سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :9

سڀني کان وڌيڪ معزز انسان هڪ پوڙهو آزاد ڪيل غلام آهي، جنهن جو هڪ شاهاڻي رت واري سردار کان به وڌيڪ احترام ڪيو وڃي ٿو؟“

”اهو وري ڪيئن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ حيران ٿي پڇيو.

”ڇاڪاڻ ته پيغمبر(صلي الله عليه وآله وسلم) فرمائي ٿو ته سڀني قومن، فرقن ۽ رنگن وارا ماڻهو الله جي نظرن ۾ هڪجهڙا آهن“، هن جي ميزبان خاتون چيو، ”انهن مان فقط اهو ماڻهو وڌيڪ معزز ۽ محترم آهي، جيڪو سڀني کان وڌيڪ نيڪ ۽ پنهنجي مٿان ضابطو رکندڙ آهي. باقي جيستائين پنڻ جو سوال آهي، سو پنڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي. فقط اهڙن ماڻهن کي، جيڪي روزي پاڻ ڪمائڻ جي لائق ناهن ۽ امداد جا حقدار آهن، تن کي اجتماعي پئسن مان گذاري لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اجها ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جو هڪ طاقتور ۽ مضبوط بدن وارو ماڻهو پيغمبر(صلي الله عليه وآله وسلم) وٽ آيو ۽ خيرات گهريائين، پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم) هن جي لاءِ هڪ ڪهاڙو خريد ڪيو ۽ کيس ارشاد ڪيو ته هو وڃي ڪاٺيون ڪري. نتيجي ۾ اهو ماڻهو جلد ئي ايترو ته خوشحال ٿي ويو، جو هو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي قدمن تي ڪِري پيو ۽ سندس شڪر ادائي ڪيائين. هاڻي هو پنهنجي ڪمائي تي گذر ڪري خوش ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪ انسان پنهنجي پورهيي جي ڪمائي ڪري سگهڻ جهڙو آهي، تڏهن هن لاءِ خيرات تي رهڻ بيعزتيءَ جو باعث آهي.“

”ڇا، پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم) ماڻهن کي مال ملڪيت ۽ جائداد حاصل ڪرڻ کان منع نٿو ڪري؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پويون دفعو ٻڌل آخري تعليمات کي ياد ڪندي پڇيو.

”يقيناً  نه“. هن جواب ڏنو، ”پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمائي ٿو ته توهان پنهنجي پورهيي ۽ ايماندارانه ذريعن سان جيتري به ملڪيت ۽ مال جمع ڪري سگهو ٿا، سا بيشڪ گڏ ڪريو، پر شرط فقط ايترو آهي ته توهان هميشھ خدا کي ياد ڪندا رهو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا، سو هن جي نالي ۾ خرچ ڪندا رهو.“

انهيءَ وقت هڪ عورت اٿي کڙي ٿي:

”آءُ هاڻي هلان ٿي،“ هن چيو، ”منهنجي معصوم ڌيءَ کي منهنجي ضرورت محسوس ٿي رهي هوندي.“

اها ڳالهه ٻڌي ڀوري ڇوڪريءَ ڪَن کڙا ڪيا. هن جي انهيءَ ملڪ ۾ وارد ٿيڻ وقت، هڪ ٻارڙيءَ کي جيئري دفن ڪرڻ وارو واقعو اکين اڳيان تري آيو.

”ڇا، ڌيئرن کي ڄمڻ مهل جيئرو دفن نه ڪيو ويندو آهي؟“ هن پڇيو.

”تون جهالت واري دور جون ڳالهيون ڪري رهي آهين،“ ميزبان عورت جواب ڏنو، ”اڄ ڪلهه ڪنهن کي به ڌيئرن کي زنده درگور ڪرڻ جي همت ٿي نٿي سگهي.“

”پر ڇا، جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پٽن جو هئڻ لازمي امر ناهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.

