سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: --

صفحو : 4

 سچل سرمسترحه جي سوانح

 

نالو: حضرت سچل سرمسترحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري سچو، سچل ۽ سچيڏنو سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر ۾ اهوئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته فارسي مثنوين ۽ ديوان آشڪار فارسي ۾ آشڪار تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ خدائي تخلص آندو اٿس.

ولادت: حضرت سچل سائين، ميان صلاح الدين جو اڪيلو فرزند هو، جيڪو ميان صاحبڏني جو وڏو فرزند هو. سنه 1152هه (1739ع) ۾ سندس ولادت ٿي. هو اڃا ڇهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي.

تعليم ۽ تربيت: جيئن ته اڃا ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪئي، انهيءَ ڪري سندس تعليم ۽ تربيت سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي خواجه عبدالحق جي زير نگراني ٿي، جيڪي اهل الله به هئا، ته جيد عالم به.

اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن حضرت ميان صاحبڏني جي ملاقات لاءِ ڪهي درازن ۾ ايندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن روح رهاڻ لاءِ درازن ۾ آيا، ته حضرت خواجه صاحب کي چيائين، ته پنهنجن صاحبزادن کي گهرايو، ته انهن کي به ڏسون. جڏهن صاحبزادا آيا، ۽ حضرت سچل سائينءَ تي نظر پيس، ته ان ڏانهن اشارو ڪري چيائين: اسان جيڪا ديڳ چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هيءُ ڇوڪر لاهيندو.مطلب هيءُ هو، ته هيءُ عارف اسرار اِلاهي عيان ڪندو. ٿيو به ائين. سچل سائينءَ جو ڪلام ان لاءِ شاهد آهي.

حضرت سچل سائينءَ، روحاني تعليم سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي ديني تعليم به باقاعده حاصل ڪئي هئي. ننڍي هوندي ئي، درازا درگاهه جي فيض جي چشمي مان فيضياب ٿيل، حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ کيس ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ عارف الله هو. ٿوري ئي وقت ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين، ۽ فارسي ۽ عربي جي مڪمل تعليم حاصل ڪيائين. علوم عقلي ۽ نقلي جي تڪميل پنهنجي چاچي ميان عبدالحق وٽ ڪيائين.

بيعت: حضرت سچل سرمست کي روحاني فيض به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ٿيو ۽ ان جو ئي دست بيعت مريد هو. ان وٽان ئي معرفت جون منزلون طئي ڪيائين. پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت ۽ عقيدت هيس، جنهن جو اظهار پنهنجي شعر ۾ مختلف جاين تي ڪيو اٿس. مرشد جي اولاد جي به وڏي عزت ڪندو هو.

شادي: حضرت خواجه عبدالحق پنهنجي نياڻي، حضرت سچل سرمست جي نڪاح ۾ ڏني. بي بي صاحبه ٻه سال حيات هئي، پر اولاد ڪونه ٿيو.

شرع جي پابندي: سچل سائين شروعاتي زندگيءَ ۾ شريعت جي پوري پوري پابندي ڪندو هو ۽ نماز باجماعت پڙهندو هو. پر پوءِ جڏهن مستيءَ واري ڪيفيت مٿس طاري ٿي، ته استغراق جي حالت ۾ رهڻ لڳو.

صورت ۽ سيرت: مرحوم قاضي علي اڪبر درازي پنهنجي ڪتاب دولهه درازي ۾ سچل سائينءَ جو حليه مبارڪ ۽ لباس هن طرح بيان ڪيو آهي:

سچل سرمست سائينءَ جو چهرو نوراني، صاف ۽ سفيد رنگ جو هو. خط و خال دلڪش، چشم آهو مثل، ليڪن پرڪيف ۽ گيسو (وار) دراز (ڊگها) هوندا هئا، جن کي هو مٿي جي وچ تي چوٽو ڪري، ٻڌي ڇڏيندو هو. ليڪن جلال ۽ مستيءَ جي حالت ۾ جڏهن هو شعر چوندو هو، ته سندس اهي دراز گيسو اُڀا ٿي ويندا هئا. ريش مبارڪ (سونهاري) سفيد ۽ ڀريل هوندي هين. قد درميانو ۽ هٿ ۽ پير ننڍا، نازڪ ۽ نرم هوندا هـُـين. هميشـه سفيد پيراهن (پهراڻ) پائيندو هو. اڇي کٿي يا چادر ڍڪيندو  هو، ۽ سر تي سبز رنگ جو فقيراڻو ڪلاه پهريندو هو. مگر جڏهن سجاده نشين صاحب جي حڪم سان ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو، ته انهيءَ تاج مٿان موڱي رنگ جي خلافت جي دستار پهري نڪرندو هو. پيرن ۾ جـُـتي پائيندو هو، ۽ هٿ ۾ عصا کڻندو هو.

