سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :4

ڀوري ڇوڪري سچ جي ڳولا ۾

علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي

ڇپائيندڙ پاران

 

 

فڪر ۽ فيلسوفيءَ جي دنيا ۾ خيالن جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۽ دليلن جو مقابلو آخرڪار هڪ صحتمند ۽ پائدار طرز واري زندگيءَ کي جنم ڏئي ٿو. يونان جي فيلسوف هيرا ڪليٽس کان وٺي اسلامي فڪر جي عروج توڙي برطانوي تجربيت، جرمن تصوريت ۽ فرانسسي رومانيت پسنديءَ کان سواءِ ويهين صديءَ جي ترقي پسند سماجوادي نظرين جي پٺيان اِهو ساڳيو نڪتو موجود نظر اچي ٿو. هيءُ ڪتاب پڻ انهيءَ ساڳئي نُڪتي جو تسلسل آهي. جارج برنارڊشا جيڪو جديد اولهه جي عظيم مفڪرن ۽ ليکڪن منجهان شمار ٿئي ٿو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جنهن کي پاڻ  ويجهي ماضيءَ جي عظيم الشان مشرقي مفڪرن منجهان ڳڻي سگهون ٿا، تن ٻنهي اعليٰ ذهنن جي وچ ۾ خيالن جي تفاوت جو هڪ خوبصورت جلوو هن ڪتاب منجهان ملي سگهي ٿو.

”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برنارڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحرير “Adventures of the black Girl in her Search for God” جي جواب ۾ لکيل هڪ اهڙو وڻندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادارڪ ۽ بيمثال تدبر ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳُجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بنيو رهندو. ”شا“ پنهنجي ڪتاب جو بنيادي خيال ٻئي انگريزي ڏاهي چارلس ڊارون جي ”اوسر واري نظريي“ سان ڳنڍي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته فطرت ۾ مذهبن جي اهميت ڪنهن فيصلا ڪُن ۽ غير معمولي سطح جي هر گز به ناهي. زندگي ۽ اُن جي ارتقا ڪن آسماني احڪامات جي نه پر زميني قاعدن جي محتاج آهي.

علامه صاحب اُنهيءَ تصور تي تنقيد ڪندي انساني سماج جي سماجياتي، سياسي ۽ روحاني تاريخ جو تذڪرو ڪندي روحاني پاڪيزگي ۽ ذهني چاڪائيءَ لاءِ هڪ صحتمند مذهب کي لازمي ۽ اڻٽر قرار ڏئي ٿو. ان ڏس ۾ دليلن ۽ حقيقتن جي ذريعي علامه صاحب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسلام ۽ اُن جو بنيادي فڪر ئي جديد دور جي لايعنيت، روحاني اضطراب ۽ سماجي بحرانن کي مُنهن ڏيئي سگهي ٿو. سندن سوجهيءَ مطابق اسلام هڪ ترقي پسند، زنده ۽ جدت پسند ”نظريئه حيات“ آهي، جيڪو  انسانن جي داخلي ڪرب ۽ خارجي دنيا جي جبر کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيئي زندگيءَ کي بهتر رُخ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو.

قاضي صاحب جن جي هن ڪتاب رڳو مشرق نه پر مغرب جي عالمن ۽ نقادن وٽ تمام گهڻي مڃتا ماڻي ۽ اُن کي روايتي ميڪنيڪل ورجاءَ بجاءِ سچي پچي تخليقي جوهر سان تعبير ڪيو. هن اهم ۽ تعميري ڪم ۾ سندن شريڪ حيات ۽ روشن دماغ خاتون امڙ ايلسا قاضيءَ به انهيءَ خلوص ۽ پيار سان ساڻن هٿ ونڊايو، جنهن پاٻوهه سان نامياري دانشور ول ڊيورانٽ سان سندس همسفر اريئل ڊيورانٽ ”فلسفي جي ڪهاڻي“ سميت ٻين بيشمار تحريرن ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. هيءُ ڪتاب علامه صاحب جن پنهنجي زندگيءَ جي اهم ترين دور ۾ 1933ع ۾ انگلينڊ ۾ لکي پورو ڪيو پر گهڻو عرصو پوءِ يعني 1968ع ۾ اها تحرير سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇاپي ويئي. اها تحرير سنڌ جي علمي حلقن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي ۽ تڏهوڪي بورڊ انتظاميا کي 1979 ۾ هيءُ ڪتاب ٻيهر ڇاپڻو پيو. ڪتاب جي مانَ ۽ مرتبي کي نظر ۾ رکندي سنڌي ادبي بورڊ “Adventures of the Brown Girl in her Search for God” کي نامياري سنڌيڪار سومار علي سومري هٿان ترجمو ڪرائي 1986ع ۾ پڌرو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ڄاڻ جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڳچ عرصي کان مارڪيٽ ۾ هيءُ ڪتاب اڻلڀ رهندو ٿي آيو ۽ بار بار طلب هوندي به سنڌي ادبي بورڊ پڙهندڙن جي اها آس پوري ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿي سگهيو. سيڪريٽريءَ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ جن ختم ٿي ويل ڪتابن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرڻ جي مون کي ضرورت محسوس ٿي، تن مان توهان جي هٿن ۾ موجود هيءُ ڪتاب به شامل آهي.

مون لاءِ  اِها ڳالهه اعزاز ۽ فخر جي آهي ته مان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هيءُ ڪتاب ٻيهر ٻيو ڀيرو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ذريعي ڇپائي اهم ذميواري نڀائڻ سان گڏ ثواب به ڪمائي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو هر خير جو ڪم دراصل هڪ قسم جو ثواب ئي هوندو آهي. اُميد ٿي ڪجي ته سنڌ واسي اسان جي پورهئي ۽ جذبي کي مان ڏيندي هن ڪتاب ۾ لڪل وکر منجهان گهربل لاڀ حاصل ڪندا.

10- آگسٽ 2003ع                                                        انعام الله شيخ

17 شوال 1424 هجري                                                       سيڪريٽري

                                                                                سنڌي ادبي بورڊ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com