سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:5 

[  2  ]

سورة ’اللهب‘ جي سمجهاڻي

[علامه صاحب هي خطاب توسيعي ليڪچر جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيو ليڪن ان جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي]

بسم الله الرحمٰن الرحيم

تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ o مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ o سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ o وَّامْرَاَتُهٗ    حَمَّالَةَ الْحَطَبِ o فِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ o

خواتين وحضرات! مون کي اڄ جي تقرير جي شروعات مسز ايلسا قاضيءَ جي هڪ مختصر نظم سان ڪرڻ ڏيو. ان کان پوءِ آءٌ انهن اصولن بابت ڳالھائيندس، جيڪي مفسر حضرات کي قرآن جي تشريح ۽ تعبير واسطي اختيار ڪرڻ گهرجن.

”محبوب جي اکين جو تکو تاب

جڏهن زلفن جي اندران ظاهر ٿيو

آءٌ حيران ۽ هڪ هنڌ ڄمي بيهجي ويس

هن پنهنجو منهن ورائي عجب مان مون کي چيو

تون ڇو حيران پريشان ٿيو آهين

توکي منهنجي زلفن ۾ ڪهڙي عجب شيءِ نظر آئي آهي

جو ائين تنهنجو وات ڦاٽي ويو آهي.

جڏهن آءٌ ان خواب جهڙي حالت مان جاڳيس

ته محبوبه جنهن مون کي اهي لفظ چئي ڇڙٻيو هو

چوڻ لڳس:

آءٌ تنهنجي ڏسڻ ۽ مون ڏانهن نگاه ڪرڻ تي

وائڙوڪونه ٿيو هوس

بلڪ انهن زلفن جي اندر ئي اندر

مون پنهنجي محبوب جي (خيره ڪندڙ) نگاهن کي ڏٺو هو!

قرآن جي تفسير جي باري ۾ مفسرن خاص طور ٻه اصول سامهون رکيا آهن جيڪي هو تفسير واسطي بلڪل بنيادي ۽ لازمي سمجهن ٿا، بلڪه جن کان سواءِ اهو ڪم نٿو ٿي سگهي. پهريون ته قرآن ۾ آيل اصطلاح يا لفظ جي سلسلي ۾ هو اسلام جي آمد کان اڳ جاري عربي محاوري مان معنيٰ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. وري هنن کي جيترو قديم ماخذ ملي ٿو ته هو مفهوم جي لحاظ سان پاڻ کي زياده ڪامياب سمجهن ٿا.