محترم قاضي صاحب، خوراڪ ۽ رهڻيءَ جو ذڪر هن طرح آندو آهي:

اوائل ۾ وهٽ تي چڙهندو هو، پر پوءِ ڪنهن به وهٽ تي نه چڙهيو. سندس خوراڪ بلڪل سادي هوندي هئي. لسيءَ ۾ ڳاڙها مرچ وجهي، ماني ڀوري کائيندو هو. رات جو جوئر جي ماني ٻڪريءَ جي کير سان کائيندو هو. شروع ۾ گوشت جو شوروو واپرائيندو هو، پر پوءِ اهو به کائڻ ڇڏي ڏنائين. اڪثر روزي ۾ گذاريندو هو.

منجهند جو آرام وقت ڪاٺ جي صندل تي يا ڌرتيءَ تي آرام ڪندو هو، مگر رات ساري الله جي تات ۾ گذاريندو هو. هميشـه فڪر ۽ استغراق ۾ هوندو هو. سندس اک سدائين آلي هوندي هئي، گويا سورن جو سمنڊ سندس سيني ۾ سمايل هوندو هو. بي درد، نامرد سندس مشهور مقولو آهي.

ان مان معلوم ٿيندو، ته سچل سرمسترحه سائين هميشـه ذڪر ۽ فڪر ۾ محو هوندو هو، ۽ سادگي، سنجيدگي، نهٺائي، صبر، تحمل ۽ فياضي سندس خاص خصوصيتون هيون. ايتريقدر رحمدل هو، جو نه ڪڏهن شڪار ڪيائين، ۽ نه عمر ڀر ڪنهن جانور کي ذبح ڪيائين. نشيدار شين کان به دور رهيو. جيتوڻيڪ دنيوي ڌنڌن سان دلچسپي ڪانه هيس، ان هوندي به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق توڙي ان جي فرزند سخي قبول محمد اول جي خلافت جو حق پورو ادا ڪيائين. ٻالڪن جي معرفت درازي درگاهه جو انتظام هلائيندو هو. مرشدن پاران شادي، غمي ۽ ٻين ڪمن ڪارين سان هيڏانهن هوڏانهن ويندو هو. مير سهراب خان ۽ مير رستم خان سان سٺا تعلقات هيس. ڪنهن سائل جي مدد لاءِ مرشد جي چوڻ تي، مير صاحبن جي ڪچهريءَ ۾ به ويو هو. راڻيپور، گنبٽ، کـُـهڙا، پير ڳوٺ ۽ ٻين درگاهن جي بزرگن سان محبت ڀريو ناتو هيس. مرشدن جي ڪمن ڪارين سان سکر روهڙي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جو سفر به ڪيائين.

طالب: سچل سائين دست بيعت مريد ڪونه ڪيو. جيڪو به وٽس ايندو هو، ته ان کي مرشدن ڏانهن موڪليندو هو. مرشدن جو وري دستور اهو هو، ته روحانيت جي طالبن کي  ذڪر ڏئي، تربيت لاءِ سچل سرمسترحه ڏانهن اماڻيندا هئا. اهڙن طالبن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن:

1. فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو 2. فقير محمد صالح قادري لاڙڪاڻي وارو 3. فقير محمد صلاح دونهين وارو 4. فقير گهرام جتوئي 5. فقير شير خان ڀنڀرو 6. جانو فقير شڪارپوري 7. سيد خير شاهه 8. سيد پير شاهه 9. حاجي عثمان چاڪي لاڙڪاڻو 10. سيد حسن شاهه 11. فقير محمد صديق 12. فقير شير علي 13. حيدر شاهه.

وفات: سنڌ جي هن سرمست شاعر، سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي، روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان سـُرهو ڪري، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري، تاريخ 14 رمضان سنه 1242هه (1827ع) تي وصال ڪيو. انهيءَ تاريخ تي هر سال سندس درگاهه تي ميلو لڳندو آهي ۽ ڪيترائي پيار جا پانڌيئڙا ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي، سڪ جو سلام ڀريندا آهن. سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر حضرت قادر بخش بيدل سندس وفات جون تاريخون سنڌي ۽ فارسي شعر ۾ چيون آهن. اُهي هت ڏجن ٿيون:

 

ڪافي

عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،
مست سالڪ شهه سچو عاشق اتي اظهار هو.

