سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :13

 

”سنڌ ۽ سنڌيت“

(شعري مجموعي ”اباڻي اڪير“

(1985ع) لاءِ لکيل مھاڳ)

اسان سنڌين جي گھرن ۾ ۽ اوطاقن ۾ ۽ اسان جي ھردي جي تارن ۾، مارئيءَ جو قصو، مارئيءَ جو سرود، تمام گھڻو ٻري ٿو، ۽ ڳائجي ٿو، ۽ پچارجي ٿو. ڀاءُ نرنجن دوداڻيءَ جا ٿورا مان ڪھڙن لفظن سان مڃان، جو ڏيساور تان پاڻ پنھنجي ڪوتا ”اباڻي اڪير“ جي نالي واري، مون ڏانھن موڪليائون – پڙھڻ لاءِ ۽ موٽ ۾ ان بابت ڪجھھ چوڻ لاءِ.

پھريون ڪم، جو مون ڪيو، سو ھيءُ تھ ڀاءَ نرنجن جي ڪوتا پاڻ پڙھيم ۽ پوءِ ان جو ھڪڙو نقل محترم دوست ڊاڪٽر الھداد ”عاصم“ کي پڙھڻ لاءِ ڏنم، جن کي آءٌ سنڌي ادب جو ھڪ سڄاڻ پارکو سمجھان ٿو ۽ ٻيو محترم دوست عبدالقيوم ”صائب“

کي ڏسڻ لاءِ ڏنم، جن کي آءٌ سنڌي شعر جي علم عروض جي ڄاڻن مان مڃان ٿو. ٻنھي مھربانن جا تاثر، جيڪي منھنجي ويچار ۾ وڏي ڳالھھ وارا آھن، لائق پڙھندڙ ھن منھنجي گذارش کان پوءِ پاڻ پڙھندا، ۽ ڀاءُ نرنجن جي رچنا بابت پنھنجي راءِ قائم ڪندا، - وڌيڪ ان لاءِ ڪجھھ چئي، آءٌ رڳو پڙھندڙن کي ڪجھھ گھڙيون ھن سندس درديلي آواز کي پڙھڻ، ۽ ڪنين ٻڌڻ، کان پري ئي رکي سگھيس ٿي، جا مناسب ڳالھھ نھ ھئي : پر عزيز دوست الھداد پنھنجي تبصري جي آخر ۾، پنھنجي ھڪ دلبند ادا سان ”پيار ۾ شرڪت“ لاءِ چئي، مون لاءِ پوئتي رھڻ جي ڳالھھ بھ ڪانھ ڇڏي آھي. پڙھندڙن کي، بھرحال، ھن جاءِ تي، آءٌ اھا ئي منٿ ڪندس تھ وڌيڪ ھن گذارش کي پڙھڻ ھتي بند ڪري، پھرين ڊاڪٽر الھداد جو تبصرو ۽ جناب ”صائب“

جو مطالعو پڙھن، ۽ پوءِ ڀاءُ نرنجن جي ڪوتا سڄي پڙھي وڃن، ۽ ان جو ”سوز ۽ سرور“ محسوس ڪن، جا ئي ان جي وڏي وٿ آھي – ۽ ان کان پوءِ، جي دل ۾ اچين تھ رھيل منھنجي ھيءَ گذارش بھ پڙھڻ جي تڪليف وٺن.

(2)

آءٌ ”اباڻي اڪير“ جي ورجيس کي انگريزيءَ جي لفظ Patriotism سان تعبير ڪريان ٿو، جنھن جو مول انڊو – يورپي ٻولين جي Pater (پدر، Father، پتا، پيءُ وغيرھ) مان آھي، جنھن مان Patrios (اباڻو) ۽ Patriot (جيڪو پنھنجي اباڻي ڌرتيءَ کي بچائي ٿو يا ان جي حقن جو ۽ آزاديءَ جو پرجوش محافظ آھي) ۽ ٻيا ڪيئي ان سلسلي جا لفظ جڙيا آھن.