هڪ ٻي خاتون، جنهن جي گود ۾ هڪ وڏو ڪتاب کليل رکيو هو ۽ جيڪو هوءَ پڙهي رهي هئي، تنهن هاڻي منهن مٿي ڪري هن کي ڏٺو ۽ کلي چيائين، ”ڪتاب فرمائي ٿو ته مال ۽ اولاد جيتوڻيڪ چڱيون ۽ وڻندڙ شيون آهن، پر ان جي باوجود اهي پنهنجي سر ماڻهوءَ کي خدا جي قريب آڻڻ ۾ ڪا مدد نه ٿيون ڪن. اهو ڪم ته فقط توهان جا پنهنجا اعمال ۽ عقيدا سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، پر ان هوندي به والدين سان مهرباني ۽ احسان جي سلوڪ رکڻ جو حڪم ڏنل آهي.“

”ته پوءِ توهان جو ديوتا ڪهڙو آهي؟ آءٌ جڏهن پهريائين پهريائين هت آئي هيس، تڏهن مون هڪ ننڍڙي مندر ۾ پٿر جا ڪيئي ننڍا وڏا بت رکيل ڏٺا هئا،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.

”هائو، خود منهنجو ڀاءُ به انهن جي پوڄا ڪندو هو،“ هن جي ميزبان خاتون چيو، ”پر هاڻي ته هو بت شڪنن جو سردار بڻجي چڪو آهي.“

”پر توهان جو ديوتا ڪير آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ وري پڇيو.

تون چوين ٿي ’توهان جو ديوتا‘، ميزبان خاتون چيو، ”ڇا، تون ائين سمجهين ٿي ته اسان جو ديوتا تنهنجي ديوتا يا ٻئي ڪنهن جي ديوتا کان مختلف ۽ جدا آهي؟ اڙي چري، نه فقط اسان جو ۽ تنهنجو خدا هڪ ئي آهي، پر هنن سڀني جهانن جو، جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا يا نظرن کان غائب آهن، تن جو به خدا اهو ئي هڪ آهي.“

”ڇا، تنهنجو مطلب انهيءَ خدا ۽ سندس ”پٽ“ سان آهي، جيڪي آسمان ۾ آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ هن کان وري پڇيو.

هاڻي، انهيءَ ڳالهه تي سموريون عورتون اوچتو سنجيده ٿي ويون. ”خدا نه ڪري“، هنن سڀني گڏجي هڪ آواز ۾ چيو، ۽ پوءِ ميزبان خاتون وري چيو، ”مهرباني ڪري اهڙا ڪفر جا ڪلما نه ڳالهاءِ. خدا جا ڪي به پٽ يا ڌيئرون ڪينهن، ۽ نه وري هو آسمان يا ڪنهن هڪ خاص هنڌ تي رهي ٿو. هو جهڙو آسمان ۾ آهي، تهڙو زمين تي به موجود آهي، هو توکي تنهنجي ساهه جي رڳ (شاهه رڳ)* ۽ هر ٻي شيءِ کي خود ان جي وجود کان به وڌيڪ ويجهو آهي.“

”پر، اسين هن کي ڏسي ته نٿا سگهون.“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

جنهن عورت وٽ وڏو ڪتاب هو، سا ان مان وري ڪجهه آيتون پڙهڻ لڳي:

”نظر هن کي ڏسي نه ٿي سگهي، پر هو سڄي نظر، جو احاطه ڪري سگهي ٿو. هو ئي ساري مخلوقات جو نور، خالق ۽ پاليندڙ آهي. هو ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جو ڪونهي. ڪابه شيءِ هن سان مشابهت نه ٿي رکي ۽ هو پاڻ انهن سڀني شين کان بلند و بالا تر آهي، جنهن جو ماڻهو تصور ڪري سگهي ٿو. هن کي، سواءِ پردن کان، ڏسي نٿو سگهجي. هو پنهنجن بندن سان، الهام جي ذريعي کانسواءِ ڪلام نه ٿو ڪري.“

ان وقت، جيئن ته سج لهي ويو هو، عبادت لاءِ ماڻهن کي سڏڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سڀ زالون اٿيون ۽ وضو ڪرڻ لاءِ ويئون، پوءِ انهن غاليچي تي نماز ادا ڪئي.

