن کي يورپي سياحن اورنگزيب کي بدنام ڪرڻ خاطر وڌائي پيش ڪيو آهي. ڇو ته اهڙي ڪنهن به قصي جو ذڪر همعصر تاريخ يا تذڪري ۾ نٿو ملي.

زيب النساءَ جي علم پروريءَ بابت سڀ تذڪرا متفق آهن ايتري قدر جو لکن ٿا ته هوءَ تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ عالمن کي باقاعدي وظيفا ڏيندي هئي ۽ پاڻ هڪ وڏو ڪتب خانو قائم ڪيو هئائين. ان جو ثبوت امام رازيءَ جي تفسير ڪبير جو فارسيءَ ۾ ترجمو آهي جنهن لاءِ هن ملاصفي الدين اردبيليءَ کي مقرر ڪيو هو جيڪو زيب التفاسير نالي سان مشهور ٿيو.

زيب النساءَ لاهور ۾ وفات ڪئي جتي سندس مقبرو اڄ به خسته حالت ۾ موجود آهي جنهن جي تباهيءَ جو سبب ’سکا شاهي‘ راڄ هو.

]شهزاديان- اقرار شيخ-  سال 2012- ص 206 کان 210[

***

ٺٽي جي عالمن جون لغاوتون

ٺٽي جي عالمن جا هونئن ته ڪيترائي ڪارناما آهن. پر هتي فوري طور ذهن عبدالرشيد ٺٽوي ڏانهن وڃي ٿو. جنهن جي فرهنگ رشيدي، منتخب اللغات ۽ معرّبات رشيدي علمي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آهن. عبدالرشيد ٺٽوي شاهجهان جي دور ۾ سنڌ ڇڏي آگره ۾ مقيم ٿيو جتي کيس شاهي سرپرستي حاصل هئي. سندس انتقال 1077/ 1666 ۾ ٿيو. فرهنگ رشيدي ايران مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. منتخب اللغات هندستان توڻي ايران مان شايع ٿي آهي. تازو منتخب اللغات جيڪا عربي لفظن جي فارسيءَ ۾ لغت آهي ان جو اردو ترجمو دهليءَ مان سال 2011ع ۾ شايع ٿيو آهي. منتخب اللغات 1046هه ۾ مڪمل ٿي ۽ ان جو انتساب شاهجهان بادشاهه ڏانهن ٿيل آهي.

عبدالرشيد ٺٽويءَ جو ٻيو ننڍو رسالو ’معربات رشيدي‘ آهي جنهن ۾ هو عربيءَ ۾ دخيل لفظن جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. اهو ننڍو ڪتاب ادارهء يادگار غالب ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي.

]معربات رشيدي، ڪراچي، 2003[

]منتخب اللغات- مترجم محمد عاصم اعظمي- نئين دهلي- ص. 20[

الڪندي (وفات: 258هه/837ع)

ابو يوسف يعقوب بن اسحاق ڪندي جو پيءُ عباسي خليفن مهدي، هادي ۽ هارون رشيد جي زماني ۾ ڪوفي جو امير هو. هن پنهنجي پُٽ جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. اهو ئي سبب هو جو هو طب، فلسفي، علم حساب، منطق، موسيقي، ڪيميا وغيره ۾ جامع العلوم شخصيت جي طور سامهون آيو. هن يوناني ڪتابن جو ترجمو ڪيو. سندس ڪتابن جو تعداد ٻن سون کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ليڪن انهن مان صرف اٺ محفوظ رهي سگهيا آهن. انهن مان ڪي مخطوطا يورپ جي وڏين لئبريرين ۾ آهن.

ڪندي ارسطوءَ جي نظريات کان گهڻو متاثر ٿيو جنهن ڪري آخري عمر ۾ سندس مخالفت به گهڻي ٿي وئي. ايتري قدر جو کيس بغداد نيڪالي ملي ۽ آخر اتي ئي وفات ڪيائين.

[Eminent Muslim Scientists- P. 35]

***

اخلاق جلالي

هن ڪتاب جو مصنف جلال الدين محمد اسعد دواني آهي. جيئن نالي سان ظاهر آهي ان جو موضوع اخلاق آهي. جنهن جو پهريون باب طهارت يعني پاڪائي سان شروع ٿئي. هيءَ ڪتاب دقيق فارسيءَ ۾ لکيل آهي. ان جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو 1839ع ۾ لنڊن ۾ ڪيو ويو جتان اهو ڪتاب شايع ٿيو.