دادا ڄيٺمل پرسرام کان برطانوي سامراج کان آزاديءَ جي جدوجھد دوران اڪثر ائين چوندي مون ٻڌو ھو تھ ”ماتر ڀوميءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اسان جو سنڌي ھاري ڪيئن ڪو جوش ڏيکاري ٿو سگھي، جڏھن ماءُ ھن جي پنھنجي ئي گھر ۾ نظربندياڻي آھي ۽ ڀومي (زمين) ھن جي زميندار جي قبضي ۾ يا شاھوڪار وٽ گروي آھي!“ اھڙيءَ ئي ساڳي طرح، انھن ئي ڏينھن ۾، لوڪماليھ تلڪ، جيڪو وطن جي عام ماڻھن لاءِ آزاديءَ جو گھوريو ھو، جڏھن اصلاح پسند يا سڌارڪ اڳواڻن کان ھيءُ نعرو ٻڌو تھ ”سماجي سڌارا پھرين، سوراج (آزادي) پوءِ!“ – تڏھن چيو ھئائين تھ عام طور سماجي سڌارا معنيٰ گھرو سڌارا: ”اوھين ڀلي، جيئن اوھين چئو ٿا، گھرو سڌارن جا دھل وڄايو، پر انھن کي اوھين ڇا ڏيندا جيڪي بي گھر آھن! پھرين ماڻھن کي گھر ڏيو، پوءِ انھن کي گھر جي سڌاري لاءِ چئو!“

ننڍي ھوندي جي ھڪڙي ڳالھھ مون کي سڄي عمر ھرندي رھي آھي، پنھنجي غريب امڙ قائمان جي: سدائين ھوءَ جڏھن سيبي جي ٽٻڻي پاسي ۾ رکي، سئي ڌاڳو ھٿ ۾ کڻي، ڪپڙو جوٽن ۾ جھلي، سبڻ ويھندي ھئي تھ جھيل سان ۽ ڏاڍي مٺي، شفاف آواز سان جھونگاريندي ھئي – ”مٺن مارن کي ڏٺي ڏينھن ٿيا، سکين سانگين کي ڏٺي ڏينھن ٿيا... گذري ورھيھ ويا....“ ۽ پيئي وجھلندي ھئي؛ ۽ مان مٿس ڀر ڏيئي آلين اکين سان ور ور، ڏانھنس ويٺو ڏسندو ھوس. امڙ منھنجي، مان بنھھ ننڍو ھوس – ٻن اڍائي سالن جو ئي – تھ منھنجي پيءُ جي اوچتي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ عدت جي پوري ٿيندي ئي، زوريءَ نڪاحجي، اسان جي ئي ويڙھي ۾، ھڪڙي ٻئي گھر اماڻي ويئي ھئي: * ھن اتي وڃڻ نٿي گھريو ۽ جو دم جيئري ھئي، واجھائيندي رھي، واجھائيندي رھي – ”پنھنجي“ اسان جي گھر لاءِ، جتي آءٌ ڄائو ھوس، ۽ پنھنجي ”اباڻي“ گھر لاءِ جتي سندس بيواھي پوڙھي ماءُ، منھنجي پورھيت ناني سعيدان، ھيڪلي ۽ بيحد سقيم حالت ۾ رھندي ھئي.

ابتدائي انساني سماج جي ماتائي (Matri-archal) دؤر جا، ”گھر“ لاءِ ”جوءِ لاءِ“، ”وطن“ لاءِ يادگار لفظ اسان وٽ ”ڌرتي ماتا“، ”ماتر ڀومي“، (Mother Land) آھن، ۽ پوءِ جڏھن سماج پتائي (archal-Patri) دؤر ۾ داخل ٿيا، تڏھن ٻولين ۾ ”آبائي ملڪ“، ”ملڪ اباڻو، ڏيھھ ڏاڏاڻو“ وغيرھ جا اصطلاح رائج ٿيا. ماتائي سماج ۾ مرد بھ غلام ڪونھ ھو، ڇو تھ ماءُ جو فطري منسب ئي پيار ۽ پنھنجائپ ھو، پر پتائي سماج ۾ پيءُ، Patri- arch مان وڌي، ”گھر“ جو ”ڌرتيءَ“، جو Mon-arch (حاڪم = Arkho + اڪيلو Monos =) ٿي ويو، ۽ ان آپيشاھيءَ ۾، عورت (ماءُ) جي حيثيت مرد جي آڏو محض، ھڪ غلام، ھيڻي ۽ بي زبان جيو جي رھجي ويئي ۽ ان طرح سماج جي ھر گھر ۾ ”ماءُ، ھڪ ڦاٿل ۽ کنڀن ڀڳل ڪونج وانگر پنھنجي اباڻن لاءِ اباڻي ”گھر“ لاءِ اباڻي ”وطن“ لاءِ سدا لڇندي، ڪوڪندي ۽ ڪرلائيندي ٿي رھي – جيئن اڄ بھ ان جي حيثيت اسان وٽ اھا آھي : ڀاءُ نرنجن پنھنجي نظم ”الائي ڇو!“ ۾ بھ ائين چوي ٿو:

”اباڻن مان لڏڻ جي پٽ کنئي اِتھاس مان ور ور،

ڇڪي سڪ دادلي در جي، ايامن کان الائي ڇو!“ **

۽ ائين ”اباڻي اڪير“ جي ورجيس اسان کي ان پنھنجي نظر – بندياڻي (ماءُ) جي ڏنل آھي، ۽ اسان وٽ مائي مارئي ان اباڻي اڪير، ساڻيھھ جي سڪ، وطن جي حب، جي علامت آھي ۽ اسان جي ادب ۽ سڀيتا ۾ پنھنجي سيتا ۽ سيل سان ”عمر جي قيد“ مان نجات جي جدوجھد جو مثالي ڪردار بڻجي پيش ٿيل آھي.

(3)

ڀاءُ نرنجن جي ڪوتا ”اباڻي اڪير“ ، ان حوالي سان دنيا جي سڀني باشعور ٻولين جي Patriotic روايت پٽاندر، اسان جي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ جي نبار وطني حب جي ڪوتا آھي.

اسان جو ھيءُ نرنجن، لاڙڪاڻي – ”شھر شھاڻي، معشوقاڻي، ملوڪ مڪاڻي، ساھھ سيباڻي، ورثي اباڻي“ – جي طيب ڳوٺ جو ڄاول 1926ع جو، ايڪيھن سالن جي جوانيءَ مستانيءَ ۾ وطن کان وڇڙيو ۽ وڃي بمبئيءَ پھتو؛ 1972 ۾ ڪٽنب سميت انگلنڊ ٿانيڪو ٿيو، ۽ اتان ويھي شاھھ سائينءَ جي مارئيءَ جيئن – ”ڪيم مھاڙ ملير ڏي، ڳوڙھا پيم ڳڙي!“ – ست سمنڊ پار پنھنجي ”اباڻي“ پار ڏانھن منھن ڪري، ان سان پنھنجي دل جو امنگ ھيئن ٿو اوري:

”تنھنجي قرب جو ڪيئن مان قدر ڪيان!

”تنھنجي پريت جي ڪھڙي ڳاڻ ڳڻيان!

”تنھنجي دل جون مرادون ثابت ٿين،

 

”سڀ سھڻا سپنا ساڀيا ٿين؛

”ھر جنم جنم جو قرار ڏيان،

”توکي دل گھريو دلدار چوان....“ *

۽ ڪڏھن پنھنجي نازڪ دل تي ڪن رکي دانھين ٿو –

”اٿن ٿيون اندر ۾ اِلاھي اڪيرون،

”ٽميا نيڻ ڇاکؤن الائي الائي!....“ *

۽ پنھنجي ويڳاڻپ کي ھيئن چئي پرڀائي ٿو –

”سونھاري سا سوني ڌرتي، ساري سال سڄا،

”سار سنڌوءَ جو، سر واھن جو، مٺڙي ساءِ ڌڄا؛

”ڳايان نغمو نور وطن جو، توڙي سينو ڪٺو!

”روءُ نھ دلبر دل منھنجي، اڄ ڳايون راڳ مٺو!“ *

نرنجن جو اوجل من وڇوڙي جي ان لوءَ تي اڃا حيرت ۾ آھي تھ ھو ۽ ھن جو ايڏو سارو ولر ان ڄڀيءَ جا شڪار ٿيا ئي ڪيئن! – ڇو تھ،

”مليا جي فرض سي اڪثر ادم سان نڀاياسي؛

”مگر، ڇا ٿيو، ڇا پاتوسي ڇا سوچيوسي، ٿيا ڇا سي،

”اسان کي دور جيوت جو، مليو انجام ڇو اھڙو؟

”ڪيان ان جو بيان ڪھڙو!