ٻيو اصول جيڪو پهرين مان نڪري ٿو ۽ جنهن بابت پروفيسر اي ڊبليو گب ٻه سال اڳ هڪ مضمون لکيو هو. هن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته لفظ ’بارڪ‘ قبل از اسلام ڪيئن قرآن ۾ مختلف معنيٰ جي لحاظ کان استعمال ٿيو آهي. تاهم هن ڪا خاص ڳالهه ڪونه ڪئي آهي، ليڪن اها حقيقت آهي ته اهو انسان جنهن تي وحي نازل ٿيو جڏهن بلڪل نئين پس منظر ۾ نون خيالن جي ترجماني ڪري رهيو هو، ته ظاهر آهي ته اهو سڀ مروج محاوري ۾ ٿي رهيو هو. ظاهر آهي ته ان وقت ڪا نئين زبان ايجاد ڪونه ٿي رهي هئي. مطلب اصلي ۽ بنيادي ڳالهين کي نئين قالب ۾ پيش ڪرڻ هو. زبان جو هڪ عام ماهر به ڄاڻي ٿو ته ٻوليءَ جا اهي الفاظ جيڪي ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص معنيٰ لاءِ گهڙيا ويا هئا، ڪو وقت اچي ٿو جڏهن انهن مان بلڪل نئون مفهوم ورتو وڃي ٿو. ان لحاظ سان اسان هتي سموري لغت جو مثال پيش ڪري سگهون ٿا پر اسان صرف چند مثالن تائين اڪتفا ڪريون ٿا. انگريزي ۾ ’دعا‘، رحمت يعني (Bless) عربي ۾ ’نفس يا روح‘ ۽ سنسڪرت ۾ ’ٻليدان‘ بابت هتي وضاحت ڪجي ٿي. لفظ (Bless) جو بنياد (Blood) آهي. نفس جو بنياد ’ساهه‘ آهي ۽ ٻليدان جو بنياد ’ڍڳو‘ آهي. هتان اسان کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته قديم زماني ۾ انهن لفظن جي ڇا معنيٰ هئي ۽ هينئر اسان انهن کي ڪيترو مختلف انداز ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون. عربيءَ ۾ جڏهن ڪو عالم الفاظن يا محاورن جي معنيٰ پٺيان وڃي ٿو ته کيس اهي صورتون ۽ ان وقت جي زندگيءَ جون رسمون ملن ٿيون جيڪي ايام جاهليت جون آهن. ان لحاظ کان گويا هو قرآن جي محاورن کي قديم زماني سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هوڏانهن هڪ خيال اهو به آهي ته ماڻهن هر وقت عظيم مذهب کي پنهنجي مطمح نظر مطابق اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ لحاظ سان اهو به هڪ سچ آهي ته منظم شڪل ۾ مذهب دراصل مذهب جي بگڙيل صورت آهي، جيڪو خواص لاءِ ناقابل قبول آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته سماج جي هيٺين سطح وارن جي فائدي لاءِ ئي ان کي منظم ڪيو وڃي ٿو. هاڻي مفسرن جو اهوئي الميو آهي، جڏهن هو اصولي طور لفظن ۽ محاورن جي تلاش خاطر انهن جي پراڻي ۽ اصلي معنيٰ ڏانهن پاڻ کي وڏو عالم سمجهي رجوع ڪري ٿو. هو پنهنجو اهو ڪارنامو سمجهي ٿو ته لفظ جي چار هزار پراڻي استعمال کي ڳولي ڪڍي اچي ٿو، پر ان جي تاريخ کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ اها معنيٰ هن تازه ترين ڪتاب جي لفظن تي منطبق ڪري ٿو. هتان سولائي سان اها ڳالهه سمجهي سگهبي ته درحقيقت هو ’الڪتاب‘ جي اهميت کي برباد ڪري رهيو آهي. ڇهه هزار سال اڳ جي نمونن کي اڄ جي مقابلي ۾ معتبر ۽ اعلي سمجهڻ ۽ انسان ذات کي اهي نمونا اختيار ڪرڻ جو مطلب ٻوليءَ جي قدامت کي صداقت سان برابر سمجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

تفسير جو ٻيو اصول ’شان نزول‘ مڃيو ويو آهي. ليڪن هن سلسلي ۾ ڪن خاص واقعات کي ايڏي اهميت ڏني وئي آهي جو انهن مان نڪرندڙ عموميت ۽ آفاقيت وارن نتيجن کي يڪسر نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

هڪ نبيءَ يا پيغمبر جي الهام جي ڳالهه ئي ٻي آهي. پر اهو نظم جيڪو مون توهان جي آڏو پڙهيو ان مان به سونهن ۽ حسن جي الهام جي خبر پوي ٿي ته اهو ڪيئن وارد ٿئي ٿو. ليڪن هتان ئي اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته اها شيءِ جيڪا بذات خود الهام جو سبب بني گهڻي اهميت واري ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا خسيس شيءِ به شاعر جي الهام جو سبب بنجي ٿي تاهم اها شيءِ بذات خود شاعر لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي. مطلب صورت کان معنيٰ، احساس کان ادراڪ يا تصور جو سفر ئي اصل اهميت وارو آهي، ۽ ان جي الٽي هجڻ ۾ ڪو مفهوم برآمد نٿو ٿئي.