 

1.           برهه جي برسات جو تنهن وير تي وسڪار هو،
ظاهر ۽ باطن تنهين وٽ درد جو ڌڌڪار هو.

 

2.           وجد وحدت جو سدا خاصو تنهين خمار هو،
مرد سو منصور وانگر عشق جو اوتار هو.

 

3.           منجهه سخن ان جي الوهيت سندو آثار هو،
جنگُ جذبي جوش مستي ۾ مثل عطار هو.

 

4.            پانهنجي رائي پِرين نَوي ورهه نروار هو،
پوءِ وصل جي موج ماڻي، ذوق کان ذخار هو.

 

5.            سن ٻارنهن سؤ ٻائيتاليهه ۾ تيار هو،
چوڏهين رمضان جي هادي اهو هسوار هو.

 

6.           قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار هو،
در تنهين داتا جي
بيدل پرت جو پينار هو.

 

قطعه تاريخ فارسي

 

چون سالک سچو زين طلسم مجاز
سوي آشيان رفت چون شاهباز
زهي صاحب وجد منصور وقت
که بي مثل بوده به سوز و گداز
به هنگام سر جوشي حالتش
نگاهش همي بود طالب نواز
به نيم التفاتي کز و يا فتند
به يک لحظه طـَـي گشتـ
ه راه دراز
زِ هر دوجهان دست شـُـست آن کسي
ک
ه شد محرم راز آن عشق باز
چون شد جان او عازم وصل اصل
شنيد ارجعي باهزار عز و ناز
دلم جـُـست سال و صالش ز جان
بگفتا که دريا
ئ ز خار راز


 

1242هه

ترجمو: اي سچو!؟ جڏهن سالڪ، هن ظاهري ڪرشمه ساز دنيا مان شهباز جي مثل، پنهنجي آشياني ڏانهن ويو ته، اهو عشق و محبت جي وقت جو منصور، صاحب آفرين، سوز ۽ گداز ۾ بي مثل هو.

مستيءَ جي وقت، سندس نگاهه جي حالت به محبت جي طلب رکندڙن لاءِ مشفقانه هئي. ٿوري توجه ڏيندڙ به هڪ لحظي ۾، سلوڪ جي وڏي راهه پارڪري، وڃي پهتا.

انهيءَ جي نگاهه سبب، جنهن به ٻنهي جهانن کان پاڻ آجو ڪيو، سو انهيءَ عاشق جو رازدان بنيو.

جڏهن، سندس جان، اصل سان واصل ٿيڻ جو عزم ڪيو ته، هزار عزت و احترام ۽ لطف سان (غيبي آواز) ٻڌائين ته: بيشڪ موٽي اچ.

منهنجي دل، سندس وفات جي سال جي ڳولا جانِ سان ڪئي، چيائين ته:

درياي زَخـَـار راز.

      1242هه

يعني: مو جون هڻندڙ، سمنڊ جو راز.

------

در بيعنائي ازل تر کيد شد مخروج عشق
کف ز درياي محبت کرد بيرون موج عشق
از خدا بودي صديق و پيش احمد شد سچو
از علي صادق يقين و پيشوا مخروج عشق
سال او را منشي
ء بر لوح تقدير اين نوشت
بود مـ
ه برج هديٰ و آفتاب اوج عشق


 

1242هه

ترجمو: ازل جي وعدي (عهد و پيمان) ڪري، عشق جي راهه نمودار ٿي، محبت جي سمنڊ جي گجي، عشق جي وِير سان ٻاهر نڪتي.

خداوند تعاليٰ جي لطف ۽ مهر سان، سچو حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حضور ۾ ۽ حضرت علي عليه السلام جيڪو بيشڪ صادق ۽ عشق جي ظهور جو پيشوا آهي، حاضر ٿيس. تقدير جي ڦرهيءَ تي لکندڙ، هن جو هيءُ لکيو:

بود مـه برج هديٰ و آفتاب اوج عشق

1242هه

يعني: هدايت جي بـُرج جو چنڊ ۽ عشق جو بلند ترين سج هو.

تاريخي پس منظر: سچل سائين ارڙهين صدي، ۽ اڻويهين صديءَ جي پهرين چئن ڏهاڪن ۾ زندگي گذاري. انهيءَ زماني ۾ سنڌ وڏا لاها چاڙها ڏٺا، جن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي حالتن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.