”رھڻ خاموش ڄاتوسي، ڪڇڻ مان ڪين پاتوسي؛

”چڀي ٿو درد ٻيو ڪھڙو؟

”ڪيان ان جو بيان ڪھڙو....“ *

۽ ھن جي دل اڀاڳيءَ کي نيٺ –

”جڏھن ايڏي اڪيلائي نھوڙي ٿي،

”نھوڙي ٿي، نھوڙي ٿي، نھوڙي ٿي....

”مون کي منھنجي اڪيلائي نھوڙي ٿي –

”تڏھن دل انقلابي ٿي ولوڙي ٿي....“ *

ائين تعصب جي جھنمي ھوا سائي ستابي وڻ مان ھڪڙو نرنجن نھ پر لکين نرنجن ڇني، الڳ ڪري ڇڏيا – ”ملڪ ڪٽيائون، دل چيريائون، ڪير ڪٿان جو ويو ڪاڏي!“ - ۽ ھر ڪو انھن مان جتي بھ آھي اتي اڄ ائين ئي پيو ٿو ڪرلائي –

”دعا پنھنجي، زمين پنھنجـي، الاھـي آرزو آھـي –

”جي يارو موڪلايوسي، بدن مان پاڻ ئي ٺاھيان!“ *

مون پنھنجي ڪتاب، ”شاھھ – سچل – سامي“ (1978ع) جي پھرين جملن ۾ چيو ھو تھ ”سنڌي سماج رڳو انھن حدن تائين محدود نھ آھي، جيڪي جاگرافيائي يا سياسي طور اڄ سنڌ جون آھن – سنڌي سماج سنڌ کان ٻاھر بھ موجود آھي. جتي جتي ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آھي، اتي سنڌي سماج موجود آھي، ۽ اتي انھن جي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندن پنھنجن سڳورن سنت شاعرن – شاھھ، سچل ۽ ساميءَ سان پريت ۽ سٻنڌ سان پئجي سگھي ٿي:“ ڀاءُ نرنجن ڏيساور مان بھ اِھو ئي آواز ٿو آلاپي –

”شاھھ، سچل (ساميءَ) لئھ ڇڪبا شاعر سودائي،

”حق جي سڏ تي ڪڏندا ايندا ماڻھو مولائي،

”ڳايون مٺيرو راڳ وطن جو سر سان سيگھھ سٺو ...

”آھي اِلاھي اڪير اباڻي، پرچي ھرڪو رٺو،

”روءُ نھ دلبر دل منھنجي، اڄ ڳايون راڳ مٺو...“ *

.........

”ماروئڙن جو ملڪ مٺيرو، گھر گروءَ جو در،

”سنڌوءَ جي آسيس گھڻيري، جھولڻ جھوليون ڀر،

”سنڌي سدائين سنڌي سڏبا جاتي ھوندا،

”پنھنجي اباڻي اڍ ڇڪيندا،

”نياز ڪري ٿا گڏجون سڀ سان،

”پنھنجا نيٺ بھ تھ پنھنجا ٿيندا....“ *

.......

”سڪ ڀري جا صحبت پاتي، تعصب کي ڏيون ڪونھ ٽڪاءُ،

”مھمانن جي حجت اسان تي، ڀيد نھ ڀانيون ڀاءُ!

”صلح شانتي مرڪ اسان جو، قربانيءَ ۾ راحت،

”پڻيءَ کي پرڻام اسان جو، لازم ٿي جي شھادت!

”نماز پڙھون يا پوڄيون پاٺ، باسيون جيڪا باس،

”سنڌ سڳوري، تنھنجي ڪاتر، اڀ کان وڌ نئين آس!“ *

(4)

ائين ٿو ڀانئجي تھ تاريخ جو ھيءُ دؤر، جو اسان سان ھيترو ڪجھھ ڪري گذريو آھي، نظرين جو دؤر ھو ۽ آھي. ڪئپيٽلزم ۽ سوشلزم دنيا ۾ اڳي ئي موجود ھئا، جيڪي ٻيئي سيڪيولرسٽ (Secularist) يعني ”دنيائي“، ”ارضياتي“، ”لوڪائتا“ نظريا ٿا سڏجن. ھاڻي وري اڳوڻا سئڪرلسٽ (Sacralist) يعني ”افلاڪي“، ”آسماني“،