هاڻي ’شان نزول‘ وارو اڪثر ان آيت جي آفاقي مفهوم کي غائب ڪري ڇڏي ٿو ڇو ته هن جو سڄو زور خاص واقعي بابت آهي ۽ ان لحاظ کان هو ڄڻ روحاني پهلوءَ کي ختم ڪري رهيو آهي. هن جي نظر معنيٰ ۽ مفهوم يا ان جي عمومي اهميت جي بجاءِ واقعي ۽ ان سان مخصوص جڳهه يا ماڻهوءَ تي مرڪوز رهي ٿي. هتان اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته اهو طريقو ’الڪتاب‘ سان ڇا نه ڪندو ڇو ته اصل مطلب عمومي نتيجن سان گڏ روحانيت ۽ آفاقيت تي زور ڏيڻ هو. انهي پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته اهڙو مفسر قرآن کي هڪ اهڙو قديم ڪتاب قرار ڏئي ٿو جيڪو محض تاريخي واقعن يا ماڻهن ۽ انهن بابت اشارن تي مشتمل آهي، جن جو اڄ اسان سان ڪو واسطو معلوم ڪونه ٿو ٿئي.

اهي مسلمان جيڪي ’الڪتاب‘ کي پنهنجو سمجهن ٿا، کين تمام جلدي بلڪ ان کان اڳ جو هو ختم ٿي وڃن، اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هو اهو بولهبي(هرگز نه مڃڻ) وارو طريقو اختيار ڪن ٿا جنهن سان قديم کي سنڀالي رکڻ يعني خس و خاشاڪ کي بچائي رکڻ ۽ زندگيءَ جي نئين روح جي مخالفت ڪرڻ تي ڪمر ڪشي بيهن ٿا. قرآن هڪ روحاني مذهب جو اجرا ڪري ٿو يا قديم زماني جي معتقدات کي عام ڪري ٿو، ان باري ۾ قرآن جي هر آيت شاهد آهي. قرآن ٻڌائي ٿو ته هو الفاظ سان گهٽ تعلق رکي ٿو ۽ معنيٰ تي زور ڏئي ٿو. اهو قرآن ئي ته آهي جنهن جامد بت جو خاتمو ڪيو ۽ ان جي بجاءِ زنده خدا جو تصور ڏنو. قرآن ئي سڀني مروج نمونن کي دفن ڪرڻ لاءِ چيو ۽ سارو زور عمل جي نيت تي رکيو. نيت جنهن جي ڪا ظاهري صورت ناهي، بلڪ اها معنيٰ ۾ سمايل صورت آهي.

جيتوڻيڪ نيت جو واسطو ظاهري ۽ عام دنيا سان آهي پر اها دراصل تقويٰ آهي. اهو ڪپڙن وارو لباس ناهي پر تقويٰ آهي. اهو ڪپڙن وارو لباس ناهي پر تقويٰ جو پوش آهي ۽ تقويٰ نظر اچڻ واري شيءِ ناهي. جيئن هن آيت مبارڪ ۾ اچي ٿو:

ان اکرمکم عندالله اتقاکم

ان جو مطلب آهي ته نه رڳو ظاهري عمل هجي، پر ان سان نيت ۽ ارادو به صحيح هجي. عمل جي ظاهري صورت ڇا به هجي پر قرآن ان جي مفهوم سان مطلب رکي ٿو، ورنه قرآن ۽ قديم ڪتابن ۾ ڪو فرق نه رهندو. قرآن در اصل روش جو پرچار ڪري ٿو جنهن مطابق ما انا من المتڪلفين يعني مان ظاهري تڪليف ۽ ٺاهه ٺوهه ڪرڻ وارن مان ناهيان. مان ظاهر تي رسم و رواج وارو ناهيان. ظاهري عمل هئڻ ڪري نظر اچي ٿو بلڪه اهو ساڳئي وقت اندروني عمل به آهي جنهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڏسي سگهي. قرآن در اصل روحانيت جو ڪتاب آهي ۽ ان لحاظ سان اهو معنيٰ ۽ مفهوم کي عمل جي ظاهري صورت ۽ شڪل تي ترجيح ڏئي ٿو. ان ڳالهه جو غير مسلم به اقرار ڪن ٿا ته قرآن انسان جي اندر جي وڌ ۾ وڌ همت افرائي ڪري ٿو ۽ ظاهري رسم و رواج کي گهٽ اهميت ڏئي ٿو. ايتري حد تائين جو عبادت لاءِ ڪنهن عبادت خاني جو هجڻ ضروري ناهي. نڪو ان لاءِ ڪنهن مقرر مذهبي اڳواڻ جي ڪا حاجت آهي، ڪي خاص ريتون رسمون ڪين آهن، انهن جي ڪا ننڍڙي پتي به اسلام ۾ ڪونهي جيڪي اڳين مذهبن ۾ ٺهيون.