ڀوري ڇوڪري هنن جون اهي ڪارروايون غور سان ڏسندي رهي ۽ هن جي سڄي تجربي ۾ هي پهريون ڀيرو هو، جو هوءَ ڪنهن پادريءَ، قربان گاهه، ڪنهن شبيهه، بت يا ٻئي ڪنهن به قسم جي علامت جي وساطت کان سواءِ، عبادت ٿيندي ڏسي رهي هئي. جڏهن عورتون نماز پڙهي بيٺيون، تڏهن ڀوري ڇوڪريءَ هنن کان پڇيو، ”ڇا، توهان عبادت ڪرڻ کان اڳ ۾ هميشھ هٿ منهن ڌوئينديون آهيو؟“

”هائو“، ميزبان خاتون چيو، ”پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته اسان کي اندر توڙي ٻاهر صاف رهڻ گهرجي، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سهڻو نظر اچڻ کپي.“

”ڇا، توهان عبادت ڪرڻ لاءِ مندر نه وينديون آهيو.“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.

”اسين جيڪڏهن چاهيون ته عبادت گاهه ۾ وڃي سگهون ٿيون،“ ميزبان خاتون چيو، ”پر هيءَ سڄي ڌرتي الله تعاليٰ جي آهي ۽ اسين جتي به آهيون، اتي عبادت ڪري سگهون ٿيون، ۽ خدا هر حالت ۾  اسان جي سامهون آهي.“

”مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن مون کي خانقاه جي ميٽرن جي حڪم سان عبادت ڪرڻي پوندي هئي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.

انهيءَ نوجوان ڇوڪريءَ، جنهن عبادت لاءِ وڃڻ کان اڳي ڪتاب بند ڪري رکيو هو، سا وري موٽي آئي ۽ اهو ڪتاب کڻي ويٺي، ۽ ان کي هڪ هنڌ تي کولي، منجهانئس وري ڪجهه سٽون وڏي آواز  ۾ پڙهيون:

”خدا مڙهيون ۽ خانقاهه تعمير ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏي ۽ ڪنهن کي عبادت ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري. دين جي معاملي ۾ ڪو زور زبردستي ڪانهي. عبادت ان وقت تائين ڪنهن ڪم جي ڪانهي، جيسين ماڻهو دل ۽ دماغ جي پوري يڪسوئي سان اها ادا نٿو ڪري ۽ اهڙي عبادت الله تعاليٰ جي بي حرمتي آهي.“

”پر ڇا، توهان وٽ گناهن جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ڪي پادري ڪينهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”بلڪل نه،“ هن جي ميزبان خاتون جواب ڏنو. ”اسان وٽ ڪي به پادري ڪينهن. اسان جو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمائي ٿو ته هر هڪ انسان پنهنجي لاءِ سڌيءَ طرح سان خدا ڏانهن جوابده آهي ۽ عورت هجي يا مرد، بهرحال هو پنهنجن گناهن جوا عتراف فقط خدا جي آڏو ڪري سگهي ٿو، ۽ سڌي طرح هن کان معافيءِ جو طلبگار ٿي سگهي ٿو. پيغمبر صلعم جي آندل دين ۾ وچ واري ذريعي لاءِ ڪا گنجائش ڪانهي.“

ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ هڪ خيال کٽڪي رهيو هو، هن کي هر گهڙيءَ پنهنجي ڪنواري رهڻ لاءِ کنيل قسم ياد اچي رهيو هو ۽ هن کي اهومعلوم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو ته پيغمبر پاڻ شادي شده هو يا نه. هن جذبات جي نزاڪت کان، ڪجهه هٻڪي هٻڪي نيٺ پنهنجو سوال پڇي ڇڏيو:

”ڇا پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم شادي شده آهي؟“

”هائو“، کيس جواب مليو، ”هن جي پهرين زال ۽ سندس زندگيءَ جي سڀني لاهين ۽ چاڙهين جي  ساٿڻ، ڪجهه وقت اڳي گذاري ويئي. ان کانپوءِ منهنجي ڀاءُ کيس آڇ ڪئي ته هو سندس ڌيءَ سان شادي ڪري، ٻين به گهڻن ئي هن کي اها پيشڪش ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي انهيءَ ۾ خوشي حاصل ٿي رهي هئي. پوءِ هن ڪجهه بيواهن، هڪ طلاق يافته ۽ هڪ ڪنيز عورت سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح هاڻي هن جون اٺ زالون آهن.“

انهيءَ ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ کي ڏاڍو حيران ڪيو. هن کي شادي ڪرڻ ۽ گهر گرهستي ٿي رهڻ بابت ”راهنما“ ۽ نزريني جا خيال معلوم هئا، جنهن ڪري هوءَ انهن خيالن ۾ هم آهنگي نه ڏسي سگهي ته جيڪڏهن هي ”پيغمبر“ صلعم به عظيم انسان هو، ته پوءِ هن جي هلت انهن ٻن کان مختلف ڇو هئڻ گهرجي. پر هوءَ انهيءَ باري ۾، پنهنجي ميزبان خاتون کان فقط ايترو پڇڻ کانسواءِ، هڪ لفظ به وڌيڪ نه ڪُڇي سگهي ته ڇا، هن جو انهيءَ عظيم انسان سان ملي سگهڻ ممڪن هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ، اڳي کان گهڻو وڌيڪ هاڻي، هن کان پاڻ روبرو ڪيترين ئي ڳالهين متعلق پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي خواهشمند هئي.

”اڙي، يقيناً،“ هن جي ميزبان خاتون جواب ڏنو. ”هن سان ته غريب ۾ غريب فقير به ڪنهن به وقت چاهي ته ملي ٿو سگهي. پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم هميشھ هر ماڻهوءَ سان ملڻ لاءِ موجود هوندو آهي ۽ توکي هو پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڳيان ويٺل ملندو.“

ڀوري ڇوڪريءَ، هڪ دفعو وري پنهنجي ميزباني خاتون جي شڪر ادائي ڪئي ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم سان ملڻ لاءِ هن سان خدا حافظ ڪري ٻاهر نڪري ويئي. هن جو رستو ڪنهن طرح سان گم ٿي ويو، ۽ هن هڪ راهگير کان پيغمبر صلعم جي گهر وڃڻ جو رستو معلوم ڪيو. انهيءَ ماڻهوءَ حيران ٿي هن کي ڏٺو.

”آءٌ هڪ شاعر آهيان،“ هن چيو، ”۽ هو مون جهڙن شاعرن کي پسند نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن اتفاق سان تون به شاعره آهين ته هن وٽ وڃڻ کان پرهيز ڪجانءِ.“

ائين چئي، هو هڪ به لفظ وڌيڪ چوڻ کانسواءِ اتان هليو ويو.

ڀوري ڇوڪريءَ کي، بهرحال، هاڻي سندس ميزبان خاتون جون هدايتون ۽ ڏس پار ياد اچي ويا هئا ۽ ٿوري ئي دير ۾ هن اها جهوپڙي ڳولي ڪڍي ۽ پيغمبر صلعم کي ان جي ٻاهران ٻارڙن سان کلندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو. هوءَ ادب ۽ احترام کان ڪجهه پرڀرو اچي بيهي رهي ۽ اڳتي وڌي وڃڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪري رهي هئي.

”جيڪڏهن تون مون سان ڳالهائڻ ٿي چاهين ته پوءِ مهرباني ڪري هيڏانهن وڌي اچ،“ هن کيس چيو، ”هڪ غريب عربياڻيءَ جي پٽ کان ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي.“

ائين چئي هن کيس تڏي تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي، ۽ پوءِ هو پاڻ به ويهي، پنهنجي جتيءَ جي مرمت ڪرڻ لڳو.