”پر-لوڪائتا نظريا“، جيڪي اڳتي وڌي آيل انساني سماج جي صنعتي دؤر ۾ مدي خارج بڻجي، استعماليءَ مان نڪري ويا ھئا، ڪافي ڪجھھ اوور – ھالنگ (Over-hauling) ۽ ڇنڊ ڦوڪ کان پوءِ، نوان بڻجي، ٻيھر اچي نئينءَ دنيا جي آڏو بيٺا آھن، پر ”ڌرتي“ ۽ ڌرتيءَ جي ٻوليءَ (۽ ڌرتيءَ جي ”مامرن“) کي، اھي وري بھ ڇڏي نٿا سگھن. سندن ٻاھرين دعوا برابر ”نظرياتي“ وحدت آھي، جنھن ۾ ھو ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي ”لايلٽيز“ (Loyalties) کان پاڻ کي بالاتر سمجھن ٿا، پر ٻولين ۽ ڌرتيءَ جي مفادن ۽ پابندين کان ھو ھرگز آجا نھ آھن ۽ اھا منافقت ۽ ٻھ – چتائي انھن کي پنھنجي ڏاڍ ۽ ظلم جي مفادن جي حاصلات ۽ بچاءَ لاءِ ئي اختيار ڪرڻي پوي ٿي، ۽ انھيءَ منافقت ۽ دولاب ڪري ئي اھي اڄ پاڻ بھ سڄيءَ دنيا ۾ ايڏي وڏي آزار ۽ مونجھاري ۾ ورتل آھن – ڇو تھ،

”خودي“، ۽ ”خدا“ ڪين مائيندا من ۾،

ٻن ترارين جاءِ، ڪـانھي ھـڪ ماڻ ۾.

(شاھھ)

نظرين جي خيال کان اسين جيڪي پاڻ کي سنڌي سڏيون ٿا، سي بھ ھڪ نظريو رکون ٿا، جنھن کي اسين ”سنڌيت“ ٿا سڏيون - ۽ اھو ھڪ صاف سڌو سيڪيولرسٽ نظريو آھي، ۽ ان ۾ اسين ڪابھ لڪ يا منافقت ڪانھ ٿا ڪريون، ۽ پڌري پٽ چئون ٿا تھ ان جي پاڙ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ ۾ کتل آھي. اسان جي ھيءَ ”سنڌيت“ اسان کي سڄي عالم ۾ ڳنڍي ھڪ ڪري بيھاري ٿي ۽ ان سان اسين پاڻ کي سڃاڻي سگھون ٿا، ۽ ان سڃاڻپ جي سھاري، جي چاھيون تھ پاڻ کي سوڀياوان بڻائي سگھون ٿا ۽ سدا پاڻ کي سڦل ۽ سرخرو رکي سگھون ٿا.

اسان وٽ اسان جي ھن پنھنجي سنڌيت جي بنياد جا صديون

پراڻا سوان سڌا ۽ آزمايل اصول موجود آھن، جيڪي انسانيت جا اصول آھن، ماڻھپي جا اصول آھن – محبت، فضيلت ۽ خدمت جا پريم، مريادا ۽ شيواڌاريءَ جا اصول – جن کي اسين ھڪ ئي لفظ ۾ ”سنڌوءَ جي ساڃھھ“ بھ چئون ٿا. ھيءَ انسانيت، ھيءُ ماڻھپو، ھيءَ ساڃاھھ، جتي بھ انسان ۽ انسان ۾ ٻيائي يا دوئي نھ ھوندي اتي ۽ فقط اتي موجود ھجي سگھي ٿي. اسان جي بزرگن ۽ رھبرن، اسان جي سڳورن سنت شاعرن – شاھھ، سچل، ساميءَ ۽ ٻين – اسان کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ اھا دوئيءَ دور ڪرڻ جي ڳالھھ وري وري ۽ پوريءَ چٽائيءَ سان پئي ٻڌائي آھي ۽ سيکاري آھي –

ٻيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.

شاھھ سائينءَ تھ اسان کي انسانيت جي ھيڪڙائيءَ جو، ان جي ايڪي جو، ھيءُ سبق انيڪ نمونن ۾ ڏاڍي پياري انداز سان ڏنو آھي –

”مون“، ”تون“، ”آءٌ“، ”اسين“ چارئي چتان لاھھ،

سندي ”دوزخ“ باھھ، تھ تو اوڏيائي نھ اچي.

اسان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻنھي ٻالڪن، ھندن ۽ مسلمانن، مان ھر ھڪ کي سڏي ۽ وري وري سڏي، چيو اٿن –

اِن پر نھ ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،

دغا تنھنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

منھن ۾ مسلمان، اندر آذر آھيين.