هن سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو مثال ننڍڙي سورت اللهب جو آهي جنهن جو خاص موضوع هڪ شخص کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو. ان سورت ۾ نه رڳو شان نزول بيان ٿيل ملي ٿو پر ڪنهن شخص بابت ڪهڙو رويو اختيار ڪرڻو آهي پڻ ملي ٿو. عام طور سمجهجي ٿو ته ان ۾ هڪ خاص شخص کي طعن وتشنيع جو نشانو بنايو ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه ناهي. هر سمجهدار ماڻهو جنهن کي خوبصورت حس سان نوازيو ويو آهي، نبوي الهام ته پري جي ڳالهه آهي، اهو سمجهي سگهجي ٿو ته هتي ابولهب مان مراد هڪ اصول يا متو ٻڌائڻ آهي. مثلاً ابولهب جي لفظي معنيٰ آهي ’باهه جو ابو‘ جيئن ڪو چوي ’ابن غرض‘ يعني مطلب جو پٽ. معنيٰ جيڪو صرف پنهنجي مطلب سان مطلب رکي. ان لحاظ کان ’باه جو ابو‘ جو مطلب ٿيو جيڪو تڪليف ۽ رنج جو باعث بنجي، جيڪو نفاق جو ٻج ڇٽي ۽ تباهي ڦهلائي. سولي سنڌيءَ ۾ ٿيو باهه وارو. جنهن مان مراد اهڙو شخص آهي، جيڪو هر چڱيءَ شيءِ جي مخالفت ڪري ۽ وتي هر شيءِ کي چوچڙي ڏيندو. هن کي هر هنڌ جهيڙي جهٽي ۽ ويڙه ڏسڻ ۾ مزو اچي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڦڏي فساد جي جڙ يا پاڙ ۽ اهو ٿيو ابولهب.  قرآن ان کي آسانيءَ سان ’عبدالعزيٰ‘ چئي ٿي سگهيو، پر ائين ڪونهي اجهو ان سورت جي پهرين آيت هن ريت آهي:

تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ لَهَبٍ وَّتَبَّ

ترجمو : ابولهب هلاڪ ٿيو(هن جاهٿ ڀڳا ) ۽ هو تباهه و برباد ٿي ويو ( قرآن جي روشني جو اچي وئي ).

هاڻي سوال آهي ته ڪيئن؟ ڇو ته اهو روشني آڻيندڙ اچي ويو آهي جنهن جي ڪري ابولهب جي اها باهه وسامي چڪي آهي، جيئن روشنيءَ جي اچڻ سان اونداهي غائب ٿي ويندي آهي جيئن آيو آهي:

جَاۗءَ الْحَقُّ وَزَهَقَ الْبَاطِلُ (بني اسرائيل: 81)

يعني جڏهن حق ۽ سچائي جو ظهور ٿيو ته باطل (اوندهه ) ختم ٿي وئي، ڇا ڪاڻ ته وڏي ۾ وڏو مصلح اچي ويو ۽ ان ڪري ڪنهن مفسد فساد ڦهلائيندڙ جي لاءِ ڪا جاءِ نه بچي آهي. ڇاڪاڻ ته سراج منير روشن ڏيئو اچي چڪو تنهن ڪري اونداهي باقي رهي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو

اَشْرَقَتِ الْاَرْضُ بِنُوْرِ رَبِّهَا (زمر: 69)

يعني هيءَ ڌرتي ان جي روشنيءَ سان منور ٿي چڪي آهي. ان ڪري جيڪي هن کان اڳ اونداهي ڦهلائي رهيا هئا ۽ فتنو فساد برپا ڪرڻ ۾ رڌل هئا اهي ختم ٿي ويا. بلڪه هن جي آمد سان اهي سڀ نابود ٿي ويا ۽ هنن جي ٻيهر اسرڻ جو ڪو امڪان ڪونهي.

مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ

يعني ان ابولهب پنهنجي مزاج ۾ جيڪا برائي جمع ڪري رکي هئي اها ئي هن جي موڙي هئي، اها هاڻي هن لاءِ ڪنهن به فائدي واري نه هئي. هن جون اهي قدامت پرستيءَ واريون ڪوششون هرگز ڪامياب نه ٿينديون ۽ جيڪا شيءِ باقي رهي نٿي سگهي، ان کي بچائڻ اجايو آهي. ان ڪري حڪم آيو ’باعد‘ معنيٰ هٽو ۽ ائين اها برائي هٽي وئي. حڪم جي آڏو ڪا به شيءِ قائم نٿي رهي سگهي. اهڙي طرح ابولهب پاڻ جيڪي ڪجهه ڪمايو (سرمايو گڏ ڪيو)، اهو هن کي ڪم نه آيو ۽ هن ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ورتي ته سندس ’ڪسب‘ ڪم اچي، اهو به ضايع ٿي ويو. اهو ڪسب غلط راھ رويءَ جو نتيجو آهي، جنهن تي حبط اعمالهم يعني ان جي ’عمل جو ڪو ڦل نه ملندو‘ وارو اصول لاڳو ٿيندو. اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪوئي پنهنجو سرمايو غلط جڳهه تي سيڙائي ٿو ته هن جي تجارت کيس ڪو نفعو ڪونه ٿي ڏي. يعني جڏهن هن جي پوري ڪمائي (ڪسب) ۽ سيڙپ چٽ ٿي وڃن ٿا. جيئن سنڌي جي هڪ پراڻي پهاڪي موجب چوندا آهن ته جيڪو پرائي جهڳيءَ کي باھ لڳائيندو ته پنهنجو جهڳو جهڻ ڪندو.

مطلب جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو ته ان رستي تان رڪاوٽون هٽائي ڇڏ. ائين هو پاڻ ان ۾ ڪرندو۽ تون اتان سلامتيءَ سان گذري ويندين.

ٽين آيت آهي:                   

سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ

يعني هو باھ ته ٻاري ٿو پر اها باھ کيس ساڙي ڇڏيندي. ڏسو ته ذات لهب (شعلن سان وڪوڙيندڙ) ۾ ڪيڏو نه زور آهي. اسان کي خبر آهي ته لفظ ’ذات‘ لفظ ’ذو‘ جو مونث آهي. عربي ٻوليءَ ۾ اهو لفظ شيءِ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ’ذات لهب‘ اها باھ آهي، جيڪا هر ڪک پن کي ساڙي ڀسم ڪري ٿي پر ساڳئي وقت خدا جي ڌرتيءَ کي گند گاھ کان پاڪ ڪري ڇڏي ٿي ۽ هر ان شيءِ کي جلائي ٿي جيڪا گندي ۽ خراب آهي.

باھ جو اهو ئي صحيح ڪم آهي يعني اها پاڪ صاف ڪري ٿي ۽ هرناپاڪ شيءِ کي ختم ڪري ٿي. اها صفائي ڪندڙ ۽ بيماريءَ جي جيوڙن کي ماريندڙ آهي. اها ئي باھ ابولهب کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندي. و امراتـﮣ يعني هن جي گهر واري يا ساٿي. ڇو ته هر ظالم جو ڪو ساٿي يا همراه ۽ ٻيلي هوندو آهي. اهڙي ساٿيءَ جي روح کي گهڻو ڪري مونث جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي.