]مشاهير مشرق- تخليقات لاهور 1999ع- ص. 24[

***

بادشاهه جهان راجهان بکار آيد

معتبر تذڪرن ۾ هي شعر شهنشاهه جهانگير جي بيگم نورجهان جي حوالي سان ملي ٿو. هڪ دفعي جهانگير شطرنج جي چال ۾ زال هارائڻ سبب سخت پريشانيءَ وچان شاهي محل جي زنان خاني ۾ هليو آيو ۽ نورجهان کان ان صورتحال بابت پڇڻ لڳو. نورجهان ڪو خاص حل نه ٻڌائي سگهي. البت في البديهه هي شعر پڙهڻ لڳي.

تو بادشاهه جهاني جهان ز دست مده

که بادشاه جهان را جهان بکار آيد

يعني اي بادشاهه تون جهان جو شهنشاهه آهين ان ڪري پنهنجي هٿان (نور)جهان کي نه ڇڏ. ڇو ته بادشاهه جهان لاءِ (نور) جهان ئي ڪارآمد آهي.

جهانگير کي ته شطرنج جي چال جو ڪو حل گهربو هو تنهن ڪري هو ٻي بيگم جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ان کي پوري ماجرا ٻڌايائين جنهن تي هن وري هيٺيون شعر پڙهيو.

جهان خوش است و ليکن حيات مي بايد

اگر حيات فناشده جهان چه کار آيد

يعني بيشڪ (نور) جهان سهڻي آهي پر حيات يا زندگي اهم آهي. جيڪڏهن حياتي ختم ٿي وئي ته جهان ڪهڙي ڪم جو. تذڪرن ۾ ان بيگم جو نالو حيات النساءَ ملي ٿو. جهانگير جي تسلي ڪو نه ٿي ته هو وري چوٿين بيگم آرام جان جي ڪمري ۾ هليو آيو. جهانگير جي ڳالهه ٻڌي هن بادشاهه کي هيٺيون شعر ٻڌايو جنهن ۾ شطرنج جي چال جو حل بيان ٿيل آهي.

شاها دو رخ بده و دل آرام بده

پيل و پياده پيش کن واسپ گشت مات

يعني اي بادشاهه دورخ کي هلاءِ پر پنهنجي دل مون آرام بيگم کي ڏي. هاٿي ۽ پيادي کي اڳتي وڌاءِ ته گهوڙو مات کائي.

]شهزاديان- اقرار حسين شيخ- ص. 14[

***

تلسيداس، رامداس ۽ سورداس

ڊاڪٽر تاراچند جي لکڻ موجب اهو اسلامي تهذيب جو اثر هو جنهن تحت هندستان ۾ ڀڳتي تحريڪ وجود ۾ آئي ۽ تلسيداس ان جو نمائنده شاعر ۽ اڳواڻ آهي. ڀڳتي مت جو بنيادي اصول ذات پات جي تفريق بغير انسانن سان پيار هو جنهن جو اظهار نهايت سادي انداز ۾ شاعريءَ ۾ ڪيو ويو.

تلسيداس جو اصل ڪارنامو رامائڻ جي هندي زبان ۾ تصنيف آهي جنهن کيس تمام گهڻي مقبوليت بخشي. تلسيداس کي اڪبر جي درٻارين تائين رسائي هئي، هو اسلامي تعليمات کان متاثر هو، جنهن ڪري هو ڪڏهن ڪڏهن توحيد جي ڳالهه ڪري ٿو. تلسي فارسيءَ کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ شيخ سعديءَ جو مٿس اثر معلوم ٿئي ٿو، هتي تلسيءَ جو هڪ دوهو پيش ڪجي ٿو:

تلسي آه گريب ڪي هرسي سهي نه جائي

موي چام ڪي دهولک سي ڪڻهن لوه بهسم هوجائي

]هندي اد ب کي بهگتي کل پر مسلم ثقافت کي اثرات، دهلي، ص 283[

[Influence  of  Islam on Indian Culture, P.305]

***

سورداس (1483-1563)

هن ڪرشن ۽ راڌا جي معاشقي کي هندي ۾ نظم ڪيو آهي، هن نل دمن قصي کي به منظوم ڪيو هو. ڪن محققن سورداس کي تلسي کان وڏو شاعر قرار ڏنو آهي، ’سور ساگر‘ سندس مشهور تصنيف آهي.