ڀوري ڇوڪريءَ چيو ته، ”مون توهان جي دين بابت اڳيئي تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر مون کي خود توهان کان ڪيئي ڳالهيون دريافت ڪرڻيون آهن.“

”اهو فقط منهنجو دين ته ڪونهي“، هن کيس پنهنجين وڏين چمڪندڙ اکين سان ڏسندي چيو، ”پر اهو دنيا جي شروعات کان وٺي سڀني ماڻهن جو دين رهيو آهي، پر نه، اهو ته سج، چنڊ،س تارن، وڻن ۽ ڪڪرن جو دين رهيو آهي، ۽ سڀني ان کي مڃيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو نالو ئي ’خدائي رضا ۽ قانون آڏو جهڪڻ ۽ اطاعت ڪرڻ‘ آهي. ڪابه شيءِ انهن قاعدن جي ديده دليري سان ڀڃڪڙي ڪري نه ٿي سگهي. انسان کي به ، انهن کي ضرور مڃڻو آهي، پر هن کي باشعور طور، هوش ۽ حواس سان، دل جي رضامنديءَ ۽ خوشيءَ سان انهيءَ قانون جي اطاعت ڪرڻي آهي، ڇو ته خدا جي قانونن ۾ ڪا به تبديلي ڪانهي.“

”پر مون کي مختلف وقتن تي ايڏيون ته مختلف ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جو مون کي سچ ته اها خبر ئي ڪانهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ نه اها ئي ڪا ڪل اٿم ته خدا جي مرضي ڪهڙي آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.

”خدا پنهنجي رضامندي، مختلف وقتن تي دنيا جي سڀني قومن تي، سندن ضرورتن موجب، پنهنجن نيڪ بندن جي وسيلي ظاهر ڪئي آهي.“ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم چيو، ”هر دور لاءِ هڪ ڪتاب آيو آهي، جيڪو انهيءَ دور لاءِ خدا جي مرضي ۽ قانون جو اظهار ڪندو آهي، تان جو وري ٻيو ڪتاب نازل ٿيندو آهي.“

”ته پوءِ ڇا، توهان جو پيغام، سڀني کان آخري پيغام آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”اهو نه فقط سڀني کان پويون آهي، پر اهو انهيءَ خاص قسم جي الهامي پيغام جو آخري پيغام آهي، ۽ مون کي حڪم  ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀني اڳوڻن الهامي پيغامن کي هڪ يا ٻن قومن لاءِ نه، بلڪه دنيا جي سڀني قومن لاءِ جمع ڪريان.“

”ته پوءِ ڀلا، هيءُ پيغام ڪنهن خاص زماني يا دور لاءِ به ناهي ڇا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”نه“ کيس جواب مليو، ”ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب فقط احڪامات ۽ فرمانن جو ڪتاب ناهي، بلڪه اختيارن ۽ امتيازن جو آهي ۽ اهو هڪ مختلف نموني جي طور ۽ طريقي جو مشورو ڏئي ٿو، جنهن سان هر هڪ انسان کي انفرادي حيثيت ۾ الهام ملندو ۽ کيس انهن وقتي الهامن جي ضرورت نه رهندي، جيڪي وقت بوقت ايندا رهيا آهن. انسان هاڻي اُسري بيٺو آهي ۽ هن کي هاڻي ”توکي هيئن ڪرڻو آهي،“ يا ”هونئن ڪرڻو ناهي“ جهڙن حڪمن جي ضرورت باقي نه رهي آهي. پر ’ڪتاب‘ هن جي اڳيان ٻه ويڪرا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هن کي انهن ٻن منجهان پنهنجي ارادي سان هڪ رستو چونڊڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انسان انهن مان غلط رستي جي چونڊ ڪري ٿو ته پوءِ هن کي خدائي بچائي. مرد ۽ عورت هاڻي چونڊ ڪرڻ لاءِ آزاد آهن، پر اڳي کان گهڻو وڌيڪ ذمه دار آهن.“