هتي ڪهڙو ڪم بيان ٿيل آهي. حمالة الحطب يعني ڪاٺيون کڻي اچڻ واري. يعني باھ ٻارڻ جو سامان مهيا ڪري ٿي. ان باھ لاءِ جيڪا هن جي ساٿيءَ لڳائي آهي. مطلب ٿيو ته ’باھ جي ابي‘ جو ڪم آهي فتني فساد جي باھ لڳائڻ ۽ هن جي گهر واري امراة جو ڪم آهي ان لاءِ باھ جو سامان ميسر ڪرڻ. اهو ائين آهي جيئن ڪو بدمعاش زوريءَ چندو گڏ ڪري، افواھ ڦهلائي، فتني کي هوا ڏي ۽ هڪ بد روح وانگر نفاق جو ٻج ڇٽيندو وتي.

فِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ

هن جي ڪنڌ ۾ کاٻر جو رسو هوندو.

ڏسو هن آيت ۾ ڪيڏو نه وزن آهي. هوءَ پنهنجي ڳچيءَ ۾ اهو رسو وجهي پئي هلي. اهو رسو جيڪو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو هو. ڳچيءَ ۾ رسي جو مطلب آهي حد درجي جي غلامي. ٻيو ڳچيءَ ۾ رسي هجڻ جو مقصد آهي ته هن جو درجو هاڻي جانورن جهڙو آهي يعني جڏهن انسان انسانيت کان ڪري هيٺ جانورن جي درجي ۾ ٿئي ٿو. جيئن قرآن ٻئي هنڌ چيو آهي:

اِنْ هُمْ اِلَّا كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّ سَبِيْلًا (44:45)

يعني هو جانورن جهڙا آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراه.

هتان ظاهر ٿيو ته هنن جي مالـﮣ (سرمايو) ۽ ڪسب (ڪمائي) ٻنهي مان سواءِ پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو. هن مان اهو معلوم ٿيو ته زندگيءَ جو اهو طريقو انسان جي آزادي ۽ روحانيت جو خاتمو ڪري ٿو. جيڪو گس صحيح معنيٰ ۾ آزاد ۽ صاحب دل هجڻ کان مانع ٿئي ٿو۽ ان صورت ۾ هو اهڙي جانور وانگر آهي جنهن کي ڳچيءَ ۽ ڄنگهن ۾ زنجير پيل آهن.

هتي لفظ ’مسد‘ جي خاص معنيٰ آهي. کجي ءَ جو اهو وڻ جيڪو هڪ ريگستاني انسان لاءِ بهترين غذا فراهم ڪري ٿو، هاڻي ان مان هن لاءِ کاٻر جو رسو تيار ٿيل ملي ٿو جيڪو هن جي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ ڦاهيءَ جو ڪم ڏئي ٿو. ’مسد‘ اسان کي خبر آهي ته کجيءَ جي پوٽن مان ئي ٺهندو آهي.

هتي اهو عجب آهي ته لفظ امراة يعني هن جي گهر واري استعمال ڪيو ويو آهي. هونئن عام طور قرآن لفظ زوجين معنيٰ جوڙو استعمال ڪيو آهي، جنهن سان روحاني معنيٰ منسوب آهي ۽ اهو قرآن ۾ ڪيترا ڀيرا ڪم آندل آهي. جيئن اچي ٿو ته خلقنٰکم زوجين تخليق هر هنڌ زوجين يعني جوڙن مان ٿئي ٿي. ان لحاظ کان هتي امراة هن جي گهر واري جو استعمال خاص معنيٰ رکي ٿو.

چون ٿا ته شاعرن ۾ به مرد ۽ عورت جو روح ٿئي ٿو ۽ جڏهن ٻئي هڪ وقت گڏجن ٿا تڏهن تخليق جنم وٺي ٿي. انگريزي شاعري جي حوالي سان هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿي. خاص ڪري ان جي ٽن چئن دورن ۾ ائين نظر اچي ٿو. جيڪڏهن چاسر Charucer پنهنجي دور جو مرداڻو روح آهي ته اسپينسر (Spencer) وري پنهنجي وقت جو زنانو روح آهي ۽ ٻئي گڏجي انگريزي ادب جو هڪ خاص دور وجود ۾ آڻين ٿا. اهڙي طرح ما بعد طبعياتي شاعريءَ جي حوالي سان ڊوني ۽ ڪراشا آهن. اها ساڳي نسبت ڊرائيڊن ۽ پوپ ۾ ملي ٿي.