]نگار، هندي شاعري، ص 125[

***

پدماوت

هنديءَ جي جن وڏن شاعرن ۾ مسلمانن جو شمار ٿئي ٿو ان ۾ عبدالرحيم خانخانان ۽ ملڪ محمد جائسي شامل آهن. ملڪ جائسي شير شاه سوريءَ جي درٻار سان وابسته هو، پدماوت ۾ هو شير شاه سوريءَ جي تعريف ڪري ٿو. پدماوت 947 هن هنديءَ ۾ سلطان علاؤالدين خلجيءَ جي معاشقي کي نظم ڪيو آهي جنهن کي هندي ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت حاصل آهي.                           ]مشاهير مشرق- ص. 497[

***

تاج محل

شاهجهان بادشاهه طرفان پنهنجي پياري زال ممتاز محل جي ياد ۾ سندس قبر مٿان ٺهرايل عظيم الشان عمارت جنهن جو شمار دنيا جي ستن عجائبات (Wonders) ۾ ٿئي ٿو. اهو واقعي لفظي معنيٰ موجب عمارتن جو تاج يا ڇٽ آهي جيڪو خوبصورتي ۽ فن تعمير جي لحاظ کان بي مثال آهي. تاج محل آگري ۾ 1648ع ۾ ٺهي مڪمل ٿيو. ان جي تعمير ۾ سترهن سالن جو عرصو لڳو ۽ ويهن کان ٻاويهه هزار مزدورن ۽ ڪاريگرن روزانو ڪم ڪيو.

مقبري جي اصل عمارت اٺ پاسائين آهي جيڪا ويهارو فوٽ کن بلند چبوتري تي بيٺل آهي. پيمائش ۾ اصل عمارت مڪعب (Cube) آهي يعني جيتري سندس ڊيگهه، ويڪر آهي اوتري سندس اوچائي آهي. وري جيتري عمارت جي اوچائي آهي اوتري مٿانئس ٺاهيل گنبذ جي بلند يا اوچائي آهي. چئني ڪنڊن تي چار مينار اٿس.

تاج محل کي جمنا نديءَ جي ڪناري تي اهڙي حساب سان ٺاهيو ويو آهي جو پوري تاج محل جو عڪس جمنا نديءَ ۾ پوندو آهي تڏهن اهو پاڻيءَ جي سطح تي ڪنول جي گل وانگر محسوس ٿيندو آهي.

جيتوڻيڪ تاج محل جو نقشو اهو ساڳيو ئي همايون جي مقبري وارو آهي جيڪو دهليءَ ۾ آهي. پر تاج محل کي جيڪا شيءِ ممتاز ڪري ٿي اهو سفيد سنگ مرمر جي لاجواب گهڙائي ۽ استعمال آهي. ان کان علاوه عمارت ۾ پنجاهه قسمن جا قيمتي پٿر آهن جن ۾ زمرد، لاجورد وغيره شامل آهن. اهي قطارن ۾ گلڪاريءَ سان نهايت خوبصورتيءَ سان گهڙي موزون ۽ مناسب هندن تي جڙيا ويا آهن جيڪي تاج جي سونهن کي دوبالا ڪن ٿا.

تاج جي فن تعمير وغيره بابت ڪيترائي تحقيقي ۽ فني ڪتاب لکيا ويا آهن. جيئن شاعري سنگتراشي فنون لطيفه ۾ اچي وڃن ٿا اهڙيءَ طرح فن عمارت سازيءَ جي لحاظ کان تاج محل به هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. مون کي تاج محل کي ٻه دفعا 2006ع  ۽ 2007ع ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو ته آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته ان جي تعمير ۽ خوبصورتيءَ ۾ ڪنهن به ڪمي بيشيءَ جو احساس ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي. اها هر لحاظ کان مڪمل، عاليشان ۽ شاهڪار عمارت آهي جيڪا ساڍا ٽي سو سالن کان پوءِ به پوري دنيا لاءِ هڪ فني عجوبو آهي.

مضامين غلام رباني- ص. 132

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org