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ،

ھندو ھڏ نھ آھيين، جڻيو تو م جڳاءِ،

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

سر نابو سجدا ڪرين، تن تواضع تو نھ،

ھو جو مڻڪو من جو، سھجان سارين سو نھ،

ڪوڙا ٿيندءِ ڪونھ، ڌوڻئين ڦوڪئي فائدو.

ڏسڻ ڏسين جي، تھ ھمھ کي حق چئين،

شارڪ شڪ م ني، اوڳا انھيءَ ڳالھھ ۾.

ڇو تھ –

اوڏو جو ”اثبات“ کي سو ”شرڪ“ لاھي ”شڪ“

ھئي جنھن ۾ ”حق“، تنھن ”نفيءَ“ جھڙو ناھھ ڪي.

(5)

اسين جيڪي پاڻ کي پنھنجن شاعرن ۽ بزرگ رھبرن جي ان اعليٰ سکيا جو پوئلڳ سمجھون ٿا، سنڌي آھيون ۽ سنڌيت جا دعويدار آھيون – جيتوڻيڪ اڄ اسين ظالم دنيا جي مفاد پرستن جا ڏکويل ۽ آزاريل آھيون ۽ ھڪٻئي کان وڇڙيل ۽ واوکر ٿيل آھيون، پر جيسين اسين پنھنجي فڪر ۽ عمل ۾ انسانيت جي انھيءَ حق ۽ اثبات جي اون رکون ٿا ۽ ان جي ئي شناس ۽ ڳولا اسان جو مقصد آھي، تيسين پڪ آھي تھ اسان جي تقدير جي ٻيڙي لڏي لڏي، وري بھ تار تري، اوس پار پھچي ويندي.... تيسين اسان کي سوکيم سجاڳ ۽ سرتائتو سو رھڻو پوندو –

ملاحظو مھراڻ جو مور م لاھھ مناءُ،

سامونڊي سنڀال، ڪي سمھڻ آيئھ ساءُ!

جاڳي جر مٿاءُ، تاري وانءُ تراز کي!

(شاھھ)

۽ اِھا ئي وڏي ڳالھھ، اِھو ئي املھھ چتاءُ، اِھا ئي جيءَ جيار خوش خبر، پنھنجي ھن اندر جي ڳري آواز، پنھنجي ھن سک – درسي ڪوتا، دوست الھداد جي لفظن ۾ ”سور ۽ سرور گاڏڙ“ ”اباڻي اڪير“ ۾ اسان جو پيارو ڀاءُ نرنجن دوداڻي بھ اسان کي ڏئي ٿو – شال، اھا اسين ٻڌون ۽ ھنئين سان لايون :

”جڏھن لامن کي لاڏ لڳندو، باغن تي رنگ سجندا،

ٽانگر ولين ۾ ٽڙندا، ٻجن مان سلا ڦٽندا،

”......

”وڻجارن لئھ واءُ ورندو، سيڻن کي لاڳ ملندا،

”ھيڻن کي آڏ ڏيندا، گل رابيل سرھاڻ ڏيندا،

”چنڊ چغلي نھ ھڻندو، چانڊاڻ نھ ڪندي مانڌاڻ،

”ڪڪرن مان ٺار ڪرندو –

”وحدت وارو سبق سٽيئون، آڌرڀاءُ جي آڍ اٿئون،

”ورثو اھو جو جڳ جڳ کان آھھ:

ٻرانگھھ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن پيو ڏسجانءِ،

”پيرو پڇائي پنڌ ڪجانءِ،

”پيرو پڇائي پنڌ ڪجانءِ....“ *

 

حيدرآباد، سنڌ

آڪٽوبر، 1985-29ع.

 


 

*        اسلامي شريعت جي ھڪ شرط مطابق، مڙس جي فوت ٿيڻ کان پوءِ زال چئن مھينن جي گذرڻ تي، نڪاحجي سگھي ٿي، ۽ ٻيو تھ ڌنارڪن زراعتي سماجن ۾ عورتون اڪثر زوريءَ وھانئجي وڃن ٿيون.

**  نشانيءَ وارا سڀ شعر ۽ شعري اصطلاح اڳتي ھن سڄي مضمون ۾ آندل، ڪوي نرنجن جي ”اباڻي اڪير“ مان کنيل آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com