مردانگي جو خاص عمل خواهش جو اظهار ۽ شروعات آهي ۽ نسوانيت جو ڪم ان جي پرورش ۽ پالنا آهي. اها ڳالهه هتي ابولهب جي صورت ۾ به ڪئي وئي آهي. ابولهب باھ لڳائڻ وارو آهي، جڏهن ته سندس گهر واري ان عمل لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ ۽ مهيا ڪرڻ واري آهي. مطلب هر اها شيءِ جيڪا وڌي ويجهي ٿي. ان لاءِ اهي ٻئي عمل ضروري اهن ۽ جڏهن اهي ملن ٿا تڏهن تخليقي عمل جنم وٺي ٿو. قرآن جو اهو اصول انهن لفظن ۾ ملي ٿو. خلقنا من زوجين هڪ لحاظ کان اها ساڳي ڳالهه جيتري طبعي دنيا سان لاڳو ٿئي ٿي اوتري فڪر ۽ سوچ جي دنيا سان پڻ ضروري آهي.

ها،  پر هتي باھه جا ٻه قسم ٻڌايا ويا آهن .هڪ اها باھ جيڪا صحيح استعمال ٿئي ٿي ۽ ٻي باھ جيڪا غلط استعمال ٿئي ٿي. ليڪن باھ جو اصلي وڏو ڪم آهي گند گاھ کي ساڙي ختم ڪرڻ ته جيئن صفائي ۽ پاڪائي حاصل ٿئي جنهن سان اڳتي واڌ جو عمل جاري رهي. باھه جو غلط استعمال وري هر صحيح يا درست شيءِ کي به ساڙي ختم ڪري ٿو ۽ ائين باھ جي ’خير‘ ۽ ’شر‘ واري پهلوءَ  جي خبر پوي ٿي. انهيءَ لحاظ کان چيو ويو آهي ته شيطان باھ جو ٺهيل آهي. ان ڪري جذبو ۽ جوش به هڪ قسم جي باھه آهي. اهو جذبو ئي آهي، جيڪو انسان کي پچائي پڪو ڪري ٿو. ان سان ئي شيون ٺهن ٿيون. اهو ئي لوھه کي ڳاري ٿو جو ان مان ٻيون شيون ٺهن ٿيون. مطلب اهو جذبو ئي آهي، جيڪو ٿڌي انسان کي گرم ڪري ٿو. پر وري اهو ساڳيو جذبو آهي، جيڪو هر ڪار آمد ۽ سٺي شيءِ کي ساڙي ٿو ۽ هر تعمير ۽ اصلاح جي راھه ۾ رڪاوٽ بنجي ٿو. جڏهن ڪنهن سماج ۾ اهو غالب اچي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي تباهي ۽ بربادي لازمي ٿي پوي ٿي.

هوڏانهن وري ڏسو ته حضرت موسيٰ عليھ السلام باھه کڻي اچڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته جيئن پاڻ ۽ پنهنجي آڪھ کي گرمي پهچائي سگهي. هڪ لحاظ کان اهو ئي جذبو هو جيڪو پوءِ قابل نفرت بنجي ويو جنهن کي شراب جي خاصيت سمجهيو ويندو هو ۽ اهو ’سوم رس‘ پيئڻ سان اُتپن ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو قديم زماني ۾ ان کي ديوتا سمجهي پوڄا ڪئي ويندي هئي. بهرحال هتي اسان باھ جي انهن پهلوئن بابت ڪونه ٿا ڳالھايون جيڪي ڌرتيءَ تي بظاهر گند گاھ کي صاف ڪرڻ يا هٽائڻ سان واسطو رکن ٿيون. ليڪن ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته باھ جو بنيادي ڪم پاڪائي ۽ صفائي آهي ۽ ان ڪري جهنم جي  باھ مان به اها ئي مراد آهي.