جنهن سال 1739ع ۾ حضرت سچل سائينءَ جي ولادت ٿي، ان سال نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ وڏي تباهي مچائي. نه فقط تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، پر وڏي علمي ذخيري تان به سنڌين کي هٿ ڌوئڻا پيا. هن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري گهوڙا ڙي گهوڙا ۽ نادر ٿو اچي جهڙيون چوڻيون رواج ۾ آيون. سچل سائين 15 سالن جو هو، ته احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ مغل پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ رکيو. ان پرڳڻي جون حدون اتر ۾ بلوچستان جي شهر روجهاڻ کان مدئجيءَ تائين هيون. اهڙيءَ طرح ان ۾ موجوده شڪارپور، شڪارپور ضلعي جو حصو ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويا.

سنه 1762ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي احمد شاهه ابداليءَ شاهه وردي خان جو خطاب ڏنو. سنه 1763ع ۾ هن ڪڇ فتح ڪيو. ان کان پوءِ هن حيدرآباد جو شهر ٻڌرائي، ان کي سنڌ جي گادي بنايو. احمد شاهه ابداليءَ، ديره جات جو سمورو علائقو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ ڏنو. هيءُ علائقو ٽن سوَن ميلن تي پکڙيل آهي، ۽ هينئر پنجاب ۾ آهي. سنه 1768ع ۾ هن علائقي جي “ناهرا” قوم بغاوت ڪئي، جنهن کي مير بهرام خان، ميان جي طرفان شڪست ڏني.

ميان غلام شاهه يوروپي واپارين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. هو سنڌ مان ڪپڙو، قلمي شورو ۽ نير خريد ڪري، ڏيساور ڏانهن موڪليندا هئا. سنه 1772ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي. سندس ڏينهن ۾ سنڌ اندر گهڻي قدر امن امان رهيو، ۽ سنڌ حڪومت جون حدون ديره جات، ڪڇ ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصي تائين پکڙيل هيون. هنر ۽ واپار جي ترقي ٿي، ۽ سنڌ جو مال ڏورانهن ڏيهن تائين پهتو. آبپاشيءَ جا طريقا سڌريا ۽ زرعي پيداوار وڌي. مطلب ته سنڌ جا ماڻهو سکيا ۽ آسودا رهيا، ۽ صلح سانت سان زندگي گذاريائون. اهوئي سبب آهي، جو ان زماني کي ڪلهوڙن جي اوج جو زمانو چيو وڃي ٿو.

ان کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز (ڪلهوڙو) تخت نشين ٿيو. ان وقت حضرت سچل سرمسترحه جي عمر 32 سال هئي. ميان سرفراز سنڌ جو ڪامياب حڪمران ثابت نه ٿيو.

ان زماني ۾ فوجي واڳون ٽالپرن جي هٿ ۾ هيون. هن ٽالپرن سان اچائي کنئي (اُنهن کي تنگ ڪيو ۽ ستايو). مير بهرام خان کي درٻار ۾ مارايائين، ۽ ان جو پٽ مير صوبدار خان وري ميان محمد سرفراز جي ماڻهن سان وڙهندي مارجي ويو. هيءُ واقعو سنه 1774ع ۾ ٿيو. انهيءَ ڪري ٽالپرن سندس خلاف بغاوت ڪئي، ۽ سنه 1775ع ۾ کيس تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيائون.

ان کان پوءِ، ميان غلام نبي، ميان صادق علي ۽ ميان عبدالنبي کي هڪٻئي پٺيان تخت تي ويهاريائون. ميان عبدالنبي هڪ ظالم حڪمران ثابت ٿيو. هنن ميان محمد سرفراز کي مارائي ڇڏيو، ۽ ٽالپرن جي به پويان پيو. آخر سنه 1783ع ۾ مير فتح علي خان کيس شڪست ڏئي، سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي.

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زرعي پيداوار وڌي، ڇاڪاڻ ته هنن کي زراعت سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هنن زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. انهيءَ مقصد لاءِ ڪيترائي واهه کوٽايائون. مسٽر ڊيل هوسٽ، ڪلهوڙن جي کوٽايل واهن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن طرح آهن:

پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگهاڙ، داديجي، گهاڙ، امرڪس ۽ نور واهه.

آبپاشيءَ جي طريقن کي سڌارڻ سان گڏ نوان شهر به آباد ڪيائون، جهڙوڪ: حيدرآباد، مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد (نزديڪ هالا). ميان غلام شاهه شاهه بندر نالي بندر تعمير ڪرايو ۽ پراڻ کي موريءَ جو بند ٻڌرايو، انهيءَ ڪري ٿر جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو.