”حضور، ڇا توهان مون کي اهو رستو ٻڌائڻ جي ڪرم نوازي ڪندا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”هائو، وڏي خوشيءَ سان“، هن جواب ۾ فرمايو، ”خدائي هدايت جو، جيڪو سڀني کان پهريون لفظ مون کي مليو آهي ۽ جيڪو مون کي ماڻهن تائين پهچائڻو آهي، سو آهي، ’پڙهه‘. پڙهه الله جي نالي ۾ اُهو، جيڪو الله خلقيو آهي. خدا قلم کي اهو اوزار بنايو آهي، جنهن جي مدد سان ماڻهوءَ کي سيکارڻو آهي ۽ هن ڪائنات کي پڙهڻ کانپوءِ هدايت جا ٻيا جيڪي لفظ مون ڏانهن الهام ڪيا ويا، سي ”انهن لفظن کي لکڻ ۽ انهن جو اظهار ڪرڻ جيڪي تون پڙهين ٿو“، آهن. اِهو طريقو ٻڌايو ويو آهي، جنهن تي هلڻ سان توکي خدا جو ديدار ٿيندو.“

اتي هڪ ماڻهو انهن وٽ آيو ۽ هن اچڻ سان پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو، ”ڇا، توهان اسان کي خدا جي طرفان توهان کي ڏنل ڪي نشانيون ڏيکاري سگهو ٿا، جيئن توهان کان اڳي آيل پيغمبرن ڪيو هو؟“

پيغمبر صلعم کلي ڏنو.

”اي منهنجا نيڪ بخت انسان“، هن چيو، ”ڇا، تون منهنجي طاقت جون ڪي نشانيون ڏسڻ چاهين ٿو؟ جي ائين آهي ته توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مون کي ڪا طاقت ڪانهي، سڀ طاقت خدا جي آهي. آءٌ پاڻ کي فرشتو سڏائڻ جي دعويٰ به نٿو ڪريان، نه وري اها دعويٰ ٿو ڪريان ته ڪو مون وٽ خدا جي خزاني جون ڪنجيون آهن. مون کي ڪنهن جي مٿان به ڪو اختيار حاصل ڪونهي، ۽ نه وري شيطان کي ئي اهڙو اختيار حاصل آهي. آءٌ توهان کي چتاءُ ڏيان ٿو، ۽ هو (شيطان) توهان کي لالچائي ٿو. پر جيڪڏهن تون خدا جون نشانيون ڏسڻ چاهين ٿو، ته پنهنجي چوڌاري نظر ڦيراءِ. ڇا، توکي اهڙيون نشانيون آسمان ۽ زمين جي تخليق ۾ نظر نه ٿيون اچن؟ ڇا، تون انهن کي ڏينهن ۽ رات جي ڦير گهير ۽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ نه ٿو ڏسي سگهين، جڏهن اهو خشڪ مٽيءَ کي نئين زندگي بخشي ٿو ۽ ان کي موت بعد وري، زندگي عطا ڪري ٿو، ۽ وري نئين ۽ تازي ساوڪ پيدا ڪري ٿو؟ هوائن ۽ ڪڪرن جي چرپر ۾، سج جي اُڀرڻ ۽ چنڊ جي لهي ننڍي ٿيڻ ۾ ڪجهه نه ٿو نظر اچي؟ ڇا؟ انهن ۾ ڪي به نشانيون ڪينهن؟ ۽ تون ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ڪو وقت اهڙو هو، جڏهن تون هڪ اهڙي شيءِ هئين، جڏهن تنهنجي متعلق ڪنهن به ڪا ڳالهه نه ٻڌي هئي. شايد تون ان وقت پاڻي هئين، پوءِ تون ڪاري مٽي هئين، پوءِ هڪ ننڍڙو زندگيءَ جو جيوڙو هئين، جنهن جو نالو ٻڌڻ کان اڳي ماءُ جي رحم ۾ ڪيترين منزلن وچان گذريو هوندين؟ ڇا، انهن ڳالهين ۾ ڪي نشانيون ڪينهن؟ ۽ انسان ذات جي ماضيءَ جي تاريخ متعلق ڪهڙو خيال اٿيئي؟ ڇا،


 

* شاهه رڳ: زندگيءَ جي رڳ.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com