اها عجيب ڳالهه آهي ته شيطان جي معنيٰ به سڙڻ، ٻرڻ ۽ پچڻ جي آهي. انهيءَ لحاظ سان صلاة يا عبادت به ڪچي جو پڪو ٿيڻ آهي. تڏهن ته روميءَ چيو ته:

خام بدم، پخته شدم، سو ختم

يعني آءٌ ڪچو هوس، پوءِ پڪو ٿيس جڏهن سڙندو رهيس.

اها باھ آهي جيڪا شيءِ کي بهترين انداز ۾ پچائي تيار ڪري ٿي ۽ اها ان ڪچائي کي پڻ پچائي ٿي جيڪا اسان ۾ موجود آهي ۽ جيڪا اسان کي خدا کان جدا رکي ٿي. جان جي اهڙي قربانيءَ کي قرآني اصطلاحن ۾ ’نحر‘ چيو ويو آهي.

مسلمان جن وٽ اهو ڪتاب آهي، ان کان اڳ جو هو سڙي رک ٿي وڃن کين جلد فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هو ان ’ذات لهب‘ ڀڙڪندڙ باھه جنهن جو ڪم ئي آهي هر خس وخاشاڪ يعني ڪک پن کي ساڙي ختم ڪرڻ، ان ۾ سڙي ختم ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته ٻئي لحاظ کان هو زنده سلامت رهڻ جي لائق نه رهيا آهن. اهو ان ڪري ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪو مواد سڙيل ڳريل، ڌپ ڪري ويل آهي اهو زندگيءَ جي صحيح حرڪت جي خلاف هڪ قسم جي باهه وارو عمل ڪري رهيو آهي.

بهرحال اها ڳالهه صاف ظاهر پئي آهي ته قرآن هڪ روحاني مذهب وارو پيغام ڏئي رهيو آهي يا محض ظاهري رسم رواج جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيئن قديم مذاهب ۾ هو. قرآن ظاهري ۽ لفظي زور ڏيڻ بجاءِ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي زور ڏئي ٿو. قرآن جامد قسم جي بت بجاءِ هڪ زنده يا متحرڪ خدا جو تصور ڏئي ٿو.

هن سلسلي ۾ ٻي هڪ ڪم جي وضاحت يا قول موجود آهي.

نيت المومن خير من عملـﮣ

مومن جي نيت سندس عمل کان بهتر آهي.

هتي ظاهر آهي ته نيت جي ڪا شڪل ناهي بلڪ اها اصلي عمل جو روح يا تت ۽ ست آهي.

اها ريت رسم ناهي بلڪ دل جي سچائي يعني تقويٰ آهي. اها بذات خود ڪپڙو ناهي بلڪ لباس التقويٰ آهي جنهن جي هڪ مومن کان تقاضا ڪئي وئي آهي.

خدانخواسته جيڪڏهن قرآن به اڳين مذاهب وانگر صرف رسم و رواج تائين محدود آهي ۽ اهو شيءِ جي اصلي معنٰي ۽ روح سان واسطو نٿو رکي ته پوءِ اهو انهن فرسوده روايتن کي ڪيئن تبديل ڪري سگهبو؟ قرآن ان ڪري روحاني ڪتاب آهي جو اهو معنيٰ ۽ روح تي اصرار ڪري ٿو ۽ ظاهر شڪل و صورت کي ڇڏي ڏئي ٿو.

اسان هن سورت جي تشريح کي هڪ اعليٰ مثال جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان اسان جي نقطه نظر جي وضاحت ٿئي ٿي. عام طور ان سورت جي تفسير کي ٻن تاريخي شخصيتن (ابولهب ۽ سندس گهر واري) جي صرف طعن و تشيع تائين محدود ڪيو وڃي ٿو پر اسان هتي اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته  قرآن جي ان سورت ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڪيڏو وڏو پيغام سمايل آهي.

تاريخ گذريل واقعات جو بيان آهي، ليڪن قرآن آئيندي ۽ مستقبل جو ڪتاب يعني پيغام آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org