سنه 1775ع کان سنه 1783ع تائين ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڇڪتاڻ ۽ لڙاين جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو. سنه 1780ع ۾ وڏو ڦورو مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو، ۽ اتر کان هيٺ بدين تائين ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ناس ڪري ڇڏيائين. جوڻ ۽ فتح باغ جهڙا وسندڙ شهر ويران ٿي ويا، ۽ ڪيترائي سرسبز باغ ۽ آباديون ناس ٿي ويون. انهن حالتن ڪري واپار بند ٿي ويو، صنعت ۽ حرفت کي ڌڪ لڳو، پيداوار ۾ ڪمي اچي ويئي، ۽ ملڪ ڏڪر ۾ تباهه ٿي ويو.

ٽالپرن، سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کان پوءِ، حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي. ميان نور محمد خان جي آخري ڏينهن ۾ قلات جي بيگلر بيگي ڪراچيءَ جي مياڻيءَ تي قبضو ڪيو هو. ٽالپرن ڪراچيءَ تي ٻيهر قبضو ڪيو. ان کان سواءِ شڪارپور وارو علائقو، جيڪو افغانن جي قبضي ۾ هو، پنهنجي قبضي هيٺ آندائون. عمر ڪوٽ واري علائقي تي به جوڌپور جو راجا قبضو ڪري ويو، اهو علائقو به فتح ڪري، سنڌ جي حيثيت بحال ڪيائون. نه فقط ايترو، پر بهاولپور جي حاڪم کان سبزل ڪوٽ وارو علائقو هٿ ڪري، سنڌ جي حدن ۾ شامل ڪيائون. هوڏانهن مزارچه علائقو بروهين کان کسي، سنڌ سان ملايائون. انهيءَ ڪري راڄنپور تائين ٽالپر حڪومت قائم ٿي وئي. مزارين ۽ بليدن جو تعاون حاصل ڪري، ٽالپرن پنهنجي حڪومت ديره جات تائين مضبوط ڪئي، انهيءَ ڪري سنڌ جون حدون اتر ۾ راجنپور کان ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا کان کيرٿر تائين قائم ٿي ويون.

سنڌ جو پهريون ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان هو. ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هن پنهنجي ٽن ڀائرن: مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪري، چوياري قائم ڪئي. سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: (1) پهريون حصو حيدرآباد وارو، جنهن جون حدون ڪراچيءَ کان سيوهڻ ۽ ٽنڊوالهيار کان کيرٿر تائين هيون. ٿر به هن حصي ۾ هو. مير فتح علي خان پنهنجي چوياريءَ سان هن حصي جو حڪمران بنيو. هيءَ شهداداڻي سرڪار سڏي وئي. (2) ٻيو حصو شاهه بندر کان ڇوڙ تائين هو. ان جو پهريون تخت گاهه ونگي ۾ ڪيٽي هو. هيءُ علائقو مير ٺاري خان کي ڏنو ويو. سنه 1806ع ۾ مير ٺاري خان ميرپورخاص شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. هيءُ ماڻڪاڻي سرڪار سڏي وئي. (3) ٽيون حصو اتر ۾ هو، جنهن جون حدون ٿر ۽ موري کان اوٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين هيون. هي علائقو مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. ان جو تخت گاهه خيرپور کي بنايو ويو. هيءَ  سهراباڻي سرڪار سڏبي هئي.

اسان جي شاعر يعني حضرت سچل سرمسترحه جو ڳوٺ خيرپور واري حصي ۾ هو، ۽ خيرپور جا حڪمران مير سندس معتقد هئا. سنڌ جي وڏي حصي تي جيتوڻيڪ حيدرآبادي حاڪمن جو قبضو هو، ان هوندي به اتر سنڌ جو سمورو علائقو مير سهراب خان جي قبضي ۾ هو. هو سخي، رحمدل ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. سندس ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن امان رهيو، ۽ هر طرح خوشحال ۽ آباد هو. هو حضرت سچل سرمسترحه جو همعصر ۽ معتقد هو. هن سنه 1830ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ، سندس پٽ مير رستم خان تخت نشين ٿيو.

جيتوڻيڪ ميرن ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ وسان ڪين ٿي گهٽايو، ان هوندي به چوڌاري وڏي گڙ ٻڙ هئي. فرنگي شرارتون هندستان کي پنهنجو شڪار بنائي چڪيون هيون، ۽ هينئر سنڌ ۾ پنهنجو ڄار پکيڙي رهيون هيون. هوڏانهن پنجاب جو حاڪم رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. هو شاهه شجاع ۽ انگريزن جي اتحاد ثلاثه ۾ شامل هو.

راجپوتن ۽ دائودپوٽن به کئونس ڪرڻ شروع ڪئي، پر ميرن دليري، بهادري ۽ جرئت سان سڀني سان منهن ڏنو.

 ------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com